تواريخ شناسي
تواريخ جي جبر کان ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي، تواريخ شناسي. جيڪڏهن انسان ان ڳالهه جو شعور حاصل ڪري وٺي ته اها عظيم قوت، جنهن کي تواريخ ٿو چيو وڃي، ڪهڙيءَ ريت انسان کي پنهنجو رانديڪو ٿي بڻائي وٺي. جيڪڏهن هو تواريخ جي فلسفي کي سمجهي وٺي، ته تواريخ جو وهڪرو ڪيئن وهندو آهي، ۽ ڪهڙا قانون تواريخ جي چرپر جو تعين ڪندا آهن؛ جيڪڏهن هو تواريخي محرڪن ۽ سببن کي ڳولهي لهي ۽ اهو سمجهي وٺي ته تواريخي محرڪ ڪهڙيءَ ريت انسان جي سوچ ۽ ارادي، جذبن ۽ اخلاق کي متاثر ڪندا آهن، ته پوءِ هو تواريخ جي جبر کان ڇوٽڪاري جي واٽ ڳولهي سگهي ٿو. اسين اهو به ڏسون پيا ته اڄ جي دور ۾ تواريخ شناسيءَ جي علم ايڏي ته ترقي ڪري ورتي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انسان تواريخ جي جبر کان آزادي حاصل ڪري رهيو آهي.
اڄ جي دور ۾ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ اهڙا سماج موجود آهن جيڪي تواريخي جبر جي مروجه ۽ متعين اصولن جي بنياد تي تيزيءَ سان ترقيءَ جا مرحلا طئه ڪري رهيا آهن. مروجه اصولن مطابق تواريخي مرحلن جي ارتقا ان ريت ٿيندي آهي ته هڪ سماج تواريخ جي هڪ مرحلي کان ٻئي مرحلي تائين جو مفاصلو صدين ۾ طئي ڪندو آهي، ۽ اها ارتقا مرحلي وار ٿيندي آهي. يعني سماج تواريخ جي هڪ مرحلي کان ٻئي مرحلي ۾، پوءِ ٽئين، پوءِ چوٿين، پوءِ پنجين ۽ ان کان پوءِ ڇهين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مجبور آهي. اهو آهي تواريخي جبر جو نظريو.
پر اسين ڏسون ٿا ته هي سماج جيترو گهڻو تواريخي شعور حاصل ڪندا ٿا وڃن، ۽ جيتري حد تائين انهن جا دانشور تواريخي محرڪن ۽ سببن ۽ انهن محرڪن جي اثرن ۽ نتيجن کان باخبر ٿيندا ٿا وڃن، ان ئي نسبت سان انهن سماجن جي تواريخي ارتقا جي رفتار تيز ٿيندي ٿي وڃي. مثال طور، هڪ سماج جيڪو تواريخي ارتقا جي ٽئين مرحلي ۾ آهي، تواريخي جبر جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري، چوٿين ۽ پنجين مرحلي منجهان گذرڻ کان سواءِ ئي ارتقا جي ڇهين مرحلي ۾ داخل ٿي ٿو وڃي.
تواريخ جي هر دور ۾ هر سماج جو ارتقائي سفر تواريخ جي جبر جو پابند رهيو آهي. تواريخ هڪ مرحلي کان ٻئي مرحلي ۾ ڏاڪي به ڏاڪي ئي داخل ٿيندي رهي آهي. تواريخ جو اهو مرحليوار سفر تواريخ جو جبر آهي. سماجي زندگي تڏهن ئي ان جبر جي گهيري منجهان نڪري ٿي سگهي؛ جڏهن تواريخ، ان جي قانونن ۽ محرڪن جو شعور حاصل ڪري سگهجي. اڄ جو انسان تواريخ جي پروڙ ۽ شعور حاصل ڪري رهيو آهي، هو تواريخ جي چرپر جي محرڪن ۽ قانونن جا اسرار ظاهر ڪري رهيو آهي؛ ۽ جنهن حد تائين هو تواريخ شناسيءَ جي ميدان ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، ان ئي نسبت سان هو پنهنجو پاڻ کي تواريخ جي جبر کان آزاد ڪري رهيو آهي. هو تواريخي ارتقا جي متعين ٿيل مرحلن کان پاسيرو ٿي پنهنجي ارتقا جو رستو پاڻ چونڊي رهيو آهي.
سو، انسان جنهن حد تائين تواريخ جو شعور ٿو حاصل ڪري، ان حد تائين هو تواريخي جبر کان آزاد ٿي ٿو وڃي؛ ان ئي سبب جي ڪري، هڪ سماج جيڪو ڪالهه تائين لاڏو، قبائلي يا غلاميءَ واري دور ۾ هو، اڄ هڪدم صنعتي ۽ بورجوائي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. سماج جي اها انقلابي ارتقا تواريخ جي جبري ارتقائي عمل کان صفا مختلف ۽ متضاد آهي، ۽ اهو تواريخ جي سڃاڻپ ۽ تواريخي قانونن ۽ محرڪن جي انڪشاف ذريعي سماج کي تواريخ جي جبر کان آزاد ڪرائڻ جو طريقو آهي.
ٽيون جبر، جنهن جو انسان شڪار آهي، اُهو آهي سماجي جبر. اڳوڻي دور ۾ هر فرد پنهنجي سماج جي گهرجن مطابق تربيت حاصل ڪندو هو، پر اڄ جي دور ۾ سماج شناسيءَ جو علم ترقي ڪري رهيو آهي. اجتماعي ۽ طبقاتي لاڳاپن جي حقيقت واضح ٿيندي پئي وڃي. انسان فلسفي، سياست ۽ حڪومت کي سمجهندو ٿو وڃي، سندس اجتماعي شعور ترقي ڪري رهيو آهي، ۽ سماج شناسيءَ جي نتيجي ۾، بجاءِ ان جي جو سماج فرد جي جوڙجڪ جو تعين ڪن. فرد سماجي شڪل کي بدلائي رهيا آهن. اڳوڻي دور ۾، جڏهن انسان قبائلي، لاڏو (بدوي) يا زرعي سماجن ۾ زندگي گهاريندا هئا، ته ڪنهن فرد جي ذهن ۾ ڪو معمولي شڪ به ڪو نه اڀرندو هو ته هو انهن ڳالهين کي شڪ جي نظرن سان ڏسن. سندن لاءِ اهي هڙئي ڳالهيون چٽيون، ابدي، لازوال ۽ تبديليءَ کان مٿانهيون حقيقتون هيون. هو انهن سماجي محرڪن کي سج ۽ آسمان جهڙن فطري لقائن جيان روشن، ثابت ٿيل ۽ تبديليءَ کان مٿانهيون ڀائيندا هئا.
سندن ذهنن منجهه انهن ڳالهين خلاف شڪ ڪرڻ يا انهن کان بغاوت ڪرڻ، يا هڪ سرشتي کي رد ڪري ٻئي سرشتي کي چونڊڻ جو ڪو تصور پيدا ٿيڻ به ممڪن ئي نه هو. انهن فردن کي سندن اجتماعي سرشتي جنهن سانچي ۾ پلٽي ڇڏيو هو، تنهن کي انهن بنا ڪنهن سوال جواب جي تسليم ڪري ڇڏيو هو. انهن جي ذهني ۽ فڪري تربيت اهڙن رخن ۾ ٿي هئي، جو انهن لاءِ پنهنجي اجتماعي سرشتي جي ڪنهن نڪتي کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ ممڪن ئي نه هو. پر اڄ جو انسان ڪنهن مذهب کي به اختيار ڪري ٿو، ته پنهنجي اختيار ۽ پروڙ سان ٿو اختيار ڪري، ۽ جيڪڏهن ان کي رد ٿو ڪري ته به پروڙ ۽ اختيار سان ٿو رد ڪري. يعني اڄ جي انسان جي فڪر ۽ عمل جو طريقو اڳوڻي دور جي انسان کان مختلف آهي، ۽ فڪر ۽ عمل جي انهن ڏسائن جو اهو فرق علمي ترقيءَ جو نتيجو آهي.
جيڪي محرڪ اجتماعي جبر طور فرد تي مڙهجي ٿا وڃن يا کيس متاثر ٿا ڪن، انهن منجهه مذهب وڏي اهم حيثيت ٿو رکي. پر، اڄ جي دور ۾ انسان انهن اثرن کان ڪافي حد تائين آزاد ٿي چڪو آهي. مٿس ڪنهن به مذهب کي اجتماعي جبر طور مڙهي نه ٿو سگهجي؛ هاڻي انسان کي ان ڳالهه جو اختيار حاصل آهي ته هو ڪنهن مذهب کي رد ڪري يا قبول ڪري.
پيداواري سرشتو، معاشي سرشتو، ملڪيت جو سرشتو، اجتماعي روايتون ۽ لاڳاپا، طبقاتي ڳانڍاپا، خانداني ۽ اجتماعي حق ۽ فرض، جن کي ماضيءَ ۾ ازلي ۽ ابدي، تبديليءَ کان مٿانهون ڄاتو ويندو هو، ۽ جن کي مقدس آسماني ۽ غيب کان نازل ٿيل قانونن واري حيثيت حاصل هوندي هئي، اهي هاڻي پنهنجي قديم حيثيت وڃائي چڪا آهن. اڄ جو انسان انهن ڳالهين کي هڪ جبري حقيقت طور قبول نه ٿو ڪري، بلڪه هو انهن مڙني معاملن بابت غور ۽ فڪر ڪري خود فيصلو ٿو ڪري. خود چونڊ ٿو ڪري.
هو اجتماعي عقيدن ۽ نظرين، ريتن ۽ رواجن تي تنقيد ٿو ڪري. هو انهن ۾ ترميم ۽ اصلاح ڪري سگهي ٿو، انهن کي صفا بدلائي به سگهي ٿو؛ اجتماعي سرشتي ۽ مذهب ۾ انقلاب ۽ ڦير گهير به آڻي سگهي ٿو. اهي سڀ ڳالهيون ان ڳالهه جي نشاندهي ٿيون ڪن، ته انسان، گهٽ يا وڌ، پنهنجو پاڻ کي اجتماعي سرشتي جي جبر کان آجو ڪري چڪو آهي، ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان سندس آزاديءَ جي حد ۾ تهائين واڌارو ٿيندو ٿو وڃي.
انسان پنهنجو پاڻ کي سماجي جبر کان ڪهڙي ريت آزاد ڪري سگهي ٿو؟ سماج شناسي ۽ اجتماعي علمن وسيلي هاڻوڪي دور جو انسان اجتماعي سرشتن جي مطالعي، تجزئي ۽ ڀيٽ جي صلاحيت رکي ٿو، ۽ پنهنجي ان علمي صلاحيت جي وسيلي ئي، يا ٻين لفطن ۾ ايئن چئجي ته پنهنجي سماج شناسيءَ جي ذريعي، پنهنجو پاڻ کي سماج جي جبر کان آزاد ڪري ٿو وڃي. ان ريت، سماج شناسيءَ جي علم کي بنياد ۽ وسيلو بڻائيندي اڄ جو انسان اجتماعي سرشتن جي جبر ۽ قبصي خلاف جاکوڙ ڪرڻ جا اوزار ٺاهي چڪو آهي.
تت اهو، ته پهرئين بنديخاني يعني فطرت جي بنديخاني منجهان آزاديءَ جو ذريعو آهي فطرت جو علم، جنهن کي سائنس چوندا آهن، جڏهن انسان فطرت جو علم حاصل ڪري ٿو وٺي، ته پوءِ سندس فطرت مٿان سوڀارو ٿيڻ ممڪن ٿي ٿو وڃي؛ کيس فطرت جي جبر کان ڇوٽڪارو ملي ٿو وڃي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ءَ جي ذريعي انسان فطرت جي جبر ۽ گهيري کان آجو ٿي پنهنجي پاڻ-پروڙ، آزاديءَ ۽ تخليقي صلاحيت کي حاصل ڪري سگهي ٿو.
ٻئي بنديخاني، يعني تواريخ جي بنديخاني منجهان آجپي جو وسيلو به علم ئي آهي. تواريخ جي علم جي ذريعي انسان تواريخ جي فلسفي کي سمجهي ٿو، ۽ پنهنجو پاڻ کي تواريخي محرڪن ۽ سببن جي جبر ۽ تسلط کان آزاد ڪري ٿو وٺي.
ٽئين بنديخاني، يعني اجتماعي سرشتي جي بنديخاني منجهان ڇوٽڪاري جو وسيلو به علم ئي آهي. جڏهن انسان سماجي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو وٺي، ته هو پنهنجو پاڻ کي اجتماعي سرشتي جي جبر کان آجو ڪري ٿو وٺي، ۽ اجتماعي سرشتي ۾ پنهنجي ارادي سان ترميم ۽ اصلاح ڪري سگهي ٿو.