ٽيڪنالاجي
پر سوال آهي ته فطرت جي جبر کان آزاديءَ جو وسيلو ڪهڙو آهي؟ اهو وسيلو آهي فطرت جو علم. انهن قانونن جو علم جن کي فطرت جا قانون ٿو سڏيو وڃي، ۽ اهو علم ته فطرت جا اهي قانون ڪيئن ٿا انسان تي اثر انداز ٿين. ان علم کي ”سائنس“ جي اصطلاح سان سڏيو ويندو آهي. سائنس فطرت جو علم آهي، يعني فطرت جي قانونن، ۽ انهن قانونن جي انسانن تي اثرن جو علم. ۽ جڏهن انسان اهو علم حاصل ڪري ٿو وٺي، ته هو ان علم کي پنهنجي تخليقي صلاحيت ذريعي ٽيڪنالاجيءَ ۾ پلٽي ٿو وٺي. ٽيڪنالاجيءَ جو فقط هڪ ڪم آهي، يعني انسان کي فطرت جي جبر کان آزادي ڏيارڻ.
ٽيڪنالاجيءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته ان انسان جي انسانيت کي چچري ڇڏيو آهي، ۽ هڪ لحاظ کان اها ڳالهه صحيح به آهي؛ پر، اها انسان کي فطرت جي جبر کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ آهي. انسان کي پنهنجين بنيادي ضرورتن، خوراڪ، لباس ۽ گهرن لاءِ ڏينهن ۾ ٻارنهن ڪلاڪ محنت ڪرڻي پوندي هئي، ٽيڪنالاجيءَ محنت جي ان عرصي کي گهٽائي هڪ يا ٻه ڪلاڪ ڪري ڇڏيو؛ انسانيت جي باقي بچيل وقت کي ٻين سرگرمين لاءِ آزاد ڪري ڇڏيو. پر، مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته ٽيڪنالاجي جي دؤر جو انسان، ماضيءَ جي دور جي انسان جي ڀيٽ ۾ زياده وقت ٿو ڪم ڪري. مگر، ان جي ذميواري ٽيڪنالاجيءَ تي نه پر ان بورجوائي سماج تي آهي جيڪو پنهنجي پيداوار کي کپائڻ لاءِ انسانن کي وڌ کان وڌ مصروف بنائڻ ٿو چاهي، ۽ انسان وڌ کان وڌ خرچ ڪرڻ جي ڌن ۾ وڌ کان وڌ ڪمائڻ تي مجبور آهي.
بهرحال، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست آهي ته ٽيڪنالاجي انسان کي ڇوٽڪارو ڏياريندڙ آهي، جيڪا سائنس جي علم جي مدد سان انسانن کي فطرت جي جبر کان آزادي ٿي ڏياري. سائنس جي ذريعي انسان فطرت جو علم ٿو حاصل ڪري، ۽ انسان علم کي ٽيڪنالاجيءَ ۾ پلٽي فطرت مٿان سوڀارو ٿو ٿئي.
سو، فطرت جي جبر کان آزاديءَ جو ذريعو آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي.