لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڊاڪٽر پروين: جاکوڙي محققہ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ھڪ مڃيل محققہ آھي، سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون مختلف مخزنن ۾ ڇپبا رھن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي منظور شدہ جرنلز ۾ 2009ع کان 2023ع تائين ڇپيل ريسرچ پيپرز ۽ چند اهي مقالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن جي ”ٽہ ماهي مھراڻ، ”ادبي تحقيق“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا. ٻہ ٻيا اڻ ڇپيل آهن سي پڻ شامل آھن.

Title Cover of book DR Parveen Jakhori Muhaqeqa

سنڌي نثر جي واڌاري لاءِ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون خدمتون

ناول ”امڙ“ تحقيقي جائزو

سنڌي ادب جي نثري خزاني کي يڪجا ڪري جيڪڏهن انھيءَ مان خاص پڙهندڙن ۾ مقبول ڪتابن کي پرکيو وڃي تہ هوند ڪيترائي نوان نقطا نروار ٿين. ڪنھن ڪتاب جي مشھور ٿيڻ جا ڪھڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ اهو هڪ الڳ موضوع آهي پر تنقيد نگارن وٽ اهو ضرور مڃيل آهي تہ تحريري فن ئي اها قابليت آهي جيڪا ڪنھن ليکڪ جي قلمي سفر کي ممتاز بنائي کيس منفرد منزل عطا ڪري ٿي ۽ جنھن جي ڪري ئي هو هڪ مشھور و معروف، انعام يافتہ ۽ پسنديدہ ليکڪ شمار ٿئي ٿو. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو اهڙن اهم عوام پسند ليکڪن ۾ شامل آهي. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ جيڪڏهن ڪنھن ليکڪ سنڌي نثر کي مختلف موضوعن جي ادبي ۽ علمي ڪتابن سان مالا مال ڪيو تہ اهو ڏيپلائي صاحب ئي هو. سندن نثر جي ڪتابن جو ڳاڻيٽو 150 تائين پھچي ٿو. جنھن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جو نثر گهڻو متاثر ڪندڙ آهي. منھنجي ذاتي راءِ مطابق ڏيپلائي صاحب جي عبارت آرائيءَ جو انداز سادو، جذباتي ۽ بياني نثر آهي پر ڪيترين جڳھين تي هُن اصطلاح، پھاڪا، چوڻيون، بيت، گفتارون ۽ حرف تجنيس جا ڪمال پيش ڪيا آهن، پڙهندڙ جي جمالياتي حِس کي حظ پھچائڻ ۾ پڻ کين قدرت حاصل هئي. بعض اوقات سندن پيش ڪيل تشبيھون اهڙيون آهن، ڄڻ تہ لفظي تصويرون هجن، جيڪي انساني ڳانڍاپي جي هزارن احساسن، خوشين، ڏکن ۽ سورن کي پاڻ سان گڏ کڻي پڙهندڙن سان ڳالھائين ٿيون. اهو ئي سبب هو ڏيپلائي صاحب شاعريءَ جو شوق ۽ ذوق هوندي بہ نثر کي اظھار جو موثر ذريعو سمجهيو ۽ ان جو اظھار پڻ ڪيو اٿن، پروفيسر آفاق صديقي جي هن ڏِسَ ۾ ڪيل سوالن جي جواب ۾ چيائين تہ،
”شعوري طور جڏهن مون کي احساس ٿيو تہ نثر جي اظھار ۾ اهي ڳالھيون جيڪي آئون عوامي سطح تي زيادہ کان زيادہ ماڻھن تائين پھچائڻ چاهيان ٿو سي وڌيڪ اثرانگيزيءَ سان پھچي رهيون آهن تہ پوءِ شاعريءَ جو شوق هوندي بہ شاعري مون کان پوئتي رهجي ويئي“. (1)
ڏيپلائي صاحب نہ فقط نثر کي اظھار لاءِ اهم ذريعو سمجهيو پر هُن پنھنجي لکيل نثر کي عام ۽ خاص ۾ مقبول ڪرڻ لاءِ وڏو ڌيان ڏنو ۽ هڪ ئي وقت توازن سان ”ضحافتي نثر“ ۽ ”ادبي نثر“ کي لکيو، هو سنڌي نثر جو هڪ منفرد قلمڪار هيو جنھن صحافت سان گڏ ادبي نثر جي واڌاري ۾ وڏي خدمت ڪئي پنھنجي قلم جي تيز رفتاري سان ڌڙا ڌڙ ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا. انھن ڪتابن جي مشھوريءَ جو اهو عالم هوندو هو جو سندن ڪيترن ئي ڪتابن جا ٻيا ۽ ٽيا ڇاپا سندن حياتيءَ ۾ ئي ڇپيا. جڏهن تہ انھن ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڳاڻيٽو بہ جهجهو هوندو هو تہ بہ اهي جلد ئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کپي ويندا هئا، مون سندن انھيءَ وقت جي ڇپيل ڪتابن جي بيڪ ڪور تي ڏنل اشتھارن ۾ پڙهيو آهي تہ ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب انھيءَ وقت پوريءَ سنڌ ۾ سئو کان بہ وڌيڪ هنڌن تي دستياب هوندا هئا. ڪتابن جي ڇپجڻ کان اڳ ئي مني آرڊر ۽ وي پيءَ جي ذريعي انھن ڪتابن جي وڪري جي ائڊوانس بڪنگ ٿيندي هئي ۽ ايئن اهي هٿو هٿ کپي ويندا هئا. مطلب تہ ذاتي پريس، اخبارن ۽ ڪتابن جي مظبوط ترسيل ۽ عوام جي پسنديدگيءَ جي موٽ سبب سندن ڪتابن جي ڇپجڻ جو سلسلو تمام تيز هوندو هو. نثر جي ڪتابن جي مقدار ۾ اهو اضافو سنڌي نثر جي هڪ وڏي خدمت هئي.
ڏيپلائي صاحب جي نثر جي ڪتابن جو اهم حصو ناول آهن يا ٻين لفظن ۾ هُن سنڌي ادب جي ناول نگاريءَ جي کوٽ جو وڏو پئماني تي پورائو ڪيو آهي. ناولن ۾ ”آخري اميد“، ”آفريڪا جي شھزادي“، ”حورِ بغداد“، ”جاپاني گڏي“، ”جلوہ اسلام“، ”جنگ ترڪ و جرمن“، ”راجا هري سنگ جي درٻار“، ”رت پياڪ رهزن“، ”روم جي راڻي“، ”سلطان صلاح الدين“، ”سنگدل شھزادي“، ”شيوا جي شيش محل“، ”مجاهدِ ڪشمير“، ”نورِ توحيد“، ”امڙ“، ”سانگهڙ“ ۽ ٻيا ڪيترائي ناول آهن جن ۾ گهڻي ڀاڱي طبعزاد تہ ڪي ترجمو ڪيل پڻ آهن، پر انھن ناولن جو ترجمو پڻ اصلوڪي هئڻ جو ڏيک ڏئي ٿو. ڏٺو وڃي تہ سنڌي نثر جو بنياد پڻ ترجما نگاريءَ تي ٻڌل آهي، جنھن ۾ شروع دور جي ترجمن ۾ ڪجهہ ٻين ٻولين جا لفظ پڻ شامل هئا پر پوءِ وقت سان گڏ اسان جي مترجمن جي محنت رنگ لاتو ۽ اهڙيءَ ريت انھن ترجمن کي اصلوڪي (Original) سنڌي نثر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ بھترين بياني اسلوب سان گڏ لفظن جي مناسب چونڊ ۽ جملن جي بيھڪ ۽ ٻين نثري خوبين تي گهڻو ڌيان ڏنو ويو ۽ اهڙيءَ ريت ڪيترائي ترجما سنڌي نثر جا بھترين ڪتاب شمار ٿيا. ڏيپلائي صاحب جي نثري ادب ۾ انيڪ خوبيون آهن (اهو تحقيقي جائزو مون سندن جي باري ۾ لکيل هڪ مڪمل ڪتاب ”سونھان سڌيون ڏين“ ۾ ڏنو آهي) پر هن مقالي ۾ فقط ناول ”امڙ“ جو جائزو ورتو ويو آهي.
”امڙ“ ناول ڏيپلائي صاحب جو اهو ناول آهي جو جڏهن ڪتابي صورت ۾ ڇپيو تڏهن ضبط بہ ٿيو تہ ٻئي پاسي هيءُ ناول انعام يافتہ ڪتاب پڻ آهي، جنھن کي ”سنڌي ساهت“ طرفان انعام سان نوازيو ويو. ”امڙ“، ناول ميڪيم گورڪيءَ جي ڪتاب The Mother جي اردو ترجمي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. شروع ۾ هفتيوار ”انسان“ ۾ قسط وار شايع ٿيو ۽ پوءِ چار جلدن ۾ ڇپيو جنھن جو تفصيل هن ريت آهي.
امڙ پھريون حصو-88 صفحا.
امڙ ٻيو حصو- 89 کان 176 صفحن تائين.
امڙ ٽيون حصو- 177 کان 262 تائين.
امڙ چوٿون حصو- 263 کان 326 تائين.
صدر ايوب خان جي مارشلائي دور ۾ 1961ع ۾ هن ناول کي ”سنڌي ازم“ ۽ ڪميونزم جي پرچار ڄاڻائي ڪتاب ضبط ڪري ليکڪ کي جيل جي سي ڪلاس ۾ موڪليو ويو (جتان هو چاليھن ڏينھن ۾ ”سانگهڙ“ جھڙو ناول سنڌي ادب لاءِ اڻملھ تحفي جي صورت ۾ کڻي آيو).
ناول کي ترجمو ڪرڻ جي سبب کي ڄاڻائيندي ليکڪ لکيو آهي تہ، ”ميڪيم“ گورڪيءَ جي ناول جي اردو ترجمي ”ماں“ کي جڏهن مون پڙهيو تہ انھيءَ ناول مون تي ڳوڙهو اثر ڪيو ۽ مون کي احساس ٿيو تہ انسان کي پنھنجي سماج جي غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري نہ ڪٺن جدوجھد ڪرڻي پوي ٿي“. (2)
”امڙ ناول جي پيش لفظ ۾ ليکڪ 8 جون 1956ع تي اهو واضح طور لکيو آهي تہ، ”هن ناول ۾ 1904ع جي روس جا حالات آهن، بلڪہ هيءَ روسي انقلاب جي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ ڪميونسٽن جو ذڪر نہ آهي“. (3)
روسي انقلاب جي هن ناول کي ليکڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪھڙي مقصد واسطي ترجمو ڪيو؟ ڇا هُن اُنھيءَ مارشلائي دور ۾ سنڌ جي عوام کي سماجي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل محسوس ڪيو؟ اهي ۽ ان جھڙا ٻيا ڪيترائي سوال آهن جن جي جوابن مان هن ناول جي ترجمي جي مقصديت تي روشني پئي ٿي پر مختصراً ايترو چئي سگهجي ٿو تہ فڪري طور ڏيپلائي صاحب سنڌ ۽ سنڌواسين جي مسئلن سان لاڳاپيل هو ۽ هن پنھنجي قلمي سفر جي هر دور ۾ هلندڙ ۽ ٻرندڙ مسئلن کي هٿ ۾ کنيو اهو ئي سبب هو جو هن ناول معرفت هُن سنڌ جي محروم ۽ مظلوم عوام کي انقلاب جو گس ڏسيو، پليجو صاحب جي لفظن ۾ تہ،
”توهان محروم ۽ مظلوم سنڌ جا پڙهندڙ هي ناول بار بار پڙهي معلوم ڪريو تہ منجهس ڇا ڇا ناهي؟ اوهان جي اندر ۾ انقلابي اُڌمن اٿارڻ کان وڌيڪ توهان کي انقلاب آڻڻ ۽ پنھنجي قوم جو نصيب سنوارڻ جا ڪھڙا گهيڙ ۽ گهاٽ ٿو ڏسي هي عظيم تاريخ ساز ناول ڄڻ تہ جنگ جو حڪم آهي“. (4)
”امڙ“، ناول جي موضوع، مواد ۽ نثري خوبين کي پرکڻ لاءِ ناول جي مختصر ڪھاڻي ۽ چند حوالا هيٺ پيش ڪيا وڃن ٿا جن مان هن ناول جي اهميت ۽ افاديت واضح ٿيندي.
”امڙ“ جي ڪھاڻي: امڙ، ناول خاص طور هڪ محنتي صابرين ۽ سمجه دار ماءُ جي ڪھاڻي آهي جنھن جي ڪُل ڪائنات سندس نوجوان پٽ آهي. هڪ بيوه ماءُ جو ارڏو ۽ البيلوپٽ اوچتو سنجيدہ، بردبار ۽ انقلابي اڳواڻ ٿو ٿئي. هن ناول ۾ هيرو هيروئن جي روايتي تصور کان هٽي ڪري هڪ آدرشي نوجوان جي باعزم زندگيءَ جو ذڪر آهي جنھن جي انقلابيت جي عظيم سفر ۾ باهمت ماءُ جو ساٿ واکاڻ جوڳو آهي. ناول جو عنوان ”امڙ“ ڄاڻائي ٿو تہ ماءُ جي حيثيت، رتبو، همٿ ۽ اُتساھ ڏيارڻ جو جذبو سندس، پرارٿنائون ۽ ڏنل شڪتي ئي اولاد جو مستقبل ۽ شان ۽ مان آهن. هيءُ ناول روس جي هڪ اهڙي علائقي جو بيان آهي، جيڪو هڪ صنعتي ڳوٺ آهي، شھر کان پري هن ڳوٺ ۾ قائم ٿيل ڪارخانن ۾ هِن ڳوٺ جا تقريباً سڀ ماڻھو ڪم ڪندا آهن. اهي سڀ مذهبي قدرن کي ويجها ۽ مان مريادا کي اهميت ڏيڻ وارا آهن. پر ڇنڇر يا آچر ۽ ٻين موڪلن جي ڏينھن تي پيرسن ۽ شادي شدہ چرچ ڏانھن تہ نوجوان عياشيءَ ڏي مائل هوندا آهن. باقي ڏينھن هو دِل سان ڪم ڪندا آهن پر کين تمام مناسب اُجورو ملندو آهي. ڳوٺ جا ماڻھو هڪ ٻئي لاءِ مخلص آهن ۽ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ غير معمولي واقعن يا ڳالھين کي ورجائيندڙ پر هڪٻئي کي ڪم ايندڙ آهن. پاويل ميخائلو وچ ولاسوف (ناول جو هيرو) پنھنجي ماءُ پلاگيا سان گڏ ڳوٺ ۾ هڪ محتاط زندگي گذاريندو آهي.، سندس والد ميڪائيل ولاسوف هڪ رکو ۽ اڻ گهڙيو انسان هوندو آهي جيڪو گهر ۾ هر وقت سندس ماءُ سان نامناسب ورتاءُ رکندو آهي. حالتن ۽ پيءُ جي گهڻي شراب خوري ۽ گارگند پاويل کي خاموش طبع ۽ سمجه دار بنائي ڇڏيو آهي. پڻس پنج ڏينھن سرديءَ ۾ شديد بيماري ۽ شراب نوشيءَ جي ڪري جڏهن موت جي منھن ۾ وڃي ٿو تڏهن پاويل کي ڪوبہ افسوس نٿو ٿئي. ڪم گو پاويل جنھن کي ماڻس ”پاشا“ سڏيندي آهي. بستيءَ جي ٻين نوجوانن جيان ڪارخاني ۾ ڪمائيندو پڻ آهي تہ عمر جي تقاضي جي حساب سان ڊانس پارٽين ۾ پڻ شرڪت ڪندو آهي تہ آچر تي شراب بہ پيئندو آهي پر آهستي آهستي سندس لاڙو ڪتابي دنيا ڏي ٿيڻ سان سندس دوستي انقلابي ۽ آدرشي ماڻھن سان ٿيڻ لڳندي آهي، هو ڪيترائي ڪتاب وٺندو آهي ۽ پڙهي رڪائي ڇڏيندو آهي ماءُ جي پڇا تي کيس ڄاڻائيندو آهي تہ اهي ڪتاب قانوني طور گهرن ۾ رکڻ ۽ پڙهڻ منع آهي جن سان اسان کي پنھنجي حقن جي آگاهي ٿي ملي. هو ماءُ کي سمجهائيندو آهي تہ،
”امان بابو توکي ان ڪري ماريندو هو جو کيس حياتيءَ جون پريشانيون ۽ ڪڙيون گهڙيون مجبور ڪنديون هيون تہ هو تو مان ڪاوڙ ڪڍي پر حقيقت ۾ کيس خبر نہ هئي تہ هو خود ڇا آهي؟ کيس پنھنجو پاڻ تي پيل بوجهن وچان پنھنجي وجود جي آگهي نہ رهي ٽيھ ورهيہ پورهيو ڪيائين. جنھن ڪارخاني ۾ ٻہ کاتا هئا انھيءَ ۾ سندس وفات مھل ست کاتا ٿي ويا، پر بابي کي پورهئي جو حق ڪونہ مليو“.
پاويل پنھنجي ڀرپور جوانيءَ ۾ پوريءَ ڄاڻ ۽ سچائيءَ تي خوشيءَ ۽ فخر جو احساس رکي اڳيان وڌندو رهيو. هُن پنھنجي دوستن جا ميڙ ڪوٺايا پنھنجا هم خيال پيدا ڪيا. وٽن تقريرون ڪيون کين پڙهڻ ڏانھن ۽ بين الاقوامي ڄاڻ ڏانھن راغب ڪيو ماءُ کي نرميءَ سان سمجهايو تہ،
”هيءُ سڄڻ آهن جيڪي صداقت ۽ سچائيءَ جو ٻج ٿا پوکين. جيڪي پاڻ جھڙن جي مدد ڪرڻ لاءِ آتا آهن. بدلي ۾ کين ڏاڍن جي ڏجهن جو ڍورن وانگر شڪار ٿيڻو ٿو پوي، کين قيد خاني ۾ سخت پورهئي سان سزائون ڏنيون ٿيون وڃن.”مون سي ڏٺا ماءُ جن ڏٺو پرينءُ کي جي مصداق هو ڌرتيءَ جا بھترين سپوت آهن“.
ماءُ پلاگيا جي دل ۾ هاڻي خوف سان گڏ خوشيءَ جو احساس بہ وڌڻ لڳو ۽ هوءَ خوشيءَ سان سندس هن سفر جو ساٿ ڏيڻ لڳي، کيس ايتري خبر هاڻي ضرور هئي تہ سندس پٽ عام نوجوانن کان مختلف، انقلابي ۽ آدرشي آهي، هو جيڪو ڪجهہ ڪري رهيو آهي، انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ڪري رهيو آهي. هو سندس دوست نڪولائي، سموئلوف، نتاشا، آندريوشا ريبن، وسفو ۽ ٻيا پنھنجو سفر ڪاميابيءَ سان جاري رکندا آهن، پاويل جي گهر تي ڇاپا بہ لڳندا آهن ۽ سندس جيل وڃڻ تي سندس ماءُ پريشان ڪانہ ٿيندي آهي پر آزاديءَ جي حقن جي جدوجھد جا پمفليٽ لِڪو لِڪ ۾ ڪارخاني ۾ ماني ٺاهي وڪڻڻ جي بھاني سان ورهائيندي آهي ۽ اهڙي ريت هوءَ پاڻ پڻ هن آزاديءَ جي سفر ۾ شامل رهندي آهي. اهي جوان کيس فرانسيسي انقلاب ۽ مزدور انقلاب جي ڄاڻ ڏيندا آهن. ماءُ سندن لاءِ لکڻ پڙهڻ بہ سکندي آهي تہ دُعائون بہ ڪندي آهي. غدار ايسائي جي قتل تي پاويل ۽ سندس دوست گرفتار بہ ٿيندا آهن پر وري قتل ثابت نہ ٿيڻ تي آزاد ٿي ايندا آهن. ايئن هي شاندار قافلو پاويل جي اڳواڻيءَ ۾ پُر عزم تقريرن سان اڳيان وڌندو رهندو آهي. آخر ۾ کين ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي. گهڻي برفباريءَ کان پوءِ مئي جي خوشگوار مھيني ۾ انقلابي ماءُ پنھنجي پٽ سان گڏجي مزدورن جي لاءِ ڳاڙهو جهنڊو ڪاميابيءَ سان ڦڙڪائيندي آهي. مٿي ڏنل ناول جي ڪھاڻيءَ کان پوءِ پڙهندڙن کي اهو اندازو ضرور ٿيو هوندو تہ هيءُ هڪ عظيم انقلاب جي ڪھاڻي آهي. جنھن جا ڪردار ڪيئن سوچين ٿا؟ ڪھڙيءَ ريت ڳالھائين ٿا؟ هنن جي حياتيءَ گهارڻ جا ماپا ڪيئن مقرر ٿيل آهن؟ اها چٽائي ناول جي اهم ڪردارن جي خيالن ۽ مڪالمن مان پوي پيئي. جيئن پاويل ۾ آيل تبديليءَ تي ليکڪ لکيو آهي تہ،
”منجهانئس رک منھائي، بي پرواهي گم ٿيڻ لڳي هئي، هن جي ماءُ انھن ڦيرن گهيرين کي ڏسي، جن کي پاڻ نٿي سمجهي سگهي وڏي ڳڻتيءَ ۽ ڳڻ ڳوت ۾ پئجي ويئي“. (ص-28)
هن جي آٿت ۽ اطمينان، سانت ۽ صبر نرم آواز ۽ سنئين سڌي چھري جي ڪري ماءُ جي دل بہ وڌي، هن جي نظرن ۾ صاف دلي ۽ دوستي پئي بکي، اوجل اکين جي اونھائيءَ مان سرهاڻ جا شعلا پئي اڀريا“.
ماڻس سوچيندي هئي تہ ”ڀلا هيءُ عام ماڻھن وانگر زندگي ڇو نٿو گذاري جھڙو مُلو ڪنڊ وٺي ويٺو آهي سندس عمر اهڙي تہ ڪانھي، ٿي سگهي ٿو تہ ڪنھن نينگريءَ سان نينھن لڳي ويو هجيس پر ڇوڪريءَ واسطي تہ ڏوڪڙ گهرجن ۽ هو تہ پنھنجي پوري ڪمائي تہ منھنجي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي“.
هوءَ مذهبي هئڻ جي ناتي کيس مذهب ڏي مائل ڪرڻ چاهيندي آهي کيس اونو هوندو آهي تہ سندس پٽ کي جوکو نہ رسي کيس سمجهائيندي آهي تہ،
”تون اڃا ٻار آهين تو دنيا ڪونہ ڏٺي آهي، توکي دنيا جو تجربو گهٽ آهي ڏِس پٽ! انسان کي جنم ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي،پر کيس شرافت ۽ فضيلت سيکارڻ ان کان بہ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي“. (5)
پاويل کيس عقلي دلائل ڏيندي چوندو آهي تہ،
”امان! پادرين انسانن تي هڪ اهڙو خدا مسلط ڪيو آهي، جيڪو صرف خوف جو تصور آهي، جنھن جي ڪري هو انسانن تي ارڏايون ٿا ڪن، حقيقت ۾ خدا تہ انسان کي پاڻ جھڙو ٺاهيو آهي. هنن تہ خدا کي ويڙهي سيڙهي ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ اسان جي روحن کي ڪُچلڻ لاءِ خدا جو منھن ئي ڦيرائي ڇڏيو آهي. تاڪه اسين اصل خدا کي سڃاڻي نہ سگهون“. هو ماڻس کي اهو چوندو آهي تہ، ”خدا دل ۾ آهي ۽ عقل ۾ آهي پر ديول ۾ ڪونھي ديول خدا جو مقبرو آهي“. (6)
پاويل جي وڏين ۽ چمڪدار اکين ۾ آيل بي اطميناني ۽ بي آرامي ماءُ جي نظر کان ڳجهي نہ رهي سگهي هوءَ خوفزدہ رهڻ لڳي. هوءَ پاڻ پيرن کان چوٽيءَ تائين نرمدلي، ڏک ۽ ملال، تسليم ۽ رضا جي پتلي هئي. هن سڄي حياتي صبر ۽ سختيءَ سان گذاري هئي. سندس جسم تي جهجهي پورهئي ۽ مڙس جي مارڪٽ جون نشانيون هيون. هن جو ڀريل بيضوي چھرو جنھن تي پيريءَ جا پيرا صاف ظاهر پئي ڏٺا ڪارين اکين جي ڪري چمڪندڙ هيو ۽ انھن اکين ۾ ڳوٺ جي ٻين زالن وانگر ڊپ ۽ ڏک ڀريل هوندو هو. سندس ڏک ۽ خوف تھائين وڌي ويندو آهي، جڏهن پاويل کي جيل نيو ويندو آهي، پلاگيا (ماءُ) کي پاويل جو دوست آٿٿ ڏيندي سمجهائيندو آهي تہ،
”امڙ ڏس پاويل جي ايتري ڳڻتي ۽ فڪر نہ ڪر هو جيل مان اڳي کان اڳرو ٿي ويندو اتي آرام ڪرڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت بچي ٿو. اسان جھڙا ماڻھو جڏهن ٻاهر هوندا آهن تہ اهڙن ڪمن لاءِ واندڪائي ڪانہ هوندي اٿن، آئون ڪيئين ڀيرا جيل ڀوڳي چڪو آهيان. انھيءَ سان مون کي هروڀرو ڪا خوشي ڪونہ ٿي سري پر هر ڪنھن ڀيري منھنجي دل ۽ دماغ کي وڏو فائدو پھتو آهي، در حقيقت اڳي رڳو ماڻھوءَ کي چوريءَ جي ڏوھ ۾ جيل اُماڻيو ويندو هو، پر هاڻي انھيءَ کي پنھنجي حق جي گهرڻ تي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو“. (7)
مٿي هن ناول مان جيڪي چند حوالا پيش ڪيل آهن، انھن مان اها پروڙ پوي ٿي تہ ٻوليءَ جي لحاظ کان هن ترجمو ڪيل ناول ۾ سھڻي ۽ صاف سنڌيءَ جو استعمال موجود آهي. ڪيترن هنڌن تي موقعي مھل مطابق پھاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، جيئن ”ڪانو ٿو ڀڄي ڪمان کان“، ”رت وٽو ڏيئي ڀت وٽو حاصل ڪرڻ“، ”جيڪي آڻين سي چاڙهين“، ”اڀ اکئين پيو ڏسجي“، ”نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم“، ”پڪي گهڙي ڪھڙا ڪنا لڳندا“، ”مروان موت ملڪان شڪار“، ”آنڊي کي ڄر اچي تہ ڪو ڪھڪاءُ پوي“، ”اهي ئي لاٽون اهي ئي چڳھ“، ”گار جي رئي موچڙي جو زيپٽ“، ”پنج ئي آڱريون برابر نہ آهن“، ”اٺ هڻي اٺ تہ توڏو هڻي تيرانھن“ ۽ ٻيون چوڻيون شامل آهن. هن ناول جي نثر ۾ رواني ۽ شائستگي نمايان آهي. ڪيترن هنڌن تي تجنيس حرفيءَ جو پڻ سھڻو استعمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو جيئن هڪ هنڌ ڏيپلائي صاحب لکي ٿو تہ،
”سامھون ڪو ڏکن ۽ سورن کان ساڻو چھرو بہ آهي، جنھن جا پيار ڀريا نيڻ، ٽھ ٽھ ٽمندي، حيرت ۽ اچرج جي عالم ۾ ڏانهس اداسائيءَ سان ڏسي رهيا آهن. جنھن ساڻس سندس ڏکن، دردن ۽ ڪشالن ڪاٽڻ جون ڳالھيون ڪندي ڪندي پنھنجي جان پئي جهوري“. اڳيان لکي ٿو تہ،
”هوءَ ڏاڍي سرهي ٿي جڏهن ڏٺائين تہ سندس پٽ جي سدا سخت ۽ سنجيدين نيرين نيڻن ۾ نرم ۽ نازڪ روشني ڀرجي چڪي هئي، ماءُ مُرڪڻ ۽ مَرَڪڻ لڳي هئي. جيتوڻيڪ هن جي ڳلن تي گهنجن ۽ ڳڙيل ڳچن جا موتي اڃان تائين چمڪي رهيا هئا“.
اهڙيءَ ريت هن ڪتاب ۾ ڪيترائي شاھ صاحب جا بيت ۽ ٻيا شعر موقعي مطابق آهن. حالانڪہ اهو ضروري نہ آهي تہ ناول ۾ ڪي شعر يا بيت اضافي طور هجن پر جيئن تہ ڏيپلائي صاحب جي ناول ۾ مقصديت کي اهميت حاصل آهي. انھيءَ ڪري سندن ناولن، مضمونن، افسانن ۽ ٻين لکڻين ۾ مقصدي طور شعر گوئيءَ جي موجودگي موقعي جي مناسبت سان ملي ٿي. انھن شعرن جي چونڊ ايتري تہ برجستي آهي جو اهي نثر ۾ منڊيءَ ۾ ٽڪ جيان جڙيل آهن. ڪتاب ۾ بيھڪ جون نشانيون درست طريقي سان ڏنل آهن تہ پروفن جي چڪاس خبرداريءَ سان ڪيل آهي. هن ناول ۾ ٻوليءَ جون غلطيون نہ هئڻ برابر آهن جنھن مان ڄاڻ پوي ٿي تہ ڏيپلائي صاحب سنڌي نثر جي سونھن کي برقرار رکڻ لاءِ ناول جي ٻوليءَ تي مڪمل ڌيان ڌريو. ناول ”امڙ“ جي تحقيقي جائزي وٺڻ کان پوءِ نتيجو نڪري ٿو تہ هن ناول کي موضوع جي حوالي سان پھرين مئي جي عالمي تحريڪ جي پرچار ڪندڙ انقلابي ناول چئجي تہ بجا ٿيندو هيءُ انساني حقن جي آگهي ڏيندڙ اڳواڻن جي زندگيءَ جي جهلڪ پيش ڪري ٿو جنھن مان اها پڻ خبر پوي ٿي تہ انسان حقن جي ڄاڻ ۽ انھن جي حاصل ڪرڻ جا ڪھڙا عظيم اصول آهن مطلب تہ موضوع ۽ مواد جي حوالي سان هيءُ ڪتاب هر وقت ۽ هر دور جو آواز آهي جنھن جي سھڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ سان ڏيپلائي صاحب سنڌي ادب کي هڪ شاهڪار ڪتاب سان نوازيو آهي. سنڌي نثر ۽ ٻولءَ جي حوالي سان هيءُ هڪ ڪامياب ناول آهي.

حوالا:
1. ڏيپلائي، محمد عثمان (انٽرويو) پروفيسر صديقي آفاق احمد، ”پاڪستاني ادب ڪي معمار، محمد عثمان ڏيپلائي شخصيت اور فن“ 2009ع، اڪادمي ادبيات پاڪستان، صہ-45.
2. ڏيپلائي، محمد عثمان (مرتب) تاج جويو، ”انسان دوست اديب ۽ بي باڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي“، 2003ع، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد، صہ-230.
3. ڏيپلائي، محمد عثمان، ”امڙ“، ”ادارہءِ انسانيت“، 1956ع، پيش لفظ، صہ-2.
4. پليجو رسول بخش، ”امڙ“، ”سنڌي ساهت گهر“، 2010ع، صہ-2.
5. ڏيپلائي، محمد عثمان، ”امڙ“، ”ادارہءِ انسانيت“، 1956ع، صہ 28-29، 26 ۽ 27.
6. ساڳيو حوالو، صہ-155 ۽ 128.
7. ساڳيو حوالو، صہ-155.

(مھراڻ محمد عثمان ڏيپلائي، خاص نمبر 01/ 2014ع)