موت ۽ ناٿتا (Death and Nocebo)
موت کانپوءِ جسم تحليل (Decompose) ٿئي ٿو. جسم جيڪو ڪيميائي ترتيب (Compose) آهي، موت کانپوءِ تحليل ٿي ڪيميا ۾ تبديل ٿئي ٿو.(2)
کاڌي جي کوٽ (Malnutrition) ۽ بک (Starvation) ۾ فرق آهي. کاڌي جي کوٽ ان حالت کي چئجي ٿو. جڏهن کاڌو جسم جون ضرورتون پوريون نه ڪري ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿي پون. بک کاڌي جي انتهائي کوٽ جنهن سبب ساهوارو جيئرو رهي نه سگهي.(3)
پاڻيءَ جي کوٽ (Dehydration) مان مراد جسم ۾ پاڻيءَ جي ان حد تائين گهٽتائي هجي جو تحول (Metabolism) جو سرشتو متاثر ٿئي. تحول جو سرشتو هاضمي جي نظام کان وٺي ويندي جيو گهرڙي (Cell) اندر ڪيميائي تبديلين تائين جاري رهي ٿو. ان نظام ۾ جيوگهرڙن اندر مواد ڪيميلز ۾ تبديل ٿي جسم جي اڏاوت (Compose) ڪري ٿو. جڏهن ته موت ڪيميڪلز جي ان ترتيب يا اڏاوت کي تحليل ڪري ٿو.
پاڻيءَ جي کوٽ جو سبب جسم مان خارج ٿيندڙ پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ پاڻي پيئڻ آهي، جيئن گرميءَ ڪري، بيمارين يا ڪثرت (Exercise) ڪري پاڻيءَ جي ضرورت وڌي وڃي ٿي پر پاڻي گهٽ واپرايو وڃي ٿو.(4)
موت انڪري صدمي جو باعث آهي جو مري ويل جي جدائيءَ جو احساس جهوري وجهي ٿو.
انسان مٿان موت ڪري وڇوڙي جا جيڪي اثر (Necrophobia) پون ٿا. انهن ۾ موت جو خوف، لاش، ڪفن، دفن، قبرستان جو منظر، پريشاني (Anxiety)، ڏک (Sadness)، درد (Sarrow)، غم (Grief)، اداسي (Depression)، همدردي، اڪيلائي، مري ويل جون يادون (Sauded) ۽ سڪتو آهي.(5)
مذهبن ۾ دل مطئمن ڪرڻ لاءِ تصور آهن ته مرحوم کي جنت نصيب ٿيندي، اهو جيئرو رهندو، معاشري ۾ مري ويل لاءِ لفظ “مرڻ” بجاءِ ان جا متبادل لفظ استعمال ٿين ٿا، جيئن گذاري ويو، موڪلائي ويو، دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين، ابراهيمي ۽ ڌرمي عقيدن موجب موت انسان جي پڄاڻي نه آهي.(6)
ابراهيمي (Ibrahimi) مان مراد اهي مذهب آهن جيڪي وحدانيت ۾ يقين رکن ٿا ۽ ڌرمي (Dharmic) مذهب ڀارت سان لاڳاپيل آهن، جن ۾ هندو، ٻڌ، سک، جين ۽ ٻيا ڪيترائي مذهبي عقيدا شامل آهن.
عمر رسيدگي (Senescence) ساهواري جي اهڙي جاکوڙ کي چئجي ٿو، جنهن ۾ هو حياتيءَ جي لاهن چاڙهن کي منهن ڏئي پوڙهائپ ڪري موت جو منهن ڏسي ٿو. انگلينڊ، آمريڪا ۽ جرمنيءَ ۾ روز جيڪي به موت ٿين ٿا، انهن جو نوي سيڪڙو عمر رسيدگيءَ سبب ٿئي ٿو. جڏهن ته دنيا ۾ روز ڏيڍ لک ماڻهو مرن ٿا، انهن ۾ ستر سيڪڙو عمر رسيدگيءَ سبب ۽ ٽيهه سيڪڙو ٻين سببن ڪري مرن ٿا.(7)
ترقي پذير ملڪن ۾ اهو تناسب اڃان به گهٽ آهي. ترقي پذير ملڪن ۾ عمر رسيدگيءَ سبب موت کي رسندڙ انسانن جو تناسب انڪري گهٽ آهي جو اتي بک، بدحالي، دهشتگردي ۽ جنگ سبب انسان وقت کان پهريون ئي موت حوالي ٿي وڃن ٿا.(8)
قدرتي موت هاڻي عملي طريقو (Process) نه رهيو آهي پر اهو واقعو (Event) ٿي پيو آهي. سائنس موت جي وصف بدلائي وڌي آهي.
عملي طريقو (Process) موت ۽ حياتي کي ورهائيندڙ قدرتي لڪير آهي. حياتيءَ جون نشانيون (Vital Signs) جن ۾ جسم جو گرم هجڻ، رت جو دٻاءُ، نبض ۽ ساهه کڻڻ شامل آهن. عملي طريقي ۾ جيڪڏهن اهي چار نشانيون موجود نه آهن ته فرد کي مئل قرار ڏئي سگهجي ٿو. اهو طريقيڪار صدين کان نافذ آهي پر هاڻي سائنسي دور ۾ اهڙي فرد کي مئل قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ڇو ته فرد کي انهن حالتن مان واپس زندگيءَ ڏي موڙي سگهجي ٿو.(9)
وينٽيليٽر تي رکيل انسان، جنهن جي دل ۽ ڦڦڙن جو ڪم مشين ڪري ٿي، ان وقت تائين مئل قرار نه ٿو ڏنو وڃي جيستائين ان جو دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي نه ڏي.(10)
جانورن ۾ جيلي فش، ڪيڪٽ (Lobster) ۽ هائڊرا (Hydra) اهڙا جانور آهن جن کي امر (Immortal) چيو وڃي ٿو، سواءِ ڪيڪٽ جي جنهن جي موت جو سبب عمر رسيدگي نه آهي پر عمر سان وڌندڙ جسم آهي جيڪو گهونگهي (Shell) جي سائيز کان وڏو ٿي ان ۾ نه ٿو ماپي ۽ سندس موت واقع ٿئي ٿو.(11)
جيلي فش (Turritopsis dohrnii) جيڪا ميڊيٽرينين سمنڊ ۽ جپان جي ڍنڍن ۾ رهي ٿي، اها ڪڏهن فنا نه ٿي ٿئي. اها جيلي فش عمر رسيدگيءَ کي پهچي ٿي ۽ ائين وري جوان ٿي عمر رسيدگيءَ کان موٽ کائي ٿي.
سائنسي طور ساهوارو،آنياري (Ovume) ۽ نرنياري (Sperm) جي ميلاپ سبب پيدا ٿيندڙ ٿڙيائي جيوگهرڙن (Stem cells) جي نرواريت (Differentiation) سبب وجود ۾ اچي ٿو. نروار ٿيندڙ جيو گهرڙا انهن ۾ موجود ٽيلوميريز اينزائيم جي مقرر مقدار جي حد تائين ورهائجي، وڌيڪ ورهائجڻ جي قابل نه ٿا رهن. اها عمر رسيدگي (Senescence) آهي، جتي پهچي ساهوارو موت حوالي ٿئي ٿو، پر ان جي ڀيٽ ۾ ان مخصوص جيلي فش اندر نرواريت (Differentiation) بجاءِ ڦير واريت (Transdifferentiation) ٿئي ٿي، جنهن ۾ جيو گهرڙا نرواريت حاصل ڪري ڦري وري نرواريت حاصل ڪن ٿا، جيلي فش جا اهڙا اينزائيم انسان ذات لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي رهيا آهن، ڇو جو اهي انساني جين (Gene) جي علاج لاءِ ڪم ايندا ۽ انهن سان انساني عضوا پيدا ڪري سگهبا.
ان جيلي فش جي موت جو سبب عمر رسيدگي نه پر اها پاڻيءَ ۾ ٻي مخلوق جو شڪار ٿي وڃي ٿي.(12)
هائڊرا (Hydra) جيڪو مٺي پاڻيءَ جو ترندڙ جرثومو آهي، هڪ سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. اهو زهريلو جرثومو آهي، جنهن جي وات چوڌاري ڏنگ ٿين ٿا جن مان دماغ کي مفلوج ڪندڙ زهر (Neurotoxin) خارج ٿئي ٿو. جڏهن پاڻيءَ اندر ان لاءِ حالتون سازگار هونديون آهن ته اهو کائي پي لڳ کانسواءِ (Asexully) جسم تي مکڙيون (Buds) پيدا ڪندو آهي ۽ هر مکڙي وڏي ٿي هائڊرا جو روپ ڌاري ان جي جسم کان الڳ ٿي ويندي آهي. اهو هر ٻن ڏينهن کانپوءِ هڪ مکڙيءَ کي وجود ڏيندو آهي.
جڏهن حالتون سازگار نه هونديون آهن جيئن سرديءَ جي موسم ۾، ته لڳ (Sexually) لاءِ ان جي جسم تي ٻچي داني (Ovary) يا خصيا (Testes) نڪري ايندا آهن. خصيا پاڻيءَ ۾ اسپرمز ڇڏيندا آهن جيڪي ڪنهن ٻئي هائڊرا جي آنياري (Ovume) کي ڳڀري (Fertilize) وجهندا آهن.(13)
هائڊرا حياتياتي امر جرثومو آهي. ان ۾ ٽرانسڪرپشن فيڪٽر فاڪس هيڊ، او (Transcription factor foxhead,o) ڳولهي لڌو ويو آهي، جيڪو هائڊرا کي امرتا بخشي ٿو. هائڊرا جي موت جو سبب عمر رسيدگي نه پر اهڙي ڪوڊ جو بدلجي پوڻ آهي.(14)
انسان ۾ عمر رسيدگي ٽيلوميريز اينزائيم جي ختم ٿي وڃڻ ڪري ٿئي ٿي. ٽيلوميريز اينزائيم جيوگهرڙن اندر مرڪز ۾ ڪروموسومز جي ڇيڙن وٽ ٿئي ٿو. جيوگهرڙن جي مسلسل ورهائجڻ ڪري عمر سان استعمال ٿي وڃي ٿو ۽ ان جي خرچ ٿي وڃڻ کانپوءِ جيو گهرڙا وڌيڪ ورهائجڻ جي قابل نه ٿا رهن. جسم جي مرمت ۽ اڏاوت رڪجي وڃي ٿي. انساني جسم ۾ جيوگهرڙن جي ورهاست جي حد مقرر آهي. اهي حياتيءَ دوران وڌ ۾ وڌ ستر دفعا ورهائجي سگهن ٿا.(15)
برودت (Cryonic) جديد سائنس جي اهڙي شاخ آهي، جنهن ۾ مري ويل شخص جي مڙهه کي برف ۾ ڄمائي محفوظ ڪيو وڃي ٿو. محفوظ ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هن وقت اهڙو علاج موجود نه آهي، جنهن سان انهن جي ناسورن کي ٺيڪ ڪري سگهجي. ان آسري کين برفاني حالت ۾ رکيو وڃي ٿو جيئن مستقبل ۾ جڏهن انهن مرضن جون دوائون ايجاد ٿين ته کين وري جيئرو ڪري علاج ڪيو وڃي يا سائنسي وسيلن ذريعي امر ڪيو وڃي.(16)
ڪرايوس، گريڪ لفظ آهي، جنهن جي معنا آهي ٿڌ، سائنس ثابت ڪيو آهي، مڙهه کي جيڪڏهن خاص حالت ۾ ڪاٽو، -196o تي رکيو وڃي ته اهو ڊگهي عرصي تائين محفوظ رهي سگهي ٿو.
جڏهن جيوگهرڙن، ٽشوز ۽ عضون کي پاڻياٺي نائٽروجن ۾ ڪاٽو -196o تي ڄمايو وڃي ٿو ته انهن ۾ ڪيميائي عمل بند ٿي وڃي ٿو ۽ اينزائيمز ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا، جنهن ڪري جسم تحليل (Decompose) نه ٿو ٿئي. اهڙي حالت ۾ جيوگهرڙن اندر برف جا ڪلم (Crystals) نه ٿا ٺهن ۽ اهي محفوظ ٿي ساڪت (Dormant) رهن ٿا.(17)
ٿڌ بچاءَ (Cryoprotectants) انهن جي حفاظت ڪن ٿا. ڪن جانورن ۾ ٿڌ بچاءَ قدرتي طور موجود ٿين ٿا، جيئن هڪ قسم جا ڏيڏر جيڪي برفاني علائقن ۾ ڊگهو عرصو چيٽغشي (Hibernation) ۾ گذاريندا آهن. اهي برف ۾ ڄمي يخ ٿي ويندا آهن پر قدرت انهن کي اهڙو سرشتو عطا ڪيو آهي جو موسم جي ڦيري سان اهي ٻيهرجيئرا ٿي پون ٿا. برفاني حالت دوران انهن جي جسم جو يوريا (نائٽروجن) ۽ گلوڪوس گڏ ٿي ٿڌ بچاءَ (Cryoprotectants) ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ جسم جي جيوگهرڙن کي برفاني اثر کان بچائي ساڪت رکن ٿا.(18)
انسانن ۾ اهڙا قدرتي نظام موجود نه آهن جو انهن کي ساڪت رکي وري جاڳائي سگهجي پر مستقبل ۾ اهڙي اميد رکي سگهجي ٿي ته ائين ٿي سگهندو ۽ هٿرادو ٿڌ بچائن وسيلي محفوظ ڪيل جسم وري جيئرا ڪري انهن جي پيڙائن جو مدائو ڪري سگهبو، بشرط ته انهن مري ويل انسانن جا دماغ اڃان سالم هجن ۽ دماغي طور مئل نه هجن.(19)
مرڻ جي وصف بدلجي چڪي آهي. حياتيءَ جي چئن نشانين (Vital Signs) کانپوءِ جسم جا عضوا ڪجهه عرصو انفرادي طور جيئرا رهن ٿا ۽ ان محدود وقت ۾ کين ڪڍي محفوظ (Preserve) ڪري سگهجي ٿو. جيئن گڙدا يا ٻيا عضوا جيڪي ڪنهن ٻئي انسان جي ڪم اچي سگهن ٿا. ائين مرڻ کانپوءِ دماغ به ڪجهه دير ڪم ڪندو رهي ٿو. ان ۾ ياداشت، شخصيت ۽ خواب جيئرا رهن ٿا. ان لاءِ ٿڌ بچائن وسيلي جسم کي يخ ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته دماغ جي جيئري هجڻ جي تصديق ٿيل هجي.
بروديت طريقي جو اختيار تڏهن ملي ٿو جڏهن مري ويل شخص کي قدرتي طور مئل تسليم ڪري موت جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ هڪدم ٿڌ بچاءَ وسيلي ان کي محفوظ ڪيو وڃي ٿو.(20)
دنيا ۾ ان طريقي جيڪو انسان سڀ کان پهريون محفوظ ڪيو ويو، اهو ڊاڪٽر جيمس بيڊ فورڊ هيو، جنهن جي مڙهه کي 1967ع ۾ ڄمايو ويو. آمريڪا ۾ 2014ع تائين ٻه سئو پنجاهه شخصن جا مڙهه محفوظ ڪيا ويا آهن ۽ ڏيڍ هزار ماڻهن راضپو ظاهر ڪيو آهي ته کين مرڻ کان پوءِ مڙهه محفوظ ڪيو وڃي.(21)
2011ع ۾ ٿڌ بچاءَ وسيلي مڙهه کي محفوظ رکڻ جي فيس ويهن هزارن کان اٺاويهه هزار ڊالرن تائين هئي. دنيا ۾ مڙهه محفوظ رکڻ لاءِ هن وقت دنيا ۾ چار جايون آهن، جن مان ٽي آمريڪا ۽ هڪ روس ۾ آهي.(22)
پاڪستان ۾ ٻه سال اڳ اهڙو ادارو کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ۽ ان جو هڪ اشتهار يونيورسٽي روڊ تي لڳل هوندو هيو پر اهو مذهبي اعتراضن سبب هلي نه سگهيو.
مشهور شخصيتون جن جا مڙهه اهڙي طريقي محفوظ ٿيل آهن، انهن ۾ هيرالڊ ٿامس فني، جيڪو ڪمپيوٽر جو ماهر هيو ۽ ڪيتريون ئي وڊيو گيمس ايجاد ڪيون. اسٽيفن ڪولس، جيڪو جينياتي سائنسدان هيو. ٽيڊوليم، جيڪو بيس بال جو مشهور آمريڪي رانديگر هيو، ٻيون شخصيتون جن ۾ والٽ ڊزني به آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو اهڙي طريقيڪار جو حامي هيو، مشهور ناول نگار رابرٽ هينلن، جيڪو پنهنجي لکڻين ۾ اهڙي طريقيڪار جو حامي رهيو پر مرڻ کانپوءِ سندس مڙهه ساڙي بحرالڪاحل ۾ رک اڇلائي وئي. ٽموٿي لبري، جنهن سڄي ڄمار برودت جي وڪالت ڪئي پر مرڻ وقت وصيت ڪئي ته سندس مڙهه دفنايو وڃي.(23)
ناٿتائي (Nocebous) طور موت وڇوڙي جو احساس آهي، درد جي انتها آهي، اهو جيڪو مري ويو، ان ي موت جي ڪهڙي خبر؟ موت انهن لاءِ آهي جيڪي جيئرا آهن. موت محسوس ڪرڻ جو نانءَ آهي ۽ محسوس اهي ڪندا آهن جيڪي زندگيءَ جي سلسلي مان گذرن ٿا.
زندگي ڪيئن به آهي، ڏکي آهي، سکي آهي پر جيئري هجڻ جو احساس آٿتا (Placebo) آهي. مرڻ مري ويل لاءِ ڪا حيثيت نه ٿو رکي، ڇو جو احساساتي عمل موت تي ختم ٿئي ٿو.
ابراهيمي ۽ ڌرمي مذهب موت جي ناٿتائي احساس کي سهارو ڏين ٿا، ٻئي زندگيءَ جو تصور موت کي آسان بنائي ٿو. لاش، ڪفن ۽ قبر جو دل ڏاريندڙ منظر (Necrophobia) زندگيءَ جي اهميت کي وڌائي وجهي ٿو. موت مئل جي ڳالهه نه آهي پر موت جيئري جي ڳالهه آهي. جيئرو اهڙو دل ڏهڪائيندڙ منظر ڏسي لڪڻ جي جاءِ ڳولهي ٿو. مذهب هن کي آٿت ڏئي ٿو. مري ويل مئو نه آهي، گذاري ويو آهي، اهو اٿندو، کيس جاڳايو ويندو. جنت ۽ دوزخ جو وارث ٿيندو. روپ مٽائي (Reincarnate) موٽي ايندو. جيئرو هر حال ۾ آٿت ڳولهي ٿو. دهريو ته پري جي ڳالهه آهي پر لاادري (Agnostic) هڪ لڪير جي فقير جي مقابلي ۾ موت کي ٻئي صورت ۾ محسوس ڪري ٿو. اها صورت موت جو حقيقي احساس آهي. ڏک، پيڙا ۽ خوف، ناٿتائي (Nocebous) شدت آهي.
برودت (Cryonic) هڪ دهريي ۽ لاادريءَ لاءِ موت جي ناٿتائي احساس کي آٿتائي بنائڻ جو جديد سائنسي طريقو آهي. ان وٽ ٻئي دنيا جو تصور نه هجڻ ڪري موت عذابناڪ آهي ۽ بروديت کيس احساس ڏياري ٿي ته جڏهن مستقبل ۾ انسان وجود اندر موت جي ڪوڊ کي کولي پڙهي، ان تي ضابطو آڻيندو ته زندگي امر ٿي ويندي، کيس برودت مان جاڳائي، جين جي مرمت ڪري لافاني بنايو ويندو.
References:
1. Zimmerman , Leda (19 October 2010)
“Must all organisms age and die?”.
Massachusetts institute of technology school of engineering.
2. “Corbon Q I”
reptools Rutgers – edu. Retrieved 2018-03-04.
3. Facts of life (PDF) 4th edition.
New York : united nations children’s fund. 2010-p-61-75.
4. Ashcroft F,
“Life without water”
life at extremes. Berkeley and Los Angeles , 2000 , p-134-38.
5. Samir hossain Mohammad ; Gilbert peter (2010)
“concept of Death : A key to our adjustment”
Illness , crisis and Loss , 18 (1).
6. “Death”.
On line Etymology Dictionary. Archived from the original on 13 October 2016. Retrieved 5 November 2013.
7. Ainsworht . C. Lepage , M (2007).
“Evolution’s greatest mistakes”.
New scientist . 195(16):36-39.
8. Campisi , Judith (February 2013).
“Aging , cellular scenescene and cancer”.
Annual review of Physiology – 75:685-705.
9. Crippen , David.
“Brain failure and brain death”.
Scientific American surgery. Critical care – April 2005.
10. Hening , Robin Maranz ( April 2016).
“Crossing over; How science is redefining life and death”.
National Geographic. Retrieved 23 October 2017.
11. Guerin , J (2004).
“Emerging area of aging research : Long – Lived animals with negligible Senescence”.
Ann NY Acad sci. 1019:518-20.
12. Bavestrello , Giorgio Christian sommer. Michele sara (1992).
“Bi – directional conversion in Turritopsis”
scientia Marina. 56(2-3):137-40.
13. Martinez , DE ( May 1998).
“Mortality patterns suggest lack of senescence in hydra”.
Experimental Gerontology. 33(3):217-25.
14. Klostermeler , Lopez – Quintero et al
“Fox O is a critical regulator of stem cell maintenance in immortal Hydra”
proceedings of the National Academy of science. 109(48):196-97.
15. Feng J , Funk WD- et al (1995).
“The RNA component of human telomerase”.
Science. 269(5228):1236-41.
16. Mckie , Robin (13 July 2002)
“Cold facts about cryonics”.
The observer , Retrieved I December 2013.
17. Wowk , B (2014).
“The future of death”.
Journal of critical care. Elsevier.29(6)1111-13.
18. Larson , D et al (2014).
“Wood frog adaptations to overwintering in Alaska: New limits of freezing tolerance”.
Journal of experimental biolgy. 2017:2193-200.
19. Best BP (2015).
“Cryoprotectants Toxicity , Facts , Issues and Questions”.
Rejuvenation Research. 18(5):422-36.
20. Crippen , DW. Whetstine L (2007)
“Ethics review”
Dark angels. The problem of death in intensive care”. Bio Medical central. 2 (1):202.
21. “Death to dust”:
what happens to dead bodies? 2nd edition – chapter 7. “Souls on Ice”.
22. Moen , OM (2015).
“The case of cryonics”
Journal of medical ethics. 41(18):493-503.
23. “Patients who are frozen in time”.
The guardian -13 February 2008. Retrieved 21 February 2016.
*