تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نوسيبو

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. ممتاز بخاري ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”جيئن تہ رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو بہ آهن تہ انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ بہ سلهاڙيل آهي، رسول ميمڻ جون سموريون ڪهاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نہ ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“
  • 4.5/5.0
  • 2268
  • 508
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نوسيبو

ووڊو موت ۽ ناٿتا (Voodoo death and nocebo)

عقيدو ماڻهوءَ کي ماري ٿو جيئن ووڊو موت جيڪو عقيدتمند جو ناٿتائي (Nocebous) انجام آهي ۽ ساڳيو عقيدو ماڻهوءَ کي جيئاري ٿو جيئن ايمان جو ڇوٽڪارو (Faith healing) جيڪو عقيدتمند جو آٿتائي (Placebous) انجام آهي.(1)
لفظ ووڊو موت 1942ع ۾ سڀ کان پهرين والٽرڪينن استعمال ڪيو.(2) ان کي نفسياتي موت به چئجي ٿو. اهڙو موت هيجان (Emotion) سبب ٿئي ٿو ۽ هيجان خوف مان جنم وٺي ٿو. خوف سبب پيدا ٿيندڙ هيجان جي نتيجي ۾ انسان اوچتو مري سگهي ٿو ۽ اهڙي موت کي ووڊو موت جو نالو ڏنو ويو آهي.(3) اهو اوچتو موت دنيا جي پراڻين تهذيبن ۾ ڪن رواجن جو حصو رهيو آهي. ٻئي جنگ عظيم ۾ هڪجائي (Concentration) ڪيمپس ۾ خوف واري ڪيفيت سبب ڪيترن ماڻهن جو تشدد سبب نه، پر تشدد جي باري ۾ سوچڻ سبب اوچتو موت واقع ٿيو.(4)
انسان جي نفسيات به عجيب آهي، ڪو شرم جي سمنڊ ۾ نه ٿو ٻڏي ۽ ڪو ٻڪ پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃي ٿو. ضروري نه آهي ته عشق سڀني کي مجنون بنائي وجهي. دنيا جا حساس ماڻهو جلد چريا ٿين ٿا. سرءُ ۾ ساوا پن هيڊا ٿي ڇڻن ٿا، جڏهن ته کجيءَ جي پنن تي موسم جو ڪو اثر نه ٿو ٿئي.
ڪوهستان ۾ ڪتي جي قبر آهي، ان ڪتي جو موت کيس مالڪ طرفان ڀونڊي ڏيڻ سبب ٿيو. اهو ڪتو انهن سياستدانن کان سٺو هيو جيڪي ماڻهن جو رت چوسي جيئرا رهن ٿا.
ووڊو موت عقيدي جو انجام آهي، هر انسان جو اندرُ ساڳيو نه آهي. ظالم خوف جي علامت آهي. چنگيز خان ڪنهن ملڪ تي چڙهائي ڪندو هيو ته ان جي پهچڻ کان اڳ سندس خبر پهچڻ سبب ڳورهارين جا فَر ضايع ٿي ويندا هيا. دهشت وحشت کان وڌيڪ خوفناڪ آهي. وحشت جو شِڪار ٿيڻ کان اڳ دهشت دم ڪڍي ڇڏي ٿي.
موکيءَ وٽ مڌ پيئندڙ متارا سَپن واري مٽ مان مڌ پي جيئرا رهيا، پوءِ ان خبر تي اوچتي جان ڏنائون ته جنهن مٽ مان مڌ پيتي هئي ان ۾ سَپ هيا.
انسان توهم جي سمنڊ جي ڊنل مڇي آهي. اهو وهم يا توهم کان رهي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن نٽشي ائين چوي ٿو ته “خدا مري چڪو آهي هاڻي سپرمين حڪومت ڪندو” ته خدا جو مرڻ به عقيدو آهي. مرندو اهو آهي جنهن جو وجود هجي.
انسان آٿتا (Placebo) يا ناٿتا (Nocebo) سوچن جي وچ جو پينڊيولم آهي، دنيا خوف جي علامت آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊنل اهو آهي جيڪو بهادريءَ جي دعوا ڪري ٿو. گلاب جي مقابلي ۾ ٿوهر جي ٻوٽي کي وڌيڪ ڪنڊا آهن. ڪنڊا انهن جي حفاظت ڪن ٿا، پر خطرو گلاب کي آهي، ٿوهر کي نه. ڪائنات ۾ سونهن (Aesthetic) وڌيڪ ڊنل آهي. بدصورتي طاقتور، پنهنجو بچاءُ ڪندڙ ۽ ويڙهاڪ آهي.
ارتقا ساهواري جي مزاج جي ٻانهي آهي. ارتقا ڪڏهن ساهواري جي احترام ۾ پاڻ ڍالي ٿي. ارتقا ڪينسر ۾ ظاهر ٿي سگهي ڇو جو ڪينسر انسان جي لاشعوري خواهش آهي. ارتقا ساهواري ۾ مدافعت (Immunity) ۽ تَرقُ (Prevention) جا رستا کولي ٿي. ارتقا صرف انسانن جي ميراث نه آهي. اهو لقاءُ هر جاندار ۾ رونما ٿئي ٿو. ارتقا هڪ جراثيم جو احترام به ائين ڪري ٿي جيئن انسان جي خواهش جو احترام، دنيا اندر ساهواري جي ساهواري سان لاشعوري جنگ يا قتل عام جاري آهي. ٻڪري گاهه کائي ٿي. گاهه ساهوارو آهي. ماڻهو ٻڪري ۽ گاهه کائي ٿو. جراثيم ماڻهو کائن ٿا. فطرت ارتقا وسيلي هر ڪنهن کي جيئڻ جو هڪجيترو حق ڏئي ٿي. انسان بيمار ٿئي ٿو. ان جو مدافعي سرشتو جراثيمن سان وڙهي ٿو. صرف انسان اينٽي بائيوٽڪ (Antibiotic) ايجاد نه ٿو ڪري. پر فطرت جراثيمن کي به ارتقائي سگهه ڏئي ٿي ته اهي به اينٽي بائيوٽڪ خلاف اينزائيم پيدا ڪري انهن کي بي اثر ڪن ۽ جيئرا رهن.
حياتي خوابناڪ (Hypnotic) تاثر آهي. اسين شعوري طور، لاشعور جي هنج ۾ اکيون کولي ننڊ ڪيون ٿا. اسين ڪائنات جي وجودي شخصيت کان سحرانگيز (Mesmirize) ٿي هر حوصلو قبول ڪيون ٿا. اميدون آنن تي آرو ڪن ٿيون ۽ خواهشون ٻچا ڏين ٿيون.
انسان دنيا ۾ نظر نه ايندڙ ڌاڳن سان ٻڌو پيو آهي. انسان جون پاڙون پاڻ ۾ کتل آهن. وقت ۽ تجربو مايوسين تي کٽي ٿو. ڌاڳا ڇڏن ٿا. حسرتون رهجي وڃن ٿيون. پاڙون پٽجي وڃن ٿيون. انسان مرڻ جي معاملي م ايڏو ته اتاولو آهي جو ڪنهن جي اک ڇنڀ تي گذاري وڃي ٿو. هاڻي هيو، هاڻي ناهي. ويٺو هيو، بيٺي پير مري ويو.
ووڊو موت خوف جي ڪيفيت جو اوچتو ناٿتائي ردعمل آهي پر ڏٺو وڃي ته ماڻهوءَ جو فطري موت به ووڊو موت جيان آهي. حياتيءَ جي ڊيگهه اک جي ٻن پنبڻين جي وٿي آهي ۽ موت اک ڇنڀ. وقت سان دنيا جي هر دوا پنهنجو اثر وڃائي ويهي ٿي ۽ پوءِ دوا، حقيقي دوا (Scientific medicine) هجي يا آٿتا (Placebo) هجي. هر دوا جو اثر ناٿتا (Nocebo) ٿي پوي ٿو.
ڪروڙين سال اڳ جڏهن ماڻهوءَ ڪائنات جو مشاهدو ڪيو ته اهو ڪائنات جي سحرانگيزي، خوف، حيرت ۽ تجسس ۾ ڦاسي پيو. نه صرف ڪروڙها سال اڳ جو انسان اهڙي سحر کان متاثر ٿيو پر اڄ جو انسان پڻ ساڳي حيرت ۽ مونجهاري ۾ ڦاٿل آهي. سائنس ڪائنات ۾ رونما ٿيندڙ لقائن کي ڪجهه بيان ڪري سگهي آهي. گهڻا سوال جوابن جا منتظر آهن پر ان جي ڀيٽ ۾ آڳاٽو انسان وڌيڪ منجهيل ۽ خوف ۾ ورتل هيو. ووڊو موت دنيا جي آڳاٽي تهذيبن ۾ ڄڻ ثقافت جو حصو هيو. اهو سڀ خوف سبب پيدا ٿيندڙ وسوسن ۽ توهمن (Superstitions) ڪري هيو.(5) دنيا ۾ سدائين عقيدن جي ڀرمار رهي آهي. انسان کي پنهنجي بي وسيءَ جو احساس اهڙي شدت سان رهيو آهي جو ان ڪائنات ۾ ڪک کان وٺي هر معروض (Object) جي عبادت ڪري مدد لاءِ پڪاريو آهي.
توهم جو ادراڪ (Perception) جتي جيئاري ٿو، اتي ماري ٿو. جيڪڏهن عقيدو آهي ته دعا جيئاري ٿي ۽ بددعا پڻ ماري ٿي. اهو سڀ دعا يا بددعا جو اثر نه آهي پر عقيدي ۽ توهم جو اثر آهي.
هڪ مثال ووڊو بوتي (Vodoo doll) جو آهي. روايتي طور اهو طريقو تمام پراڻو آهي. دنيا جي هر حصي ۾ ڀوپا، بوتو (Effigy) ٺاهي ان ۾ سنهيون سُيون هڻي ڪنهن به شخص ڏانهن منسوب ڪري زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيندا آهن. عقيدو آهي ته اهو بوتو جنهن شخص ڏانهن منسوب ٿيل هوندو. اهو تشخيص نه ٿيندڙ مرض ۾ مبتلا ٿي، ان دفن ٿيل بوتي وانگر چڙي، سڙي ۽ مري ويندو.(6)
سائنسي طور اهو ناممڪن آهي پر عقيدو پنهنجين حدن اندر ڪنهن به دليل کي نه مڃيندو آهي. ائين به ٿيو آهي ته ڪيترائي انسان انهن بوتن جي ور چڙهي ويا آهن. جيڪڏهن ڪنهن عقيدي پرست انسان کي اها خبر پوي ته سندس ڪنهن ان جو بوتو ٺاهي سُيون هئي دفن ڪيو آهي ته اهو انسان اهڙي احساس کانپوءِ ناٿتائي (Nocebous) ردعمل ڪري نفسياتي طور پاڻ کي بيمار تصور ڪرڻ ڪري آهستي آهستي ختم ٿي ويندو. ڪڏهن ائين به ٿيو آهي ته اهڙو ئي بيمار انسان جنهن کي خبر هجي ته سندس بوتو دفن ٿيل آهي. اهو ڀوپي هٿان بوتو ڪڍرائي بيماريءَ جي بستري تان اٿي کڙو ٿيو آهي. اهو ان شخص جو آٿتائي (Placebous) ردعمل آهي.
1942ع ۾ والٽر بريڊ فورڊ ڪينن اهڙي موت کي پهريون دفعو ووڊو موت جو نالو ڏنو ۽ ان پنهنجي مضمون ۾ اهڙا مثال ڏنا آهن. سائنسي مضمونن مان هڪ مضمون اهڙي شخص جي باري ۾ آهي جيڪو ماءُ جي چوڻ ۾ نه هيو، کيس ماءُ بددعا ڏني. ان بددعا جي ڪري اهو دمڪشيءَ (Asthma) جو مريض ٿي پيو ۽ ستت ئي گذاري ويو. اهو سڀ انڪري ٿيو جو اهو شخص ماءُ جي چئي ۾ نه هوندي به لاشعوري طور ان عقيدي جو قائل هيو ته ماءُ هستي آهي. ان جي بددعا (Curse) ضرور اثر ڏيکاريندي.(7) اهو سوچي سندس ناٿتائي ردعمل جاڳي پيو، جنهن ڪري اهو نفسياتي مونجهاري ۾ ڦاسي سهڪي جو مريض ٿي پيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ سندس ووڊو موت واقع ٿيو.
1992ع ۾ ڪلفئٽن ڪي ميڊور هڪ آرٽيڪل ۾ ڪيس بيان ڪيو. هڪ شخص جنهن ۾ ڪينسر تشخيص ٿي. ان کي پڪ هئي ته اهو نه بچندو ۽ ان بيماريءَ ڪري سندس موت واقع ٿيندو. اهو شخص گذاري ويو. مرڻ کانپوءِ جڏهن ان شخص جي لاش جي چيرڦار (Autopsy) ڪئي وئي ته معلوم ٿيو ڪينسر ان حد تي نه پهتي هئي جو ان شخص جو موت واقع ٿي سگهي. موت جو سبب خوف هيو جيڪو ڪينسر سبب پيدا ٿيو.(8)
ڪينن، ووڊو موت متعلق ڪجهه وضاحتون پيش ڪيون آهن، هڪ وضاحت اها آهي ته عقيدي جي ناٿتائي ردعمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خوف يا دهشت ڪري دماغي تنتي سرشتو (Sympathetic system) تحرڪ ۾ اچي ٿو، جنهن جو سپرارينل گدود تي پڻ اثر آهي. شريانين جي سوڙهي ٿي وڃڻ ڪري رت جو دٻاءُ وڌي ٿو. دل جو دهڪو تيز ٿيڻ سان گڏ ساهه کڻڻ ۽ نبض جي رفتار وڌي وڃي ٿي. خوف جي نفسياتي اثر ڪري اهڙو شخص کائڻ پيئڻ لائق نه ٿو رهي. جنهن ڪري ان جي جسم ۾ پاڻياٺ جو مقدار گهٽ رهي ٿو. رڳن ۾ رت جي گهٽ دوري ۽ پاڻياٺ جي ڪميءَ سبب اهڙو شخص دهلجي (Shock) مري وڃي ٿو.(9)
ووڊو موت جون جديد وضاحتون:
1942ع ۾ سائنسدانن تناءَ (Stress) تي وڌيڪ تجربا ڪيا. تناءُ لاشعوري خوف، وهم يا توهم جو ناٿتائي اثر آهي. سائنسدانن معلوم ڪيو ته تناءَ جو دماغ جي ان حصي تي اثر آهي جنهن کي باداميو (Amygdala) چيو وڃي ٿو. دماغ جي هيٺين حصي ۾ ٻه بادامياٿين ٿا. انهن کي باداميو انڪري چيو وڃي ٿو جو اهي باداميءَ جي ماپ ۽ شڪل جهڙا ٿين ٿا. باداميءَ کي گريڪ زبان ۾ امائگڊالا چيو وڃي ٿو.
خوف جا سگنل، ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سوچڻ سبب باداميو تائين پهچن ٿا.
ايسٿر اسٽرنبرگ 2002ع ۾ ساڳي تحقيق کي اڳتي وڌائيندي چيو ته اهڙي عمل جي نتيجي ۾ ڪيميائي تحرڪ (Impulses) پيدا ٿي. برقي صورت ۾ دماغ جي تنتي سرشتي وسيلي جسم جي گدودن مان رتوبتون (Hormones) خارج ڪن ٿا. اهڙن گدودن ۾ ايڊرينل ۽ پٽيوٽري شامل آهن. رتوبتن جي گهڻي مقدار ۾ خارج ٿيڻ ڪري دل غير متواتر (Arrhythmic) ٿي وڃي ٿي.(10)
1981ع ۾ ويلي ويل، سائنسدان، ڪارٽيڪوٽرافن، رتوبتون ڳولهي لڌيون، جن جو ڪم جسم جي ٻين گدودن مان خارج ٿيندڙ رتوبتن کي ضابطي ۾ رکڻ آهي. مارٽن ۽ سموئل جو چوڻ آهي ته ووڊو موت جو سبب ڪيٽاڪولامائين رتوبتون آهن جيڪي گڙدن مٿان موجود ايڊرينل گدود مان خارج ٿي جيوگهرڙن ۾ موجود ڪيليشم جا چينل کولي وجهن ٿيون. جيو گهرڙن مان ڪيليشم خارج ٿي وڃڻ سبب موت واقع ٿئي ٿو.
ديو ويد لسٽر 1972ع، هڪ مقالي ۾ خود صلاحڪاري (Autosuggestive) ۽ صلاحڪاري (Suggestive) موت جو ذڪر ڪيو آهي. خود صلاحڪاري موت جي باري ۾ لکيو آهي ته اهڙو موت فرد جي لاشعوري خواهشن ڪري ٿئي ٿو. ڪو جيڪڏهن مايوسين جي ور چڙهي موت جي خواهش ڪري ٿو ته سندس جسم ان مطابق ڪم ڪري ٿو. اهو لاشعوري ننڊا ڪڙي (Hypnotic) حالت ۾ جڏهن چوي ٿو “مري وڃان... مري وڃان.”
ته سندس جسم جون رتوبتون اهڙي ردعمل ۾ خارج ٿي ماري وجهن ٿيون. صلاحڪاري موت پڻ نازل ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪو کيس پنهنجي ڪرشماتي عمل سان لاشعور ۾ وٺي سحرانگيز (Mesmerize) ڪري ڪيترائي دفعا ساڳيو عمل ورجهائيندي چوي ٿو. “مري وڃ... مري وڃ...” ته اهڙي شخص ۾ پڻ ساڳيون رتوبتون نڪري موت جي منهن ۾ ڌڪين ٿيون.(11)
آسٽريليا جي اصلوڪن (Aborigene) ۾ اها ريت رهي آهي ته اهي ڏوهيءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ نوڪدار هڏي جو استعمال ڪندا هيا. اهو ڪنگارو يا ڪنهن ٻئي جانور جو هڏو ڇهن کان اٺن انچن تائين ڊگهو هوندو هيو. جنهن کي اڳيان نوڪ هوندي هئي. ڏوهيءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ هڏي جي نوڪ ان طرف ڪندا هيا ته اهو ڏڪڻ لڳندو هيو ۽ ان جو موت واقع ٿيندو هيو. ان کي نوڪدار هڏي واري بددعا (Bone pointing syndrome) چيو وڃي ٿو.
هڪ اهڙو ئي ڪنجيڪا (Kinjika) نالي اصلوڪو شخص جيڪو نوڪدار هڏي جي اثر هيٺ هيو. اهو آسٽريليا جي ڊارون شهر جي هڪ اسپتال ۾ داخل ٿيو. ان جون سڀ ٽيسٽون ڪيون ويون، انهن ۾ ڪا به خرابي نه نڪتي، نه ان کي زهر ڏنو ويو هيو، نه ان جي جسم تي تشدد جا نشان هيا، پر لڳي رهيو هيو ته اهو شخص مري رهيو آهي، اهو چار ڏينهن عذاب ۽ پيڙا ۾ مبتلا رهيو ۽ پنجين ڏينهن گذاري ويو.(13)
2004ع ۾ آسٽريليا جي اصلوڪن حڪومت جي پاليسين خلاف احتجاج ڪندي ان وقت جي وزيراعظم جان هاورڊ ڏانهن اهڙو ئي نوڪدار هڏو سڌو ڪري بددعا ڏني هئي، پر جان هاورڊ تي ڪو اثر نه ٿيو. اهو جيئرو رهيو ۽ 2007ع ۾ وري اليڪشن کٽي ويو.
هڪ تحقيق موجب نوڪدار هڏي واري بددعا جي اثر کان اڄ ڏينهن تائين ڪو به آسٽريليا جو اصلوڪو بچي نه سگهيو آهي، اهو هڏو جنهن ڏانهن به سڌو ڪيو ويو آهي ته ان جو موت واقع ٿيو آهي.(14) ان جو سبب عقيدو ۽ اعتبار آهي. جڏهن ڪنهن کي يقين آهي ته ڪا شيءِ کيس نقصان پهچائيندي ته ان جي اهڙي يقين جا جسم تي ڪيميائي اثر آهن. اهو انسان جو ناٿتائي (Nocebous) ردعمل آهي.


References:

1. Barret , Stephen (December 27 , 2009)
“Some thoughts about faith healing”
Quack watch (PDF).
2. Cannon walter.
“Voodoo death”.
p-169-181.
3. Kirn , Timothy.
“voodoo death is brains lethal response to fear”.
(PDF).
4. Richter , C.P (1957).
“on the phenomenon of sudden death in animals and men”.
Psychosom Med.19:191-98.
5. Lester David.
“voodoo death: some new thoughts on an old phenomenon”.
p-386-90.
6. Faraone , Christopher A.
“The defensive use of voodoo dolls in ancient Greece”.
Classical antiquity. 10(2):165-202.
7. Sternberg , Esther.
“Walter B cannon and voodoo death. A perspective from 60 years on”.
p-1564-66.
8. Meador , CK
“Hex death : voodoo magic or persuation”?
south Med J.85:244-47.
9. Hofer M.A (1970)
“Cardiac respiratory functions during sudden prolonged immobility in wild rodents”.
Psychosom. Med. 32:633-47.
10. Ben Best (2004)
“The amygdala and the emotions”.
(PDF). Retrieved 15 March 2007.
11. Yeates, Lindsay B (2016).
“Hypnotism , Suggestions. Ego strengthening and autosuggestions”.
Australian journal of clinical hypnotherapy & hypnosis.38(1):28-54.
12. Baldwin spencer. FJ Gillen
“Native tribes of central Australia”
Cambridge university press.2010.p-476-77.
13. “Scared to death : self willed death or the bone – pointing syndrome”.
Biology online 4 September 2007.
14. “Aborigenes put curse on Australian PM”.
European network for indigenous Australian rights: News Sydney.einar.org 20.April-2004.

*