لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڊاڪٽر پروين: جاکوڙي محققہ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ھڪ مڃيل محققہ آھي، سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون مختلف مخزنن ۾ ڇپبا رھن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي منظور شدہ جرنلز ۾ 2009ع کان 2023ع تائين ڇپيل ريسرچ پيپرز ۽ چند اهي مقالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن جي ”ٽہ ماهي مھراڻ، ”ادبي تحقيق“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا. ٻہ ٻيا اڻ ڇپيل آهن سي پڻ شامل آھن.

Title Cover of book DR Parveen Jakhori Muhaqeqa

پھرين سنڌي عورت ناول نگار گلي سدارنگاڻي جي ناول ”اتحاد“ جو تحقيقي جائزو

Kumari karpalani/Gulle Sada Rangani was the first female prose writer before partition. She has written novels, essays and columns. She was the editor of the magazine named “Gulistan” (گلستان). She translates a book from English to Sindhi. “Jawaher Lal Nehroo’s Letters to her Daughter” (جواهر لعل نھروءَ جا ڌيءَ ڏانھن خط). After than she wrote novels. There are four novels are on her credit.
1. “Gora” (گورا_ترجمو).
2. “Iethad” (اتحاد).
3. “Sadhina Jo Sapnoo” (ساڌنا جو سپنو).
4. “Aakhreen Inqlab” (آخرين انقلاب).
Novel “Gora” is translation and the others are her original novels. Novel “Iethad” have many qualities which I have discuss in this study. The paper is an attempt to examine and evaluate in her novel, plot and characterization.

سنڌي ادب ۾ عورتن جي شموليت سومرا دور ۾ مائي مرکان شيخڻ جي ڳيچن وسيلي ملي ٿي. ڊاڪٽر فھميدہ حسين موجب تہ، ”ڪيترن ڳيچن ۾ سنڌي عورت جي پڙهيل هئڻ بابت اشارا ملن ٿا، جن ۾ پاڻ خط لکڻ يا پڙهڻ جو ذڪر ملي ٿو“. (1)
ڪلھوڙا دور جي سنڌ جي سدا حيات شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ سرسسئي، سرسھڻي ۽ سرمارئيءَ جا ڪجهہ بيت سنڌي عورتن جي پڙهيل لکيل هئڻ جي ثابتي ڏين ٿا. ٽالپرن ۾ ميرن جي ديرن ۾ ڪتب خانا هئا ۽ ڪيترين عورتن آخوندن کان تعليم حاصل ڪئي تہ عام عوام ۾ پڻ تعليم جو رجحان هو جنھن جو ثبوت مائي ملياڻي نيامت جو هٿ اکر لکيل شاھ جو رسالو آهي جنھن جو ذڪر ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ڪيو آهي ۽ هن رسالي جي آخر ۾ مُلي نيامت جي پنھنجي شاعري پڻ ڏنل آهي. جنھن ۾ ڪي نثري جملا پڻ آهن. مؤرخن ۽ محققن موجب پھريون سنڌي نثر جو باقائدي نمونو آخوند عزيزﷲ جو قرآن پاڪ جو ترجمو آهي ٽالپر دور ۾ شايع ٿيو.
انگريز دور سنڌي نثر جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ هڪ اهم دور شمار ٿئي ٿو جنھن ۾ نثر جي درسي ڪتابن کان سواءِ ادبي صنفن ۾ سوين ڪتاب ڇپيا.
گلي سدا رنگاڻي انگريز دور جي هڪ مشھور نثرنگار هئي. خاص طور پھرين عورت، ناول نويس طور سندس ڪم جي هڪ خاص اهميت آهي. هن هڪ خطن جو ڪتاب ۽ هڪ ناول ترجمو ڪيو ۽ پوءِ ٻيا اصلوڪا ناول لکيا تہ مضمون، ايڊٽوريل ۽ ڪالم لکيائين. ورهاڱي جي لڏ پلاڻ وارين حالتن سبب جيئن ڪيترو ئي علمي ۽ ادبي مواد هٿ اچي نہ سگهيو آهي تيئن يقيناً گليءَ جو ٻيو لکيل مواد پڻ هوندو جو فالوقت ميسر نہ آهي. جنھن دور ۾ عورتن جي تعليم اڃان عام نہ ٿي هئي. گلي سدارنگاڻي تعليم حاصل ڪئي ۽ گريجوئيشن ڪيائين. سندس شمار انھيءَ دور جي چند اهم پڙهيل عورتن ۾ ٿيئي ٿو. گلي سدارنگاڻي هڪ تعليم يافتہ ليکڪا هئي. هن ڪيتري تعليم حاصل ڪئي ۽ ادب ۾ ڪيئن شموليت حاصل ڪئي؟ انھيءَ جي تفصيل کان اڳ انگريز دور جي تعليمي سرشتي بابت مختصر معلومات ڏيان ٿي تہ جيئن گليءَ جي فن تي پيرائتي روشني پئي سگهي.
انگريز دور ۾ جيئن ئي سنڌي صورتخطي جُڙي راس ٿي ۽ اسڪول قائم ٿيا تيئن عورتن جي لکڻ پڙهڻ تي توجھہ ڏني ويئي. ديوان ڏيارام گدومل، ساڌوهيرانند ۽ ٻين جي ڪوشش سان ”پنگتي سڌار منڊليءَ“ جو پايوِ وڌو ويو جا آگسٽ 1888ع تي رجسٽرڊ ڪرائي ويئي. هن منڊليءَ معرفت عورتن جي تعليم وڌائڻ، ڏيتيءَ ليتيءَجي خراب رواجن ۽ ننڍپڻ جي شادين کي روڪڻ ۽ عورتن جي سماجي حالتن جي سڌاري بابت اُپاءُ ورتا ويا. شوقيرام ڦيرواڻي لکي ٿو تہ، ”هن منڊليءَ جا 230 کان وڌي جڏهن 1200 ميمبر ٿيا، تڏهن نينگرين جي اسڪولن کولڻ طرف ڌيان ڏنو ويو ۽ پھريون ڇوڪرين جو اسڪول ساڌوهيرانند ”دونھين گهٽيءَ وارو اسڪول“ جي نالي سان راءِ بھادر پريتم داس حڪومت راءِ شھاڻيءَ جي معرفت کوليو. انھيءَ کان پوءِ پوري برصغير ۾ ڇوڪرين جا انيڪ اسڪول کليا. فقط حيدرآباد ۾ ئي ڏھہ اسڪول قائم ٿيا جيئن چنديراماڻي گهٽيءَ وارو اسڪول، شوقيرام چانڊومل اسڪول، لالواڻي گهٽيءَ وارو اسڪول ۽ ڪندن مل گرلز هاءِ اسڪول ۽ ٻيا اسڪول قائم ٿيا. (2)
(ڪندن مل گرلز هاءِ اسڪول مشھور اسڪولن مان هو جنھن ۾ پوپٽي هيراننداڻي پڙهيو ۽ اتي ئي ماسترياڻي مقرر ٿي هئي). جئين تہ هندو طبقي ڇوڪرن توڻي ڇوڪرين جي تعليم تي انھيءَ دور ۾ مالي فائدي هيٺ وڌيڪ توجھہ ڏني ۽ علم پرايل نياڻين کي اسڪولن، هنري گهرن، ناري شالن، اخبارن جي دفترن ۽ ٻين جڳھين تي نوڪريون وٺرايون انھيءَ ڪري هُو اڳتي آيون پر هن دور ۾ مسلمان عورتن تي هڪ مقصد هيٺ تعليم جا دروازا بند ڪيا ويا هئا مولانا اشرف علي ٿانويءَ طرفان بھشتي زيورً نموني جا ڪتاب لکي رائج ڪيا ويا. جن جي ڪري عورتن لاءِ فقط قرآن پاڪ، حديث، باب نامو، احدنامو ۽ ٿوري سنڌي لکڻ پڙهڻ تائين کين محدود ڪيو ويو.
ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو تہ، ”1868ع کان 1943ع تائين بھشتي زيور جي ڏهن جلدن جي اشاعت وسيلي جاگيرداڻي نظام کي تحفظ ڏنو ويو ۽ هن ڪتاب معرفت عورتن کي غلاميءَ جا سبق پاڙهيل آهن ۽ هڪ سٺي غلام ٿيڻ جون خاصيتون سمجهايل آهن ۽ انھن ۾ مذهبي معاملن کان رڌپچاءُ ۽ مڙس کي خوش رکڻ جي طريقن جو تفصيل ڏنل آهي ۽ هيءُ ڪتاب جديد مغربي تعليم جي مقبوليت کي تسليم ڪندي بہ عورتن جي مخالفت ۾ لکيو ويو“.(3)
هن دور ۾ هندو عورتن پھريائين اسڪولي تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ ادب ۾ آيون ان کان پوءِ. مسلمان ڇوڪرين پڻ علم حاصل ڪري لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو جن ۾ مرزا قليچ بيگ جي خاندان جي عورتن جا نالا اهم آهن. سندن نياڻيءَ جو لکيل سفر نامو”مسافر ڪربلا جا“، دلشاد بيگم 1947ع ۾ لکيو جو (کانئن پوءِ نصير مرزا جي توسط سان 2010ع ۾ شايع ٿيو آهي). دلشاد بيگم کان پوءِ ٻين مسلم ليکڪائن جو ڪم 1947ع کان پوءِ ملي ٿو.
انگريز دور ۾ عورتن جي افسانوي ادب ۾ لکڻ جي شروعات ٿي جن شروع ۾ مضمون ۽ ڪھاڻيون لکيون انھن ۾ نروپما ديوي، آشا ديوي، سيتاديو سڀاڻي، سروج ڪمار، شريمتي گهوشال ۽ سؤرنا گهوشال (رابندر ناٿ ٽئگور جون ٻہ ڀينرون) ۽ چند ٻيا نالا آهن پھريائين انھن بنگالي، هندي، انگريزي ۽ گرمکي ٻولين ۾ لکيو جڏهن سندن تحريرون سنڌيءَ ۾ گوبند مالھي، ميلا رام واسواڻي ۽ ٻين ترجمو ڪيون ۽ اهي مقبول ٿيون تہ انھن مان ڪجهہ عورتون سنڌيءَ ۾ پڻ لکڻ لڳيون.
ڪماري گلي ڪرپالاڻي/ گلي سدارنگاڻيءَ لکڻ جي شروعات 1936ع کان ترجما نگاريءَ کان ڪئي. سندس پھريون انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل ڪتاب ”جواهر لال نھروءَ جا ڌيءَ ڏانھن خط“ آهي جنھن کي تمام سٺي موٽ ملڻ بعد هوءَ مستقل لکڻ لڳي. هن جديد تعليمي سرشتي تحت انگريزي تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ گريجوئيشن ڪيائين. کيس سنڌي، انگريزي، سنسڪرت ۽ بنگالي ٻولين تي دسترس حاصل هئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هُن لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟ تي لکيو اٿس تہ،
”انگريزي علم پرائڻ کان پوءِ ڪي سال تہ انگريزي ساهتيہ پڙهڻ مان ئي مزو ايندو هوم. مغرب جي ماڻھن جي حياتي ۽ سڀيتا، سندن خيال ۽ نمونا مون کي ايتريقدر پاڻ ڏانھن کينچي رهيا هئا، جو مان ڪنھن ديسي ڳالھہ کي اڻ سڌريل ۽ پٺتي پيل سمجهڻ لڳيس. پھريون ڪتاب جنھن منھنجو نشو ٽوڙيو مشھور رابندرناٿ ٽئگور جو ”گورا“. هن ڪتاب ئي مون ۾ ڌارين جي نقل لاءِ نفرت پيدا ڪري مون ۾ سومان جو انگ ۽ قوميت لاءِ وويڪ جا ڳايو. (4)
ڪماري گلي ڪرپالاڻي هڪ باشعور، تعليم يافتہ ۽ قوم ۽ قوميت جو درد رکندڙ ليکڪا هئي. ملڪ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي سندس گهري نظر هئي سندس واسطو صحافت سان هو. ”گلستان“ نالي مخزن جي ايديٽر هئڻ جي حيثيت ۾ هوءَ ننڍي کنڊ ۾ ٿيندڙ حالتن جي تبديلين جي شناس رکندڙ هئي. 1938ع ۾ سندس هڪ ناول بنگالي ٻوليءَ جي نوبل انعام يافتہ ليکڪ رابندرناٿ ٽئگور جي ناول تان ترجمو ادبي ميدان ۾ ظاهر ٿيو. انھيءَ دوران گلي ڪرپالاڻيءَ جي شادي ٿي ويئي پر يقيناً هوءَ هڪ روشن خيال گهراڻي ۾ پرڻي هوندي جو شاديءَ بعد پڻ سندس ادبي ڪم جاري رهيو ۽ 1941ع ۾ گلي سدارنگاڻيءَ جي نالي سان ”اتحاد“ نالي طبعزاد ناول لکيائين جو موضوع مواد ۽ ٻين فني خوبين سبب هڪ ڪامياب ناول طور پوري هندوستان ۾ مشھور ٿي ويو ۽ گليءَ کي وڏي شھرت حاصل ٿي. کيس نقد وڏو انعام مليو. توڻي جو هن ڪتاب تي مذهبي حلقن مان اعتراض پڻ ٿيا هئا. ورهاڱي کان پوءِ بہ هن لکڻ جاري رکيو 1955ع تائين سندس ٻہ ناول ”ساڌنا جو سپنو“ (طبعزاد)، ”آخري انقلاب“ (طبعزاد) ملن ٿا. منھنجي نظر ۾ هن ليکڪا جا ٻيا ڪتاب ضرور هوندا، جي ورهاڱي جي لڏ پلاڻ وارين حالتن سبب نہ مليا آهن ورهاڱي سبب ڪيترو ئي ادبي مواد ضايع ٿي ويو. ٻيو تہ انھيءَ دور ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي ليکڪ ۽ ڇپائيندڙ جو نالو ۽ سن ڏنل ڪونھي ڪڏهن ڪڏهن تہ ليکڪ جي بجاءِ ڇپائيندڙ ادارو پنھننجي نالي تي ڇپائيندو هو تہ ڪڏهن مترجم کي ئي اصل ليکڪ ظاهر ڪيو ويندو هو. منگهارام ملڪاڻي هن ڏس ۾ ”طلسم“ ناول جو مثال ڏنو آهي جنھن کي بولچند ڪوڏومل ۽ ڀيرومل ترجمو ڪيو پر ڪتاب تي ساڌو هيرانند ۽ ڀيرومل جو نالو ڏنل آهي ساڌو هيرانند ”سرسوتي“ مخرن جو ايڊيٽرهو سو پنھنجي ئي نالي ڇپايائين ملڪاڻي صاحب لکي ٿو تہ، ”اسان جا ڇپائيندڙ بعضي اصلوڪي ليکڪ جو نالو کائي ويندا هئا، جنھن ڪري سمجهيو ويندو هو تہ مترجم ئي مول ليکڪ آهي ۽ مشڪل سان هن جو نالو هٿ ايندو هو. يعنيٰ تہ ليکڪ جو نالو عدم پيدا هوندو هو ۽ ڪيترن ڪتابن جي ڇاپن جو سن بہ ڪو نہ ڏنل هوندو هو. اهي سڀ ڳالھيون ادبي تاريخ نويس لاءِ وڏيون رنڊڪون آهن. پڇاڙيءَ ۾ ڪيترائي ناشر اهي ضروري تفصيل ڏيڻ سکيا هئا پر ڪي اڃان تائين اها اڻ سڌريل حالت قائم رکندا اچن“. (5)
اهڙين حالتن سبب افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ هن باهمٿ، بھادر ۽ آدرشي ليکڪا جو فن ايترو مھيا نہ ٿي سگهيو آهي جيترو هئڻ گهرجي اتحاد جو موضوع ۽ گورا ناول موضوع جي لحاظ کان ڄاڻائين ٿا تہ هوءَ نوان ۽ مختلف موضوع پيش ڪندڙ هئي.
ناول جي شروعات ”راسيلاس“ 1870ع جي ترجمي سان ٿي ۽ پوءِ ترجما ۽ طبعزاد هڪدم ڪيترائي ناول لکجڻ لڳا. لکندڙن ۾ مرزا قليچ بيگ، شيوڪ ڀوڄرام، ميلارام واسواڻي، جڳت آڏواڻي، م۔ع ڏيپلائي، آسانند مامتورا، نارائڻ داس ڀمڀاڻي، رام پنجواڻي ۽ ٻين سان گڏ جن عورتن ناول لکيا انھن ۾ گلي سدارنگاڻي، اندرا هميراجاڻي، سيتا ديوي، چندرا آڏواڻي، موهني دوداڻي، آشا ديوي آهن. جن سڀن ۾ پھرين ناول گلي سدارنگاڻيءَ جا شايع ٿيا جنھن کي پوءِ ڏسندي ٻين ڀينرن لکڻ شروع ڪيو.
گليءَ جو پھريون ناول ”گورا“ ترجمو آهي جو هن 191 صفحن تي مشتمل 1938ع ۾ آندو اصل ناول جي ضخامت کي گهٽائي ان جو تتِ ڏنو اٿس. جنھن لاءِ خود ئي ڄاڻايو اٿس تہ، ”رابندر ناٿ ٽئگور جي ناول جو صحيح واس وٺائڻ لاءِ سندن خيالن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويو آهي“. هن ناول جي ترجمي جي چونڊ ناول نويسڪا ڇو ڪئي؟ ڇو جو هن ناول جو موضوع وقت جو آواز هو. گليءَ وقت جي حالتن ۽ ملڪ جي سياسي، سماجي، علمي حالتن جي پروڙ رکندي هن ناول کي ترجمو ڪيو جنھن ۾ ”گورا“ نالي هڪ بھادر هندو نوجوان انگريز سامراج سان مھاڏو ٿو اٽڪائي ۽ پنھنجي ڳوٺ ۾ انگريز حڪومت جي ظلم خلاف مئجسٽريٽ جي اکين ۾ اکيون وجهي کيس چتاءُ ٿو ڏئي ۽ هو نٿو چاهي تہ سندس ڳوٺاڻن کي هيسائي مٿن زوريءَ پسند جا قانون مڙهيا وڃن. ٻيو تہ گورا ناول ۾ عورت جي عزت ۽ مان کي وڌايو ويو آهي جا ڳالھہ گليءَ کي وڻندڙ لڳي ۽ هن انھيءَ ناول کي دِل سان سنڌيءَ جي قالب ۾ آندو، هيءُ ڪنھن بہ سنڌي عورت ليکڪا جو پھريون ناول آهي ”گورا“ ناول پڙهڻ کان پوءِ اهو اندازو ٿيئي ٿو تہ گلي ڪرپالاڻي هن ناول ۾ آسان نثر ڪم آندو آهي سندس لکيل ٻوليءَ ۾ نيٺ سنڌي لفظ ڪم آندل آهن جيئن ”اوجل جوت“، ”نما شام“، ”مسين مسين“، ”مينھوڳيءَ جي مند“، ”پرڀات جي پھر“، ”نيڻن جي نزاڪت“، ”آزادگيءَ جي اُتساھہ جي امنگ“ ۽ ٻيا ڪيترا جن مان لڳي ٿو تہ هن کي سنڌي ٻوليءَ سان چاھہ هو ۽ دِل ۽ محنت سان ترجمو ڪيو اٿس سندس تحرير جو نمونو هن ريت آهي،
”ڪرشن ديال ويچارو جتي نہ پڄي سگهندو هو، اُتي ڪڏهن ڪرمن جو ڦل تہ ڪڏهين ايشور جي اَمر جو آٿٿ ڏيئي پنھنجي مَن کي شانت ڪرائيندو هو. آنند ميني ويچاري هيڏانھن پٽ جو انقلابي رخ تہ هوڏانھن گهوٽ جو مذهبي ڪٽرپڻو ڏسي دل ئي دل ۾ پئي ڏجهندي هئي. گورا تہ پنھنجي پيءُ جي ساڌن ۽ پنڊتن مان بہ ڪو نہ ٽرندو هو. (6)
”گورا“ جي ترجمي ڪرڻ جي مقصدن ۾ هڪ اهو بہ هو جو گليءَ کي هن بنگالي ناول ۾ مظلوم ۽ محڪوم سنڌي قوم جي جذبن جو عڪس ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هن بنگالي قوم جي خوداري، پنھنجي پاڻ لاءِ عزت، آزاديءَ جي تڙپ ۽ پنھنجي ٻوليءَ ۽ تھذيب لاءِ پيار ڏسي سوچيو تہ ڇو نہ هيءُ ڪتاب پنھنجي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ پنھنجن کي پڙهايان. لکي تي تہ،
”بنگال ۾ اڄڪلھہ پنھنجي ساهتيہ ۽ سڀيتا لاءِ ايتريقدر فخر آهي، جو هنن کي ڌاري قوم جو نقل ڪرڻ، يا رڳو انھي جي ٻولي ڳالھائڻ بہ گهٽتائي پيئي لڳندي آهي. تنھن ڪري مان سمجهان ٿي تہ هيءُ بنگال کان بہ وڌيڪ سنڌ لاءِ ڪارائتو آهي. هن ۾ مون پنھنجي ديس جي خامين کي ڍڪڻ واجب ڪو نہ سمجهيو قوم ۾ قوميت جي لاءِ فخر ۽ محبت جاڳائڻ ضروري سمجهيو آهي. (7)
موضوع جي لحاظ کان سندس ناول ”اتحاد“ قوميت جي جذبي سان معمور ناول آهي جنھن ۾ هن مذهب جي اوٽ ۾ ٿيندڙ هندو مسلم فسادن کي ختم ڪرڻ ۽ ڀائپيءَ جو سڏ ڏنو آهي. ناول ”اتحاد“ جي مھاڳ ۾ لکي ٿي ”ڌرم جي بھاني اسان جي ملڪ ۾ اڌرم ڦھلجي رهيو آهي، سو ڏسي ٻڌي لڱ ڪانڊارجيو ٿا وڃن. اسين ڌرم يا مذهب ڇا کي ڪوٺي رهيا آهيون. سچ پڇ هندو پنھنجي ڌرم کي ۽ مسلمان پنھنجي مذهب کي مفت بدنام ڪري رهيو آهي. اسان جي سنڌ، جا صوفين جو مرڪز آهي سا آخر پنھنجو فرض سڃاڻندي ۽ پنھنجو سچو سنيھو هندوستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچائيندي شال اسان جي سنڌ اتحاد جي راھہ ۾، پنھنجو قدم سڀني پرڳڻن کان اڳڀرو کڻي، سڄي هندوستان لاءِ فخر جو باعث بڻجي“. (8)
اصلوڪو ناول ”اتحاد“ پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ لکندي کيس خوشي محسوس ٿي ان تي لکيو اٿس تہ،
”نقل اصل کان هميشہ بھتر آهي، اهو منھنجو وشواس ورهين کان پي رهيو آهي پر نقل ۽ اصل جي وچ ۾ ڪيترو تفاوت آهي تنھن جي پوري پوري شناس مون کي ”اتحاد“ لکندي پئي مون جڏهن ”جواهر لعل جا ڌيءَ ڏانھن خط“ ۽ ٽئگور جو ”گورا“ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپايو تڏهن بہ بيشڪ مون کي خوشي حاصل ٿي، پر جا خوشي مون هن ”اتحاد“ لکندي محسوس ڪئي سا اور نموني جي آهي. اها خوشي ورنن ڪندي، مان چئي سگهنديس تہ پنھنجي ڪلپنا شڪتيءَ مان ڪتاب لکڻ سان لکندڙ کي اها خوشي حاصل ٿيئي ٿي جا ماتا کي پنھنجي نئين ڄاول ٻار کي گود ۾ کڻي ڏسڻ مان ٿي ملي. پرائي ڪتاب جي ترجمي مان ترجمان کي فقط ايتري خوشي ملي سگهندي، جيتري ڪنھن نرس کي پرائي ٻار پالڻ ۽ نپائڻ مان حاصل ٿئي.“(9)
اتحاد: ناول جي ڪھاڻيءَ جو پلاٽ انقلابي خيال رکندڙ هڪ هندو ڇوڪريءَ ۽ مسلمان ڇوڪري جي محبت ۽ ميلاپ تي ٻڌل آهي ننڍي کنڊ جي هڪ اهڙي دؤر ۾ جڏهن هندو ۽ مسلمان هڪ ٻئي جا ڪٽر دشمن هئا هڪ هندو ڇوڪريءَ ۽ مسلمان انقلابي شاگرد اڳواڻ حامد جي لانئون لھڻ جي ڪھاڻيءَ هندوستان جي سياسي، ۽ مذهبي وايومنڊل ۾ هڪ طوفان برپا ڪري ڇڏيو. جنھن جا وڏا گهرا اثر ٿيا ۽ گليءَ کي پڻ ڀوڳڻو پيو پر هڪ عورت ليکڪا طرفان اهوهڪ وڏو قدم هو. منگهارام ملڪاڻيءَ هن ناول تي راءِ ڏيندي لکيو تہ،
”شريمتي گلي سدارنگاڻي ساهت جي ميدان ۾ بلڪل ثابت قدم هئي 1941ع ۾ سندس ”اتحاد“ نڪرڻ سان ڪٽر پنگتي اڳواڻن ۾ چو ٻول مچي ويو هن ناول ۾ هڪ هندو ڇوڪري هڪ لائق مسلمان ڇوڪري سان لانئون ٿي لھي. هن ناول ۾ راڄينتي آزاديءَ بابت انقلابي خيال پھريون دفعو بردباريءَ سان ظاهر ڪيل هئا.“ (10)
ڪنھن بہ ناول لکڻ لاءِ پلاٽ جي ڪيتري اهميت آهي. انھيءَ تي ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو تہ،
”پلاٽ ناول جي ڪھاڻيءَ ۾ سوچيل سمجهيل رٿا هوندي آهي جيڪا ڪھاڻيءَ جي بيان جي سلسلي کي قائم رکندي آهي. هڪ طرف اها ناول نگار جي مقصد کي ڪامياب بنائي ٿي تہ ٻئي طرف ڪھاڻيءَ جي سلسلي کي رٿيل دائري اندر بيان ڪري ٿي اها رٿا ناول نگار جي ذهن ۾ ناول لکڻ کان اڳي تيار هوندي آهي ۽ ناول لکڻ وقت رڳو واقعن کي سلسلي وار بيان ڪيو ويندو آهي. انھن واقعن جو سلسليوار بيان ڪردارن جي عمل تي مدار رکندو آهي“. (11)
مٿئين حوالي مطابق ڏٺو وڃي تہ پلاٽ، موضوع، ڪھاڻي ۽ ڪردار نگاري پاڻ ۾ بلڪل مربوط نموني ڳنڍيل آهن ناول نگار جي بياني قوت ڪيتري بہ مضبوط هجي هُو ڪردارن جا عمل ڪيترا جاندار ڏَسي پر سندس ناول ۾ مقصديت ۽ موضوع جي چونڊ سٺي نہ آهي تہ ناول اهميت وڃائي ويھندو ۽ ناول نگار هڪ فن ڪار آهي ۽ ناول نگاري سندس فن ۽ اهو فن زندگيءَ جي احساسن، جذبن، حالتن ۽ واقعن سان ڳنڍيل آهي.
”اتحاد“ ناول جو پلاٽ جنھن ڪھاڻيءَ تي ٻڌل آهي. اها آشا ۽ حامد جي ڪھاڻي آهي جيڪي شاگرد آهن ۽ گڏ پڙهن ٿا. آشا هڪ امير ترين شوخ طبعيت جاگيردار شنڪر لعل ۽ گهريلو عورت گرو ديويءَ جي اڪيلي ڌيءَ آهي. هو کيس لاڏ ڪوڏ مان پالي نپائي وڏو ڪن ٿا ۽ پٽ نہ هئڻ جي صورت ۾ پنھنجي حيثيت جي برابر انجنيئر ونود ڪمار سان سندس شادي ڪرائڻ چاهين ٿا تہ جيئن آشا آسودي رهي پر جيئن تہ آشا کي پنھنجي هم مزاج ساٿيءَ جي تلاش آهي. سندس نظر ۾ دولت ۽ پئسو جسماني آرام تہ ڏئي سگهن ٿا پر دلي ۽ روحاني سڪون ۽ خوشي هم خيال جيون ساٿيءَ مان ملي سگهي ٿي پر اهو اظھار ڪرڻ ۽ والدين جي ناراضگي ڏسڻ بہ نٿي چاهي سو هوءَ نھٺي ۽ سٻاجهي ڇوڪري وقت جو انتظار ڪندي آهي. سندس سڀاءُ کي ليکڪا مضبوط ۽ سمجهدار ڄاڻائيندي لکيو آهي تہ،
”آشا سٻاجهي هئي، پر همٿ ڀري، ڄاڻ هيس تہ هوڏي ۽ مورکن سان پنھنجي اندر جو اظھار ڪرڻ ٿيندو رڃ ۾ ٻج ڇٽڻ، ”صبر جنين جو سير تير نہ گسي تن جو“. اهو ئي وشواس سندس شڪتي هئي سندس ظاهري ماٺيڻي پر مرڪندڙ مکڙي مان ايئن پيو لڳندو هو تہ کيس يقين آهي تہ ڪنھن نہ ڪنھن سڳوري ڏينھن کيس ضرور هن پڃري مان پر پکيڙڻ جي آزادي ملندي.
”مــانــدي ٿــي نــه مــارئـي ﷲ اوڏو آهي،
سئو ورهين جا ڏکڙا هڪ لحظي ۾ لاهي.“
اهڙيائي اميد تي آشا پئي تڳندي هئي. هوءَ ڄڻ تہ ڪنھن اڻ سڃاتل سونھين لاءِ سيڙي ويٺي هئي“. (12)
آشا جي هڪ دل گهري ساهيڙي ارونا نالي آهي جا سندس ملاقات حامد (مسلمان شاگرد اڳواڻ) سان ڪرائي ٿي. جنھن سان ٿورين ملاقاتن ۾ ئي کيس لڳي ٿو تہ سندس منزل اها ئي آهي. اهڙيءَ ريت تعليم دوران موهن، وحيد، ارونا ۽ حامد سان گڏ اٿڻ ويھڻ سان سندس خيالن ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي ٿي ۽ هوءَ پاڻ مڪمل طور انقلاب پسند ٿي وڃي ٿي. اڳيان هلي وڏي همٿ ۽ وڳوڙ کي منھن ڏيڻ بعد حامد سان سندس شادي ٿيئي ٿي.
گلي سدا رنگاڻي هن ناول ۾ عورت ذات جي تعليم کي اهميت ڏيندي کيس پاڻ ڀرو (Self-confident) ڪري پيش ڪيو آهي کيس پنھنجي حياتيءَ جي اهم فيصلي جو اختيار ڏنو آهي. انگريز دور ۾ سندن (Divide and Rule) واري پاليسيءَ ذريعي حڪومت ڪرڻ جي مشن کي کولي ڄاڻايو آهي. پنھنجي مُک ڪردار حامد جي واتان چورائي ٿي تہ،
”هندو مسلمانن کي هڪٻئي خلاف ورغلائڻ جي بدران، جي اسين سندن وچ ۾ ساز ۽ سلوڪت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون تہ مون کي يقين آهي تہ اسين ڪامياب ٿينداسين جي عام جنتا ۾ اهڙو پرچار ڪجي. حقيقت ۾ غريب هندو ۽ مسلمان جي وچ ۾ مذهبي جهڳڙو آهي ئي ڪونہ. هُو تہ ويچارا پنھنجو پيٽ پالڻ لاءِ ئي محتاج آهن. پر هن ڌاري سرڪار جو تہ جياپو ئي هندو مسلم ناسازيءَ ۾ آهي. هڪ واري جي هندو مسلمان پاڻ ۾ ٺھي وڃن تہ جيڪر اهڙو اتحاد برٽش حڪومت جي طاقت هڪدم هيڻي ڪري ڇڏي“. (13)
هن ناول جو موضوع هڪ بلڪل مختلف ۽ وقت جو آواز آهي. هن دور جي ادب ۾ جيڪي موضوع آيا آنھيءَ بابت هڪ تجزيو آهي تہ،
”هن دور جا ناول ٻن موضوعن جي ڪري مقبول ٿيا، پھريون تہ معاشري جي براين کي نروار ڪيائون ان لاءِ تہ معاشري جي اخلاقي اصلاح ٿيئي. ٻيو موضوع هو هندوئن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ اختلاف وڌائڻ اهو هڪ طرف مذهبي هو تہ ٻئي طرف سياسي. انھيءَ هلچل ۾ فرقيوارانہ رجحان ظاهر ٿيا. ڪيترائي تاريخي ناول ادبي دنيا ۾ اچڻ لڳا. اديبن پنھنجي فرقي جي واکاڻ، بھادري ۽ شان شوڪت کي نروار ڪندي ڪيترائي غلط واقعا ۽ روايتون تاريخي ناولن ۾ شامل ڪيون. سنڌ ۽ هند جي عوام لاءِ آزادي حاصل ڪرڻ جي راھ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ نفاق هڪ وڏي رڪاوٽ پيدا ڪئي هئي. انھيءَ رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ وري ٽيون موضوع ”اتحاد“ پيدا ٿيو. اهڙين حالتن ۾ اديبن ملڪ ۾ قومي بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي“. (14)
هيءُ دور قومي سجاڳيءَ جو دور شمار ٿيئي ٿو. ليکڪن آزاديءَ، انسانيت، محبت، اخلاقي قدر، هندو مسلم ڀائيچارو، حڪومت خلاف نفرت جھڙن موضوعن تي لکيو. ادب وسيلي غريبن جي بدحالي، شاهوڪار شاهيءَ جا ظلم، اقتصادي ڦرلٽ، عورت ذات جي عزت ڪرڻ ۽ تعليم يافتہ بنائڻ، ٻين ڪيترن زندگيءَ جي مسئلن ۽ قومي امنگن ۽ جذبن تي لکيو ويو هن دور جي اديبن حقيقت پسنديءَ جو لاڙو پنھنجو ڪيو. 1940ع ۾ ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ جي ادب ۾ آيل اثرن ۾ ”ترقي پسند ڌارا“ جي تحريڪ شروع ٿي. 1940ع کان 1947ع تائين جو دور خاص قومي سجاڳيءَ جو دور هو. مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي تحريڪن جي ڪري سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا تي گهڻو اثر ٿيو. هن دور جا ليکڪ مغربي تعليمات ۽ اٿ ويھ کان واقف هئا. کين محڪوم حياتيءَ جي گهارڻ تي ذهني ۽ دلي طور ڏک هو. هنن قومي آزادي ۽ قوميت جي لاڙي کي ادب ۾ وڌايو.هن دور ۾ ڪيتريون سماجي، سياسي ۽ مذهبي تحريڪون پڻ سرگرمِ عمل رهيون جيئن، ”ڪئٽ انڊيا تحريڪ“، ”عدم تعاون“، ”سيتا گرھ“، ”سول نافرماني تحريڪ“، ”حُر تحريڪ“ ۽ ٻيون هيون.
”هي دور دراصل آزاديءَ لاءِ جدوجھد جو دور هو. هن دور ۾ انگريزن جي حڪومت خلاف برِصغير ۾ آزاديءَ جي تحريڪ زور وٺي وئي. هن دور ۾ هنگاما ٿيا. سياسي، سماجي تحريڪن جي ڪري ادب ۾ آزاديءَ جو جذبو سمايل هو. هن ۾ انگريز حڪومت خلاف باغيانہ خيال پيش ڪيا ويا“. (15)
اتحاد ناول 1941ع ۾ شايع ٿيو جو آزاديءَ جي تحريڪ جو عروج جو وقت هو. شيخ اياز جي ڪھاڻي ”سفيد وحشي“ ۽ رابندرناٿ ٽئگور جو ناول ”گورا“ پڻ هن دور ۾ برطانوي حڪومت جي خلاف مزاحمت ۽ نفرت جو بيان آهن. ساڳيءَ ريت گليءَ پڻ هڪ سڄاڻ ليکڪا طور ”اتحاد“ ۾ انگريز حڪومت خلاف باغياڻا خيال ڏئي مسلمانن ۽ هندن کي گڏ ٿيڻ لاءِ همٿايو. اتحاد ناول جي ڪردار نگاريءَ ۾ آشا کي اهميت ڏيندي سڄي ناول جي اڻت سندس ئي ڪردار ۽ عملن جي چوگرد اُڻي آهي. کيس سمجهدار، نھٺو، با ادب، باهمٿ، باشعور، تعليم يافتہ ۽ ڪلاڪار ڄاڻايو آهي لکي ٿي تہ،
”آشا ديوي جڏهن ٻار هوندي هئي تڏهن کان ئي سندس لاڙو چترڪلا ڏانھن هو، نہ تہ ڪو ڪنھن کيس چترڪلا جو هُنر سيکاريو هو، پر هن کي قدرتي ڏات هئي. ويٺي ويٺي ازخود شعر ۽ ڪوتائون رچي رهندي هئي تہ ڳائڻ پڻ سندس شيرين ۽ دلسوز هو. هن جي پاڪ ۽ اوجل دل تي سواءِ قدرتي سونھن جي اڃا ٻي ڪنھن بہ اپديش ۽ سکيا اثر نٿي ڪيو“. (16)
سندس ماءُ ۽ پيءُ جي صورت ۽ سيرت جو نقشو هن ريت چٽيو اٿس،
”آشا جو پيءُ هڪ زبردست ۽ شوخ طبع جاگيردار هو. کيس المولا جي پھاڙن ۾ جاگيرون هيون. شنڪر لعل ڪٽر ۽ ضدي بہ هڪڙو ئي هو. پاڻ کان مٿڀرن جي خوشامد ڪرڻ ۽ پاڻ کان هيڻن کي هيسائڻ تہ سندس مَرَڪ هو آشا جي ماءُ گوري ديوي، ڀرمن ۽ سنسن ۾ ڦاٿل هڪ اٻوجهہ پر آگياوان استري هئي ڪوبہ گُهرجائو سندس در تان خالي ڪونہ موٽندو هو“. (17)
هن ناول ۾ ڪردار نگاريءَ تي توجھہ ڏنل آهي خاص طور مک ڪردار آشا ۽ حامد پنھنجي خيالن، انقلابي ۽ سياسي بحثن ۽ عملن ذريعي اڀري سامھون آيا آهن. جنھن سان پڙهندڙ جو ناول ختم ٿيڻ تائين جو تجسس قائم رهيو آهي. ڪردار نگاري ناول جي جان هوندي آهي. اڪبر لغاري لکي ٿو تہ،
”ڪردار نگاري ناول ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي پراڻن قصن ۽ ڏندڪٿائن ۽ يوناني ڊرامن ۾ مک ڪردار هيرو هوندو هو. هيرو ۾ غير معمولي قوتون ۽ صلاحيتون ڏيکاريون وينديون هيون. ناول نگاريءَ جي جديد فن ۾ اهو محسوس ڪيو ويو تہ هيرو جھڙا ڪردار، صرف انسان جي تخليل جي پيداوار آهن جيڪي پڙهندڙن يا ڏسندڙن جي فئنٽيسي جي تسڪين لاءِ هوندا آهن. جن جو حقيقي دنيا سان ڪوبہ واسطو ڪونہ هوندو آهي. حقيقي ادب لاءِ اهو ضروري سمجهيو ويو تہ اهڙا ڪردار تخليق ڪيا وڃن جيڪي حقيقي لڳن. اهي عام ماڻھو هجن پر ان سان گڏ اهو بہ محسوس ڪيو ويو تہ ناول جا مک ڪردار، عام ڪردارن کان بي باڪ، باهمٿ، قابل اعتماد، بھادر ۽ مظبوط هئڻ گهرجن مک ڪردار کي متحرڪ هئڻ گهرجي“.
اڳيان لکي ٿو تہ، ”ناول نگار پنھنجي ڪردارن جو خالق هوندو آهي ۽ جيڪا ڳالھ کيس چوڻي هوندي آهي اها هو ڪھاڻيءَ جي واقعن ۽ ڪردارن جي قول ۽ فعل جي ذريعي چوندو آهي. ايئن کڻي چئجي تہ هو پاڻ کي ڪردارن جي ذريعي منڪشف ڪندو آهي“. (18)
هن ناول جا نہ فقط مَک ڪردار جئين آشا ۽ حامد پرذيلي ڪردار آشا جو پيءُ شنڪر ۽ ماءُ گوري ديوي، ڪاليجي سٿ جا انقلابي دوست ارونا، وحيد، موهن سڀني جي هلت چلت ۽ ويچار نمايان طور ظاهر آهن جن سان سندن شخصي ۽ ڪرداري خوبيون ۽ خاميون واضح ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ناول جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ ليکڪا طرفان روزمرہ جا ننڍا ننڍا واقعا پيش ڪرڻ ڪاليج ۾ ٿيل مختصر پر اهم سياسي بحث مباحثا ناول ۾ دلچسپي وڌائڻ سان گڏ خوشگواريءَ جو احساس قائم ڪن ٿا. جن سان ناول نويسڪا پنھنجي پيش ڪيل موضوع سان نڀايو آهي. هن ناول جي موضوع جي انفراديت ۽ بياني اسلوب تي مظھر جميل سيد جي راءِ هن ريت آهي،
”شريمتي گلي سدا رنگانی پھلی خاتون ناول نگار تھیں، جنھوں نے سندھی زبان میں ”اتحاد“ لکھ کر ناول نگاری میں خواتین کی نمائندگی کی ہے۔ جیسا کہ نام سے ظاھر ہے مذکورہ ناول کا موضوع مختلف مذھبی گروھوں کے درمیاں پیار و محبت، خلوص، باھمی بھائی چارے اور اتحاد کی فضا تھی، جس کا استحکام وقت کی سب سے بڑی اور اھم ضرورت تھی۔ چنانچه اس ناول کو اپنے موضوع اور اسلوب کے اعتبار سے خصوصی مقبولیت حاصل هوئی" (19)
نہ فقط موضوع مواد ۽ ڪردار نگاري پر پلاٽ، ڪھاڻي، منظر نگاري، مڪالمن ۽ مقصديت سان گڏ ٻوليءَ جي لحاظ کان پختو ۽ وڻندڙ ناول آهي. منگهارام ملڪاڻيءَ هن ناول جي ٻوليءَ بابت لکيو آهي تہ،
”هن ناول جي عبارت ۾ هندي ۽ فارسيءَ جو وڻندڙ ”اتحاد“ رکيل هو“. (20)
آئون ملڪاڻي صاحب جي راءِ سان سھمت نہ هوندي اتحاد جي اڀياس بعد انھيءَ نتيجي تي پھتل آهيان تہ هن ناول جي ٻولي سولي ۽ سلوڻي سنڌي آهي جنھن ۾ آسان ۽ عام فھم ٺيٺ سنڌي لفظ ڪتب آندل آهن ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هندي لفظ آهن ۽ فارسي لفظ تہ بلڪل نہ هئڻ برابر آهن جنھن ڪري هن ناول ۾ ڪنھن بہ ريت هندي ۽ فارسي ٻوليءَ جو ڪو گڏيل اتحاد موجود نہ آهي. ملڪاڻي صاحب جي راءِ جي برعڪس انھيءَ تي آئون اهو چونديس تہ اتحاد ناول ٻوليءَ جي لحاظ کان بہ ڪامياب چئي سگهجي ٿو اتحاد جي پڄاڻي بہ اثرائتي آهي ليکڪا جي تخليقي جذبي ۽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ولولي ۽ شوق کائنس ٻيا پڻ ٻہ ناول لکرايا جي ورهاڱي بعد کان پوءِ پڌرا ٿيا. گلي سدارنگاڻيءَ جو ڪم سنڌي ناول نگاريءَ ۾ مڃڻ جوڳو آهي.
نتيجو: جديد تعليمي سرشتي تحت سنڌي عورتن ويھين صديءَ جي شروع ۾ علم حاصل ڪيو جنھن کان پوءِ پڙهيل ڳڙهيل عورتن ادب ۾ شموليت اختيار ڪئي. نثر ۽ نظم جي صنفن ۾ چند عورتن جو ڪم ملي ٿو. جن ۾ گلي سدارنگاڻي پھرين ناول نويسڪا طور نشانبر آهي.
گلي سدارنگاڻيءَ جو ادبي ڪم مضمون، ڪالم، ترجمي ۽ ناول ۾ ملي ٿو. سندس چار ناول ڇپيل موجود آهن جن ۾ ”گورا“ ترجمو، ”اتحاد“، ”ساڌنا جو سپنو“ ۽ ”آخرين انقلاب“ اصلوڪا ناول آهن. گلي سدارنگاڻي ترقي پسند ڌارا جي اهم ليکڪا هئي هن تحريڪ جو اثر سندس فن ۾ نمايان آهي.
انگريز دور ۾ ناول نويسيءَ جو عروج هو. 1941ع جي سال ۾ ڇپيل ناول ”اتحاد“ سڀني ناولن کان گوءِ کنئي. ليکڪا کي هن ناول تي نقد ايوارڊ ڏنو ويو.
”اتحاد“ ناول موضوع، مواد، پلاٽ، ڪردار نگاري، ٻولي ۽ ٻين خوبين سان گڏ هندو، مسلم اتحاد ۽ انگريزن جي غلاميءَ مان آزاديءَ جي سڏ سان مقصديت لاءِ لکيل هڪ اهم ناول شمار ٿيئي ٿو ۽ گلي سدا رنگاڻي پھرين سنڌي عورت ناول نگار جي حيثيت ۾ ڪاميابي ماڻي.

حوالا:
1. فھميدہ حسين، ”شاھہ عبدالطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“، شاھہ لطيف ثقافتي مرڪز ڪراچي، 1993ع، ص، 118.
2. ڦيرواڻي، شوقيرام/حسين بادشاھ (ترتيب) ”حيدرآباد جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2003ع، ص، 392.
3. مبارڪ علي، ڊاڪٽر، ”الميه تاريخ“، فڪشن هائوس، لاهور، 2005ع، ص، 75.
4. ڪرپا لاڻي، گلي، ”گورا“ هندوستان پريس ڪراچي، 1938ع، ص، 2.
5. ملڪاڻي، منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع، ص، 55.
6. ڪرپا لاڻي، گلي، ”گورا“ هندوستان پريس ڪراچي، 1938ع، ص، 39.
7. ساڳيو، مھاڳ.
8. سدا رنگاڻي، گلي، ”اتحاد“، هيرانند ڪرمچند، هندوستان پريس، ڪراچي، 1941ع، ص، 3.
9. ساڳيو، ص، 2.
10. ملڪاڻي منگهارام، حوالو پنجون، ص، 104.
11. پٺاڻ، غلام حسين، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع، ص، 79.
12. سدا رنگاڻي، گلي، ”اتحاد“، ص، 4.
13. ساڳيو، ص، 120.
14. پٺاڻ، غلام حسين، ڊاڪٽر، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع، ص، 175.
15. خواجہ، نور افروز ڊاڪٽر، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، شيخ برڪت علي اينڊ سنز، 2010ع، ص، 54.
16. ”اتحاد“، حوالو نمبر 8، ص، 4.
17. ”اتحاد“، حوالو نمبر 8، ص، 3.
18. لغاري، غلام اڪبر، ”موجودہ سنڌي. ناول جا فني مسئلا“، ”روزاني پنھنجي اخبار“، ص، 10. (محترم اڪبر لغاريءَ جي فيسبڪ وال تان کنيل حوالو، 2 مئي، 2020ع)
19. سيد، مظھر جميل، ”جديد. سندہي ادب“، اڪيڊمي بازيافت، ڪراچي، 2007ع، ص، 585.
20. ملڪاڻي، منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع، ص، 104.

(ڪارونجهر تحقيقي جرنل، جون 2021ع)