تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انسان ۽ عشق

انسان ۽ انسانيت تي عشق جي اثرن جو تواريخي، سماجياتي، حياتياتي ۽ ذاتياتي مطالعي بابت عظيم عالمي اسڪالر ڊاڪٽر علي شريعتي جي شاهڪار ڪتاب جو ترجمو آھي جنهن جو سنڌيڪار نديم گل عباسي آھي.
Title Cover of book انسان ۽ عشق

چار جبر

چار جبر

چار قوتون اهڙيون آهن جيڪي انسان جي انسان بنجڻ ۾؛ يعني سندس پاڻ-پروڙ، چونڊ ۽ تخليقي صلاحيت جي رستي ۾ رڪاوٽ ٿيون بڻجن. هي اهي زنجير آهن جن انسان کي قيد ڪري رکيو آهي، ۽ انهن زنجيرن منجهان آزاد ٿيڻ کان سواءِ انسان لاءِ انسان بنجڻ ممڪن ئي ناهي. ان ڳالهه کي ڪجهه وضاحت سان سمجهڻ جي ضرورت آهي، ۽ ان مقصد لاءِ اسان کي انسان جي حقيقت تي غور ڪرڻو پوندو.
ڊيڪارٽ (Descartes) جو هي جملو ڏاڍو مشهور آهي، ته ”مان سوچيان ٿو، ان ڪري مان آهيان“. ڊيڪارٽ پنهنجي پاڻ-پروڙ لاءِ سوچ يا فڪر کي بنياد بڻايو آهي، پر سندس ان مشهور چوڻيءَ ۾ سندس شڪ ڳالهائي رهيو آهي. دراصل ڊيڪارٽ هر ڳالهه ۾ شڪ ڪرڻ جو عادي آهي. پهريائين هو پنهنجي وجود ۾ شڪ ٿو ڪري، ۽ پوءِ اهو استدلال ٿو ڏئي ته مان ان ڳالهه ۾شڪ ڪو نه ٿو ڪريان ته مان شڪ ڪري رهيو آهيان، ۽ جيئن ته مان شڪ ڪري رهيو آهيان، ان ڪري مان آهيان. اهو آهي پسمنظر ڊيڪارٽ جي ان مشهور چوڻيءَ جو، ته ” مان فڪر ڪيان ٿو، ان ڪري مان آهيان“. ڊيڪارٽ جي سڀني نظرين جو بنياد اها چوڻي آهي.
انسان جي هڪ ٻئي تعريف آندري زيد (ANDRE GIDE) سان منسوب آهي. هو چوي ٿو ته ”مان محسوس ڪيان ٿو، ان ڪري مان آهيان“.
ٽئين تعريف آهي البرٽ ڪاميو (ALBERT CAMUS) جي، جيڪا وڌيڪ بامعنيٰ ۽ درست آهي. سندس چوڻ آهي ته ”مان بغاوت ڪريان ٿو، ان ڪري مان آهيان.“
انساني وجود جون هي ٽي تعريفون آهن، جيڪي پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي درست آهن:
- ته هو فڪر ڪري رهيو آهي، هو آهي تڏهن ته فڪر ڪري رهيو آهي.
- ته هو محسوس ڪري رهيو آهي، هو آهي تڏهن ته محسوس ڪري رهيو آهي.
- ته هو بغاوت ڪري رهيو آهي، هو آهي تڏهن ته بغاوت ڪري رهيو آهي.
انهن ٽنهي منجهان آخري قول، يعني ” مان بغاوت ڪري رهيو آهيان ان ڪري مان آهيان“، انساني وجود جي سڀني کان بهتر وضاحت آهي. ان ڪري ته ان منجهه انسان جي هئڻ ۽ بنجڻ، ٻنهي ڏسائن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
جيستائين ماڻهو بهشت ۾ هو ۽ ان بغاوت جي عادت جو اظهار نه ڪيو هو، تيستائين سندس انساني خاصيت ظاهر ڪو نه ٿي هئي. ان وقت تائين هو انسان نه هو پر فرشتو هو، پر انسان عقل ۽ دانش جو ميوو کائي پنهنجي انسانيت جي اثبات ڪئي. پاڻ-پروڙ، شعور ۽ آزاد ارادي جون جيڪي صلاحيتون منجهس لڪيل هيون، اهي مٿس ظاهر ٿيون؛ جنهن جي نتيجي ۾ کيس ان بهشت منجهان ڪڍيو ويو، جتي کيس بنا ڪنهن جاکوڙ ۽ ڪوشش جي هر شيءِ ملي ويندي هئي ( جنهن بهشت منجهان انسان کي ڪڍيو ويو، اهو ڪيفيتي لحاظ کان ان بهشت کان مختلف آهي جنهن جو ساڻس واعدو ڪيو ويو آهي).
زمين تي انسان جي زندگي ارادي ۽ ڪوشش، جدوجهد، مقابلي ۽ ڪشمڪش تي دارو مدار ٿي رکي. جيئن هڪ ٻار والدين جي سار سنڀال جي گهيري منجهان نڪري آزاديءَ جي منزل ۾ قدم رکندو آهي، اهڙي ئي طرح انسان بهشت منجهان نڪري آزادي جي منزل ۾ قدم رکندو آهي. سو انسان بهشت منجهان نيڪالي ملڻ کانپوءِ جڏهن هن زمين تي آيو ته اها ان ڳالهه جي علامت هئي، ته هاڻي انسان آزاديءَ جي منزل تي قدم رکيو آهي، هاڻي هو پنهنجي هستيءَ جو پاڻ ذميوار آهي، هاڻي سندس سڀ معاملا ساڻس لاڳاپيل آهن، هاڻي هو هر طرح آزاد ۽ خودمختيار آهي.
دنياوي زندگيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي سنوارڻ يا بگاڙڻ جي ذميواري خود انسان مٿان آهي، جڏهن ته ٻي مخلوق جبلت پٽاندڙ زندگي گذاري ٿي. فطري قاعدا ٻي مخلوق جي حياتين کي هڪ مخصوص روش تي ٿا هلائين، اها ٻي مخلوق پنهنجي حياتيءَ جي طور طريقن جي چونڊ خود پاڻ نه ٿي ڪري، بلڪه اها هڪ خاص انداز ۾ زندگي گذارڻ لاءِ مجبور آهي.
ان جي ابتڙ، انسان اها مخلوق آهي جنهن جي پاڻ پروڙ جو نتيجو آهي ته هو پنهنجو رستو پاڻ چونڊڻ ٿو چاهي، هو پنهنجي آزاديءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ مڙني پابندين خلاف بغاوت جو اعلان ٿو ڪري. بهشت ۾ انسان جو رويو سندس آزاديءَ جو اظهار ۽ غلاميءَ کان بغاوت جو اعلان هو. اهو انسان ئي آهي جيڪو غلاميءَ کان آزاد ٿيڻ لاءِ بغاوت ڪري سگهي ٿو، ۽ اها به انسان جي ئي صفت آهي ته هو پنهنجي لاءِ اطاعت ۽ عبادت جو رستو چونڊي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن انسان بغاوت نه ٿو ڪري سگهي، يعني جيڪڏهن انسان پنهنجي زندگيءَ جي رستي جي چونڊ ڪرڻ لاءِ آزاد ناهي، ته پوءِ سندس عبادت انهن جانورن جي عبادت جيان آهي جيڪي پاڻ-پروڙ ۽ آزاديءَ کان محروم آهن. انسان کان اهڙي اطاعت گهربل ئي ناهي، جنهن جو بنياد جبر تي هجي، بلڪه انسانيت جي منصب جي تقاضا اها اطاعت ۽ عبادت آهي جنهن جي چونڊ انسان پنهنجي آزاديءَ وسيلي خود ڪري. ان ريت ٻي مخلوق جي اطاعت جبر آهي، جڏهن ته انسان جو شان اهو آهي ته سندس عبادت اهڙو جبر آهي جنهن جو بنياد اختيار تي آهي، ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته اهو خود چونڊيل جبر آهي.
سموري موجود مخلوق منجهان فقط انسان ئي اها هستي آهي جيڪا چونڊ ڪرڻ جو اختيار ۽ صلاحيت رکي ٿي. انسان جي بغاوت واري عادت ان ڳالهه جي علامت آهي ته هو چونڊ جو اختيار رکي ٿو. البرٽ ڪاميو جو اهو چوڻ ته ” مان بغاوت ڪيان ٿو، ان ڪري مان آهيان“ ان پاسي اشارو ٿو ڪري ته انسان پنهنجي فطري ماحول ۽ سماجي حالتن جي خلاف بغاوت ڪري سگهي ٿو، موجود طريقي جي نفي ڪري ان کي بدلائي سگهي ٿو. اِها ئي اُها ڳالهه آهي جيڪا انسان جي انسانيت جي گواهي ڏئي ٿي. ان جي ابتڙ ڊيڪارٽ جو اهوچوڻ ته: ”مان فڪر ڪري رهيو آهيان، ان ڪري مان آهيان،“ يا آندري زيد جو اهو چوڻ ته ” مان محسوس ڪريان ٿو، ان ڪري مان آهيان“، انسان جي وجود جو اثبات ته ڪن ٿا، ليڪن سندس انسانيت جي اثبات لاءِ ڪي ٺوس بنياد فراهم ڪو نه ٿا ڪن.