ذات جو بنديخانو
چوٿون بنديخانو آهي ذات جو بنديخانو. انسان خود پنهنجي ذات جي خول ۾ گهيريل آهي، اڳ ڄاڻايل ٽنهي بنديخانن جي ڀيٽ ۾ هي بدترين بنديخانو آهي. هن قيد ۾ ئي ته انسان وڌ ۾ وڌ عاجز ۽ مجبور ٿو ملي. اچرج جهڙي ڳالهه اها آهي ته اڄ جو انسان ٽنهي بنديخانن- فطرت، تواريخ، سماج-جي جڪڙ منجهان ته اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آزاد ٿي چڪو آهي؛ ۽ فطرت، تواريخ ۽ سماج جي محرڪن تي سوڀ ماڻي چڪو آهي؛ ليڪن ان جي ابتڙ جيستائين چوٿين بنديخاني يعني ذات جي بنديخاني جو تعلق آهي ته ان قيد جو گهيرو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت ٿو ڏسڻ ۾ اچي.
انسان جيستائين ٽيڪنالاجيءَ سان هٿياربند نه هو؛ جيستائين هو سائنسي، تواريخي ۽ سماجي علمن کان اڻواقف هو؛ ان وقت تائين ذات جي قيد جو دائرو ايڏو سوڙهو ۽ سخت نه هو جيڏو اڄڪلهه نظر ٿو اچي. انهيءَ چوٿين بنديخاني جي قيد جي سختيءَ انسان پاران باقي ٽن بنديخانن منجهان حاصل ڪيل ڇوٽڪاري جي ڪارنامي کي به ڄڻ ته بيڪار ۽ فضول ڪري ڇڏيو آهي. اڄ جو انسان، جيڪو فطرت، تواريخ ۽ سماج جي بنديخانن منجهان آجو ٿي چڪو آهي، سو پنهنجو پاڻ کي هيڻو ۽لاچار ٿو محسوس ڪري. سائنس، ٽيڪنالاجي، صنعت، تمدن ۽ ثقافت جي مڙني ترقين جي باوجود به کيس پنهنجي زندگي کوکلي ۽ بي معنيٰ ٿي نظر اچي. پر ايئن ڇو آهي؟ ايئن ان ڪري آهي جو اهو انسان جيڪو چوٿين بنديخاني ۾ واڙيل آهي، ان لاءِ باقي ٽنهي بنديخانن منجهان آجپو مسئلن ۽ مونجهارن ۾ وڌيڪ واڌاري جو سبب بڻجي ويو آهي.
مسئلو هن ريت آهي، ته جيڪو انسان جبر جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، اهو ” ڇا ڪيان، ڇا نه ڪيان“ جي ٻڏتر کان بي نياز آهي؛ ڇو ته هو پنهنجي طور تي ڪجهه ڪرڻ جي وس ۽ اختيار کان محروم آهي، پر، اڄ جو انسان جيڪڏهن هڪ پاسي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه ڪرڻ جو وس ۽ توانائي ڪافي وڌيڪ ٿو رکي، ته ٻئي پاسي اهو سدائين جي ڀيٽ ۾ اڄ ان ڳالهه کان وڌيڪ بي خبر آهي ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي. اڄ جو انسان جيڪو ٽن بنديخانن منجهان آزاد ٿي چڪو آهي، جيڪو فطرت تي سوڀ ماڻي چڪو آهي، جيڪو تواريخ ۽ سماج جي جبر کان آجو ٿي آئيندي جي تواريخ ۽ اجتماعي سرشتي کي پنهنجي مرضيءَ ۽ ارادي مطابق پلٽڻ جو وس حاصل ڪري چڪو آهي؛ اهو ئي انسان خود پنهنجي ئي ذات جي بنديخاني ۾ باندي آهي، ۽ ان قيد کان ڇوٽڪاري جي ڪائي صورت نظر ڪو نه ٿي اچي. ان قيد جو دائرو ڏينهون ڏينهن سوڙهو ٿيندو ٿو وڃي، ۽ هن لاءِ ڇوٽڪارو ڏکيو ۽ تهائين ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي.
ان ڏکيائيءَ جو سبب هي آهي، ته ٻيا ٽي بنديخانا هڪ خارجي حقيقت آهن جن انسان جي وجود کي وڪوڙي رکيو آهي، ۽ انسان انهن بنديخانن ۾ واڙيل آهي. هي اهي قيد آهن جيڪي انسان جي وجود کان الڳ هڪ حقيقت آهن، ۽ هو پنهنجي باندي هئڻ جو احساس رکي ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته زمين جي ڇڪ يا ڪشش آهي جنهن سندس وجود کي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو آهي، ۽ ان قيد جو ئي نتيجو آهي جو انسان هوا ۾ اڏامي نه ٿو سگهي. اڏامڻ لاءِ ضروري آهي ته انسان پنهنجو پاڻ کي ڪشش ثقل کان آجو ڪري. انسان اها حقيقت ڄاڻي ٿو ۽ فقط اڄ نه ٿو ڄاڻي پر تڏهن به ڄاتائين ٿي جڏهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ اڃا ترقي ڪو نه ڪئي هئي، ۽ انسان لاڏو (بدوي) دور ۾ زندگي گذاري رهيو هو. هو اهو ڄاڻيندو هو ته درياهه ڪناري رهڻ جي مجبوري آهي ته هو شڪاري بڻجي، جهنگ ۾ رهڻ جي مجبوري آهي ته هو شڪار ڪري. انسان سدائين کان فطرت ۽ ماحول جي جبر کي محسوس ڪندو رهيو آهي، انهن گهيرن ۾ پاڻ کي قيد ئي محسوس ڪندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن بنديخانن جي چار ديواري سندس پنهنجي وجود کان الڳ هڪ خارجي حقيقت آهي. پر، جيستائين چوٿين بنديخاني- يعني ذات جي بنديخاني- جو تعلق آهي ته ان جي صورت بلڪل مختلف آهي. هن قيدخاني جو وجود انسان کان الڳ ناهي، بلڪه ان ڪوٺڙيءَ جون ڀتيون خود سندس پنهنجي وجود اندر آهن. هي اهو قيدخانو آهي جيڪو هڪ داخلي حقيقت آهي. هي پڃرو انسان پنهنجي لاءِ پاڻ ٿو ٺاهي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس انا جو بنديخانو آهي، هي سندس خوديءَ جو پڃرو آهي. مرض ۽ مريض ٻئي هڪ آهن، ان ڪري ان مرض منجهان شفا حاصل ڪرڻ سڀ کان ڏکي آهي. انسان پاڻ ئي ماريندڙ آهي، ۽ پاڻ ئي مرندڙ. خود سندس ذات سندس قيد خانو آهي، ان ڪري ان قيد منجهان ڇوٽڪارو مشڪل ترين مرحلو آهي. انسان فطرت جي بنديخاني منجهان، تواريخ جي بنديخاني منجهان ۽ سماج جي بنديخاني منجهان ته نجات حاصل ڪري چڪو آهي، پر ان جي باوجود ذات جي بنديخاني منجهان ڇوٽڪاري جي ڪا صورت نظر ئي ڪو نه ٿي اچي.
ذات جي بنديخاني منجهان آزاديءَ جي رستي ۾ هڪ ڏکيائي هيءَ آهي، ته بنديخانو ۽ باندي ٻئي هڪ آهن. ٻي ڏکيائي اها آهي، ته انسان ٻين ٽن بنديخانن منجهان علم جي ذريعي آزادي حاصل ڪري سگهي ٿو، پر ذات جي بنديخاني مان آزادي علم جي ذريعي ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته هتي حالت خود- قيد جي آهي، ۽ سندس علم هڪ قيديءَ جو علم آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اهو ماڻهو جيڪو هڪ طرف هي ٿو چوي ته ”مون کي اهو احساس ئي ڪونهي ته مون پنهنجي آزاديءَ کي خود پنهنجي وجود ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي“؛ اهو ئي ماڻهو فطرت، تاريخ ۽ معاشري جي جبر کي هڪ انسان جي حيثيت سان پوريءَ طرح محسوس ڪري ٿو، ۽ هن ڳالهه جي سگهه ۽ قابليت رکي ٿو ته هو پنهنجو پاڻ کي انهن بنديخانن کان آزاد ڪري سگهي، پر ان ڇوٽڪاري ۽ آزاديءَ جي باوجود به هو بي چيني ۽ اڻ هوند جي احساس جو شڪار آهي.
مان چاهيان ٿو، ته هن مرحلي تي اوهان آڏو هڪ حقيقت کي نڪتي ۽ قاعدي طور پيش ڪريان. هي اهو قاعدو ۽ قانون آهي جيڪو انساني تواريخ جي شروعات کان وٺي اڄ تائين پنهنجي جاءِ تي قائم آهي، ۽ تواريخ جي هر دور ۾ ان جو صحيح هئڻ ۽ ان جي سچائي ظاهر ۽ ثابت آهي. اهو قاعدو هيءُ آهي، ته جيتري قدر زندگيءَ جي مادي سطح جو تعلق آهي، ته انسان ضرورت پهريائين محسوس ڪندو آهي، ۽ ان ضرورت جي پورائي لاءِ وسيلا بعد ۾ مهيا ڪندو آهي. جڏهن ان جي مادي ضرورتن جو مڪمل پورائو ٿي ويندو آهي، ته هو بي چيني ۽ اڻ هوند ۽ بي ڪيفيءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي، ۽ هو زندگيءَ جي مادي تصور خلاف بغاوت ڪري دنيا کان پاسيرو ٿيڻ رهبانيت اختيار ڪرڻ طرف رجوع ڪرڻ چاهيندو آهي.
جديد دور ۾ وجوديت ۽ هپي ازم ماديت جي واڌ ويجهه جو لازمي رد عمل آهن. اسان جي ماضيءَ جي تواريخ ۾ مٿئين طبقي (اشرافيه)جي واڌ ويجهه تصوف جي ظهور جو محرڪ بڻي. هند ۾ (اشرافيه) جو رد عمل هندو تصوف ۽ نرواڻ جي تصور جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. اهڙيءَ ئي ريت، جديد سرمائيداري جو سرشتو پنهنجي انتها تي پهچي ماديت جي نفيءَ جي لاڙي جي اُڀار جو ڪارڻ بنجي رهيو آهي. نئين ٽهيءَ ۾ اسان انهن لاڙن کي واضح طور تي ڏسي ٿا سگهون، هيءُ عمل ۽ رد عمل جو قانون آهي جنهن کان نٽاءُ ممڪن ئي ناهي.
انسان مادي سامان ۽ شين لاءِ ان وقت تائين ڇڪ محسوس ڪندو آهي، جيستائين انهن تائين سندس پهچ نه ٿي ٿئي. جڏهن هو پنهنجين مادي ضرورتن جو پورائو ڪري وٺندو آهي، ته پوءِ کيس اهي ساڳيون ئي شيون خسيس ۽ واهيات نظر اينديون آهن. اهو ئي سبب آهي، جو جيڪي ماڻهو ماديت کي فتح ڪري وٺندو آهي، ته پوءِ هو پنهنجي انساني ذات جي تڪميل کي پنهنجو آدرش بڻائيندو آهي. اهڙو آدرش اهو اعليٰ قدر آهي جنهن تائين مڪمل پهچ ممڪن ناهي هوندي (البته انسان سڄي عمر ان جي حصول لاءِ ڪوشش ڪندو رهندو آهي.) ان ڪري ته جيڪڏهن آدرش حاصل ٿي وڃي ته زندگيءَ ۾ ماٺار ۽ جمود پيدا ٿي ويندو آهي، ۽ ماٺار ۽ جمود بي ڪيفيءَ کي جنم ڏيندو آهي.
انسان جيڪو ذات جي بنديخاني ۾ گهيريل آهي، پنهنجي سموري مادي ترقيءَ جي باوجود به بي ڪيفيءَ ۽ بي چيني ۽ اڻ هوند جو شڪار آهي، ۽ رهندو. جان ايزاله (Juan Ezala) هڪ شهزادي جو ڪردار پيش ڪيو آهي، جيڪو مٿي کان پيرن تائين هٿياربند ۽ سون، چانديءَ ۽ جواهرن سان جنجهيل آهي، مگر هڪ اندروني پيڙا جي ڪري بيچين آهي.اهو ان ڪري ته وٽس ان درد جو ڪوئي علاج ئي ناهي. ليکڪ ان شهزادي کي جديد فرانس جي علامت سڏيو آهي. پر اسان ان کي اڄ جي جديد ۽ تمدن يافته انسان جي علامت سمجهي سگهون ٿا. ان شهزادي جي روپ ۾ اسان کي اڄ جي هر ان انسان جي تصوير نظر ٿي اچي، جيڪو هٿياربند آهي، قيمتي زيورن سان جهنجهيل آهي، پر جيڪو هميشه کان وڌيڪ عاجز ۽ ڏکويل نظر ٿو اچي.
هالينڊ جي شهر روٽرڊم جي هڪ وڏي چؤواٽي تي هڪ مجسمو لڳل آهي. اهو مجسمو ڏاڍو عجيب و غريب آهي. اهو پٿر منجهان تراشيل آهي، پر ان جي صورت هيءَ آهي ته ان جا هڙئي عضوا هڪ ٻئي کان اڻ ڳانڍاپيل آهن. مثال طور، ڳچي پنهنجي جاءِ تان ڪجهه اڳتي وڌيل آهي؛ ٺوٺ ٻانهن کان اڳتي نڪتل آهي، اها ئي صورت رانن، ڀيڏين ۽ پيرن جي آهي. هر شيءِ پنهنجي جاءِ کان بيجا ٿي نظر اچي، هر عضوو ٻئي عضوي سان اڻ لاڳاپيل ٿو ڏسڻ ۾ اچي. جيڪڏهن اوهان پري کان ان مجسمي جو نظارو ڪندا ته توهان کي ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ هوا جو ڪو معمولي جهوٽو به ان مجسمي کي ڪيرائي ذرا ذرا ڪري وجهندو. ليڪن حقيقت اها آهي، ته هي مجسمو پٿر منجهان ٺهيل آهي جيڪو ايئن ڪري ڀورا ڀورا نه ٿو ٿي سگهي. مجسمو ٺاهيندڙ ان مجسمي ۾ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ جي انسان جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. پر اهو مجسمو دراصل اڄ جي دور جي انهن هڙني انسانن جي علامت آهي جيڪي طاقت ۽ وس جي لحاظ کان اڄ تمام گهڻا طاقتور آهن، پر اڄ موت جي خوف جو تمام گهڻو شڪار به آهن. آخر اهو تضاد ڇو آهي؟
هيڏي ساري مادي ترقيءَ جي باوجود به انسان تباهيءَ ۽ موت جي خوف جو شڪار ڇو آهي؟ ان جو سبب هيءُ آهي ته ٽن بنديخانن منجهان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي نتيجي ۾ انسان کي زبردست طاقت ۽ وس حاصل ٿيو آهي. اڄ جي دور ۾ انسان جيڏو گهڻو طاقتور آهي، ايڏو طاقتور هو ان کان اڳ ته ڪڏهن به ڪو نه هو. ليڪن اهو ئي انسان جيڪو زمين تي ويهي ئي مريخ تي بمباري ڪري سگهي ٿو؛ اهو عقل ۽ دانش جو صاحب، اهو غير معمولي صلاحيتن وارو انسان جيڪو زمين تي ويهي چنڊ تي لهندڙ اسپيوٽنڪ يا اڻ کٽ خلا ۾ سير ڪرڻ وارن اوزارن کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو؛ اهو ئي عظيم ۽ طاقتور انسان ايڏو ته ضعيف ۽ ڪمزور آهي جو هو دولت جي بدلي پنهنجي سمورين صلاحيتن ۽ طاقت کي نيلام ڪري ٿو ڇڏي. ان جي سڄي ساري ڌيان جو مرڪز پنهنجي آمدنيءَ ۾ واڌارو ٿو رهي، ۽ ان مقصد لاءِ هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
چيو وڃي ٿو ته اڄ به آفريقا جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ غلاميءَ جو ادارو موجود آهي. ماڻهو انهن علائقن ۾ وڃي اتان جي پوئتي پيل نيم وحشي ماڻهن کي خريد ڪن ٿا، ۽ انهن کي ٻين علائقن ۾ وڃي غلامن طور وڪڻن ٿا. ليڪن غلاميءَ جو هڪ ادارو اهڙو به آهي جيڪو مون خود پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي، اولهه ۾ ڏٺو اٿم ۽ سو به ڪيمبرج ۽ سوربون جهڙن ادارن ۾ جيڪي يورپ جا علمي مرڪز آهن. اتي ماڻهو وڪڻڻ جي هڪ ٻي شڪل آهي، اتي جسمن جو وڪرو ۽ خريداري ناهي ٿيندي، پر اتي ذهنن جو نيلام ٿيندو آهي، صلاحيتن جي ٻولي هنئي ويندي آهي؛ اتي آفريڪا جي نيم وحشي ماڻهن جي بازار ناهي لڳندي، پر هن بازار ۾ دنيا جا بهترين ذهن پنهنجو پاڻ کي نيلامي لاءِ پيش ڪندا آهن. چين، روس، اتر آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جا وڏا سرمائيدار ۽ وڏن ادارن جا نمائندا اتي ايندا آهن، ۽ انهن علمي مرڪزن جي بهترين شاگردن تي واڪ ڏيندا آهن. مثال طور: هڪڙو چوندو ته مان پندرهن هزار تومان (ايراني سڪو) ڏيندس، ته ٻيو چوندو ته اسان ان رقم کان علاوه گاڏي به ڏينداسون، ٽيون ان ۾ واڌارو ڪندي چوندو ته اسان گاڏيءَ سان گڏ ڊرائيور به ڏينداسون. ماڻهو ان ريت ٻولي لڳائيندا رهندا آهن، ۽ اهي شاگرد جن جو شمار دنيا جي بهترين دماغن ۾ ٿيندو آهي، ڪڏهن هڪڙي ڏانهن ڏسندا آهن ته ڪڏهن وري ٻئي ڏانهن نهاريندا آهن. آخرڪار پنهنجو هڪ آقا چونڊيندا آهن، جيڪو سڀني کان وڌيڪ ٻولي لڳائيندو آهي، ان جي هٿ ۾ پنهنجو پاڻ وڪڻندا آهن.
هي جديد دور جي غلاميءَ جو ادارو آهي، جنهن ۾ سرمايو اهليت کي غلام بڻائي ٿو وٺي، ۽ علم جا وڏا وڏا اڪابر دولت جي عيوض پنهنجو پاڻ وڪڻي ٿا ڇڏين. اهي علم جا اهي ماهر آهن جيڪي پنهنجي علم وسيلي انسان کي سماجي جبر کان آزادي ڏيارڻ وارا آهن. هي اهي فيلسوف ۽ تواريخ شناس آهن جيڪي تواريخ جي بنديخاني منجهان ڇوٽڪاري جي خوشخبري ٻڌائڻ وارا آهن، پر خود سندن حالت اها آهي جو غلامن جيان انهن تي واڪ ڏنو ٿو وڃي، اهي ماڻهو خود پنهنجي ذات جي بنديخاني ۾ قيد آهن. اهي پنهنجي هٻڇ ۽ لالچ جا قيدي آهن، ۽ پنهنجي هٻچ ۽ هوس جي گهرجن جو پورائو ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي غلام بڻائڻ لاءِ مجبور آهن، ۽ اهڙو انسان جيڪو پاڻ غلام هجي، اهو ٻين کي غلاميءَ منجهان ڇوٽڪارو ڏياري ئي نه ٿو سگهي. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ذات جو بنديخانو خود انسان جي پنهنجي وجود ۾ ئي پيهيل آهي. ٻين ٽن بنديخانن جي ابتڙ، جيڪي خارجي وجود رکن ٿا، هي بنديخانو داخلي آهي، ۽ انسان لاءِ اهو ڏکيو آهي ته هو خود پنهنجي ئي ذات جي خلاف بغاوت ڪري سگهي؛ ان ڪري ذات جي بنديخاني منجهان ڇوٽڪاري جو مسئلو ڳري کان ڳرو ٿي ٿو پوي.
هڪڙي ڏکيائي ٻي به آهي، ۽ اها زبردست ڏکيائي آهي. صورت هيءَ آهي ته ٻين ٽن بنديخانن منجهان ته انسان علم ذريعي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو، پر ذات جي بنديخاني منجهان علم جي ذريعي ڇوٽڪارو ممڪن ئي ناهي.