سندري اُتم چنداڻي هڪ ڪھاڻيڪار، هڪ ساهتڪار
She started her creative writing career as a short story writer. In 1952, she was awarded by “Sindhi Saheetiya” (سنڌي ساهتيہ) on a short story named, “Mumta” (ممتا) published in “Sathee” (ساٿي) magazine after she wrote upto 200 hundred short stories accurately depicting the life and problems of Sindhi society. Her most popular stories are, “Bhoori” (ڀوري) , “Shikasit”(شڪست) , “Karo Ghot” (ڪارو گهوٽ) , “Nanki”(نانڪي) and many more. Her novels “Kirander Deewaroon” (ڪرندڙ ديوارون) and “preet purani reet nirali” (پريت پراڻي ريت نرالي) are famous novels in Sindhi literature. Sundri’s prose work is unique specially her topics, characterization & command over language.
These three aspects of her literary work are focused in this study.
سندري اتم چنداڻيءَ جو شمار سنڌي ادب جي ليکڪائن ۾ اهم حيثيت طور ٿئي ٿو. هن پنجاھہ سالن کان بہ وڌيڪ عرصو ادب لکيو. سندريءَ جو لکيل نثر، سوانح نگاري، ناٽڪ، افسانا، ناول ۽ مضمون لکيا گڏوگڏ هن شاعري بہ ڪئي، ان کان سواءِ هُن ڪتابن جا مقدما ۽ مھاڳ لکيا آهن تہ صحافتي ادب ۾ پڻ هٿ ونڊايو. ”ساٿي“ مخزن جي جوائنٽ ايڊيٽر هئڻ سان گڏ هوءَ ”سنڌو سنسار“ ۽ ”سنڌو سماچار“ ۾ عورتن جي صفحي جي ادارت سنڀاليندڙ رهي. ترجمانگاريءَ ۾ سندس نالو اهم آهي. هُن انگريزي، اردو، مرهٽي، پنجابي ۽ ٻين ٻولين جي وڏن ليکڪن جي اهم ڪھاڻين ۽ ناولن کي ترجمو ڪيو آهي تہ پنھنجي لکڻين جا بہ مختلف ٻولين ۾ ترجما ڪيا. سندريءَ ترقي پسند ادب جي اهم ليکڪن، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، موهن ڪلپنا، ڪرشن کٽواڻي، سڳن آهوجا، جڳت آڏواڻي، پوپٽي هيراننداڻي، شيخ اياز، نورالدين سرڪي ۽ آسانند ڄيٺانند اتم چنداڻيءَ جي رهنمائيءَ مان گهڻو پرايو. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هتان تولارام اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق هو. سندس گهر ۾ وڏي لائبريري هئي. خانداني طور گهر جي وڏن کي ڪتاب پڙهندو ڏسي، هن پاڻ بہ ادب کي پڙهڻ ۽ لکڻ شروع ڪيو ۽ انھيءَ شوق کي باقاعدہ طور هٿي آسانند ڄيٺانند اتم چنداڻيءَ سان شادي ڪرڻ کان پوءِ ملي، جو سندري سنڌي ادب جي اهم ترين ليکڪا ٿي ويئي. عام طور چوندا آهن تہ ”ڪنھن ڪامياب مرد جي پويان هڪ باشعور ۽ سمجهدار عورت جو هٿ هوندو آهي“ پر هتي اسين ڏسنداسين تہ سندري اُتم چنداڻيءَ جي ڪامياب ادبي سفر پويان سندس وَرَ جو پڻ هٿ آهي. اُتم جي همراهيءَ ۽ همٿائڻ تي سندري لکي ٿي تہ،
”ادب سان چاھہ مون ۾ خانداني طور تي آهي. اسان جي گهر ۾ منھنجي ڏاڏي، پيءُ ۽ ڀائرن جا ڪافي ڪتاب ڪٺا ٿيل هئا. راند جا موقعا گهٽ هئڻ سبب منھنجو ڌيان گهڻي ڀاڱي ڪتابن ڏانھن ئي رهيو. ڪتاب پڙهندي پڙهندي منھنجي ذهن ۾ هڪ وڏي ليکڪا ٿيڻ جو سپنو اڀريو، پر ميدان وغيرہ ڪجهہ بہ ڪونہ هو. اهو سپنو ساڀيان تڏهن ٿيو، جڏهن مون کي ورهاڱي وقت اُتم کي ڏسڻ ۽ ساڻس ڳالھائڻ جو موقعو مليو. ان وقت ترقي پسنديءَ جي لھر ڏاڍي زور هئي ۽ ڪيترن ئي نوجوانن لکڻ شروع ڪيو هو، جن ۾ اُتم پڻ هو ۽ آئون بہ ساڻس گڏ اُن ڌارا ۾ شامل ٿي ويس. جڏهن اُتم جو مون کي پورو ساٿ مليو تہ ڄڻ منھنجي اميجينيشن کي پَرَ لڳي ويا“. (اتم چنداڻي سندري، 1953: 236)
اهڙيءَ ريت سندري ترقي پسند ادب جي مقبول ۽ مشھور ليکڪا بڻجي ويئي. هن پنھنجي تعليم توڙي ادبي ڪيريئر کي ورهاڱي کان پوءِ ئي اڳيان وڌايو. 23 ورهين جي عمر ۾ پسند سان شادي ٿيڻ کان پوءِ ترت ئي ورهاڱي سبب پنھنجي مڙس سان وڃي بمبئيءَ ۾ رهي، جتي ايم.اي تائين تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ کلناڻي اسڪول جي ڪاليج سيڪشن ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرر طور پڙهائڻ لڳي. هوءَ پنھنجيون تحريرون ڇپائڻ لاءِ موڪلڻ کان اڳ اُتم صاحب کي ڏيکاريندي هئي. سندس چواڻي تہ،
”منھنجي لکڻين ۾ ماس کڻي منھنجو هجي، پر جيڪو ڍانچو آهي، ان ۾ گهڻو ڪجهہ اُتم جو ارپيل آهي. هن جا ۽ منھنجا اهي ئي ساڳيا ويچار آهن، جيڪي پروگريسو ازم جا بنيادي خيال آهن“. (سندري، 1983: 237)
شخصي طور سندريءَ جا ڪئين روپ آهن. هوءَ ٻن ڌيئرن جي ماءُ ۽ هڪ مھربان استاد کيس پٽ جو اولاد ڪونہ هو، پر ڌرم جي پٽ ۽ ننھن مان هوءَ تمام مطمئن رهي تہ پنھنجي پتيءَ لاءِ پڻ هوءَ قربائتي پتني رهي. سندس حياتيءَ جو هر رخ مطمئن ۽ آسودہ ڪندڙ رهيو. سنڌي ادب ۾ سندس ڪم کي مڃيو ويو ۽ کيس وڏي موٽ ملي. فطري طور سندري اتم چنداڻي نرم سڀاءَ جي مالڪ، رلڻي ملڻي ۽ همدرد طبع هئي. سندس نظر ۾ انساني ڪرداري خوبيون اهميت جوڳيون آهن، هوءَ پاڻ چوي ٿي تہ،
”مون کي ڪجهہ بہ ناپسند ناهي ٿيندو. ها، ڪجهہ ڪئريڪٽر جو خيال ٿيندو آهي تہ ماڻھو اوچ ورتيءَ وارو هجڻ گهرجي، پر منھنجين پسندين جو دائرو تمام وڏو آهي، شايد ايترو وڏو جو ناپسند ڪرڻ لاءِ تمام ٿورو ڪجهہ رهجي وڃي ٿو. مون کي ماڻھو سڀ تمام ٺيڪ لڳندا آهن ۽ تمام گهڻا وڻندا آهن جو ڪي دوست چوندا آهن تہ آئون اهڙن ماڻھن کي ڪيئن ٿي پسند ڪريان، جن سان هو جيڪر ڳالھائڻ بہ پسند نہ ڪن. مون کي سڀني لاءِ عزت آهي. انھيءَ ۾ شڪ ناهي تہ ڪي ڪي ماڻھو تمام گهڻو وڻندا آهن، پر آن دي هول مون کي سڀني لاءِ شڀ ڪامنائون آهن“. (سندري، 1983: 245)
سندري اتم چنداڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ ڪھاڻين جا مجموعا: ”اڇا وار ڳاڙها گل“ (1965ع)، ”تو جنين جي تات“ (1970ع)، ”ڀوري“ (1979ع)، ”ٻنڌڻ“ (1982ع)، ”مرڪ تي منع“ (1985ع)، ”يگانتر“ (1989ع)، ”کيڙيل ڌرتي“ (1992ع) ۽ ”پيار پيار، پيڙا پيڙا“ آهن. طبعزاد ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ (1953ع)، ”پريت پراڻي ريت نرالي“ (1956ع). ترجمو ٿيل ناولن ۾ ”پياسي ڌرتي پياسيون دلڙيون“ (ڪرشن چندر)، ”هڪ سسئي سؤ سور“ (امرتا پريتم)، ”ٽُٽل ساز“ (مئڪسيم گورڪي)، ”ساگر جي سنتان“ (تڪشي شنڪر) جي ناولن تان ترجمو ڪيا آهن. پوئين ترجمي تي کيس سويت نھرو انعام مليو. ان کان سواءِ ”ملايازيميليا“، ”نئون جنم“، ”ڪنواري ڌرتي“ (سوانح 1978ع- 1978ع- 1979ع) ۾ لکيا، جيڪي بريزنيف جي يادگيرين تي مشتمل آهن) ۽ ”روس جي نئين سڀيتا جو درشن“ (سفرنامو- 1980ع) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. هن ڪافي مضمون لکيا آهن. سندس مضمونن جو مجموعو ”ڀارت ۽ روس- ٻہ ٻانھن ٻيلي“ 1974ع ۾ شايع ٿيو. لکيل ناٽڪ ڏهن کان مٿي آهن، جن مان ڪي مخزنن ۾ پڻ شايع ٿيا آهن، پر ڪتابي صورت ۾ ڪو بہ ناٽڪن جو ڳٽڪو ڇپيل ڪونھي. سندريءَ جون ڪھاڻيون، مضمون ۽ ننڍا ناٽڪ، ”نئين دنيا“، ”مارئي“، ”مھراڻ“، ”نئين زندگي“، ”سنگيتا“، ”هلچل“، ”آلڪا“ ۽ ”جوت“ رسالن ۾ ڇپيا آهن. ڇپيل ڪتابن جو تعداد ويھن تائين آهي. هن شاعري پڻ ڪئي. سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت بہ وقت شايع ٿيندي رهي. ”امن سڏي پيو“ (1966ع ۾) روسي شاعريءَ جو ترجمو ڪيو اٿس تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ”هڳاءُ“ (1993ع ۾) شاعريءَ جو مجموعو شايع ٿيو، جنھن ۾ ٺيٺ سنڌي تشبيھون ۽ لفظ ڏنل آهن. گهڻي ڀاڱي نظم لکيا اٿس. شاعريءَ جو شوق هوندي بہ هوءَ پنھنجي ڪيل شاعريءَ کان گهڻو مطمئن نہ آهي. لکي ٿي تہ،
”ڪيترن سالن کان مان ڪجهہ نہ ڪجهہ لکندي رهندي آهيان، پر مردن وانگر شاعراڻي سنگت نہ هجڻ ڪري گهڻو واڌارو نہ ٿي سگهيو آهي، انھيءَ ڪري نارائڻ شيام چوندو آهي تہ منھنجي شاعريءَ ۾ شاعري تہ گهڻي آهي، پرفارمس وغيرہ جي ڏاڍي کوٽ آهي“. (سندري، 1983: 246)
ممڪن آهي اها سندس انڪساري هجي يا هوءَ وڌ کان وڌ ”تڪمليت“ (پرفيڪشن) چاهيندڙ هجي، ڇو جو اعليٰ فنڪار ڪڏهن بہ مطمئن نہ ٿيندو آهي، جڏهن تہ سندس شاعريءَ کي ڪلاپرڪاش، واسديو موهي ۽ ٻين ساراهيو پڻ آهي. بنيادي طور هوءَ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. سندس پھرين ڪھاڻي ”ساٿي“ نالي مخزن ۾ شايع ٿي. 1952ع ۾ سندس ڪھاڻي ”ممتا“ جي عنوان سان ڇپي، جيڪا پاڪستان ۽ هندوستان جي ورهاڱي جي حالتن جي باري ۾ هئي. انھيءَ تي کيس سنڌي ساهتيہ طرفان انعام ڏنو ويو. هيءَ ڪھاڻي ڪيترن وڏن ليکڪن جي ڪھاڻين وچ ۾ ڪامياب ٿي هئي. هن 200 کان مٿي ڪھاڻيون لکيون آهن، جن جا ڇھہ، ست مجموعا شايع ٿيا آهن، جن مان ڪي ڪتاب وري وري پڻ ڇپيا آهن. ”ڀوري“ ٽن سالن ۾ لڳاتار ٽي دفعا ڇپيو. سندس اهم ڪھاڻين ۾ ”ممتا“، ”اڇا وار ڳاڙها گل“، ”قدر ڪونھي“، ”وڇوڙو“، ”نانڪي“، ”ڪارو گهوٽ“، ”آکيري جا اٻلاکي“، ”ڀوري“، ”ٻنڌڻ“، ”کير ڀريا هٿڙا“، ”ستيءَ جو چبوترو“، ”ڪوشان“، ”گورکو“، ”ڀڄ ڀڄان“، ”شڪست“، ”نانڪي“، ”تو جنين جي تات“، ”املھہ ماڻڪن جو واپار“، ”چوٽ“، ”دل شيشو آهي“، ”مان ترسنديس“، ”جيئڻ جي تمنا“، ”روشني“، ”سنڌي ٿي ويا داڻو داڻو“، ”نينھن جا ناتا“، ”ڏيھہ ٿيو پرڏيھہ“ ۽ ٻيون آهن. سنڌي ساهت جي ڪھاڻي کيتر ۾ سندريءَ جو هڪ اهم مقام آهي. حميد سنڌيءَ جي چوڻ موجب تہ،
”روح رهاڻ مخزن جي اجراء واري شروعاتي دور ۾ سنڌ ۾ ڳاڻ ڳڻيون عورتون لکڻ جي ميدان ۾ هيون. افسانانويسيءَ ۾ زينت عبدﷲ چنا، رشيدہ حجاب، ثميرہ زرين ۽ چند ٻيون هيون. انھيءَ وقت هندوستان ۽ پاڪستان جي درميان مواصلات جا ذريعا ايترا مضبوط ڪونہ هيا ۽ نہ ئي فيڪس ۽ انٽرنيٽ نموني جون سھولتون ميسر هيون، سو هندوستان مان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب ۽ رسالا جڏهن هتي اچي هٿ ۾ ملندا هئا، تڏهن ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي ۽ هڪدم اسان انھن مان ڪھاڻيون هتي جي رسالن ۾ شايع ڪندا هئاسين. انھيءَ جي ڪري سنڌ جو پڙهندڙ طبقو پوپٽي، سندري، تارا ميرچنداڻي ۽ ٻين ليکڪن ۽ ليکڪائن جي فن سان آگاھہ ٿيو“. (حميد سنڌي، روبرو انٽرويو: 15 جنوري 2008)
موضوع، جي حوالي سان سندريءَ وٽ موضوعن جي ڪابہ کوٽ ڪونھي هن سنڌي ڪھاڻيءَ جي شروع دور کان عروج واري دور تائين مستقل مزاجيءَ سان لکيو آهي. سندس ڪھاڻيون حياتيءَ جي حقيقت نگاريءَ سان گڏ خاص طور سنڌي سماج جي گهريلو مسئلن جي عڪاسي ڪن ٿيون. ڊاڪٽر عبدالجبار لکي ٿو تہ،
”سندريءَ جي موضوعن جي پکيڙ سماج جي پکيڙ جيتري آهي. سندس ڪھاڻين ۾ عورت جا نازڪ جذبا ۽ نازڪ خيال سمايل آهن. انھن ۾ پيار ۽ پاٻوھہ موجود آهي. ”پھريون پيار“ جي لاجونتيءَ جا جذبا پتيءَ لاءِ پاٻوھہ وارا آهن. ايئن ”اڇا وار ڳاڙها گل“ انساني جذبن جي اپٽار آهي. ننڍن ننڍن مڪالمن ۾ جذبن جا ڀنڊار آهن. ڪھاڻي ”دل شيشو آهي“ خطن وسيلي ڏکن سورن جو اظھار آهي. ”تو جنين جي تات“ ورهاڱي جي درد جي ڪھاڻي آهي. هن درد جو تہ ڪو درمان نہ ٿيو. ”شڪست“، ”املھہ ماڻڪن جو واپار“ ۽ ٻيون ڪيتريون اعليٰ معيار جون ڪھاڻيون هُن لکيون آهن“. (جوڻيجو، 2006: 84)
سندريءَ جا موضوع گهڻي ڀاڱي عورت جي جذبن، اُمنگن ۽ ويچارن جي اپٽار آهن. هوءَ ان جي نفسيات جو گهرو مطالعو رکي ٿي. ڳوٺاڻي، شھري، پڙهيل، اڻ پڙهيل، گهريلو، نوڪري ڪندڙ عورت يا سندس مختلف روپن، جيئن، سس يا ننھن، ماءُ يا ڌيءَ، محبوبہ يا زال، مطلب تہ هوءَ عورت جي فطرت جي هر روپ تان پردو کڻڻ جي اهليت رکي ٿي. عورت جي هر سماجي حيثيت ۾ مرد ذات جو ان سان وهنوار ۽ ورتاءُ سندري کولي کولي ٻڌائي ٿي. هوءَ ”ڪارو گهوٽ“ جي حسين اپسرا کي کل چرچي ۾ ڪارو گهوٽ قبولائي ٿي، جو پوءِ کيس مضبوط، بھادر، اڏول ۽ پنھنجي پاڻ تي فدا ٿيڻ وارو مڙس لڳي ٿو. ”وڇوڙو“ ۾ سندريءَ اڄ جي عورت کي عام عورتن کان مختلف ڄاڻائڻ ٿي چاهي، جيڪا مڻين ۽ ويسن وڳن جي محتاج ڪونھي. ”کير ڀريا هٿڙا“ ۾ هوءَ حساس جوتيءَ کي ٿي بيان ڪري، جا باوجود غربت جي پنھنجي شاعر مڙس ديپڪ کي اهو محسوس ٿيڻ نٿي ڏئي تہ سندس دل بہ دنياوي نعمتن ۽ سکن جي ستائش ڪري ٿي. سندريءَ جي انعام يافتہ ڪھاڻي ”کير ڀريا هٿڙا، نير ڀريا نيڻ“ طوفاني رات ۾ ديپڪ ۽ جوتيءَ جي مڪالمن تي مبني آهي. چندرا جي خوشين ۽ خوبصورتيءَ کي ڏسي هڪ لحظي لاءِ جوتيءَ جي دل وسامي ٿي. سندس عورتاڻا جذبا سکن ۽ خوشين جي چاهنا ڪن ٿا، پر پوءِ جوتي کي سنڀالي ٿي وڃي ۽ ديپڪ جي ٻانھن ۾ شانت ٿي چوي ٿي تہ،
”آسمان کي جڏهن ڌوڏو ايندو آهي، تڏهن ڪڪرن جو روپ ڌاري هيٺ لھي ايندو آهي ۽ دور افق ۾ ڌرتيءَ کي سيني سان لائي، اسٿر ٿي ويندو آهي“.
(سندري، 1982: 17)
”مان ترسنديس“ ڪھاڻيءَ جو موضوع پڻ عام هوندي بہ ليکڪا جو بياني انداز خاص نموني جو آهي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ انھن مائرن جي لاءِ چتاءُ آهي، جيڪي پنھنجي نياڻين جي لاءِ خوب کان خوب تر رشتي جي تلاش ۾ ٺيڪ ٺاڪ رشتا ٺڪرائي ڇڏينديون آهن ۽ آخرڪار نياڻيءَ جي وهي چڙهي وڃڻ جي ڪري پريشان ٿينديون آهن. راڌا جي شادي نہ ٿيڻ ۽ ماءُ جي گهمنڊ واري لوڏ نس نس ۾ سمائڻ سببان هوءَ خود کي خاص ڇوڪري نہ فقط سمجهڻ لڳي، پر رستي تان بہ ٿڙي وڃي ٿي. سندري هن سانحي تي لکي ٿي تہ،
”هڪ پاپ ٻہ انسان. ايئن تہ هر پاپ ۾ ٻيءَ هستيءَ جي موجودگي گُهرجي. ڪوئي ڪرم جيستائين هڪ ڄڻي تائين محدود آهي، تيستائين پاپ نٿو بنجي. جڏهن ڪنھن ٻئي ڄڻي جو هاڃو ان ۾ شامل ٿيو وڃي، تڏهن اهو ڪرم پاپ بڻجيو پوي. مگر ٽئڪسيءَ واري سان هڪ رات گڏ گذاري، راڌا ڪنھن جو هاڃو ڪيو هو، سا ڳالھہ کيس نٿي سمجهہ ۾ آئي. پوءِ جنھن ڪرم کي سڀني پاپ ٿي سڏيو، تنھن کي پاڻ بہ پاپ سمجهي، فقط ان ڪري جو ٻيا ان کي پاپ ٿا سڏين، ان ڳالھہ لاءِ هوءَ بہ تيار نہ هئي، تہ باقي هيءُ مونجهارو ڇاجو هو؟ پاڻ کي نہ سمجهي سگهڻ جو؟ راڌا جاڳندي تہ ڇا، ڪڏهن ننڊ ۾ بہ ڪين سوچيو هو تہ هوءَ هڪ ٽئڪسيءَ واري کي پاڻ ارپڻ ڪري ايندي! جيڪي نہ سوچيو هئائين، اهو ٿي گذريو هو ۽ جيڪو وَرَ وَرَ ڪري سوچيو هئائين، خوابن ۾ ڏٺو هئائين، اهو سڀ سوچ جي صورت ۾ ئي رهجي ويو هو، پر عمل جي اوساريءَ ۾ لنبجي نہ سگهيو هو ۽ عمل ۾ جيڪي اچي چڪو هو، ان لاءِ هاڻ سوچڻو هو. ڇا سوچڻو هو؟ هاڻ تہ جيترو اڳتي وڌڻ مشڪل هو، پٺتي موٽڻ پاڻ ان کان گهڻو مشڪل هو ۽ هوءَ ويٺي هئي رات جي اڪيلائي ۾ اٿاھہ پيڙا جي پونجي کنيون. اڄ کيس گذريل پلن کان، دريءَ کان ٻاهر ستل جھان کان، بتيءَ جي روشنيءَ کان بہ هڪ عجيب خوف محسوس ٿي رهيو هو“. (سندري، 1982: 20)
عصمت لٽيل راڌا کي بہ سندريءَ هڪ نئين شڪتي ڏني آهي. کيس همت ڏيئي حوصلي سان جيئڻ جوحق ڏنو اٿس. لکي ٿي تہ،
”راڌا سوچيو ۽ اُٿي کڙي ٿي، آنڌ مانڌ ختم ٿي چڪي هئي. اٿي بتي ٻاريائين ۽ ميز جي خاني مان پنو پينسل ڪڍي لکيائين، پرڀداس دادا!
”ماضي مٽجي نٿو سگهي تہ لَٽجي تہ سگهي ٿو ۽ هڪ ڏينھن شايد لَٽَ اُن کي دٻي ڇڏي. توهين ٺيڪ ٿا چئو، جيون جي هڪ ڀُل سان، سؤ ڀلون ٻيون بہ گڏڻ ناداني آهي. منھنجي قوم وٽ جڏهن مون جھڙين وچولي درجي وارين ڇوڪرين لاءِ گاڏيون، موٽرون ۽ بنگلا ناهن تہ ڇا ٿيو. هٿن سان پورهيو ڪنديس، ساديون ساڙهيون پائينديس. ٺيڪ ٿا چئو، مون جھڙين ڇوڪرين کي بھادر بڻجي زندگي عيش نہ، پر تپ ۽ تياڳ ڪري وٺڻ گهرجي، هائو! مان بہ پنھنجي قوم جو هڪ جزو آهيان. مان ترسنديس، پنھنجي قوم جي اهڙي انسان لاءِ جو کلي کلي موڪلائڻ لاءِ نہ، پر جيون ڀر ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار هوندو“. (سندري، 1982، 27)
”جيئڻ جي تمنا“ جي نائيڪا هڪ اهڙي غريب ڪٽنب مان هئي، جتي غربت ۽ جهجهن گهرڀاتين هئڻ سبب جيون جنجال هو. ايتريقدر جو سڀني ڀائرن ڀينرن ننڍپڻ ۾ ئي عھد ڪيو تہ هو وڏا ٿي شاهوڪار ضرور ٿيندا. ليکڪا لکي ٿي تہ،
”مون تہ سوچي ڇڏيو هو اگر جيئڻو آهي تہ هڪ وار شاهوڪار ضرور ٿينديس، پر اها ڳالھہ اسان جي مغز ۾ ڪير وجهي تہ جيئن پئسو پئسي کي ڪمائيندو آهي، تيئن خودغرضي بہ ٻين جي خودغرضيءَ کي وياج سوڌو کڻي ايندي آهي. ان هوندي بہ سڀ هن عجيب ويڙھہ ۾ ٽپي پياسين. پھريون قدم اهو کنيوسين جو وڏيءَ ڀيڻ جي هڪ بيٺل گهر ۾ شادي ڪرائيسين سين. ڇوڪرو بيمار مليو، پر شاهوڪار هو. اڃان ڀيڻم جي پيٽ ڀري کاڌو کائڻ جي سَڌَ بہ پوري ڪانہ ٿي هئي جو هوءَ وڌوا ٿي ويئي“. (ص 31)
ساڳيءَ ريت ڪھاڻيءَ جي نائيڪا بہ امير گهر ۾ شادي ٿي وڃي ٿي ۽ سندس گهوٽ جي وفات کان پوءِ اهي امير ساهرا کيس گهر مان ڇڪي ڪڍڻ ٿا چاهين ۽ سندري صاحبہ انھيءَ بيواھہ عورت کي ٻل ڏنو آهي تہ هوءَ جيئڻ جو حق ڇڪي وٺي ۽ هٿيار ڦٽا نہ ڪري. لکي ٿي تہ،
”اڙي جيوت جا راڪاس ٻڌاءِ مان ڪيڏانھن وڃان، ڪھڙي جھان ۾ وڃي رهان؟ پتيءَ جي جيئري ئي جن عزيزن مون کي غريب گهر جي ڇوڪري سمجهي ٽپ ٽپ تي منھنجي بي عزتي ٿي ڪئي، سي اڄ ڇا ڇا نہ ڪندا؟ نہ نہ، ماضيءَ جا ورق ورائيندي ٻانھن ۾ نئون ٻَل اچي ويو آهي. جھاز ٽٽي پيو ۽ تختو ڇڏائجي ويو تہ ڇا ٿيو؟ پوءِ بہ جيئڻو آهي مون کي! مان ڪين مرنديس. پنھنجي ٻانھين ترنديس...“
(اتم چنداڻي، 1982: 39)
مطلب تہ سندريءَ جي موضوعن ۾ عورت جي عظمت، عزت ۽ اهميت کي سرسي آهي، پر ايئن نہ آهي تہ هن فقط ”عورت ذات“ کي ئي پنھنجي ناولن ۽ ڪھاڻين جو موضوع بنايو آهي. هن ڪيترن ئي مسئلن تي لکيو آهي. ڏک سک، غريبي اميري، علم جي ڪمي، انساني حقن جو استحصال، آزاديءَ جي اهميت، وطن جي محبت، سنڌيت، قوميت، وطنيت، پيار، محبت هر موضوع کي سھڻائيءَ سان پيش ڪيو اٿس. موضوع کي اڀارڻ ۾ ڪمال سندريءَ جي ڪردارنگاري جو آهي. انساني جذبن جي اپٽار ڪردارن جي واتان ۽ سندن خيالن جي ذريعي اهڙي تہ سھڻي نموني پيش ڪري ٿي، جو لفظن ۽ جملن جي ربطگي ۽ تاثر دل۽ دماغ تي تمام گهڻواثر ڪن ٿا.
”شڪست“ حشو ۽ ستي ٻنھي پتي ۽ پتنيءَ جي حياتيءَ ۾ ايندڙ انھن لمحن جي ڪھاڻي آهي، جن ۾ جهيڙن کان پوءِ صلح آهي، رسڻ کان پوءِ پرچڻ جو ميٺاج آهي. داديءَ انھن جهيڙن جهٽن کان بچڻ لاءِ شادي نہ ڪئي، پر آخر حشو ۽ ستيءَ جي صلح کيس احساس ٿي ڏياريو تہ پتي ۽ پتنيءَ جي اڻ ٽٽ رشتي ۾ هڪ عجيب ۽ انوکي پنھنجائپ آهي. اهو محسوس ڪري سندس سوڀ ”شڪست“ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. هوءَ سوچي ٿي تہ،
”ڪاش، پيار جي درياءَ ۾ هن طرح غريبيءَ جي شڪايتن کي ٻوڙي واهي ڇڏڻ جي ريت ڪجهہ سال اڳ سکان ها، جڏهن اڃا جوان هيس. دل ۾ ستيءَ ۽ حشوءَ جي اچڻ وقت جيڪو سوڀ جو احساس ٿيو هوم، سو سندن وڃڻ بعد بدلجي شڪست جو احساس بنجي ويو آهي“. (سندري، 1987: 106)
ڪردارنگاريءَ جي خوبين ۾ ”ڀوري“ ڪھاڻي اهميت رکي ٿي، جا عورت جي ڪردار جي ٻن اهم روپن تي روشني وجهي ٿي. ٻن عورتن جي مزاج جا الڳ الڳ رويا ڄاڻائي، ليکڪا عورت جي فطرت تي روشني وڌي آهي. ٻن جدا جدا طبقن جي عورتن جي تصويرڪشيءَ ۾ هڪ اها شھري عورت آهي، جا گهر ويٺي آهي. کيس حياتيءَ جا سڀ سک ميسر آهن، پر پتيءَ جي گهر اچڻ تي وٽس شڪايتن جا دفتر آهن ۽ ٻي اها عورت آهي، جا محنت مزدوري ڪري پنھنجو گذران ڪري ٿي. پر وٽس صبر، همت ۽ حوصلو آهي. جيون کي اڻ کٽ محنت ۽ انھيءَ محنت جي مقصديت کي مڃتا ڏيندي سندريءَ غريب محنت ڪش ڀوريءَ کي ”محنت تي تڳندڙ ملڪہ“ جو لقب ڏنو آهي. پاپڙ وڪڻندڙ ڀوريءَ جي خودداريءَ ۽ مضبوطيءَ کي شھري سشيلا جي فخر ۽ غرور واري نيچي طبيعت کان فوقيت ڏيندي نيڻوءَ (سشيلا جي وَرَ) جي واتان چورائي ٿي تہ،
”اها ئي تہ سندس سونھن آهي، جنھن مونکي بھار بھار ڪري ڇڏيو. هن جي آتما کيس ڪنھن بہ انسان اڳيان هيٺڀرو نٿي ڪري. هن لاءِ ٻہ روپيا ڪمائيندڙ توڙي ٽي سؤ روپيا ڪمائيندڙ هڪ جھڙا آهن. ڪنھن جو ٿورو تہ کڻي ڪانہ ٿي. محنت ڪري ٿي اجورو طلبي ٿي. پورهيو ڪندي ڀل عمر کان اڳ ٻڍي ٿي ويئي آهي، تہ بہ ارمان نہ اٿس. سندس پتي ٻہ روپيا ٿو ڪمائي، ڏھہ روپيا ڇو نہ ٿو ڪمائي، اُن لاءِ ڪابہ شڪايت ڪانہ اٿس“.
”ايئن تہ مون کي بہ توهان لاءِ ڪا شڪايت نہ آهي؟“
”ڏاڍي ڀورڙي آهين، پنھنجي اندر کان پڇ شڪايتن جا ڍير لڳا پيا اٿيئي. ٻارن کي ڪانوينٽ ۾ نٿا پڙهايو، روز روز شاپنگ ڪرڻ نٿا هلو. ڪشمير نٿا گهمايو، پيڪي مايڪي نہ ٿا وٺي هلو، اڪيلي ڪيئن وڃان... ۽ هوڏانھن ڀوري آهي، جا وڏي آڪاش هيٺان وڏيءَ ڌرتيءَ تي بي فڪر هلندي هلندي ايڏي تہ وشال ۽ مضبوط دل واري ٿي ويئي آهي، جو کيس ڪو بہ ڪوڙو شان نٿو ستائي. ڪرم ۾ پاڻ کوهي هوءَ محنت تي تڳندڙ ملڪا... اڙي تون روئي ويٺينءَ؟“
”نيڻوءَ پتنيءَ جو منھن ٻنھي هٿن ۾ کڻي جهليو“. (سندري، 2007: 16)
سندريءَ جي فن جي وڏي محبوبي ڪردارنگاريءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سندر لفظن جي گهاڙيٽن وارن جملن سان هوءَ پنھنجي فَنَ ۾ ڪردارن جي اندر کي اوتي ٿي. هن انھيءَ دور ۾ لکيو، جڏهن هند توڙي سنڌ ۾ ڪھاڻيءَ جي صنف کي هٿي ڏيڻ لاءِ ادبي ڪلاس ٿيندا هئا، سندريءَ کي انھيءَ مان وڏو فائدو مليو. هندوستان ۾ سنڌي ساهت منڊل 1949ع ۾ قائم ٿيو، جنھن ۾ ليکڪن لاءِ نثر ۽ شاعريءَ جي صنفن جي سکيا لاءِ ڪلاس ٿيندا هئا. ساڳيءَ ريت سنڌي ادبي سنگت طرفان 1952ع کان ادبي ڪلاسن ۾ ڪھاڻي پڙهي ٻڌائڻ ۽ ان مٿي تبصري ڪرڻ سان سنڌ ۾ ڪھاڻيءَ جي فن کي هٿي ملي، اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ هند ۾ انھن ڪلاسن سان ادب ۾ واڌارو ٿيو. سندريءَ انھن ڪلاسن ۾ ڪھاڻيءَ جي فن بابت تربيت حاصل ڪئي، جنھن سان هن نہ فقط طبعزاد ڪھاڻين لکڻ ۾ ترقي ڪئي، پر ترجما پڻ شاندار ڪيا. سندريءَ مستقل ۽ مسلسل لکڻ جي محنت سان پنھنجي فن کي مٿي پھچايو. سندريءَ جي ڪھاڻي ۽ ناول جي مقبوليت جو سبب اهو آهي، جو هوءَ سنڌي جيوت ۽ سنڌي سماج جو چتر حقيقت نگاريءَ سان گهريچي، اصلاحي ۽ محاوريدار دلچسپ ۽ دلڪش ٻوليءَ ۾ پيش ڪري ٿي. ان ۾ نہ فقط ٻاهرين دنيا جي پر اندرين من جي دنيا جي بہ ڪشمڪش هوندي آهي تہ فن ۽ فڪر جو بہ مڌر ميلاپ هوندو آهي. ان ڪري ئي سندس 25-30 سال اڳ جون تحريرون اڄ بہ روح کي راحت ۽ دماغ کي تراوٽ ڏين ٿيون.
ٻنڌڻ عنوان سان مجموعي ۾ هيٺيون ڪھاڻيون: ”کير ڀريا هٿڙا“، ”ٻَنڌڻ“، ”مان ترسنديس“، ”جيئڻ جي تمنا“، ”نينھن جا ناتا“، ”ساٿي“، ”ولائتي گهوٽ جي ڳولا“، ”سنڌي ٿي ويا داڻو داڻو“، ”ڏيھہ ٿيو پرڏيھہ“، ”مني ڪھاڻي“، ”چٽاڀيٽي“، ”ممتا“ ۽ ”ڪوشان“ آهن. مٿين شروع جي ٻنھي ڪھاڻين تي کيس انعام مليل آهي. ”وڇوڙو“ ڪھاڻين جي مجموعي ۾ ”ڪارو گهوٽ“، ”آکيري جا اٻلاکي“، ”ڪنوار پيءُ“، ”مھانگي گڏي“، ”سنڌوءَ جو روپ“، ”وڇوڙو“، ”قدر ڪونھي“، ”سوريءَ سچ چڙهيو“ ۽ ”نانڪي“ جي عنوانن سان نَوَ ڪھاڻيون آهن. هڪ ٻئي مجموعي ”يگانتر“ ۾ يارنھن ڪھاڻيون آيل آهن. مٿي ڄاڻايل ڪھاڻيون سنڌي سماج جي ڪيترن اهم مسئلن تي لکيل آهن. جيئن روزگار جو مسئلو، شھري ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ فرق، جھالت جي خلاف جدوجھد، سنڌيت جو جذبو، قوميت جو احساس، صحت ۽ تعليم جا مسئلا، انساني بنيادي حقن جي لاءِ جاکوڙ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي حقيقتون آهن، جيڪي هن سھڻي انداز سان آنديون آهن. ڊاڪٽر نورافروز خواجہ وشنو ڀاٽيه جي حوالي سان لکيو آهي تہ،
”سندريءَ جون ڪھاڻيون، سنڌين جي گهر، سماج ۽ سنگهرش جون ڪھاڻيون آهن، جيڪي ٻالڪن جي دلين تي گهري ۽ امٽ ڇاپ ڇڏين ٿيون. سندريءَ جي ڪھاڻين ۾ ڪردارنگاري نھايت ئي سھڻي طريقي سان پيش ڪيل آهي. سندس ڪردار گهرو زندگيءَ مان ئي کنيل آهن ۽ اهي ماحول بہ اهوئي ٿا کڻيو اچن. سندس ڪھاڻين جا ڪردار سندس آسپاس واري ماحول ۾ رهندڙ، گهمندڙ ڦرندڙ ۽ جيئرا جاڳندا آهن. کيس انساني دلين کي پرکڻ جي خاص ڏات مليل آهي. سندس هر هڪ ڪھاڻي سچن احساسن جي فنائتي ڍنگ جي عڪاس نظر اچي ٿي“. (خواجہ، 2009: 378)
سُندريءَ جي ڪھاڻين جو هڪ اهم مجموعو ”تو جنين جي تات“ عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد مان 1983ع ۾ ڇاپيو، جنھن جي ڪھاڻين ۾ ”تو جنين جي تات“، ”معصوم التجا“، ”رجني ۽ آرسي“، ”ڪاري رات“،”پرزا... پرزا“، ”دل شيشو آهي“، ”ممتا“، ”ڄمن وارو“، ”چاچي چيلي ماءُ“ ۽ ”تڙڦ“ آهن، جن جا موضوع بہ گهڻي ڀاڱي سماجي مسئلن جي گرد گهمن ٿا.
”تو جنين جي تات“ سنڌ جي يادگيرين تي مبني آهي. سندريءَ جي هيءَ ڪھاڻي وطنيت جي جذبي سان سرشار آهي. گهني جي واتان ڪڇ ڏي ويندڙ دوستن کي چورائي ٿي تہ،
”توهان تہ ڪڇي آهيو، پنھنجي ڪڇ ملڪ ڏي ويندا، اسان جي ٻي ڪھڙي سنڌ رکي آهي، جتي وينداسين“.
”معصوم التجا“ بہ ساڳيءَ ريت قوميت جي موضوع تي آهي.
”مان چوان ٿي، مان موهنيءَ کي سنڌي ئي پڙهائينديس، پر مون کي هتي حيدرآباد (سنڌ) واري تولارام گرلس اسڪول جھڙو سنڌي اسڪول نظر نٿو اچي، جنھن ۾ وڏا هوادار ڪمرا هئا. ايڏو وڏو پارڪ هو. گلن جا ٻارا هئا ۽ پينگهون هيون ۽ هئي صفائي، سٺائي ۽ پنھنجائي“.
ڪھاڻيءَ جي نائيڪا پنھنجي ڌيءَ موهنيءَ جي لاءِ هندوستان ۾ سھڻي سنڌي اسڪول جو خواب ٿي ڏسي. سندس خواهش آهي تہ جھڙا سنڌ جا سنڌي اسڪول هئا، اهڙا هتي بہ هجن، پر انگريزي ميڊيم جي قائم ٿيڻ ۽ مادري زبان جي آهستي آهستي نئين تعليمي سرشتي ۾ اهميت گهٽجڻ تي سندس احساس عجيب نموني جا ٿي ٿا وڃن. جڏهن هوءَ انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ موهنيءَ کي وٺي ٿي وڃي تہ کيس اهي اسڪول معياري ٿا لڳن ۽ سنڌي ميڊيم اسڪول ۾ سوڙها ڪلاس، استادن جي توجھہ گهٽ، ڪلاس ۾ ٻارن جو گوڙ ڏسي، اسڪول جي معيار جي ڪميءَ تي سندس دل کي جهٻو اچي ٿو. پر پنھنجي قومي جذبي هيٺ رُنل موهنيءَ کي هوءَ وري بہ سنڌي اسڪول ۾ ٿي موڪلي تہ جيئن سندس ڌيءَ سنڌي ٻوليءَ کان پري ٿي نہ وڃي. لکي ٿي تہ،
”مون کي اچانڪ احساس ٿيو تہ انھن وڏن باغن بوستانن ۽ هوادار ڪمرن واري شاهي اسڪول ۾ منھنجي موهنيءَ کي تاڻڻ واري آتما آهي، سا بلڪل ڌاري آهي. جيئن غريب ماءُ پنھنجي غربت ڏسي ڪنھن شاهوڪار بي اولادڻ کي پنھنجو ٻار ڏيڻ تہ چاهيندي آهي، پر عين ڏيڻ جي موقعي تي سندس ممتا جاڳي اٿندي آهي ۽ ٻار کي ڇاتيءَ سان لائي ڊڪندي ڀڄندي پنھنجي غريباڻي اجهي ۾ وڃي اکين مان ڳوڙها ڳاري، ٻار کي هزار بار چمي وٺندي آهي، تيئن مان بہ پنھنجي موهنيءَ کي انگريزي اسڪول جي ڌاري ماءُ کان ڇني، گلن ٻوٽن جو موھہ ڇڏي پنھنجي سنڌي اسڪول ۾ وٺي آيس...“ (ص: 20)
سنڌي اسڪولن جي گهٽ معيار جو ڏک، هُن بلڪل دل جي اونھائين سان محسوس ڪري معصوم نينگريءَ جي واتان انوکي نموني اظھار ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جي اهميت تي هيءَ هڪ شاهڪار ڪھاڻي آهي. ”رجني ۽ آرسي“ ڪھاڻي پڻ سنڌيت جي عڪاسي آهي. ”پرزا... پرزا“ ۾ حياتيءَ جي سفر کي ريل جي مسافريءَ سان ڀيٽيندي هڪ حسينہ جي پسند جي شادي ۽ والدين جي گهران تڙجي نڪرڻ ۽ وري انھيءَ غريب مڙس جي چور بازاريءَ واري ڪمائيءَ سان دولتمند ٿي واپس مائيٽن وٽ سوئيڪار ٿيڻ جي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ عورت جي اندر کي اهميت ڏني ويئي آهي. ليکڪا موجب تہ عورت مرد جي مَنَ سان پيار ٿي ڪري، پر هُو سمجهي ٿو تہ هوءَ سندس ڏنل مڻين ۽ ويسن وڳن ۾ خوش آهي، پر حالانڪہ حقيقت انھيءَ جي برعڪس آهي. سچي عورت ڪڏهن بہ نہ چاهيندي تہ سندس مڙس غلط ڌن ڪمائي کيس سک ڏيئي ٻچن کي نڌڻڪو ڪري، جيلون ڪاٽي. انھيءَ تي سندري لکي ٿي تہ،
”مون يڪدم اٿي رانجهي کي ٻانھن کان ڌونڌاڙيو. ”رانجهن، مون کي هي وڏو درجو، نوڪر چاڪر، ساڙهيون سٽ نہ گهرجن... مان ڊڄان پيئي رانجهن، منھنجو مَن نٿو مڃي تہ انھن گنھگارن جي صف ۾ اسين بہ هجون. مان ڇا ڪريان ملڪيت- ڇا ڪريان ملڪيت! رانجهن! منھنجي ٻارن کي دادا کپي... رانجهن... اف ريل شايد ڪنھن جيل سان لڳي... الاجي کاهيءَ ۾ ڪري آهي... اوه! سڀ ڪجهہ ڇيھون ڇيھون... پرزا پرزا...“ (ص-59)
”تڙڦ“ هن ڪتاب جي هڪ بلڪل منفرد ڪھاڻي آهي. ليکڪا هن ۾ هڪ غيرمطمئن عورت جو اندر کولي اڳيان آندو آهي، جا عظيم چترڪار جي پتني آهي، پر چترڪار جي مَن تي سندس ڪَلا جو واسو آهي. کيس حسين پتنيءَ جي جلندڙ جوانيءَ جو چتر ٺاهڻ جو تہ هوش آهي، پر سندس سرير ۽ روح کي آسودہ ڪرڻ لاءِ وٽس ٻہ پل بہ نہ آهن. وَملا جون ننڊون ڦٽي ٿيون وڃن. کيس مايوسي وڪوڙي ويئي آهي. ماءُ جا دلاسا ۽ دليل کيس قائل نٿا ڪري سگهن. ماڻس کيس چوي ٿي تہ،
”وملا ڏس مٺي، ڪوڙ ۾ مَن اٽڪائي، سڀني کي حيران ڪيو اٿيئي. ننڊ جي گوري وٺي سمھي پئه. ڇت ۾ اکيون اٽڪائي چري نہ ٿيءُ. اهو تنھنجو اوشواس آهي تہ هو توکي ڇڏي ٻين پٺيان ٿو ڊوڙي ۽ سچ اهو آهي تہ تو اهڙي ڪلاونت سان لائون لڌيون آهن، جنھن ويچاري کي پنھنجو پاڻ بہ ياد ڪونھي“.
”سندس ڪلا ئي تہ مون لاءِ ڪوڙي ٿي پيئي آهي ۽ سچ.... اوھہ! سچ ڪيڏو ساڙيندڙ آهي! مان سندس پتني هوندي بہ سندس دِل ۾ ناهيان... امي!“ (سندري، 1983: 111)
سندريءَ کي خبر آهي تہ عورت ڇا ٿي چاهي؟ ۽ هڪ پتنيءَ جي حيثيت ۾ هوءَ پنھنجي وَرَ ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون اميدون رکي ٿي؟ ماءُ عورت هوندي بہ سندس درد کي سمجهي ٿي، پر کيس مايوسيءَ مان ڪڍڻ لاءِ دلاسا ڏيئي ٿي. ڀاءُ، ڊاڪٽر ۽ سندس ور کيس فقط سمھڻ جا مشورا ڏين ٿا تہ جيئن هوءَ چري ٿيڻ کان بچي سگهي. پر سندس چري ٿيل مَنَ کي آنند تڏهن ملي سگهيو ٿي، جڏهن سندس ور (ڪلاڪار) اهو چرپڻ سمجهي ها. هُن ڇا گهريو هو؟ فقط پنھنجي خالي حياتيءَ ۾ چند پيار جا پَل ۽ سچيءَ دل جا جذبا، جيڪي هوءَ حاصل ڪري نہ سگهي، سو ڪلاڪار جو اندر چتر هٿ ڪرڻ لاءِ تڙڦندو هو ۽ هوءَ کيس حاصل ڪرڻ لاءِ تڙڦندي هئي. انھيءَ تڙڦ کي سندريءَ مڪالمن ذريعي تمام سھڻائيءَ سان پيش ڪيو آهي.
”تو جنين جي تات“ ڪتاب جو عنوان شاھہ صاحب جي رسالي جي بيت مان ورتل آهي. ڪھاڻين جو هيءُ مجموعو پنھنجي عنوان موجب سنڌ ۽ سنڌين جي يادگيرين جي عڪاسي ڪري ٿو. سنڌيت، وطنيت ۽ قوميت ئي گهڻين ڪھاڻين جا موضوع آهن. ٻولي متاثر ڪندڙ ۽ يارنھن ئي ڪھاڻيون وڻندڙ آهن. مٿي ڄاڻايل مجموعن کان سواءِ بہ هن جون ٻيون ڪھاڻيون آهن، جن ۾ تقريباً هن سنڌي گهرو ماحول (گهڻي ڀاڱي سنڌي هندو سماج) جي عڪاسي ڪئي آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي ڌرتيءَ لاءِ سڪ جا جذبا، سنڌي تھذيب ۽ ثقافت جي پرچار سان گڏ سنڌي عورت جا ڪيترائي مسئلا پيش ڪيا آهن.
ناول نگاريءَ ۾ سندس ٻہ طبعزاد ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ۽ ”پريت پراڻي ريت نرالي“ آهن. باقي ناول هن ترجموڪيا آهن. پر هوءَ ناول نگاريءَ جي فن کان چڱيءَ ريت واقف آهي، انھيءَ ڪري سندس ڪيل ترجما پڻ اصل جو هڳاءُ ڏين ٿا. ”ڪرندڙ ديوارون“ سندريءَ جو پھريون طبعزاد ناول گهرو حياتيءَ بابت آهي. ورهاڱي جي ڏکين حالتن ۽ مالي تڪليفن جو چٽو عڪس وڻندڙ، اسلوب سان ڏنل آهي. ملڪي وڳوڙن ۽ لڏ پلاڻ جي حالتن جي پيڙا ۽ درد جي خبر انھيءَ کي هوندي، جيڪو انھيءَ مان لنگهيو هوندو آهي. جيئن تہ ليکڪا پاڻ بہ انھيءَ تجربي ۽ مشاهدي مان گذري کيس اهڙين حالتن سان ذاتي طور واسطو پيو، انھيءَ ڪري هن ناول ۾ هوءَ سماجي حقيقت نگاريءَ جي بلندين تي نظر اچي ٿي.
هيءُ ناول پھرين 1953ع ۾ شايع ٿيو ۽ پوءِ بہ ٽي چار دفعا ڇپجي چڪو آهي. 1962ع ۾ ليکڪا کي هن ناول تي سنڌ مان پھريون انعام مليو. هن ناول هندوستان ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي ۽ پنھنجي وقت جي بھترين ناولن ۾ شمار ٿيو ۽ ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو آهي. موضوع جي حوالي سان بظاهر تہ هن ناول ۾ ورهاڱي کان پوءِ لڏي ويلن جي لاءِ پيدا ٿيل سماجي ۽ اقتصادي مسئلا آهن، پر اهي مسئلا ايترا تہ جهجها ۽ ڳنڀير آهن، جو هر هڪ مسئلو بذات خود هڪ الڳ مسئلو آهي. لڏپلاڻ ۾ پنھنجي ئي ڌرتيءَ تان بي دخل ٿيڻ جو ڏک آهي تہ معاشي بدحاليءَ جا سور آهن. ٻارن جي تعليم جي پريشاني آهي تہ نياڻين جي لاءِ وَر چونڊڻ ۽ انھن کي خيريت سان شادي ڪرائڻ جي مشڪل صورتحال موجود آهي. شاديءَ ۾ ٿيندڙ ڏيتيءَ ليتيءَ جي ڪُڌيءَ رسم خلاف واڪا آهن تہ معصوم پيرين اگهاڙن ٻارن جي اٽي، لٽي ۽ اجهي جون دردناڪ تڪليفون آهن. زال ۽ مڙس جي رشتي جي وچ ۾ پيل ڏار آهن. سندن تمنائن جا گلا گهٽيل آهن.
هن ناول جو اهم ڪردار چندن، غريبن جو همدرد ۽ هڏڏوکي آهي. هن ديش ڀڳت آدرشي مرد کي پنھنجو پاڻ جو بہ هوش نہ آهي ۽ هو پنھنجي خوبصورت، نازڪ ۽ نفيس زال جي رومان پسند فطرت کان غافل ٿي وڃي ٿو. هوءَ توجھہ حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي سس ۽ مڙس جي گهڻي خدمت ڪري ٿي. کين سک ۽ آرام ڏيڻ لاءِ هر تڪليف ۽ طعنو برداشت ڪري ٿي، پر مرد شايد فطرتاً پاڻ کي صحيح سمجهندڙ آهي. ريکا پنھنجي خوابن کي ٽٽندو ڏسي سھي نٿي سگهي. سندس گهڻي روئڻ تي چندن کيس روڪي ٿو ۽ چوي ٿو تہ،
”ريکا! توکي ڇا کپي؟ تون روئين ڇو ٿي؟ ڇا تون نٿي سمجهين، تہ مون کي تنھنجو روئڻ ڪيترو نہ دکي ڪندو هوندو؟“
”مون کي پيار کپي، اهو پيار، جنھن ۾ تون ۽ مان ڀلجي وڃون هن دنيا جي هستيءَ کي. اسان جي سرير تي سندر وستر هجن، سنسار جون سماجڪ آرٿڪ ۽ راڄنيتي اٿلون پٿلون توکان وسري وڃن. تنھنجي زندگي منھنجي لاءِ هجي ۽ منھنجي تنھنجي لاءِ. مون شادي فقط کاڌي ۽ ڪپڙن لاءِ نہ ڪئي آهي. اهو تہ مون کي مائٽن وٽ بہ مليو پئي“. (ص 61)
سندريءَ، ريکا کي باهمت بنائڻ لاءِ سندس ڪردار کي ناول ۾ اڳيان مضبوط بنايو آهي ۽ ايئن پوءِ ريکا لاحاصل تمنائن ۽ خواهشن مان نڪري اچي ٿي، سندس خواب ۽ خواهشون کيس جڏهن ڪجهہ نٿا ڏيئي سگهن تہ هوءَ بي وسيءَ جي دنيا مان نڪري غريبن، ڏکايلن، پيٽ پکين جي خدمت لاءِ پنھنجي حياتي وقف ٿي ڪري، جتان ئي کيس سچو پيار سَري ٿو.
”هن سڄي ناول جو مقصد ساٿي بڻجڻ آهي. هن ناول کي سندريءَ عمدي نموني پيش ڪيو آهي. انھيءَ ڪري هيءُ ناول عوام ۾ گهڻو مقبول ٿيو آهي. هن ناول ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جا نظارا تمام سھڻي نموني چٽيا ويا آهن. هن ناول ۾ سورميءَ جو ڪردار خاص ڪري ڏاڍي اثرائتي نموني پيش ڪيو ويو آهي. عورت جي آزاديءَ متعلق بہ تمام گهڻو ڪجهہ لکيو آهي ۽ انھيءَ کي مختلف ڪردارن ۾ واضح ڪيو آهي. هن ناول معرفت سندريءَ جو مقصد عورت جي عظمت ۽ اهميت برقرار رکڻ آهي ۽ انھيءَ مقصد کي ليکڪا نھايت ئي سھڻي سيرت نگاري ۽ منظرنگاريءَ سان گڏ خوبصورت ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي“.
(خواجہ، 2009: 381)
”ڪرندڙ ديوارون“ ۾ ليکڪا ننڍي کنڊ جي هڪ اهم دور جي ڄڻ تاريخ بيان ڪئي آهي. لڏپلاڻ وقت روزمرھہ جي زندگيءَ جون مشڪلاتون ۽ ماڻھن جا انھن ۾ رويا ۽ احساس، سماج ۾ اوچتيون ايندڙ تبديليون ۽ انسان جا محدود وسيلا، جن سان پيدا ٿيل محروميون هن ناول جو موضوع آهي. اهي ئي محروميون رشتن ۾ ڪيئن ڏار وجهن ٿيون؟ تاريخي شعور جي فراهميءَ سان گڏ هيءُ ناول انساني ڪردارن جي باطن ۽ نفس جو مشاهدو پڻ آهي تہ ناول جي ٿيم ۽ ڪھاڻيءَ کي ليکڪا فنڪارانہ ڪمال سان اثرائتي نموني سان ادا ڪيو آهي.
“Sundri Potrays conflict between the time honoured traditions and the new economic realities in her novel kirandar Diwaroon, (the crumbling walls). 1954”. (Popati Hirnandani, 1984:99)
پريت پراڻي ريت نرالي موضوع، مواد، ٻولي ۽ پيشڪش جي لحاظ کان ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ کان گوءِ کڻي ويو آهي. موتي، سرلا ۽ جمنا جي خيالن، سوچن ۽ ويچارن ۾ سڄي ڪھاڻي بيان ٿيل آهي. اهي ويچار سندن ضمير جو آواز آهن، جن وسيلي هر ڪردار پنھنجو محاسبو بہ ٿو ڪري تہ پنھنجي هر فعل جو جواز بہ خود ئي ٿو پيش ڪري. ليکڪا موجب تہ، نياڻين کي بوجهہ سمجهڻ جي ريت گهڻن سماجن ۾ رائج آهي. سنڌي سماج بہ انھيءَ لعنت کان ڇٽل ڪانہي. پڙهيل لکيل نياڻيءَ کي پيرن تي بيھاري، خوداعتمادي ڏيڻ جي بجاءِ کيس جلدي اُڪلائڻ جي اون کي پوري ڪرڻ سان گهڻائي نقصان پڻ ٿين ٿا. هن موضوع تي سرلا جي واتان چورائي ٿي تہ،
”اوچتو سخت طوفان اچي ويو. ملڪ جي ورهاڱي جي ڪري اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون، جو اسين سنڌ ڇڏي بمبئي لڏي آياسين. هيتري هڻ پڇاڙ ٿي زندگيءَ جي روزاني ڪرت ڪار ۾ هيترو ڦيرو اچي ويو، تڏهن بہ منھنجي دل جي حالت ساڳي ئي رهي. سندر مورتيءَ جي دل جو در ڪڏهن بہ ڪونہ کلندو هو. ها، هڪڙو سڏ، جنھن جو اثر ٿيو، سو هو بابي جو سڏ، ”سري کاڌو خلاص ٿي ويو آهي. اگر تنھنجو بوجهو سر تي نہ هجي ها، تہ رکو سکو کائي، ڪجهہ ڏينھن وقت هلي سگهون ها“.
مورتيءَ جي اکين ۾ چرپر ٿي، ڄڻ چئي رهي هئي اها حالت مان سمجهان ٿي، ڀلي توهين پنھنجو بوجهو لاهي ڪنھن اناج جي ڍير تي ڦٽو ڪري ڇڏيو. ڪاش! ان وقت بابو چوي ها، ”ڪاليج جا ٻہ سال پورا ڪيا اٿيئي، پاڻ ڇو ڪين ٿي اَن اپائين، جنھن جي لپ کائڻ لاءِ، اسين بہ حقدار ٿي سگهون!“
ليڪن هن ريت رسم جي پابند پتا سچ پچ مون کي اناج جي ڍير تي اڇلي ڇڏڻ چاهيو، سندس ڏوھہ بہ تہ ڪونہ هو. جيڪي نوجوان مون سان گهمڻ ڦرڻ لاءِ تيار هئا، تن مان ڪوبہ ان شرط تي شادي ڪري سگهيو ٿي، تہ بابو منھنجي سڄي عمر جي گذران جو اناج ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ ڏئي. هڪڙو شيام سندر ئي هو، جنھن ڪنھن بہ چيز جي تقاضا نٿي ڪئي، دراصل هن جون تقاضائون تہ وڏيون هيون! ان مون منجهان هڪ ماتا جي تقاضا ٿي ڪئي، جا سندس چئن ٻارن کي آسرو ڏئي. هن تقاضا ٿي ڪئي تہ سندس لوندڙين وٽ جي اڇا وار وڏيءَ عمر جي ڇاپ هڻي بيٺا هئا، تن کي ڏسندي بہ نہ ڏسان! هن اميد رکي تہ سندس ڦھليل سرير ۽ شانت مکڙيءَ سان ڪلول ڪريان... مگر... مگر مان تہ اڃان پريتما ئي ڪين ٿي هيس، سو ماتا جو پد ڪيئن ٿي پائي سگهيس! بابي اميءَ کي ڇا چوان؟“ (سندري، 1979: 70-79)
سندريءَ جو فن هن ناول ۾ اوچي درجي تي ڏسجي پيو. هن هر ڪردار جي نفسيات جو اونھو مطالعو ڏنو آهي. سندريءَ جي ترجمو ڪيل ناولن ۾ ”هڪ سسئي سؤ سور“ (امرتا پريتم)، ”پياسي ڌرتي، پياسيون دلڙيون“ (ڪرشن چندر) ”ٽٽل ساز“ (مئڪسيم گورڪي) اهم آهن. بظاهر تہ هي ناول ترجمو آهن، پر پڙهڻ مھل انھن مان طبعزاد جو هڳاءُ اچي پيو، انھيءَ ڪري اهي ناول مشھور ٿيا ۽ انھن جا ڪافي ڇاپا هند ۽ سنڌ ۾ شايع ٿيا. ”هڪ سسئي سؤ سور“ ناول جي مھاڳ ۾ ليکڪا امرتا پريتم کي ”درد رچنا“ ليکڪا سڏيو آهي. دہليءَ ۾ ايشيا جي ليکڪن جي ٿيل ڪانفرنس ۾ سندريءَ جي ملاقات امرتا پريتم سان ٿي. کيس انھيءَ ڪانفرنس ۾ ڏاڍو آنند مليو. هوءَ امرتا سان ملي، گهڻي خوش ٿي ۽ سندس گفتگوءَ کان متاثر ٿي. ”هڪ سسئي سؤ سور“ جي ترجمي جو سبب بہ اها ملاقات هئي. هن ناول ۾ سندس عبارت آرائيءَ جو نمونو هن ريت آهي:
”تارا جي پتيءَ جي مٺ گرم نہ ٿي هئي، ان ڪري هن جي بدران سندس زبان گرم ٿي ويئي هئي. هو خسيس ڳالھہ تي ڪاوڙجي پنھنجيءَ نئين ڪنوار کي ماريندو هو، چوندو هو، ”اچ تہ تنھنجو بدن گرم ڪريان“ (مار ڏيئي سڄايانءِ جيئن ٽاڪور ڪرڻ جي ضرورت پويئي).“
”عورت جي جواني ڀلي سڪي وڃي، پر هن جي ڪُک تازي ئي رهندي آهي. تارا پاروٿي ڦلڪي مٿان انبڙيءَ جي ڦار رکي گرھہ ڳھندي هئي، پر تڏهن بہ سال جي اندر ئي دونھي سان ڪاراٽيل سندس جوانيءَ هڪ سفيد مکڙيءَ کي جنم ڏنو، اها مکڙي هئي ڪمل“.
ڪمل اڃان پينگهي ۾ ئي هئي، جڏهن هن جي پيءُ پنھنجي زال کي وري خوب مار ڏني. ماءُ جون چيخون پينگهي ۾ پيل ڪمل جي ڪنن ۾ پيون. ڪمل کي سمجهہ ۾ ڪجهہ بہ نہ آيو، پر ٻرندڙ ڪاٺيءَ مان ٽڙڪا نڪتا ۽ هڪ ننڍڙو اُلو اڏامي ڪمل جي اچيت من ۾ گهڙي ويو“. (سندري، 1984: 8 ۽ 10)
”پياسي ڌرتي پياسيون دلڙيون“ سندريءَ، ڪرشن چندر جي ناول تان ترجمو ڪيو. علم جي چاھہ ۽ نيڪيءَ ڏانھن راغب ڪرڻ جي هن اصلاحي ناول ۾ هڪ سادي سودي نوجوان راجوءَ جي ڪھاڻي آهي، جيڪو پنھنجي محبوبہ سان گڏ ڳوٺ مان شھر ٿو وڃي، پر شھر ۾ بدمعاشن جي ور چڙهي کري ٿو وڃي. نيٺ ترانا کيس ريڀي واپس ڳوٺ وٺي ٿي اچي. بمبئي ۽ پونا جي فٽ پاٿن جي رُليل شھري حياتيءَ جي بجاءِ هو ڳوٺ جي آزاد زندگيءَ جي چاهنا ۾ واپس ٿا اچن. سادي سودي جهنگلي نوجوان کي شھر جي فٽ پاٿن جي غنڊہ گرديءَ کي جيڪو منھن ڏيڻو ٿو پوي ۽ ڪيئن هو هڪ ڳوٺاڻو، شھري بدمعاش ٿو ٿي وڃي، اهو ئي هن ناول جو پلاٽ ۽ ڪھاڻي آهي. ناول جي ترجمي ۾ ليکڪا نثر جي عبارت آرائيءَ وارين خوبين کي احسن نموني اڳيان آندو آهي. جهجها وڻندڙ نج سنڌي لفظ، اصطلاح ۽ چوڻيون ڪم آڻي، هن ناول کي طبعزاد جو ڏيک ڏنو آهي. هن ناول ۾ عبارت آرائيءَ جو نمونو هن ريت آهي:
”جهنگلي مٿو کنھيندو رهيو، جيڪو پيءُ جي موت تي نہ رنو، سو ڀلا ڍڳن جي هلي وڃڻ تي ڪيئن روئي. گهر مان لوئي ويئي، ماءُ جو آخري ڪڙو ويو، سارو سامان ويو، پر جهنگليءَ ڳوڙهو ڪانہ ڳاڙيو. جنھن مھل چکيا جلائڻ کان اڳ مٿو ڪوڙجڻ مھل وارن کي جهوليءَ ۾ ڪرندو ڏٺائين، تڏهن اوچتو ئي اوچتو محسوس ڪيائين تہ هاڻي هو دنيا ۾ بس اڪيلو رهجي ويو آهي ۽ جهر جهر ڪري ڳوڙها ڪرڻ لڳس“. (سندري، 1969: 15)
مٿيان ٻيئي ترجمو ناول هندوستان جي ماحول ۽ مزاج جي عڪاسي ڪن ٿا، باقي ٽٽل ساز ناول ۾ ڪردارن جا نالا پڻ پرڏيھي آهن، تہ ماحول بہ ڌاريو آهي، پر ليکڪا جي لفظن ۽ جملن ۾ ايتري تہ پنھنجائپ آهي، جو ترجمو هوندي بہ هيءُ ناول طبعزاد جو ڏيک ڏئي ٿو. هيٺ ڏنل ڪجهہ حوالن مان اها وضاحت بخوبي ٿئي پيئي.
”منجهن ايڏي شڪتي نہ هئي، جو ٻالڪ کي پالي نپائي پنھنجي سڀاءُ انوسار وڏو ڪن، پتر تياڳ لاءِ اگر ڪنھن ڳالھہ کين مجبور ڪيو هو تہ اها غريبي هئي، جنھن جو ثبوت ٻالڪ جي ڦاٽل گودڙيءَ سان چنبڙايل چٽڪيءَ مان ملي سگهيو ٿي. ننڍڙو پال ڀاڳ تي ڀاڙيندڙن جيان ڪجهہ وقت اتي پيو رهيو ۽ وات ۾ رکيل مانيءَ ٽڪري چوسيندو رهيو. آخر مانيءَ ٽڪر وات مان ڪڍي، هڪڙي هلڪي رڙ ڪيائين، جنھن سان رات جو شانت وايومنڊل هڪدم ٽٽي ويو“. (سندري: 9)
سندريءَ پنھنجي افسانن ۽ ناولن جا نالا سوچي رکيا آهن جي اندرين مواد سان گهڻا ٺھڪندڙ آهن، جيئن: ڪھاڻيون ”شڪست“، ”ڪارو گهوٽ“، ”سوريءَ چڙهيو سچ“، ”مان ترسنديس“، ”کير ڀريا هٿڙا نير ڀريا نيڻ“، ”ڏيھہ ٿيو پرڏيھہ“ ۽ ناولن ۾ ”ڪرندڙ ديوارون“ ۽ ”ٽٽل ساز“ جا عنوان اندرين موضوع ۽ مواد جي مڪمل عڪاسي آهن. ”ٽٽل ساز“ جي آخر ۾ ليکڪا لکي ٿي تہ،
”ڏوهيءَ کي ٻارهن سال جيل جي سزا ٻڌائي ويئي ۽ کانئس آخري اِڇا پڇي ويئي. پال آفيسر جي اڳيان جهڪي پيو. سندس اکيون خشڪ هيون، نظر نراس هئي، هن چيو ”حضور، فقط هڪ ڀيرو سندس قبر تي وڃڻ ڏيوم“. سندس آواز ايترو تہ سرد هو، ڄڻ ڪنھن ٽٽل ساز جي تارن کي زوريءَ ڇيڙيو ويو هو“. (سندري: 1980ع، ص 9 ۽ 119)
سندريءَ جي فن ۾ ڪردارنگاري، موضوعن ۽ مواد جي مماثلت کان سواءِ جيڪا اهم ترين خوبي آهي، سا آهي ٻوليءَ جي استعمال جي. سندس جنم حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو ۽ ٻاراڻي وهيءَ کان نوجوانيءَ ۽ شاديءَ تائين هوءَ حيدرآباد ۾ رهي، ان ڪري سندس لکيل نثر ۾ اصلوڪي ٻوليءَ جو هڳاءُ بلڪل چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ڪن ٿورن هندي اديبن جي لکڻين ۾ موجود آهي. هوءَ ڪيترائي ٺيٺ ۽ نج سنڌي لفظ استعمال ڪري ٿي، جن جي لاءِ ايئن چئي سگهجي ٿو، تہ اهڙن لفظن جو استعمال حقيقت ۾ ٻوليءَ جي جيئارڻ جو سبب آهي، ڇو تہ ٻيءَ صورت ۾ هوند ڪيترائي سھڻا گهريلو لفظ، چوڻيون ۽ پھاڪا شايد آهستي آهستي متروڪ ٿي ختم ٿي وڃن ها. سندريءَ جي اهڙن لفظن ۾: ڌمچڪر، ملولائي، ٽمٽمائيندڙ، ٽپتائي ۽ ٻيا ڪيترائي لفظ آهن.
هوءَ سھڻا پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح ۽ گفتارون استعمال ڪرڻ ڄاڻي ٿي، جيڪي نہ فقط موقعي مھل مطابق آهن، پر دل کي سيبائيندڙ ۽ مواد کي وڻندڙ بنائيندڙ آهن. جيئن: ”ڪٿي ماني مڙيئي نہ مور، ڪٿي ٽڪر پيا ٽيڻا ٿين“، ”گهوڙي جو پنھنجي واڳ پنھنجي هٿ ۾ کڻڻ“، ”ڪانوَ کي لڙ ۾ مزو“، ”هڙ ۾ هريڙون گوڏ ۾ پتاشا“، ”اَنَ جو منھن جنڊ ڏانھن“، ”اهڙيون ساهيڙيون تہ ٽڪي ٽيھہ پئسي ويھہ“، ”گدرو ڪري ڪاتيءَ تي تہ بہ گدرو مُئو، ڪاتي ڪري گدري تي تہ بہ گدرو مُئو“، ”گدڙ ڊاک نہ پڄي چي آ ٿو کٽا“ ٻيا ڪيترائي پھاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح آهن، جيڪي هن موزونيت سان ڪتب آندا آهن. جيئن تہ پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح ڪو ناولن ۽ افسانن جي گهرج نہ آهن، پر اها پڌري پٽ حقيقت آهي تہ هر اها ادبي تحرير عام ۾ مقبول ٿيندي آهي، جا ٻوليءَ جي حوالي سان ان علائقي جي عادتن، رسمن، رواجن، ماحول ۽ تھذيب جي پوري پوري عڪاسي ڪري. ٿورن لفظن ۾ پُراثر ڳالھہ چئي وڃڻ ۽ مطلب، مقصديت ۽ معنويت جي گُهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جي استعمال ۾ پھاڪن ۽ چوڻين جي افاديت مڃيل آهي.
”سنڌي ٻوليءَ جي هزارين پھاڪن جي رمزن ۽ اشارن ۾ دانائي سمايل آهي، جي دنيا جي مھذب ترين ٻولين جي پھاڪن جي ڀيٽ ۾ هڪ امتيازي حيثيت رکن ٿا“. (قاضي علامہ، 1965: 42)
پنھنجي خيال کي هڪ سھڻي اسلوب سان ٻين تائين پھچائڻ ادب ۾ اهميت رکي ٿو. ٻوليءَ جي ڪارائتي ڪتب جي اهميت تي ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکي ٿي تہ،
”لفظن جي سھڻي ترتيب ۽ ٻوليءَ جي جمالياتي سونھن، اسلوب ۽ اسٽائيل جي منفرد ۽ اعليٰ نموني ذريعي ئي ڪنھن خيال جو بھتر ۽ مؤثر اظھار ڪري سگهجي ٿو“. (ميمڻ، 1997: 23)
سندريءَ پنھنجي سوچ کي ٻين تائين پھچائڻ لاءِ وڏيءَ هنرمنديءَ ۽ فني ادراڪ سان سنڌي ٻوليءَ جي سھڻي استعمال تي توجھہ ڏني. پر ساڳئي وقت ڪٿي ڪٿي هُن ڪي اهڙا هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ بہ استعمال ڪيا آهن، جن سان ڪنھن ڪنھن هنڌ مطلب سمجهڻ ۾ مشڪل پڻ پيش آئي آهي، جيئن: ناول ”پريت پراڻي، ريت نرالي“ ۾ آيل هيٺيان لفظ: ”پرٻوڌ“، ”شئلتا“، ”اُتشاهت جيون“، ”سچ سنگهدن“، ”ڪرتگهنتا“، ڌيائيندو“، ”پريپورڻ“، ”اچل ديوتا پڻو“، ”تلانجي“، ”آرڌانگني“ ۽ ٻيا آهن، پر اهڙن لفظن جواستعمال تمام ٿورو آهي. بنيادي طور هُن وچولي جي ٺيٺ سنڌي ٻوليءَکي ڪتب آندو، جنھن سان سنڌي ٻوليءَ جو هر طبقو واقف آهي. انھيءَ تي پوپٽي هيراننداڻي مڃتا ڏيندي لکيو آهي تہ،
“In almost all her stories use of the native idiom is greatly admired by the readers.” (Hiranandani, 1984: 88)
سندريءَ کي پنھنجي فن تي انيڪ ايوارڊ مليا، جنھن ۾ ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي طرفان، مرڪزي ساهت اڪيڊمي طرفان، سويت لينڊ نھرو پيس ايوارڊ ۽ ٻيا شامل آهن، پر کيس ذاتي طور سويت لينڊ نھرو پيس ايوارڊ وٺڻ تي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي، جو هن کي نہ فقط هڪ نئين سڀيتا ڏسڻ ۽ پرکڻ جو موقعو مليو، پر کيس روس جي ترقيءَ پڻ متاثر ڪيو ۽ ان کان پوءِ هن روس جي باري ۾ ٻيا ڪتاب لکيا آهن. پنھنجي انھيءَ سفر ۽ خوشيءَ تي لکي ٿي تہ،
”رشيا هڪ نئين نموني اڏيل، نئين سڀيتا وارو منظم ملڪ آهي. هن عجيب سڀيتا مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ان لحاظ کان اهو ايوارڊ منھنجي لاءِ روحاني خوشيءَ جو سبب بڻيو“. (سندري، 1983: 238)
ساهتڪ ۽ سنڌيت جي هلچل ۾ ڀرپور حصو وٺندڙ هن ليکڪا جي ڪھاڻين ۽ ناولن جي مقبوليت جا گهڻائي سبب آهن، جن ۾ خاص طور سنڌي جيوت ۽ سنڌي سماج جي حقيقت نگاري ۽ گهريلو اصطلاحي ۽ محاوريدار دلڪش ٻوليءَ جو استعمال تہ گڏ فن ۽ فڪر جو سھڻو ميلاپ آهي. ڪيترن سالن گذرڻ کان پوءِ اڄ بہ سندس تحريرون دل ۽ دماغ کي راحت پيون ڏين. مشھور پرڏيھي ليکڪن جيئن ڪئٿرين ميسنفليڊ، پرل بڪ، ايلسيا مورانتي، امرتا پريتم ۽ ٻين جي چونڊ ڪھاڻين سان گڏ سندريءَ جي ”ٻنڌڻ“ ڪھاڻي انھيءَ مجموعي ۾ شايع ٿي آهي. ساڳيءَ ريت گوگول، دوستو وسڪي، ترجينف، گورڪي، اسٽين بيڪ ۽ سمرسيٽ ماهم جھڙن جڳ مشھور ناول نگارن جي نڪتل ڳٽڪي ۾ سندريءَ جو ”ڪرندڙ ديوارون“ شامل ٿيل آهي. سندس ڪھاڻي ”کير ڀريا هٿڙا“ 1960ع جي ڪھاڻي جي چٽاڀيٽيءَ ۾ 229 ڪھاڻين ۾ انعام کٽيو.
سندري اتم چنداڻيءَ جي فن جي اڀياس کان پوءِ اهو بلڪل چئي سگهجي ٿو تہ سنڌي نثر ۾ هوءَ طبعزاد توڙي ترجمي ۾ پنھنجي فن ۾ نمايان مقام رکي ٿي. سندس لکڻيون اوچين خوبين سان آراستہ آهن. هوءَ هڪ اهڙي فنڪار رهي، جنھن جي فن ۾ ڏات ۽ ڏانءَ جو اعليٰ ميلاپ آهي. سندس اتم ويچار، موضوعن جي وسعت، فني خوبيون، فڪر جون بلنديون پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪافي آهن.
حوالا
1. سندري اتم چنداڻي: (انٽرويو ڪنول لھاڻو)، ”آرسي (مخزن) پبلشر (ولي رام ولڀ، ظفر حسن)، گاڏي کاتو حيدرآباد، 1983ع، ص 236
2. ساڳيو حوالو ص 237
3. ساڳيو حوالو، ص 245
4. ساڳيو حوالو، ص 246
5. حميد سنڌي (روبرو انٽرويو) پروين موسيٰ ميمڻ، 15 جنوري، 2008ع
6. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، ص 84
7. اتمچنداڻي سندري، ”ٻنڌڻ“، گيتا پرنٽنگ پريس الھاس نگر، 1982ع، ص 17
8. ساڳيو حوالو، ص 20
9. ساڳيو حوالو، ص 27
10. ساڳيو حوالو، ص 31
11. ساڳيو حوالو، ص 39
12. اتم چنداڻي سندري، فيروز احمد،”موتي جي مھراڻ جا“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1987ع، ص 106
13. اتم چنداڻي سندري،”ڀوري“ (ڪھاڻي) ”ڪٿا ياترا“، نيشنل بڪ ٽرسٽ بمبئي، 2007ع، ص 16
14. خواجہ نورافروز، ڊاڪٽر: ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، گنج بخش پبليڪيشن، 2009ع. ص 378
15. اتم چنداڻي سندري: ”تو جنين جي تات“، عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد،1983ع، ص 20-21-59-111
16. اتم چنداڻي سندري، ”ڪرندڙ ديوارون“، عظمت اڪيڊمي، حيدرآباد، 1984ع، ص 61
17. ڏسو حوالو نمبر 14، ص 381
18. Hiranandani Popati, History of Sindhi literature” 1984 Anuradaha Publication, Bombay, p-99
19. اتم چنداڻي سندري، ”پريت پرائي ريت نرالي“، عظمت اڪيڊمي حيدرآباد، 1979ع، ص 70-79
20. اتم چنداڻي سندري، ”هڪ سسئي سؤ سور“، مشعل پبليڪيشن سڪرنڊ، ٻيو ڇاپو، 1984ع، ص 10
21. نذير ناز، (مھاڳ) ”پياسي ڌرتي پياسيون دلڙيون“، ناري پبليڪيشن حيدرآباد، 1969ع، ص 4
22. ساڳيو حوالو، ص 15
23. اتم چنداڻي سندري، ”ٽٽل ساز“، سنسار ساهتيہ منڊل، ص 9
24. ڏسو حوالو نمبر 7، ص 27
25. ڏسوحوالو نمبر ص 119
26. علامہ آءِ آءِ قاضي: ”سنڌي ٻولي، ان جو بقاءُ بچاءُ ۽ حل“ (مضمون) مھراڻ 4-3، 1965ع، ص 42
27. ميمڻ فھميدہ حسين ڊاڪٽر: ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، سنڌ ادبي اڪيڊمي، 1997ع، ص 23
28. Hiranandani Popati Ramchand, “History of Sindhi Literature” (Post independence), Anuradha Publication Bombay, 1984, P-88.
29. ڏسو حوالو نمبر1، ص 238
(ڪلاچي، جون 2018ع)
