ڪھاڻي –ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪھاڻيڪارائون
ABSTRACT: Kahani-Kala and the female writers of the Sindhi literature
Literature is a kind of intellectual light, a body of written works steeped in verse and prose. Prose and poetry are the main parts of literature. Sindhi literature has various forms of Prose and poetry. In Prose there are forms such as Novel, Drama, Short story, Essay, research article, Biography, Autobiography , Life sketch , Travelogue, Letter, Diaries etc. and in Poetry Wai, Bait, Kafee, Geach, Nazam, Azad Nazam, Ghazal, Geet, Rubai, Chousita, Prose Poem etc. are available.
The work of our female writers are spread in both geners, since pre-partition. Their work is mainly countable in Sindhi Short story.
Now a days there are many short stories of female writers on different topics are available in various magazines and journals and a number of short story books are published in Hind and Sindh.
In my research Paper “Kahani Kala and the female writers of Sindhi Literature”. I have tried to give the importance of the genre of the short story and especially focus the valuable contribution of women writers in this genre of Sindhi prose.
The Paper under discussion also shows the struggle, which was waged by the women writers of Sindhi literature, Sindhi women to preserve their identity and become a role for their culture and society. Among them especially Professor Popati Hiranandani. Sundri Utamchandani. Mahtab Mehboob, Kala Parkash, Retta Shahani. Dr. Fahmida Hussain, Noor-ul-Huda shah, wrote on many problems of society and in this article here is a brief review of their contribution in short story with a clear concept.
ڪھاڻي لکڻ، پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ هڪ وڏو ڏانءَ ۽ ڏات آهي. ڪھاڻي ڪيئن سِرجي ٿي؟ ڪھڙيءَ ريت هڪ سٺي ڪھاڻي (مڪمل ٽريٽمنٽ ۽ اثر انگيزيءَ جي لحاظ کان) لافاني بنجي، ڪلاسڪ ادب (Classic Literature) جي حيثيت ماڻي ٿي، اهو فقط ئي فقط انھيءَ ڪھاڻيڪار جي فطري ۽ فني صلاحيتن مطالعي، مشاهدي ۽ ماحول تي مشتمل آهي.
ڪوبہ رچناڪار/ڪلاڪار جڏهن بہ سچائيءَ سان سماج جي ڪنھن بہ چڀندڙ واقعي/ ڳالھہ جو حصو بنجي وڃي ٿو، تڏهن سندس لاشعوري ڪيفيتون انھيءَ رچنا جي سِرجڻ، گهڙجڻ ۽ فنائتو ٿي سامھون اچڻ جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. ٻين لفظن ۾ ايئن چونداسين تہ ادب سماج جو آئينو ۽ اديب ان آئيني جو اثرائتو عڪس چٽيندڙ ڪلاڪار آهي. اديب، عالم، شاعر قومن جا اهي ڏاها (Intellectuals) آهن، جيڪي پنھنجي قلم جي قوت سان سماجي حياتيءَ جي هر رخ کي گهرائيءَ سان پرکي، پروڙي حساس دل ۽ نظر سان عام جي اڳيان آڻين ٿا. جيڪڏهن وٽن فڪري، ۽ فني قوت سچي ۽ سگهاري آهي تہ پوءِ سندن قلم سان ازخود هڪ عظيم لافاني ادب وجود ۾ اچي ٿو. انھيءَ کي نورالھديٰ شاھہ پنھنجي لفظن ۾ هن ريت واضح ڪري ٿي تہ، ”ليکڪ جي دل ان جي لفظ لکندڙ آڱرين ۾ ڌڙڪندي آهي ۽ انھن لفظن کي ڏسندڙ اکين ۾ بہ، پنھنجي ئي لفظن تي ليکڪ جا پير پگهرجي ويندا آهن. ڪيفيتن جو سمنڊ ڪيئن ڇُلي ۽ ڇوليون هڻي ٿو ۽ اهي ڪيفيتون ڪيئن لفظ ماڻين ٿيون؟ پيڙا ڪيئن قلم ۽ مَس جو روپ ڌاري ٿي ۽ خيال ڪيئن نازل ٿئي ٿو؟ ڪيئن قلم پٺتي رهجي وڃي ٿو ۽ ڪيفيتون ۽ لفظ ان کان پاڻ ڇڏائي لاشعور کان شعور ڏانھن اٿل کائين ٿا جو ليکڪ سڀ ڪجهہ لکي لاهڻ کان پوءِ بہ اڻ ڄاڻ ۽ حيران رهجي وڃي ٿو.“ (1)
معنيٰ تہ مھان ڪلاڪار پنھنجيءَ ڪلا ۾ شعوري ۽ لاشعوري ڪيفيتن سان مڪمل طور ضم ٿي وڃي ٿو. ڪنھن بہ ڪلا/ فن جي پرک ۽ پروڙ لاءِ نقادن ۽ ماهرن ڪي اصول پڻ مقرر ڪيا آهن. مٿئين موضوع سان انصاف ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ اهو ڏسون تہ ڪھاڻيءَ جي صنف ادب ۾ ڪھڙيءَ ريت رائج ٿي ۽ ان جو ارتقا ۽ ڦھلاءُ ڪيئن عمل ۾ آيو ۽ سنڌي ادب ۾ ڪھاڻيءَ جي شروعات ڪڏهن کان ٿي؟ ۽ ان ۾ اسان جي ڪھاڻيڪارائن جي شموليت جو معيار ڇا آهي؟
ڪھاڻي ادب ۾ جُڳن کان موجود ۽ هلندڙ آهي. قديم مافوق الفطرت آکاڻين، منظوم عشقي/ رومانوي قصن، جنگي/ رزمي داستانن ۽ نصيحت جي نڪتن ۽ حڪايتن مان تبديل ٿي انيڪ تجربن مان لنگهي، فني خوبين سان نوازجي جديد مختصر ڪھاڻي وجود ۾ آئي آهي. محققن موجب تہ،
”دنيا جو هر نثري ادب ڪھاڻيءَ کان شروع ٿيو ۽ هر ٻوليءَ جي ڪھاڻيءَ جي شروعات ڏند - ڪٿائن کان ٿي آهي.“(2)
”ڪھاڻيءَ جو فن عيسوي سن کان اٽڪل چار هزار سال پراڻو آهي.“ (3)
جديد ڪھاڻي مٿي ڄاڻايل قديم آکاڻي نہ آهي، جا جيئن جو تيئن ٻڌل ۽ ٻڌايل ڳالھہ وانگر پني تي لاٿي وڃي. موجودہ مختصر ڪھاڻيءَ (Short Story) جو فن وري بہ جداگانہ حيثيت رکي ٿو. اهو فن داخلي، خارجي ۽ روحاني هئڻ سان گڏ عوامي فن آهي، جنھن ۾ عام جا ڏک سک، خواهشون، خواب، سوچون، ويچار، عزم ارادا ۽ اندر جا اڌما، ليکڪ جي قلم مان اٿل کائي سامھون اچن ٿا. نثر جي هن همہ گير صنف ۾ لطافت، نزاڪت، جذبن ۽ احساسن جي گهرائي، تھذيب ۽ ثقافت جي ترجماني، فڪري پختگي، ٻوليءَ جي سونھن، سماجي حَيقت نگاري، سچيتيءَ جو وهڪرو، زمان، مڪان ۽ ماحول جي مطابقت ۽ ٻيون انيڪ فني خوبيون ۽ تخليقي خاصيتون گهربل آهن. ڪھاڻيڪارن مختصر ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ شروع کان موجودہ دور تائين گهڻاڻي فني تجربا ڪيا آهن. ساهت جي هِن سگهاريءَ صنف ۾ حياتيءَ جا حقيقي رنگ ڀرڻ سان گڏ ڪردار نگاريءَ جي توازن ۽ آغاز ۽ انجام کي منفرد حيثيت ڏني وئي آهي. رمزيت، وحدت، تاثر، جامعيت ۽ مواد جي فنڪارانہ ترتيب سان گڏ اختصار ۽ اثر انگيزيءَ کي اولين اهميت حاصل آهي. خوابي ۽ خيالي دنيا جي بجاءِ عملي ڪارڪردگيءَ ۽ جيون جي تلخ سچاين کي سمايو ويو آهي. مطلب تہ مختصر ڪھاڻي مٿين فني خوبين سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ جي ترجماني ڪندڙ مڃيل نثري صنف آهي، جنھن جو لکندڙ جامي چانڊيو جي نظر ۾ ”آرٽسٽ سرجن“ آهي.
”ڪھاڻيڪار ماهر سرجن بہ آهي جو سماجي حقيقتن جي چيرڦاڙ ڪري ٿو تہ گڏوگڏ هڪ آرٽسٽ پڻ آهي جو زندگيءَ ۾ حُسناڪيون تخليق ڪرڻ لاءِ حُسناڪيون پيدا ڪري ٿو.“ (4)
مختصر ڪھاڻيءَ جي وصف ۾ اختصار پھريون اُصول آهي، جنھن کي ماهرن هن ريت پڻ بيان ڪيو آهي:
Short Story: a story, usually about imaginary characters and events. That is short enough to be read From begining to end without stopping. (5)
امر جليل ڪھاڻيءَ کي انساني حياتيءَ جي ڪنھن هڪ جذبي ۽ واقعي جو ترجمان سڏي ٿو:
”ڪھاڻي اظھار آهي زندگيءَ جي غم، خوشي، ڏک، سک، ڪاوڙ، رحم، انتقام، نفرت ۽ محبت جي ڪروڙين گهڙين مان هڪ گهڙيءَ جو، جيڪا ڪھاڻي زندگيءَ جي انيڪ گهڙين مان فقط هڪ گهڙي، انيڪ آزمائشن مان فقط هڪ آزمائش ۽ انيڪ حادثن مان فقط هڪ حادثي جي عڪاسي ڪري سا فني طور Short Story يا مختصر ڪھاڻي سڏي سگهجي ٿي.“ (6)
مٿي ڄاڻايل ڪھاڻيءَ جي وصفن کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو تہ مختصر ڪھاڻي سماج جي روزمرہ جي زندگي ۽ انساني ڪردارن جو اثرائتو عڪس آهي، جنھن ۾ ڪھاڻيڪارن ٻوليءَ جي سونھن سان گڏ فن، موضوع ۽ مواد ۾ معياري تجربا ڪري. بياني، واقعاتي، مطالعاتي، تاثراتي، ڪرداري، ڊائري نما ۽ خط وڪتابت وارين ڪھاڻين کان علاوہ ٻين فني نمونن سان ڪھاڻيون لکيون آهن. اوڻھوين صديءَ ۾ تخليق ٿيل نثر جي هن لازوال صنف کي پوريءَ دنيا جي تقريبًا سڀني سڌريل ٻولين جي ادب ۾ اوچو مقام حاصل آهي. دنياوي ادب ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪھاڻيون لکيون ۽ ڇپيون آهن. اثر انگيزيءَ ۽ اختصار سبب ڪھاڻين جي اشاعت هر اخبار ۽ رسالي جي زينت بڻجڻ لڳي آهي. انھيءَ ڪري ئي اڄ مختصر ڪھاڻي ادب ۾ گهڻي ۾ گهڻي پڙهي، لکي ۽ ڇاپي وڃي ٿي.
جديد مختصر سنڌي ڪھاڻيءَ جي ابتدا ويھين صديءَ ۾ ٿي آهي. انگريزن جي دور ۾ نثر جي ادبي صنفن ناول، ناٽڪ، افساني وغيرہ جا دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب مان ترجما ٿيا تہ مٿين صنفن ۾ طبعزاد ڪم لکڻ جو رجحان بہ عمل ۾ آيو.شروع دور ۾ ڏيھي ۽ پرڏيھي قصن، داستانن ۽ لوڪ ڪھاڻين کي لکت ۾ آندو ويو، جن ۾ عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين مان ”چندر ڪانتا“، ”الف ليليٰ“، ”ممتاز دمساز“، ”حاتم طائي“، ”گل بڪاولي“ ۽ ٻيا قصا ترجمو ٿيا تہ ڏيھي آکاڻين ۾ ”سورٺ راءِ ڏياچ“، ”ڀنڀي زميندار جي ڳالھہ“ ۽ ”سڌا تورو ڪڌا تورو“ نموني جون نصيحتي ۽ رومانوي آکاڻيون شايع ٿيون.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ 1914ع ۾ ”شريف بيگم“ جي عنوان سان جديد ڪھاڻيءَ جي شروعات ڪئي. ترت ئي ٻين ليکڪن پڻ هن صنف ۾ هٿ ونڊايو، جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، لطف ﷲ بدوي، عثمان علي انصاري، آسانند مامتورا، حشو ڪيولراماڻي، سڳن آهوجا، پرمانند ميوارام، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي ۽ ٻين ڪھاڻيون لکيون. ڪھاڻيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ ان وقت سنڌي ساهت سوسائٽي، سندر ساهتيہ سک ٽرئڪ سوسائٽي، ڊي جي ڪاليج جو ”سنڌ سرڪل“، امر لعل جو ”ڦلواڙي“، ”آشا“، ”ساقي“، ”پرھہ ڦٽي“، ”ڦليلي“، ”جيون ڪلا“، ”ڪھاڻي“، بولچند راجپال جو ”سنڌو“( 1932ع) ۽ ٻيون اخبارون ۽ مخزن هئا.
سنڌي عورتن ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ ڪڏهن شموليت اختيار ڪئي؟ ۽ ان جي ترقيءَ ۽ ترويج ۾ ليکڪائون ڪيتري قدر ڀاڱي ڀائيوار آهن؟ يا سنڌي سماج جي اڏاوت ۾ پڙهيل لکيل عورتن جي قلمي ڪاوشن جو ڪيترو هٿ آهي؟ انھيءَ لاءِ ضروري آهي تہ هڪ طائرانہ نظر اسان جي عورتن جي سماجي حيثيت ۽ علمي مرتبي تي وجهجي.
تاريخي حوالي سان ڏسنداسين تہ سنڌ جي تھذيب جي مختلف دورن ۾ سنڌي عورتن جي عزت، اهميت سماجي ۽ علمي حيثيت مختلف رهي آهي. مجموعي طور هن مردن جي برتريءَ واري سماج ۾ ريتن رسمن، عقيدن، مذهبن، ثقافتي ۽ معاشري قدرن جي اوٽ ۾ کيس ڪُچلڻ، هيسائڻ، دٻائڻ ۽ بي علم رکڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، جنھن ۾ جاگيرداري نظام، قبيلائي ماحول، معاشي پس ماندگي، ذات پات جو فرق، تعليم جي ڪمي ۽ ٻيا گهڻا سبب رهيا آهن. انھيءَ بنياد تي ئي سندس شعور جي ارتقا ٿي آهي.
اهڙين حالتن ۾ باشعور عورتن سمجهي ورتو تہ سندن آجيپو فقط ۽ فقط علم جي حاصلات ۽ ان جي ڪارائتي ڪتب آڻڻ ۾ آهي. انھيءَ ڪري پڙهيل لکيل عورت پنھنجي سمجهہ، سياڻپ ۽ علميت سان اظھار کي بياني ۽ قلمي قوت عطا ڪري پنھنجي خيالن ۽ سوچن کي اڳيان آندو. ايئن بہ نہ آهي تہ هتي جي عورت هر دور ۾ سماجي طور بي حيثيت ۽ بي علم رهي آهي. اسين ڏسنداسين تہ سنڌو سڀيتا ۾:
”موهن جي دڙي واري دور ۾ عورت کي سنڌ ۾ مقدس هستي سمجهيو ويندو هو.“(7)
”ويدڪ دور ۾ بہ عورتن تي علم حاصل ڪرڻ جا دروازا بند نہ هئا. اهي فلسفي ۽ حڪمت جو علم پڻ حاصل ڪنديون هيون. اُپشند ۾ ٻن فلسفي خواتين گارگي ۽ ميتريءَ جا عالماڻه مڪالما درج آهن.“ (8)
تہ ”عربن جي دور ۾ عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص توجھہ ڏني ويندي هئي.“ (9)
اهڙيءَ ريت ادب جي حوالي سان پرک ڪجي ٿي تہ نظم ۽ نثر جي ٻنھي شاخن ۾ عورتن جو حصو ملي ٿو. مائي مرکان شيخڻ جا صوفيانہ ڳيچ ۽ ٻين ڪيترين گمنام شاعرائن جا چيل، سھرا ۽ ڳيچ سومرن جي دور کان ملن ٿا ۽ نثر ۾ سندن شموليت جي باري ۾ ڏسنداسين تہ:
”ڪيترن ڳيچن ۾ سنڌي عورت جي پڙهيل هئڻ بابت اشارا ملن ٿا، جن ۾ پاڻ خط لکڻ يا خط پڙهڻ جو ذڪر ملي ٿو.“ (10)
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ سُر سسئي، سُر سھڻي، سُر مارئي جا ڪجهہ بيت سنڌي عورتن جي پڙهيل لکيل هئڻ جي ثابتي ڏين ٿا. جيئن مثال طور:
الا! اوٺي آڻيين، جي نياپا نين،
آئون اُنيِن جي آهيان، توڻي مُون نہ مَڃينِ،
مَسُ منھنجي هَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻين
لُڙڪَ نہ لِکَڻُ ڏِين، ڪريو پُونِ قَلَمَ تي.(11)
(سُر مارئي؛ 6،4)
ڪلھوڙن جي دؤر جي مائي ملياڻي نعمت شاعرہ ۽ شاھہ جي ڪلام جي خوشخط ڪاتبہ هئي.
”مائي مُلي نعمت جو هٿ اکر لکيل نسخو نھايت خوشخط صحيح ۽ سنہري جدولن سان آهي. مائي صاحبہ ڪمال ڪيو آهي ۽ سندس هيءُ ڪارنامو ابد الآباد قائم رهندو. اهڙيون پاڪباز ۽ نيڪ عورتون سنڌ ۾ گهڻيون ٿي گذريون هونديون، جن نور ناما ۽ ٻيا تبرڪ طور ڪتاب لکيا هوندا. پر افسوس جو انھن جا نالا اسان تائين نہ پھتا آهن.“ (12)
ميرن جي دور ۾ مولائي شيدائي موجب تہ ”تعليم جو دائرو فقط شھرن ۽ وڏن ڳوٺن تائين محدود هو. شھرن ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن سان گڏ آخوندن جي مڪتبن ۾ پڙهنديون هيون، امير زاديون يا شھري خواتين پردي جون پابند هيون. سنڌ ۾ ميرن جي حرمن يا ديرن جي چارديواريءَ ۾ سندن عورتن کي مختلف علومن جي تعليم ڏني ويندي هئي. وٽن پنھنجا پنھنجا ڪتب خانا هئا تہ پگهاردار ڪاتب مقرر هئا.“ (13)
اڳيان هلي انگريزن جي دور ۾ جديد تعليمي سرشتو متعارف ٿيو، جنھن جي مسلمانن کان وڌيڪ هندو طبقي پذيرائي ڪئي. انھن زناني تعليم جي اهميت کي ڄاڻندي، نينگرين لاءِ اسڪولن کي قائم ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جي رجحان کي وڌائڻ طرف توجھہ ڏني. 15 آگسٽ 1888ع ۾ ديوان نولراءِ، ڏيارام گدومل، ساڌو هيرانند شوقيرام آڏواڻي ۽ ٻين جي ڪوششن سان ”پنگتي سڌار منڊلي“ قائم ٿي، جنھن جي مقصدن ۾ عورتن جي سماجي ۽ علمي حيثيت مضبوط ڪرڻ جا اُپاءُ شامل هئا. هنن عورتن لاءِ هنري گهر، ناري شالا ۽ اسڪول قائم ڪيا. حڪومت جي تعاون سان پوري برصغير ۾ انيڪ اسڪول کولايا ويا، جن ۾ فقط حيدرآباد ۾ ئي 10 اسڪول قائم ٿيا، جيئن چنديراماڻي گهٽيءَ وارو اسڪول، ڪندن مل گرلس اسڪول، شوقيرام چانڊومل اسڪول وغيرہ. هندو عورتن ۾ علم جو چاھہ وڌائڻ لاءِ کين اسڪولن ۽ ٽرسٽن ۾ نوڪريون ڏنيون ويون.
مسلمانن جي طرفان هيڪاري هن دور ۾ عورتن تي تعليم جا دروازا بند ڪري. ”بھشتي زيور“ نموني جا ڪتاب هڪ مقصد تحت رائج ڪيا ويا، جن هيٺ عورتن لاءِ فقط قرآن پاڪ پڙهڻ ڪافي قرار ڏنو ويو. ڊاڪٽر مبارڪ علي موجب تہ:
”مولانا اشرف علي ٿانوي 1868ع کان 1943ع تائين بھشتي زيور جا ڏھہ جلد شايع ڪيا، جنھن جي ذريعي جاگيردانہ نظام کي تحفظ ڏنو ويو ۽ هن ڪتاب ۾ عورتن کي غلاميءَ جا سبق پاڙهيل آهن ۽ هڪ سٺي غلام ٿيڻ جون خصوصيتون ڄاڻايل آهن، جنھن ۾ مذهبي معاملن کان رڌ پچاءُ ۽ مڙس کي خوش رکڻ جي طريقن جي تفصيل ڏنل آهي ۽ هيءُ ڪتاب جديد مغربي تعليم جي مقبوليت ۽ ان کي تسليم ڪندي بہ عورتن جي مخالفت ۾ لکيو ويو.“ (14)
مسلمان عورتن جي تعليم هن دور ۾ تمام گهٽ رهي.
”ڇوڪرين کي اسڪولي تعليم اڪثر نہ ڏياري ويندي هئي ۽ کين اسڪول موڪلڻ عيب سمجهيو ويندو هو. قرآن ناظرہ پڙهڻ کان پوءِ نياڻين کي باب نامو، نور نامو ۽ احد نامو پڙهايو ويندو هو. ٿوري سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ جي تعليم ڏني ويندي هئي. ايتري تعليم کان پوءِ ڇوڪريون ڏهن ٻارهن سالن جي ڄمار کي پھچي وينديون هيون ۽ والدين کين گهر ۾ ويھاري ڇڏيندا هئا.“ (15)
پوءِ اڳيان هلي عورتن جي تعليم طرف وقت جي ضرورت مطابق اُپاءُ ورتا ويا جن ۾ ”آل انڊيا محمدن ايجوڪيشن ڪانفرنس“ 1907ع ۽ ٻين ادارن تعاون ڪيو.
مٿئين تمھيد جو مطلب آهي تہ جيئن اسين ڄاڻي سگهون تہ عورتن جي علم جي حاصلات ۽ ادب ڏانھن رغبت درجي وار ڪھڙيءَ ريت ٿي آهي؟
نتيجو اهو نڪري ٿو تہ ورهاڱي کان اڳ جي ادب ۾ هندو ليکڪائن جو حصو سرس آهي. انھيءَ وقت گڏيل هندوستان ۾ سندن تعليمي معيار بہ مسلمان عورتن کان وڌيڪ هو. ورهاڱي بعد مسلمان عورتون پڻ درجہ بدرجہ تعليم يافتہ ٿي سنڌي ادب جي خدمت لاءِ اڳيان آيون.
شروع جي انھيءَ وقت ۾ سنڌي ليکڪائن هندي، سنسڪرت، گجراتي، بنگالي، انگريزي ۽ گرمکيءَ ۾ لکيو. سندن تحريرون جلدي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيون. اهڙيءَ ريت هو سنڌيءَ ۾ لکڻ طرف مائل ٿيون. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ موجب تہ:
”نروپما ديوي، آشا ديوي، شانتا، سيتا ديو سڀاڻي، سروج ڪماري، ديوي ديال، سيتا چئٽرجي شريمتي گهوشال ۽ سؤر ناديوي گهوشال (گيتانجلي جي خالق رابندر ناٿ ٽئگور جون ڀيڻون) ۽ ٻين جي ڪھاڻين ۽ ناولن کي ميلا رام واسواڻي، پارومل، جڳت آڏواڻي، نوتن ڪرپالاڻي ۽ گوبند مالھيءَ جن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مٿين ليکڪائن جون تحريرون معياري هئڻ سبب مقبول ٿيون ۽ انھن کي مختلف ٻولين تي عبور هئڻ جي ڪري ڏيھي ۽ پرڏيھي ٻولين جي ادب جي ڄاڻ هئي. اهڙيءَ ريت پوءِ گهڻيون ليکڪائون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ لاءِ ميدان ۾ آيون جن ۾:
”پھرين سنڌي عورت جنھن سنڌي ساهت ۾ قدم کنيو هو ۽ بلڪل ثابت قدم هئي، اها هئي گلي سدا رنگاڻي (جنھن اڳي ڪماري ڪرپالاڻيءَ جي حيثيت ۾ ٽئگور جي ”گورا“ ناول جو ترجمو ڪيو هو) 1941ع ۾ سندس ناول ”“اتحاد“ نڪرڻ سان پنگتي اڳواڻن ۾ چؤٻول مچي ويو.“ (16)
گلي رنگاڻيءَ کان پوءِ جن ٻين ليکڪائن سنڌي ٻوليءَ ۾ ناٽڪ، ناول، مضمون ۽ ڪھاڻيون لکيون، انھن ۾ مس گدواڻي، شامداساڻي هاسومل، نروپما ديوي، سھجو هوتچند واڌواڻي، جيسي ڪڏواڻي، مائي واساڻي، ڪماري ڪملا، شانتا، ڀڳونتي ديالاڻي، چندرا آڏواڻي، سيتا ديوي، ڪرشنا ڪيولراماڻي، اندرا هميراجاڻي، ايشوري جوتواڻي، ديوي ناگراڻي، دادي پرڪاش مڻي، سريتا شرما، دادي ليلا، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، ۽ ٻيون شامل آهن.
سندن لکيل ڪھاڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن جيئن آشا، ڦليلي، روح رهاڻ وغيرہ ۾ شايع ٿيون.
هن دور جون اهم ڪھاڻيون، ”ڀارتي“ ڀڳونتي ديالاڻي، ”ديش دروهي“ ڪرشنا ڪيولراماڻي، ”اڌورو پريم“ شريمتي نانڪي گدواڻي، ”رتنا جا رنگ“ جيسي ڪڏواڻي، ”عجب دنيا جو رنگ آه“ مس سامتاڻي، ”ساڙهي“ ڀڳواني لعلواڻي ۽ ٻيون آهن.
مائي واساڻيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”مائي واساڻيءَ جون ڪھاڻيون“ 1943ع ۾ شايع ٿيو.
1947ع کان پوءِ جو ڪھاڻيءَ جو دور سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾ تمام اهميت جو حامل آهي. خاص طور 1950ع کان 1985ع تائين ”سنڌي ڪھاڻيءَ جو سونھري دور“ سڏي سگهجي ٿو.
1950ع کان مرڪزي حڪومت طرفان ”نئين زندگي“ مخزن جو اجرأ، 1951ع کان سنڌي ادبي بورڊ جو قيام، 1955ع ۾ ٽه ماهي مھراڻ جو اجرأ ۽ 1956ع ۾ ،”سنڌ سنگت“ جي بنياد سان ڪھاڻيءَ کي هٿي ملي. 1952ع کان پوءِ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي ادبي ڪلاسن ۾ ڪھاڻين پڙهڻ جي رواج سان سنڌي ڪھاڻي وڌيڪ نکري ۽ سنوري سامھون آئي.
سنگت جي، ادبي ڪلاسن ۾ ڪھاڻين تي تبصرو ۽ تنقيد ڪئي ويندي هئي. اهڙيءَ ريت هڪ مقابلي جي فضا قائم ٿي. اديبن ۾ لکڻ جو رجحان وڌيو ۽ ڪھاڻي لکجڻ، پڙهجڻ ۽ ڇپجڻ ۾ نہ فقط تيزي آئي، بلڪ معياري ڪھاڻيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ جاءِ والاري. سَوَن جي تعداد ۾ افسانوي مجموعا شايع ٿيڻ لڳا. ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي تحقيق مطابق، 1947ع کان 1987ع تائين جي ڇپيل افسانوي مجموعن جو وچور تقريبًا ٽي سؤ آهي ۽ هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل ڪھاڻيون اخبارن جي ادبي صفحن ۽ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون.
مختصر ڪھاڻيءَ جي هن ٻئي دور، يعني ورهاڱي کان پوءِ ۾ لازوال ڪھاڻيون شايع ٿيون، جن کي وقت جي دز اڄ ڏينھن تائين لٽي نہ سگهي آهي. انھيءَ دؤر ۾ جن مرد ڪھاڻيڪارن هن صنف کي هٿي ڏني، انھن ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، غلام رباني آگرو، ابنِ حيات پنھور، بشير مورياڻي، شيخ ابراهيم خليل، اياز قادري، ع.ق شيخ، شيخ عبدالرزاق، ابن الياس سومرو، رشيد آخوند، علي احمد بروهي، سراج الحق ميمڻ، نجم عباسي، عبدالجبار جوڻيجو، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم، حميد سنڌي، غلام نبي مغل، طارق اشرف، عبدالقادر جوڻيجو، عبدالحق عالماڻي، رسول بخش پليجو، زيب ڀٽي، قمر شھباز، علي بابا، جمال رند، محمد حسين ڪروڙ پتي، ناصر مورائي، بيدل مسرور، نظير شيخ، خواجہ سليم، غالب لطيف، غياث جوڻيجو، الطاف شيخ، قاضي خادم، هدايت پريم، ظفر حسن، منير احمد (ماڻڪ)، دائود بلوچ، زيب ڀٽي، نور عباسي، مطلب تہ انيڪ ڪھاڻيڪارن سان گڏ اسان جون سنڌي ليکڪائون بہ هن ڪھاڻيءَ جي سفر ۾ شامل ٿيون ۽ سندن ڪھاڻيون ٽه ماهي مھراڻ، نئين زندگي، مارئي، روح رهاڻ، اديون، سرتيون، ڪونج، سوجهرو ۽ ٻين ادبي مخزنن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون. خاص طور ”هلال پاڪستان ڪراچي“ اخبار جي ادبي صفحي ”سگهڙين سٿ“ معرفت ڪافي ڪھاڻيڪارائون متعارف ٿيون. منھنجي نظر ۾ سنڌي ادب ۾ عورتن جديد شاعريءَ ۽ ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي.
ورهاڱي کان پوءِ جي مشھور ڪھاڻيڪارائن ۾ بيگم زينت عبدﷲ چنا، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، بادام ناتوان، بيگم روشن آرا مغل، ثميرہ زرين، ماهتاب محبوب، رشيدہ حجاب، خير النساء جعفري، ڪلا پرڪاش، وينا شرنگي، ريٽا شھاڻي، ومي سدارنگاڻي، زيڊ اي شيخ، ثريا ياسمين، نور افشان بيگم، نور شاهين (نورجھان)، مس ماهتاب چنا، مس اقبال پروين سومرو، مس اقبال شيخ، جميلہ نرگس، ذڪيه دريشاڻي، انيس معصومه، نظير ٿيٻو، بانو محبوب جوکيو، فردوس مزناڻي، ليلا پروين سومرو، صنوبر سيد، فھميدہ بلوچ، زھرہ انصاري، ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو، انيس انجم جوڻيجو، رعنا رفيق، ثريا ڀٽي، بيگم ارشاد قمر، آفتاب بانو عباسي، ممتاز عاربي، نظير سلطانہ سومرو، تبسم ماهتاب قريشي، فريدہ مغل، زينت النساء مسرت، تنوير جوڻيجو، نيلوفر جويو، فھميدہ ميمڻ، سحر امداد، قمر جھان مرزا، تھمينہ مفتي، نور الھديٰ شاھہ، ليليٰ بانا، نذير ناز، سعيدہ بشير، ثريا ”سوز“، ڏيپلائي، منگهاڻي، زبيدہ ميتلو، خالدہ سومرو، زيب نظاماڻي، ڊاڪٽر ناهيد مغل، شبنم گل، سلطانہ وقاصي، رشمي راماڻي، رڪمڻي سندر چئناڻي، ارونا ڄيٺواڻي، اندرا واسواڻي، سوني مولچنداڻي، رتنا گوديا رولاڪ، مايا راهي، تارا مير چنداڻي، ڪملا گوڪلاڻي، لڇمي اميسر، اندرا شبنم، رضيہ کوکر، ڪزبانو سنڌي، عطيہ دائود، عزيزہ قاضي، تانيه ٿيٻو، زاهدہ گوپانگ، نجمہ پنھور، گلبدن جاويد مرزا، شگفتہ شاھہ، ثمينہ ميمڻ، قمر واحد، مريم مجيدي، افروز شورو، غزالہ چنڙ، رخسانہ پريت چنڙ، ريحانہ نظير، ساجدہ جبين، خديجہ شيخ، تسليم زنئور، شبانہ سنڌي، سنڌو پنھور، بختاور ڄام ساقي، روبينہ ابڙو، نائلہ سمون، ۽ ٻيون شامل آهن.
بيگم زينت عبدﷲ چنا ”مارئي“ مخزن جي سنڀاليندڙ صحافي خاتون جو شمار ورهاڱي کان پوءِ پھرين عورت ڪھاڻيڪارا طور ٿئي ٿو.
سيد مظھر جميل سندس ڪھاڻين تي راءِ ڏيندي لکي ٿو تہ:
”پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ جيڪا خاتون افسانا نگار باقاعدہ مشاهدي جي قوت ۽ بھترين اسلوب جي اعليٰ درجي تي فائز ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا بيگم زينت عبدﷲ چنا آهي. سندس ڪھاڻين کي زناني ۽ مرداني خانن ۾ ورهائي نٿو سگهجي، ڇو جو سندس افسانن مان گهڻا قابلِ انتخاب ۽ سٺي فني نوعيت جا آهن. ”مٺي“، ”اونداهي“، ”رانديڪو“ پنھنجي دور جون نمائندہ ڪھاڻيون آهن.“ (17)
مطلب تہ سنڌي ڪھاڻي، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ فني طور عروج تي رهي آهي. شاهد حنائي بھترين سنڌي ڪھاڻين کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪندي لکيو آهي تہ:
”انھيءَ حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي تہ پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ سڀ کان عمدہ ڪھاڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيون ويون آهن.“ (18)
سنڌيءَ مان اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل هن مجموعي ”شاهڪار سنڌي ڪھانيان“ ۾ ليکڪائن جون ڪھاڻيون شامل آهن.
ڪھاڻيڪارائن جي ڪلا تي تبصرو ڪرڻ لاءِ چند اهم ڪھاڻيڪارائن جي فن جو تعارف ڏيان ٿي. جنھن سان موضوع تي ڪجهہ روشني پوندي.
پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي اسان جي شروع دور جي ليکڪائن ۾ تمام وڏو نالو آهي. سندس ڪھاڻيون مختصر، اثرائتيون، فالتو مڪالما بازيءَ کان بچيل، بھترين اسلوب ۽ نج سنڌي ٻوليءَ سان سينگاريل آهن جن ۾ گهريلو ماحول جو نقشو پڻ تمام سھڻو چٽيل آهي. پروفيسر پوپٽيءَ جي اهم ڪھاڻين ۾ ”شھناز،“ ”منھنجي ڦوٽڙي،“ ”دل جو ڦھلاءُ،“ ”من جي سوڙھہ،“ ”منھنجي ناني،“ ”ماڻھو ننھن ٿا ڳولھين ۽ مان پٽ،“ ”خزان جو دور پورو ٿيو“ ۽ ٻيون انيڪ ڪھاڻيون آهن. سندس عبارت آرائيءَ جو نمونو هن ريت آهي:
”استريءَ جي سيني ۾ پريم جو جذبات هجي، پُرش جي دل ۾ ان استريءَ لاءِ چاهنا هجي تہ انھن ٻنھي جي ميلاپ کي ڌرتيءَ تي سرڳ چئجي ٿو.“ (ص21، ”زندگي نہ ڪوتانہ ڪھاڻي“)
”ٻاهر حيدرآباد جون ڪوسيون لڪون، ڦوڪون ڏينديون هيون. اندر اسين باداميون، کس کس، اڇو جيرو ۽ ڦوٽا گهوٽي ٿادَل ٺاهيندا هئاسين.
اوچتو هُل ٿيو تہ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو آهي ۽ اسان کي سنڌ ڇڏي هندوستان هلڻو پوندو. ڊپ ۽ هراس پکڙڻ لڳو. هير آباد جي هڪ طرف هئي مسلم شاگردن جي هاسٽل، سامھون هو سلاٽن جو پاڙو، مسلمان جوان ڏند ڪڍي کِلي چوندا هئا، تہ ”پھرين تہ هيرآباد جون حورون کڻبيون.“
”ڌيءَ! هي ڇا پيا چون؟ پنھنجو ملڪ بہ ڪنھن ڇڏيو آهي؟“ ايئن چئي ناني هوريان هوريان ڪمر کي هٿ ڏيئي پَٽ تي ويھي رهي. مون کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جي چيلھہ بيھڻ جي شڪتي وڃائي ڇڏي هئي. هوءَ پَٽ تي ويھي رهي ۽ ان ڏينھن کان پوءِ هن پٽ تي ريڙهيون پائڻ شروع ڪيون.“ (ص81، 82، ”منھنجي ناني“)
سندري اتم چنداڻي هڪ اديب / شاعر جي وَني آهي سندس تحريرن ۾ تمام اثر انگيزي ڏسجي ٿي، بلڪ سنڌي ڪھاڻيءَ جي ٻنھي دورن تي هن ڪھاڻيڪارا جون ڪھاڻيون ڇانيل آهن. ڪافي افسانوي مجموعا ڇپيا اٿس. ”وڇوڙو“ ڪھاڻيءَ تي کيس ٻہ دفعا انعام مليو آهي ۽ ٻيا بہ کين ڪافي ايوارڊ مليا آهن. سماجي موضوعن ۾ خاص طور عورت جي شخصي آزادي، ڏيتي ليتي، علم جي افاديت، سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ ٻين موضوعن تي لکيو اٿن. هلڪو ڦلڪو طنز ومزاح بہ سندس تحرير جي خوبي آهي. ”قدر ڪونھي“ انھيءَ قسم جي هلڪي ڦلڪي انداز جي ڪھاڻي آهي. لکي ٿي:
”جيڪو ڏِس سو چوي منھنجو قدر ڪر. جوءِ چوي منھنجو قدر ڪونھي، ڀيڻ چوي منھنجو قدر ڪونھي، ماءُ چوي منھنجو قدر ڪونھي، عجيب ماجرا آهي ۽ هن منحوس سپريٽيڊنٽ وٽ وري اسان جو قدر ڪونھي.“ (ص77 ”قدر ڪونھي“)
الا! امان مان تہ ڄڻ مري ويس. هن ڪاري گهوٽ تہ هڻي منھنجي سسي نيزي پاند اڇلي ڇڏي. هٿ اڳيئي سوگها ۽ ساھہ هيٺ مٿي، وري مٿان هيءَ سرگوشي!! اهڙي سِڪَ تہ سھڻن يا خانداني خريدارن بہ ڪونہ ڏيکاري هئي. هنن وٽ تہ رڳو ڇڪ ئي ڇڪ هئي.“ (ص9، ”ڪارو گهوٽ“)
ثميرہ زرين جون ڪھاڻيون رومانويت ۽ جذباتيت سان گڏ روز مره جي زندگيءَ جي واقعن متعلق پڻ آهن. هوءَ سادن سودن لفظن ۾ عورت جي حسين دل جا منظر پيش ڪري ٿي:
”اڄ ڏکن وري ڪَرَ موڙيا. دل ۾ جيڪو زخم وقت جي مرهم سان مٽجي ويو هو، سو وري تازو ٿيو، ذهن نارسا موت وزيست جي ڪشمڪش کان نڪري، ماضيءَ جي خوابيدہ ياد سان ٽڪرائجي ويو. (ص140، ڪنول)
ماهتاب کي عورتن جي نفسيات جي وڏي پرک آهي. هن جي هر هڪ ڪھاڻي سنڌي ٻوليءَ ۽ گهريلو سماج جي نمائندگي ڪري ٿي. سندس تحريري اسلوب جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
”نياڻي – نياڻي – نياڻي! هر طرف نياڻي، اهي اکر لڳاتار گهنڊڙيءَ جيان ذهن ۾ پيا گونجندا هئس. کليءَ ريت تہ ڪا ڳالھہ ڪري ئي نٿي سگهي، جو ٺھہ پھہ نياڻيءَ جو طعنو ملندو هئس. شادي نہ ڪرڻ سبب ورهين کان جيڪي قياس ڀريون نظرون هن تي پونديون هيون، تن کيس پنھنجي ئي نظرن ۾ تڇ ڪري ڇڏيو هو. مڱيندن جو مڙھہ، گهوٽ ٿيڻ کان اڳ ئي مقام تائين پھچائڻ ڪري بہ هن کي ڏوهارڻ ٿي سمجهيو ويو. نياڻي جو لفظ هن لاءِ ڪنھن گار کان گهٽ نہ هو.“ (ص48 – اوندھہ)
”اختر حسين کي گهر ۾ زندگيءَ جي علامت نظر آئي، تہ نہ رڳو سوير اچڻ لڳو، پر جانب جو جمال پسڻ لاءِ، سڄو ڏينھن ٻارن واريءَ ڪوٺيءَ ۾ متيڙو ٿيو ساليءَ سان انگل ڪندو هو. موٽ ۾ سندس لڄاريون مرڪون ۽ ماڻا هن تي شراب جي هلڪي نشي جھڙو اثر ڇڏڻ لڳا. هو هر وقت ڪنھن اڻ لکي سرور هيٺ سَرهو رهڻ لڳو.“ (ص33، آڙاھہ)
ريٽا شھاڻي هندوستان جي اها ليکڪا آهي، جنھن جا گهڻا ڪتاب سنڌ ۾ شايع ٿيا آهن. هن ڪھاڻين سان گڏ ناول مضمون ۽ سفر ناما بہ لکيا آهن. سندس ڪھاڻيون مختصر، ڇرڪائيندڙ ۽ عام واقعن متعلق پر خاص انداز ۾ هجن ٿيون، مقصد کي هوءَ تمام ٿورن لفظن ۾ بيان ڪري ٿي. ستن پٽن جي دُعا تي احتجاج ڪندي لکي ٿي تہ:
”تڏهن ڪنوار اکيون مٿي ڪري سوال پڇيو، ”مھاراج ست پٽ ڇو؟“ ۽ سندس ڀيڻ ريشما کيس سُر وٺائيندي چيو، ”ها ها، ڌيئر ڇو نہ؟“
”ڌيئڙيون! آشيرواد اهڙي نموني تي ڏني ويندي آهي. اهڙي اسان جي پراڻي ”پرمپرا“ آهي.“
ريشما، ”مھاراج! هاڻي پراڻيون ڳالھيون ڇڏيو، زمانو ڦري ويو آهي....“
ٻانڀڻ هن کي نظرانداز ڪندي پنھنجي آشيرواد جاري رکي.“ (ص103، ”شاديءَ جي آخري رسم“)
”جڏهن ٻار وڏا ٿيندا آهن تہ وڏا مسئلا پاڻ سان کڻي ايندا آهن. ڀاري ۽ منجهائيندڙ مسئلا. ڪيڏو بہ سمجهائڻ سان هُو مائٽ جي هڪ ڳالھہ بہ نہ مڃيندا آهن ۽ اُن وقت بڇڙو مَنِ چوندو آهي تہ هن کان ننڍڙا هئا تہ سٺا هئا، تہ گهٽ ۾ گهٽ چيو تہ مڃيندا هئا. ٻيءَ حالت ۾ هنن کي هڪ چماٽ سان سڌو ڪري ڇڏبو هو. هاڻي تہ پنھنجي هڪ بہ نٿي هلي. (ص149، ڇوٽڪارو)
نورالھديٰ شاھہ جون 76 ڪھاڻيون ڇپيون آهن، جيڪي موجودہ وقت ”ڪيڏارو“ جي عنوان سان سندس ڪتابن جلا وطن، ڪربلا، رڻ ۽ رڃ جو اتھاس ۽ ڪيڏارو جي گڏيل مجموعي طور دستياب آهن.
هن سنڌي سماج جي غلط رسمن رواجن ۽ دستورن خلاف آواز بلند ڪيو آهي. وٽس موضوعن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي سھڻن لفظن جي ڪابہ کوٽ ڪانہي. بلڪ سندس ئي لفظن ۾ تہ ”هُن وٽ لفظن جا مَٽَ ڀريل آهن.“ سو ســؤ دفعا صحيح آهي، وطنيت، قوميت، سنڌيت، فرقيواريت، زندگي، موت، جنگ، امن، اميري غريبي، غلامي آزادي، مطلب تہ بي حساب موضوعن تي هن لکيو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي سماج ۾ عورت جي تذليل تي واڪا ڪيا اٿس،
فرقيواريت خلاف، مسجد ۾ ٿيل بم بلاسٽ جي باري ۾، سندس ڪھاڻي تمام منفرد موضوع ۽ انداز جي آهي. لکي ٿي تہ:
”خدا مون کي مسجد جي خالي اڱڻ ۾ مليو، مان هُن کي ڏسي نہ سگهندو هئس، محسوس ڪري سگهندو هئس، پر هن جي مڪمل وجود کي نہ، رڳو هُن جي نھار کي، هُن جي مُرڪ کي. شروع شروع ۾ هُو مون ڏانھن نھاريندي بس مرڪندو هو ۽ مان هڪ ساهيءَ هُن سان ڳالھائيندو ويندو هئس. منھنجون ڳالھيون کٽنديون ئي ڪونہ هيون ۽ هُن جي مُرڪ ٽٽندي ئي ڪانہ هئي.“
”منھنجو فرقو ڪھڙو ٿي سگهي ٿو؟ مان سوچ ۾ پئجي ويس. بُک؟ بيروزگاري؟؟ بي چيني؟ گهاڻي جي ڏاند جيان زندگيءَ جي چوڌاري ڦرڻ ۽ ڦرندي ڦڙندي پيرن کان روح تائين پئجي ويل لڦون لڦون؟؟؟ موٽ ۾ مليل ڌڪار ۽ اڻ برابري؟“ (ص 389، ستن آسمانن هيٺ“)
سنڌي سماج جي مرداني ذهن جي عڪاسي هن ريت ڪري ٿي:
”ٻہ ونيون تہ اسان سنڌي مردن جو شان آهي، سو احمد کي لکي موڪليائين تہ جيتريون گهڻيون ونيون ۽ ٻنيون، ايترو مردن جو شان. جتي پلاند اٽڪائبو، اتي نڀائبو. اهو اسان جي راڄ جو شان آهي، سو فردوس جيستائين جيئري هوندي، تنھنجي لاءِ ويٺي هوندي.“ (ص125، شريف زادي)
”ڀلا ٽي وقت ماني، ڀلا پيرن جي جتي، ڀلا هڪڙو وڳو ڪپڙن جو ڪير ڏيندو؟ آمريت ڏيندي ڪه جمھوريت؟“ (ص347، هن پھاڙ جيڏي رات جي پڄاڻي ڪٿي آ)
”فنا آهي ماڻھوءَ جي هر سپني کي. هڪ اداس صبح، ڏاهپ جي ڏوھہ ۾ مليل طلاق جو ڪاغذ بيگ ۾ وجهي هوءَ ان ننڍڙي ڳوٺ هلي ويئي. گمنامين جي انھن اونداهين غفائن ۾ اچي هن پنھنجيون سموريون ڪھاڻيون ۽ ڪوتائون ڦاڙي ڇڏيون هيون ۽ پنھنجا چتر ساڙي ڇڏيا هئا. (ص184، ”مندر، اداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي“)
”ميان غلام شاھہ ڪلھوڙا! اسين توکي وارننگ ٿا ڏيون، حيدرآباد جو شھر خالي ڪر، نہ تہ سڀاڻي تنھنجو لاش ننگو ڪري، شھر جي گهٽين ۾ گِهليو ويندو.“ ميان صاحب اُٿي ٿو، قبر تي پيل پُڙ سان لڙڪ اگهي ٿو، امن جي مارجي ويل پکيءَ جيان منجهس نئين سگهہ (خوف ۾ دٻيل) ڀرجي ٿي. کيس زندہ رهڻ گهرجي، ان احساس هيٺ سيد محمد مڪيءَ کي الوداع چئي هُو مزار مان نڪري ٻاهر سڙڪ تي اچي ٿو. ڪرفيو دوران گشت ڪندڙ ٽرڪ بيھي رهي ٿو.
ڪوئي مٿس اُلر ڪري ٿو.
”ڊونٽ مُوو“
ٻي پل گوليءَ جو ٺَڪاءُ. (ص361، ڪيڏارو)
ڊاڪٽر فھميدہ حسين ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن ۾ فھميدہ ميمڻ جي نالي سان ڪافي ڪھاڻيون لکيون، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيون پاڻ خاص طور هلال پاڪستان ڪراچي اخبار جي ”سگهڙين سٿ“ صفحي سنڀالڻ دوران ڪيترين ليکڪائن کي بہ سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرايائين. ڪافي ليکڪائن جا افسانا هن ادبي صفحي تي شايع ٿيا، اهڙي ريت پاڻ پڻ ڪھاڻيون لکنديون هيون انھيءَ دور جي ۽ پوءِ لکيل سندن ڪھاڻين جو مجموعو، ”هڪ حوا ڪيئي ڪھاڻيون“ جي عنوان سان آهي انھن ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج جون اڍنگيون رسمون ۽ رواج وائکا ڪيل آهن تہ سنڌي عورت جي شخصي ۽ ذهني آزاديءَ جي پاڻ پتوڙڻ جا سنيھا ڏنل آهن. طويل ڪھاڻين سان گڏ مختصر ڪالم ڪھاڻيون جيئن انٽيليڪچوئل ”احساس“ ”پاڻ وهيڻي“ فرسٽريشن“ ”مُنڌل من ”۽“ دوستي“ تمام اثرائتيون آهن، پڙهيل لکيل قلمڪار عورت جي حق تلفيءَ تي لکن ٿيون تہ ”اهي مرد جيڪي عورت جي نفسيات ئي نہ سمجهي سگهن سي فنڪار عورت جي احساس لاءِ مڏي ڇُري ثابت ٿيندا آهن،“
(”فرسٽريشن“ صہ 128)
”ماڻھو ٿا چون سنڌ ۾ ڇوڪرين سان ريتن رسمن جي نالي ۾ ظلم ٿو ڪيو وڃي، هُو مدي خارج روايتن يا رواجن جي گهاڻي ۾ ٿيون پيڙهجن، پر مون سان جيڪي ٿي رهيو آهي ڇا اهو ان کان گهٽ هو؟ آئون هڪ ڇوڪر، هڪ مرد ٿي ڪري بہ مجبور ۽ بي وس بڻايو ويو هئس مونکي بہ بدي جي رسم جو کاڄ بڻايو ويو هو، اهو ساڳيو ظلم سوٽ ياسر سان بہ ٿي رهيو هو،“
(مان مرد“ ص 28)
مٿين مثالن کان علاوہ انيڪ ڪھاڻيون لکيو ويون آهن جن مان چند اهم هن ريت آهن:
”مون توکي پيار ڪيو هو“، ”ماڻھو ننھن ٿا ڳولين مان پُٽ“ پوپٽي هيراننداڻي، ”ڀوري“، ”معصوم التجا“، ”وڇوڙو“ سندري اتم چنداڻي، ”پيئي اڏامي رک“ اندرا واسواڻي، ”ڀاڳي اڀاڳي“ مايا راهي، ”من اجرو تن اجرو“ زينت عبدﷲ چنا، ”سيمنٽ جي پتلي“، ”راھہ“ رشيدہ حجاب، ”تضاد زندگيءَ جا“، ”سڀ منھنجو ڏوھہ“ ريٽا شھاڻي، ”شمع ٻاريندي شب“، ”رمندا بادل“ ثميرہ زرين، ”محشر موچارو“، ”رهيل جانچ“، ”مٺي مراد“، ”لھر لھر زندگي“ ماهتاب محبوب، ”ضدي“، ”ايئن بہ ٿيندو آهي“ جميلہ نرگس، ”جي توڙ نڀائي ڄاڻن“، ”داغن جي روشني“، ”اندر ۾ اوندہ“ ثريا ياسمين، ”نازلي“، ”پرين سندو پيار“ زيڊ اي شيخ، ”ڀٽڪيل روشني“ رڪمڻي سندر چئناڻي، ”وڻن ۾ گل“ ڪلا پرڪاش، ”پيڙا جو پڙلاءُ“ رتنا گوديا رولاڪ، ”ڪرشنا نديءَ تي پل“ ارونا ڄيٺواڻي، ”سامائي تان سک ويا“ نيلوفر جويو، ”پليٽ فارم“، ”ناسور“، ”پنر جنم“ سحر امداد، ”منھنجو گهر“ فھميدہ ميمڻ، ”اکيون روئن ڳوڙهن بنا“ سوني مولچنداڻي، ”زندگي: هڪ ناٽڪ“ وينا شرنگي، ”سائو ٿيل گاھہ“ ڪملا گوڪلاڻي، ”جلاوطن“، ”آخري مئل ماڻھو“، ”ڏوهي“، ”زندگيءَ جو زهر“، ”منھنجي زندگيءَ جو جنم قيد“، ”زم زم“، ”منھنجو من ڀنڀور“ ”ناگا ساڪي“ نور الھديٰ شاھہ، ”ڪشمڪش“ تبسم ماهتاب قريشي، ”ڪو ڪو جيون سواليہ نشان“ ڊاڪٽر ناهيد مغل، ”سنجوگ“ صنوبر سيد، ”اٿارٽي“ خديجہ شيخ، ”سيڪنڊ چوائس“، ”ساحل جي تمنا“ شبنم گل، ”بنا عنوان“ ريحانہ نظير، ”بُک ۽ اديب“ شگفتہ شاھہ ۽ ٻيون ڪافي ڪھاڻيون آهن.
ڪھاڻين جي هيڏي وڏي ۽ سٺي مقدار سان شموليت جي باوجود اڄ تائين عورتن جي لکيل ڪھاڻين کي سھيڙي ڪڏهن بہ ڪنھن مجموعي جي صورت ۾ ڇپايو نہ ويو آهي. ها! باقي انفرادي طور ڪافي ڪھاڻيڪارائن جا ڪھاڻين جا مجموعا شايع ٿيا آهن، جيئن:-
”رنگين زماني جون غمگين ڪھاڻيون“، ”پڪار“، ”ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو“، ”مون توکي پيار ڪيو هو“، ”خزان جو دور پورو ٿيو“ پوپٽي هيراننداڻي، ”تو جنين جي تات“، ”وڇوڙو“، ”مُرڪ تي منع“، ”ٻنڌڻ“ سندري اتم چنداڻي، ”وڻن ۾ گل“، ”مُرڪ ۽ مامتا“ ڪلا پرڪاش، ”گيت اُڃايل مورن جا“، ”آءُ اها ئي مارئي“ ثميرہ زرين، ”تخليق جو موت“ خيرالنساء جعفري، ”پچڻ کي پچاءِ“، ”منع ٿيل ميوو“، ”ببليءَ جون آکاڻيون“، ”رشتن جو رقص“ ريٽا شھاڻي، ”آئينو ۽ عڪس“، ”رٻڙ جي گڏي“، ”الجهيل تندون ريشم جون“، ”درد“ تارا مير چنداڻي، ”درد جو آواز“، ”قسم پيار جو“ رڪمڻي سندر چئناڻي، ”آکاڻيون پورب ديش جون“، ”ڪامل جون ڪھاڻيون“ (ترجمو) ڪماري ايشوري جوتواڻي، ”مٺي مراد“، ”چانديءَ جون تارون“، ”پل صراط“، ”لھر لھر زندگي“ ماهتاب محبوب، ”امرت منجهہ ڪڙاڻ“، ”عيبن هاڻي“ تنوير جوڻيجو، ”هڪ حوا ڪيئي ڪھاڻيون“ فھميدہ حسين، ”هيلوڪو وري آءُ“، ”اڏران هن پار“ نذير ناز، ”جلا وطن“، ”ڪربلا“، ”رڻ ۽ اُڃ جو اُتھاس“ نورالھديٰ شاھہ، ”نالو؟“، ”منجري“، ”ٿُڙ“ اندرا واسواڻي، ”محبت جو مينھن“، ”موڪش“، ”ڍال“ مايا راهي، ”تنھنجون ڳالھيون تنھنجي ڳولھا“ زرينہ بلوچ، ”مارئي ۽ مان“ ميمڻ روشن تبسم، ”تلاش“ تبسم ماهتاب قريشي، ”ڪٿا اُپ ڪٿا“ تھمينہ مفتي، ”اڻ ڄاتل شھر جو نقشو“ شبنم گل، ”اکيون ميگهہ ملھار“ خديجہ شيخ، ”ڪو ڪو جيون سواليہ نشان“ ڊاڪٽر ناهيد مغل، ”سامائي تہ سک ويا“ نيلوفر جويو، ”نرڳ“ زبيدہ ميتلو، ”مشعل ٻرندي رهندي“ صنوبر سيد“، ”اڌوري زندگي“، ”ڪونج“ شريمتي سروج گوپال ڀارواڻي، ”زندگي: هڪ ناٽڪ“، ”اڌ کليون اکيون“، ”واسنا جو واسينگ“ – وينا شرنگي، ”عبادت“ اندرا شبنم، ”حادثي کان پوءِ“، ”فيصلو ٿيڻ تائين“، ”سائو ٿيل گاھہ“ ڪملا گوڪلاڻي، ”زخم زماني جو“، ”سوني چادر“، ”شڪتي“، ”تنھا ديوارون“، ”اکيون روئن ڳوڙهن بنا“، ”گلابو پري“سوني مولچنداڻي ۽ ٻيا پڻ ڪافي مجموعا آهن.
اسان جي ڪھاڻيڪارائن جو ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ مقداري اضافو تہ چڱيرو آهي. ها باقي وٽن موضوعن جي وسعت آهي يا نہ؟ ۽ سندن ڪھاڻين ۾ معيار، مواد ٻولي ۽ ٻيون افسانوي خوبيون ڪيتريقدر تسلي بخش آهن انھيءَ لاءِ سڀ کان پھرين اسين سنڌي ڪھاڻيءَ جي موضوعن جي پرک ڪنداسين تہ معلوم ٿيندو تہ، شروع دور ۾ هندو مسلم فساد ۽ پوءِ اتحاد، قوميت، مذهبيت، آزاديءَ جون تحريڪون، عالمي جنگيون، انھن جي تباهڪاري، ورهاڱو، اقتصادي بدحالي، لڏپلاڻ جي افراتفري نموني جا موضوع رائج هئا.
اڳيان هلي ڏيھي ۽ پرڏيھي ٻولين جي ڪھاڻين جي اڀياس سان موضوعن ۽ فن ۾ وسعت ۽ تبديلي آئي. نوان لاڙا، نيون سوچون ۽ نوان موضوع متعارف ٿيا.
ورهاڱي کان پوءِ جي ڪھاڻيءَ ۾ حالتن جي افراتفري، ذهني ڇڪتاڻ، طبقاتي ڪشمڪش، مذهب ۽ قوميت سان گڏ خاص طور ون يونٽ ٺھڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافيون، اهم موضوع آهن، ملڪ ۾ لڳايل مارشلائن سان موضوعن ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي. ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ خاص طور اديبن ۽ شاعرن تي سختين، وارنٽن، جيلن ۽ اشاعتن تي پيل پابندين سان مزاحمتي ادب تخليق ٿيو، جنھن ۾ غيرت، سرڪشي، سجاڳي ۽ خود داري هئي تہ وطنيت جو جذبو هيڪاري اُتم ٿي ويو. ڌارين جي وڏي پئماني تي آبادڪاري ۽ نڌڻڪي هئڻ جي احساس سان پنھنجي هم ٻوليءَ وارن جي محبت وڌيڪ اُتپن ٿي ۽ هند ۽ سنڌ جي سنڌي ليکڪ جو آواز هڪ ٿي ويو.
ڏٺو وڃي تہ هر ادب پنھنجي پنھنجي دور جو ترجمان هوندو آهي ۽ تخليقي ادب ۾ وقت جا قدر (Values) وڏي تبديلي آڻين ٿا ۽ ادبي تخليق جي هن مسلسل بدلجندڙ عمل کي شري ڪرشنا جي لفظن ۾ پرکينداسين تہ سؤ سيڪڙو سچ لڳندو تہ:
“Literature must voice the past, reflect the present and mould the future.”
مٿين حوالن مطابق جيڪڏهن ڪھاڻيڪارائن جي فن کي پرکينداسين تہ معلوم ٿيندو تہ سندن ڪم ڪافي حد تائين قابلِ قدر آهي. هندو ۽ مسلم سنڌي سماج جا مسئلا ۽ گُهرجون ڪي قدر هڪٻئي کان مختلف آهن، پر ٻنھي سماجن جي ليکڪائن انيڪ اهم مسئلن کي پنھنجي ڪھاڻين ذريعي اڳيان آندو آهي، جن ۾ ڪُڌن ريتن رسمن خلاف جنگ جوٽڻ، ڌاڙيلن، زميندارن، هارين، ڪامورن، جاگيردارن، پيرن مريدن ۽ طبقاتي استحصال جا نقش چٽڻ سان گڏ خاص طور، عورت ذات جي وجود جي پائمالي ۽ بنيادي انساني حقن جي لتوڙ کي نمايان جڳھہ ڏني آهي، جنھن ۾ ستيءَ جي رسم، ڏيتي ليتيءَ جي شادي، بدلي جو پرڻو، جيئري تي جيئري شادي، وڌوا جي شاديءَ تي پيل پابندي، جهيز جي لعنت، حق بخشائڻ، ڪاروڪاري، گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا، ازدواجي زندگيءَ جا جهيڙا، طلاقون، تہ گڏ عورتن ۾ تعليم جي ڪميءَ خلاف پڻ احتجاج ڪيا اٿن. مطلب تہ هنن رومانويت، قوميت، مذهبيت، وطنيت، جنسيات، طنز و مزاح ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن کي آندو آهي.
پاڪستان ۽ هندوستان ٺھڻ کان پوءِ جي شروعاتي ڪھاڻين ۾ هندي ليکڪائن وٽ گهرو مسئلا آهن تہ سنڌ جي ڪھاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ جي فقدان سان ڪھاڻي رومانوي تخيلات جي اوٽ ۾ پيش ڪيل آهي.
ڊاڪٽر شمس الدين ”انھن ڪھاڻين ۾ مرڪزي خيال جي هڪجهڙائي ۽ يڪسانيت ڄاڻائي آهي، جنھن ۾ پلاٽ ۽ پيشڪش ۾ نواڻ جي ڪمي آهي.“ (19)
بلڪ نسيم کرل تہ بلڪل ايئن چئي ڏنو تہ: ”لڳي ٿو پيار ۽ مايوسي سنڌي افسانا نگار خواتين جو پسنديدہ موضوع آهي.“ (20)
ستر جي ڏهاڪي ۾ وڏي تبديلي آئي عورتن ڪھاڻين کي فني طور بہ مضبوط ڪيو تہ ٻوليءَ جي استعمال طرف پڻ توجھہ ڏني. شروع دؤر جي خواتين جي ڪھاڻين تي ڪجهہ اردو رسالن جيئن ”حور“، ”زيب النسا“ وغيرہ جي ڪھاڻين جو اثر هو ۽ اردو ٻوليءَ جي لفظن جو بي سبب استعمال پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. موجودہ وقت سنڌي ڪھاڻيڪارائن جون ڪھاڻيون، ٻولي، اسلوب، موضوع ۽ فن جي حوالي کان بھترين آهن. هند جي ليکڪا اڄ بہ ڪھاڻين ۾ انگريزي، هندي ۽ سنسڪرت لفظن جو استعمال ڪري ٿي، پر وري بہ سندن ڪھاڻيون خاص طور ڏيھي ۽ پرڏيھي ادب جي اڀياس جو نتيجو معلوم ٿين ٿيون، جن ۾ موضوع اڇوتا ۽ ڇرڪائيندڙ پڇاڙي آهي تہ فني طور بہ ڪھاڻيءَ سان مڪمل انصاف ٿيل آهي.
پروفيسر پوپٽي رامچند، ايشوري جوتواڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، ۽ ريٽا شھاڻيءَ سان گڏ موجودہ وقت ڪملا گوڪلاڻي، اندرا شبنم، مايا راهي، سوني مولچنداڻيءَ جون ڪھاڻيون وڏي مشاهدي ۽ مطالعي جو ڪارڻ معلوم ٿين ٿيون.
اهڙيءَ ريت ماهتاب محبوب، نورالھديٰ شاھہ،. فھميدہ حسين، شبنم گل ۽ ٻين جون ڪھاڻيون تمام اثر انگيز آهن. ماهتاب محبوب ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ کان، نورالھديٰ شاھہ وسيع موضوعن ۽ اثرائتي اسلوب جي سھڻيءَ ڏات سان تہ فھميدہ حسين حقيقت نگاريءَ کان ۽ شبنم گل حساس جذبن جي نمائندگيءَ کان اهم ڪھاڻيڪارائون آهن. سحر امداد جون ڪھاڻيون اثرائتي ڪردار نگاريءَ سان گڏ علامت نگاريءَ جو عڪس چٽين ٿيون تہ تھمينہ مفتي فطرت نگاريءَ کي سھڻي نموني سان پنھنجي ڪھاڻين ۾ آندو آهي. نذير ناز مختصر، ساديون سوديون ليڪن سچيون ۽ اثرائتيون سماجي حقيقتون بيان ڪيون آهن. زرينہ بلوچ سنڌيڪار جي حيثيت کان علاوہ طبعزاد پڻ اهم ڪھاڻيون لکيون آهن. ڊاڪٽر رشيدہ حجاب پنھنجي دور مطابق پھرين ڪجهہ رومانوي ۽ جذباتي ڪھاڻيون لکيون، پر پوءِ ترت ئي سندس لاڙو حقيقت نگاريءَ ڏي مُڙي ويو. سندس ڪھاڻين ۾ ”رهزن“، ”ٺڳ“، ”راهون چنڊ ستارا“ اهم آهن.
اهو چئي سگهجي ٿو تہ نثر جي اهم صنف مختصر ڪھاڻيءَ ۾ هند توڙي سنڌ جي ڪھاڻيڪارائن چڱيون معياري ڪھاڻيون لکيون آهن.
حوالا
(1) شاھہ نورالھديٰ ”ڪيڏارو“ (ڪھاڻي – ڪليات) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2006ع، ص401.
(2) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1993ع، ص37
(3) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي 1982ع – ص1
(4) مفتي تھمينہ ڊاڪٽر، ”ڪٿا اُپ ڪٿا“ (مھاڳ)، سي پي ايس پي پبليڪيشن 2007ع ص12.
(5) آڪسفورڊ ايڊوانس لرنر ڊڪشنري (O.U.P) ص1187.
(6) سھڻي امر جليل نمبر، سھڻي پبلشرز الھندو ڪچو حيدرآباد 1973ع، ص208.
(7) ميمڻ فھميدہ حسين ڊاڪٽر ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“، شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز 1993ع، ص70.
(8) تقوي سيد سخي حسن، ”همارا قديم سماج“ ترقي اردو بيورو نئين دہلي 1972ع ص118.
(9) شيدائي رحيمداد خان ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1959ع ص298.
(10) ميمڻ فھميدہ حسين ڊاڪٽر ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“، شاھہ لطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ 1993ع ص118.
(11) هوتچند مولچند گربخشاڻي ڊاڪٽر ”شاھہ جو رسالو“ ڪمشنر ڇاپخانو 1931ع ص،68.
(12) دائودپوٽو عمر بن محمد ڊاڪٽر ”شاھہ جي رسالي جا ٽي آڳاٽا نسخا“، ماهنامہ نئين زندگي سيپٽمبر 1957ع.
(13) شيدائي رحيمداد خان ”تاريخ تمدن سنڌ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو 1995ع ص،756.
(14) مبارڪ علي ڊاڪٽر ”الميه تاريخ“ فڪشن هائوس لاهور 2005ع، ص75.
(15) حسين بادشاھہ (سھيڙيندڙ) ”حيدرآباد جي تاريخ“روشني پبليڪيشن 2003ع، ص536.
(16) ملڪاڻي منگهارام ”سنڌي نثر جي تاريخ“روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1993ع ص،104.
(17) سيد مظھر جميل، ”جديد سنڌي ادب“، اڪادمي بازيافت 2007ع ص1017.
(18) شاهد حنائي (مترجم) ”شاهڪار سنڌي ڪھانيان“ اڪادمي بازيافت اردو بازار لاهور 2004ع ص،16.
(19) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ انسٽيٽيوٽ آڦ سنڌ الاجي 1982ع ص251.
(20) سيد احتشام حسين ”ادبي دنيا“، اردو افساني پر ايک گفتگو ص،67.
(ڪلاچي، ڊسمبر 2009ع)
