شبنم گل جي ڪھاڻين ۾ موضوعن ۽ فطرت جي حسن جو اڀياس: مختصر جائزو
Shabnam Gul is a famous female writer. She have written short stories, novels, autobiographies, essays, columns, dramas and poetry. She started writing from 1988ع and now there are 10 books on her credit.
“Anjatal Sher Jo Naqsho” (اڻ ڄاتل شھر جو نقشو ـ ڪھاڻيون), “Aakhri Lafz” (آخري لفظ ـ شاعري), “Lehrun Jo Geet” (لھرن جو گيت ـ ڊراما), “Monhnjo Sooraj Mukhee” (منھنجو سورج مکي ـ ساروڻيون), “Makhee Khan Moklani” (مکيءَ کان موڪلاڻي ـ ناول), “Khud Shanasi Jo Johar” (خود شناسيءَ جو جوهر ـ فڪري سماجي نفسيات جا رُخ), “Lafzan Ja Deep” (لفظن جا ديپ ـ سنڌ جي فڪري ۽ سماجي شعور جي اوسر), “Dard Je Lae” (درد جي لئہ ـ شاعري), “Kali Hanj Jo Dukh” (خالي هنج جو ڏک ـ ڪھاڻيون), “Muntakhib Afsane” (منتخب افسانے ـ پاکستان کی مادرع زبانوں کا ادب).
Shabnam is a sensitive artist she loves beauty of nature and express her ideas about it in appropriate words and an impressive way with unique topics. In this paper I highlights her work, especially topics and love for nature in short stories.
جديد سنڌي ڪھاڻي ويھين صديءَ جي شروع ۾ سنڌي ادب ۾ آئي. شروع دور جون ڪھاڻيون آکاڻي نموني جون هيون پر پوءِ جلد ئي ڪھاڻيءَ جو نئون فن عمل ۾ آيو. جنھن ۾ مڪان، زمان ۽ عمل جي اتحاد سان حقيقت نگاريءَ جا رنگ ڀري، ڪردار شناسيءَ جو توازن عمل ۾ آندو ويو. اختصار ۽ اثرانگيزيءَ کي خاص اهميت ڏني ويئي ۽ ڪھاڻيءَ کي غير فطري ماحول مان ڪڍي حياتيءَ جي هڪ رُخ کي ظاهر ڪندڙ تحرير جو روپ ڏنو ويو. آکاڻي جھڙي ڪھاڻيءَ کي جديد ٽيڪنيڪ سان سنواري ان جي آغاز ۽ انجام کي نرالي حيثيت ڏني ويئي. ڪھاڻي ادب جي گهڻي پڙهي ويندڙ صنف آهي جنھن جا ڪيترائي سبب هوندي بہ اهم سبب اختصار ۽ تاثر جي ڪري پڙهندڙن جي دلچسپي قائم رهڻ آهي ۽ جيئن تہ گهڻي پڙهجندڙ صنف آهي انھيءَ ڪري ڪھاڻي گهڻي لکي وڃي ٿي. ڪھاڻيءَ جي هر دور ۾ ان ۾ گهڻائي تجربا پڻ ٿيندا رهيا آهن. ريٽا شھاڻيءَ موجب تہ،
”ساهت سماج جو آئينو آهي ۽ سماج دائمي ڦرندڙ گهرندڙ آهي تنھن ڪري ڪھاڻي ڪلا ڪيترائي رستا طئي ڪري، مختلف حالتن مان گذري، اڄ واري روپ تي پھتي آهي“ (1)
سماج جي انھيءَ دائمي ڦرندڙ گهرندڙ عمل جو سڀ کان گهڻو اثر عام ماڻھوءَ جي نسبتاً قلمڪار/فنڪار تي ٿيئي ٿو. زندگيءَ ۾ نظر ايندڙ وارتائون، منظر، واقعا، حادثا، آزمائشون، ڏک سک، جذبن جي صورت وٺي قلمڪار جي قلم جي نوڪ مان ظاهر ٿيندڙ آهن. ڪھاڻي تخليقي ادب جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن ۾ ليکڪ جي ذات جو عڪس پڻ ظاهر هجي ٿو. عبدالواحد سومرو انھيءَ بابت چوي ٿو تہ،
”ڪھاڻي لکندڙ سڀ کان پھرين ذات کان شروع ڪندو آهي پوءِ اهو سماج جي اندر ٿيندڙ اٿل پٿل، سياسي، سماجي، ادبي جاڳرتا کان ويندي پيار، نفرت، ڪوڙ، دوکي، دوستي، دشمني، وفا، بي وفائي عشق جي قصي کي بيان ڪندو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ حقيقت نگاري، منظر نگاري، جنھن ۾ جذبن، اڌمن، احساسن جو تذڪرو! جنھن سان پڙهندڙ تي اثر پوي تہ اها ئي ڪھاڻي آهي!!!
سومرو صاحب اهو بہ چوي ٿو تہ، ”ڪھاڻي ڪپڙو آهي ۽ ڪھاڻيڪار درزي جو ان کي سھڻائيءَ سان ڪٽي خوبصورت پوشاڪ ٺاهي يا ٻين لفظن ۾ تہ ڪھاڻي ڌاتو سون آهي ۽ ڪھاڻيڪار سونارو جو انھيءَ کي نفاست سان ۽ ڌيان گيان سان گهڙي سھڻو بنائي ٿو، سھڻن لفظن ۾ پوئي، ٻولي، منظر، خيال مان ڪڍي سھڻو ڪري ڪھاڻيءَ کي پڙهڻ لاءِ پيش ڪري ٿو“. (2)
مطلب تہ ڪامياب ڪھاڻي اها آهي جنھن جو سٽاءُ موضوع، پلاٽ، ڪردار، مڪالما، منظر حقيقت نگاري، انجام ۽ ٻيا فني لوازمات سھڻائيءَ سان هجن تہ لاجواب اثر انگيزي بہ هجي. سنڌي ڪھاڻيءَ کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويو آهي پھريون دور شروعاتي 1947ع کان اڳ جو آهي، ٻيو دور 1947ع کان 1985ع تائين جو آهي ۽ ٽيون دور 90 جي ڏهاڪي جي وچ کان موجودہ وقت تائين آهي. انھن دورن ۾ ڪيترن ئي ڪھاڻيڪار مردن ۽ عورتن بي شمار ڪھاڻيون لکيون آهن سوَن جي ڳاڻيٽي ۾ مجموعا شايع ٿيا آهن. شبنم گل جو ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ شمار ڪھاڻيءَ جي ٽين دور ۾ ٿيئي ٿو. سندس ڪھاڻين جا موضوع ۽ فطري منظر نگاري هن مقالي ۾ آندا ويا آهن. انھيءَ کان اڳ شبنم گل جو تعارف ڏجي ٿو.
رضيہ سلطانہ / شبنم گل (ادبي نالو) 5 جولاءِ 1963ع تي ڊاڪٽر بشير احمد لاشاريءَ جي گهر دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم والد جي بدلين سبب سنڌ جي مختلف شھرن جيئن حيدرآباد، ڀاڻ سعيدآباد، سيوهڻ، جوهي، ٺٽي ۽ ڄامشوري ۾ ٿي. هن ايم.اي، انگريزي ادب ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪئي تہ ايل ايل بي جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ايجوڪيشن کاتي ۾ انگريزيءَ جي سبجيڪٽ ۾ ليڪچرار ٿي لڳي جتي ايسوسيئٽ پروفيسر طور استاد جي حيثيت ۾ پڙهائي رهي آهي. موجودہ وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ سيڪريٽري طور فرض نڀائي رهي آهي. سندس مشھوري ميڊيا ۽ ادب ذريعي آهي. 1986ع کان سندس واسطو اسٽيج، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ٽيليويزن سان رهيو آهي ڪيترن پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ۽ ميزباني ڪئي اٿس.
سنڌي ادب ۾ شبنم گل 1986ع کان لکڻ شروع ڪيو. ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڪھاڻيون ۽ شاعري شايع ٿي آهي ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو ڏهن تائين آهي. جيڪي مختلف موضوعن جيئن شاعري، ڪھاڻي، ناول، ناٽڪ، سماجي ادب مضمون، تحقيق ۽ ٻين موضوعن تي آهن. هن سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اردو ٻوليءَ ۾ پڻ لکيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن.
”اڻ ڄاتل شھر جو نقشو“ (ڪھاڻيون)، ”آخري لفظ“ (شاعري)، ”لھرن جو گيت“ (ڊراما)، ”منھنجو سورج مکي“ (ساروڻيون)، ”مکيءَ کان موڪلاڻي“ (ناول-هن ناول کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2015ع جي بھترين ناول جو. ايوارڊ مليل آهي)، ”خود شناسيءَ جو جوهر۔ فڪري سماجي نفسيات جا رُخ“، ”لفظن جا ديپ“ (سماجيات-سنڌ جي فڪري سماجي شعور جي اوسر) ”درد جي لئہ“ (شاعري)، ”خالي هنج جو ڏک“ (ڪھاڻيون)، ”منتخب افسانے“ ( پاکستاں کی مادری زبانوں کا ادب) آهن. شبنم جا بحيثيت شاعرہ ٻہ ڪتاب ”آخري لفظ“ ۽ ”درد جي لئہ“ آهن، سندس ڪيتري شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. هن ڪافي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر خاص غزل ۽ آزاد نظم وڌيڪ لکيا آهن. سندس شاعريءَ جو مثال هن ريت آهي،
جداين ۾ رفاقتن جا سلسلا آهن،
عجب مقدر جا هي فيصلا آهن،
يادن جي لھرن ۾ کڙيو ڪنول چھرو،
شروع جتان آزمائشن جا مرحلا آهن.
شبنم هڪ ئي وقت گهڻ رُخوڪم ڪيو آهي هوءَ شاعرہ، ڪھاڻيڪارا، ناول نويس، مضمون نويس، صحافي ۽ ڪالم نگار آهي. شاعريءَ جي مٿين ٻن ڪتابن کان سواءِ سندس باقي ڪتاب نثر ۾ آهن جن ۾ ”اڻ ڄاتل شھر جو نقشو“ ۽ ”خالي هنج جو ڏک“ ڪھاڻين تي مشتمل آهن هيٺ انھن ڪتابن ۾ ڇپيل ڪھاڻين جو وچور پيش ڪجي ٿو.
اڻ ڄاتل شھر جو نقشو: نيو فيلڊس پبليڪيشن 1995ع ۾ شايع ڪيو. جنھن ۾ ڪل 12 ڪھاڻيون، ”خوشبوءَ جو موت“، ”ساحلن جي هوا“، ”خالي رستي جو ڏک“، ”وڃائجي ويل پل“، ”اڻ ڄاتل شھر جو نقشو“، ”لڙا ٽيل شام“، ”ليکڪ، انتظار ۽ اکيون“، ”سيڪنڊ چوائس“، ”لھندڙ سج جو منظر“، ”ساحل جي تمنا“، ”رُڃ ۽ گلاب“، ”ڪوتا ڪھاڻي“ آهن. ڪھاڻين جي هن ڪتاب جو انتساب سندس والد ڊاڪٽر بشير احمد لاشاريءَ جي نالي آهي تہ وليرام ولڀ، ”شاداب گلن تي شبنمي لڙڪن جي جهالر“ جي عنوان سان سندس فن جي اوک ڊوک ڪئي آهي. اڻ ڄاتل شھر جو نقشو، شبنم گل جو ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ پھريون ڪتاب آهي انھيءَ کان پوءِ 22 سالن کان پوءِ سندس ٻيو ڪتاب ”خالي هنج جو ڏک“ شايع ٿيو، جو پوپٽ پبليڪيشن خيرپور 2017ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن مجموعي ۾ 21 ڪھاڻيون آهن، مھاڳ شوڪت حسين شورو جو لکيل آهي تہ پروفيسر تنوير جوڻيجو ”سھڻن رنگن جو خوبصورت امتزاج“ جي عنوان سان سندس شخصيت ۽ فن کي مڃتا ڏني آهي ڪتاب جو انتساب ليکڪا پنھنجي نياڻيءَ عرين انصاريءَ جي نالي ڪيو آهي. تہ بيڪ ٽائيٽل سندس جيون ساٿي مشھور ليکڪ اشتياق انصاريءَ جو لکيل آهي. 208 صفحن جي هن ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻين جا عنوان ”پنھنجي لڙڪن ۾ اڃايل منڇر“، ”چھري تي سمھيل چانڊوڪيءَ جو عڪس“، ”رنگين پر هوا بنا اڌورا آهن!“، ”ڪاش مان الباٽراس هجان!“، ”منجهند جو هڪ پل“، ”مور ٿو ٽلي“، ”هڪ مشروط محبت جو ڏک“، ”سرد خانو بڻجي ويل احساس“، ”درد جو چھرو“، ”هڪ لمحي جي خوشي“، ”ڳاڙهو وڳو“، ”خالي هنج جو ڏک“، ”ڪلر بلائينڊ“، ”سينگار ميز“، ”ميڻ جھڙي دل جي اڪيلائي“، ”خوف“، ”ٻوراني“، ”عورت جو نالو برسات هجي ها!“، ”هڪ مرد ۾ ورهايل ٽي عورتون“، ”امان“، ”چنڊ جي ڪرڻن جو زهر“ آهن. ٻنھي مجموعن جي ڪل ڪھاڻين جو ڳاڻيٽو (33) ٽيٽيھ آهي.
شبنم گل فڪري ادب سَر جيندڙ حساس ليکڪا آهي. هن هڪ ئي وقت نثر ۽ نظم ٻنھي ۾ لکيو آهي. کيس پنھنجي پاڻ جي اظھار لاءِ ڪھاڻي لکڻ ئي بھتر ذريعو لڳي ٿي. سندس لفظن ۾ تہ، ”مون کان اڪثر اهو سوال ڪيو ويندو آهي تہ، شاعري، ڪھاڻي، ڊرامن مان مون کي ڪھڙي صنف پسند آهي؟ هونئن تہ مون ٽنھي صنفن تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪيوآهي پر ايئن ضرور آهي تہ ڪھاڻي منھنجي اندر جي ليکڪا جي صحيح ترجماني ڪري ٿي. ڪھاڻي وسيلي معاشري جي مختلف رخن جي عڪاسي ڪري سگهجي ٿي. فرد جا مسئلا انفرادي هجن يا اجتمائي، ڪھاڻيءَ ذريعي ڀرپور انداز ۾ آڻي سگهجن ٿا. هر ڪھاڻيءَ کان پوءِ مون پنھنجي اندر اهڙي تازگي محسوس ڪئي آهي جيڪا برسات کان پوءِ منظر اجرا ٿي محسوس ڪندا آهن“ (3)
موضوع طور: شبنم گل پنھنجي ڪھاڻين ۾ ڪھڙا ڪھڙا موضوع متعارف ڪرايا آهن؟ سندس ڪھاڻين جا مک خيال ٿيم يا پيغام ڪھڙا آهن؟ هن پنھنجي خيالن/موضوعن کي ڪھڙيءَ ريت اظھاريو آهي؟ انھيءَ لاءِ سندس ڪھاڻين جو مختصر موضوعاتي مطالعو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
”خوشبوءَ جو موت“ هڪ معصوم ٻار، (نياڻي) نازو/ڀنڀوريءَ تي ٿيل جسماني تشدد جي ڪھاڻي آهي. گلاب مالھيءَ جي ڌيءَ زندگيءَ جي خوشبوءَ کان محروم، غربت، بيوسي، ڏک، خوف ۽ بي يقينيءَ جي حياتي ڪاٽيندڙ ڀريءَ بھار ۾ سڙي مري ٿي. مٿس ڪيترو ظلم ٿيئي ٿو گڏين کيڏڻ جي عمر ۾ ذمہ دارين جي احساسن ۾ گهيريل ٻارڙي“.
هيءَ ڪھاڻي حقيقت نگاري جو مرقعو آهي ليکڪا موجب تہ، ”زندگيءَ جي حقيقي ڪردارن مون کان ڪھاڻيون لکرايون آهن ”خوشبوءَ جو موت“ جي نازان جو ڪردار منھنجي سامھون آيو تہ مان بي اختيار سوچڻ لڳي هيس تہ بظاهر خوبصورت نظر ايندڙ هيءَ زندگي ايتري بدصورت بہ ٿي سگهي ٿي“ (4)
”ساحلن جي هوا“ ڪامياب جرنلسٽ رباب جي ڪھاڻي، جا سچ جي صحافت جي شيدائي آهي ۽ صحيح رپورٽنگ ڪرڻ ۽ پنھنجي ڪم سان مخلص هئڻ سندس ايمان آهي بي امن سنڌ جون حالتون، هنڌ هنڌ لڄا لٽ جا ڪيس، ان کان پوءِ هوس جو نشانو بنيل معصوم ڇوڪرين جا قتل، ڌاڙيلن جا راڄ ۽ ٻيون ان قسم جون دھشت ۽ بربريت جو ايتريون خبرون آهن جو هوءَ سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي، ”سنڌ جي تاريخ جو هيءُ ڪيترو نہ بدترين دور آهي سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ جا سمورا اختيار کسجي ويا آهن. بي ضمير ٿي جيئڻ ڪيڏو نہ سولو ٿي پيو آهي“ (5)
سندس لکيل تُز ۽ تکو مضمون اخبار جي پاليسيءَ سبب هلي نٿو سگهي ۽ جڏهن اخبار سندس ايتري سچائي ۽ حقيقت پسنديءَ جو بوجه نٿي کڻي سگهي تڏهن هوءَ زرد صحافت (Yellow Journalism) جو حصو نہ ٿيڻ جو عھد ڪري استعفىٰ ٿي ڏئي ڇڏي. هن ڪھاڻيءَ وسيلي شبنم گل بلڪل هڪ مختلف موضوع پيش ڪيو آهي هن زبان، قلم ۽ دل تي پھري جي خلاف آواز اٿاريندي هڪ سجاڳ، بااختيار ۽ باشعور صحافتي حياتيءَ کي پروموٽ ڪيو آهي. شبنم گل رباب جي ڪردار معرفت منافقت کان پاسو ڪندي، اندر جي آواز کي لبيڪ چوندي بااختيار ۽ آزاد صحافت جي حامي ٿي سامھون آئي آهي. هيءُ هڪ نرالو موضوع آهي جنھن جو مقصد سماج کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ ۽ صحيح رستي ڏي موڙڻ آهي.
”خالي رستي جو ڏک“ هيءَ هڪ روايتي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ محبت جو حاصل نہ ٿيڻ موضوع آهي. نينا هڪ روايتي سنڌي گهراڻي جي ڇوڪري پر شھري ماحول ۾ بولڊ ٿي وڃي ٿي ۽ مختلف افيئرز هلائي ٿي آزاد طبع آهي جيئن تہ عورت لاءِ سماج ڪجهہ حدون مقرر ڪري ٿو جن کي اورانگهڻ کان پوءِ فيشن ايبل ڇوڪرين جي لاءِ رستا خالي ٿا هجن کين ڪوبہ سٺو ساٿي نٿو ملي هوءَ ڪمپرومائيز ڪري ابرار جي دوکي کان پوءِ پنھنجي تحفظ لاءِ هڪ قبول صورت شادي شدہ مرد سان شادي ڪري ٿي.
”وڃائجي ويل پَلَ“ هڪ ذهين آرٽسٽ جي ڪھاڻي جنھن جو فن امر آهي. پر سندس فن جو قدر ناهي. هو هڪ غريب آرٽسٽ آهي جنھن سان ڪا بہ عورت عمر ڀر رهڻ لاءِ تيار نہ آهي چاهي مُکي جنھن کي هن چاهيو، چاهي سِپي جنھن سان شادي ڪيائين بہ ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ ٿي پڻ کائنس جدا ٿي ويئي. آرٽسٽ جي نظر ۾ تہ، ”زندگي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ عشق عشرت لاءِ نہ آهي مادي ضرورتن سان گڏ انسان کي جمالياتي ذوق جي تسڪين بہ گهرجي ٿي پيار ۽ سونھن جي سنگم کانسواءِ زندگي اڌوري آهي. ٻنھي جي پرک جو ڪو پئمانو ناهي، ڇو تہ ٻنھي لاءِ ذوقِ نظر جي ضرورت آهي اتان ڪلا جو سفر شروع ٿيئي ٿو“ (6)
آرٽسٽ جنھن جو پنھنجي فن سان سچو رشتو هو ۽ انھيءَ سان هُن انصاف ڪيو پنھنجي وجود جي ڳولھا جي هڪ نئين سفر تي روانو ٿيو. هن ڪھاڻيءَ جي موضوع ۽ پيشڪش مان لڳي ٿو تہ ڄڻ شبنم پاڻ هڪ مصور ڪھاڻيڪارا آهي. کيس فن جي امرتا ۽ مڪملتا جو پورو پورو احساس آهي.
”اڻ ڄاتل شھر جو نقشو“ روشينا علي سنڌ جي ٻھراڙين جي مسئلن تي ڪم ڪندڙ هڪ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر ۽ سفيان احمد جي هن ڪھاڻيءَ ۾ روشينا فقط ۽ فقط انھيءَ ڪري سفيان سان شادي نٿي ڪري جو هو ٻن ٻارن جو پيءُ آهي. هوءَ ڪو گهر ٽوڙڻ ۽ معصوم ٻارن کان فطري خوشيون کسڻ نٿي چاهي عورت هئڻ جي حيثيت ۾ عورت جو ڏک سمجهندي اڪيلائيءَ کي ترجيح ڏيئي ٿي ۽ سفيان جي ٻي زال ٿيڻ بدران پنھنجو ئي رستو مٽائي ٿي ڇڏي. ڏٺو وڃي تہ، عورت تي فقط سماج ۾ مرد ظلم نٿو ڪري پر خود عورت بہ عورت تي ظلم ڪندڙ آهي. پھاڄ جي صورت ۾ سَسِ، نڻان ۽ ڏيراڻيءَ جي روپ ۾. مٿئين ڪھاڻيءَ ۾ شبنم گل هڪ عورت کي عورت لاءِ قرباني ڏيندڙ ڏيکاريو آهي.
”لڙاٽيل شام“ معصوم ملوڪ جي بي بسيءَ، غربت ۽ ڏک جي ڪھاڻي آهي جو پوپٽن ۽ لغڙن پويان ڊوڙندي ڪھاڻيءَ جي نيريٽر معرفت پڙهڻ ڏي متوجھہ ٿيئي ٿو ۽ اسڪول بہ وڃڻ لڳي ٿو. سندس پيءُ کيس ڌنڌي ڌاڙي ۽ مزوريءَ ڏي موڙي ٿو. مارون کائي مجبور ٿي پڙهائي ڇڏي گهر جي ذمہ داري کڻي ٿو. پوپٽن ۽ ڪتابن جي بجاءِ سندس هٿن گهرو ذمہ داريون قبول ڪري ورتيون. هيءَ مثالي ڪھاڻي آهي شبنم هڪ نرم دل ۽ مھربان مزاج جي خاتون آهي کيس گلن، پوپٽن، وڻن ٽڻن ۽ فطرت سان پيار آهي. معصوم ٻارن جو فطري روپ ختم ٿيئي ٿو ۽ خوبصورت مرڪون لڙڪن ۾ تبديل ٿين ٿيون. تڏهن هوءَ پاڻ کي هڪ وڏي بار هيٺ دٻيل محسوس ڪري ٿي. يونيسيف جي رپورٽ سندس اکين آڏو ڦري اچي ٿي تہ دنيا ۾ ڪروڙين ٻار مزدوري ڪن ٿا ۽ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ مزدوري ڪندڙ ٻارن جو ڳاڻيٽو وڌيڪ آهي. اها حقيقت آهي تہ ڪنھن بہ قوم جا ٻار انھيءَ قوم جو آئيندو آهن جي زندگيءَ جي بنيادي سھولتن کان جيڪڏهن وانجهيل آهن تہ پوءِ انھيءَ قوم ۽ ملڪ جو ڇا ٿي سگهي ٿو؟ اهو سوال ئي هڪ قلمڪار جي قلم مان ليئا پائي ٿو. جنھن کي انھيءَ معصوم ملوڪ جي اکين ۾ لڙاٽيل شام جي گهري اداسي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
”ساحل جي تمنا“ جو موضوع ممتا آهي. سنجها حسيب سان ناپسنديدہ شاديءَ جي رشتي کي بار بار ختم ڪرڻ جو سوچيندي بہ نہ ڪري سگهندي آهي جو سندس ٻن ٻارن نجيب ۽ زائره جون حياتيون وکري نہ وڃن ٻارن جي بھتر مستقبل لاءِ هوءَ نيٺ حسيب سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت هن مجموعي جون ٻيون ڪھاڻيون سماج جي ننڍن ننڍن مسئلن جي اُپٽار تي محيط آهن.
”خالي هنج جو ڏک“ مجموعي جي ايڪيھن ڪھاڻين جو مطالعو ڄاڻائي ٿو تہ هنن ڪھاڻين ۾ موضوعن جي حوالي سان انفراديت آهي ۽ منظر ڪشي ۽ مڪالمن ۾ ٻوليءَ جي سونھن تي توجھہ ڏنل آهي.
موضوع جي لحاظ کان گهرو حياتيءَ جي مختلف رُخن جيئن سَسِ ۽ ننھن جي وچ ۾ ساڙ ۽ حسد جو جذبو، عورت ۽ مرد جي تعلق ۾ عورت طرفان اولاد جي لاءِ ڪمپرومائيز ڪرڻ، بي اولاديءَ جو احساس، معذور نياڻيءَ جي هوندي عورت طرفان ٻي شادي نہ ڪري سڄي حياتي اڪيلو رهڻ ۽ ٻيا انھيءَ ريت جا موضوع آهن. اهڙين ڪھاڻين ۾ ”سينگار ميز“، ”خالي هنج جو ڏک“، ”هڪ لمحي جي خوشي“، ”امان“، ”منجهد جو هڪ پل“، ”هڪ مشروط محبت جو ڏک“، ”هڪ مرد ۾ ورهايل ٽي عورتون“، ”عورت جو نالو برسات هجي ها“، ”چھري تي سمھيل چانڊوڪيءَ جو عڪس“، ”ڳاڙهو وڳو“، ”ڪلر بلائينڊ“ آهن. انھيءَ کان سواءِ ٻين بلڪل مختلف موضوعن تي لکيل ڪھاڻين ۾ ”پنھنجي لڙڪن ۾ اڃايل منڇر“، ”رنگين پر هوا بنا اڌورا آهن!“، ”ڪاش مان الباٽراس هجان!“، ”مور ٿو ٽلي“، ”سردخانو بڻجي ويل احساس“، ”ميڻ جھڙي دل جي اڪيلائي“، ”درد جو چھرو“، ”ٻوراني“، ”چنڊ جي ڪرڻن جو زهر“، ”خوف“، جن ۾ ماحولياتي گدلاڻ جو الميو، استاد ۽ شاگرد جو تعلق، بم بلاسٽنگ سبب ويل حياتيون، نفسياتي طور خوف جو شديد احساس هئڻ ۽ فطرت جي حسن کان متاثر هئڻ ۽ ٻيا موضوع آهن. جن ۾ پڻ عورت ذات جي حيثيت، اهميت، احساس ۽ سوچون ظاهر ٿين ٿا. هڪ عورت هئڻ جي ناتي هن پنھنجي هم جنس جي حياتيءَ جي مختلف رُخن تي لکڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي خاص طور سندن ڏکن، محروميءَ ۽ خود اعتماديءَ جي ڪمي، گهرو ماحول ۾ توڻي سماج ۾ ساڻس ٿيل ناانصافين کي موضوع بنايو آهي. هن ڏس ۾ لکيو اٿس تہ،
”سنڌي سماج ۾ عورت جي اڌ حيثيت، سندس ذات/شخصيت جي نفي وارو اڻ وڻندڙ رحجان ۽ عورت سان ٿيندڙ ناانصافيون اهي اهڙا حساس موضوع آهن جن تي جيترو لکجي اوترو گهٽ آهي“. (7)
هن سنڌي سماج جي عورت جي حالتن جو مشاهدو گهري نظر سان ڪندي سندس حساس جان ۽ جسم جي اهنج ۽ ايذاءُ کي دِل سان محسوس ڪيو آهي. شبنم جو پيش ڪيل عورت ڪردار گهڻي ڀاڱي شھري، وچولي ۽ هيٺين ڪلاسن سان تعلق رکندڙ آهي جنھن جو گهرو ماحول غيرآسودہ، غير محفوظ ۽ اطمينان جوڳو نہ آهي. انيڪ مسئلن جو شڪار اها عورت اندر جو سڪون نہ هوندي حياتيءَ سان نڀاءُ ڪندي گذاري ٿي. پر دِلي طور خوش ناهي جيئن ”امان“ ڪھاڻي هڪ اهڙي عورت جي آهي جنھن جي ايب نارمل نياڻي پيدا ٿيڻ تي سندس مڙس کيس طلاق ٿو ڏئي ڇڏي ۽ هو باقي حياتي انھيءَ ڌيءَ کي سنڀالڻ ۾ گذاري ٿي ۽ انھيءَ معذور ڌيءَ جي ڪري ٻي شادي بہ نٿي ڪري. ڪھاڻيءَ جي پڇاڙي نرگس جي موت ۽ پرھ جي منھن مان نڪتل آواز ”امان“ تي آهي جنھن سڏ لاءِ نرگس سڪندي هئي تہ سندس ڌيءَ کيس ”امان“ ڪري سڏي هيءَ ڪھاڻي ماءُ جي لازوال ممتا جي احساس بابت آهي هن ئي نموني جي ”شھناز“ نالي سان ڪھاڻي پوپٽي هيراننداڻيءَ 50 سال اڳ پيش ڪئي هئي. شھناز جيڪا نارمل هجي ٿي پر ڌڪ لڳڻ سان دماغي طور معذور ٿي وڃي ٿي ۽ ڪھاڻيءَ جي نائڪه يعني سندس والدہ نيريٽر طور اها ڪھاڻي ٻڌائي آهي ۽ پنھنجي سڄي حياتي شھناز جي سيوا ۾ گذاريندي آهي. پوپٽي هيراننداڻيءَ ۽ شبنم گل جي ڪھاڻيءَ جي موضوع ۾ هڪ جھڙائي هوندي بہ اهم ڳالھ اها آهي تہ ٻنھي عورت جي درد کي جھڙيءَ ريت محسوس ڪيو آهي ڪو مرد ليکڪ نٿو ڪري سگهي هڪ نياڻي سا بہ اپاهج انھيءَ جي سنڀال، انھيءَ جو ڏک ۽ تڪليف ۽ خود جو دنيا کان ڪٽجي وڃڻ، مرد ۽ گهر ڀاتين جو واسطو ختم ٿيڻ يا بلڪل معمولي هئڻ انھيءَ عورت لاءِ ڪيترو ڏک آهي جنھن جو جگر جو ٽڪرو بہ اهنج ۾ آهي تہ کيس دنيا پڻ طعنا ۽ تڪليفون ڏئي ٿي.
شبنم گل گهرو حياتيءَ کي خوشگوار ڏسڻ جي خواهشمند آهي تہ جيئن اسان جو نئون نسل سٺين سوچن ۽ عملن سان پروان چڙهي. ڪجهہ ڪھاڻين ۾ هن زال ۽ مڙس جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ ۽ وري سمجهوتو ڪرڻ ۾ عورت کي ئي ڪمپرومائيز ڪندڙ ڏيکاريو آهي منھنجي خيال ۾ سنڌي عورت جو ضمير قربانيءَ جي جذبي سان ڀريل آهي هوءَ گهرهستيءَ کي ٽوڙي پنھنجي ٻارن جي مستقبل کي داءُ تي لڳائي کين اڪيلو نٿي ڪري پر همتَ سان مسئلي کي منھن ڏئي گهر کي ٽٽڻ کان بچائڻ پسند ڪري ٿي. اهڙي ئي هڪ ڪھاڻي ”هڪ مشروط محبت جو ڏک“ آهي جنھن ۾ رخسانہ ۽ فيضان جي رشتي جي وچ ۾ ٿيل جهيڙي سبب رخسانہ شديد ڊپريشن جو شڪار ٿي ٿي وڃي ڊاڪٽر کيس ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ واڪ جو مشورو ٿو ڏئي چار سئو ميٽرن جي واڪنگ ٽريڪ تي واڪ ڪندي چوڌاري ماحول جي چرپر تي سوچيندي سندس نظرون مرد ۽ عورتن جو مشاهدو ڪن ٿيون.
”هڪ ماڻھو تيزي سان ڊوڙندو سندس ڀرسان لنگهي ٿو، هن جي سوچ پکي جي ٽٽل کنڀن جيان فضائن ۾ وکري وڃي ٿي، اهو ماڻھو گهڻي دير تائين وارم اپ کانپوءِ جا گنگ ڪندو آهي. هوءَ مختلف وقتن تي ايندي آهي. اهو ماڻھو اتي موجود هوندو آهي، شايد هن ماڻھوءَ کي پنھنجي زال ۽ ٻارن سان گهڻو پيار آهي جو هو صحتمند رهڻ ۽ گهڻي عرصي تائين جيئڻ چاهي ٿو. جيئڻ جو اتساھہ فقط محبوبہ ئي ڏئي سگهي ٿي.
ممڪن آهي زال جي ڪِر ڪِر کان ڀڄي ڪلب ايندو هجي، مرد آخر گهرن ۾ شام جي وقت تي ايترو بيزار ڇو ٿيندو آهن؟
کين گهرن ۾ ويھڻ ڇو ڪو نہ ايندو آهي؟... شايد زالن جو ڏوھہ هجي، هو شام جو ٿڪجي آيل پنھنجي مڙسن سان پيار ونڊڻ بدران مسئلن جي لسٽ کي ورجائينديون آهن.
هتي زالن ۽ مردن جي سکيا جو ادارو هئڻ گهرجي، جتي بھترين زال ۽ سمجهدار وارو مڙس جي هڪ سٺي کيپ تيار ڪري سگهجي اهي معاشرا ترقي ڪندا آهن جتي پر سڪون گهر هوندا آهن“. (8)
مٿيئن حوالي مان ڪھاڻيڪارا جي هڪ آدرشي سوچ نمايان ٿيئي ٿي هوءَ گهر جي ايڪائيءَ جي مظبوطيءَ کي سماج جي سھڻيءَ اوسر لاءِ شانائتو قرار ڏئي ٿي جتي هن گهرو ٻڌيءَ ۽ محبت کي قائم رکڻ لاءِ مرد کي قصوروار ٺھرايو آهي اُتي عورت ذات کي پڻ تنبيھہ ڪئي آهي. بنيادي طور شبنم پيار، محبت، روحانيت، اخلاقيات ۽ چڱائي جا عڪس ۽ اولڙا پسائي ٿي ۽ عورت جي ڀوڳنا ۽ ڏک ۽ درد کي بہ هن اونھائيءَ سان محسوس ڪيو آهي.
شبنم ماڻھوءَ جي فطري ۽ سڀاويڪ حياتيءَ جي جيئندان جي قائل آهي. عورت ڪھاڻيڪارائن ۾ هيءَ واحد ڪھاڻيڪارا آهي جنھن جي فن ۾ فطرت جي خوبصورتيءَ لاءِ پيار ۽ ان جي بقا لاءِ اُتساھہ موجود آهي. جنھن جو ذڪرهن موضوعاتي اڀياس ۾ نہ ڪرڻ بي واجبي ٿيندي هُوءَ فطرت جي حُسناڪين کي بيان ڪرڻ تي فنڪاراڻي دسترس رکي ٿي. انھيءَ کان اڳ جو هن موضوع تي سندس فن مان ڪي مثال پيش ڪجن انھيءَ نڪتي جي وضاحت ڊاڪٽر فياض لطيف جي لفظن ۾ هن ريت ڄاڻايان ٿي هو لکي ٿو تہ، ”انسان بحيثيت هڪ فنڪار جي، نہ رڳو معروضي ماحول يا شين جي جسماني خوبصورتيءَ جو خالق آهي پر موضوعي مانڊاڻ يعنيٰ انسان جي روحاني دنيا جي خوبصورتيءَ جو خالق بہ آهي“. (9)
ڊاڪٽر فياض اهو بہ چوي ٿو تہ،
”حسن هڪ اهڙو مظھر آهي، جنھن جي ڪائي هڪڙي صورت، ڪو ئي هڪڙو روپ ۽ ڪا ئي هڪڙي قطعي وصف ڪانھي پر اُهو اهڙيءَ روشنيءَ وانگر آهي جنھن جا اڻ ڳڻيا روپ ۽ رنگ آهن. ٻين لفظن ۾ حُسن بذاتِ خود قدرت جو هڪ اهڙو ڪرشمو آهي جنھن جي جلون کي هر ماڻھو پنھنجي زوايه نگاھہ، شعوري سگهہ، حسي تجربي، مزاج ۽ موڊ جي بنيادن تي پَسي، پرکي ۽ محسوس ڪري ٿو، هر شاعر ۽ تخليقار وٽ سونھن جي اظھار جو پنھنجو سليقو، پنھنجو ڏانءُ ۽ پنھنجي ذات آهي“. (10)
حسن ۽ سونھن جون ڪيتريون ئي صورتون آهن قدرتي حُسن سميت حسن جا جيڪي قسم آهن انھن ۾ ”انساني حُسن، فني حُسن، وجداني حُسن، لفظي حُسن، لغوي حُسن، تشبيھي حُسن، ترڪيبي حُسن، تخيلاتي حُسن، استعاراتي حُسن، فڪري حُسن، موضوعي حُسن، معروضي حُسن، معنوي حُسن، درد جو حُسن، حسياتي حُسن، تخليقي حُسن، نفسياتي حُسن، احساسساتي حُسن، عڪسي حُسن، مزاحمتي حُسن، علامتي حُسن وغيرہ شامل آهن“.(11)
ڏٺو وڃي تہ، شبنم جو فن فڪري، قدرتي، احساساتي، نفسياتي ۽ درد جي حسن جو عڪاس آهي. قومي پس منظر ۾ لکيل سندس ڪھاڻي ”پنھنجي لڙڪن ۾ اڃايل منڇر“، منڇر جي مھاڻن جي درد جو نوحو آهي. قديم تھذيب جي تباهيءَ جو درد شبنم اثرائتن لفظن ۾ پويو آهي.
”شام سمي منڇرجو پاڻي ڄڻ اداسين ۾ ويڙهجي ويو هجي، ڪڏهن منڇر جي ڪنارن تي ٻيڙين جو قطارون ڪنول جيان پيون جهومنديون هيون، ان وقت منڇر جو مٺو پاڻي آبِ حيات مثل هو، زندگي بخشيندڙ...“
اڳيان زينا جي سوچ بيان ڪندي لکي ٿي تہ،
”جڏهن منڇر اوج تي هئي تہ پاڻي ۾ طرحين طرحين جا ٻوٽا ۽ گاھہ پيا ترندا هئا، هر قسم جي مڇي هئي، موراکو، ڄرڪو، ڪرڙو، گندڻ، سينگاري ۽ ٻيا ڪيترائي قسم زينا هڪ ڊگهو ساھہ کنيو، پاڻي کاري ٿيڻ کان پوءِ مڇيءَ جا چند قسم وڃي بچيا آهن. ٻئي پاسي منڇر جا وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ گاھہ بہ لوڻياٽي پاڻيءَ جي زهر ۾ ختم ٿي ويا آهن. ”هاءِ ڙي منڇر تنھنجا جوپن ڏينھڙا“ زينا جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا لڙڪن جي اولڙي ۾ منڇر بہ ڌنڌلي ٿيڻ لڳي لڙڪ لڙي ڳلن تي ماڪ ڦڙن جيان وکري ويا. ”مھاڻا ايئن صبح شام منڇر کي لڙڪن جي ڀيٽا ڏين ٿا“. (12)
صدين کان آباد مھاڻا پنھنجو ماڳ ڇڏڻ تي ڪيئن مجبور ٿين ٿا. منڇرجو ڪڙو، زهريلو ۽ ماحول جو گدلو ٿيڻ سندن حياتين کي جوکو، هو نہ چاهيندي پڻ پنھنجي ابن ڏاڏن جي اجهن کان آهستي آهستي موڪلائيندا ٻين ڳوٺن ۽ شھرن ڏي وڃن ٿا، زينان ۽ سانول پڻ انتھائي بيمار ۽ مجبورٿي منڇر کان ائين روئي موڪلائين ٿا ڄڻ سندن گهر ۾ مرتيو ٿيو هجي. هن بھترين ڪھاڻيءَ ۾ منڇر جي تباهي بيان ڪيل آهي. شبنم جي هيءَ ڪھاڻي قومي احساسن ۽ جذبن جي ڪھاڻي آهي. منڇر ڍنڍ سنڌ جي هڪ مڪمل سڀيتا ۽ شان جنھن جي تباهيءَ تي جيترو ڏک ڪجي گهٽ آهي هن ڍنڍ جي قدامت تي طارق قريشي لکيو آهي تہ،
”سائين حاڪم علي شاه بخاري آرڪيالوجسٽ جي ڪنھن ڪچھريءَ ۾ ٻڌو هئم تہ دنيا ۾ تھذيبن جون لڳ ڀڳ هڪ هزار سائيٽس آهن جن مان 61 سائيٽس سنڌ ۾ آهن سندس چوڻ موجب تہ منڇر اايتري ئي قديم آهي جيتري ڪائنات “. (13)
جھڙيءَ ريت منڇر جي حسن جي ڪومائجڻ ۽ مھاڻن جي دربدر ٿيڻ جي درد ۽ ڏک کي شبنم احساساتي انداز سان پيش ڪيو آهي تھڙيءَ طرح ٿر ۾ فطرت جي سونھن مورن جي بيماريءَ وگهي مرڻ تي پڻ سندس دل ڏکي ٿي ۽ ”مور ٿو ٽلي راڻا“ هڪ بلڪل نرالي ۽ نئين موضوع جي ڪھاڻي آهي. مور جي رقص کي الھامي ڪيفيت ڄاڻائيندي، شبنم هن پکيءَ جي سونھن کي ٿر ۽ ڪائنات جي اڻمٽ سونھن سڏيو آهي. هڪ ٻي ڪھاڻي ”رنگين پر هوا بنا اڌورا آهن“ فطرت جي مطالعي جي بھترين عڪاسي آهي زاهدہ ابڙو هن ڪھاڻيءَ تي راءِ ڏيندي چوي ٿي تہ،
”شبنم هڪ خوبصورت دل رکندڙ ۽ ذهين ليکڪا آهي هوءَ فطرت جي گوناگين کان متاثر ٿي لڳي ۽ پنھنجي لکڻين ۾ فطرت ۽ ماحول کي ڪيتري سنجيدگيءَ سان ڏسي ٿي. جنھن ۾ هوءَ هڪ پوپٽ جي احساسن کي اهڙي ريت بيان ڪري ٿي، لڳي ٿو تہ سندس اندر ۾ بہ ڪي پوپٽ رهن ٿا ۽ اهي ساڻس ڪلام بہ ڪن ٿا جو هن هڪ پوپٽ کي نہ رڳو ماحول جي خوبصورتيءَ سان. ڳنڍيو آهي پر ان ۾ پوپٽيءَ جي احساسن کي هوبھو ائين بيان ڪيو آهي جيئن پوپٽيءَ جا درد ڀريا احساس اهي ئي هجن ۽ ان سان گڏ انسان جي ماحول طرف غير سنجيدہ رويي ۽ غير فطري حسن لاءِ چاھ کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي“. (14)
مٿين ڪھاڻي هڪ خوبصورت پوپٽيءَ جي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ سخت دل شخص ريان آزاد هوائن ۾ اڏامندڙ پوپٽيءَ کي قيد ڪري فريم ۾ محفوظ ڪري ٿو ۽ سندس محبوبا شينا انھيءَ تي اعتراض واري ٿي. هن علامتي ڪھاڻيءَ ۾ مرد کي ڪٺور ظالم ۽ بي رحم ڏسيو ويو آهي. جڏهن تہ عورت کي قيد و بند ۾ بي بس-”ڪاش مان الباٽراس هجان“ پيار جي علامت واري پکيءَ جي هڪ وڻندڙ ڪھاڻي آهي. ”ميڻ جھڙي دل جي اڪيلائي“، شبنم جي انھن خوبصورت ڪھاڻين ۾ شمار ڪري سگهجي ٿي جن ۾ ڌرتيءَ سان، وڻن ٽڻن سان، پکين سان ۽ فطرت سان بي انتھا پيار ظاهر ٿيئي ٿو. لکي ٿي تہ، ”ڪلثوم جو گهر ٻوٽن، ولين، گلن ۽ وڻن سان ڀريل هو، سندس والد چوندو هو، اهي ٻوٽا ۽ وڻ اسان جي اولاد وانگر آهن. هو وڻن جي ڪٽڻ جو سخت مخالف هوندو هو، ڀلا ڪير پنھنجي اولاد کي هٿ سان قتل ڪري سگهي ٿو؟ سندس پيءُ هاڻ دنيا ۾ ناهي رهيو. ان وڻ جي چڪي والد ڏني هيس، ڪلثوم کي وڻ مان پيءُ جي خوشبو پڻ اچي ٿي، ڌيءَ لاءِ پيءُ جو پيار وڻ جي گهاٽي ڇانوري جھڙو هوندو آهي. نم جو وڻ هن جي ڪل ڪائنات آهي. وڇڙي ويل سمورن رشتن جي آسيس هن کي اُن وڻ مان ملي ٿي“. (15)
هن ڪھاڻيءَ جو موضوع بلڪل نئون ۽ ٽريٽمينٽ وڻندڙ آهي. هڪ ڌيان جوڳي مسئلي طرف ليکڪا پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪايو آهي. وڻ ٽڻ ماحول جي فطري خوبصورتيءَ ۾ ڪيترو واڌارو ڪن ٿا؟ ۽ ڪيئن انھن مان ٿڌي هوا (خاص نم جو وڻ ذڪر ڪيل آهي) ملي ٿي ۽ سڪون جو احساس ٿيئي ٿو ۽ انھن ۾ پکين جا آکيرا ۽ لاتون لنوڻ، ساون چھچ پنن جو لڏڻ، شاخن جو هوائن ۾ رقص ڪرڻ، زندگيءَ جي تازگي محسوس ڪرڻ ڪيترو وڻندڙ آهي؟ انھيءَ کان پوءِ پنھنجي ضرورتن پويان وڻ ڪٽڻ ڄڻ هڪ انسان کي قتل ڪرڻ آهي. اهو موضوع شبنم ڪلثوم جي ميڻ جھڙي دل جي اظھار سان ڄاڻايو آهي.
بنيادي طور شبنم گل نازڪ ۽ نفيس دل رکندڙ ليکڪا آهي کيس فطرت جي مڙني خوبصورتين سان پيار آهي، پاڻيءَ جا وهڪرا، سج جا سنہري ڪرڻا، سرسبز باغ، ٻنيون ٻارا، وڻ ٽڻ، گل، ٻوٽا، پکي پکڻ، پوپٽ، پوپٽيون، ڀؤنر، چنڊ جون چانڊوڪيون، چمڪندڙ ستارا، جبل، نديون، ساوڪون، گل گلزاريون معطر فطري ماحول جون دلڪشيون، مُندن جون رنگينيون، آڪاش جي نيراڻ، ماءُ جي ممتا ۽ ٻيا انيڪ احساس ۽ جذبا ۽ من موهيندڙ منظر فطرت جي لافاني قوت جو اظھار آهن. جن کي جمالياتي تقاضائن تحت پرکڻ ۽ محسوس ڪرڻ واري نظر ۽ دل گهرجي ۽ تحقيق اها نظر ۽ اهو احساس شبنم وٽ موجود آهي.
شبنم گل جي ڪھاڻين جو موضوعاتي مطالعو ڄاڻائي ٿو تہ هن وٽ نہ سياست جا اوکا مسئلا آهن ۽ نہ ئي اوچي طبقي جو مصنوعي ماحول، هن جون ڪھاڻيون سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي قوم جي جيئرن جاڳندن ڪودارن جي گهرو ماحول جي خواهشن، خوابن ۽ عملن جي اوساريءَ ۾ لُنبجي ويل نتيجن. جو روپ آهن جن ۾ سماجي ڀيدڀاوَ آهن تہ رشتن جي مضبوطيءَ جون محبتون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي انھن رشتن ۾ پيل ڏار پڻ ڏسجن ٿا.
هن انساني نفسيات جي مختلف روپن کي نئين نموني ۽ انداز سان ڏنو آهي. سندس ڪھاڻيون نہ گهڻيون طويل آهن ۽ نہ ئي صفا مختصر انھن ڪھاڻين جي ڊيگهہ ايتري مناسب آهي جو بلڪل ٿوري وقت ۾ پڙهجڻ بعد پنھنجو اثر ڄاڻائين ٿيون. سماج کي رستو ڏيکاريندڙ ننڍين ننڍين ڳالھين، واقعن ۽ احساسن کي اهميت ڏيندڙ ڪھاڻيون آهن جن سان رشتن جي ڀرمن کي قائم رکڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن تبليغ کان يا پنھنجو مؤقف مڙهڻ کان پاسو ڪيو آهي گهڻي ڀاڱي سنجيدہ موضوع آهن ۽ عورت ذات جي ننڍن وڏن مسئلن جيئن تعليم، شادي، اولاد جا مسئلا، مرد جو رويو، گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا، نوڪريون ڪرڻ ۽ ٻاهرڪم تي نڪرڻ بعد جا مسئلا ۽ عورت ۽ مرد جي رشتي ۾ ڏار پوڻ جا سبب ۽ ان جا حل ٻڌايا آهن گهڻي ڀاڱي عورت کي خود اعتماد ۽ پاڻ وهيڻي ڄاڻائيندي بہ کيس سمجهوتو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي جنھن جو سبب اولاد جي محبت ۽ سماج ۾ ان جو تحفظ آهي.
سندس ڪھاڻين ۾ اڄ جي حالتن جا عڪس آهن. هن جديد دور جي جديد مسئلن کي جديد نموني سان آندو آهي. شبنم جي چند ڪھاڻين جي ٽريٽمينٽ مناسب بہ آهي پر مجموعي طور سندس پيش ڪيل موضوعن ۾ مقصد جي وضاحت اثرائتي ۽ فن فڪري طور سگهارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
نتيجو:
شبنم گل جي ڪھاڻين جو اڀياس ڄاڻائي ٿو تہ
1. جديد سنڌي ڪھاڻي لکندڙن ۾ شبنم گل جو نالو اهميت جوڳو آهي. سندس ٻہ ڪھاڻين جا مجموعا ٽيٽيھن ڪھاڻين تي مشتمل شايع ٿي چڪا آهن.
2. شبنم هڪ حساس، نرم دل، محبتي ۽ محنتي ڪھاڻيڪارا آهي جنھن جي فن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي تھذيب ۽ تمدن جي محبت جا بجا موجود آهي.
3. سندس ڪھاڻيون سنڌي وچولي ۽ هيٺين طبقي جي عورت جي سماجي حيثيت، نفسيات ۽ مزاج جي پرک ڏين ٿيون.
4. پنھنجي ڪردارن ڏانھن هاڪاري رويي سبب سندس ڪردارن جي نفسيات جو روحاني پھلو نمايان ٿيئي ٿو چڱائيءَ ڏانھن اهڙي ادبي پيش رفت پوريءَ دنيا ۾ ليکڪ جي سچيتائيءَ ۽ سڄاڻ هئڻ جو جو ثبوت آهي. گهرو موضوع هوندي بہ هر ڪھاڻيءَ جو انداز ۽ رنگ الڳ الڳ آهي. جن ۾ ثقافتي ۽ فڪري قدرن جي ترجماني سنڌي ٻوليءَ جي وڻندڙ استعمال سان گڏ ملي ٿي
5. موضوع طور هن فطرت جو مطالعو اثرائتن لفظن ۾ پيش ڪيو آهي.
6. هن پنھنجي ڪھاڻين ۾ عورت ذات کي با اعتماد ڏسيو آهي گڏوگڏ ماءُ جي لازوال ممتا جي جذبي کي مڃتا ڏيندي کيس اولاد لاءِ قرباني ڏيندي ڏيکاريو آهي.
7. سياسي علمي، انقلابي، رومانوي، مذهبي، قومي ۽ مزاحمتي نموني جا موضوع سندس ڪھاڻين ۾ نہ آيل آهن پر سندس ڪھاڻين ۾ فلسفو، نفسيات، جماليات ۽ فطرت جو اڀياس اونھو ملي ٿو. جن مطابق سندس ڪھاڻيون، احساساتي، تاثراتي، روحانيت ۽ چڱائيءَ سان معمور اخلاقي قدرن جو آواز آهن.
حوالا:
1. شھاڻي، ريٽا، ”رشتن جو رقص“، ڪويتا پبليڪشن، حيدرآباد، 2005ع، صہ-23
2. سومرو، عبدالواحد، ”ڌرتيءَ جو پٽ“، مُرڪ پبليڪيشن ڪراچي، 2017ع، صہ-8-
3. شبنم گل، ”آڻ ڄاتل شھر جو نقشو“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1995ع، صہ-4
4. ساڳيو، صہ-5
5. ساڳيو، صہ-42
6. ساڳيو، صہ-68
7. ساڳيو،صہ-5
8. شبنم گل، ”خالي هنج جو ڏک“، پوپٽ پبليڪيشن، خيرپور، 2017ع، صہ-87
9. فياض لطيف، ڊاڪٽر، ”مختلف ٻولين جي شاعريءَ ۾ جماليات“، ”ڪلاچي“، تحقيقي جرنل، جلد،18 شمارو پھريون، ايڊيٽر پروفيسر سليم ميمڻ، شاھہ عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيوسٽي، ڪراچي، جون2015ع، صہ-126
10. ساڳيو، صہ-126-
11. فياض لطيف، ڊاڪٽر، ”جماليات جي تشريح، تاريخ ۽ اوسر، ”ڪلاچي تحقيقي جرنل“، ايڊيٽر پروفيسر محمد سليم ميمڻ، شاھہ عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، جلد ارڙهون، شمارو ٻيو، ڊسمبر، 2015،صہ-121
12. ”خالي هنج جو ڏک“، صہ33 ۽ 34
13. قريشي، طارق/ضراب حيدر، ”حيدرآباد“، (ڪھاڻيون) سچائي اشاعت گهر، حيدرآباد، 2018ع، صہ، 22
14. ابڙو، زاهدہ، ”ڪتاب تي تبصرو خالي هنج جو ڏک“، همسري مئگزين، ايڊيٽر، زاهدہ ابڙو جولاءِ 2018ع، صہ-41
15. شبنم گل، ”خالي هنج جو ڏک“، پوپٽ پبليڪيشن خيرپور، 2017ع، صہ-152
(ڪلاچي تحقيقي جرنل، ڊسمبر 2021ع)
