لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڊاڪٽر پروين: جاکوڙي محققہ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ھڪ مڃيل محققہ آھي، سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون مختلف مخزنن ۾ ڇپبا رھن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي منظور شدہ جرنلز ۾ 2009ع کان 2023ع تائين ڇپيل ريسرچ پيپرز ۽ چند اهي مقالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن جي ”ٽہ ماهي مھراڻ، ”ادبي تحقيق“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا. ٻہ ٻيا اڻ ڇپيل آهن سي پڻ شامل آھن.

Title Cover of book DR Parveen Jakhori Muhaqeqa

ڇپائيءَ جي ادارن جي کوٽ ۽ ادبي ڪتابن جي معيار جو جائزو

Sindhi is known as literary language. It has number of books in poetry and prose. The publishers, printers, distributors and press agencies play very soundly role in the network of books. In present, there are so many problems are facing these institutes. There are many causes of decline, Government should release grants and funds for the promotion of these valuable institutes. The literature of every language is incomplete without the role of press industry.

ٻولي انساني اظھار جو اهم ذريعو آهي، تہ ذهني ۽ علمي شعور پڻ، ٻوليءَ جي ئي وسيلي انسان پنھنجي خيالن جو اظھار زباني ۽ تحريري طور ڪري ٿو. ڪنھن بہ سماج جي مھذب هئڻ جي تصوير ان سماج ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين جي ادب ۾ ڏسي سگهجي ٿي ۽ تحقيق اهو ادب ئي آهي جنھن جي تخليق سان نہ فقط سماج ۾ هاڪاري تبديلي اچي ٿي پر خود انھيءَ ٻولي جي واڌ ويجهہ تي پڻ حيرت انگيز اثر ٿين ٿا. مطلب تہ ٻوليءَ ۽ ادب جو پاڻ ۾ گهاٽو سٻنڌ آهي، انھيءَ ڪري هن مقالي جي موضوع کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ ضروري آهي تہ ٻوليءَ ۽ ادب جي گڏيل تعلق تي ڪجهہ مختصر روشني وجهجي تہ جيئن موضوع جي وضاحت آسان طريقي سان ٿي سگهي. ڊاڪٽر فھميدہ حسين ٻولي ۽ ادب جي لاڳاپي تي لکي ٿي تہ،
”لکڻ جي فن سان ٻوليءَ جو تمام گهاٽو لاڳاپو آهي، ڇاڪاڻ تہ ٻولي ان جو وسيلو آهي، خاص ڪري سھڻا سھڻا لفظ جنھن سان ڏات ڌڻي هڪ سگهارو فارم يا گهاڙيٽو اختيار ڪري ٿو، جيڪو ماڻھوءَ جي جذبن ۽ سوچن تي اثرانداز ٿي منجهس انسان جي تخليقي صلاحيت تي حيرت، فخر ۽ خوشيءَ جا جذبا اڀاري ٿو“. (1)
مٿئين حوالي مطابق اها چٽائي ٿيئي ٿي تہ هر عام ڳالھايل ٻولي ادب جي اظھار جو ذريعو نہ آهي. بلڪہ سھڻن لفظن واري ادبي ٻولي ادب جي اظھار جو ذريعو آهي ۽ عام ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ واضح فرق هجي ٿو. ادبي ٻولي هنڌائتن حسين لفظن، اصطلاحن، پھاڪن، چوڻين، گفتارن، تشبيھن، اصطلاحن، استعارن ۽ ٻين انيڪ خوبين سان سينگاريل هجي ٿي. جنھن ۾ اثرانگيزيءَ جي قوت خاص حيثيت رکي ٿي. ادبي ٻولي ۽ ادب جو دائرو هڪٻئي سان مضبوط جڙيل آهي. جيئن ڊاڪٽر عرساڻي انھيءَ ڳانڍاپي تي لکي ٿو تہ: ”ٻولي ۽ ادب ٻئي پنھنجي پنھنجي دائرءِ عمل ۾ هڪٻئي تي اثر انداز ٿين ٿا“. (2)
ادب ۽ ٻوليءَ جي انھيءَ ٻوليءَ جي گڏيل عمل (Interaction of language & literature) معرفت ڪيترائي اثرانگيز ۽ اڻملھ فن پارا انساني حياتين کي سنئين دڳ تي لائي ويا.
ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ جي ذريعن ۾ اهم ذريعو ڪتابي علم آهي، دنيا جي اها قوم ترقي يافتہ شمار نٿي ٿي سگهي جا پنھنجي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي خزاني کان وانجهيل هجي. جنھن ٻوليءَ ۾ وڏي مقدار ۾ علمي ۽ ادبي ڪتاب نہ آهن، سا سکڻي ۽ سڃي ٻولي آهي ۽ اهڙو سماج ڪڏهن بہ ترقي ڪري نہ سگهندو جنھن جي ترجماني انھيءَ سماج جي سڄاڻن، سمجهوئن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن معرفت نہ ٿيندي هجي. انھيءَ ترجمانيءَ جو وڏو وسيلو ڇپيل ڪتابن جي موجودگي آهي ۽ اهوئي ادب يا لٽريچر يا ساهتيہ آهي، جيڪو نثر ۽ نظم جي ٻن اهم شاخن ۾ ورهايل آهي.
سنڌي ٻولي هڪ علمي ۽ ادبي ٻولي آهي، جنھن جي نظم واري حصي ۾ ڳاھ، ڳيچ، بيت، وايون، ڪافيون، غزل، دوها، قطعا، ٽہ سٽا، چو سٽا، ترائيل، سانيٽ، منظوم ناٽڪ ۽ ٻيو نظمي مواد شامل آهي تہ نثر جي ڀاڱي ۾ ڏند ڪٿائون، داستان، آکاڻيون، قصا، ڪھاڻيون، ناول، ناٽڪ، مضمون، مقالا، سوانح عمريون، آتم ڪھاڻيون، خاڪا، سفرناما، انٽرويو، تقريرون، ساروڻيون، مقدما، مھاڳ، خط، ڊائريون، لوڪ ادب، تنقيد، تحقيق، لطيفيات ۽ ٻيو نثري مواد شامل آهي. ادب جو اهو مٿيون شعوري خزانو اسان وٽ ڪتابن جي صورت ۾ محفوظ ٿيو آهي. اڄ جيڪڏهن نثر ۽ نظم جي انھن صنفن ۾ ڇپيل ڪتاب اسان وٽ موجود نہ هجن ها تہ يقيناً ٻولي ۽ ادب جي ارتقائي صورتحال هن ريت نہ هجي ها جھڙيءَ ريت هلندڙ وقت ۾ موجود آهي. اسان جيڪو پنھنجي ماضيءَ جي تخليقي ادبي ورثي تي خوش ۽ مطمئن آهيون يا انھيءَ ورثي تي فخر سان ڪنڌ کڻي هلي پيا سگهون ۽ اڄ ٻوليءَ ۽ ادب جي مسقبل تي سوچ ويچار ڪرڻ جي قابل ٿيا آهيون انھيءَ جو سبب صرف انھيءَ شاندار ادبي سرمايي جي موجودگي آهي، جنھن جي حفاظت ۽ وڌائڻ ويجهائڻ ۾ سڄاڻن، عالمن، محققن، اديبن، شاعرن، استادن ۽ شاگردن سان گڏ انھن ٻوليءَ ۽ ادب سان چاھ رکندڙ پڙهندڙن جو وڏو حصو آهي. جيڪي انھيءَ کي جيئارڻ لاءِ جتن ڪندڙ ۽ ڪتب خانا قائم ڪندڙ آهن. ڪتابي دنيا جي هن مڪمل نيٽ ورڪ ۾ ڇپائيءَ جي ادارن، ڪتابن ڇپائيندڙن ۽ عام تائين وڪرو ڪري پھچائيندڙن جو جيڪو هٿ آهي، اهو ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۾ تمام اهميت جوڳو آهي. مطلب تہ اهي ڇاپخانا، پبلشرز، پرنٽرز ۽ ڊسٽريبورٽرز ئي آهن، جن جي ڪري ليکڪن جون تخليقي قوتون ڪتابي صورت وٺي عام تائين پھچي مڃتا ۽ مان ماڻين ٿيون.
ڇپائيءَ جا ادارا سنڌ ۾ ڪڏهن قائم ٿيا؟ عام جام ڪتاب ڪھڙي وقت کان ڇپجڻ شروع ٿيا؟ هيستائين جي ڇپيل ڪتابن جو مقدار ۽ معيار ڪھڙو رهيو آهي؟ ڇا هلندڙ وقت ۾ ادبي ڪتابن جي ڳاڻيٽي ۽ معيار کان مطمئن ٿي اهو چئي سگهجي ٿو تہ سنڌي ادب ترقيءَ ڏي روان آهي، يا تحقيق ڪي رڪاوٽون موجود آهن؟ انھن سوالن سان گڏ ٻيا ڪيترا سوال آهن، جن جي تفصيلي جوابن جي گهرج اهم آهي. مٿي ڏنل تمھيد جو حاصل مطلب اهو آهي تہ تخليقي ادب جي تيز رفتار اشاعت ادب ۽ ٻوليءَ جي ڪاميابيءَ ۽ واڌاري جي ضمانت آهي هاڻي اچو تہ ماضيءَ جي حوالي سان موجودہ وقت جي ڇپيل تخليقي ادب جي ماپن جو جائزو وٺون جنھن کي 1947ع کان اڳ ۽ پوءِ جي ٻن دورن ۾ ورهايو اٿم منظوم ديني ادب ۽ آخوند عزيزﷲ جي قرآن پاڪ جي نثري ترجمي ۽ ڪجهہ ٻئي نثري مواد کان پوءِ سنڌي ادب جي ڪتابن جو باقاعدہ ڇپجڻ انگريز دور کان شروع ٿيو. جڏهن کان ڇاپخانا قائم ٿيا نہ تہ انھيءَ کان اڳ جا ڪتاب دستخط ڪتابن جي صورت ۾ هئا. خانبھادر صديق ميمڻ موجب تہ:
”سنڌي ادب جي نظم واري دور کان پوءِ هي نئون دور وري نثر کان شروع ٿيو جنھن جي پٺيان نظم جا نوان نوان ڪتاب بہ شايع ٿيندا رهيا. انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿيڻ سان سنڌ جو لاڳاپو بمبئي سان ٿيو جنھن ڪري پھرئين دور وارو لٽريچر جو ٽي سئو کن ورهيہ رڳو دستخط ڪتابن جي صورت ۾ پيو هلندو هو، سو بمبئيءَ ۾ ليٿوگراف ڇاپخانن جي جاري ٿيڻ ڪري ڇاپجڻ ۽ سنڌ ۾ عام جام نيڪال ٿيڻ لڳو هڪڙي پاسي سرڪار طرفان اهل قلم جي همت افزائي جون قيمتي ڪوششون ٿيون ۽ ٻئي پاسي علم دوستن کي پاڻئون تصينفات جو دلي شوق جاڳيو تنھن ڪري نوان نوان سنڌي ڪتاب لکجڻ ۽ ترجمو ٿيڻ شروع ٿا“. (3)
اهڙيءَ ريت انگريز حڪومت طرفان ڇاپخانن جو قائم ٿيڻ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ مقرر رسم الخط مقرر ڪرڻ مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ، سرڪاري ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مقرر ڪرڻ، تعليم کاتو قائم ڪرڻ، درسي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکائڻ، مترجمن ۽ اديبن کي انعام ۽ اڪرام ۽ اعزاز ڏيڻ، لغتون ۽ گرامر جا ڪتاب تيار ڪرائڻ، اخبارون ۽ رسالا جاري ڪرائڻ ۽ خاص طور علمي ۽ ادبي ڪتابن جي ڇپرائڻ تي ڌيان ڌرڻ سندن اهم ڪارناما هئا. 1852ع ۾ سنڌي صوتخطيءَ جي مقرر ٿيڻ کان پوءِ 1853ع کان 1875ع تائين 22 سالن جي عرصي ۾ ڪل 66 ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نثر ۽ نظم ۾ شايع ٿيا. بيشڪ انھن ڪتابن ۾ درسي ڪتابن جو انگ وڌيڪ هو تہ بہ آکاڻين قصن، داستانن ۽ تاريخ جي ڪتابن سان گڏ ناول ”راسيلاس“ (مترجم نولراءِ آڏواڻي، اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي) سان ناول نگاريءَ جي صنف جو بنياد پيو ۽ ”شاھ جو رسالو“ پھريون دفعو ڊاڪٽر ٽرمپ 1866ع ۾ جرمنيءَ جي شھر لپزگ مان ليٿو پريس مان ڇپرايو. اهڙيءَ ريت ڪجهہ ڪتاب ٻاهران ڇپيا پر پوءِ گهڻي ڀاڱي هتان جي ڇاپخانن ۾ ڇپجڻ لڳا.
پھريون ليٿو گراف پريس مرزا مخلص علي قائم ڪيو. سرڪاري طور پھريون ڇاپخانو 1866ع ۾ تعليم کاتي طرفان قائم ٿيو ۽ انھيءَ کان پوءِ آهستي آهستي گڏيل هندوستان ۾ ڪيترائي ڇپائيءَ جا ادارا قائم ٿي ويا، جن اخبارن جي ڇپائيءَ سان گڏ وڏي مقدار ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب شايع ڪيا، شاھ عبدالڪريم، قاضي قاضن، شاھ عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو مواد شايع ٿي عام تائين پھتو ۽ نثر ۾ بہ نيون صنفون متعارف ٿيون، جنھن ۾ افساني، آتم ڪھاڻي ۽ سفرنامي جي شروعات ٿي تہ ٻاراڻي ادب، لطيفيات، تنقيد ۽ تحقيق ۾ معياري پر مناسب مقدار ۾ ڪم ٿيو. سوانح، مضمون ۽ ناول عروج ماڻيو. هن دور جا گهڻا تڻا ناول نگار هندو هئا ۽ سندن ذاتي ڇاپخانن سبب ناول جي صنف وڏي ترقي ڪئي. سون جي ڳاڻيٽي ۾ ترجما ڇپيا ۽ اصلوڪا ناول ڇپيا. جيئن ”زينت“ (مرزا قليچ بيگ)، ”نور توحيد“، ”سسي نيزي پاند“ (محمد عثمان ڏيپلائي)، (ڏيپلائي صاحب سنڌي ناول نويسيءَ جو سرواڻ ناول نگار سڏجي ٿو هن ڪل منو سئو ناول لکيا جن ۾ گهڻا اسلامي ۽ تاريخي ناول 1947ع کان اڳ لکيا ۽ ٻين قومي، اخلاقي ۽ سماجي موضوعن تي 1947ع کان پوءِ لکيائين) ”نورجھان“ (ڊاڪٽر گربخشاڻي)، ”غريبن جو ورثو“ (نارائڻ داس ميوا رام ڀمڀاڻي) ۽ ٻيا ڪيترائي ناول هئا. مضمون نويسيءَ ۾ گل ڦل، (مرتب پرمانند ميوا رام)، ”گلدستو“ (ليلارام)، ”مقالات الحڪمت“ (ترجمو، مرزا قليچ بيگ)، ”سير ڪوهستان“ (الھبچايو سمون)، ”ادبي آئينو“ (ڪشنچند عزيز) ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
اهڙيءَ ريت مختلف موضوعن تي نثر ۽ نظم ۾ ڪتاب ڇپيا، نثر جا لکندڙ، ديوان ننديرام سيوهاڻي، ڪوڙومل، ڏيارام گدومل، محمد صديق ميمڻ، ديوان نولراءِ آڏواڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڀيرومل آڏواڻي، پرمانند ميوا رام، لالچند امرڏنومل، آخوند وفا عباسي، عثمان علي انصاري، محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڪيولرام سلامت راءِ ۽ ٻيا هئا. تہ شاعريءَ ۾ خليفو گل محمد، سيد فاضل شاھ، مير حسن علي خان، مير عبدالحسين خان سانگي، سيد غلام مرتضىٰ شاھ، فقير قادر بيدل، محمد حسن بيڪس، سيد مصري شاھ، پير محمد اشرف شاھ، شمس العلَّماء مرزا قليچ بيگ، ليکراج عزيز، ڪشنچند بيوس، حمل فقير لغاري، غلام محمد شاھ گدا ۽ ٻين ديوانن جا ديوان لکيا.
انگريز دور جي عالم، اديب، شاعر ۽ محقق مرزا قليچ بيگ جو سنڌي ادب تي وڏو احسان آهي. جو هن نثر ۽ نظم ۽ انيڪ موضوعن تي طبعزاد توڙي ترجمي جي صورت ۾ مڪمل ڪتاب لکيا ۽ سندن ڪتابن کي وڏي مقبوليت ملي. اڄ بہ 150 سال گذرڻ کان پوءِ مرزا صاحب جا لکيل ڪتاب ”زينت“، ”سائو پن يا ڪارو پنو“، ”مقالات الحڪمت“، ”ديوانِ قليچ“ ۽ ٻيا ڪيترا تاريخ، لسانيات، گرامر، لطيفيات جا ڪتاب ۽ شيڪسپيئر جي ڪتابن جا ترجما اهميت رکندڙ آهن. ڊاڪٽر الانا لکيو آهي تہ:
”هن دور ۾ مرزا قليچ بيگ سنڌي نثر نويسيءَ واري حصي جو علمبردار هو. هن صاحب شاعريءَ ۾ پڻ جديد صنفن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو، سندس اها ڪوشش سنڌي شاعريءَ ۾ جدت مڃي ويئي آهي. مرزا صاحب سنڌي ٻوليءَ کي رباعيون، مثنويون، مسدس نظم ۽ گيت ڏنا. انگريزي ٻوليءَ جي مشھور ۽ نمائندہ شاعرن جا چونڊ نظم، سانيٽ ۽ ترائيل وغيرہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري انھن صنفن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ متعارف ڪرايو“. (4)
سنڌي ادب جي تاريخ جو اونھو اڀياس اها ڄاڻ ٿو ڏئي تہ 1947ع کان اڳ نثر توڙي نظم ۾ ڪتابن جو معيار ڇپائيءَ جي لحاظ کان بلند هو. انھن ڪتابن ۾ صورتخطيءَ جون غلطيون نہ هئڻ برابر آهن. ڪتابن جا پروف ڌيان سان چڪاسيل آهن ۽ انھن ۾ بيھڪ جون نشانيون سھڻائيءَ سان ڏنل آهن. مثال طور جيڪڏهن فقط ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارو ”شاھ جو رسالو“ جي ٽن جلدن (ڪمشنر ڇاپو) جو مطالعو ڪبو تہ معيار کي داد ڏيڻو پوندو. انھيءَ دور ۾ ادب جي ترقيءَ ۾ ڪيترن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ڇپائيءَ جي ڪم کي هٿي ڏني هئي جن مان ڪي هن ريت آهن.
ڪمشنر آفيس ڇاپخانو ڪراچي، سنڌ گزٽ ڪمرشل پريس، گورنمينٽ بڪ ڊپو حيدرآباد، سنڌ گزٽ پريس سکر، آسا ساهت مئڊل، ايجوڪيشنل پبلشنگ پريس، سنڌ مسلم سوسائٽي، نئين سنڌ لائبريري، سنڌي ساهتيہ سوسائٽي ڪوڙومل سنڌي ساهيتہ منڊل، سنڌ پبلشنگ هائوس، ڀارت پريس، جارج پرنٽنگ پريس، هند سڀا، سنڌي اديبن جي مجلس، سڌار سڀا، گرسنگت، سک ٽرئڪٽ، رتن ساهتيہ منڊل، ڀارت جيون، سنڌي ڪتاب گهر، پوڪرداس ڀوڄرداس، سنڌ ساهت ٿيوسافيڪل سوسائٽي، رابندر ناٿ ٽئگور سوسائٽي، مرڪن ٽائيل سوسائٽي ۽ ٻيا ڪيترائي ڇپائي جا ادارا هئا. سيد مظھر جميل ”جديد سنڌي ادب“ ۾ 1005 صفحي تي ڄاڻ ڏني آهي تہ ”1947ع کان اڳ فقط سنڌ جي وڏن شھرن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڇپائيءَ جي ادارن جو انگ هڪ اندازي مطابق 115 جي قريب هو“. (5)
هاڻ جيڪڏهن 1947ع کان پوءِ وارن ڇپائيءَ جي ادارن جو جائزو وٺبو تہ وڏي تبديلي نظر ايندي. پاڪستان ٺھڻ بعد صورتحال بلڪل مختلف ٿي ويئي، سرحدن جي ورهاست سان سنڌي ادب جو ڇپجڻ لکجڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. سنڌ ۾ ڇپائيءَ جي ادارن جا مالڪ گهڻي ڀاڱي سنڌي هندو هئا جن جي هندوستان لڏي وڃڻ سان اهي ادارا قائم رهي نہ سگهيا ۽ گهڻا انھن مان بند ٿي ويا. هندوستان لڏي ويلن لاءِ اتي وڏا معاشي مسئلا هئا. ٻنھي ملڪن جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ معاشي حالتن جي ابتريءَ سبب ادب ۾ وقتي ماٺار اچي ويئي پر پوءِ ڪجهہ وقت کان پوءِ ڇپائي جي ادارن جو قائم ٿيڻ شروع ٿيو.
”ڀارت کان لڏي آيل واپارين مان ڪن واپارين نہ فقط ڪتابن جا دوڪان کوليا پر انھن سنڌي ڪتابن جي ڇپائڻ جو سلسلو پڻ هٿ ۾ کنيو. هن سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ آر.ايڇ احمد اينڊ برادرس، ميشرس يوسف اينڊ برادرس، ڪتابن جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ اڳيان اڳيان هئا. انھن کان سواءِ مولانا محمد عثمان ڏيپلائي ۽ بشير احمد اينڊ سنز وارن پڻ هن ڏس ۾ وڏو ڪم ڪيو.ڏيپلائي صاحب، شاھ جي رسالي جو انتخاب ڇپايو، ان کان سواءِ ڏيپلائي صاحب ناولن ڇپائڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو. آزاد بڪ ڊيپوءَ طرفان محترمہ غلام محمد شھواڻي جي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي جو نسخو ڇپايو ويو“. (6)
اهڙيءَ ريت آهستي آهستي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڇاپخانا جاري ٿيا جي هن ريت آهن.
”اسلاميہ دارالاشاعت، سنڌ سڌار سوسائٽي، ماڊرن سنڌ پبلشنگ هائوس، زندگي پبليڪيشن، جيلاني پبليڪيشن بدين، جميعت الشعراءَ لاڙڪاڻو، ايجوڪيشن بڪ ڊپو، زيب ادبي مرڪز، انجمن فروغ ادب هالا، موتي رام ايس راماڻي، سردار پرنٽنگ پريس گاڏي کاتو، فردوس پبليڪيشن هالا، سھڻي پبليڪيشن، روح رهاڻ پبليڪيشن، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، سنڌ ثقافت کاتو، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌي ساهت گهر، نيو ٿنڪرس فورم، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، جي ايم سيد اڪيڊمي، آزاد ڪميونيڪيشن، اردو سنڌي فائونڊيشن، مارئي سماجي سنگت ڪراچي، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، واڳڻو در، روشني پبليڪيشن، گنج بخش پبليڪيشن، ادبيات حيدرآباد، پيس پبلشرز، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ذڪي پرنٽرز، ساحل پبلشرز، مارئي اڪيڊمي. پوپٽ پبلشنگ خيرپور، ڪاڇو پبليڪيشن، سنسار پبليڪيشن، پيڪاڪ پرنٽرز، ڪويتا پبليڪيشن، ڪاٺياواِڙ اسٽور ڪراچي، پاپولرز پرنٽرز ۽ هندستان ۾ ساهتيہ اڪيڊمي دھلي، بمبئي ڪونج پبليڪيشن، پرميلا پبليڪيشن، الھاس نگر ۽ ٻيا ادارا قائم ٿيا جن ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا آهن.
ورهاڱي کان پوءِ جي لکندڙن ۾ علامہ آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، جي.ايم سيد، حسام الدين راشدي، علامہ غلام مصطفۍٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي، مخدوم محمد صالح ڀٽي، ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، جمال ابڙو، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، امر جليل، طارق اشرف، نسيم کرل، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، نورالھديٰ شاھ، نصير مرزا، الطاف شيخ، عبدالحئي پليجو، عطا محمد ڀنڀرو، بدر ابڙو، ولي رام ولڀ، مخدوم طالب الموليٰ، محمد بخش “واصف”، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، محمد صديق مسافر، استاد بخاري، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، تاجل بيوس، ملڪ نديم، امداد حسيني، سحر امداد، اياز گل، ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ ٻين جا ڪتاب شايع ٿيا آهن. انھن ڇاپخانن معرفت نثر ۽ نظم جا شاهڪار ڪتاب شايع ٿيا، جن کي وقت جي دز اڄ تائين لٽي نہ سگهي آهي. جيئن ڪھاڻي، ناٽڪ، ناول، سفرنامي، مضمون نويسيءَ ۾ ”پشو پاشا“ (جمال ابڙو)، ”آبِ حيات“ (غلام رباني آگرو)، ”بلو دادا“ (اياز قادري)، ”ڊمي“، ”چوٽيھون در“، ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ (نسيم کرل)، ”جڏهن مان نہ هوندس“، ”دل جي دنيا“، ”ٽيون وجود“ (امر جليل)، ”لھر لھر زندگي“ (ماهتاب محبوب)، ”جلاوطن“، ”ڪربلا“ (نورالھدۍٰ شاھ)، ”سانگهڙ“ (محمد عثمان ڏيپلائي)، ”شڪنتلا“ (رشيد احمد لاشاري)، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آ“ (سراج ميمڻ)، ”همه اوست“ (آغا سليم)، ”اندر جنين اڃ“ (ماهتاب محبوب)، ”ڏوري ڏوري ڏيھ“ (تنوير عباسي)، ”هو جي وڻ ولات جا“ (عبدالحئي پليجو)، ”بندر بازاريون“ کان (الطاف شيخ جا هڪ سئو سفرناما)، ”سنڌي سٻاجهڙا“ (اسماعيل عرساڻي)، ”ڳالھ ٻولھ“ (گرداس واسواڻي)، ”ويچار“ (هرومل سدارنگاڻي) ۽ ٻيا تنقيد، تحقيق، لطيفيات، ٻاراڻو ادب ۽ ڪيترن موضوعن تي سوين ڪتاب شايع ٿيا آهن. نظم ۾ پڻ شاعرن پاڻ ملھايو آهي. شيخ اياز سنڌي شاعريءَ کي ”ڀؤئر ڀري آڪاس“، ”ڪلھي پاتم ڪينرو“، ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”اٿي اور ﷲ سين“ ۽ ٻين شاهڪار ڪتابن سان مالا مال ڪيو آهي تہ مخدوم طالب المولۍٰ، ڊاڪٽر تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ ٻين جي شاعريءَ جي مجموعن سان ادب جي نظم واري ڀاڱي ۾ وسعت آئي آهي.
مٿين هن بنيادي تفصيل کان پوءِ آئون پنھنجي اصل موضوع يعني ڇپائيءَ جي ادارن جي کوٽ ۽ تخليقي ادب جي ڪتابن جي مقدار ۽ معيار ڏي اچان ٿي. مٿي جيڪو جائزو ڏنو ويو آهي، اهو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ پوءِ جي دور جو آهي. پر هتي جيڪڏهن 1947ع کان جي دور جي ڇپيل ادب کي بہ ٻن حصن 1947ع کان 1980ع ۽ 1980ع کان 2010ع تائين ۾ ورهائي ڇنڊڇاڻ ڪبي تہ ڪي نيون حقيقتون سامھون اينديون جن سان نہ فقط موضوع جي چٽائي احسن طريقي سان ٿيندي پر هن اهم مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي.
حقيقت ۾ سنڌي ادب جي اشاعتي ترقيءَ جو درجي وار اڀياس هڪ وڏو اڀياس آهي، جو هڪ مقالي ۾ آڻڻ ممڪن نہ آهي، پر هتي مختصر طور هن ڪانفرنس وسيلي چند اهم نڪتن کي ٻڌندڙن کي ذهن نشين ڪرائڻ چاهينديس جيڪي هلندڙ وقت ۾ ڇاپخانن ۽ ڇپيل ادب جي ڪميءَ بابت آهن ۽ اهو بہ ڄاڻائينديس تہ ڪھڙا اُپاءَ عمل ۾ آڻجن جن سان اسين ٻيھر هڪ شاندار ادب جي ورثي جا مالڪ ٿي سگهون.
ڇپائيءَ جي ادارن جي کوٽ جي حوالي سان سڀ کان پھرين آئون اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي تہ مٿي بيان ڪيل ادارن مان هن وقت ڪيترا ڇپائيءَ جا ادارا جيئن، اداراءِ انسانيت، زيب ادبي مرڪز، سھڻي پبليڪيشن، انجمن فروغ ادب هالا ۽ سردار پرنٽنگ پريس ۽ ٻيا بند ٿي ويا آهن. باقي جيڪي موجود آهن انھن ۾ گهڻن ادارن وٽ ساليانو ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو چار کان پنج تائين آهي. اهو سروي مون روبرو ۽ ٽيليفون ذريعي ڪيو تہ گنج بخش پبليڪيشن جي عمران قلندري، نيو فيلڊس جي فيروز ميمڻ، ناري پبليڪيشن جي نذير ناز، نسيم بڪ ڊپو جي نسيم صاحب ۽ ٻين کان معلومات ملي تہ ادارن ۾ ڇپيل ڪتابن جو انگ ساليانو چار کان پنج يا ان کان بہ گهٽ آهي. “سنڌيڪا جھڙي مشھور اداري جي مالڪ نور احمد ميمڻ سان ٽيليفونڪ گفتگو موجب تہ،
“هن وٽ ساليانو ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو ٻارنھن تائين مَس آهي ۽ وٽس ڇپائي لاءِ پيل ڪتابن جا مسودا پنجاھ کان بہ مٿي آهي”. (7)
هاڻي انھيءَ مان اها وضاحت ٿي تہ اسان وٽ فقط چند ادارا اهڙا آهن جن وٽ ڪجهہ قدر ڇپائيءَ جو ڪم مقدار ۾ اهميت جوڳو آهي. جيئن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌ ثقافت کاتو (سرڪاري ادارا)، روشني پبليڪيشن. هاڻ هتي ڌيان جوڳي ڳالھ اها آهي تہ، سرڪاري ادارن وٽ هر عام ماڻھوءَ جي نہ پھچ آهي نہ سندن ڪتاب شايع ٿين ٿا ۽ نہ ئي انھن ادارن جو طريقہ ڪار ڪو اهڙو آهي جو ان مان هر لکندڙ کي فائدو ٿي سگهي. ذاتي پبليڪيشن/ذاتي ادارو ظاهر آهي، تہ تجارتي بنياد تي ڪم ڪن ٿا ۽ انھن جا هلائيندڙ گهڻي ڀاڱي تہ ليکڪن کان پئسا وٺي ڪتاب ڇاپين ٿا ۽ اهڙين حالتن جي ڪري ڪيترا معياري لکندڙ بہ ڪتاب ڇپائڻ جي همت ساري نٿا سگهن. انھيءَ ڪري انيڪ ڪتاب مسودن جي شڪل ۾ پبلشرن ۽ ليکڪن وٽ موجود آهن. جنھن سان ادب جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي جو چند ڏهاڪن ۾ وڌيڪ واضح صورت اختيار ڪندو.
سنڌي قوم پڙهيل ڳڙهيل قوم آهي، اسان وٽ ادب پڙهندڙن جو هڪ وڏو طبقو آهي، پر ڇپائيءَ جي ادارن جي کوٽ، وڌندڙ مھانگائي، ملڪ ۾ وڌيل ڪرپشن ۽ غير محفوظ سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون ۽ ٻين ڪيترن سببن جي ڪري پڙهندڙن تائين سٺن ڇپيل ڪتابن جو اهو انگ نٿو پھچي جيترو پھچڻ کپي. هلندڙ وقت ۾ تحقيق ڏانھن وڌندڙ لاڙي سبب پڻ تخليقي ادب ۾ ڪجهہ ڪمي آئي آهي، انھن سڀن نڪتن جي نشاندہي ادبي تاريخ جي اوسر ۾ اڳيان هلي ضرور ٿيندي پر اڃان، بہ وقت ويو نہ آهي انھيءَ تي سوچڻ، حل ڪڍڻ ۽ اُپائن تي عمل ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هيٺ انھيءَ مسئلي جي حل لاءِ نڪتا پيش ڪيان ٿي.
1. انگريز حڪومت ڇاپخانن کي قائم ڪرڻ طرف تمام گهڻي توجھہ ڏني هئي، جنھن سان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي ترقي ٿي. موجودو وقت سنڌي ٻولي ۽ ادب کي بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سرڪاري ڇاپخانن جي وڌيڪ قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽ انھن ادارن کي وڏي مالي مدد ڏني وڃي.
2. ادبي ادارن ۽ جماعتن پاران گڏيل ڇپائيءَ جا ادارا قائم ڪرڻ گهرجن.
3. سرنديءَ وارن کي شخصي طور هن نيڪ ڪم ۾ مدد ڪرڻ گهرجي.
4. ملڪ جي ڪجهہ حصن ۾ خاص طور پنجاب ۾ ڪاغذ سستو موجود آهي. ڇپائيءَ جي ادارن کي سنڌ حڪومت کان ڪاغذ کي سستي اگه حاصل ڪرڻ تي مدد وٺڻ گهرجي.
5. پوري صوبي ۾ ڪتاب جي قيمت جو هڪ معياري ماپو مقرر هئڻ ضروري آهي، جيئن مناسب قيمت جي ڪري هر ڪتاب هرهڪ پڙهندڙ تائين پڄي.
6. ڪتاب جي ٻاهرين سونھن ۽ سوڀيا پنھنجي جڳھ تي اهم ضرور آهي پر جيڪڏهن ڪتاب جي موضوعن ۽ مواد تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي تہ معياري ادب تخليق ٿيندو.
7. ادبي ڪتابن جي کوٽ جي سببن ۾ اهم سبب نون ليکڪن جو گهٽ اسرڻ آهي. جيئن تہ اسان وٽ وڏن ليکڪن جيئن محمد عثمان ڏيپلائي، مخدوم طالب المولىٰ، شيخ اياز، جمال ابڙو، نسيم کرل، اياز قادري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر نجم عباسي، استاد بخاري، پوپٽي هيرا ننداڻي ۽ ٻين جي وفات سبب تخليقي ادب ۾ وڏو خال اچي ويو آهي ۽ هلندڙ وقت ۾ موجود پراڻا ليکڪ پڻ گهٽ لکي رهيا آهن ۽ ان کان سواءِ نون لکندڙن کي ڇپائيءَ جي مسئلن جي ڪري اُسرڻ جو موقعو گهٽ ملي رهيو آهي، انھيءَ ڪري نون لکندڙن جي همت افزائيءَ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن.
8. مختلف موضوعن تي لکيل ڪتابن جا انعامي مقابلا ڪرايا وڃن ۽ ادبي نشستون ۽ ڪلاس منعقد ڪيا وڃن.
9. سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ ۽ وڪري جي مسئلن جي ڪري ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽون ڏينھون ڏينھن وڌي رهيون آهن. هن اهم موضوع تي خاص طور سيمينار ٿيڻ ضروري آهن تہ جيئن ڪي چڱا سڌارا عمل ۾ اچن، منھنجي نظر ۾ جيڪڏهن مٿين نڪتن مان چند تي بہ عمل ٿيو تہ يقيناً سٺا نتيجا سامھون ايندا ۽ سنڌي ادب وڌيڪ وڌندو ۽ ويجهندو.

حوالا
1. ميمڻ فھميدہ حسين، ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1993ع، صہ-227.
2. عرساڻي شمس الدين، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جو باهمي ميل“، ٽہ ماهي مھراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1975ع، صہ-119.
3. ميمڻ، خانبھادر محمد صديق، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2003ع، صہ-206.
4. الانا، غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، صہ-330.
5. سيد، مظھر جميل، ”جديد سنڌي ادب“، اڪيڊمي بازيافت ڪراچي، 2007ع، صہ-1005.
6. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، صہ-351.
7. ميمڻ، ڊاڪٽر پروين موسیٰ/نور احمد ميمڻ، ٽيليفونڪ گفتگو، 4-3-2011.

(ٻہ روزہ قومي ادبي ڪانفرنس، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي: هڪ تحقيقي جائزو“ وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي، 11-9 مارچ 2011ع تي پڙهيل مقالو)