تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انسان ۽ عشق

انسان ۽ انسانيت تي عشق جي اثرن جو تواريخي، سماجياتي، حياتياتي ۽ ذاتياتي مطالعي بابت عظيم عالمي اسڪالر ڊاڪٽر علي شريعتي جي شاهڪار ڪتاب جو ترجمو آھي جنهن جو سنڌيڪار نديم گل عباسي آھي.
Title Cover of book انسان ۽ عشق

بشر: انسان

بشر: انسان

قرآن ڪريم ۽ انسان لاءِ ٻه مختلف لفظ ڪتب آندا ويا آهن. هڪ بشر ۽ ٻيو انسان. ڪلام پاڪ ۾ جتي جتي لفظ بشر ڪم آيو آهي، ته ان منجهان مراد آهي انسان بحيثيت نوع. بشر، چئن ٽنگن واري جي ابتڙ ٻن ٽنگن واري حيوان جي اها نوع آهي جيڪا موجودات جي سلسلي جي ڪمال واري ڏاڪي تي ظاهر ٿي، ۽ ان وقت کان وٺي هينئر تائين زمين تي موجود آهي. ليڪن، جتي جتي قرآن ۾ لفظ انسان آيو آهي، ته ان منجهان مراد فقط هڪ حيواني نوع نه، پر انسان جي اها مٿانهين ۽ منفرد حقيقت آهي جيڪا اهڙين صفتن سان مالا مال آهي جيڪي صفتون ۽ خاصيتون ڪنهن ٻي مخلوق ۾ نه ٿيون ملن. سو، انسان جي وجود جون ٻه سطحون آهن. هڪ سطح اها آهي جنهن جو تعلق علم حياتيات سان آهي، ۽ جيڪا طبيب ۽ فزيالاجسٽ جي فڪر ۽ عمل جو موضوع آهي. انسان جي ٻي سطح وري اها آهي جنهن جي باري ۾ شاعر شاعري ڪندو آهي، فيلسوف فڪر ڪندو آهي، ۽ جنهن سان مذهب جو واسطو آهي.
هڪ نوع طور، انسان پنهنجي جسماني جوڙجڪ، عضون جي بناوٽ ۽ نفسياتي لحاظ کان ڪجهه خاصيتن جو مالڪ آهي ۽ اهي خاصيتون ان نوع جي هر فرد منجهه ٿيون ملن. پوءِ اهو فرد چاهي گورو هجي يا ڪارو، اولهه ۾ وسندڙ هجي يا اوڀر جو رهاڪو هجي، مذهبي هجي يا غير مذهبي. انسان جي انهن نوعي خاصيتن جي بنياد تي ئي حياتيات، نفسيات ۽ طب جا علم ظاهر ٿيا آهن. انهن علمن جي روشني ۾ اسان انسان جي جسماني جوڙجڪ جي تشريح ۽ توجيهه ڪري سگهون ٿا، ان جي جسماني بيمارين جي سببن ۽ انهن جي علاج جي طريقن کي دريافت ڪري سگهون ٿا، ۽ ان جو نفسياتي تجزيو ۽ اڀياس ڪري سگهون ٿا. انهن سڀني ڳالهين جو تعلق انساني وجود جي انهيءَ سطح سان آهي جيڪا بشريت جي سطح آهي.
پر انساني وجود جي ٻي سطح ان مٿانهين حقيقت تي ٻڌل آهي جيڪا انهن هڪ جهڙين جسماني ۽ نفسياتي خاصيتن کان مٿانهين (ماورا) آهي. هي انسان جون اهي خاصيتون آهن جيڪي سڀني فردن ۾ هڪ ڪريون نه ٿيون ملن، بلڪه جيڪو فرد جنهن حد تائين پنهنجو پاڻ ۾ انهن خاصيتن کي پيدا (اجاگر) ڪري سگهندو، اوتري ئي حد تائين اهو پنهنجو پاڻ کي انسان بنائي سگهندو.
ان ڪري، جڏهن اسان انسان ٿا چئون، ته ان منجهان اسان جي مراد انسان جي اها تعريف ناهي جيڪا نوع جي لحاظ کان ڪئي ويندي آهي. هڪ اندازي موجب زمين تي نوع انساني جي آبادي ٽي ارب آهي. نوع انساني جي سڀني فردن منجهه جسماني بناوت ۽ جوڙجڪ جي لحاظ کان ڪجهه مشترڪ خاصيتون ملن ٿيون. انهن هڪ جهڙيون خاصيتن جي آڌار تي اهي سڀئي هڪ نوع آهن، پر اها انسان جي اها سطح آهي جنهن کي قرآن ’بشر‘ ٿو ڪوٺي. انسانن جي سڄي آبادي بشر آهي، پر سڀئي بشر انسان ناهن. اهو ان ڪري جو انسان هئڻ لاءِ جسماني خاصيتن کان علاوه به ڪجهه خاصيتن جي ضرورت هوندي آهي. توڙي جو جسماني خاصيتن جي لحاظ کان نوع انساني جا سمورا فرد هڪ جهڙا آهن، پر جيستائين انساني خاصيتن جو تعلق آهي، ته اهي هر فرد ۾ مختلف درجن تي ملن ٿيون. بشر جي سطح تي هر فرد ٻئي فرد جهڙو آهي، پر انسان جي سطح تي هر فرد ٻئي کان مختلف آهي. انسان جي سطح تائين پهچڻ لاءِ يا انسان بنجڻ لاءِ هر فرد کي خود جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي، ۽ هر فرد پنهنجي وت ۽ ڪوشش جي آڌار انسانيت جي هيٺانهين يا مٿانهين درجي تي فائز ٿيندو آهي. ان ريت، اهو چئي سگهجي ٿو ته بني آدم جي ترقيءَ ۽ تڪميل جو سفر بشريت کان انسانيت ڏانهن ترقيءَ جو سفر آهي.
بشر وجود جي اها سطح آهي جيڪا موجود آهي (Being)، ۽ انسان وجود جي اها سطح آهي جيڪا گهربل آهي (Becoming).
هر فرد بشر جي حيثيت ۾ ته موجود آهي، پر هر فرد کي پنهنجو پاڻ کي انسان بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي هوندي آهي. انسان بنجڻ هر فرد جي پنهنجي ذميواري آهي. انسان ۽ بشر جي وچ ۾ اهو ئي فرق آهي ته بشر جي وجود جي سطح جانور، ٻوٽن ۽ (جمادات) جي وجود جي سطح وانگيان آهي، جڏهن ته ڪائنات جي ٻين سڀني موجودات جي ابتڙ انسان کي پنهنجي انسانيت جي تعمير خود ڪرڻي پوندي آهي. مان ان ڳالهه جي وضاحت لاءِ هڪ مثال پيش ڪندس: ڪوليون جيئن هاڻي پنهنجو گهر ٿيون ٺاهين، ايئن ئي اهي هميشه کان ٺاهينديون آيون آهن. اڄ کان پندرهن لک سال اڳ آفريڪا ۾ انهن جي گهرن جا جيڪي آثار مليا آهن، اهي بلڪل اهڙا ئي آهن جهڙا گهر اهي هاڻي ٿيون جوڙين. ان ريت انهن جي زندگي گذارڻ جو طريقو هينئر به اهڙو ئي آهي، جهڙو هميشه کان هو. ڄڻ ته وقت بدلجڻ سان گڏوگڏ ڪائي به شيءِ بدلجي ئي ڪو نه ٿي، هر شيءِ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيٺل ۽ کُتل آهي. زمان ۽ مڪان جو ڦيريون گهيريون وجود جي سطح تي اثر انداز ٿي ڪو نه ٿيون ٿين. ڪولين جي نوع جي هر فرد جي زندگيءَ جي طور طريقن ۾ ڪو معمولي فرق به نظر ڪو نه ٿو اچي. چاهي اهي ڪٿي به هجن، ڪهڙي به زماني ۾ هجن. هيءَ وجود جي اها سطح آهي جيڪا بيٺل، ثابت ۽ ڦير گهير کان آزاد آهي. ڪائنات جي سڀني موجودات ۾ وجود جي اها ئي سطح ٿي ملي. جبل، ستارا، پاڻي، جانور، گهوڙا، شينهن، پکي، سڀ وجود جي ان ئي سطح تي موجود آهن. اها ئي صورتحال بشر سان به آهي، ان جي وجود جي سطح به بيٺل ۽ غير متحرڪ آهي. هو اهڙو حيوان آهي جيڪو ٻن ڄنگهن تي هلندو آهي. بشر جي اها تعريف ان نوع جي هر فرد تي لاڳو ٿي ٿئي، چاهي اهو وقت جي ڪهڙي به دور ۾ هجي، زمين جي ڪهڙي به خطي ۾ هجي: بشر ته بهرحال بشر آهي، ۽ ان جون نوعي خاصيتون هڪ ڪريون ۽ ڦير گهير کان آزاد آهن.
سائنسي رسالن ۾ ڏاڍيون اچرج ۾ وجهندڙ ۽ دلچسپ ڪهاڻيون به ڇپجنديون ٿيون رهن. اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي، بشر بابت، مون به پڙهي هئي. اها ڪهاڻي زمين تي رهندڙ هڪ مفڪر ۽ سائنسدان جي مريخ جي سفر جي سرگذشت طور لکي وئي هئي. ٿيو ايئن ته اهو خلا باز ڪنهن ريت مريخ تي پهچي ويو ۽ پيادل ئي مريخ جي گهٽين جو سير ڪرڻ نڪتو. اوهان ڏٺو هوندو ته اڄڪلهه جي دور جا سياح پنهنجا ٿيلها پٺيءَ تي رکي گهٽين منجهه پيادل گهمندا وتندا آهن. سو، ان ريت اسان واري همراهه مريخ جو سير ڪندي هڪ ڪاليج ٻاهران لڳل پوسٽر ڏٺو، جنهن مطابق مريخ جو هڪ عظيم محقق پنهنجي تازي زميني سفر بابت پنهنجا تاثر ۽ زمين تي موجود مخلوق بابت پنهنجا مشاهدا ٻڌائڻ وارو هو. اسان وارو سائنسدان به ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي ويو. هاڻي اوهين ان ڪانفرنس جو اکئين ڏٺو احوال ٻڌو.
اسان واري زميني سائنسدان جو چوڻ آهي ته مريخ واري سائنسدان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ۾ ئي اهو اعلان ڪيو، ته ” اسان جي سائنسدانن جي اها دعويٰ آخرڪار صحيح ثابت ٿي آهي ته زمين تي جاندار مخلوق موجود آهي. بيشڪ زمين تي حياتيءَ جو سلسلو موجود آهي، ۽ اسان جي تحقيق به اها نشاندهي ڪئي آهي ته زمين تي جيڪي به موجودات ملن ٿيون، انهن منجهه حياتيءَ جا ڪجهه قسم حياتيءَ جي انتهائي ترقي واري ڏاڪي تي پهچي چڪا آهن، جن منجهان هڪ جو نالو آهي بشر! منهنجي لاءِ اهو ممڪن ناهي ته مان اوهان آڏو ان نوع جي صحيح تصوير چٽي سگهان. جيئن ته اوهان جي ذهنن منجهه ان طرح جي مخلوق جو تصور ئي ناهي، ان ڪري مان ان جي مڪمل تصوير پيش ڪرن کان لاچار آهيان. انهن جي جسماني جوڙجڪ کان علاوه مون انهن جي خاصيتن جو به مشاهدو ڪيو. ان عجيب مخلوق ۾، جيڪا بشر ٿي ڪوٺي وڃي، ڪجهه اهڙيون وحشياڻيون خاصيتون ٿيون ملن جن کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ صحيح لفظ ئي ڪونهن. اهي زمين تي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ڏانهن ڏاڍي تيزيءَ سان چرپر ڪن ٿا، ۽ انهن منجهه هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ جي خواهش جنون جي حد تائين ٿي ملي. ڪيترائي ڀيرا مون ڏٺو ته انهن جون وڏيون وڏيون فوجون هڪ ٻئي تي هٿيار تاڻي بيٺيون هيون. اهي جديد ۽ خطرناڪ هٿيارن سان هٿياربند لشڪر هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ۽ هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ جي جنون ۾ مبتلا ٿا ملن. باوجود ان جي جو انهن فوجن جا فرد نه هڪ ٻئي کي سڃاڻن ٿا، نه ئي انهن فردن جي هڪ ٻئي سان ڪا رنجش آهي. ان جي باوجود به اهي هڪ ٻئي جا گهر ٿا اجاڙين، وستيون ويران ٿا ڪن ۽ بيدرديءَ سان هڪ ٻئي کي قتل ٿا ڪن.
”پهريائين ته مون کي اهو خيال آيو ته شايد اهي هڪ ٻئي جو گوشت کائيندا هوندا، ۽ پنهنجين غذائي ضرورتن جي پورائي لاءِ هڪ ٻئي کي ماريندا هجن. پر مون ڏٺو ته هڪ ٻئي کي مارڻ کان پوءِ ڪنهن به ڪنهن لاش ڏانهن ڌيان ئي ڪو نه ڏنو. نه ئي هو انهن جو گوشت ٿا کائن، نه ئي انهن جو رت ٿا پيئن. پر، اهي ته جنگ جي ميدان ۾ لاشن جا انبار ڇڏي واپس پنهنجن گهرن ڏانهن ٿا وڃن. ۽ نيٺ قتل ۽ تباهيءَ جو سندن جنون کين وري جنگ جي ميدان ڏانهن موٽائي وٺي ٿو اچي.“
”تَتُ هي آهي ته بشر نالي نوع جي سڄي تورايخ خودڪشيءَ ۽ خود آزاريءَ جي تواريخ آهي. انهن جي هڙني ايجادن جو مقصد هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ خوفناڪ هٿيار ٺاهڻ آهي. اچرج جي ڳالهه اها آهي ته انهن جي وچ ۾ ڪو ذاتي وير ناهي هوندو،پر اهي فقط رت وهائڻ خاطر رت وهائيندا آهن، ڄڻ ته فتنو فساد ۽ خونريزي انهن جي فطرت ۾ شامل هجي. ۽ ڄڻ ته اهي پنهنجي خونريزيءَ جي جبلت کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جو رت وهائيندا هجن. جڏهن جنگ جي ميدان ۾ هڪ لشڪر ٻئي لشڪر جي سامهون ايندو آهي، ته اهي ناقابل بيان حد تائين ڀوائتا هوندا آهن. جڏهن هڪ لشڪر ٻئي لشڪر تي حاوي ٿي پوندو آهي، ته فاتح لشڪر فتح ٿيل علائقن ۾ قتل عام ڪندو آهي، وستين ۽ گهرن کي لٽيندو ۽ برباد ڪندو آهي، ۽ اهڙي وحشياڻي عمل ۾ کين عجيب لذت محسوس ٿيندي آهي. پوءِ فاتح لشڪر پنهنجي فتح جو جشن ملهائيندو آهي، ۽ ايڏي ته غرور ۽ وڏائي جو اظهار ڪندو آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ مون لاءِ ممڪن ناهي.
”جيئن ته مان پهريائين ٻڌائي چڪو آهيان، ته بشر نالي وارا فرد هڪ ٻئي جو گوشت ناهن کائيندا. خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ سندن طريقو هي آهي، ته اُهي جتان به گذرندا آهن ته سندن جسم ۾ جيڪي ٻه مٿيان هئنڊل لڳل آهن، انهن سان هر شيءِ ڇني وٺندا آهن. سندن ان عمل م شديد حرص جو انداز ٿو ملي. زمين منجهان جيڪي شيون ڦٽن ٿيون، اهي ڏاڍيون لطيف ۽ پاڪيزه هونديون آهن، انهن ۾ ڏاڍا سٺي مزي ۽ خوشبو وارا ميوا، ۽ ڏاڍا عمدا گل ۽ ڀاڄيون پنهنجي گهر کڻي ويندا آهن، ۽ اتي انهن کي ڪجهه ٿانون ۾ وجهي چلهه تي رکندا آهن، ۽ پوءِ ڪجهه بدبودار مصالحا ۽ صحت کي هاڃو رسائيندڙ شيون ملائي انهن کي پچائيندا آهن. ان ريت جڏهن اهو کاڌو تيار ٿي ويندو آهي، ته بي حساب کائيندا آهن، جنهن جو نتيجو اهو ٿيندو آهي جو کين ڊاڪٽر ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو آهي، ته هو پنهنجي علم ۽ ٽيڪنڪ وسيلي سندن معدن منجهان اهي غذائون ڪڍي. ان لحاظ کان، سندن معاشري ۾ ڊاڪٽرن جي ڏاڍي وڏي حيثيت هوندي آهي. سڄي ڳالهه جو حاصل اهوته هڪ پاسي ته اهي ڏاڍي ترقي ڪري چڪا آهن، ۽ انهن فطرت مٿان سوڀ ماڻي ورتي آهي، پر ٻئي پاسي وري اهي اهڙن منجهيل مسئلن ۽ بيمارين منجهه وڪوڙيل آهن، جن مسئلن ۽ بيمارين ۾ ٻي ڪا به مخلوق وڪوڙيل ناهي.“
مريخ جي سائنسدان بشر جي جيڪا تعريف ڪئي آهي، توڙي جو اها ڪنهن حد تائين وڌاءُ ۽ کلڻ جهڙي ٿي لڳي، پر جيڪڏهن بصيرت واري نظر سان ڏسندؤ ته سندس اهي ڳالهيون اوهان کي درست لڳنديون. جيڪڏهن اسين بشر جي تواريخ جو اڀياس ڪنداسين، ته اسان کي محسوس ٿيندو ته اها تواريخ، شعور جي تواريخ کان وڌيڪ جهالت ۽ احمقپڻي جي تواريخ آهي. تواريخ جي هر دور ۾ بشر علم ۽ شعور کان وڌيڪ جهل ۽ احمقپڻي جو نمونو ٿو نظر اچي، ۽ اڄ به سندس اها ئي حالت آهي. بشر جي فطرت سدائين هڪ ڪري رهي آهي، ۽ اڄ به ان ۾ ڪا ڦير گهير ناهي آئي. زمين جي مٿاڇري تي بشر جو ظهور اڄ کان اندازن پنجاهه هزار سال اڳ ٿيو. ان وقت کان وٺي اڄ تائين بشر جي فطرت هڪ هنڌ بيٺل ۽ ڦير گهير کان آجي ٿي نظر اچي.
ان منجهه ڪنهن به قسم جو ڪو به ڦيرو ناهي آيو هٿيارن، لباس ۽ خوراڪ جي نوعيت ته بدلجندي رهي آهي، مگر بشر جون خاصيتون ناهن بدليون، اُهي اڄ به اهڙيون ئي آهن جهڙيون اُهي سندس ظهور جي پهرئين ڏينهن هيون.
وحشي ۽ لاڏو قوم تي حڪومت ڪندڙ چنگيز هجي، يا ماضيءَ جي دورن جا اهي سلطان جيڪي وڏين وڏين مهذب سلطنتن تي قابض رهيا؛ انهن ۽ اڄ جي دور جي انتهائي ترقي يافته اقتداري ۽ سياسي سرشتن جي قيادتن جي وچ ۾ ڪو به بنيادي فرق آهي ئي ڪو نه. انهن حاڪمن ۽ اڄ جي حڪمرانن جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪو فرق آهي، ته فقط ايترو ته اڳوڻن دورن جا حڪمران ۽ آمر پنهنجي ظلم ۽ تشدد کي لڪائيندا ڪو نه هئا، انهن اڄ جي تمدن وارن سرشتن کان ٻچا پڙائيءَ جي تربيت ڪو نه حاصل ڪئي هئي. اهي واضح ۽ کليل لفظن ۾ ان ڳالهه جو اعلان ڪري ڇڏيندا هئا ته ڪنهن ملڪ تي سندن چڙهائيءَ جو مقصد اتان جي ماڻهن جو قتلام ڪرڻ آهي.
ان جي ابتڙ اڄ جا تمدن وارا ماڻهو ڪم ته ساڳيو ئي ڪن ٿا، پر اهي پنهنجي خونريزيءَ کي ”امن قائم ڪرڻ“ جي ڪوشش جو نالو ٿا ڏين؛ توڙي جو سندن اهڙيون دعوائون فقط ڪوڙ، فريب ۽ بي ايماني آهن. سندن دعويٰ آهي ته هو نوع بشر کي ڪمال ۽ ترقيءَ ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، پر سندن طبيعت ۾ منافقي، ڪوڙ، انسان مارڻ ۽ ٻين کي قتل ڪرڻ جي هوس اهڙيءَ ئي ريت آهي جنهن طرح اها گذريل دورن ۾ هئي. پر، اهي ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ٻين جي قتل ۽ تباهيءَ منجهان وڌيڪ لذت ٿا ماڻين۔ ان مفهوم ۾ انسان هڪ نه بدلجندڙ ۽ بيٺل وجود آهي، پر اها انساني وجود جي اها سطح آهي جنهن کي بشر ڪوٺڻ ئي درست ٿيندو.