ڊسٽوپيا ۽ ناٿنا (Dystopia and nocebo)
ڊسٽوپيا معاشرو، يوٽوپيا جي متضاد آهي. ڊسٽوپيا جو تصور اهڙو سماجي نقشو پيش ڪري ٿو جيڪو اڻ وڻندڙ ۽ خوف سان ڀريل آهي.(1)
ڊسٽوپيا لفظ سڀ کان پهريون 1868ع ۾ جي، ايس مل (J.S. Mill) (1873-1806ع) استعمال ڪيو. اهو انگلينڊ جو دانشور ۽ ڪامورو هيو. لبرلزم جو حامي هيو. لبرلزم انساني آزادي ۽ مساوات جو تصور آهي.
جي ايس مل اهو لفظ انگلينڊ جي آئرلينڊ بابت پاليسين تي تنقيد ڪندي استعمال ڪيو. هن آئرلينڊ کي انگلينڊ جي تسلط هيٺ ڊسٽوپين رياست چيو.(2)
ان کان اڳ تشدد ۽ ڏوهن سان ڀريل رياستن کي ڪاڪو ٽوپيا (Cacotopia) چيو ويندو هيو، جيڪو 1818ع ۾ جريمي نٿام استعمال هيٺ آندو پر اهو لفظ غير معروف رهيو ۽ اڳتي هلي اهڙين رياستن کي ڊسٽوپيا چيو ويو.(3) اينٿوني برجيس (1993-1917ع) پنهنجي ناول “ڪلاڪ ورڪ اورينج” ۾ پيش ڪيل خيالن کي ڪاڪوٽوپيا چيو آهي، سندس چوڻ موجب ان لفظ جو اُچار ڊسٽوپيا لفظ کان وڌيڪ نفرت جهڙو آهي.(4)
ايڇ جي ويلز (1946-1866ع) پنهنجي ناول “ستل جاڳيو” ۾ برسر اقتدار طبقي کي عياش، لذت جو متلاشي (Hedonistic) ۽ سطحي (Shallow) ڪوٺيو آهي. اهو ناول 1910ع ۾ لکيو ويو. ناول جو موضوع ڊسٽوپيا آهي. ان ناول جو ڪردار ٻه سو ٽي سال ننڊ ڪري جاڳي ٿو ته دنيا بدلجي چڪي آهي. ڊگهيءَ ننڊ دوران ان جا ڏٺل سڀ خواب سچا ٿين ٿا. هو خوفناڪ مستقبل جو مقابلو ڪري لنڊن جو امير ترين شخص ٿي وڃي ٿو.(5) جارج اور ويل، ايڇ جي ويلز جي اهڙي خيال جي جيڪ لنڊن جي ناول فوجي بوٽ (The iron heel) ۾ پيش ڪيل ڊسٽوپيائي خيال سان ڀيٽ ڪئي آهي. آئرن هيل ڊسٽوپيائي ناول آهي جيڪو 1908ع ۾ شايع ٿيو.
جيڪ لنڊن (1916-1876ع) آمريڪا جو ناول نگار، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن هيو. جيڪ لنڊن سائنسي فڪشن جو وڏو ليکڪ آهي جنهن وسيلي هن مقبوليت ماڻي ۽ پئسو ڪمايو. هن ان ڊسٽوپيائي ناول ۾ آمريڪي معاشرو پيش ڪيو آهي جتي ظلم ۽ ناانصافي آهي، هن آمريڪا کي محدود ماڻهن جي هٿن ۾ کيڏندڙ رانديڪو چيو آهي، سندس چوڻ موجب، آمريڪي وسيلن تي مخصوص ماڻهن (Oligarchic جو قبضو آهي، انهن مخصوص ماڻهن ۾ سرمائيدار، عطائي، اڌ پڙهيل، مذهبي ٺيڪيدار ۽ فوجي شامل آهن. انهن ۾ اهڙا فرد به آهن، جيڪي ملڪي وسيلن کي نسل در نسل منتقل ڪن ٿا.(6)
جيڪڏهن ڊسٽوپيائي فڪشن جو سياسي تجزيو ڪبو ته اهو ارسطوءَ جي نظريي المياتي عيب (Tragic Flaw) کان مختلف نه آهي. ان کي المياتي عيب انڪري چئجي ٿو جو هر سٺو رستو چڱائيءَ جي چوٽ تي چڙهي پوءِ زوال پذير ٿي المياتي موٽ کائي ٿو. اهو سڀ خامين (Err) جي ڪري ٿئي ٿو. ارسطوءَ ان کي همرشيا (Hamartia) ڪوٺيو آهي. ارسطوءَ جي ڊرامائي ادب پوئيٽڪس (Poetics) ۾ همرشيا اهڙي حالت آهي جيڪا ان وقت ظهور پذير ٿئي ٿي جڏهن ڊرامي جو هيرو قسمت جي چوٽ تي پهچي عيبن سبب موٽ کائي الميي جو شڪار ٿي، اظهار جي شدت سان اندر جي باهه ڪڍي (Catharsis) آسودگي ماڻي ٿو.(7)
فڪشن ۾ ڪيترن ئي ناولن جا يوٽوپيائي خيال ساڳي طريقي ڊسٽوپيائي انداز ۾ پڄاڻيءَ تي پهچن ٿا. ڊسٽوپيائي نظريا گهڻو ڪري حڪمران طبقي جا نراسائي (Pessimistic) ويچار ۽ عمل آهن، جن ۾ هو بي رحمي ۽ سنگدليءَ سان پيش اچن ٿا ۽ عام ماڻهوءَ جو استحصال ڪن ٿا.
ڊسٽوپيائي حڪومتن وٽ اهڙا مزاحمتي دستا هوندا آهن جيڪي انهن جي پاليسين جي مخالفت ڪندڙن کي طاقت سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيئن ايلن مور (Alan Moore) جو ناول “وي فار وينڊيٽا”
ايلن مور انگلينڊ جو انفرادي ليکڪ آهي. هو ٻين اديبن جيان نه لکندو آهي، پر سندس گهڻا ناول تصويري (Graphic) آهن. هو 1953ع ۾ ڄايو ۽ حال حيات آهي. هن جي ڪيترن ئي ناولن تي فلمون ٺهي چڪيون آهن، جن ۾ فرام هيل (2011) ليگ آف ايڪسٽرا اورڊنري جيٽلمين (2003) ۽ واچ مين کانسواءِ هن بيٽ مين ۽ سپرمين فلمن جا خاڪا ٺاهڻ ۾ پڻ مدد ڏني آهي. ايلن مور. جادوگر، غيب جو عامل (Occultist) ۽ انتشار پرست (Anarchist) آهي. وي فار وينڊيٽا ۾ اهڙي ڊسٽوپيائي رياست جو نقشو ڏنو آهي جيڪا انتشار (Anarchy) سان ڀريل آهي ۽ اتي ڪو به قائدو قانون نه آهي.(8)
منجهند جي اوندهه (Darkness at noon) جيڪو آرٿر ڪيسلر (Arther Koestler) (1983-1905ع) جو مشهور ناول آهي، ان کي پڻ ڊسٽوپيائي ناول چيو وڃي ٿو.
ڪيسلر، بڊاپيسٽ هنگريءَ ۾ ڄايو ۽ هن آسٽريا ۾ تعليم حاصل ڪئي. 1931ع ۾ ڪيسلر جرمنيءَ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. اڳتي هلي سوويت يونين ۾ اسٽالن جي ٿيل ظلمن تي هن احتجاج ڪندي ڪميونسٽ پارٽيءَ تان استعيفا ڏني. اهو ناول 1940ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ڪيسلر کي شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. هن کي 1968ع ۾ سوننگ پرائز (Sonning Prize) سان نوازيو ويو. اهو پرائز ڊنمارڪ ۾ ڏنو ويندو آهي، جنهن جي ماليت هڪ لک پنجٽيهه هزار يورو آهي. 1976ع ۾ ڪيسلر پارڪنسنس جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو. پارڪنسنس اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ انسان مسلسل ڏڪندو رهي ٿو. 1979ع ۾ ڪيسلر کي رت جو ڪينسر ٿي پيو. هن عمر جو گهڻو حصو لنڊن ۾ گذاريو ۽ 1983ع ۾ هن زال سميت اتي ئي آپگهات ڪيو.(9)
1998ع ۾ ماڊرن لئبريريءَ ان ناول کي دنيا جي سئو چونڊ ناولن مان اٺين نمبر تي وڏو ناول قرار ڏنو. اهو ناول ڪيسلر جي ٽرائلوجي جو آخري ناول آهي. ان کان اڳ هن گليڊيئيٽرس 1939ع ۽ آمد و رفت (Arrival and Departure) 1943ع ۾ لکيا. لنڊن ۾ رهائش دوران هن اهي ناول انگريزي زبان ۾ لکيا. “ڊارڪنيس ايٽ نون” هن جو جرمن زبان ۾ لکيل آهي. ان ناول جو مختصر پلاٽ ائين آهي ته مک ڪردار رباشوف کي سوويت يونين سيڪريٽ پوليس جا ٻه اهلڪار اڌ رات جو جڏهن گرفتار ڪرڻ اچن ٿا ته اهو گهري ننڊ ۾ ستل آهي ۽ خواب ۾ ڏسي ٿو ته گسٽاپو (Gestapo) جا ٻه اهلڪار کيس پڪڙي رهيا آهن. گسٽاپو نازي جرمنيءَ جي ڳجهي پوليس جو ادارو هيو.
جڏهن رباشوف کي گهري ننڊ مان اٿاري پڪڙين ٿا ته رباشوف ڏسي ٿو، سوويت سيڪريٽ جي انهن سپاهين مان هڪ پوڙهو ۽ ٻيو نوجوان آهي. پوڙهي سپاهيءَ جو رويو هن سان سٺو آهي جڏهن ته نوجوان جذباتي ۽ تميز کان وانجهيل آهي. ان اهڙين علامتن ذريعي اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڊڪٽيٽرشپ جي اثر هيٺ نئون نسل ڪيڏو نه ڪاوڙيل ۽ بخيل آهي.
رباشوف کي هڪ خوليءَ اندر اڪيلائيءَ جي قيد ۾ رکيو وڃي ٿو، جتي کيس يقين آهي ته ڪنهن وقت به ڀت سان بيهاري گولي هڻي ماريو ويندو. هن جي ڀرسان واري خوليءَ ۾ قيدي نمبر 402 آهي. اهو ان سان خفيا ڪوڊز (Tap Codes) وسيلي رابطي ۾ اچي ٿو. قيدي 402 دانشور نه آهي پر زارسٽ (Tsarist) آهي. زارسٽ سوويت يونين جي اڇي تحريڪ (White movement) هئي جيڪا ريڊ آرميءَ جي مقابلي ۾ وائيٽ آرمي هئي. قيدي نمبر 402، رباشوف سان لهه وچڙ ۾ اچي خوشي محسوس ڪري ٿو ته سندس ملاقات اهڙي شخص سان ٿي رهي آهي جيڪو ڪميونزم جو مخالف آهي.
اهو ناول رباشوف، ايوانوف ۽ گليٽڪن جي چوڌر گهمندي نظر اچي ٿو. رباشوف اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اسٽالن جو انڌير گهڻا ڏينهن نه هلندو ۽ هڪ ڏينهن روس ۾ روشنيءَ جي لاٽ ضرور ڦٽندي، سندس خيال موجب ڪميونزم رياست يوٽوپيا آهي پر ان جا اثر ڊسٽوپيا آهن. ناول ۾ گهڻو ڪري رباشوف تي مقدمي جو بيان آهي ۽ ان تشدد جو ذڪر آهي جيڪو ان مٿان قيد دوران ڪيو وڃي ٿو. ناول جي پڄاڻي رباشوف جي موت جي سزا تي ٿئي ٿي. ان ناول تي فلم پڻ ٺهيل آهي.(10)
انگلينڊ جي مشهور اديب جارج اورويل ان ناول متعلق راءِ ڏيندي چيو آهي ته ڪوسلر شايد پوڙهي گرفتار ڪندڙ سيڪريٽ سروس جي ڪردار کي مهذب قرار ڏيندي ان جي بالشويڪن جي اصل ۽ پراڻن بانيڪارن، ٽراٽسڪي، بخارين ۽ راڪوسڪيءَ سان علامتي ڀيٽ ڪئي آهي.(11)
جارج اورويل جو ڊسٽوپين ناول “اڻويهه سئو چورياسي” ڪوسلر جي ناول کان متاثر ٿي لکيل آهي.
جارج اور ويل جو اهو ناول 1949ع ۾ شايع ٿيو. ناول جو مرڪزي خيال دنيا جو فرضي نقشو آهي. ان نقشي کي ائراسٽرپ ون (Airstrip one) چئجي ٿو ۽ ان ۾ دنيا اڻويهه سئو چورياسيءَ جي قومن حوالي چئن حصن ۾ ورهايل آهي.
1. اوشيانا 2. يوريشيا 3. ايسٽيشيا 4. متضاد دنيا
متضاد دنيا ۾ ننڍي کنڊ کي ورهائيندڙ ليڪ ائين لنگهي ٿي جو سنڌ جي لاڙ جا حصا ان ۾ اچي وڃن ٿا.
اوشيانا کي انگلينڊ جي عظيم سلطنت (Great Britain) ڪري ڏيکاريو ويو آهي، جيڪا مسلسل جنگي حالت، جاسوسي ۽ نظرداريءَ هيٺ آهي، اتي انساني حقن جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي. جيڪو نظريو نافذ آهي. ان کي انگلش سوشلزم چيو وڃي ٿو. ان پارٽيءَ کي “انگسوڪ” (Ingsoc) چيو وڃي ٿو، جيڪا حڪومت جي ايجاد ڪيل نئين ٻولي “نيوزپيڪ” جو لفظ آهي، “نيوزپيڪ” ٻوليءَ جي ايجاد انڪري ڪئي وئي آهي جو دنيا ۾ سڀ ٻوليون ختم ڪري ان کي رائج ڪيو وڃي جيئن انگريزي سوشلسٽ پارٽي “انگسوڪ” جي منشور کي هرڪو سمجهي سگهي.
“اوڻويهه سئو چورياسي” ۾ جارج اورويل جي ڏنل تصوراتي اوشيانا رياست ٽن طبقن تي مشتمل آهي. اندروني پارٽي، ٻاهرين پارٽي ۽ پرولزم (Proles).
اندروني پارٽيءَ جو ڪم انگسوڪ ۽ ٿاٽ پوليس سنڀالي ٿي. اوشيانا رياست جو هر فرد انگسوڪ جو ميمبر آهي. هر ميمبر جي نظرداري به اندروني پارٽيءَ جو ڪم آهي. ان جي نظرداريءَ لاءِ جديد سائنسي طريقا استعمال ٿين ٿا. اندروني پارٽي حڪمران پارٽي آهي.
ٻاهرين پارٽي اوشيانا جو تيرهن سيڪڙو آهي. اها هيٺين سطح جي ڪامورن ۽ اڇي ڪالر تي مشتمل آهي، جڏهن ته پرولز (Proles) جيڪو پرولتاريءَ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ مزدور ۽ محنت ڪش طبقو، اهو اوشيانا جو پنجياسي سيڪڙو آهي.
ٿاٽ پوليس جنهن کي ايجاد ڪيل ٻولي ۾ “ٿنڪپول” چيو وڃي ٿو، اها رياست جي نظرداري ڪري ٿي ۽ هر سوچيندڙ ذهن کي “ٿاٽڪرائيم” چئي، مقدمو داخل ڪرائي سخت سزا ڏياري ٿي.
جارج اورويل جو اهڙو ڊسٽوپيائي تصور ٻين ليکڪن کان انڪري الڳ آهي جو هن عظيم انگلستان جي تسلط هيٺ اوشيانا رياست جو فرضي نقشو پيش ڪيو آهي، جڏهن ته دنيا جي ادب ۾ ڊسٽوپيائي حڪومتن ۽ نظام تحت نازي جرمني ۽ اسٽالن جي وقت جي سوويت يونين کي وڌ ۾ وڌ ڊسٽوپيائي رياستون ڪري پيش ڪيو ويو آهي.(12)
مونکي اهڙي ادب جي حوالي جيڪو ناول سڀ کان وڌيڪ پسند آهي اهو ري براڊبري (Ray Bradbury) جو ناول ”فيرن هائيٽ 451” (Fahrenheit 451) آهي. براڊبريءَ جو اهو ناول 1953ع ۾ شايع ٿيو.
ناول ۾ آمريڪا جي مستقبل جو خاڪو ڏنل آهي، جنهن ۾ اتي اهڙو نظام قائم ٿيندو جنهن تحت ڪتاب پڙهڻ يا رکڻ ڏوهه هوندو. تنقيد نگارن جو چوڻ آهي ته براڊبري ناول ۾ پيش ته آمريڪا جو خاڪو ڪيو آهي پر هن غير سڌي طرح سوويت يونين ۽ نازي جرمنيءَ کي ذهن ۾ رکي اهو ناول لکيو آهي، ڇو جو انهن ملڪن ۾ سينسرشپ جون پاليسيون ايڏيون ته سخت هونديون هيون جو ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچي نه سگهندو هيو.
فزڪس ۾ فيرنهائيٽ گرمي پد جي ايڪائي آهي ۽ 451 ڊگري اهڙو گرمي پد آهي جتي پهچي ڪاغذ کي باهه لڳي ٿي، براڊبريءَ اهو ئي سوچي پنهنجي ڪتاب جو نالو فيرنهائيٽ 451 رکيو، ڇو جو ناول جو تت ئي اهو آهي ته ڊسٽوپيائي سماج ۾ ڪتابن کي باهه ڏئي ساڙيو وڃي ٿو.
ان ناول جو اهم ڪردار “مونٽاگ” نالي فائرمين آهي جيڪو ڪٿي به ڪتابن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي پهچي، ڪتاب کسي، گڏ ڪري باهه ڏئي ٿو. رياست ۾ اهڙا ڪيترائي فائرمين آهن جيڪي اهو ڪم سرانجام ڏين ٿا. ان رياست ۾ ڪتاب پڙهڻ ڏوهه آهي.
براڊبريءَ کان اهڙي ڪتاب لکڻ جو سبب پڇيو ويو ته ان وراڻيو “منهنجي ڪتاب لکڻ جو مقصد ميڪ ڪارٿيءَ (Marcarthy) طرفان ڏنل اهي تجويزون هيون جن ۾ هن صلاح ڏني هئي ته آمريڪا ۾ ڪتابن کي ساڙيو وڃي، ڇو جو ساڳيا ڪتابن ساڙڻ جا واقعا نازي جرمني ۽ سوويت يونين ۾ ٿي گذريا هيا. جتي ماڻهن انهن ڊسٽوپيائي رياستن جي پروپيگنڊا مهم جو حصو ٿي پنهنجين لئبريرين جا ڪتاب روڊن تي گڏ ڪري انهن کي باهه ڏني هئي.
آمريڪي سينيٽر جوزف ميڪ ڪارٿي آمريڪا کي پنهنجن خيالن سان متاثر ڪيو هيو. ان جا خيال اسٽالن جهڙا هيا، جنهن جي ڪري آمريڪا ۾ ڳاڙهي انقلاب جون خوف پيدا ٿي پيو هيو. 1947ع کان 1956ع تائين ميڪ ڪارٿيءَ جي تجويزن ڪري ائين لڳي رهيو هيو، آمريڪا ڪميونزم جي اثر هيٺ اچي ويندو.(13)
ناول جو هيرو مانٽنگ جيڪو پنهنجي هڪ دوست عورت ڪلاسيءَ جي نظرين کان متاثر ٿئي ٿو. ڪلاسي ادب دوست ۽ ڪتابن گڏ ڪرڻ جي شوقين آهي. اها مانٽنگ جي خيالن کي بدلائي باغي ڪري وجهي ٿي. مانٽنگ جي زال سدائين ننڊ جي گورين جي نشي ۾ رهي ٿي ۽ انهن کي ڪا به اولاد نه آهي.
ڪتاب ساڙيندي مانٽنگ هڪ اهڙي گهر ۾ وڃي ٿو جتي هڪ پوڙهي عورت ڪتابن جي وچ ۾ بيٺل آهي. ان کان اڳ جو ڪتابن کي باهه ڏئي ساڙيو وڃي، عورت ماچيس جي تيلي ٻاري ڪتابن سان گڏ پاڻ به سڙي وڃي ٿي.
ڪتاب ساڙيندي مانٽنگ هڪ ڪتاب چوري ڪري ٿو ۽ ان کي وهاڻي جي ڇوَ ۾ لڪائي رات جو ڪڍي پڙهي ٿو. مانٽنگ نيٺ اهڙي ڪم کان استيفيٰ ڏئي هڪ مزاحمتي گروهه ۾ شامل ٿئي ٿو جيڪو ڪتابن ساڙڻ جو مخالف آهي.(14)
مون ستر واري ڏهاڪي ۾ ان ناول تي ٺهيل فلم ڏٺي هئي ۽ هاڻي 2018ع ۾ ناول کي نئين سر فلمايو ويو آهي.
ادب جي دنيا ڊسٽوپيائي ناولن سان ڀري پئي آهي، هنگر گيمز، ميٽروپولس، برازيل، رننگ مين، بريو نيو ورلڊ ۽ ٻيا تمام گهڻا ڪتاب ڊسٽوپيائي تصور پيش ڪن ٿا.
يوٽوپيا انسان جي خواهش آهي، جنهن ته ڊسٽوپيا دنيا ۾ نافذ آهي. ٻئي جنگ عظيم جي ڏينهن ۾ سوويت يونين ۽ نازي جرمنيءَ ۾ يهودين کي ملڪ مان تڙيو ويو يا اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون جيئن اهي ملڪ ڇڏي هليا وڃن، خاص ڪري نازي جرمنيءَ ۾ يهودين ڏکيا ڏينهن ڏٺا، انهن کي تشدد جو نشانو بنايو ويو يا قتل ڪيو ويو. يهودين اهڙي وقت کي هولو ڪاسٽ (Holocaust) چيو آهي. هولوڪاسٽ جنهن کي شوهه (Shoah) پڻ چيو وڃي ٿو. ٻئي جنگ عظيم ۽ ان کان ٿورو اڳ (1945-1941ع) وارن ڏينهن ۾ سٺ لک يهودين جو قتل عام ڪيو ويو. اهو ساڳيو وقت آهي جڏهن يورپ ۾ ڊسٽوپيائي ادب تخليق ٿيو.(15)
يوٽوپيا پليسبو ۽ ڊسٽوپيا نوسيبو آهي. سرٿامس مور جي جوڙيل دنيا شايد ئي ڪنهن ڏٺي هجي. اڄ به مسلمان ملڪ ڊسٽوپيائي رياستون آهن. اتي جنگ، تشدد ۽ ناانصافيون عروج تي آهن. لکين انسان شهيد ٿي چڪا آهن. شام ۽ يمن جي حالت ڏسي اکين ۾ پاڻي ڀرجي اچي ٿو.
يوٽوپيائي پليسبيو هڪ خواب آهي، جڏهن ته ڊسٽوپيائي نوسيبو اهڙي حقيقت آهي جيڪا سدائين اکين اڳيان رهي آهي. هن وقت دنيا جو هر ملڪ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڊسٽوپيائي رياست جو حصو آهي. انسان آزاد نه آهي. انساني حقن جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي.
آٿتا انسان جي حسرت ۽ ناٿتا انسان جو مقدر آهي.
References:
1. “Definition of dystopia”.
Merriam Webster. Merriam Webster, Inc. 2012.
2. Mill, John Stuart (1988).
“Public and parliamentary speeches. Part – I . 1850 –68”.
Toronto: university of Toronto press. 2015.
3. Benthan, Jeremy (1818).
“Plan of parliamentary Reform, in the form of a catechism”.
4. Beaumont, Matthew (2006).
“Cacotopianism the Paris commune and England’s Anti communist imaginary. 1870-1900”
ELH , 73(2): 465-87.
5. Russell, Alan K.
“The collectors book of science fiction by H. G. Wells”.
Castle book; New Jersey, 1978 - p -364.
6. Tony Barley :
Prediction, Programme and Fantasy in Jack London’s “The iron heel”.
Syracuse university press , 1995 , p . 153 – 71.
7. “Hamartia : Error of Judgement of tragic flaw”.
Encyclopaedia Britannica Inc.2014.
8. Moore, Alan (w), LIoyd, David (P).
“V for vendetta”
V-10:2816 (May 1989) DC comics.
9. Arthur and Cynthia Koestler.
“Strange on the square”.
Harold Harris. London: Hutchison, 1984, p . 20-22.
10. Scammel, Michael. (7 April 2016).
“A different ‘Darkness at noon”.
The New York review of books.
11. George Orwell ,
“Arthur Koestler (1994)”
In collected assays (1944) e – books at university of Adelaide , accessed 25 June 2012.
12. Thomas Pynchon:
“Forward to the centennial edition to Ninteen eighty four”
pp – vii – xxvi. New York: Plume, 2003. In shortened form also published as the road to 1984. Archived – 15 may 2007 at the wayback Machine, in The Gaurdian (Analysis).
13. Robert J , Goldstein (2006)
“Prelude to MacCarthyism: The making of a blacklist”.
Prologue Magazine, washing DC: National archives and record administration.
14. Crider Bill, Laughlin, charlotte; Lee, Billy C.
“Ray Bradbury’s Fahrenheit 45”.
Paperback Quarterly. 3 (3):22.
15. Bergen, Doris (2016).
“War and Genocide: A concise history of the Holocaust”
(Third ed.) Lanham MD: Rowman and littlefield.
*