تعلقي جادو ۽ ناٿتا (Sympathetic magic and nocebo)
اهو جادو ايشيا ۾ صدين کان رائج آهي پر يورپ ۾ ان کي هڪ نئين انداز ۾ دريافت ڪري تعلقي جادوءَ جو نانءُ ڏنو ويو.
1889ع ۾ جيمز جارج فريزر پنهنجي ڪتاب سوني شاخ (Gold bough) ۾ پهريون دفعو اهڙي جادوءَ بابت خيالن جو اظهار ڪيو، سندس چوڻ موجب، انسانذات مذهب جي جادوءَ سهاري ترقي ڪري سائنسي تخيل تي پهتي آهي.
تعلقي جادو ٻن طريقن سان اثرانداز ٿئي ٿو. هڪ ساڳائپ (Similarity) سان ۽ ٻيو وچڙائپ (Contagion) سان.(2)
ساڳائپ جو تصور ائين آهي ته “جهڙي جو تخليل جهڙو” آهي يا اثر، سبب جو مماثل آهي. جڏهن ته وچڙائپ کي ائين بيان ڪري سگهجي ٿو ته شيون جيڪي ڪڏهن هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هيون اهي الڳ ٿيڻ کانپوءِ به هڪ ٻئي تي اثر انداز آهن. انهن وچ ۾ ڪيترو به فاصلو ڇو نه هجي، اهي هڪ ٻئي ۾ وچڙيل آهن. ساڳائپ ۽ وچڙائپ جي سحر انگيزيءَ کي جادوئي عمل وسيلي ائين استعمال هيٺ آندو ويو ته ساڳائپ ۾ ساڳي شيءِ سان ملندڙ ساڳي شيءِ ٺاهي، ان تي جادوئي عمل ڪري ساڳي شيءِ تي اثرانداز ٿي سگهجي ٿو.
وچڙائپ جي سحر انگيزيءَ ۾ اهڙو مواد جيڪو ڪڏهن ڪنهن جي وجود سان لاڳاپيل رهيو هيو، ان مواد تي جادوئي عمل ڪري مواد سان لاڳاپيل وجود کي جادوءَ وسيلي متاثر ڪري سگهجي ٿو.
جهڙي جو تخليل جهڙو آهي (Like Produces like) ساڳي جهڙو ساڳي تي اثرانداز ٿئي ٿو. ساڳي جي ان جهڙي نقالي (Imitation) به جادوئي اثر هيٺ ساڳي سحر ۾ آڻي ٿي. ڪنهن جي مجسمي، فوٽوءَ يا بوتي تي عمل ڪري ان کي متاثر ڪري سگهجي ٿو.
وچڙائپ جي قانون (Law of contagion) ۾ ڪنهن جا وار، ڪپڙا يا جسم سان لاڳاپيل ڪا به شيءِ حاصل ڪري ان کي مٿان جادوئي عمل وسيلي شخص کي سحر انگيز ڪري سگهجي ٿو.(3)
تعلقي جادو هڪ ساحر جو ناٿتائي (Nocebous) محرومين جي احساس کان آجو ٿيڻ جو طريقيڪار آهي. جيڪا شيءِ جسم کان پري آهي، اها خيال جي دائري ۾ آهي. جتي پهچ ناممڪن آهي اتي تصور پهچي ٿو. زماني جو شڪست کاڌل خوابن ۾ فتحياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
هڪ بکايل شڪاري اونداهي غار ۾ پٿر تي هرڻ جي شڪار جي تصوير کوٽي ان تي منتر پڙهي اهو سوچي ٻاهر نڪري ٿو ته جهنگ ۾ به هو تصوير ۾ موجود ساڳي هرڻ جو شڪار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. انسان ناحاصلات جي تڪميل لاءِ توهم جون سڀ حدون پار ڪري ٿو، ان جي بي چيني، تڙپ ۽ بي قراري ناٿتائي (Nocebous) احساس جا انداز آهن. انسان خدا جو بت ٺاهي، خدا تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انسان جي منهن ۾ خدا جو منهن ڏسي ٿو. جيمز جارج فريزر مذهب کي جادو چوي ٿو. مذهب اهڙا شبد يا منتر آهي، جنهن سان ماڻهو پٿر کان تصور تائين خدا جي جوڙيل وجود اڳيان اهي پڙهي کيس پنهنجي حق ۾ ڪرڻ جا جتن ڪري ٿو. خدا روحاني يا جسماني شڪل ۾ نقش ٿيل آهي. بندو خدا جي وجود جو جسماني احساس ڪائنات جي هر شيءِ ۾ ڳولهي ٿو. سرپرستيءَ جي ڳولها ۽ بي وسيءَ جي احساس انسان کي ناٿتائي بنائي وڌو آهي. هو پنهنجيون ٻانهون پاڻ کي ويڙهي پاڻ کي سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
وچڙائپ جو قانون (Law of contagion) ضرور ڪنهن ٺڪرايل عاشق جو محبوب بابت ناٿتائي رويو هوندو. ان پاڻ کي آٿتا (Placebo) لاءِ اهو تصور جوڙيو هوندو ته ٻه لاڳاپيل شيون الڳ ٿي، دور رهي به لاڳاپيل اثر زائل نه ٿيون ڪن، ان عاشق پنهنجي ڪلهي تي رهجي ويل محبوب جا زلف ساڙيا هوندا.
لاڳاپا (Correspondonces) اهڙو تصور آهي جنهن موجب ڪائنات جون هڪجهڙائيون هڪ ٻئي تي اثرانداز آهن. لاڳاپو يا مشابهت اثر ڏيکارين ٿا. جيڪڏهن لوڪ طب (Folk medicine) جي حوالي سان ڳالهه ڪبي ته حڪمت ۾ اهڙا ڪيترائي عقيدا ۽ خيال آهن ته ٻوٽا، ڦل، جڙي ٻوٽيون ۽ سبزيون جيڪي انساني جسم جي عضون سان مشابهه آهن، انهن جي استعمال سان ساڳين عضون جي بيمارين ۾ فائدو ٿئي ٿو.(4) اهو تعلقي جادو (Sympathetic magic) جو اثر آهي. اهو دسخطي حڪمت (Doctrine of signature) جو موضوع آهي پر پهريان لاڳاپن (Correspondonces) جو رمزي (Mystic) جائزو وٺون ٿا.
رمزي يا مذهبي لحاظ کان لفظ “لاڳاپا” امانل سويڊنبو (Emunul swedenboug) ارڙهين عيسوي صديءَ ۾ استعمال ڪيو، جڏهن هن آسماني رمزون (Arcana caelestia) نالي ڪتاب لکيو.(5)
سويڊنبو موجب لاڳاپو وجود جي ٻن رخن جو تعلق آهي، جيئن روشنيءَ جو لاڳاپو ڏاهپ سان آهي ڇو جو ڏاهپ ذهن روشن ڪري ٿي ۽ نظر کي جلا بخشي ٿي. گرمجوشي پيار جو لاڳاپو آهي، ڇو جو پيار ذهن کي ائين حرارت بخشي ٿو جيئن مچ جسم کي. هر شيءِ ٻئيءَ سان لاڳاپيل آهي ۽ اهي ڪيفيتون هڪ ٻئي جي ترجماني ڪن ٿيون.
جڏهن ٻولي ۽ لفظ نه هيا ته اظهار جو وسيلو لاڳاپن جو تاثر هيو، لاڳاپو اظهار جو واحد وسيلو هيو. خدا بائيبل کي لاڳاپن جي زبان ۾ لکيو ۽ لاڳاپائي هيا جيڪي روح کي بيان ڪرڻ جي قوت رکندا هيا.
سويڊنبو لکي ٿو ته اوائلي دور ۾ فرشتا لاڳاپن جي زبان ڳالهائيندا هيا ۽ انسان پڻ لاڳاپن وسيلي غيب سان تعلق جوڙيندا هيا. ان وقت به هڪ پاڪ ڪتاب هيو جيڪو لاڳاپن جي زبان ۾ هيو، اهو ڪتاب اڄ به عرش ۾ پڙهيو وڃي ٿو. جيئن انسان برائين طرف مائل ٿيو، تيئن اهو لاڳاپن جي زبان پڙهڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺو، آڳاٽي تاريخ لاڳاپن ۾ لکيل هئي، انسان اها پڙهڻ کان معذور ٿي ويو، ائين اها آڳاٽي تاريخ ضايع ٿي وئي.
ڪڏهن خدا ڌرتيءَ تي قيام ڪندو هيو ۽ لاڳايپن ۾ رمزي اظهار ڪندو هيو. ڌرتيءَ تي موجود هر رمز خدا جي لاڳاپن جي تمثيل (Parable) آهي. حضرت عيسا لاڳاپن جي علم کان واقف هيو پر ان اهڙو اظهار انڪري نه ڪيو جو کيس خبر هئي ته ماڻهو سادا ۽ اٻوجهه آهن، اهي اهڙو اظهار برداشت نه ڪري سگهندا. اهو ئي سبب هيو جو هن چيو “مان گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو، پر تون اهڙو ٻوجهه برداشت نه ڪري سگهندين.” (John 16:12)
آڳاٽي وقت انسان لاڳاپيل شين کي مقدس سمجهندا هيا ۽ علامتي تشبيهون ٺاهيندا هيا جيئن اهي لاڳاپا برقرار رهن، پوءِ وقت سان انسان لاڳاپن کان پري ٿيندو ويو. شبيهن ۽ تصور جو لاڳاپو رمزن سان نه رهيو، ائين انسان خودپرست ۽ بت پرست ٿي ويو.
مذهبي طور پاڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ لاڳاپن کان واقفيت ضروري آهي. پاڪ شبد حڪمت کانسواءِ سمجهي نه ٿا سگهجن. حڪمت انهن جي حصي ۾ اچي ٿي جيڪي خدا سان لاڳاپيل آهن ۽ جيڪي لاڳاپن کي سمجهي نه ٿا سگهن اهي مذهب جي نالي ۾ ڪفر جي تبليغ ڪن ٿا. لاڳاپائي اهڙو رستو آهن جن وسيلي بندو خدا سان ملي هڪ ٿئي ٿو.(6)
ايڊنيو نه صرف مذهبي خيالن کي جلا بخشي پر سندس اثر ان وقت جي شاعري ۽ ادب تي پڻ پيو. ان تشبيهن ۽ علامتن جو انداز ئي بدلائي ڇڏيو.
چارلس بودلئر (Charles Baudelaire) (1867-1821ع) فرانسيسي علامتي شاعر هيو. هن پنهنجو هڪ پورو نظم لاڳاپن تي لکيو آهي.(7) نظم فرانسيسي زبان ۾ آهي. اهو نظم اظهار جي قوت سان ڀريل آهي. اهڙن نظمن کي ترجمو ڪرڻ ڏکيو آهي ڇو جو ترجمي سان تاثر فنا ٿي وڃي ٿو. اهو نظم انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ پوءِ مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، لاڳاپن جو اظهار ڪندي بودلئر، لاڳاپن جي ان اوائلي فنا ٿي ويل تعلق کي وري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙا نظم جيڪي فرانس ۾ بودلئر، ملارمي ۽ پال ورلن لکيا، سمجهڻ لاءِ حڪمت جي ضرورت آهي.
بودلئر جو نظم هيٺ ڏجي ٿو.
Correspondonces
Nature is a temple of living pillars
Where often words emerge, confused and dim
Eyes of symbols always watching him
Like prolonged echoes mingling for away,
In a unity tenebrous and profound
Vast at night and limpid days,
Perfumes, sounds and colour correspond.
There are perfumes as cool as a children flesh
Sweet as aboes, as meadows green and fresh
Others, triumphant and corrupt and rich
With power to fill the infinite expenses
Like amber, incensce, musk and benzoin, which
Sing the transport of soul and senses.
*
ترجمو
لاڳاپا
دنيا گرجا گهر،
زندگيءَ جي ٿنڀن تي بيٺل
اندر لفظ اڀرن ٿا
منجهيل ۽ گهٽيل
انسان لنگهي ٿو فطرت جي جهنگ مان
هر شيءِ علامتن جون
اکيون سڃاتل
تيز ۽ هلڪن آوازن سان
بي ربط پڙاڏن جو الاپ
رات رنگين، ڏينهن شفاف
خوشبوءِ، آوازن ۽
رنگن جو ميلاپ
پرفيوم اهڙو ٿڌو
جيئن ٻارن جو ساهه
ميوي جهڙو مٺو
تازو سائو گاهه
ٻئي پاسي ظالم، فاتح
جن جو پئسي ساهه
روح ۽ حواسن جو وجدان
اڻ کٽ خواهشن جو پورائو
عنبر، عطر، مشڪ ۽ لوبان
*
تعلقي جادو (Sympathetic magic) ۾ دستخطي حڪمت (Doctrine of signatures) به ساڳين لاڳاپيل شين سان ڇوٽڪارو ڳولهڻ آهي.
دستخطي حڪمت ڊائو سڪو رائيڊز (Dioscorides) (40-90 A.D) ۽ گيلن (Galen) (129-200 A.D) جي ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين آزمائي وڃي ٿي.
ان حڪمت موجب جڙي ٻوٽيون (Herbs) جيڪي بيهڪ ۾ جسم جي عضون سان مشابهه آهن، اهي انهن عضون کي شفاياب ڪن ٿيون، چوڻ آهي ته “خدا انسان کي علامتن سان حقيقت جو دڳ ڏيکاري ٿو.” انڪري ٻوٽن ۾ پڻ اهڙيون الاهي علامتون موجود آهن جيڪي اشارو ڪن ٿيون ته انهن جي شبيهه جسم جي ڪهڙي عضوي سان مشابهه ۽ فائدو ڏيندڙ آهي.(8)
جيڪب بومي (1664-1575ع) چيو، “ڪائنات جي هر شيءِ خاصيت جي لحاظ کان خدا جو الڳ دستخط (Signature) آهي. حڪمت موجب جيئن ته اخروٽ مغز جهڙو آهي، انڪري اهو مغز کي فائدو ڏئي ٿو. نرگس جي گلن جو عرق اکين لاءِ اڪثير آهي. ائين ڪيترائي ٻوٽا، گل ۽ پاڙون جيڪي ڏسڻ ۾ جسم جي عضون جهڙا آهن، اهي ان عضوي لاءِ علاج طور استعمال ٿين ٿا، جيئن ڦڦڙ ٻوٽي (Lung wort)، تري ٻوٽي (Spleenwort)، ڏند ٻوٽي (Tooth wort)، جگر ٻوٽي (Liver wort) آهن.(9)
وچين دور ۾ انسان مذهبي طور ڪائنات کي ٻئي رنگ ۾ ڏٺو ۽ چيو “جيئن مٿي، تيئن هيٺ” دنيا عرش جو دسختط آهي، ذرو ذري سان ڳنڍيل ۽ ٻئي ذري جو ترجمان آهي، سمنڊ جي قطري ۾ پوري سمنڊ جي خاصيت موجود هوندي آهي، رمزي (Mystically) طور دستخطي حڪمت کي ڪائناتي لحاظ کان ٻئي رخ کان جاچيو ويو. ڪل ڪائنات ۽ جز ڪائنات (Macrocosm and Microcosm) جي حڪمت موجب “مٿي نهاريان ٿو ڄڻ هيٺ نهاريان ٿو.” ۽ “هيٺ نهاريان ٿو ڄڻ مٿي نهاريان ٿو.” هر شيءِ ٻئي شيءِ جي علامت آهي ۽ اها علامت خدا جو دستخط آهي، جيڪو ان دستخط کي سڃاڻي ٿو، سو علامتن جا راز کولي نروار ڪري ٿو.(10)
ڪائنات ائين نروار آهي جو جز ۾ ڪل سمايل آهي ۽ ڪل ۾ جز، ڪائنات لاءِ ڪاسموز (Cosmos) لفظ فيثاغورث (570-495 B.C) استعمال ڪيو. جيڪو سواد اعظم (Chaos) يا خول (Void) جو ٻيو رخ آهي. جڏهن ڪائنات نه هئي، هڪ ڊگهي ڪاري رات (سواد اعظم) هئي. هڪ خول هيو، جيڪو پرُ نه ٿيو هيو. پوءِ ڪائنات وجود ورتو ۽ مونجهه جي ماٺ ٿي.(11) اهي فيسا غورث جا لفظ آهن، ان جي خيالن ارسطو ۽ افلاطون کي متاثر ڪيو.
جز ڪائنات (Microcosm) نظريي موجب انسان پنهنجي ذات ۾ ڪل ڪائنات (Macrocosm) آهي. ان جي جسم جو هر عضوو ڪائنات سان مشابهه آهي.
معروضي طور مٿو، روشني ۽ تجلو (Emphyrical) آهي، سينو، ڌرتيءَ کان مٿانهون، پاڪ ۽ صاف ماحول، ايٿر جهڙو شفاف (Etheral) آهي ۽ پيٽ، زمين، هوا، باهه ۽ پاڻي (Elementry) آهي.(12)
انسان هر حال ۾ هيڻو آهي، اهو اڻ ڏٺل توانائيءَ سان رشتا جوڙي پاڻ کي سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ناٿتا (Nocebo) انسان کي مورثي (Hereditary) عطا ٿيل آهي، هو هر روپ ۾ رب ڏسي آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، لاڳاپن جي زبان ۾ ڪائنات جي هر شيءِ کي خدا جو دستخط ڪوٺي ٿو. فنا ٿي ويل رمزي زبان جا شبد ڳولهي ٿو. شفا لاءِ وهمي (Superstitious) وسيلا ڳولهي ٿو. جڙي ٻوٽيون جيڪي انساني عضون سان مشابهه آهن، انهن ۾ پنهنجن عضون جو علاج ڳولهي آٿتا (Placebo) لاءِ واجهائي ٿو پر ناٿتا (Nocebo) هن جو مقدر آهي.
ڪل ڪائنات ۽ جز ڪائنات ۾ پاڻ کي جذب ڪري نئين وجود ۾ ظاهر ٿيڻ جي انساني ڪوشش ان جو ناٿتائي فرار آهي، بي درد دنيا ۾ انسان جي اڪيلائيءَ جو ناٿتائي احساس لاڳاپن جو سبب پيدا ڪري پاڻ لاءِ آٿتا (Placebo) جو سهارو ڳولهي ٿو.
References:
1. “sympathetic magic”.
The skeptic’s dictionary.
2. The golden Bough , Bartleby 1992.
“sympathetic Magic ; Part I : The principles of Magic”.
3. The golden bough
“Rainmaking as sympathetic magic”.
project Gutenberg.
4. Harrison , Regina (1989).
“Signs , songs , and memory in the Andes”
Translating Quechua language and culture university of Texas press.p.178.
5. Cf. Michelle Grier ,
“Swedenborg and Kant on spiritual intuition”
in on the true philosopher : Essay on Swedenborg , ed.stephen McNeilly ( London Swedenborg society 2002), P.I. Accessed. November 11 , 2010.
6. In the standard edition of the
“Arcana coelestia”
revised and edited by Rev. John Faulkner Potts and published by the Swedenborg Foundation in 1956, the prefatory notes by the reviser contains a summary of publishing history for the work. Originally published by Swedenborg.
7. Charles Baudelaire , Richard Howarad. Les Fleurs Du Mal. David R. Godine. Publisher , 1983 , p.xxv.
8. Science Museum
“Doctrine of signatures”.
Retrieved February 8, 2014.
9. Pearce , J.M.S ( May 16,2008).
“The doctrine of signatures”
(PDF). European Neurology. Karger. Com. 60(I):51-52. Retrieved August 31,2008.
10. Antoine Faivre.
“Access to western esotericism”
state university of New York press, 1994,P 10-11.
11. Cornelia J. de Vogel :
“Pythagoras and early Pythagoreanism”
Assen 1966,s. 148-150.
12. Robert Fludd in utriusqu cosmic Historia ; quoted by pierre A. Riffard in dictionnaire de lesoterisme , Paris
Payot 1983,P-34.
*