وجوديت
وجوديت جو معاملو نسبتن مختلف، ۽ ڪنهن حد تائين دلچسپ بلڪه اچرج ۾ وجهندڙ آهي. وجوديت جي علمبردارن ۾ ٻه الڳ گروهه آهن: هڪ اهو جيڪو خدا جو قائل آهي، جيئن ڪرڪ گارڊ (Kairgard) ۽ ٻيو اهي جيڪي خدا جي وجود جا منڪر آهن، جيئن هائيڊگر (Heidegger) ۽ سارتر (Sartre)؛ پر حيرت ۽ اچرج جهڙي ڳالهه اها آهي ته سارتر جهڙا خدا جي وجود جا منڪر وجوديت پسند به ان ڳالهه جا دعويدار آهن ته انسان پنهنجي نوع ۽ قسم جي لحاظ کان فطرت جي ٻي مخلوق کان نه فقط مختلف پر متضاد پڻ آهي. سارتر ما بعد الطبيعات جو قائل ناهي. پر ان جي باوجود به هو ان ڳالهه جو قائل آهي ته انسان اهو موجود آهي جيڪو فطرت جي تابع ناهي، بلڪه جيڪو فطرت مٿان تصرف ۽ اقتدار رکي ٿو، ۽ اهو به ته انسان ٻين موجودات کان نه صرف مختلف پر متضاد به آهي. ان تضاد جي صورت سارتر جي بقول هيءَ آهي، ته فطرت جي ٻي سموري مخلوقات ۾ ماهيت کي وجود تي مٿانهپ حاصل آهي، جڏهن ته انسان جي وجود کي مٿانهپ حاصل آهي. پر سارتر ايئن ڇو ٿو چوي؟ ان جو جواب خود سندس لفظن ۾ ئي هيءُ آهي، ته خدا جي انڪار جي ڪري اسان ان ڳالهه تي مجبور آهيون، ته انسان جي وجود ۽ ماهيت جي وضاحت (تعبير) ۽ توجيهه ماديت ۽ فطرت جي حوالي سان ڪيون. ان جو نتيجو اهو ٿو ٿئي، جو انسان ۽ سندس انسانيت جي باري ۾ چيو ٿو وڃي، ته ٻين شين ۾ ته ماهيت وجود مٿان مقدم آهي، پر انهن جي ابتڙ انسان هڪ اهڙي مخلوق آهي جنهن وٽ وجود پهريائين آهي ۽ ماهيت بعد ۾، ۽ اهو به ته انسان پنهنجي تقدير (ماهيت) کي پاڻ ٿو ٺاهي.
ان ڳالهه جي توجيهه هيئن ٿي ڪري سگهجي، ته جنهن وقت ڪو شخص ڪرسي ٺاهيندو آهي ته ڪرسيءَ جو وجود پهريائين ظاهر ناهي هوندو. اوهان ڪنهن واڍي کان پڇي ڏسو، ته تون ڇا ٿو ٺاهڻ چاهين؟ هو جواب ڏيندو، ته ڪرسي. اوهان پڇندؤ ته ڪرسي ڪهڙي شيءِ آهي؟ هو جواب ڏيندو ته ڪرسي هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن جا چار پاوا هوندا آهن، پٺيءَ جي ٽيڪ هوندي آهي، ان کي ڪاٺ منجهان ٺاهيو ويندو آهي، ۽ اهو به ٻڌائيندو ته جيڪا ڪرسي هو ٺاهڻ وارو آهي ان ۾ ڪهڙي قسم جو ڪاٺ ڪتب آڻيندو، ۽ ان جو رنگ ڪهڙو هوندو. جنهن وقت ڊکڻ ڪرسيءَ بابت اهي تفصيل بيان ڪندو آهي، ته ڄڻ ته هو اوهان کي ان جي ماهيت جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هوندو آهي، توڙي جو ڪرسي اڃا وجود ۾ ئي ناهي آئي هوندي، پر ڊکڻ جي ذهن ۾ ان جي ماهيت پوري ريت واضح هوندي آهي، ۽ هو ان ماهيت مطابق ڪرسي ٺاهيندو آهي. صاف لفظن ۾ اهو چئي ٿا سگهون ته جيستائين ڪرسيءَ جو تعلق آهي، ته ٺاهڻ واري جي ذهن ۾ ڪرسي ان وقت به موجود آهي جڏهن ڪرسي خود موجود ناهي، ۽ ان ئي ماهيت جي آڌار تي هو ڪرسيءَ کي وجود ٿو عطا ڪري.
پر انسان جو معاملو ان جي ابتڙ آهي. هتي وجود پهريائين آهي ۽ هي انسان جيڪو موجود آهي ان جي ماهيت بابت اڃا ڪجهه معلوم ئي ناهي. هر اهو انسان جيڪو وجود رکي ٿو، ان جي حقيقت ۽ ماهيت جو تعين بعد ۾ ٿيندو، ۽ هر شخص پنهنجي ماهيت جو تعين پاڻ ڪندو، پنهنجي تقدير کي پاڻ ٺاهيندو.
ان جو مطلب هيءُ آهي، ته ٻين موجودات جي ابتڙ (جن بابت اهو اول ئي معلوم هوندو آهي ته اهي ڇا آهن، ۽ پوءِ انهن جو وجود انهيءَ معلوم ماهيت مطابق ظاهر ٿيندو اهي) انسان جي حقيقت ۽ ماهيت نامعلوم آهي. انسان پهريائين وجود ۾ ايندو آهي، ۽ پوءِ پنهنجي ارادي وسيلي پنهنجي وجود کي ماهيت عطا ڪندو آهي، ۽ هر شخص ان باري ۾ آزاد آهي ته هو پنهنجي وجود کي ڪهڙي قسم جي ماهيت ۽ معنويت ٿو عطا ڪري. هو پنهنجي حقيقت جي پاڻ چونڊ ڪندو آهي، ۽ پنهنجي چونڊ مطابق پنهنجي وجود کي ماهيت عطا ڪندو آهي. ان ڪري سارتر جو چوڻ آهي، ته جيڪڏهن انسان کان سندس ارادي ۽ چونڊ جي صلاحيت کسي وئي، ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان ريت انسانيت جي سڄي عمارت ڊهي اچي پٽ پوندي.
سارتر ان باري ۾ فڪر مند آهي، ۽ سندس اها ڳڻتي ۽ پريشاني درست آهي، ته جيڪڏهن اسان مادي پرستيءَ يا فطرت پرستيءَ پاران ڏنل انسان جي تصور کي قبول ڪري وٺون، جيئن اڄڪلهه ڪيو پيو وڃي، ته ان جو لازمي نتيجو اهو ٿيندو ته اسان انسان جي حقيقت کي تمام وڏي حد تائين محدود ۽ بيٺل (جامد) ٿا ڪري ڇڏيون. فڪر جو هي انداز انساني ترقيءَ ۽ اوسر جي دائري کي محدود ٿو ڪري ڇڏي؛ اهو عمل پنهنجي طور تي انسان جي حقيقت ۽ عظمت کي گهتائڻ جي برابر آهي.