تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انسان ۽ عشق

انسان ۽ انسانيت تي عشق جي اثرن جو تواريخي، سماجياتي، حياتياتي ۽ ذاتياتي مطالعي بابت عظيم عالمي اسڪالر ڊاڪٽر علي شريعتي جي شاهڪار ڪتاب جو ترجمو آھي جنهن جو سنڌيڪار نديم گل عباسي آھي.
Title Cover of book انسان ۽ عشق

انسان

اسان جي ڳالهه ٻولهه جو موضوع آهي انسان، ان جي حقيقت، ان جي معنويت.
اصل موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان اڳ ۾ مان هڪ وضاحت ڪرڻ چاهيندس. اُها اِها ته منهنجي هن اڄوڪي تقرير کي اصطلاحي طور تي ليڪچر نه ٿو ڪوٺي سگهجي. منهنجي خيال ۾ ليڪچر ان تقرير کي چئبو آهي جنهن ۾ ڳالهائيندڙ ڪنهن خاص موضوع تي ڪنهن خاص رخ کان ڪيل پنهنجي تحقيق جو هڙ حاصل ٻڌائيندو آهي. ان جي ابتڙ، اڄ مان جيڪي ڳالهيون عرض ڪرڻ وارو آهيان، اهي بحث هيٺ ايندڙ موضوع تي ڪنهن مخصوص رخ کان ڪيل اڀياس جي حيثيت ڪو نه ٿيون رکن. مان ته پنهنجن نظرين ۽ خيالن جو هڪ خاڪو پيش ڪرڻ ٿو گهران، ۽ جيڪڏهن مان ڪي به استدلال يا تشريحون پيش ڪيان، ته انهن جو مقصد هوندو فقط پنهنجي نظرئي جي اُپٽار.
هتي ئي، هن کان اڳ به مان ٻه ٽي دفعا اوهان سان مخاطب ٿي چڪو آهيان ۽ انهن منجهان هر ڀيري منهنجي ڳالهه جو موضوع رهيو آهي انسان ۽ سندس حقيقت. ۽ موضوع جي اها هڪ ڪرائي ڪو اتفاق يا حادثو ناهي. حقيقت ته اها آهي ته اڄ جي دور ۾ انسان جو سڀ کان وڏو مسئلو خود انسان ئي آهي. زندگيءَ جي ظاهري چمڪ جيتري وڌندي ٿي وڃي، انسان جيترو وڌيڪ فطرت مٿان اقتدار حاصل ڪندو ٿو وڃي، انسان کي جيڏيون سولائيون ۽ سهولتون ملنديون ٿيون وڃن، ان ئي تناسب سان اهو مسئلو- يعني خود انسان- تهائين وڌيڪ ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي. ان مسئلي جا مونجهارا ۽ پيچيدگيون وڌنديون ٿيون وڃن، مسئلو وڌيڪ اڻ چٽو ٿيندو ٿو وڃي، ويندي ايستائين جو اهو مسئلو ڏاڍو وڏو ۽ ڏاڍو ڳرو بڻجي چڪو آهي. توڙي جو انسان پنهنجي علم وسيلي ڪائنات جي رمزن تي پيل پردا هٽائيندو ٿو وڃي، پر ان سموري علمي ترقيءَ جي باوجود به اهو سوال- ته انسان خود ڇا آهي؟ هڪ وڏو سواليه نشان آهي ۽ اهو سواليه نشان ڏينهون ڏينهن جيئن پوءِ تيئن وڏو ٿيندو ٿو وڃي. اولهه جي دنيا ته اسان کان اڳ ئي ان مسئلي ۾ ڦاسي چڪي آهي ۽ اتي ان مسئلي کي ايڏيءَ ته شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي، جو ان جو پڙاڏو ته ويندي اوڀر جي دانشورن جي فڪر ۾ به محسوس ڪري سگهجي ٿو.
ان لحاظ کان، اڄ جي انسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي اهو سوال ته انسان ڇا آهي؟ جيستائين اسان ان بنيادي سوال جو ڪو درست، معقول ۽ جامع جواب ڳولهي نه لهنداسون، تيستائين ڪنهن انساني مسئلي جي حل لڀڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونهي ڪو.
هڪ ڀيري تعليم ۽ تربيت جي سرشتن بابت ڳالهائيندي مون ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي هئي، ته اڄ جي دنيا ۾ تعليم ۽ تربيت جا مختلف سرشتا پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام آهن. ان ناڪاميءَ جو سبب ڪو اهو ناهي ته تعليمي سرشتي ۾ ڪا خرابي آهي، بلڪه ان جو سبب اهو آهي ته جيڪي تعليمي ماهر انهن تعليمي سرشتن کي ترتيب ٿا ڏين، انهن جو ڌيان تعليم ۽ تربيت جي طريقن ڏانهن رهندو آهي، اهي انسانن لاءِ تعليم ۽ تربيت جي ٽيڪنڪ جي مسئلن تي غور ڪندا آهن، پر ان مسئلي تي ويچار ئي ناهن ڪندا ته خود انسان ڇا آهي.
جيڪڏهن اسان ان ڳالهه کي نه ٿا سمجهون ته انسان ڇا آهي ۽ ان کي ڇا هئڻ کپي، يعني جيڪڏهن انسان جي حقيقت جي باري ۾ اسان جو فڪر واضح ۽ معين ناهي، ته پوءِ ته تمدن ۽ ثقافت، تعليم ۽ تربيت، اخلاق ۽ سماجي رابطن جي سڌارن جي نانءَ هيٺ اسان جون سڀ ڪوششون صفا اجايون ۽ بيڪار آهن. جيڪي ماڻهو انسان جي حقيقت کي سمجهڻ بنا ئي انفرادي يا اجتماعي سڌارن جو ڪم ٿا ڪن، انهن جو مثال ته اهڙي مالهيءَ جهڙو آهي، جنهن کي باغبانيءَ جي فن جي ته ڄاڻ آهي، پر جيڪو انهن وڻن جي قسمن کان ناواقف آهي جن جي هو سنڀال ڪري رهيو آهي، ۽ جيڪو اها ڳالهه به نه ٿو سمجهي سگهي ته سندس سماج ۾ ماڻهن کي ڪهڙن قسمن جا ميوا گهرجن ٿا.
اصل مسئلو هي آهي ته انسان جي حقيقت ۽ معنويت ڇا آهي؟ جيستائين اهو مسئلو طئي نه ٿيندو، تيستائين تعليم ۽ تربيت جي ميدان ۾ ڪنهن به ترقيءَ جو ڪوئي امڪان ئي ناهي. ان ئي ريت، دنيا جو ڪوئي به نظام، چاهي اهو مارڪس ازم هجي، سوشلزم هجي يا ڪو ٻيو سرشتو، تيستائين انسانيت جي ڪا بامعنيٰ خدمت نه ٿو ڪري سگهي؛ جيستائين پهريون اها ڳالهه طئي نه ڪئي ويندي ته انسان ڇا آهي، ان جي زندگيءَ جو اصل مقصد ڇا آهي، اها ڪهڙي منزل آهي جنهن تائين رسڻ لاءِ انسان جاکوڙ ڪندو ٿو رهي، ۽ انسان جي فطرت کانئس ڪهڙي منزل تائين پڄڻ جي گُهرَ ٿي ڪري. ڄڻ ته اصولي طور تي پهريائين اهو طئي ڪرڻو آهي ته هن دور جا مٿانهان سماج، عظيم سڀيتائون، ۽ ظاهري طور تي انتهائي ترقي يافته سياسي ۽ اجتماعي مڪتب انسانيت کي ڪهڙي سانچي ۾ ٿا ڍالڻ چاهن. ان لحاظ کان اسان اهو چئي ٿا سگهون ته ٻين سڀني ڳالهين کان اڳ جنهن ڳالهه جو نبيرو ٿيڻ کپي، اُها اِها آهي ته انسان ڇا آهي، انسان جي حقيقت ڇا آهي؟ ٻين لفظن ۾ اهو ته حقيقت کي عمل جو روپ ڏيڻ لاءِ ماڻهوءَ کي انسان بنجڻ لاءِ ڪهڙين ڏسائن ۾ جاکوڙڻ گهرجي.
اصل ۾ منهنجي ڳالهه ٻولهه ان ئي موضوع بابت آهي. مان انسان جي موضوع تي ڳالهائڻ ٿو چاهيان، صورتحال اها آهي ته اڄ جي دور جو انسان جيڏو پنهنجي حقيقت کان هينئر بيگانو آهي، ايڏو بيگانو اڳ ته ڪڏهن به نه هو. اڻويهين صديءَ جي آخر کان وٺي ويهين صديءَ جي ان دور تائين جنهن منجهه اسان هينئر آهيون؛ اڪثر فيلسوف، مفڪر، اديب ۽ فنڪار انسان جي مسئلي ڏانهن گهڻو ڌيان ڏيندا رهيا آهن؛ ۽ انهن منجهان هر ڪنهن انسان جي باري ۾ پنهنجو هڪ الڳ ۽ ٻين کان مختلف نظريو آڇيو آهي. اهوئي سبب آهي جو اڳوڻن دورن جي ڀيٽ ۾ هاڻوڪي دور ۾ انسان جي حقيقت ڏاڍي تڪراري بڻجي وئي آهي. شاعر چواڻي:
شد پريشان خواب من از ڪثرت تعبيرها
انسان جي باري ۾ منهنجي فڪر جو بنيادي نقطو اهو آهي ته انسان جبر جي چئن گهيرن ۾ گهيريل آهي، هو چئن قيدن ۾ قيد آهي. ۽ انسان حقيقي معنيٰ ۾ تيستائين انسان نه ٿو بڻجي سگهي جيستائين اهو جبر جي انهن چئن گهيرن کي نه ٿو ٽوڙي، ۽ جيستائين اهو انهن چئن قيد خانن منجهان پنهنجو پاڻ کي آزاد نه ٿو ڪرائي.
ان لحاظ کان، بنيادي سوال هي آهي ته اهي چار قيد خانا يا جبر جا چار گهيرا ڇا آهن، ۽ انسان پنهنجو پاڻ کي انهن کان ڪيئن ٿو آزاد ڪرائي سگهي؟
پر، ان کان به اول اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته جڏهن اسان انسان ٿا چئون، ته ان منجهان اسان جي ڇا مراد آهي. انسان جي هڪ تعريف هيئن به ڪري سگهجي ٿي ته انسان چئن قيدخانن جو قيدي آهي، ۽ مون کي انسان جي ان مخصوص تعريف جي لحاظ کان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي. ۽ ان ڳالهه ٻولهه ۾ اها وضاحت به ڪرڻي آهي ته اهي چار قيدخانا ڪهڙا آهن ۽ انهن منجهان ڇوٽڪاري لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪرڻ کپي.