ڊاڪٽر نور افروز خواجہ جي تحقيقي ۽ ادبي خدمتن جو تجزياتي مطالعو
Dr. Noor Afroz Khawaja is a well-known research scholar. She is born on 5th July 1953 in Hyderabad, Sindh. She have passed her matriculation in 1969 and didher graduation in 1st class, she awarded gold medal from University of Sindh in 1976, on achieving first position in M.A Sindhi. In the same year, she posted as a lecturer in Sindhi Department. She proves her as a best teacher in University of Sindh. She completes her PhD research in the guidance of Allama Ghulam Mustafa Qasmi on the topic “Sindhi Novel Je Osar – after 1947”
Dr. Noor wrote many literary and research articles which are published in different magazines. There are six books on her credit.
1. Perdehi Aakhanyoon (پرڏيھي آکاڻيون) 1978.
2. Virhagen Khan Poe Sindhi Novel Je Osar Vol-I 1999 (ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر، پھريون حصو).
3. Paye Pat Kana – 2005 (پائي پٽ ڪڻا)
4. Virhagen khan Poe Sindhi Novel Je Osar 2010 (پي.ايڇ.ڊي مقالو، مڪمل ٻہ حصا)
5. Mushk Khathoori Mun 2010 (مشڪ کٿوريءَ مڻ)
6. Aagam Kayo Achan 2019 (آگم ڪيو اچن)
She compiled two books through Shah Latif research cell, University of Sindh and edit four research journals of “Keenjhar” and one is “IRJAH”.
Dr. Noor Afroz worked as Professor, Chair Person, Dean faculty of Arts and Director of Shams-ul-Ulma Mirza Kalich Baig Chair and now visiting Professor in the University of Sindh.
Dr. Noor’s research work is mostly focused on history of Sindhi Literature Fiction, Criticism and Latifyat.
In this paper I have enalized her research and literary work.
ڊاڪٽر نورافروز خواجہ سنڌ توڻي هند جي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ چڱيءَ پر سڃاتي وڃي ٿي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون وسيح پئماني تي آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ هڪ معزز استاد طور درس و تدريس سان لاڳاپيل ڊاڪٽر نورافروز ڊين (Dean) جي حيثيت ۾ ريٽائرڊ ڪيو ۽ اڄ ڏينھن تائين هوءَ پنھنجي علمي ۽ ادبي ڪم سان لاڳاپيل آهي.
ڊاڪٽر نورافروز جو جنم 5 جولاءِ 1953ع تي احمد علي خان خواجہ جي گهر ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ ٿيو. هوءَ ننڍپڻ کان محنتي، ذهين ۽ پڙهائيءَ جي شوقين هئي ۽ سندس خاندان علمي ۽ ادبي هئڻ ڪري کيس تعليم ۾ ڪي ڏکيائيون پيش نہ آيون. سڄي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1976ع ۾ ايم.اي سنڌيءَ ۾ ڪرڻ بعد ساڳئي سال ۾ سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿي، جتي شاگردن لاءِ هڪ آدرشي استاد طور هن جو رويو محبت ۽ پيار وارو رهيو. 1977ع ۾ علامہ غلام مصطفى قاسميءَ جي رهبريءَ ۾ ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ عنوان سان مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. انھيءَ دوران ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکندي رهي، جن جو ڳاڻيٽو هڪ سئو کان مٿي آهي. پاڻ ترقي ڪندي اسسٽنٽ پروفيسر، ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ پروفيسر طور ڪم ڪيائين. سنڌي شعبي جي چيئر پرسن ۽ فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين طور ذمہ داريون نڀايائين. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ چيئر جي ڊائريڪٽر طور ذميواريون انجام ڏيئي چڪي آهي. جتي مرزا صاحب جا ويھارو کن ڪتاب شايع ڪرايائين. ڊاڪٽر نورافروز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو حلقو سندن مداح آهي، پاڻ HEC طرفان تحقيقي ڪم جي گائيڊ مقرر آهي، سندن نگرانيءَ ۾ شاگردن ايم.اي جا مونوگراف لکيا آهن جن ۾ روپلو جويو، ڪاشف، سارنگ جويو ۽ ٻيا آهن تہ ايم.فل مڪمل ڪندڙ شاگردن ۾ علي اصغر، الاهي بخش اڄڻ، گلشن ۽ ٻيا آهن. پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري لاءِ ڊاڪتر نور افروز وٽ تقريباً ويھ کان مٿي شاگرد رجسٽر ٿيا آهن. جن ۾ سڀ کان پھرين مون (راقم الحروف)، ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو تحقيقي اڀياس 1985ع تائين“ جي موضوع تي تحقيقي ڪم 2012ع ۾ مڪمل ڪري ڊگري حاصل ڪئي ان کان پوءِ ڊاڪٽر الھوسايو سومرو، ڊاڪٽر نور محمد شاھ، ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي، ڊاڪٽر جيئڻ خان ڪيريو، ڊاڪٽر محمود ڏاهري، ڊاڪٽر فريد ڏاهري، ڊاڪٽر عائشہ الاهي بخش، ڊاڪٽر آدم ٻٽ، ڊاڪٽر حسين مسرت ۽ ٻين ڪم مڪمل ڪري ڊگريون حاصل ڪيون آهن. وٽن ڏھ ايم.فل جا شاگرد پڻ رجسٽرڊ آهن، جن جو ڪم جاري آهي.
ڊاڪٽر نور هڪ سپروائيزر جي حيثيت ۾ مھربان ۽ محنتي استاد طور پنھنجي اسڪالرس کي محنت لاءِ همٿائيندي ۽ ڪم جي معيار طرف توجھہ ڏيرائيندڙ رهي آهي. ڪڏهن بہ سندس گهر جا دروازا پنھنجي شاگردن لاءِ بند نہ رهيا آهن ۽ روبرو ۽ ٽيليفون تي پڻ کين مدد ڪندي رهي آهي.
سندس مٺي ۽ نرم زبان ۽ سھڻي ورتاءُ جي ڪري هر شاگرد وٽن رجسٽرڊ ٿيڻ پسند ڪندو آهي. علي نواز آريسر موجب، ”ڊاڪٽر نورافروز گهڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ آهي سندس شخصيت کي جيڪڏهن ادبي حلقي کان هٽائي جي اُن جي پرک ڪجي تہ بہ هوءَ هڪ وڻندڙ سڀاءُ ۽ محبت جو ڀنڊار نظرايندي نھايت ئي معصوم ۽ فھميدو نانءُ نورافروز سچ تہ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جيان امرت آهي پاڻ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندي هئي تہ وٽس ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جا انبوھ نظر ايندا هئا، بعد ۾ جڏهن ڊين جي ڪرسيءَ تي ويٺي، تڏهن بہ شاگردن جو اهو ئي هجوم سندس آفيس ۾ نظر ايندو هو“. (1)
ڊاڪٽر نورافروز مختلف ادارن جي گورننگ باڊي، سينيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل، بورڊ آف اسٽڊيز جي حوالي سان ميمبر رهي آهي. سماجي خدمتن ۾ خاص طور پنھنجي ڪميونٽيءَ جي ڪمن ۾ اڳڀرائي ۽ تعاون ڪندڙ رهي آهي. آغا خان تعليمي بورڊ، ان جي اسٽڊي سينٽر، الزھرہ هاسٽل ۽ آغا خان هيلٿ سروس پاڪستان ۽ ٻين جڳھين تي پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيئي چڪي آهي. آغا خان ڪميونٽيءَ جي سنڌ ۾ هيءُ پھرين پي.ايڇ.ڊي ڪندڙ عورت شمار ٿيئي ٿي. کين سندن خدمتن تي ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
ڊاڪٽر نورافروز جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي، 1. ”پرڏيھي آکاڻيون“ (ترجمو 1978ع)، 2. ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ (ڀاڱو پھريون، 1999ع)، 3. ”پائي پٽ ڪڻا“ (2005)، 4. ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ (وڌايل ۽ سنواريل، مڪمل مقالو، 2010ع)، 5. ”مشڪ کٿوري مڻ“ (2010)، 6. ”آگم ڪيو اچن“ (2019ع) ۽ ترتيب ڏنل ٻہ ڪتاب ”اگهياسُٽ سندا“ (2007ع)، ”لوچيان ٿي لاحد ۾“ (2010ع) آهن. سندن پي.ايڇ.ڊي جي مقالي ۽ ڪتاب ”مشڪ کٿوري مڻ“ کي سنڌي لئنگيئج اٿارٽيءَ پاران 2010ع ۾ ادب ۽ تنقيد جي ڪتابن جا ايوارڊ مليا آهن.
ڊاڪٽر نور تعليمي ماهر آهي تہ مضمون نگار ۽ محققا پڻ. سندس ڇپيل ڪم نثر ۾ آهي ۽ خاص طور مضمون، سوانح، تنقيد ۽ تحقيق متعلق آهي جن جا موضوع، علمي ۽ ادبي آهن. ادبي تاريخ سندن پسنديدہ موضوع آهي. هن مقالي معرفت سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جو مطالعو پيش ڪجي ٿو.
پائي پٽ ڪڻا: گنج بخش پبليڪيشن، 2015ع ۾ شايع ڪيو آهي. 630 صفحن جي هن ڪتاب جا 8 ڀاڱا آهن ماهرن جي راءِ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، شوڪت حسين شورو، تاج جويو ۽ ڊاڪٽر انور ”فگار“ هڪڙو جا رايا ڏنل آهن.
پھرين ڀاڱي ۾ سنڌي افساني جي ابتدا ۽ اوسر سان گڏ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ناول ”نورجھان“ تي روشني وڌل آهي. ٻيو ڀاڱو، ”گنان“ شاعريءَ بابت آهي. ٽيون ڀاڱو، تنقيدي مضمون ۽ مقالا آهن جن ۾ سنڌي ادب ۾ سنڌي سماج، سنڌي افساني ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي، سنڌي افساني ۾ عورت جا روپ، سنڌي ناول ۾ رومانيت، سنڌي ناولن ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي، سنڌي ناولن جي موضوعن جو اڀياس، ”سائو پن يا ڪارو پنو“ (سوانح حيات) سامي جي ڪلام ۾ عورت، ”سُرها گل سنڌ جا“، ”ايڪيھين صديءَ ۾ سنڌي اديبن جو ڪردار“، ”چوڏهين چنڊ آڪاش“. چوٿون حصو، لطيف شناسيءَ متعلق آهي، جنھن ۾ پنج مقالا ڏنل آهن. ”عورت، شاھ لطيف جي نظر ۾“، ”پير حسام الدين ۽ شاھ لطيف“، ”شاھ ڪريم جو شاھ لطيف تي اثر“، ”سورٺ جو ڪردار“، ”سر مومل راڻي جي تمثيل“ ه ڪتاب جو پنجون ڀاڱو، سوانحي مقالن بابت آهي جنھن ۾ سنڌي ادب جي ٻاويھن وڏين شخصيتن جي باري ۾ مقالا آهن، گڏ سندن اهم ڪتابن جي بہ اوک ڊوک ڪيل آهي جن لاءِ لکيو ويو آهي انھن ۾ مرزاقليچ بيگ، علامہ آءِ.آءِ قاضي، علامہ غلام مصطفى قاسمي، سائين جي.ايم سيد، شيخ اياز، گوبند مالھي، رام پنجواڻي، خليق مورائي، محمد عثمان ڏيپلائي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نجم عباسي، امر جليل، نسيم احمد کرل، سندري اُتم چنداڻي، خيرالنساءِ جعفري، آغا سليم، ڪلا پرڪاش، وليرام ولڀ، شوڪت حسين شورو، ڊاڪٽر انور ”فگار“ هڪڙو آهن. هن ناول ۾ آيل مضمون ادبي تاريخ جو هڪ اهم حصو شمار ٿين ٿا. ڇھون ڀاڱو، لسانيات جي عنوان سان آهي جنھن ۾ هڪ مضمون ”اصطلاح، چوڻيون ۽ پھاڪا“ ڏنل آهي. ”پائي پٽ ڪڻا“ جي ستين ڀاڱي جو عنوان تخليقي مضمون آهي جنھن جا مضمون ”امڙ“، ”صحت ۽ مناسب غذا“ آهن. اٺون حصو، ”لوڪ ادب“ آهي جنھن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لوڪ ڪھاڻين جي ستن جلدن جو جائزو ورتل آهي.
مضمونن ۽ مقالن جو هي ڪتاب تخليق پڻ آهي تہ تحقيق بہ، جو پڙهندڙ جي ذهن جي گوشن کي مختلف ڏسائن کان روشني ڏئي ٿو. هڪ ئي وقت هن ۾ سوانح، لطيف شناسي، لوڪ ادب ۽ ادبي تاريخ جا موضوع ملن ٿا ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو تہ،
”هن ڪتاب ۾ گهڻو ڪري مقالا، افسانوي ادب تي لکيل آهن. باقي ڪجهہ ٻين موضوعن تي بہ آهن. اهڙيءَ ريت هي ڪتاب هر پڙهندڙ جي دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو. جنھن جو اندازو خود پڙهندڙ ئي ڪري سگهندا. انھيءَ مجموعي مان اهو ثابت ٿئي ٿو تہ ڊاڪٽر نورافروز خواجہ نہ رڳو هڪ محنتي ۽ قابلِ قدر درس و تدريس ۾ پاڻ ملھايو آهي، پر هن ادب جي ميدان ۾ قابلِ تحسين جاکوڙ ڪئي آهي جنھنکي ادبي دنيا وساري نہ سگهندي“. (2)
”پائي پٽ ڪڻا“ ڪتاب شخصي مطالعي ۽ افسانوي ادب جي تاريخ جي ڪٿ ڪري ٿو. شخصي مطالعي ۾ ڊاڪٽر نور شاعرن، ڪھاڻيڪارن، ناول نگارن ۽ محققن بابت تفصيل سان لکيو آهي تہ انھن جي ڪيل ڪم جو تجزيو پڻ ڏنو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ناول ”نورجھان“ تي تبصرو ڪندي لکي ٿي تہ، ”ڊاڪٽر گربخشاڻي سنڌي زبان جي اهڙن باڪمال نثر نويسن ۾ شمار ٿئي ٿو جن سنڌي نثر کي نئون روپ ڏنو. سندس اندازِ بيان نھايت ئي عمدو آهي. هن هندو توڙي مسمانن کي لکڻين مان فيضياب ڪيو. سندس سھڻي سوچ ۽ تحرير ادبي حلقن ۾ عام ٿي ۽ دلچسپيءَ جو باعث بڻي. ڊاڪٽر صاحب جي خاص طور تي شاھ عبدالطيف ڀٽائي(رح) جي ڪلام جي مڪمل شرح ۾ ساڻس ڪو برميچي نہ سگهيو آهي. انھيءَ کان علاوہ ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب سنڌي زبان ۾ هڪ تاريخي ناول ”نورجھان“ بہ لکيو هو. اهو ناول فن ۽ فڪر ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان اعلى ناول آهي“. (3)
ڊاڪٽر نورافروز شخصي مطالعي سان گڏ فرد جي سماجي بيھڪ جي حيثيت کي اهميت ڏيندڙ آهي. فرد جو سماج ۾ ڪھڙو مقام آهي؟ ڇا هڪ انسان جي زندگي اجتماعي پس منظر کان علحدہ ڪري سگهجي ٿي؟ ڪنھن بہ اديب جي تحرير/ناول/افسانو/آتم ڪھاڻي، شاعري وغيرہ تي سماجي تبديلين جا ڪيترا اثر پون ٿا؟ انھيءَ قسم جا ڪيترائي سوال آهن جن جا جواب سندس مقالن، سنڌي ادب ۾ سنڌي سماج، سنڌي افساني ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي، سنڌي ناول ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي ۽ ٻين چند لکڻين ۾ ملن ٿا. لکي ٿي تہ، ”ماحول ۽ انسان هر انسان جي زندگيءَ جي پرورش ڪن ٿا. جيڪي هن کي پنھنجي قانونن ۽ اصولن جي سکيا ڏين ٿا. هن کي تھذيب ۽ تمدن کان واقف ڪن ٿا ۽ انسانيت جو شرف بخشين ٿا. جڏهن انسان ۾ انسانيت پيدا ٿئي ٿي. تڏهن هُو ٻئي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ کي پنھنجو واحد مقصد سمجهي ٿو ۽ جڏهن پنھنجي معاشري جي اخلاقي ۽ تھذيبي قدرن کي انسانيت جي معيار کان ڪرندو ڏسي ٿو تہ يا معاشري ۽ ماحول جي ڪري زندگين کي تباھ ٿيندو ڏسي ٿو تڏهن انھن جي خلاف پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري ٿو“. (4)
مٿئين ڪتاب جو عنوان شاھ عبدالطيف جي رسالي جي ”سر سورٺ“ مان ورتل آهي بيت هن ريت آهي،
پـائـي پـٽ ڪـڻـا، مـون تـان مـور نـه مـڱِـيـو،
تـازِي طـنـبـيـلـن ۾، گهـوڙي گهـرِ گهـڻـا.
هاٿي ڪارَڻ هيڪڙي، آن ڪَـاتندُ هَـڻـان.
جا مٿي تو مَڻيا، تنھن سِرَ جو آهيان سيڪَڙو. (5)
هن هنڌ اهو مناسب ٿي سمجهان تہ پڙهندڙن کي ذهن نشين ڪرايان تہ ڊاڪٽر نورافروز لطيف سائينءَ جي لاءِ عقيدت رکي ٿي. هن کي لطيف شناسيءَ سان بيحد پيار آهي، سندس مضمونن، مقالن ۽ خاص طور ڪتابن جا عنوان پڻ لطيفيات مان ورتل آهن، تہ پاڻ جيڪي ٻہ ڪتاب ترتيب ڏنائين اهي پڻ لطيف شناسيءَ تي آهن.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر: ڊاڪٽر نورافروز جي پي.ايڇ.ڊي جي تحقيق آهي. جنھن جو پھريون جلد 1999ع ۾ گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد شايع ڪيو هو. پورو مقالو انھيءَ وقت شايع ٿي نہ سگهيو. هن مقالي جو وڌايل ۽ سنواريل ٻيو ڇاپو 2010ع ۾ شيخ شوڪت علي اينڊ سنز شايع ڪيو آهي. جنھن تي بھترين تحقيقي ڪتاب جو ايوارڊ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ليکڪا کي ڏنو ويو ۽ (ان تي يوسف سنڌي ۽ نازسنائي ڪاوش اخبار جي هائيڊ پارڪ ۾ خطن وسيلي واويلا بہ ڪئي هئي تہ هيءُ ڪتاب اڳ شايع ٿيل آهي انھيءَ تي انعام غلط ڏنو ويو آهي)، حقيقت اها آهي تہ ٻنھي هن تحقيق جا ٻئي ڇاپا گڏ رکي نظر مان نہ ڪڍيا هئا. جن ۾ هڪ وڏو فرق آهي. 1999ع ۾ ڇپيل پھريون جلد اڻ پورو آهي جو بہ ڪافي مشھور ٿيو ۽ شاگرد طبقي کي ڪم آيو ۽ 2010ع ۾ شايع ٿيل مڪمل مقالو آهي جو 711 صفحن تي آڌاريل آهي، اٺن بابن ساگڏ نائون ۽ ڏهون باب ضميمن تي آهن جن ۾ سنڌي ناولن جي فھرست، سنڌ ۾ ڇپيل ناول، ڀارت ۾ ڇپيل ناول ۽ علمي، ادبي ۽ اشاعتي ادارا ۽ ببليوگرافي ڏنل آهي. هن ٿيسز جي اهم اٺن بابن جا عنوان، 1. سنڌي نثر جو جائزو. ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي نثر جو جائزو ڏيندي محققا نثر ۾ افسانوي ادب جي اهميت ڄاڻائي آهي. (هن کان اڳ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ ”سنڌي ناولن جي ارتقائي تاريخ“ جي موضوع تي Ph.D. مڪمل ڪئي. سندن مقالو 1947ع تائين جي ناولن جي اڀياس تي مشتمل آهي جو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1982ع ۾ شايع ڪيو. پنھنجي موضوع جي حوالي سان اهم ڪتاب آهي. ڊاڪٽر نور صاحبہ جو ڪم 1947ع کان پوءِ ۽1994ع تائين جي ناولن جي اڀياس تي مشتمل آهي. لڳ ڀڳ اڌ صديءَ ۾ ڇپيل ناولن جو اڀياس هن مقالي معرفت ملي ٿو).
باب ٻيو، سنڌي ناول ۾ ناول جي شروعات جي عنوان سان آهي جنھن ۾ ورهاڱي کان اڳ جي ناول جو مختصر جائزو ڏيندي اهم ناول نگارن مرزا قليچ بيگ، پروفيسر ڀمڀاڻي، خليق مورائي ۽ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ جي ناول، دلارام، زينت، مالھڻ، وڌوا، غريبن جو ورثو، پاپ ۽ پاڪيزگي، غيرت، نسيما، ڇترپٽي، ستيءَ جي سيتا، درس آموز، سندري ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ناول نورجھان جو مختصر جائزو ڏنل آهي.
ٻاب ٽيون، سنڌي ادب جا نوان موڙ ۽ انھن جو ناول نگاريءَ تي اثر جي عنوان تي مبني آهي جنھن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي تہ ورهاڱي کان پوءِ ملڪ جي حالتن جو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حيثيت، ون يونٽ جو قائم ٿيڻ، جنرل ايوب ۽ جنرل يحيى جي لڳايل مارشل لا جا اثر ۽ ٻيا محرڪ جن سنڌي ادب ۾ تبديليون آنديون. هيءُ باب موضوع جي حوالي سان اهميت وارو آهي. ادب جي مطالعو ڪندڙن جيڪڏهن ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب جي مقالي کي بغور پڙهيو آهي تہ هنن کي هن اڀياس بعد اها ڄاڻ پوندي تہ، 1947ع کان اڳ لکيل ناولن جي موضوعن ۽ ورهاڱي کان پوءِ جي ناولن جي موضوعن ۾ فرق آهي جنھن جا ڪيترائي سبب هوندي اهم سبب اهو آهي تہ ورهاڱي سبب سنڌي قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. هڪ حصو هند ويو تہ ٻيو حصو سنڌ ۾ موجود رهيو. ملڪن جي ابتر مالي ۽ سياسي حالتن سبب سماجي جوڙجڪ تي جيڪي اثر ٿيا سي ادب ۾ واضح ٿيا. جن سان موضوعن ۾ فرق آيا. حقيقت ۾ ادب ۽ سماج جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي ۽ سماج مختلف طريقن سان ادب تي اثرانداز ضرور ٿيئي ٿو. ڊاڪٽر پٺاڻ هن ڏس ۾ لکيو آهي تہ، ”مصنف نہ فقط سماج کان متاثر ٿيندو آهي، پر خود سماج تي اثرانداز ٿيندو آهي. هو پنھنجي فن جي ذريعي نہ صرف پنھنجي ماحول کي پيش ڪري ٿو، بلڪہ انھيءَ کي ٺاهي ٺپي بہ پيش ڪري ٿو تہ جيئن پڙهندڙ انھيءَ مطابق پنھنجي زندگي ٺاهين ۽ تبديل ڪن. اهو علم ادب ئي آهي جنھن قوم ۾ سماجي، ذهني، نفسياتي، اخلاقي ۽ سياسي انقلاب پيدا ڪيا آهن“. (6)
باب چوٿون ورهاڱي کان پوءِ لکيل سنڌي ناول جو تفصيلي جائزو ۾ ناول جو فن، تعارف، موضوع، مقصديت، پلاٽ، ڪھاڻي، منظرنگاري، حقيقت نگاري، ڪردارنگاري ۽ مڪالمه نگاريءَ جي بيان سان چند ناولن جا مثال ڏنل آهن.
باب پنجون مختلف ادبي نظريا، فلسفا ۽ انھن جي سنڌي ناول ۾ عڪاسي جي عنوان ۾ وجوديت، رومانيت، مارڪسي نظريو، نفسياتي نظريو، ترقي پسند نظريو، قوميت پسندي ۽ سنڌي قوميت وارو نظريو بيان ڪيل آهن. هن مقالي جو پنجون باب جديد ادبي نظرين جي اُپٽار ڪري ٿو اڄوڪي دور جا عالمي ادبي نظريا ڪھڙيءَ ريت سنڌي ناول نويسيءَ ۾ داخل ٿيا آهن مثالن سان اهو سمجهايو ويو آهي.
ڇھون باب ناولن جي موضوعن جي اڀياس تي آهي جنھن مان اها ڄاڻ پوي ٿي تہ سنڌي ناول جو موضوع هميشہ سنڌ جا مسئلا رهيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ ناول نگارن، زمينداري ظلمن، ڪامورن جي ڪلورن، هارين جي هيڻائيءَ سان گڏ سنڌ ۾ سماجي، اقتصادي، مذهبي ناانصافين خلاف آواز اُٿاريو آهي تہ سنڌي ٻولي، سنڌي قوم، سنڌي ثقافت، تھذيب ۽ تمدن کي پنھنجي ناولن ۾ آندو آهي. هن باب ۾ اهڙن مٿين موضوعن تي جن ناولن جا مثال آهن انھن ۾ ”کاهوڙي کجن“ (ڄام ساقي)، ”تلاش“ (نجم عباسي)، ”ڪارو ڪارونڀار“ عبدالحق عالماڻي، ”پرويسيءَ جو پيار“ الھ بخش ٽالپر ۽ ٻيا آهن انھيءَ سان گڏ هند ۾ ڇپيل ناولن جو اڀياس پڻ ڏنل آهي.
باب ستون، موضوع جي لحاظ کان هڪ مقالي جو الڳ عنوان بہ ٿي سگهي ٿو عنوان آهي ”سنڌي ناول ۾ سنڌي سماج جي ڌار ڌار پھلوئن جي عڪاسي“ هيءُ هڪ طويل عنوان آهي.جيئن تہ ادب جي هر صنف سماج جو مڪمل عڪس آهي پر نثر ۾ ناول خاص طور اهڙي صنف آهي جنھن ۾ سماج جي مختلف پھلوئن جي عڪاسي اثرائتي نموني ٿي سگهي ٿي ۽ ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر نورافروز سنڌي سماج جا جيڪي مسئلا ناول نگارن بيان ڪيا آهن انھن جي نشاندہي ڪئي آهي.
باب اٺون، سنڌي ناول نگارن جي ناولن جو تنقيدي جائزو آهي جنھن ۾ ارڙهن سنڌ جا ناول نگار سندن تعارف ۽ ناولن جو اڀياس آهي. آغا سليم، ﷲ بخش ٽالپر، امر جليل، انجم هالائي، سراج ميمڻ، شيخ محمد حسن، شيخ ”راز“، طارق اشرف، عمرالدين ”بيدار“، ڊاڪٽر غلام علي الانا، غلام نبي مغل، قبول ابڙو، گل نصرپوري، م.ع ڏيپلائي، ڊاڪٽر قاضي خادم، ملڪ اگاڻي، ڊاڪٽر نجم عباسي، ولي رام ولڀ، جي ناولن جو تنقيدي جائزو ڏنل آهي. غلام نبي مغل جي فن تي راءِ ڏيندي لکيو اٿس تہ، ”غلام نبي مغل جون لکڻيون ڪٿي سماجي فرق ڏانھن ڌيان ڇڪائين ٿيون تہ ڪٿي وري مذهبي ۽ معاشي پراڻن قدرن جي کوکلائپ تي بہ حملو ڪن ٿيون،ڇو جو اهي نون سماجي تقاضائن جي ڏس ۾ رنڊڪ پيدا ڪن ٿا. غلام نبي مغل جي لکڻين مان معلوم ٿئي ٿو تہ، هن سماج ۾ حقيقت کي صداقت ۽ بي باڪيءَ سان پيش ڪيو آهي هن زندگيءَ کي پرکيو آهي ۽ رات جي تاريڪين ۾ ٿيندڙ وارداتن کي ظاهر ڪيو آهي. هن زندگيءَ کي اصلي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. (7)
اٺين باب جي (ب) حصي ۾ هندوستان ۾ ورهاڱي کان پوءِ لکيل ناولن جو جائزو ڏنل آهي جي آسانند مامتوار، رام پنجواڻي، پوپٽي هيراننداڻي، چندو لعل جئسنگهاڻي، ريٽا شھاڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪرشن کٽواڻي، ڪلا پرڪاش، گوبند مالھي، لعل پشپ، موهن ڪلپنا ۽ هري موٽواڻيءَ جا لکيل آهن. هن باب جي اهم خوبي آهي تہ ناول نگارن جا تعارف پڻ ڄاڻايل آهن جنھن ۾ سنڌ جي ناول نگارن ۾ انجم هالائي، شيخ محمد حسن، عمرالدين بيدار ۽ گل نصرپوريءَ جا تعارف تفصيلي ڪونھي، (گل نصرپوري سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو جوان شاگرد ليکڪ هو سندس ناول ”درياءُ جي ڪپ تي“ آهي ان کان سواءِ هن جا ڪي مقالا مھراڻ ۾ پڻ ڇپيا هئا. مولانا گرامي ڪتاب وياسي وينجهار جي 216 صفحي تي تعارف ڏنو آهي). هن باب ۾ جن بہ ناولن جو جائزو آهي تن جي قسم، ڪھاڻي، ٻولي، منظرنگاريءَ تي بحث ٿيل آهي ۽ اهو بہ ڄاڻايو ويو آهي تہ اهو ناول ڪڏهن ۽ ڪھڙي هنڌان شايع ٿيو ۽ طبعزاد آهي يا ترجمو. هند جي ناولن ۾ ريٽاجي ناولن ”ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ“ ۽ ”چنڊ کان سج تائين ۽ هري موٽواڻيءَ جي ناولن جي ”ابو“ ۽ ”اجهو“ تي تفصيلي بحث ڪيل آهي. هيءُ باب مقالي جو خاص حصو آهي جو تمام محنت سان لکيو ويو آهي. فھرست ۾ جيڪڏهن ناول نگارن جي نالن اڳيان سندن انھن ناولن جا نالا بہ ڄاڻايل هجن ها تہ پڙهندڙن لاءِ وڌيڪ سڀاويڪ هو.
هن مقالي جي ٻولي عام فھم ۽ وڻندڙ آهي ناولن جي ڇپجڻ جا ادارا ۽ انھن جي ڇپجڻ جا سال ضميمي ۾ آهن جو اهم ڪم آهي هن مقالي معرفت ورهاڱي کان پوءِ جي ڇپيل سنڌي ناولن جي هڪ تاريخ تيار ٿي آهي جنھن مان انھن ناولن جي موضوعن، مواد، ادبي خاصيتن ۽ ٻولي، مقصديت ۽ ٻين خوبين جي خبر پئي ٿي. هيءُ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي.
مشڪ کٿوريءَ مڻ: ڪتاب جو عنوان شاھ صاحب جي هن بيت مان ورتل آهي.
ڪانگَل ڦَريبَن جا، اَچي وائِيءَ وَڻَ،
تو ۾ بُوءِ بھارَ جي، مُـشِـڪ کـٿـورِيءَ مَـڻُ،
اَچِـي عـجـيـبَـن جـو، اورانـگِـهـج اَڱـڻُ،
توکي پسي تَڻُ، سُورَ نئان صافُ ٿيئي. (8)
هن ڪتاب ۾ آيل تحقيقي مضمونن ۾ شھيد راڻي بينظير ڀٽو کان الطاف شيخ سنڌ جو سيلاني تائين ليکڪا ڪيترين شخصيتن جي سوانحي احوال سان گڏ سندن علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن تي روشني وڌي آهي. جنھن ۾ پروفيسر علي نواز جتوئي، شيخ اياز، ڊاڪٽر تنوير عباسي، سردار نواب ولي محمد خان لغاري، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، پروفيسر محرم خان، دادا ٽي ايل واسواڻي، چندو لعل جئسنگهاڻي، جمال ابڙو، طارق اشرف، تنوير جوڻيجو، نذير ناز، ج.ع منگهاڻي، قمر شھباز، امر جليل، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر رابعہ، ڊاڪٽر فھميدہ ۽ ٻيا آهن. ڪجهہ ڪتابن جيئن ”گلوريئس پاسٽ“، ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“، ”شاھ عبدالطيف سنڌي سماج جو ترجمان“، ”دلير سلطانہ“، ”جهڙو پسڻ پرينءَ جو“ تي ليکڪا، مھاڳ ۽ تبصرا لکيا آهن. ڊاڪٽر نور جي ادبي پورهئي کي مان ڏيندي حميد سنڌيءَ لکيو آهي تہ،
”جن بہ عورتن ليکڪائن جنھن نموني ۾ سنڌي ادب جو مانُ مٿانھون ڪيو آهي، عزيز نورافروز خواجہ انھن مان هڪ آهي، کيس جَس آهي، جو هوءَ هڪ پورهيت وانگي اڄ بہ پورهيو ڪري سنڌي ادب جي هر پھلوءَ کي نمايان ڪندي لکي رهي آهي، سندس لکڻين ۾ گهڻي قدر هڪ (Creativity) آهي“. (9)
حميد صاحب جنھن (Creativity) تخليقي قوت جي باري ۾ لکيو آهي. انھيءَ جو هڪ رُخ ڊاڪٽر نورافروز جي سوانحي مضمونن ۾ اُتم ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڊاڪٽر نور جڏهن بہ ڪنھن شخص جي فن ۽ ذات جي باري ۾ لکيو آهي، تڏهن انھيءَ جي ڪرداري خوبين کي اهڙيءَ ريت Discover ڪيو اٿس. جو آئون سمجهان ٿي تہ خود انھيءَ فرد کي پاڻ پڻ پنھنجي انھيءَ خوبيءَ / خاميءَ جي مڪمل طور ڄاڻ نٿي هجي، هوءَ نہ فقط خوبين جي کوجنا ڪرڻ ڄاڻي ٿي پر خاميون پڻ رومال ۾ ويڙهي سھڻائيءَ سان پيش ڪري ٿي. جيڪو تنقيد نگاريءَ جو اهم اصول آهي، انھيءَ مان سندن مشاهدي جي مضبوطي ظاهر ٿئي ٿي. هن مَدَ ۾ چند حوالا ”مُشڪ کٿوريءَ مَڻ“ مان پيش ڪريان ٿي، جنھن مان پڙهندڙن کي ليکڪا جي شخصي مطالعي جي پروڙ پوندي. قاضي خادم لاءِ لکي ٿي تہ؛
”قاضي خادم صاحب وٽ علم جو دريا آهي، پاڻ جڏهن بہ ڪچھريءَ ۾ ويھندو يا ڪووٽس ويندو آهي يا ڪنھن مسئلي تي کانئن پڇبو آهي تہ هميشہ مختلف ليکڪن جي لکڻين، ناولن، ڊرامن ۽ افسانن مان مثال ڏيئي، ڪھاڻي ٻڌائي، مثال بيان ڪري ٻڌائيندو، جيڪا انھيءَ وقت ان موضوع سان ٺھڪي ايندي آهي ۽ رهنمائي ملندي آهي. سندس چيل جملا اهڙا تہ دلچسپ ۽ ڏاهپ ڀريا هوندا آهن، جو ڪڏهن بہ وسري نٿا سگهن“. (10) آزاد قاضي لاءِ لکيو اٿس تہ:
”آزاد قاضي مطالعي جو شوقين آهي، ان ڪري هو هر وقت ڪونہ ڪو ڪتاب پڙهندو رهندو آهي، ڪتابن سان گھري لڳاءُ سبب هونئين شايع ٿيندڙ مواد جي سلسلي ۾ پڻ مڪمل ڄاڻ رکندو آهي. کيس تقريباً هر ڪتاب جي ليکڪ، پبلشر ويندي سال جي خبر هوندي اٿس“. (11)
مٿين سٽن کي جڏهن مون هن ڪتاب ۾ پڙهيو تڏهن ذاتي طور آئون انھيءَ سان بلڪل متفق ٿيس، ڊاڪٽر قاضي خادم وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مون ڪلاس اٽينڊ ڪيا هئا ۽ ليکڪا جي راءِ سئو سيڪڙو صحيح لڳم. ڊاڪٽر قاضي خادم ايم.فل جي دوران ۾ پڙهائڻ جي وچ ۾ اسان کي هميشہ مثالن ۽ سمجهاڻين سان پنھنجو مؤقف پيش ڪندو هو ۽ ڪڏهن بہ پنھنجي راءِ اسان مٿي مڙهڻ جي ڪوشش نہ ڪيائين، ظاهري طور استاد جي حيثيت ۾ سندس رويو سخت هوندي بہ شاگردن سان دوستاڻو هو. ساڳيءَ ريت آزاد قاضيءَ سان بہ جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ ملاقات ٿي اٿم تہ سندن ڪلھي ۾ ڪتابن جو بيگ تہ ڍڳ ڪتاب هٿ ۾ بہ هوندا آهن ۽ هڪ ٻہ دفعا ڪجهہ ڪتابن جي باري ۾ سوال جواب ڪيوسين تہ قاضي صاحب جي مطالعي جو متعرف ٿيڻو پيو. ٻيو تہ ٺھيو پر خود منھنجي نالي جڏهن ڊاڪٽر نورافروز اهو لکيو تہ، ”آئون پروين کي چوندي آهيان تہ، تون تڪڙي آهين، پر هوءَ واقعي تڙ تڪڙ ۾ سٺا ڪم ڪري ٿي وڃي. هن کي شابس آهي جو هنوقت تائين ايترا ڪتاب لکيا اٿس“ (12) تہ يقين ڪريو مونکي پنھنجي انھيءَ جلد بازيءَ جي خوبيءَ يا خامي جي گهڻي سُڌ نہ هئي، پر سندن انھن جملن مونکي پنھنجو پاڻ سان متعارف ڪرايو.
آئون سمجهان ٿي تہ ڪتابن جو مطالعو تہ هر ڪو ڪري ٿو، پر ماڻھن جو مطالعو هر هڪ جي وَسَ جي ڳالھ نہ آهي ۽ اهو مطالعو ۽ پرک ۽ پروڙ اهو ڪري سگهندو آهي، جنھن جي طبيعت ۾ خلوص هجي جيڪي ٻين سان ٿڌائيءَ ۽ پيار سان پيش ايندا هجن وڏي ڳالھ تہ کيس شخصي مطالعي ۽ مشاهدي تي عبور هجي.
هن ڪتاب معرفت ڊاڪٽر نورافروز ڪيترين شخصيتن جي خوبين ۽ فن کي ظاهر ڪيو آهي تہ گڏ سندن پنھنجيءَ ذات ۽ علميت جو عڪس پڻ ”مُشڪ کٿوريءَ مڻ“ مان چٽيءَ پَرِ پسجي پيو. ”مُشڪ کٿوريءَ مَڻ“ ڪتاب جي شروع ۾ ڊاڪٽر نور کان گلبدن جاويد جو ورتل انٽرويو پڻ شامل آهي 367 صفحن جي هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، قاضي خادم، موهن مدہ وش، ڊاڪٽر قمر مرزا ۽ ٻين جا رايا ڏنل آهن. ڪتاب تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي مضمونن ۽ مقالن تي مبني آهي آخر ۾ ڇھن ڪتابن تي تبصرا ۽ چند شخصيتن بابت احوال آهي.
آگم ڪيو اچن: 2019ع جي مارچ ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊميءَ جي مدد سان پيڪاڪ پرنٽرز شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو عنوان شاھ عبدالطيف جي رسالي مان ورتل آهي.
آگـم ڪـيـو اَچـن، سَـڄَـڻَ سـانـوَڻَ جـيـئـن،
پاسي تَنِ وَسن، جي سَڀُ ڄَماندرُ سِڪِيا. (13)
هي ڪتاب تحقيقي، تنقيدي ۽ سوانحي مقالن تي مشتمل آهي. پھرين حصي ۾ 24 تحقيقي مضمون ۽ ٻئي حصي ۾ ادبي ڪتابن تي تبصرا ۾ هند جي ليکڪن جي فن جو اڀياس ڏنل آهي.
پھرين حصي ۾ آيل مضمون شاھ لطيف جي ڪلام ۾ انسان شناسي، شاھ لطيف جي ڪلام ۾ وطن پرستي، صبر جنين جو سير. سر سلطان محمد شاھ آغا خان، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي شاعريءَ ۾ وڻج واپار، سنڌي نثر جي بقا جو مسئلو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻيا ليک آهن. ٻئي حصي ۾ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، ڊاڪٽر ٽيڪچند گرداساڻي، رام جوهراڻي جي ڪتاب ”سنڌي سرويچ“، ڊاڪٽر جگديش جي ڪتاب، ’آڇيندي لڄ مران‘ ۽ ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جي تحقيقي مقالي سان گڏ سندس ٻين ٽن ڪتابن ”سنڌي ادبي اخبار نويسي“، ”ادبي تبصرا“ ۽ ”مھاڳ“ ڪتابن جو مطالعو ڏنل آهي. 296 صفحن جي هن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ۽ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جا ڊاڪٽر نورافروز جي ڪم بابت رايا آهن. آگم ڪيو اچن، بہ هڪ لحاظ کان ڊاڪٽر نور جي مٿين ٻن ڪتابن وانگر مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن جي تبصرن تي مشتمل آهي.
هن ڪتاب ۾ علم ادب جي اهم شخصيتن جي بابت لکيو ويو آهي تہ هند جي ڇپيل مواد جي ڪمائتي معلومات ڏنل آهي. سندن لکڻ جو نوع وڻندڙ ۽ ڪتاب ديدہ زيب ڇپيل آهي. ”آگم ڪيو اچن“ جو مطالعو ڄاڻائي ٿو تہ ڊاڪٽر نور جو اڀياس ڳوڙهو ۽ مشاهدو گهرو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا مھاڳ ۾ لکيو آهي تہ، ” هن مجموعي ۾ شامل مقالن مان ڪي لطيفيات واري موضوع تي لکيل آهن، ڪي تنقيدي، ترقي پسند، جديد ادب جي باري ۾ لکيل آهن تہ ڪي سنڌ جي سياسي تاريخ تي روشني وجهن ٿا ۽ وري ڪي سوانحي خاڪن ۽ ساروڻين تي مشتمل آهن“. (14)
ڊاڪٽر نور جا لکيل مضمون ۽ مقالا موضوع طور معلوماتي ۽ ادبي تاريخ جو احاطو ڪندڙ ۽ شاگردن، اسڪالرن ۽ استادن لاءِ مفيد ثابت ٿيل آهن. سندس تحرير نويسيءَ جا چند مثال هيٺ پيش ڪريان ٿي تہ جيئن پڙهندڙن وٽ موضوع جي چٽائي ٿيئي شاھ لطيف جي ڪلام ۾ انسان شناسيءَ تي ليکڪا لکي ٿي تہ، ”شاھ سائين انسان شناسيءَ ۽ زندگيءَ جي فلسفي جو شاعر هو. سندس شاعريءَ جا موضوع هر دور جي انسانن ۽ انھن جي زندگيءَ جي فلسفي سان واسطو رکندڙ آهن. لطيف انسان شناسيءَ جو شاعر آهي، سندس ڪلام جي هرمصرع، هر بيت ۾ انسان شناسيءَ جي پھلوءَ، سڪ، اُڪير ۽ انتظار جو پيغام پيش ڪيل آهي“. (15)
طارق اشرف جي باري ۾ لکيو اٿس تہ،
”طارق اشرف هڪ اديب هو. اديب تمام گهڻو حساس ٿيندو آهي، هو امن پسند هوندو آهي، هو چاهيندو آهي تہ سندس پيغام ذريعي قومن ۾ انقلاب اچي ۽ قوم پنھنجا حق حاصل ڪري. طارق جڏهن سنڌين ۾ ننڍين ننڍين ڳالھين تان جهيڙا ڪري، هڪ ٻئي جا خون ڪندا رهن ٿا، ڏسي ٿو، تڏهن تمام گهڻو پريشان ٿئي ٿو. جنھن جو اظھار هو هنن لفظن ۾ ڪري ٿو تہ؛ ”ٻہ ڪونڌر ڪُسجي ويا، ٻہ جوڌا، سنڌي جوڌا مارجي ويا، ٻن مظلومن جو قتل ٿي ويو، ٻہ گهر اجڙي ويا، ٻہ خاندان برباد ٿي ويا، سنڌ جا ٻہ هوشيار شاگرد مري ويا، انھن کي ڪنھن ماريو؟ سنڌين، ڇا جيئي سنڌ جو مقصد اسان جي آڏو اهو آهي تہ اسين پنھنجي ڪونڌرن کي پاڻ ماريون“؟ (16)
ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جي ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي لوڪ ساهيتہ بابت ٿيل کوجنا جي پي.ايڇ.ڊي مقالي تي راءِ ڏيندي ڊاڪٽر نور لکيو آهي تہ،
”ڊاڪٽر روشن جي هيءَ ٿيسز لوڪ ادب جي بھترين ٿيسز آهي. هن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي تاريخ تي جن جن عالمن ڪم ڪيو آهي انھن جو تفصيل ۽ سنڌ ۾ جيڪا تحقيق ٿي آهي ان جو بہ ذڪر ڪيل آهي. ڊاڪٽر روشن اهو هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي جو ڊاڪٽر لالواڻي جھڙي گهڻ رخي شخصيت ۽ هر فن مولى تي ريسرچ ڪري پي.ايڇ.ڊي جو مقالو لکي، ڇپرائي سنڌي ادب تي هڪ وڏو احسان ڪيو آهي. هيءُ هڪ زبردست تحقيق آهي. جنھن ۾ ڊاڪٽر لالواڻيءَ جي زندگيءَ جي هر پھلوءَ کي اجاگر ڪيو ويو آهي“. (17)
ڊاڪٽر نورافروز جو ڪم تخليقي، سوانحي، تحقيقي ۽ تنقيدي مضمونن ۽ مقالن ۽ سنڌي ناول نويسيءَ تي آهي. سندس ڪتابن جي مطالعي بعد اها چٽائي ٿيئي ٿي تہ بنيادي طور هوءَ مضمون نگار آهي. اڳيان هلي سندن ڪم تحقيق ۽ تنقيد ڏي مڙي ويو آهي. تخليقي ادب ۾ مضمون اهميت جوڳي صنف آهي. شبنم گل انھيءَ لاءِ لکيو آهي تہ،
”مضمون نويسي نثري ادب جي اُها صنف آهي جنھن ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. بنيادي طور تي مضمون هڪ مختصر پر موضوع جي لحاظ کان هڪ جامع تحرير آهي جنھن ۾ موضوع جي مختلف رُخن تي روشني وڌي وڃي ٿي. جڏهن تہ تنقيدي، تحقيقي ۽ جزياتي مضمونن جي ڇپجڻ سبب ادب نہ فقط اصلاحي مرحلن مان گذري ٿو، بلڪہ ان ۾ هر لحاظ کان نواڻ ۽ بھتري اچي ٿي. اهم ڳالھ اها آهي تہ مضمون لکڻ لاءِ فني مھارت جي ضرورت ٿيئي ٿي ۽ اها مھارت مسلسل مشق وسيلي حاصل ٿي سگهي ٿي“. (18)
ڊاڪٽر نور جا مضمون بياني، سوانحي، ادبي ۽ اخلاقي آهن. جي موضوع مواد ۽ ٻوليءَ جي استعمال سان گڏ سندن مطالعي جي ساک ڏين ٿا. مقالاتي ادب ۾ ڊاڪٽر نور جا مقالا تحقيقي ادب جو اهم حصو آهن. جن ۾ سندن ڄاڻ، ڏاهپ، موضوع جي ڇنڊڇاڻ علمي ۽ فني اصطلاح گنڀير ۽ ٺوس اسلوب ساراھ جوڳا آهن. جيئن مثال طور ”شيخ اياز سنڌي قوم پرست شاعر“ مقالي ۾ لکي ٿي تہ، ”اياز جي شاعريءَ ۾ سچائي آهي. سونھن آهي، همت ۽ جرئت آهي. هن سنڌ جي ماڻھن کي نوان فڪر ڏنا، انھن ۾ آزاديءَ ۽ قوم پرستيءَ جو شعور پيدا ڪيو. جنھن ڪري کيس آفاقي شاعر سڏي سگهجي ٿو. شيخ اياز سنڌي قوم کي جدا قوم تسليم ڪري ٿو جنھن جو ڪلچر، ٻولي ريتون رسمون ۽ طور طريقا ٻين کان مختلف آهن هن پنھنجي ڌرتيءَ تي ان وقت (ون يونٽ دور ۾) جيڪو ڏک ۽ عذاب، ظلم، ستم ۽ ڏهڪاءُ ڏٺو اهڙو اڳ ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ ڏٺو ويو هو اهڙي ڏکئي وقت ۾ شيخ اياز ۽ سندس ساٿين، سنڌ جي جوانن جي دلين تي قوم پرستيءَ جي ڇاپ هنئي، سندس شاعريءَ سنڌ ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيو“. (19)
هن مقالي ۾ ليکڪا شيخ اياز جا ڪيترائي بيت مثالن سان ڏيئي ۽ موضوع کي دليلن سان چٽو ڪري پيش ڪيو آهي.
نتيجو:
هن مقالي جي عنوان جي حوالي سان آخر ۾ آئون اهو چونديس تہ، ڊاڪٽر نورافروز خواجہ ڪيترائي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ليک مختلف موضوعن تي لکي سنڌي ادب جي تاريخ ۽ تحقيق ۾ اضافو ڪيو آهي. هن سوانح کي وڏي اهميت ڏني آهي ڪنھن بہ ليکڪ يا سندس فن تي لکڻ سان گڏ سندس شخصي تاثر کي مڪمل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جو تحرير جو هڪ هاڪاري انداز آهي جنھن سان فن ۽ فنڪار بابت پيرائتي معلومات ملي ٿي. سندس ڇپيل ٽي مضمونن ۽ مقالن جا ڪتاب سنڌي ادب ۾ اهم اضافو شمار ٿين ٿا ۽ پي.ايڇ.ڊي جو تحقيقي مقالو سنڌي ناول جي ورهاڱي کان پوءِ جي اوسر بابت معلومات آسان ۽ عام فھم ٻوليءَ وسيلي ڏئي ٿو. ڊاڪٽر نور جي تحريرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال شانائتو آهي. هوءَ پنھنجي پڙهندڙن کي سگهاري انداز سان علمي ۽ ادبي ليک ڏيندڙ ليکڪا شمار ٿيئي ٿي.
حوالا:
1. آريسر، علي نواز، ”سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو“، سنڌي ساهت گهر، 2016ع، صہ-475.
2. پٺاڻ، غلام حسين ڊاڪٽر/خواجہ، نورافروز ڊاڪٽر، ”پائي پٽ ڪڻا“، گنج بخش پبليڪيشن، 2005ع، صہ-24.
3. ساڳيو-صہ-43.
4. ساڳيو-صہ-71.
5. شاهواڻي، غلام محمد (مرتب)، ”شاھ جو رسالو“، سر سورٺ، داستان ٻيو بيت نمبر 9 سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع، صہ-645.
6. پٺاڻ، غلام حسين ڊاڪٽر، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“ (1947ع کان اڳ)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع، صہ-21۔
7. خواجہ، نورافروز ڊاڪٽر، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، شيخ شوڪت علي اينڊ سنز ڪراچي، 2010ع، صہ-404۔
8. شاهواڻي، غلام محمد (مرتب)، ”شاھ جو رسالو“، سُر پورب، داستان پھريون، بيت نمبر 19، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع، صہ-841۔
9. حميد سنڌي/خواجہ نورافروز، ڊاڪٽر، ”پائي پٽ ڪڻا“، گنج بخش پبليڪيشن، حيدرآباد، 2005ع، صہ-20.
10. خواجہ، نورافروز ڊاڪٽر، ”مُشڪ کٿوريءَ مڻ“، گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد، 2010ع، صہ-340۔
11. ساڳيو، صہ-354.
12. ساڳيو، ص-350.
13. شاهواڻي، غلام محمد (مرتب)، ”شاھ جو رسالو“، سُر سارنگ، داستان ٽيون، بيت نمبر-8، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2005ع، صہ-696.
14. الانا، غلام علي ڊاڪٽر/خواجہ، نورافروز ڊاڪٽر، ”آگم ڪيو اچن“، ڊاڪٽر سنديلو اڪيڊمي/پيڪاڪ پرنٽرز، 2019ع، صہ-29.
15. ساڳيو، صہ-42.
16. ساڳيو، صہ-156.
17. ساڳيو، صہ-285.
18. شبنم گل، ”مضمون نويسيءَ جو فن: مختصر جائزو“، ”سنڌي ٻولي“، ريسرچ جرنل، جلد ٻارهون، شمارو پھريون، جون 2019ع، صہ-103.
19. خواجہ، نورافروز ڊاڪٽر، ”آگم ڪيو اچن“، پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچي، 2019ع، صہ-136.
(ڪارونجهر تحقيقي جرنل، ڊسمبر 2022)
