انسان ۽ انسانيت
انسان جو جوهر اها بلند حقيقت آهي جنهن کي انسانيت ڪوٺبو. بشريت ته انساني وجود جي طبعي سطح آهي، ۽ انسانيت ان جي معنويت واري سطح آهي. بشر لاءِ ضروري آهي ته اهو پنهنجي معنويت کي ڳولهي. بشر جي جدوجهد آهي انسان بنجڻ جي جدوجهد، ۽ اها جدوجهد انهن خاصيتن جي ڳولها آهي جن کي آدرش چيو وڃي ٿو. آدرشي خاصيتون طبعي خاصيتن جيان موجود ناهن هونديون، بلڪه انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهي ۽ مسلسل جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئي سگهجي ٿو ته انسان، بشر جيان موجود حقيقت ناهي؛ پر گهربل حقيقت آهي. بشر جو مقصد آهي انسان بنجڻ، پر انسان بنجڻ جي عمل جي ڪا به حد مقرر نه ٿي ڪري سگهجي. انسان بنجڻ جو عمل هڪ مسلسل ارتقائي عمل آهي، ان ڪري جو انساني عظمتن جا امڪان لامحدود آهن.
قرآن ڪريم جي آيت ”انا لله وانا اليه راجعون“ انسان شناسيءَ جي فيلسوفي آهي. ”اليه راجعون“ جو مطلب هي آهي ته انسان مسلسل پنهنجي رب ڏانهن رجوع ڪري رهيو آهي. ”اليه“ جي معنيٰ آهي الله جي طرف، ۽ اهو لفظ منهنجي فڪر کي چٽو ڪرڻ ۾ ڪنجيءَ جي حيثيت رکي ٿو. مان تصوف وارن جي ان نظريي سان متفق ناهيان، ته انسان خدا تائين ان ڪري رسائي حاصل ڪري ٿو سگهي، جو خدا تائين رسائي حاصل ڪرڻ جو مطلب آهي خدا کي هڪ اهڙو ثابت نڪتو تصور ڪرڻ، يعني هڪ اهڙو نڪتو جنهن تائين پهچي انسان جو ارتقائي سفر بيهجي ٿو وڃي. ”اليه“ جي معنيٰ آهي خدا جي طرف. اهو انسان جي سفر جو رخ آهي ۽ ان سفر جي ڪا به منزل ناهي؛ اهو ان ڪري ته خدا ڪو ثابت نڪتو ناهي، ان جي لاءِ ڪائي جڳهه ۽ ڪا به حد مقرر نه ٿي ڪري سگهجي. خدا اها ابدي ۽ مطلق حقيقت آهي، جيڪا لامحدود آهي ۽ جنهن تائين پهچ ممڪن ناهي، پر جنهن جي طرف انسان کي رجوع ڪرڻو آهي.
ان ڪري الله جي طرف انسان جو سفر مسلسل جاري رهڻ وارو سفر آهي؛ اهو هڪ اهڙي ڪمال واري منزل طرف سفر آهي، جنهن تائين پهچ ناممڪن ناهي. انسان ان رستي تي جيترو اڳتي وڌندو ويندو. اوترو ئي سندس ڪمال جي درجي ۾ واڌارو ٿيندو ويندو، پر هو مطلق ڪمال تائين نه ٿو پهچي سگهي. ان ئي سبب جي ڪري سندس اهو سفر ڪڏهن به ختم نه ٿو ٿي سگهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته انسان بنجڻ جو عمل، ڪمال جي طلب جو هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو هميشه جاري ٿو رهي، جنهن ۾ ٽڪاءَ جو ڪو هنڌ ئي ناهي، ڄڻ ته انسان بنجڻ جي معنيٰ آهي پنهنجن ڪمالن (عظمتن) ۾ ترقي جي مسلسل ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ واري جدوجهد.