تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انسان ۽ عشق

انسان ۽ انسانيت تي عشق جي اثرن جو تواريخي، سماجياتي، حياتياتي ۽ ذاتياتي مطالعي بابت عظيم عالمي اسڪالر ڊاڪٽر علي شريعتي جي شاهڪار ڪتاب جو ترجمو آھي جنهن جو سنڌيڪار نديم گل عباسي آھي.
Title Cover of book انسان ۽ عشق

پاڻ پروڙ، چونڊ

پاڻ پروڙ، چونڊ

انسان پاڻ-پروڙ سميت موجود آهي. سڄي ڪائنات ۾ فقط انسان کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو پاڻ-پروڙ جي منزل تائين پهچي سگهيو آهي.
پاڻ-پروڙ جا ٽي پاسا آهن: خود پنهنجي ڪيفيت ۽ فطرت جو ادراڪ، ڪائنات جي ٻين موجودات جي حقيقت جي ڄاڻ، ۽ ان ڪائنات سان پنهنجي ناتي جي نوعيت ۽ ڪيفيت جو شعور.
بشر جنهن حد تائين انهن ٽن بنيادي ڳالهين بابت پروڙ حاصل ڪندو ٿو وڃي، ان حد تائين هو انسان بڻجندو ٿو وڃي.
پاڻ-پروڙ انسان جي پهرئين صفت آهي. ٻي صفت اها آهي ته انسان چونڊ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. يعني مڙني موجودات منجهان فقط انسان ان ڳالهه جو اختيار ٿو رکي ته هو فطرت خلاف، سماجي حالتن خلاف، ۽ ويندي خود پنهنجي جسماني ۽ نفسياتي ضرورتن خلاف، ۽ پنهنجين طبعي ۽ جبلتي گهرجن خلاف، بغاوت ڪري سگهي. انسان ان شيءِ جي چونڊ ڪري ٿو سگهي، جنهن لاءِ نه فطرت کيس مجبور ٿي ڪري، نه ئي سندس جسماني گهرجون کانئس ان جو مطالبو ٿيون ڪن. هي انسان جي انسانيت جو بلند ترين مرحلو آهي.
هر جبر ۽ دٻاءَ کان آزاد ٿي چونڊ ڪرن جي صفت خالص خدائي صفت آهي، جنهن جو عڪس انسان ۾ ملي ٿو. ٻين جاندارن جي صورتحال اها آهي ته سندن جسماني ۽ جبلتي گهرجون سندن زندگيءَ جو رخ مقرر ٿيون ڪن، ۽ هو انهن گهرجن کي رد ڪرڻ يا انهن جي ابتڙ چونڊ ڪرڻ جي صلاحيت ڪو نه ٿا رکن. رڍن وٽ اهو وس ڪونهي ته هو سندن جنسي هيجان کي اڀرڻ کان روڪي سگهن، ۽ جڏهن اها ڪيفيت نمايان ٿيندي آهي ته، انهن وٽ ان جنسي جذبي جي پورائي کان علاوه ٻيو ڪو رستو ئي ناهي هوندو؛ پر جڏهن ان هيجان جي مند گذري ويندي آهي ته پوءِ رڍون جنسي مسئلي کي صفا وساري ڇڏينديون آهن. ڪنهن جذبي جو اڀرڻ، ان جي پورائيءَ لاءِ مجبور ٿيڻ ۽ پوءِ ان بابت هر ڳالهه وساري ڇڏڻ، اها ئي مڙني جانورن جي خصوصيت آهي.
پر، جيستائين انسان جو تعلق آهي، ته انسان نه فقط عالم-فطرت جي جبر کان انڪار ٿو ڪري، پر خود پنهنجي جبلت ۽ فطرت جي گهُرجن جي خلاف بغاوت جي صلاحيت به رکي ٿو۔ هو ذاتي بچاءَ جي جبلت کي رد ڪري خود ڪشي ڪري سگهي ٿو، هو پنهنجي انا جي گهرجن کي رد ڪري ايثار ۽ قرباني اختيار ڪري سگهي ٿو، هو ٻين جي ڪري يا ڪنهن نظرئي جي خاطر پنهنجي جان قربان ڪري سگهي ٿو. سندس فطري گهرجون کيس حياتيءَ جي اهڙي رستي ڏانهن ٿيون ڇڪين جيڪو آرام ۽ آسائش جو رستو آهي، ليڪن انسان ان رستي کي ترڪ ڪري بغاوت ۽ انقلاب جو رستو اختيار ڪري سگهي ٿو؛ جنهن رستي تي آرام ۽ آسائش بدران سختي، ڪشمڪش ۽ جدوجهد سان واسطو پوي ٿو؛ ۽ هو اٽي لٽي جي پٺيان رلڻ بدران زهد ۽ پارسائيءَ جي چونڊ ڪري سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو ئي آهي ته انسان ئي اها اڪيلي مخلوق آهي جيڪا فطرت، سماج، ماحول، جبلت، مطلب ته هر قسم جي خارجي ۽ داخلي جبر ۽ گهرجن کي رد ڪري آزاديءَ سان چونڊ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.