تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انسان ۽ عشق

انسان ۽ انسانيت تي عشق جي اثرن جو تواريخي، سماجياتي، حياتياتي ۽ ذاتياتي مطالعي بابت عظيم عالمي اسڪالر ڊاڪٽر علي شريعتي جي شاهڪار ڪتاب جو ترجمو آھي جنهن جو سنڌيڪار نديم گل عباسي آھي.
Title Cover of book انسان ۽ عشق

آزادي پر ڪهڙيءَ ريت؟

آزادي پر ڪهڙيءَ ريت؟

هاڻي اسين ان سوال ڏانهن ٿا اچون، ته انسان جبر جي انهن چئن بنديخانن کان ڪهڙيءَ ريت آزادي حاصل ڪري ٿو سگهي.
سڀ کان پهريائين فطرت جي جبر ڏانهن ٿا رُخ ڪيون، ان ڪري ته اها ڳالهه سڀني کان وڌيڪ سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي. دراصل اسان جي صدي (ويهين صدي عيسوي) فطرت جي جبر کان آزاديءَ جي صدي آهي. فطرت جي جبر جو هڪ روپ آهي آبهوا جو اثر. اسان ڏسون ٿا ته آبهوا جي فرق پٽاندڙ انسانن جون صفتون مختلف هجن ٿيون. اهي ماڻهو جيڪي خشڪ ۽ اڻ- زرخيز علائقن ۾ رهن ٿا، انهن جون صفتون درياهه ڪناري رهڻ وارن جي صفتن کان مختلف هونديون آهن. اهڙي ئي طرح اولهه جي آبهوا اوڀر جي آبهوا کان مختلف آهي، ۽ ميداني علائقن جي آبهوا پهاڙي علائقن جي آبهوا کان مختلف هوندي آهي. ان لحاظ کان جابلو ماڻهن ۽ ميداني ماڻهن جون صفتون اوهان کي هڪ ٻئي کان مختلف ملنديون. مختصر اهو ته هر علائقي جي آبهوا ان علائقي جي رهواسين تي اثر انداز ٿيندي آهي، ۽ آبهوا جي فرق جي ڪري ماڻهن جي مزاج، عادتن ۽ طور طريقن ۾ فرق پيدا ٿي ويندو آهي.
پر، اڄ اسان ڏسون ٿا ته جديد صنعت ۽ تمدن جي نتيجي ۾ انسان ڏينهون ڏينهن فطرت جي جبر کان اڃا به وڌيڪ، تهائين وڌيڪ آزاد ٿيندو پيو وڃي. اڄ جي دور ۾ آفريڪا ۾ رهڻ وارو انسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪري پنهنجي لاءِ اهو ئي ماحول ۽ اهڙيون ئي حالتون فراهم ڪري سگهي ٿو جيڪي اتر آمريڪا ۾ ٿيون ملن. يعني ته انسان جاگرافيائي اثرن جي جبر کان آزاد ٿي پنهنجي ماحول کي بدلائڻ تي قادر ٿي ويو آهي. فطرت جي جبر جي هڪ ٻي اهم شڪل آهي زمين جي ڪشش، جنهن کي ڪشش ثقل ڪوٺيو ويندو آهي. ڪافي عرصي تائين انسان ايئن سمجهندو رهيو ته ڪشش ثقل خود سندس پنهنجي ذات جو حصو (جزو) آهي، ۽ ان کان آزادي حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي؛ پر اڄ جي دور ۾ اسان ڏسون ٿا ته جبر جو اهو گهيرو ڀورا ڀورا ٿي ويو آهي. اڄ انسان ڪشش جي ان گهيري کي ٽوڙي خلائن ۾ آزادانه اڏام ڪري رهيو آهي. اهڙيءَ ئي ريت زراعت جو معاملو هاڻي قدرتي آبهوا تي دارومدار رکندڙ نه رهيو آهي، هاڻي ته هٿرادو برسات ۽ ٻين ذريعن سان زمين کي سيراب ڪرڻ جا طريقا دريافت ڪيا ويا آهن. جديد صنعت ۽ تمدن جي وسيلي هاڻي پاڻيءَ کان محروم سوڪهڙي وارين خشڪ زمينن کي ساوڪ ۾ بدلائي ٿو سگهجي، ۽ غير آباد زمين کي زرخيز زمين بڻائي ٿو سگهجي. اهو فطرت جي جبر کان انسان جي آزاديءَ جو اعلان آهي.