علم ۽ عشق
اسان ڏٺو ته انسان چئن بنديخانن ۾ واڙيل آهي: فطرت جو بنديخانو، تواريخ جو بنديخانو، سماج جو بنديخانو، ۽ ذات جو بنديخانو.
فطرت جي بنديخاني منجهان ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي علم، يعني سائنس ۽ ٽيڪنالاجي.
تواريخ جي بنديخاني منجهان آجپي جو ذريعو به علم آهي، يعني تواريخ ۽ تواريخ جي فلسفي جو علم.
سماج جي بنديخاني منجهان آزادي به علم جي ذريعي ئي ملندي آهي. اهو سماجيات جو علم آهي.
پر ذات جي بنديخاني منجهان آجپو علم جي ذريعي ممڪن ناهي.
جيڪڏهن انسان پنهنجي ذات جي بنديخاني منجهان آزادي چاهي ٿو، ته ان جو ذريعو علم نه پر عشق آهي.
هتي عشق منجهان منهنجي مُراد اها نه آهي جيڪو مفهوم صوفين ۽ اهل-عرفان وٽ آهي، انڪري ته انهن واري نموني جو عشق خود بنديخاني جي حيثيت رکي ٿو.
عشق منجهان منهنجي مُراد آهي اها عظيم قوت، جيڪا مصلحتن ۽ حسابي عقل کان مٿانهين ۽ بالاتر آهي. هيءَ اها عظيم قوت آهي جيڪا انسان جي باطن ۾ لڪل آهي، جيڪا سندس وجود جي گهرائين کي مٿس نشانبر ٿي ڪري. هيءَ اها باطني قوت آهي جيڪا انسان جي نفس جي برائين خلاف بغاوت ٿي ڪري. ذات جو بنديخانو داخلي بنديخانو آهي، ان ڪري ان کان ڇوٽڪاري لاءِ هڪ اهڙي قوت جي ضرورت آهي، جنهن جو سرچشمو انسان جي باطن ۾ هجي. عشق هڪ باطني قوت آهي، هيءَ اها قوت آهي جيڪا داخلي محاذ تي سرگرم عمل آهي. هي جوش، جذبو ۽ گرمائش آهي. اها پنهنجي ذات جي حقيقت ۽ ان جي گهرائين کي دريافت ڪرڻ جو طريقو آهي. عشق دليلن واري عقل وانگر ڪم ناهي ڪندو، ان جو طريقو طبعي قانونن جو پابند ناهي هوندو، پران جو طريقه ڪار عقل جي طريقه ڪار کان مختلف هوندو آهي، اهو ان لاءِ ته ان جو ڪم انسان کي باطني بنديخاني يعني ذات جي بنديخاني منجهان آزادي ڏيارڻ آهي. سوال اهو آهي ته جيڪو منطقي عقل طبعي قانون کي پڌرو ٿو ڪري، انسان ان جي ذريعي ذات جي بنديخاني مان آزادي ڇو نه ٿو حاصل ڪري سگهي.
ان جو سبب هي آهي، ته منطقي عقل فطرت جي قانونن کي نروار ڪري سگهي ٿو، علم وسيلي خارجي بنديخانن منجهان ته آجپو ڏياري سگهي ٿو، پر اهو انسان جي باطني بنديخاني جي ڀتين کي نه ٿو ڊاهي سگهي؛ ان ڪري ته اهو ڪم علم ۽ منطق جو نه پر منطق جي پهچ کان ئي ٻاهر جو آهي. پارتو (PARETO) جي بقول، اهو هڪ غير منطقي مسئلو آهي.
پارتو جو چوڻ آهي ته انسان جي ڪارونهوار جا ٽي قسم آهن: منطقي، غير منطقي، ۽ ضد- منطقي. يعني اهي افعال جيڪي منطق کان مٿانهان آهن، اهي غير منطقي آهن. انساني زندگيءَ جو اڪثر سرگرميون منطقي عملن منجهه ٿيون اچن. اسان جي رهڻي ڪهڻي، لباس، ڪم، مطالعو، غور فڪر، هڪ ٻئي جي خوشامد ۽ تعلق، اهي سڀ منطق جي اصولن تحت آهن، انهن سان تعلق رکندڙ سڀ سرگرميون منطقي سرگرميون آهن، ان ڪري ته انهن ۾ سبب ۽ اثر جو سلسلو ٿو ملي. انهن هڙني عملن جو ڪوئي نتيجو هوندو آهي، ۽ اهو نتيجو ئي انهن عملن جو محرڪ به آهي. ضد منطقي سرگرميون اهي آهن، جيڪي خود غرضيءَ ۽ خود پسنديءَ جو نمونو آهن.
جيسائين عملن جي ٽئين قسم جو تعلق آهي. اهي نه ئي منطقي آهن، نه وري ضد منطقي: اهي ته منطق جي دائري کان ٻاهر ۽ ان کان مٿانهان ڪم آهن. منطق جو سلسلو ته سبب ۽ اثر سان واڳيل آهي، ان جو احاطو انسان جي خواهشن ۽ ضرورتن ۽ انهن جي پورائي جو سامان ۽ ذريعا فراهم ڪرڻ تائين محدود آهي. منطق کان مٿانهيون سرگرميون سبب ۽ اثر جي سلسلي ۾ جڪڙيل ناهن هونديون. ان مقام تي انسان پنهنجي ذاتي فائدي ۽ نقصان جو حساب ناهي لڳائيندو، پر هو نتيجن کان بي نياز ٿي ڪو به عمل سرانجام ڏيندو آهي. هو پنهنجن سڀني مفادن کي ڪنهن اعليٰ مقصد لاءِ قربان ڪري ڇڏيندو آهي.
هيءَ قرباني ۽ ايثار جي اها منزل آهي جتي انسان آخرڪار خود پنهنجي ذات کي به قربان ڪري ڇڏيندو آهي. اسان ڏسون ٿا ته هن دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي ان ڪري باهه جي نذر ڪري ڇڏيندا آهن ته سندن سماج ظلم جي باهه کان محفوظ رهي سگهي. اهي پوري اطمينان ۽ سڪون سان پنهنجي ارادي ۽ اختيار سان، پنهنجي شعور ۽ پروڙ کي ڪتب آڻيندي خود پنهنجي قرباني پيش ڪندا آهن، هي عمل منطق جي احاطي کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن منطق جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي ته ان پاڻ ساڙڻ جو عمل جو ڪو به جواز آهي ئي ڪو نه. اهو انسان جيڪو پنهنجو پاڻ کي باهه جي حوالي ٿو ڪري، ان جو اهو عمل خود سندس پنهنجي ذات لاءِ صفا بي لاڀ ۽ بي فائدو آهي. هيءَ اها عظيم قوت آهي جيڪا انسان کي خود پنهنجيءَ ذات جي گهيري کان ٻاهر اچڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. اهڙو انسان پنهنجي نفعي ۽ نقصان کان بلند ٿي ڪري، مصلحت جي دائرن کي ٽوڙي هڙني ذاتي مفادن ۽ مصلحتن کي قربان ڪري ٿو ڇڏي. ويندي ايستائين جو هو خود پنهنجي ذات کي به قربان ڪري ٿو ڇڏي. سندس اهڙن عملن جو مقصد هوندو آهي ٻين جو مفاد. جڏهن انسان ۾ عشق جو جذبو جاڳندو آهي، ته هو ذات جي گهيري کان ٻاهر اچي زندگيءَ جي هڪ نئين سطح کي دريافت ڪندو آهي. هيءَ قربانيءَ ۽ ايثار جي سطح آهي، جتي انسان پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ٿو ڪري ڇڏي انهن اعليٰ قدرن لاءِ جن سان هو محبت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي آدرشن لاءِ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪرڻ کان به نه ٿو لنوائي.
جيڪڏهن مان اوهان سان ٻيائيءَ کان ڪم نه ٿو وٺان، ته ان جو سبب هي آهي ته اوهان مان سان ٻيائي ۽ فريب نه ڪيو. جيڪڏهن مان اوهان سان ڌوڪو نه ٿو ڪيان ته ان جو سبب هي آهي ته مان پنهنجو پاڻ کي اوهان جي ڌوڪي کان محفوظ ٿو رکڻ چاهيان. جيڪڏهن مان ڪو ڪوڙو چيڪُ جاري نه ٿو ڪيان، ته ان جو وڏو محرڪ هي هوندو آهي ته ڪاروبار ۾ منهنجي ساک قائم رهي سگهي ۽ مان چيڪ ذريعي ڏيتي ليتي ڪري سگهان. اها مصلحتي تقويٰ آهي، اها اهڙي نيڪي آهي جنهن جو بنياد مفاد ۽ مصلحت تي آهي. هيءَ اها ڳالهه آهي جيڪا عقل ۽ منطق تي ٻڌل آهي؛ پر جيڪڏهن مان ان ڪري ڪوڙ نه ڳالهايان جو ڪوڙ ڳالهائڻ خراب ڳالهه آهي، پوءِ ڀلي ڇو نه مون کي ان ڪوڙ نه ڳالهائڻ جي نتيجي ۾ نقصان کڻڻو پوي؛ جيڪڏهن مان اهڙي موقعي تي سچ ڳالهايان جنهن موقعي تي سچ ڳالهائڻ سان ڪنهن مفاد جو حصول ممڪن نه هجي بلڪه سچ ڳالهائڻ منجهان منهنجي جان کي خطرو هجي، ته هيءَ اها منزل آهي جتي ”مان“ پنهنجي حقيقت کي ٿو دريافت ڪيان. اها منهنجي انسانيت جي ظهور جي منزل آهي. اها اُها منزل آهي جتي مان بشر جي سطح کان بلند ٿي انسانيت جي سطح کي ٿو دريافت ڪريان. ان منزل تي ذات جي بنديخاني جو گهيرو ٽٽي ٿو وڃي، انسان باطني قيد کان آزاد ٿي ايمان ۽ عشق جي روشنيءَ ۾ انسانيت جي تڪميل جي رستي تي هلڻ ٿو لڳي.
نٽشي هڪ عظيم فيلسوف هو، هو پنهنجي فن جو ماهر شخص هو، جنهن کي علم ۽ فلسفي جي دنيا ۾ فخر لائق مقام حاصل آهي. پنهنجي جوانيءَ ۾ نٽشي طاقت جي فلسفي جو علمبردار هو، هو طاقت کي ئي حق سمجندو هو، سندس نظر ۾ طاقت ئي سڀ کان وڏو قدر هئي. هو ڪمزورن ۽ ضعيفن کي سهارو ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. پر سوچ جو اهو انداز جوانيءَ جي دور جو نشوهو جيڪو عمر جي موٽ سان گڏوگڏ لهڻ لڳو هو. هو سندس آخري عمر ۾ نسبتن لطيف ۽ نرم خيال رکندو هئو، سندس دل ۾ عشق ۽ محبت جا جذبا جاڳڻ لڳا هئا. هو انسان سان انسان طور محبت ڪرڻ لڳو هو. بلڪه هڪ واقعو ته اهڙو آهي جيڪو نهايت عجيب و غريب آهي، جتي اسان نٽشي جي هڪ بلڪل ئي ٻي تصوير ٿا ڏسون. ٿورو سوچي ڏسو ته جنهن ماڻهوءَ جو اهو چوڻ آهي ته رحم کائڻ ڪمزوريءَ جي علامت آهي، جنهن اهو پئي چيو ته ڪمزورن کي هن دنيا ۾ رهڻ جو ڪوئي حق ناهي، ۽ طاقتورن کي اهو حق آهي ته اهي ضعيفن ۽ ڪمزورن کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏين. اسڪيمو ايئن ئي ڪندا آهن ته جيڪي ماڻهو پوڙها ۽ ناڪاره ٿي ويندا آهن، هو انهن کي برف ۾ نڌڪڻو ڇڏي ڏيندا آهن ته جيئن اهي مري وڃن. ان جو وٽن اهو جواز آهي ته اهي ناڪاره ماڻهو دولت پيدا ڪرڻ ۾ ڪو حصو ڪو نه ٿا وٺن، بلڪه دولت کپائڻ ۾ ٿا حصو وٺن؛ ظاهري طور تي اهي ٻين تي بار بڻجي زنده ٿا رهن، ان ڪري منطقي عقل جي تقاضا اها آهي ته انهن کي موت جي حوالي ڪيو وڃي. (ظاهري سطح تي سوچ جو اهو اندازو سؤ سيڪڙو منطقي آهي). پر نٽشي سان آخري عمر ۾ هڪ عجيب و غريب واقعو پيش آيو، ۽ اهو ئي شخص، جيڪو پنهنجي جوانيءَ جي دور ۾ طاقت جي فلسفي جو علمبردار هو، ۽ ضعيفن کي زنده رهڻ جو حق ڏيڻ جو به روادار نه هو، سو پنهنجي ضعيفيءَ ۾ ڪمزورن جي حقن جو محافظ ٿو بڻجي وڃي ۽ انهن لاءِ خود پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهڻ لاءِ تيار ٿو نظر اچي. وڌيڪ حيرت ۽ لطف جي ڳالهه اها آهي ته اهو معاملو ڪنهن انسان جو نه پر هڪ بي زبان جانور جو هو. نٽشي ان جانور تي به ظلم برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ان کي بچائڻ لاءِ خود پنهنجو پاڻ کي جوکي ۾ وجهڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
واقعو هيئن ٿيو، ته هڪ ڏينهن نٽشي رستي تان گذري رهيو هو ته هن هڪ گهوڙي گاڏي ڏٺي، جنهن تي تمام گهڻو بار رکيل هو ۽ اهو گهوڙو جيڪو ان بار کي ڇڪي رهيو هو، تنهن جو پير هڪ گٽر ۾ ڦاسي پيو هو. گهوڙي ڏاڍي ڪوشش پئي ڪئي ته سندس پير کڏ منجهان ٻاهر نڪري اچي، پر گاڏيءَ تي سٿيل تمام گهڻي بار جي ڪري گهوڙي لاءِ ايئن ڪرڻ ممڪن نه هو، گاڏي هلائيندڙ کي گهوڙي جي تڪليف جي ڪا به پرواهه نه هئي، سندس خواهش ته اها هئي ته جيئن به ٿي سگهي، گهوڙو پنهنجو پاڻ کي کڏ منجهان ٻاهر ڪڍي تيزيءَ سان رستي تي ڊوڙڻ لڳي، ته جيئن هو پنهنجي سامان کي منزل تي پهچائي پئسا وصول ڪري سگهي. ان مقصد لاءِ هو گهوڙي کي بيدرديءَ سان ماري رهيو هو.
نٽشي ڏٺو ته گهوڙو مار جي خوف کان پاڻ کي کڏ منجهان ٻاهر ڪڍڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر گهوڙي گاڏيءَ تي سٿيل بار کيس پاڻ سنڀالڻ کان معذور بڻائي ڇڏيو آهي. ان ڪشمڪش ۾ گهوڙي کي نه رڳو تڪليف ٿي رهي هئي، بلڪه سندس پير به زخمي ۽ نٻل ٿي ويو. ان عظيم فيلسوف کان گهوڙي جي اها حالت برداشت نه ٿي سگهي، کيس گاڏي هلائيندڙ جي سنگ دليءَ تي گمام گهڻي ڪاوڙ لڳي، ۽ نٽشي کيس چيو ته هو گهوڙي سان ايڏي بي رحميءَ وارو سلوڪ نه ڪري، پهريائين گاڏيءَ تان بار لاهي ته جيئن گهوڙي کي اٿڻ جو موقعو ملي سگهي. گاڏي هلائيندڙ ايڏي ته ڪاوڙ ۾ هو، جو هو ان وقت ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هو. ان نٽشي جي ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي نه ڌريو. نٽشي زبردستيءَ گاڏي هلائيندڙ کي ان تشدد کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي گاڏي هلائيندڙ ايڏو ته مڇرجي پيو، جو هن خود نٽشي کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کيس ڏاڍو ماريو. ان حادثي ۾ نٽشي کي ايڏا ته ڌڪ رسيا جو انهن جي اثر جي ڪري هو ڪجهه عرصي بعد مري ويو.
هڪ معمولي جانور کي تشدد کان بچائڻ لاءِ نٽشي جهڙي عظيم فيلسوف پنهنجي زندگيءَ کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو. جيڪو به شخص اهو داستان ٿو ٻڌي، سو متضاد رد عمل جو اظهاري؛ ۽ ان جو سبب اهو آهي ته هر شخص جي ذات تضاد ۽ خامي جي شڪار آهي. هر انسان باطني طور تي ٻن ڏسائن ۾ ورهايل آهي. سو، هر انسان جون ٻه داخلي شخصيتون آهن، هڪ ڏسا اها آهي جيڪا نٽشي جي ان عمل کي عشق ۽ اخلاق جي حد کان ٿي ڏسي، ۽ سندس ان لطيف جذبي کي ساراهي ٿي، ته هن هڪ بي زبان جانور کي تشدد کان بچائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي جوکي ۾ وجهي ڇڏيو. ان ڪري جو هو هڪ بي رحماڻي، ظالماڻي ۽ مجرماڻي فعل کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. پر،انساني شخصيت جو ٻيو رخ ان واقعي کي ٻي طرح ٿو ڏسي، ته نٽشي پنهنجي فن جو هڪ ماهر مفڪر هو، ۽ ان جو هڪ جانور لاءِ پنهنجو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏڻ نهايت غير منطقي ۽ احمقاڻو فعل ٿو لڳي. ڪٿي نٽشي ۽ ڪٿي هڪ معمولي گهوڙو! ڀلا اها به ڪا ڳالهه آهي. منطق ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
بيشڪ اهو عمل نه ئي منطقي آهي، نه ئي ضد منطقي، بلڪه هيءَ ته اها سطح آهي جيڪا منطق کان مٿانهين آهي. هيءَ اخلاق جي سرحد آهي، هيءَ عشق جي منزل آهي؛ ليڪن ياد رکو ته عشق خود غرضيءَ، مفاد يا مصلحت کان بلند ۽ بي نياز ئي هوندو آهي. جيڪڏهن انسان ان لاءِ ٿو محبت ڪري ته ان جي ذريعي پنهنجي ڪا ضرورت پوري ڪري، جيڪڏهن هو ڪنهن کي ان لاءِ ٿو دوست بڻائي ته اهو به کيس دوست بڻائي، جيڪڏهن عشق ۾ خود غرضي يا مفاد پرستيءَ جو عنصر شامل آهي؛ ته پوءِ اهو عشق ناهي بلڪه ڪاروبار آهي، سودي بازي آهي، ڏيتي ليتي جو معاملو آهي؛ عشق جي معنيٰ آهي هر شيءِ کي ڪنهن مقصد لاءِ قربان ڪري ڇڏڻ، ۽ ان جي عيوض ڪنهن به شيءِ جو مطالبو نه ڪرڻ. هي ڏاڍو ڏکيو مرحلو آهي، هي اها عظيم چونڊ آهي جتي انسان پنهنجي ذات جي خلاف چونڊ ٿو ڪري. هي ايثار جي اها منزل آهي جتي هو خود پنهنجي لاءِ موت جي چونڊ ٿو ڪري، ته جيئن سندس قربانيءَ جي نتيجي ۾ ٻين کي زنده رهڻ جو موقعو ملي سگهي. هو پاڻ مري ٿو وڃي ته جيئن ٻيا زنده رهي سگهن، ۽ جيڪڏهن هو زنده رهندو آهي ته سندس زندگيءَ جو مقصد هوندو آهي هڪ آدرش جو تحفظ ۽ جٽاءُ.
هيءُ چوٿين بنديخاني مان ڇوٽڪاري جو مرحلو آهي، جتي انسان خود پنهنجي قرباني ٿو پيش ڪري، هي ايثار جو مرحلو آهي. ايثار هڪ اهڙو معنيٰ سان ڀرپور لفظ آهي جنهن جهڙو ٻيو لفظ دنيا جي ڪنهن به زبان ۾ موجود ئي ناهي. ايثار اها منزل آهي جتي هڪ انسان پنهنجو پاڻ مٿان ٻين کي اوليت ڏئي ٿو، پنهنجو پاڻ ۽ اوپري جي وچ ۾ چونڊ ڪرڻ ۾ پنهنجي مقابلي ۾ ٻين جي چونڊ ٿو ڪري. ايثار جي معنيٰ اها آهي، ته انسان پنهنجي مقابلي ۾ ٻين کي اوليت ڏئي، ويندي ايستائين جو خود پنهنجي زندگيءَ مٿان ٻين جي فوقيت کي پروڙ، شعور ۽آزادي سان قبول ڪري، ٻين لاءِ پنهنجو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏي. ايثار جي گهر اها آهي ته جيڪڏهن انسان کي پنهنجي ۽ ٻين جي وچ ۾ موت جي چونڊ ڪرڻي پوي، ته هو پنهنجي لاءِ موت جي چونڊ ڪري ٻين خاطر خود پنهنجي جان، مال، نالو ۽ حيثيت، عزت ۽ مقام، دولت ۽ آسائش قربان ڪري ڇڏي؛ ايثار جي راهه ۾ هر شيءِ جو نذرانو پيش ڪري، وٽس جيڪو ڪجهه به آهي سو قربان ڪري ڇڏي.
چوٿين بنديخاني منجهان، جيڪو ٻين ٽنهي بنديخانن جي مقابلي ۾ نهايت سخت ۽ وحشتناڪ آهي، جيڪو داخلي بنديخانو آهي، جنهن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو سمجهيو ٿو وڃي، ۽ جنهن منجهان علم وسيلي آزادي ممڪن ناهي؛ ان کان آزاديءَ جو وسيلو آهي عشق جي قوت. هيءَ اها قوت آهي جيڪا عقل ۽ منطق کان مٿانهين آهي، جيڪا انسان کي خود پنهنجي نفي ڪرڻ ۽ پنهنجي ذات جي خلاف بغاوت ڪرڻ جي همت ۽ صلاحيت ٿي عطا ڪري، ۽ انسان کي انسانيت جي ان مرحلي ۾ ٿي داخل ڪري، جتي هو ذاتي فائدي ۽ نقصان جي سطح کان بلند ٿي ڪنهن اعليٰ مقصد جي لاءِ ٻين جي لاءِ زنده ٿو رهي. هي انسان بنجڻ جو بلند ترين مرحلو آهي، ۽ هيءُ ئي اهو مرحلو آهي؛ جنهن دوران ان انسان جي عيوض، جيڪو پنهنجي ذات جي گهيري ۾ قيد آهي، هڪ اهڙي نئين ۽ باوقار انسان جو ظهور ٿو ٿئي جيڪو آزاد آهي، چونڊ ڪندڙ آهي ۽ تخليق جي صلاحيت سان مالا مال آهي.
تَتُ اهو ته انسان جي انسانيت پاڻ-پروڙ، آزاد چونڊ جي وَسَ، ۽ تخليق جي صلاحيت منجهان ٿي جڙي. انسان جي انسان بنجڻ جي رستي ۾ چار وڏيون رڪاوٽون آهن. اهي چار جبر آهن جيڪي مٿس مڙهيل آهن. اهي چار بنديخانا آهن جن کيس قيد ڪري رکيو آهي. انهن چئن بنديخانن منجهان آزادي انسان جي انسان بنجڻ لاءِ ضروري شرط آهي. انهن منجهان ٽي بنديخانا خارجي آهن، يعني ته فطرت جو بنديخانو، تواريخ جو بنديخانو، ۽ سماج جو بنديخانو.
انسان پنهنجو پاڻ کي انهن ٽن بنديخانن منجهان علم جي ذريعي آجو ڪري ٿو سگهي؛ پر چوٿون بنديخانو يعني ذات جو بنديخانو داخلي قيدخانو آهي، ان کان آزادي علم جي ذريعي ممڪن ناهي، بلڪه ان کان ڇوٽڪاري جو ذريعو اها عشق جي قوت آهي جيڪا مذهب جي حوالي سان حاصل ٿيندي آهي. ايمان ۽ عشق وسيلي انسان پنهنجو پاڻ کي ذات جي بنديخاني منجهان آزاد ڪرائي سگهي ٿو. هو خود غرضي، مصلحت شناسيءَ يا مفاد پرستيءَ جي بدلي قربانيءَ ۽ ايثار جو رستو اختيار ڪري پنهنجي انسانيت کي دريافت ڪري ٿو سگهي. انسانيت جي تڪميل ۽ ترقيءَ جو رستو آهي ايثار جو رستو، ۽ اها آهي عشق جي منزل.
ڳالهه کي سهيڙيندي، مان راڌا ڪرشن جو هڪ قول پيش ڪرڻ ٿو چاهيان. هو چوي ٿو ته انسان طور هن دنيا ۾ اسان جي زندگيءَ جو مقصد ۽ اسان جو احساس ذميواري اسان کي ان ڳالهه جي دعوت ٿا ڏين ته اسان هڪ سازش ترتيب ڏيون. ڪهڙي سازش؟ اها سازش جنهن منجهه انسان، خدا ۽ عشق ملي ڪري هڪ نئين انسان جي تخليق ڪري سگهن. اها آهي انسان جي نائبي، هر انسان کي گهرجي ته هو ان ذميواريءَ کي محسوس ڪري.