ڪلا پرڪاش جي ناولن ۾ عورت ڪردار جي حيثيت ۽ اهميت جو جائزو
Abstract:
Kala Prakash is a well-known Sindhi prose writer with short stories, memoirs, essays, poetic prose and novels to her credit. Her contribution to modern novel is astounding with more than ten amazing novels, the titles there of are mention below in the article. This paper meticulously deliberates on her characteristic feminist, humanist literary work and evaluates dispassionately the position and importance of women characters in her novels.
ڪلاپارو مل چانڊواڻي/ ڪلا پرڪاش ڪراچي شھر ۾ 2 جنوري 1934ع تي جنم ورتو ۽ سيپٽمبر 2018ع تي وفات ڪئي. هن هرديوي گرلس هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ پوءِ بمبئي جي ڪي جي کلناڻي اسڪول مان تعليم ورتي ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ۽ اڳيان ڊپلوما هائر ايجوڪيشن (ڊي ايڇ اي) ڪيائين. ڪلا پرڪاش نثر جي اهم ليکڪا آهي. سندس پھرين ڪھاڻي ”ڏوهي بي ڏوهي“ 1953ع ۾ ڇپي ۽ 1954ع ۾ سندس شادي مشھور اديب/ شاعر موتي پرڪاش سان ٿي، جنھن کان پوءِ نہ فقط سندس لکڻ پڙهڻ وڌيو، پر هوءَ هڪ اهم ليکڪا طور اڀري سامھون آئي. هن نثر ۾ ڪھاڻيون، ناول، مضمون، يادگيريون، مقدما، مھاڳ ۽ خط لکيا آهن. نثري نظم ۾ هڪ ڪتاب ”ممتا جون لھرون“ لکيو اٿس. کيس شعر چوڻ ۽ لکڻ سان گڏ شعر ٻڌڻ بہ تمام پسند هو. پنھنجي انھيءَ پسند تي لکيو اٿس تہ،
”شعر وڻيم ڏاڍو پر پاڻيھي پڙهان ۽ مزو وٺان، اها بہ قوت ڪانيهم، ٻيو ڪير پڙهي ٻڌائي تہ بس. رات جو دير سان شعر ٻڌڻ ڏاڍ وڻيم. جي شعر ٻڌڻ مھل هٿ ۾ چانھن جو ڪوپ ملي وڃي تہ منھنجي خوشي ماپجي نہ سگهندي. برساتي رات هجي يا سرد رات هجي ۽ هي ويھي شعر ٻڌائي تہ جيڪر عمر وڌي وڃي ۽ مشاعرو مون لاءِ وڏي نعمت آهي. پورو ٿي ويندو تہ ڏاڍي اداس ٿينديس“. (1)
ادبي سفر ۾ ڪلا کي پنھنجي وَر موتي پرڪاش جو ساٿ مليو. شاديءَ کان اڳ هن تمام مختصر لکيو. سندس فن موتي صاحب جي همراهيءَ ۾ ئي نکريو ۽ سنوريو. ازدواجي زندگيءَ ۾ هن سکي ستابي حياتي گذاري. کيس ٻن ٻارن شريڪانت (پٽ) سنڌو (ڌيءَ) جو اولاد آهي. جيڪي اعليٰ تعليم يافتہ آهن. شريڪانت پرڪاش پڻ سنڌي نثر ۽ نظم ۾ لکي رهيو آهي. مطلب تہ سندس گهر جو سڄو ماحول ادبي ۽ علمي آهي، جو سندس فن جي اُسرڻ ۾ مددگار رهيو.
ڪلا گهر جا فرض نڀائڻ سان گڏ نوڪري ڪندڙ عورت رهي. هن جو گهڻو وقت آفيس جي چوديواري ۽ گهرو جوابدارين ۾ صرف ٿيو تہ بہ هوءَ پنھنجي قلمي اظھار لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ وقت ڪڍي وٺندي هئي. 1954ع کان ئي هن نوڪريءَ جي شروعات ڪئي ۽ 1971ع تائين مرڪزي سرڪار جي کاتي ۾ آڊيٽر رهي تہ 1971ع کان 77 تائين سنڌيءَ جي مضمون کي الھاس نگر مھارشٽرا جي تلريجا ڪاليج ۾ پڙهايائين ۽ انھيءَ کانپوءِ دبئيءَ جي هڪ وڏي اسڪول ۾ ڪجهہ سال هيڊ مسٽريس طور جوابداريون نڀايائين.
بحيثيت ناول نگار: ڪلا پرڪاش جو ڪم اهمشمار ٿئي ٿو. هن پنھنجي تخليقي صلاحيتن جي اظھار لاءِ سڀ کان گهڻو ناول جي صنف کي اوليت ڏني آهي. انساني جذبن ۽ احساسن جي اثرائتي اظھار لاءِ نثر ۾ ناول ۽ ناٽڪ جون صنفون ڪارائتو ذريعو آهن. ڪلا انساني جذبن ۽ احساسن جي قلمڪار هئڻ جي حيثيت ۾ پنھنجي ڪردارن جي جذبن جي اپٽار سھڻي نموني ڪرڻ لاءِ گهڻي ۾ گهڻا ناول لکيا آهن. هن جيترا ناول ڪنھن بہ سنڌي ليکڪا ڪو نہ لکيا آهن. ڪلا جي ناولن جو ڳاڻيٽو ڏهن کان مٿي آهي. کيس سنڌي ناول نگاريءَ ۾ ”سرواڻ ناول نگار ليکڪا“ چئجي تہ بجا ٿيندو.
ڪلا کي ماڻھوءَ جي مَن تي حاوي ٿيل وڏي کان وڏي مسئلي کان وٺي ننڍي کان ننڍيءَ چنتا جو ادراڪ آهي. هوءَ معمولي کان معمولي ڳالھہ/ واقعي کي نظر انداز نٿي ڪري. انساني زندگيءَ جي خوشين، غمين، لاهين چاڙهين، ويچارن ۽ قدرن کان هوءَ پوري طرح آشنا آهي. سندس فن انساني نفسيات جي پرک تي مشتمل آهي ۽ هوءَ سھڻي ٻولي ۽ ڪردار نگاريءَ کي اوليت ڏيندڙ آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڪلا جي ناول نگاريءَ تي هن ريت راءِ ڏني آهي،
”موتي پرڪاش جي جيون ساٿي، هن ليکڪا ناول ۽ ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ پاڻ ملھايو آهي. سندس ناول ”هڪ دل هزار ارمان“، ”هڪ سپنو سکن جو“، ”شيشي جي دل“، ”حياتي هوتن ري“، ۽ ”سپنن جو سنسار“ مشھور ٿيا. ڪلا جا ناول پيار ۽ سماج جي چؤگرد پيا ڦرن. هن جي تحرير ۾ جيڪو جوش ۽ جذبو سمايل آهي. تنھن ۾ خوبصورت لفظن ۽ جملن جو گهڻو دخل آهي. (2)
ڪلا مقدار توڻي معيار ۾ پنھنجي انفرادي حيثيت ناول نگاريءَ جي صنف ۾ مڃائي آهي. سندس پھريون ناول ”هڪ دل هزار ارمان“ 1957ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ ”شيشي جي دل“ 1960ع، ”سپنن جو سنسار“ (سنڌ ۾) ساڳيو ناول، ”هڪ سپنو سکن جو“ جي ٽائيٽل سان هند ۾ 1977ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ ”حياتي هوتن ريءَ“ 1979ع، ”وقت وٿيون وڇوٽيون“ 1988ع، ”آرسيءَ آڏو“ (ساهتيہ اڪيڊمي طرفان انعام يافتہ) 1994ع، ”پيار“ 1997ع ”پکن جي پريت ۽ پيار“ (ٻہ ناول گڏ) 1999ع ۽ ”سمنڊ ۽ ڪنارو“ شايع ٿيا آهن. ڪلا پرڪاش جا ناول هند ۽ سنڌ ٻنھي هنڌن ڇپجڻ جي ڪري سندس فن سنڌ ۾ پڻ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو هند ۾. وطن جي سڪ ۽ هتان جي ماحول جا نقشا هن پنھنجي قلم ذريعي پيش ڪيا آهن. سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم سان پنھنجي محبت جو اظھار ڪھاڻين، ناولن، يادگيرين ۽ خطن ۾ ڪيو اٿس. سندس انھيءَ پيار جي گهراين تي خادم حسين چانڊيو لکي ٿو تہ،
”سنڌ ياترا مھل هوءَ بي انتھا پرسڪون آهي. کيس ايئن لڳي ٿو تہ ڄڻ جيجل ماءُ کيس ڇاتيءَ سان لاتو آهي ۽ ڄڻ کيس سڪون جي ننڊ نصيب ٿي آهي، بلڪہ سندس لفظن ۾ تہ، ”منھنجي واقفيت اها ئي آهي تہ مان سنڌي آهيان. سنڌي ٻولي هن سنڌ جي ڌرتيءَ جي ٿڃ آهي، جيڪا توهان ۽ مون گڏ پيتي آهي ۽ اهو ئي توهان جو ۽ منھنجو سڱ آهي، جيڪو ڪڏهن بہ نہ ٽٽندو“. (3)
”شيشي جي دل“ ناول ۾ هن سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي ماحول جو عڪس چٽيو آهي. ”پکن جي پريت“ مڪمل طور سنڌ جي سڪ جو داستان آهي. هن ناول ۾ گڻونتي ورهاڱي بعد سنڌ جون يادون کڻي هندوستان وڃي ٿي، جتي هر وقت ”خانواهڻ“ (سندس اباڻي شھر) کي ياد ڪندي لڙڪ لاڙيندي رهي ٿي ۽ ٽينا کي پڻ بمبئي مان سنڌ ڏسڻ اچي ٿي تہ کيس ڏاڍي راحت اچي ٿي. ڪلا جو ڪتاب ”هينئڙي منجهہ هُرن“ سنڌ جي سفر کان پوءِ جي يادگيرين ۽ تاثراتن تي ٻڌل آهي، جنھن ۾ هتي ملاقات ٿيل شخصيتن جي ذڪر سان گڏ مليل مانَ ۽ محبتون فخر ۽ خوشيءَ سان بيان ڪيل آهن.
ڪلا پرڪاش ذاتي طور نرم ۽ نازڪ دل رکندڙ ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ عورت هئي. پيارن ۽ ڪومل جذبن جي هن قلمڪار وٽ ممتا جو جذبو بلنديءَ تي آهي. نثر توڙي شاعريءَ ۾ هوءَ نفسيات جي نازڪ تر حقيقت تائين پھچڻ جي صلاحيت رکي ٿي. درياھہ جي نرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي وهڪري جيان سبڪ روانيءَ سان پنھنجي شخصيت جي آگهي ڏيندي هلي ٿي. وٽس پيار جي جذبي جي حيثيت سڀني جذبن کان مٿي آهي. هوءَ نفرت جھڙي ڪريل احساس کي بہ پياري انداز سان پيش ڪري ٿي. سندس نظر انسان دوستي ۽ انساني محبت جي اصولن تي آهي. ناول ”پيار“ ۾ اهو اظھار هن ريت ڪيو اٿس،
”پيار هوندو آهي دل جي ڌڙڪڻ ۾،
ساھہ ۾ سبيل هوندو آهي پيار
اکين مان ڇلڪندو آهي پيار
وهنوار ۾ بکندو آهي پيار
پيار آهي چانڊوڪيءَ جي ٿڌاڻ ۾،
پکي پکڻ آلاپين ٿا پيار جو راڳ،
سکي، پيار ٻاهر نہ ڳول،
پيار ٿيندو آهي اندر ۾“.(4)
ڪردارنگاريءَ جي لحاظ کان ڪلا پنھنجي فن ۾ مھارت رکندڙ هئي. هوءَ پنھنجي ڪردارن جي اندر ۾ اڀريل جذبن ۽ احساسن جي طوفان کي طريقي سان مختلف واقعن ۽ روزمرہ جي سوچن ۽ عملن ذريعي اظھاريو ۽ انھن ڪردارن جي خارجي روين ۾ هن انھن جي داخلي ڪيفيت کي پيش ڪيو، جنھن ۾ هن وچئين طبقي جي هر عورت جي نمائندگي ڪئي. ڪلا پرڪاش جو تخليقي رويو سنجيدہ انداز جو آهي. سندس بيان جو اسلوب شانائتو، سلجهيل ۽ سمجهہ ۾ ايندڙ ۽ اثرائتو آهي. هن ٽٽل ۽ وکريل ڪردارن کي بي وسيءَ، بي همتيءَ ۽ مظلوميت جي بجاءِ جرائت ۽ اعتماد ڏيئي حياتيءَ جي تلخ حقيقتن کي منھن ڏيڻ سيکاري کين زندگيءَ ڏي راغب ڪيو آهي.
ڪلا کي پنھنجي لکڻين لاءِ ڪردار جي چونڊ ۾ ڪو مسئلو نہ رهيو، جو هوءَ خود وڏو عرصو هڪ نوڪري ڪندڙ عورت رهي. گهڻن ماڻھن سان ميل ميلاپ، روزانہ رستن ۾ اچڻ وڃڻ سان سندس مشاهدو مضبوط ٿيو. هوءَ آسپاس کان پوريءَ ريت باخبر رهي. گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر واپسيءَ تائين جي ڪيترن ئي ڪلاڪن ۾ هُن گهڻن ماڻھن جا رويا نظر هيٺ آندا. سندس لکڻين ۾ عورت جي نوڪريءَ جو ذڪر پڻ گهڻو ملي ٿو، جنھن ۾ هُن سڌي نموني عورت جي گهر هستي سنڀالڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جي ٻٽين جوابدارين کي مڃتا ڏني آهي. سندس موجب تہ عورت ۽ مرد ٻئي نوڪري ڪن ٿا، پر عورت جو رتبو سماج ۾ وري بہ هيٺانھين تي آهي. هوءَ پنھنجو رت ست ولوڙي بہ وڌيڪ لوڙهي ٿي. هوءَ گهر ۽ ٻار سنڀالڻ ۽ نوڪريءَ ڪرڻ ۾ جيترين تڪليفن مان گذري ٿي، انھيءَ کي سماج ۾ رهندڙ ٻيا فرد تہ ڇا، پر خود سندس گهر ڀاتي ۽ لاڳاپيل فرد پڻ ايترو محسوس نٿا ڪن، جيترو ڪرڻ گهرجي. سندس ناول ”وقت وٿيون وچوٽيون“ هن ڏِسَ ۾ اعليٰ مثال آهي. ڪلا پرڪاش نوڪري ڪندڙ عورت کي جوابدارين ۽ فرضن جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ محسوس ڪري ٿي ۽ انھيءَ عورت جا احساس، خواهشون، جذبا ۽ عملي رويا ڪلا جي اکين آڏو ڦرن ٿا. سندس قلم پڙهيل ڳڙهيل ۽ قرباني ڏيندڙ عورت جي جذبن جو ترجمان ٿي وڃي ٿو. مجموعي طور پنھنجي فن ۾ هوءَ عورت جي ڪردار جي مختلف روپن کي اهميت ڏيندڙ آهي.
”ڪلا پرڪاش مردن جي هن سماج ۾ عورتن جي مظلوميت ۽ انھن جي احساسن ۽ جذبن جي ٽٽڻ جو آواز ٻڌايو آهي. هن وٽ خاندان جي ٽٽڻ ۾ سڀ کان متاثر ڪردار عورت جو ئي آهي ۽ هوءَ عورت جي ڪردار جي ڪيترن ڏکن تان پردو کڻي ٿي ۽ انھيءَ لاءِ هُن کي گهڻو پري نٿو وڃڻو پوي، جو هن ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪردار ۽ موضوع پنھنجي آسپاس جي روزمرہ جي زندگيءَ مان چونڊيا آهن. هن جا ناول ”سپنو سکن جو“ ۽ ”پيار“ گهريلو شادي شدہ حياتيءَ جي وهنوار ۾ عورت ۽ مرد جي ڏينھن رات جي سچاين ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ اڻ چيل ڪمپرومائيز جون ڪھاڻيون آهن تہ سندس ناول ”هڪ دل هزار ارمان“ حقيقت نگاري ۽ زندگيءَ جي رومانوي تصورن جو دلڪش امتزاج آهي“.(5)
ڪلا جو پھريون ناول هڪ دل هزار ارمان 1957ع ۾ ڇپيو. هيءُ رومانوي ناول گهرو ۽ سماجي مسئلن کي بيان ڪري ٿو. گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا ڪلا جي ناولن ۾ گهڻي ڀاڱي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
شيشي جي دل ناول سنڌي سماج جي ڏيتي ليتيءَ جي بڇڙي رسم جي نشاندہيءَ سان گڏ موضوع طور همدردي ۽ پيار جي جذبي تي مشتمل آهي. ورهاڱي جي يادگيرين جي اوٽ ۾ سنڌ ۽ ڀارت ۾ رهيل هندو سنڌين جي زندگين جو عڪس چٽيل آهي. ٻن شادي شدہ ڀائرن جي گڏيل ڪٽنب جي هن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪا ڏير ۽ ڀاڄائيءَ جي محبت ڏيکاري آهي. ڀاءُ وٽان نظرانداز ٿيل ڀاڄائيءَ ڪاڻ ڏير پنھنجي ٻچن ۽ زال کي ڇڏي وڃي، ڀاڄائيءَ سان سول مئريج ڪري ٿو. هيءُ هڪ مختلف موضوع آهي، جو هندو سنڌي سماج جي حوالي سان انوکو پيو لڳي، پر اها بہ حقيقت آهي تہ اسان جي آس پاس جي دنيا ۾ اهڙا اعتبار ۾ نہ ايندڙ واقعا ٿين پيا. يقينًا ليکڪا جي مشاهدي ۾ اهڙو ڪو مثال آيو هوندو، جنھن کي موضوع بنائي ڪلا هيءُ ناول لکيو آهي. هن ناول جي پلاٽ ۾ ڪا خاص مضبوطي ڪانھي. ناول جي هيرو جو رويو بہ ڪٿي ڪٿي متاثر ڪندڙ نٿو لڳي، باقي ٻولي، سا تمام وڻندڙ ۽ اثرائتي آهي. پوپٽي هيراننداڻي هن ناول جي باري ۾ لکيو آهي تہ،
“In her Novel, Sishe Ji-Dil (Heart made of Glass) every Character narrates his or her own Story. Though written as a novel of Social realism the hero of this novel with his strange behaviour towards his wife and sister-in law, is not convincing. Kala’s language is simple and idiomatic and there is a Poetic Flow in her words.” (6)
”شيشي جي دل“ ناول ۾ ڪلا پرڪاش نہ فقط عبارت آرائيءَ جا ڪمال پيش ڪيا آهن، پر هُن ماحول ۽ منظر نگاريءَ کي گهريلو ماحول جي مناسبت سان وڻندڙ نموني آندو آهي. هيءُ ناول 1960ع ۾ هند ۾ ۽ 1970ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو. سپنو سکن جو ناول 1974ع ۾ ڇپيو، جو سادي ۽ سولي عبارت آرائي ۽ ٻوليءَ جي ٻين خوبين جي حوالي کان اهميت رکندڙ آهي. موضوع طور هيءُ ناول هيٺين وچولي طبقي جي مالي حالتن، پئسي جي تنگيءَ جي مسئلن ۽ روزمرہ جي ننڍن ننڍن جهيڙن جهٽن، ڏکن پريشانين ۽ اڻ پورين خواهشن جو ترجمان آهي.
حياتي هوتن ريءَ ناول 1972ع ۾ هند ۽ 1979ع ۾ سنڌ ۾ شايع ٿيو. هيءُ ناول پڻ وچولي شھري طبقي جي گڏيل ڪٽنبن جي مسئلن ۽ مالي مشڪلاتن جي باري ۾ آهي. گهرو ماحول جي ننڍين ننڍين پريشانين ۽ ڇڪتاڻ کي موضوع بنايو ويو آهي. ڪلا پرڪاش هڪ حساس فنڪار جيان هر ڪردار جي ظاهر ۽ باطن جي خوبين ۽ خامين تان پردو کڻي ٿي. سندس فن جي اونھي جائزي کان پوءِ اهو اندازو ٿئي ٿو تہ هن فنڪارا وٽ موضوعن جي گهڻائي موجود نہ آهي، پر ڪردارن جي شخصيتن جا تھہ در تھہ انيڪ روپ سندس قلم مان نروار ٿين ٿا. اسلوب بيان جي دلپذيريءَ جي ڪري پڙهندڙ سندس تحرير جي تاثر ۾ موهجي وڃي ٿو. ڪلا پرڪاش موضوع مطابق مواد ترتيب ڏئي ٿي، پر لکڻ جي مرحلي ۾ سندس دلي ڪيفيتن جي ترجماني مختلف حالتن ۽ ڪيفيتن پٽاندر ڪردارنگاريءَ وسيلي ٿئي ٿي. هوءَ ماڻھوءَ جي عمل، رد عمل کي سندس ڳالھائڻ ٻولھائڻ، هلت چلت، وسوسن، وهمن، خوفن، انومانن، سوچن، مطلب تہ نفسياتي مطالعي ذريعي حقيقت نگاريءَ سان پيش ڪري ٿي، جنھن ۾ وٽس عورت جي مختلف روپن جي اهميت اتم آهي. هن عورت جي ڪردار کي مضبوط ڏيکاريو آهي، انھيءَ ڪري باجود ڏکين حالتن جي هوءَ کيس باهمٿ ۽ گهر هستيءَ کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ اهم ڪردار طور پيش ڪيو آهي.
حياتي هوتن ريءَ جي ’شانتي‘، ’رينو‘ ۽ ’ڪملا‘ پنھنجي پنھنجي جڳھہ تي پڙهيل/ اڻ پڙهيل هوندي بہ وڏيءَ سوچ ۽ دل گردي واريون عورتون آهن، جيڪي ڪيترن شخصيتن کي ڀُرڻ ۽ ڀڄڻ کان بچائين ٿيون. شانتيءَ جي قربانيءَ تي لکي ٿي تہ،
”شانتيءَ جون اکيون موت ٻوٽيون هجن ها، تڏهن بہ منشاراماڻيءَ کي ڏسڻ لاءِ کلي پون ها. پر اڃان تہ ساھہ ذري آهي. هوءَ اکيون کولي ٿي. هن جي پيار کان الڳ ڪيترا سال هوءَ گذاري چڪي آهي. پنھنجو گهر گرهستي سنڀاليو اٿائين. سڄي ساهري ڪٽنب سان اهڙا سٺا پير ڀريا اٿائين، جو سڀ سندس عزت ڪندا آهن. حياتي فرضن جي راھہ تي هلي آهي. منشاراماڻيءَ کان دور رهي...؟“(7)
پوپٽي هيراننداڻيءَ سندري ۽ ڪلا جي فن ۾ عورتاڻي ڪردار جي ڀيٽ ڪندي لکيو آهي تہ،
Kala Parkash’s women-characters are not literate like Sundri’s women. They are aware of their rights, but they just keep the situation under control by dint of their tender feelings, understandings and attachment to the members of the family.”
اڳيان لکيو اٿس تہ،
“Though both of them Professed Progressivism in Literature, they have not written even a single story where the wives of the Politicians are arrogant insoleat or over confident. They have not Portrayed women who walk delicately with small steps and flash broad false smiles at their guests Curiously enough their women charaters are humble, obedient innocent and affectionate.” (8)
منھنجي نظر ۾ پوپٽي هيراننداڻيءَ جو مٿيون رايو مڪمل طور قبول نٿو ڪري سگهجي. اهو بلڪل صحيح آهي تہ سندري ۽ ڪلا وٽ عورت جو ڪردار فرمانبردار ڌيءَ، ماءُ، زال، ننھن ۽ سس جو آهي، پر اهڙا ڪردار گهڻي ڀاڱي سندن شروع دور جي لکڻين ۾ وڌيڪ آهن. وقت گذرڻ کان پوءِ هنن ليکڪائن عورت کي تعليم يافتہ، مضبوط ۽ پاڻ وهيڻي (Self confident) عورت جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي، جنھن جو هڪ اعليٰ مثال ڪلا جي ڪھاڻي ”منگل سوتر“ جي تعليم يافتہ ڪردار سيتا آهي، جا جهونين رسمن ۽ رواجن ۾ قيد ٿيڻ جي بجاءِ وڪيل معرفت پرديپ کي طلاق جا پيپرز موڪلي ٿي ۽ هوءَ پنھنجي حياتي ڦيرن ۽ منگل سوتر جي چوگرد ختم نٿي ڪري بلڪہ سندس گهر وڃي منگل سوتر لاهڻ لاءِ هٺ ڪندي زمين تي ڪريل منگل سوتر کي اورانگهي ٻاهر نڪري، نئين آزاد حياتيءَ جي آجيان ڪندي آهي. وٽس شاديءَ جو تصور ريتن، رسمن، رواجن مان ۽ مريادا نہ پر دلين جو جڙڻ ۽ ذهني هم آهنگي آهي. دليون ٽٽي وڃڻ کان پوءِ منگل سوتر، ڦيرا، نٿ ۽ نڪاح اڄ جي تعليم يافتہ سنڌي عورت وٽ ڪا بہ خاص حيثيت نٿا رکن. کيس پنھنجي شخصي عزت ۽ اهميت جو احساس آهي.
حياتي هوتن ريءَ کان پوءِ ڪلا هڪ ٻيو اهم ناول ”سپنن جو سنسار“ 1981ع ۾ سنڌي ادب کي ڏنو. هيءُ ناول پڻ گڏيل ڪٽنبن جي مسئلن متعلق آهي. خاص طور سنڌ مان لڏي ويل ڪٽنبن کي هندوستان ۾ وڃڻ بعد جيڪي مسئلا درپيش آيا آهن، انھن ۾ هڪ وڏو مسئلو مالي مشڪلاتن جو آهي. هند وڃي انھن جيڪي جيئندان لاءِ جتن ڪيا، انھن کي تقريباً سڀني اديبن ڏاڍي دلي جذبي سان لکيو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي هو انھن حالتن جا عيني شاهد پڻ آهن. ڪلا پرڪاش پنھنجي ڪردار رامچند جي واتان اهي حالتون هن ريت بيان ڪيون آهن:
”اڄ بہ عجب لڳندو اٿم تہ ڪيئن سَٺي هئم ايڏي بي عزتي ۽ پوءِ قبول ڪئي هئم سندس اسي روپين واري نوڪري.
امير تہ مان ڪين آهيان، پر سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ ٺريءَ ۾ عزت سان رهيا پيا هئاسين. ڳوٺ ۾ گهڻيئي ڪٽنب اسان کان چڙهيل هئا، تڏهن بہ سڀ کلي کيڪار ڪندا هئا. باقي جو بابو پنچائت جو مکي هو، پنھنجون گايون، مينھون، ٻنيون ٻارا ۽ نون ڪمرن جي شاهي جاءِ هئي، جنھن جي شاهي اڱڻ ۾ جيڪر شادي بہ ٿي وڃي. پئسو گهڻو ڪو نہ هو تہ بہ ڇاتي ڦنڊيل ۽ اوچو ڳاٽ هو. پر هاڻ سنڌ ڇڏڻ کانپوءِ جيئن ٻيو سڀ ڪجهہ ويو، تيئن اهو ناز بہ ويو.
اڳيان لکي ٿي تہ،
”پاڪستان ٺھڻ بعد جيڪي يارهن سال بمبئيءَ ۾ هوس، غريبيءَ اهڙا ڇلر لاٿا، جيئن پينسل جا، سانچي ۾ گهڙجڻ وقت لھندا آهن. پينسل پوءِ بہ لکڻ جي ڪم ايندي آهي. مان بہ جيڪر پنھنجي من جي گهڙيل پينسل سان حياتيءَ بابت هيئن لکان: ”حياتي هڪ اهڙو پيالو هئي جو نڪي پي سگهياسين نہ هاري سگهياسين“. ٻيو ڀلا ڇا لکان؟ سکن ڀريو سنسار اڏڻ لاءِ ڇا نہ ڪيوسين پر سڀ اڌورو...“
سنڌ جي ڳوٺ ٺريءَ مان لڏي آيل رامچند ۽ سندس زال چندري پٽن شيام، موهن ۽ نھرن نرملا، مينوءَ سان گڏ ڌيءَ ڪملا جي هن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪا موضوع طور معاشي بدحاليءَ ۾ گهيريل ڪٽنب جي ننڍن ننڍن مسئلن کي بيان ڪيو آهي. جتي کائڻ پيئڻ، ورتائڻ ۽ پڙهڻ سان گڏ ٻين بہ ڪيترن موقعن تي پئسي جي گهرج سبب گهر ڀاتين ۾ غلط فھميون ٿين ٿيون. ننڍيون ننڍيون خواهشون، ارمان ۽ وڏا وڏا آدرش سڀ انھيءَ ڇڪ ڇڪان ۾ لڙهن ٿا. لکي ٿي تہ،
”بس منھنجي اکين مان ڳوڙها وَهي هليا، ڇھن مھينن ۾ پھريون ئي ڀيرو سس کان ڪجهہ گهريو هوم، تنھن جي موٽ ۾ ڪيڏي نہ رکائي پلئہ پيئي؟ کير نہ مون کنيو ۽ نہ اميءَ ئي ڏيڻ جي تڪليف ڪئي. ان ڏينھن مَن ڀرجي آيو. ماءُ وٽ تہ کير پيئڻ لاءِ سئو نخرا ڪبا هئا“...
”بابا موهن جو خط پڙهيو يڪدم ناراض ٿي گهر جي خرچ جا پئسا کڻي ڦٽا ڪيائين. چيائين تہ ” کڻ، رک وڃي اهي بہ جوءِ وٽ“.
مون مُنجهندي پڇيو، ”ڇو، ڇا ٿيو بابا؟“
چيائين، ”ڇا ٿيندو؟؟ هزار رپيا هر مھيني موهن تو کي موڪليندو، ڪنوار جو بہ پگهار اڳئين مھيني ۾ نہ ڏنئہ، باقي پنھنجا ڇھہ سئو ڏيئي منھنجي منھن ۾ ڪھڙي ڌوڙ ٿو وجهين؟ هُو کليو کلايو منھنجو ڪارو منھن ڪري ويو ۽ تون ڳجهيءَ طرح ڪري رهيو آهين. ڪھڙي پيو منھنجي عزت ڪرين؟“
الائي ڪيئن همت ڪري چيم، ”بابا توهان کان هڪ ڳالھہ وسري ويئي آهي تہ ڪالھہ جيڪو توهان جو پٽ هو، اهو اڄ پيءُ بہ بڻجي چڪو آهي. اڌ مٿو اڇو ٿي ويو اٿم. اهو ڇا ضروري ڪونھي تہ توهين بہ منھنجي ان اڌ اَڇي مٿي جي ٿوري عزت ڪريو؟“
بابا منھنجي اڇن وارن ڏانھن ايئن نھاريو، ڄڻ اهي اڳي ڪڏهن ڪين ڏٺا هئائين.“(9)
مٿين حوالن مان پڙهندڙ چڱيءَ پر پروڙي سگهن ٿا تہ ڪلا جذبات نگاريءَ جي ماهر آهي، پر هتي هڪ ٻيو بہ توجھہ طلب نڪتو ڄاڻائينديس تہ سندس سڄي فن جي اڀياس مان آئون ان نتيجي تي پھتي آهيان تہ هوءَ جذبات جي وهڪري ۾ اچي ڪٿي ڪٿي پنھنجي پيارن ڪردارن سان ناانصافي پڻ ڪري وڃي ٿي. مٿين ناول ۾ سندس موقف غربت سبب حالتن جي جنڊ ۾ پسجندڙ ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جون اڻپوريون خواهشون ۽ ارمان آهن، جن جو ڪو بہ پورائو نٿو ٿئي. پر جڏهن هوءَ کين اُتساهي علم جي حاصلات ڏي راغب ڪري ٿي ۽ رامچند جا ٻہ پٽ اعليٰ تعليم ٻاهران حاصل ڪن ٿا. نھرون بہ ڪمائين ٿيون. پوءِ بہ هن شيام ۽ موهن کي پاڻ ڀرو ۽ مضبوط نہ ڏيکاريو آهي. رامچند اتي ئي آهي، جتي اڳ هو، يعني جڏهن سندس ٻار ننڍا هئا ۽ هُو ٽڪي ٽڪي لاءِ محتاج هو، پر اڄ جڏهن سندس اولاد اعليٰ تعليم يافتہ ۽ ڪمائو آهي، تہ بہ وٽن ”هڙ ۾ هريڙون ۽ گوڏ ۾ پتاشا“ وارو معاملو آهي. سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ناول جي اهڙي پڇاڙيءَ سان ڪلا پرڪاش جو مقصد ڇا آهي؟ سندس پيغام جي مقصديت هن ناول ۾ مثبت نموني جي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڇا هوءَ پنھنجي ڪردارن کي فقط روئڻ، پيڙجڻ ۽ ڪمزورين کي منھن ڏيڻ ۽ مستقل پسجندڙ ڏيکارڻ چاهي ٿي؟ وٽس محنت جي حاصلات جو ڪو بہ ڦل نہ آهي؟ سندس نظريي ۾ وسعت ڪٿي سمايل آهي؟ اهو غور طلب آهي تہ موهن جھڙي ذهين ۽ محنتي ڪردار کي ستن سالن جي وديش جي پڙهائي ۽ نئين ڪنوار کان ستن سالن جي وڇوڙي بعد بہ هُن هندوستان واپسيءَ تي غربت ۽ پئسي جي ڇڪتاڻ ۾ گهيريل ڏيکاريو آهي. کيس هيتري علمي حاصلات ۽ محنت کان پوءِ هٿ جي تنگي ڏيئي ڄڻ ڪلا پرڪاش زوريءَ غربت جي لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ گڏيل ڪٽنب جي انھيءَ مالي مشڪلات جي نقشي چٽڻ ۾ هن پڙهيل ڳڙهيل محنت سان نوڪري ڪندڙن کي نراسائي ۽ نااميدي ڏني آهي، جيڪو رويو سماج لاءِ هاڃيڪار آهي. ليکڪا کي هن ناول جي انجام تي ڌيان ڌرڻ کپندو هو. باقي هن ناول مان اهو ضرور ظاهر ٿئي ٿو تہ ليکڪا بنيادي طور فرض شناسيءَ ۽ ذمه داريءَ کي پسند ڪندڙ آهي.
وقت وٿيون وڇوٽيون ناول پڻ عورتن جي ڊگهين جوابدارين ۽ فرضن جو بيان آهي. هن ناول جي ٻڌائيندڙ سريتا/ مسز سريتا ڪشن گيھاڻي آهي، جا آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ۽ گهر ۾ پنھنجي مڙس، ٻار، سس ۽ سھري جي خدمت ڪندڙ آهي. بمبئي جھڙي رش واري شھر ۾ ٽريفڪ جي ٿڪائيندڙ معمول ۽ آفيس روٽين کي منھن ڏيندي سندس اعصاب بريءَ طرح ٿڪجي وڃن ٿا. هوءَ موڪل وٺڻ لاءِ واجهائيندي. جڏهن بہ آَرام لاءِ سوچي ٿي، تڏهن، جوابدارين جو بوجهہ کيس اهو سڪون مھيا ڪرڻ نٿو ڏئي. شاعراڻو مزاج رکندڙ سريتا حساس ۽ ذمه دار آهي. ڪم ڪار جي اون کيس آرام ڪرڻ بہ نٿي ڏئي. سڪون جي هڪ پل لاءِ سڪندي، هن پنھنجي وارتا قارئين کي پنھنجي زباني ٻڌائي آهي، جنھن مان ڪنھن مھل ايئن بکي رهيو آهي، ڄڻ ڪلا پرڪاش پنھنجي آفيس جي نوڪريءَ جو دور دہرايو آهي. هوءَ سريتا جي ڪردار ۾ پنھنجو پاڻ کي پيش ڪري رهي آهي. سريتا جي گهرو ذمه دارين اڪيلي سر نڀائڻ ۽ نوڪريءَ جي جوابدارين هوندي بہ گهر جي هر ڀاتيءَ جي آرام ۽ ضرورت جو خيال رکڻ ۾ سندس ذهني ۽ جسماني محنت ۽ ڪشمڪش واکاڻ جوڳي آهي. سريتا جي واتان ليکڪا چورائي ٿي تہ،
”اڄ اڪارڻ موڪل ورتي اٿم، ڪم آهن بہ پر مون ڄاڻي ٻجهي وساري ڇڏيا آهن. هونئن بہ ڪنھن نہ ڪنھن جي بي چاقائيءَ سبب موڪل وٺڻي پوندي آهي. اڳئين هفتي امي ناچاق هئي. تنھن کان اڳئين هفتي پپوءَ کي پيٽ جي تڪليف هئي. اڃان بہ ان کان اڳ ۾ هڪ ڏينھن نران جي پٽ جو منڻ هو. ان لاءِ موڪل ورتي هئم. درحقيقت اڄ بہ ڪارڻ ساڻ ورتي هئم، منھنجو سھرو (جنھن کي اسين بابا ڪري سڏيندا آهيون) ٺيڪ ڪونھي...
امي چوندي آهي تہ نھرن جي نوڪري ڇا ٿي ڄڻ اسان سَسَن لاءِ قيد آهي. جنسي قيد، اميءَ کي ڪھڙي خبر تہ اسان جي نوڪري اسان لاءِ بہ قيد آهي!“ (10)
ڀڄ ڀڄان واري حياتيءَ ۾ سڪون جي هڪ پل لاءِ واجهائيندڙ سريتا سک سان ريڊيو ٻڌڻ، مطالعو ڪرڻ ۽ مينھن جي ڦڙي ڦڙي مان راحت وٺڻ ۽ فطرت جي نظارن مان واس وٺڻ چاهي ٿي. آرام سان چانھن مان لطف اندوز ٿيڻ چاهي ٿي، پر گهڙي گهڙي دروازي جي گهنٽي (ڊور بيل)، ٽيليفون جي گهنٽي، ڪم واري مائي، باسڻن وارو، کير وارو، صابڻ وڪڻڻ وارو، اخبار وارو، پاڙيسري، اوچتا ملاقاتي ۽ ٻيا ڪيترا مسئلا کيس آرام سان ويھڻ نٿا ڏين. پنھنجي پاڻ کي پرسڪون ڪرڻ لاءِ هوءَ ڊگهي موڪل وٺڻ جو پروگرام رٿي ٿي. پر ٿئي ايئن ٿو تہ اها موڪل پڻ کيس پنھنجي پياري اڪيلي پٽ ڪشن جي بيماريءَ ۾ وٺڻي پوي ٿي. تڏهن سندس دل مان اهو آواز ٿو نڪري تہ روزمرہ جو ٿڪائيندڙ روٽين وري بہ غنيمت آهي، شل ڪو گهر ڀاتي بيمار نہ ٿئي ۽ هوءَ موڪل لاءِ سوچي. هيءُ ناول هڪ بلڪل نئين موضوع تي لکيل آهي، جنھن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ قلم ناهي کنيو. سنڌي سماج ۾ اڄ انيڪ عورتون، تعليم يافتہ ۽ نوڪري ڪندڙ آهن ۽ اهي ٻٽيون جوابداريون نڀائي رهيون آهن. سندن بوجهہ کي ورهائڻ ۾ گهر ڀاتي ڪا خاص مدد نٿا ڪن. سنڌي مرد جو رويو اڄ بہ گهڻي ڀاڱي حاڪماڻو آهي. جي ڪٿي دوستاڻو رويو آهي بہ تہ بہ گهريلو جوابدارين ۾ هوءَ اڪيلي ذمه دار آهي. هن ناول ۾ پڙهيل ڳڙهيل وفادار ۽ ذمه دار سنڌي عورت جي محنت، قرباني ۽ خلوص کي ڪلا پرڪاش دل سان ڀيٽا ڏني آهي.
ڪلا انھيءَ کان سواءِ ٻيا ناول پڻ لکيا آهن. ”پيار“ 1997ع ۾ پرشانت، شالو، سريتا ۽ سندر، آرتي، رام ۽ ارميلا جي پيار جي ڪھاڻي آهي. ”آرسيءَ آڏو“ سندس ناول 1992ع ۾ ڇپيو ۽ 1994ع ۾ کيس سنڌي ساهت اڪيڊمي هن ناول تي ڏهن هزارن جو انعام ڏنو. هيءُ ناول بہ پڙهيل ڳڙهيل مرد ۽ عورت ڊاڪٽر انوپ اگر وال ۽ ڊاڪٽر سيتا جي پيشي جي جوابدارين ۽ فرضن ادائين جو بيان آهي. چند غلط فھمين سبب هو هڪٻئي کان پري ٿي ٿا وڃن، پر پنھنجي پٽ جي سڪ باعث ٻيھر هڪ ٿا ٿين. هن ناول ۾ موجودہ دور جي اهم مسئلي يعني وقت جي ڪميءَ سبب ٿيندڙ ٻين مسئلن کي بيان ڪيو ويو آهي تہ ناول جي ٻولي پڻ اثرائتي آهي.
ڪلا پرڪاش جي لکڻين جون ٻيون خوبيون ۽ خاميون: ڪلا جي فن ۾ ٻوليءَ جو استعمال تمام احسن طريقي سان ٿيل آهي. اوپرا ۽ اڻ سھائيندڙ لفظ ڪتب نٿي آڻي، سھڻي سنڌي نثر ۾ تشبيھن، اصطلاحن، پھاڪن ۽ چوڻين سان گڏ فطري انداز ۾ هوءَ جاندار نموني سان لکندڙ آهي. ڪيترائي نج لفظ، چوڻيون ۽ مثال سندس لکڻين ۾ استعمال ٿين ٿا، جيئن ’روسامو‘، ’کورو‘، ’ڏمريو‘، ’آکُٽ‘، ’جهيڻ‘، ’اک اپٽڻ‘، ’هينئڙا گهر تہ گهرنيئي‘، ’ڏکن ڏڌل‘، ’جوءِ جو مَڄو‘ ۽ ٻيا آهن
موضوعن ۾ وٽس اصلاحي، اخلاقي، سماجي نصيحتي ۽ گهڻي ڀاڱي گهريلو موضوع آهن، جن ۾ پيار، محبت، فرض ادائيون، همدرديون، سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت، ريتون، رسمون ۽ خاص طور گهرو حياتيءَ جا عورتن کي درپيش مسئلا آهن، جيڪي سماج جي وچولي طبقي سان تعلق رکن ٿا، ممتا جي جذبي کي مان ڏيندڙ هِن ليکڪا جي تحريرن ۾ ماءُ پيءُ جي عزت ۽ قدر، مان ۽ مريادا جو احساس پڻ شامل آهي. ٻارن کي هوءَ آئيندي جو ابو سڏي ٿي ۽ کين ڪو بہ اهنج پھچائڻ کان سڀن کي پلي ٿي. ماهتاب محبوب چواڻيءَ تہ،
”ڪلا وٽ لکڻ جو بنيادي جذبو ممتا پڻ آهي، اها ممتا آهي جا سڄيءَ ڌرتيءَ تي پکڙجي سڀني کي دائري ۾ جهلي ٿي بيھي. ڪنھن کي بہ ڪو رنج ٿو رسي تہ ممتا ڏکوئجي ٿي.“
معصوم ٻار، سندن ننڍڙيون شرارتون، اميدون، سھڻا سپنا، بظاهر ننڍيون پر چڀندڙ وڏيون ڳالھيون هن پنھنجي لکڻين وسيلي پيش ڪيون آهن. هوءَ ٻار کي گهر جي ايڪائيءَ ۾ هڪ تمام اهم فرد مڃي ٿي. گلن جھڙن ڪومل ٻارن جي خيالن، خوابن، سوچن ۽ خواهشن کي اوليت ڏيندي، هن ”ممتا جون لھرون“ جھڙو انعام يافتہ نثري نظم جو مڪمل ڪتاب لکيو، جنھن ۾ ٻارن جي موضوع جي حوالي سان تمام سھڻا نثري نظم آهن. سندس نثري نظم ”جڏهن تون آهين ۽ جڏهن تون نہ آهين“ بظاهر تہ هڪ عام موضوع آهي، پر اثر انگيزيءَ ۾ لاجواب. هن نظم جو موضوع مائرن طرفان گهر جي صفائي ۽ سار سنڀال ۾ ٻارن کي نظرانداز ڪرڻ آهي. عام طور مائرون ٻارن کي گهر ۾ کيڏڻ نہ ڏينديون آهن تہ ”گهر خراب ٿو ٿئي“ ۽ ڪلا معصوم ٻار جو اهو حق ڇنجڻ جو تاثر هن نظم ۾ ڏنو آهي. ماءُ جي طرفان دڙڪا مليل ٻار وڏو وقت گهر جي سيڙهين تي اڪيلو ويٺو روئي تہ گهر ۾ کيڏڻ سان گهر خراب ٿيندو، پر خود ٻار کان سواءِ گهر ڪيترو خراب ٿو لڳي؟ اهو احساس ڪلا وٽ سڀ ڳالھہ کان مٿي آهي. لکي ٿي تہ،
”مھل ٿي ويئي،
تنھنجو ڀڻڪو بہ ڪنين ڪين پيم،
من پئي منجهيو،
ويو ڪيڏانھن؟
ٻاهر اچي ڏسان،
تہ ڏاڪڻ تي ويٺو آهين،
روئڻ هارڪو، ڪاوڙيل،
چيم، ڇو گل!
هتي ڇو ويھي رهيو آهين؟
سڏڪو ڀري چيئہ:
تون چوين ٿي تہ، گهر خراب ٿو لڳي،
مان گهر ٿو خراب ڪريان تہ وڃ،
گهر نٿو هلان،
تو کي کڻي هنج ۾ ڪيم،
مٺي ڏيئي چيو مانءِ،
”نہ بابلا! اهو ڪوڙ چيم:
گهر تہ پاڻ تو بنا خراب ٿو لڳي!“ (11)
ڪلا جي نظر ۾ ”سڀ ٻار ڀڳوان جو روپ ۽ گنگا جل جيان پوتر آهن ٻارن کي پنھنجو پرايو سمجهڻ پاپ آهي ٻار مڙيئي ٻار آهن“.
ناولن کان سواءِ هن ڪافي ڪھاڻيون پڻ لکيون آهن، جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت بہ وقت ڇپيون، ”مرڪ ۽ ممتا“ ۽ ”وڻن ۾ گل“ ڪھاڻين جا مجموعا ڇپيا اٿس. ڪلا ڪيترن ڪتابن تي تبصرا لکيا آهن تہ مقدما ۽ مھاڳ پڻ لکيا اٿس. ريٽا شھاڻيءَ جي ”آتم ڪھاڻيءَ“ جي مھاڳ ۾ لکيو اٿس تہ،
”تنھنجي لکڻ جي نوع دلچسپي قائم رکي آهي. سڀ کان وڌيڪ تنھنجي شخصيت جي جنھن پھلوءَ مون کي متاثر ڪيو آهي، تنھنجو حالتن مان پچي راس ٿيڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ تہ تو کي ڇا کپي، سيڪيورٽي، مالي حالت جي پختگي توکي مھل تي پنھنجي من سڃاڻڻ جي قوت حاصل ٿي، اها خاص ڳالھہ آهي ملھائتي“.(12)
ڪلا کي خط و ڪتابت سان پڻ سٺي دلچسپي هئي. هن ڪافي ادبي خط لکيا، جيڪي الڳ ڪتابي صورت ۾ تہ ڇپيل نہ آهن، پر ماهتاب محبوب جي خطن جي مجموعي ”ماکيءَ مٺا ماڻھو“ ۾ ئي سندس ڏھہ خط ڇپيل آهن، جن مان هڪ خط نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.
دبئي
1989-5-30
ماهتاب منھنجي پياري ڀيڻ!
جھڙي آهين تون سھڻي، تھڙو ئي سھڻو تنھنجو خط آهي. خط ۾ لکيل ڳالھيون بہ سھڻيون آهن. ها اهي ڳالھيون ڏکوئيندڙ آهن، جيڪي اُتي جي ماحول جو احوال ڏين ٿيون. ڌڻي رحم ڪري شال اسان جي سنڌ خطرن کان خالي ٿيئي. نارائڻ شيام جھان ڇڏي ويو. ان ڏينھن کان هڪ عجيب قسم جي ساهتڪ توڻي روحاني طرح Insecurity پيئي محسوس ٿيئي. مٿان وري جي اياز صاحب جي عليل صحت جو پڙهيوسين تہ جيءُ ماندو ٿي پيو...
محبوب تو معرفت جيڪو قرب ڏنو آهي، سو اسان دل جي دٻليءَ ۾ سانڍيو آهي. کيس اسان جا سڪ ڀريا سلام ۽ دعائون ڏج.
ڪلا موتي (13)
ڪلا پرڪاش جي فن جي جائزي کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو تہ هوءَ سنڌي نثر جي حساس ڪلاڪار هئي ڪردار نگاريءَ جي فن جي ماهر، انساني جذبن جي قلمڪار. ماڻھوءَ جي مَن جي اونھاين ۾ پيھي سندس اندر مان سچ، ڪوڙ، ڏک، ڪاوڙ، محبت، نفرت ۽ ٻين جذبن، سوچن ۽ عملن کي پيش ڪرڻ ۾ مڪمل ضابطو رکندڙ هئي. سندس پيش ڪيل موضوع محدود هوندي بہ مواد جي مماثلت سبب اثرائتا ۽ ٺھڪندڙ آهن. هوءَ عورت ذات جي مسئلن کي ترجيح ڏيندڙ رهي. سماج جي گهڻن مسئلن طرف سندس ڌيان گهٽ رهيو. انھيءَ ڪري وٽس فقط هندو سنڌي سماج جي وچولي طبقي جا گهرو مسئلا آهن. هڪ قابل قلمڪار طور وٽس پيشڪش جو ڏانءُ ۽ بيان جو حسن موجود آهي، جنھن جي ڪري هوءَ پنھنجي پڙهندرن جي دلين کي موهيو. مطلب تہ ڪلا پرڪاش سادي ۽ سلوڻي نثر ۾ اڌ صديءَ سنڌي نثر جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ هن خاص طور معياري ناولن لکڻ سان نثر جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
حوالا:
1. ڪلاپرڪاش: فيروز ميمڻ (مرتب)، ’آئيني جي اڳيان‘،نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1985ع، ص 45.
2. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘،سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2006ع، ص 42.
3. چانڊيو، خادم حسين، ’مارو جي ملير جا‘،گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد،2001ع، ص 549.
4. ڪلاپرڪاش، ’پيار‘،هندوستان پرنٽنگ پريس، 1997ع، ص 120.
5. ڪلاپرڪاش، ’پيار‘،ڀارت پرنٽنگ پريس، احمد آباد،1997ع، ص 36.
6. سيد، مظھر جميل، ’جديد سنڌي ادب‘،اڪادمي بازيافت، ڪراچي، 2007ع، ص 14-51.
7. Hirananani Popati، History of Sindhi Literature، (Post independence 1947 to 1978 (، 1984, P-100
8. ڪلا پرڪاش، ’حياتي هوتن ريءَ‘،سنڌ فورم بجاج گهٽي، شڪارپور، 1979ع، ص 56.
9. Reference, No.6, P89-88.
10. ڪلا پرڪاش، ’سپنن جو سنسار‘،مرتضيٰ پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻو، 1981ع، ص 121-123.
11. ڪلاپرڪاش، ’وقت وٿيون وڇوٽيون‘،وشرام سوسائٽي ڀارت پرنٽنگ پريس، 1988ع، ص 27.
12. ڪلاپرڪاش، ’ممتا جون لھرون‘،سڌا آفيسٽ پرنٽرز ائنڊ گرافڪس- اُلھاس نگر، 2006ع، ص 68.
13. ڪلا پرڪاش: ريٽا شھاڻي، ’گهنڊ ڄاڻ وڳو‘،ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2004ع، ص 20.
14. ڪلا پرڪاش: ماهتاب محبوب، ’ماکيءَ مٺا ماڻھو‘،نيو فيلڊس پبليڪيشن،2007ع، ص 253.
(سنڌي ٻولي ريسرچ جرنل، جون 2019)
