لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڊاڪٽر پروين: جاکوڙي محققہ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ھڪ مڃيل محققہ آھي، سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون مختلف مخزنن ۾ ڇپبا رھن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي منظور شدہ جرنلز ۾ 2009ع کان 2023ع تائين ڇپيل ريسرچ پيپرز ۽ چند اهي مقالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن جي ”ٽہ ماهي مھراڻ، ”ادبي تحقيق“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا. ٻہ ٻيا اڻ ڇپيل آهن سي پڻ شامل آھن.

Title Cover of book DR Parveen Jakhori Muhaqeqa

محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناٽڪن ۾سماج سڌاري جو پيغام

محمد عثمان ڏيپلائي گهڻ پاسائين شخصيتن جو حامل شخص هو، سندس نالو هڪ ڪُهنہ مشق صحافي، ايڊيٽر، پبلشر ۽ قابلِ قدر اديب طور مشھور آهي، ٿرپارڪر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڏيپلي ۾ جنم وٺندڙ هن نيڪ ۽ پُرخلوص انسان سڄي ڄمار صحافتي ۽ ادبي خدمتن کي ارپي ڇڏي. ڪيترائي ناول، ڊراما، ڪھاڻيون، مضمون ۽ ٻيا ليک لکيائين، جن جو مقصد فقط ۽ فقط سنڌي سماج ۾ سڌارو آڻڻ هو. هن سماج جي پراڻن روڳن، جھالت، پيري مريدي، وهم پرستي، ضعيف الاعتقادي، طبقاتي سوچ، وڏيرا شاهي ۽ سرمائيداري نظام خلاف جنگ جوٽي پنھنجو قلم کان ’جهاد باالسيف‘ جو ڪم ورتو ۽ ان ۾ ڪاميابي ماڻي. تحقيق ادب اهوئي آهي جنھن معرفت انھيءَ ڌرتيءَ جي خطي جي، سماجي پسمنظر جي، سياسي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ٿئي. ماڻھن جي خواهشن، دلي اُمنگن، محبتن، نفرتن، مذهبن، عقيدن، سوچن جي خبر پوي، نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق واضح ٿئي. ٻين لفظن ۾ ادب جو واسطو انساني سماج سان مضبوط ۽ مربوط نموني جڙيل آهي، جنھن جي ڪري دنيا جي هر ادب ۾ انھيءَ سماج جو عڪس چٽو هجي ٿو. ڏيپلائي صاحب هڪ اعليٰ سجاڳ ليکڪ جي حيثيت ۾ پنھنجي تحريرن ۾ ادب جي سماجي ڪارج واري اصول تي قائم رهيو، هن پنھنجين تخليقن وسيلي هتان جي ماڻھن جي ڏکن سکن، بکن بدحالين، ريتن رسمن ۽ اٿڻي وهڻي جي پچار ڪئي ۽ ساڻن ٿيل عقوبتن تي فقط آواز ڪونہ اُٿاريو بلڪہ هڪ سماج سُڌارڪ اڳواڻ ۽ رهبر جيان کين منفي قوتن مان نجات حاصل ڪرڻ جا گَس ڏسيا. لاتعداد مسئلن ۽ مونجهارن جا حل ڏسيا، هن حياتيءَ کي جيارڻ لاءِ تبديليءَ جو فڪر ڏيئي ادب جي موقف جي سھڻي وضاحت ڏني. هن مقالي ۾ ڏيپلائي صاحب جي لکيل ناٽڪن معرفت سندن سماج سڌاري جي پيغام تي روشني وڌي ويئي آهي.

ڏيپلائي صاحب جا ڪل 14 ناٽڪ لکيل آهن، جن مان ستن ناٽڪن جو مجموعو ’ناٽڪ‘ جي نالي سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 1985ع ۾ شايع ٿيو، (هيءُ ڪتاب بي.اي اليڪٽو Elective جي نصاب ۾ شامل آهي.)
ناٽڪ/ ڊراما لکڻ ۽ خاص طرح معياري لکڻ هڪ تمام وڏو فني ۽ ادبي مرحلو آهي، ڇو جو ناٽڪ فقط لکيو نٿو وڃي، بلڪہ اسٽيج، ريڊيو يا ٽي.وي ذريعي پيش ڪيو ٿو وڃي جنھن جا الڳ لوازمات هجن ٿا. منگهارام ملڪاڻيءَ هن ڏِسَ ۾ لکيو آهي تہ:
”ناٽڪ نويسيءَ جو فن ساهت جي ٻين شاخن کان لکڻ ۾ اهنجو آهي، جو اهو رنگ ڀوميءَ (Stage) تي ناٽڪ پيش ڪرڻ جي فن سان ڳنڍيو پيو آهي.“(1)
ناٽڪ/ڊرامو صرف لکڻ ۽ پيش ڪرڻ ڪافي نہ آهي، پر انھيءَ ۾ موضوع، مواد، مقصديت، ٻوليءَ جو استعمال، سماج جي مسئلن جي نمائندگي ۽ معياري پيشڪش نہ هوندا تہ اهو ڪڏهن بہ ادبي يا فني طور ڪا جاءِ والاري نہ سگهندو.
ڏيپلائي صاحب جي لکيل ناٽڪن ۾ هيٺيان ناٽڪ آهن، جن جا موضوع ۽ ڇپائيءَ جا سال هن ريت آهن:
1. غيرت عرف نورجھان جو پٽ تاريخي ۽ انقلابي ڊرامو 1941ع ۾ ڇپيو
2. شاهدي مزاحيہ ۽ اصلاحي ڊرامو 1955ع جي مھراڻ رسالي ۾ ڇپيو
3. اسلام تي مقدمو اسلام بابت حڪمرانن جو رويو ڊرامو عبرت جي سلسلي تحت 1949ع ۾ ڇپيو
4. سجائي موڙي اصلاحي ڊرامو
ناٽڪ ڪتاب 1985ع ۾ ڇپيل ۾ شامل
5. مرزا غازي بيگ تاريخي ڊرامو اسلاميہ درالاشاعت طرفان 1949ع ۾ ڇپيو
6. واڀيئڙو اصلاحي ناٽڪ 1956ع جي مھراڻ جي پھرين پرچي ۾ شايع ٿيو ۽ ناٽڪ 1985ع جي ڪتاب ۾ پڻ شامل آهي.
7. ڏُڪار مزاحيہ ۽ اصلاحي ڊرامو 4 ڊسمبر 1956ع اسلامي دارالاشاعت شايع ڪيو ۽ ناٽڪ ڪتاب ۾ پڻ شامل آهي.
8. نجومي مزاحيہ ۽ طنزيہ اصلاحي ڊرامو ٽماهي مھراڻ جي 1955ع جي چوٿين پرچي ۾ شايع ٿيو.
9. آزاد چونڊ انقلابي ڊرامو اسلاميہ دارالاشاعت 1945ع ۾ شايع ڪيو
10. ڪانگريس ناٽڪ انقلابي اصلاحي ڊرامو اسلاميہ دارالاشاعت 1945ع ۾ شايع ڪيو
ان کانسواءِ ’بنجائتي پدمڻي‘ (60 صفحا)، ڊاڪٽر ناٽڪ (16 صفحا)، ’ڪورٽ ناٽڪ‘ (111 صفحا)، ڪانگريسي ڄار، (125 صفحا) ۽ ڪانگريس (200 صفحا) پڻ آهن. مٿي آئون اڳ ۾ ڄاڻائي آئي آهيان تہ ’ناٽڪ‘ جي عنوان سان ڏيپلائي صاحب جي ستن ڊرامن جو مجموعو 1985ع ۾ ڇپيو آهي، 132 صفحن جي هن ڪتاب ۾ جيڪي ناٽڪ شامل آهن، انھن جي مختصر ڪھاڻي مڪالمن جو جائزو هيٺ پيش ڪيان ٿي تہ جيئن پڙهندڙ سندن تحرير جي مقصديت ۽ پيغام کي ڄاڻي سگهن.
غيرت عُرف نورجھان جو پٽ ناٽڪ ستن پردن تي مشتمل آهي جنھن ۾ دھلي ۽ لاهور جي علائقي جو ذڪر آهي، جھانگير بادشاھہ جي دور جي هن سچي واقعي کي ليکڪ سھڻي اسلوب ۽ مڪالمن سان بيان ڪيو آهي. ڪھاڻيءَ مطابق بنگال جو گورنر سيف ﷲ کان اتفاقي قتل ٿي وڃي ٿو، هو مقتول جي وارثن کي خون بھا ڏيڻ جي بجاءِ قيد ۾ رکندو آهي، جي ڪنھن طرح سان قيد مان ڀڄي بادشاھہ جھانگير وٽ لاهور پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃن. جتي ڪانتا جي مدد سان ملڪہ نورجھان ۽ جھانگير وٽ انصاف لاءِ ٻاڪارين ٿا ۽ کين انصاف پلئہ پوي ٿو خود راڻي نورجھان پنھنجي هٿن سان پاليل پٽ سيف ﷲ کي گولي هڻي ٿي ۽ خون ناحق جو بدلو خون قرار ڏيئي رڻبير کي سندس پٽ اِندر جي خون جو بدلو ڏياري ٿي. ڪانتا جي پٽ اجيت سنگهہ کي بہ پنھنجي ڀيڻ سُندريءَ جي عزت بچائڻ سبب ڪيل قتل تي معاف ڪري کيس منصب ڏنو وڃي ٿو، ڇو جو سندس هٿان ٿيل خون عزت جي بچاءُ ۽ غيرت سببان ٿيو هو. ليکڪ انھيءَ ڪري هن ناٽڪ جو هڪ منفرد نالو غيرت عرف نورجھان جو پٽ رکيو آهي. ناٽڪ جو مڪالما ڪجهہ هن ريت آهن:
جھانگير: (سيف ﷲ کي) مون توکي ان لاءِ نواب بنائي موڪليو هو تہ تون کلين تہ هزارن کي روئاري کلين! تون هلين تہ لاشن کي لتاڙيندو هلين! تون کيڏين تہ رعيت جي خون سان کيڏين توکي نورجھان جو پٽ هجڻ جو فخر آهي تہ اِندر کي منھنجي پٽ هئڻ جو فخر آهي. خدا جو قسم رعيت منھنجا ٻچا آهن! هو غريب آهن تہ بہ منھنجا آهن.“
جھانگير تاج لاهي سيف ﷲ جي لاش کي چنبڙي چوي ٿو تہ:
”سيف ﷲ تون مون کي پٽن برابر هئين، منھنجيون اکيون تولاءِ سدائين اشڪبار رهنديون منھنجي دل توکي دائما ياد ڪندي رهندي. ’شھنشاھہ‘ توسان انصاف ڪيو، پر جھانگير تولاءِ سدائين اشڪبار رهندو.“ (ص 24-25)
هيءُ تاريخي واقعو ڏيپلائي صاحب کي پسند هو ڇو جو هن ۾ غريب لاءِ عزت، انصاف پسندي ۽ غيرت واري حياتي جيئڻ جو سبق آهي. جنھن جي ڪري ان کي ڊرامائي تشڪيل ۾ آندائين.
سجائي موڙي ناٽڪ 16 ايڪٽن تي مشتمل آهي جنھن ۾ ڪراچي ۽ لنڊن جا منظر آهن، هن ناٽڪ جي ڪھاڻي هڪ نوجوان مجيد ۽ سنڌ جي خيرخواھہ سيٺ يعقوب جي گرد گهمي ٿي، سيٺ يعقوب سنڌ ۾ ڌارين آفيسرن جي اچڻ تي پريشان آهي ۽ هو سوچي ٿو تہ، ڪاش! سنڌ جا قابل نوجوان پڙهي اڳيان اچن ۽ ضلعن جون انتظامي واڳون سنڀالين ۽ علم جي سفر کي عام ڪن. انھيءَ ڪري هو پنھنجي پئسي مان پيرن، مولوين ۽ مرشدن کي ڏيڻ جي بجاءِ اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪندو آهي ۽ نوجوانن کي تعليم لاءِ اسڪالرشپس ڏيندو آهي. مجيد نالي نوجوان جو پرڏيھہ ۾ پنھنجي چاچي جي خرچ تي تعليم حاصل ڪندڙ آهي، پر اوچتو پنھنجي چاچي جي وفات بعد تعليم وچ ۾ ڇڏي ٿو، پر سيٺ يعقوب جو ڏنل اسڪالرشپ جو اشتھار پڙهي ساڻن رابطو ڪري اسڪالرشپ حاصل ڪري پڙهائي جاري رکي ٿو. ٻن سالن بعد هُو سيٺ يعقوب کي سندن ڏنل پئسا واپس ڪرڻ ويندو آهي تہ سيٺ يعقوب کانئس اهوئي استفسار ڪندو آهي تہ ڇا هن سندس ڏنل موڙي سجائي ڪئي؟ يا ٻئي ڪنھن علم جي اُڃايل جي اُڃ اُجهائي؟ ڪنھن کي پيرن تي بيھاريو؟ ۽ جڏهن کين ناڪار ۾ جواب ملي ٿو تہ سخت ناراضگيءَ سان کيس سمجهائيندي چيو ٿو تہ،
سيٺ يعقوب: مجيد ڇا تو ڪوبہ اهڙو بيڪس ڳولھي نہ لڌو جنھن کي بيڪسيءَ جي اوڙاھہ مان ٻاهر ڪڍين؟“
جڏهن مجيد سندن چوڻ تي عمل ڪري ڪنھن فرد جي تعليم ۾ مدد ڪري ڏنل موڙي سجائي ڪندو آهي تہ سيٺ يعقوب کي دعا ڏيندي چوي ٿو تہ، ”خدا تنھنجي عھدي ۾ برڪت وجهي اڄ آئون پنھنجي ڏنل موڙي سجائي سمجهندس ها بلڪل سجائي! جيڪڏهن منھنجي موڙي رڳو هڪ اهڙو ماڻھو بيدار ڪيو جنھن کي ضلع جي ماڻھن تي ضابطو هجي ۽ هُو انھن کي سڌارڻ جو پڪو عھد ڪري تہ اهڙي سجائي موڙي ٻي ٿي نٿي سگهي.
هن ڊرامي معرفت ڏيپلائي صاحب ڪيترا سال اڳ سنڌي قوم کي سجاڳ ڪيو آهي. تہ توهان جي نجات جو ذريعو توهان جي ترقيءَ جو حل فقط تعليم ۾ ۽ اعليٰ تعليم ۾ آهي ۽انھيءَ سان گڏ سرنديءَ وارن کي آگاهي ڏني اٿن تہ توهان وٽ قابل نوجوانن جي ڪمي ناهي، اٿو اکيون کوليو! سندن مدد ڪريو! پنھنجي سرمايي کي ڪارائتو ڪتب آڻيو، غور ڪريو، اوهان جو اصل سرمايو نوجوان سنڌي نسل آهي، سنڌي سماج جي بھتر اوسر لاءِ هنن جو سڌرڻ ۽ ترقي يافتہ ٿيڻ تمام ضرروي آهي.
شاهدي: هيءُ اصلاحي ۽ طنزيہ ناٽڪ هڪ ايڪٽ جو آهي، جنھن ۾ ڪورٽ جو منظر پيش ٿيل آهي، 1955ع ۾ مھراڻ رسالي ۾ ڇپيو هو. موجودہ وقت ’ناٽڪ‘ ڪتاب ۾ ڏنل آهي، هيءُ ناٽڪ سنڌي ناٽڪ جي سؤ ساله جشن ۾ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو هو، جو ڏيپلائي صاحب بذاتِ نفس نفيس آڊيٽوريم ۾ اچي پاڻ ڏٺو هو ۽ کين گهڻو پسند آهي، جنھن جو پاڻ پوءِ هڪ انٽرويو ۾ اظھار پڻ ڪيو هئائون، انھيءَ وقت جن اداڪارن هن ناٽڪ ۾ اداڪاريءَ جا شاندار جوهر ڏيکاريا انھن ۾ محبوب عالم، اي.آر بلوچ، يعقوب ذڪريا، سڪندر بلوچ ۽ ٻين جو ڪم اهميت وارو هو.
هيءُ ناٽڪ هڪ ڪوڙي شاهدي ڏيندڙ پيشہ ور شخص جي باري ۾ آهي، جو پنھنجين اٽڪلن، هيرا ڦيرين ۽ حاضر دماغيءَ سان ڪيس کي پنھنجي فائدي ۾ ڪري ڪاميابي حاصل ڪرائي ٿو، ڏيپلائي صاحب موجب تہ اسان جي سماج ۾ اها ڪيڏي وڏي اوڻائي آهي جو قرآن جا ڪوڙا قسم کڻي ڪوڙا شاهد حرفتون ڪري هيلا هلائي سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪن ٿا.
انصاف گونگو ٻوڙو آهي، انتظاميہ جون مصلحتون ۽ مجبوريون آهن تہ وڪيلن جون ڪيسن کٽڻ لاءِ اٽڪلون ۽ چالبازيون آهن، مطلب تہ ڪوڙ کي سھڻائيءَ سان سچ ۾ تبديل ڪيو ٿو وڃي. رئيس محمد احسان خان جي رئيس علي تي پنجن هزار قرضن جي دعويٰ آهي ۽ هن جي وفات کان پوءِ سندس وارث اهي پئسا ڏيڻ لاءِ نابري ڪري ٿو ڇڏي ۽ پئسن جي ادائگي کان بچڻ لاءِ وڪيل ڪري ٿو جو عدالت ۾ پيشہ ور شاهد کي ڪوڙي شاهدي ڏيڻ لاءِ پيش ڪري ٿو. جنھن هنن ڌرين مان ڪنھن کي بہ ڪڏهن ڏٺو بہ نہ هو، پر هو پنھنجي جوابن سان عدالت کي اهڙا تہ من گهڙت جواب ڏيندو آهي جو عقل حيران ٿي ٿو وڃي، ۽ وري عدالت سڳوريءَ ۾ وقت جي ڪميءَ سبب گهڻيون پيشيون بہ ٿي نٿيون سگهن ۽ ڪيس جو فيصلو ڪوڙي شاهد جي شاهديءَ جي روشنيءَ ۾ ڪيو ٿو وڃي، جو صرف ڏهن روپين جي نوٽ تي ايترا من گهڙت جواب پيش ڪندو آهي.
مثال طور: عدالت ۾ جڏهن شاهد کان پڇيو وڃي ٿوتہ، ”رئيس ڪڏهن جيل ڪاٽيو هو؟“
شاهد: سائين! اڄڪلھہ ملڪ جو ڪھڙو چڱو مڙس ۽ سڌاري جي چاهنا رکندڙ اهڙو آهي جنھن جيل نہ کاڌو هجي، هي پير ڏسو، هي مير ڏسو، هي وزير ڏسو، هي ليڊر ڏسو، هي رئيس ڀڳت ڏسو، هي محبان وطن ڏسو، هي خادمِ خلق ڏسو، سڀ پيا جيل وڃن. منھنجي خيال موجب اهو شخص قوم جي خدمت ۾ پڪو ئي نہ ٿيو آهي، جنھن جيل نہ کاڌو آهي.“ (ص 57)
مطلب تہ ڏيپلائي صاحب سماج ۾ انصاف پلئہ نہ پوڻ ۽ عدالتي نظام جي ناقص طريقي کي مزاحيہ ۽ طنزيہ نموني وائکو ڪيو آهي.
نجومي: هن اصلاحي ناٽڪ ۾ 5 ايڪٽ آهن جن ۾ فٽ پاٿ ۽ گهر جا منظر ڏنل آهن، جنھن ۾ ويساھہ جي وسوڙيلن ۽ اعتقاد جي ڪمزورن کي هوشيار ڪيو ويو آهي. نجوميت جي دعويٰ ڪندڙن ۽ اٻوجهہہ عوام کي لٽيندڙن جو نقشو چٽيو ويو آهي. اهي انساني نفسيات تي مضبوط مھارت رکندي اٽڪلن ۽ حربن سان کين پيا ڦريندا آهن. مت موڙهيلن کي خوش ڪرڻ جا گُر ۽ حربا وٽن گهڻا هوندا آهن، جنھن جي ڪري ڪمزور عقيدي وارن جو وڏو انگ سندن ڪوڙين سچين نالن جي آسري ۾ پيو ٺڳبو آهي.
هن ناٽڪ ۾ امام الدين نجومي پنھنجي ڀاڻيجي جي ڳولا ۾ پريشان آهي پر سندس نجومت کيس ڪابہ اطلاع نٿي ڏئي. آخر گهڻي وقت کان پوءِ سندس ڀاڻيجو وٽس لنگهي ايندو آهي. جيڪو کانئس نجومت جا گُر سکي مامي کان بہ وڌيڪ ڀڙ ٿي ويندو آهي. مامو کيس سمجهائيندو آهي تہ ”ٻچا انھيءَ ۾ منھنجو ڪوبہ ڪمال ڪونھي. سادا ۽ ميرا ڪپڙا، وڏي ڏاڙهي ۽ سجدي جو نشان ڏسين تہ سمجهہ سيٺ آهي ۽ سيٺ معنيٰ سٺو، حاجي معنيٰ سون، ديندار معنيٰ پرمٽ، پوءِ انھن سڀني مفت جي ڪماين ۾ هرڪو نوڪر ۽ ڀائيوار بہ ڪندو آهي، ”مطلب تہ کيس ٻين ماڻھن جي ڌنڌن ڌاڙين ۽ خواهشن جا جواب بہ سيکاريندو آهي، پر ضرور چوندو آهي تہ هيءُ ڌنڌو گندو آهي ۽ ڪُتن وانگر پيٽ ڀرڻو آهي، ڀاڻيجو ڪريم کيس ورندي ڏيندو آهي تہ،
ڪريم: ها ماما سمجهان ٿو، زمين ۽ آسمان جون ٽٻيون اهي ڇا هڻندا جن جا ڀاڻيجا گم ٿي وڃن تہ پتو نہ پوين! پر ڀلو ٿيئي ڀوڪن جو، جي پوڄڻ تي اچن تہ ڳئونءَ کي بہ خدا بنايو ڇڏين، وري بگڙن تہ خدا جي نبيءَ کي بہ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ڇڏين.“
ناٽڪ جي آخر ۾ نجومت تي ڀاڙڻ ۽ اهو عمل عام ڪرڻ تي امام الدين ندامت وچان هن ريت چوي ٿو تہ:
امام الدين: جيڪو شخص مالڪ کي ڇڏي وڃي ماڻھن کي عالم الغيب ڄاڻي سوال ڪري! ان کي ڀونڊو سامھون نہ هوندو تہ ٻيو ڇا هوندو! هِت بہ ڀونڊو تہ هُت بہ ڀونڊا! ٻڇا سمجهون ٿا، پر پيٽ بکيو بہ ڀرڻو آهي.“ (ص 65-67 ۽ 71)
هن ناٽڪ ۾ ڏيپلائي صاحب هڪ سچي مسلمان جيان شرڪ کان پليو آهي، فالون، ٽوڻا، ڏورا، تعويذ، نجومي ۽ مرشدن جا عمل سندس موجب تہ ايمان کي ڪمزور ۽ شيطانيت کي تقويت ڏيندڙ آهن، جن سان ماڻھو جي عمل، ناڪارہ ۽ سست ٿي آسرن تي پيو خود کي ڦرائي ۽ ضايع ڪري، هُو سنڌي سماج کي باعمل، باهمٿ ۽ مضبوط ڏسڻ جو خواهان هو ۽ سنڌي قوم ۾ موجود ڪمزور ويساهن کي ختم ڪري کين يقين جي قوت ڏيڻ چاهيائين، جنھن جي لاءِ هن طنزيہ ۽ مزاحيہ انداز ۾ اصلاح ڪئي آهي، قرآن پاڪ جي سوره البقرہ ۾ آيل ڳئونءَ جي پوڄڻ وارو واقعو حضرت عيسيٰ عليہ السلام جو ڦاهيءَ تي چاڙهڻ ۽ عالم الغيب خدا پاڪ کي نہ مڃڻ ۽ انھيءَ جا دنيا ۽ آخرت جا نقصان ٿيڻ، شرڪ واري جي معافي قبول نہ ٿيڻ، يا بقول ليکڪ (هِتي هُتي (دنيا ۽ آخرت) ۾ ڀونڊا کائڻ) مطلب تہ هن مختصر ناٽڪ ۾ ليکڪ هڪ وڏو ديني ۽ سماج سڌاري جو پيغام ڏنو آهي.
ڏڪار: هيءُ ناٽڪ ڏهن پردن تي مشتمل طنزيہ ۽ مزاحيہ آهي، جنھن ۾ لاهور ۽ حيدرآباد جا منظر پيش ڪيا ويا آهن. هي ون يونٽ جي دور جو ڊرامو آهي، جڏهن سنڌ کي ’سابق سنڌ‘ لکيو ويندو هو ۽ پنجاب حڪومت جي وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي سنڌي اخبارون ترجمانن جي وسيلي ٻڌڻ کان پوءِ بہ هتي جي حالتن جي ڪابہ همدردي ۽ سمجهہ نہ هئي. هو ڏُڪار کي ’ڊُڪار‘ ۽ پوءِ ’ڊڪار‘ ڪري وٺن ٿا. سندن موجب تہ کين سخت بدہاضمو آهي. انھيءَ لاءِ کين هاضمي جون دوائون وڏي تعداد ۾ موڪليون وڃن. وزير بہ وزيرن ۽ سيڪريٽرين جي ميٽنگ ٿيندي آهي، جنھن ۾ اهو فيصلو ڪن ٿا تہ ڏڪار تي هيترو پنج لک خرچ دوائن جي صورت ۾ ڪرڻ کان پوءِ بہ اخبارن جي اها ساڳي رڙ ڇو آهي؟ اهي حڪومت تي چٿر ڇو پيون ڪن؟
نيٺ ٿر مان مير حاجي محمد بخش صاحب اسلام آباد وفد وٺي مسئلو بيان ڪرڻ ويندو آهي، مير صاحب کي لاڳاپيل وزير هن ريت چوندو آهي:
وزير: خير اسين چئون ’ڊڪار‘ ۽اوهين چئو ’ڊُڪار‘، ڳالھہ تہ ساڳي ٿي. سنڌي ۽ پنجابي ٻيئي ٻوليون سنڌو درياھہ جي پيدائش آهن، انڪري هڪجهڙيون آهن ۽ اسان جي تھذيب ۽ ثقافت سڀ هڪ آهي تڏهن تہ اسان واديءِ مھراڻ جو اتحاد ون يونٽ بنايو، بس هڪ خدا، هڪ رسول، هڪ قرآن، هڪ ڪعبو، هڪ ون يونٽ.“ (ص 89)
مير صاحب: ”جناب اوهان کي ڪنھن غلط معنيٰ ۽ مطلب ٻڌايو آهي، ڏڪار معنيٰ ’قحط‘ اُتي مينھن نہ پوڻ سبب سخت قحط پيو آهي، پوکون نٿيون ٿين، گاھہ ڪونھي اَناج ڪونھي.“ (ص 89)
بھرحال گهڻي هُل هلاچي ۽ اخباري آوازن ۽ وزيرن کي ڏڪار جو مفھوم سمجهائڻ بعد حڪومت ٿر ۾ ڏڪار ڊڪليئر ڪرائي حڪومتي امداد موڪلي.
آخر ۾ پردي جي پويان آواز اچي ٿو تہ، ”هاڻي سنڌ سجاڳ آهي، اهو ڏينھن پري نہ آهي جو سنڌ غلاميءَ مان نڪري وري بہ پاڪستان جي نقشي تي هڪ خودمختيار صوبي جي حيثيت ۾ جلوہ گر ٿيندي.
آزاد سنڌ زندہ باد! سنڌ کي غلام بنائيندڙ مردہ باد، سٻاجهي سنڌ آباد! (ص 100 ) آخر ۾ شاھہ لطيف جي سر سارنگ جي بيت سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار جون صدائون اچن ٿيون.
هن ناٽڪ معرفت سنڌ جي ڏتڙيل حالت ۽ خاص طور ون يونٽ جي خلاف ڏيپلائي صاحب آواز اُٿاريو، هُن ون يونٽ خلاف جيڪا ادبي مزاحمتي تحريڪ هلائي هيءُ ناٽڪ انھيءَ جو اهم حصو آهي. جنھن ۾ ليکڪ ڄاڻايو آهي تہ ون يونٽ جي ڄار کي پکيڙڻ لاءِ ڪيئن مذهب جي آڙ ورتي ويئي ۽ ’عظيم پنجاب‘ سنڌ کي پنھنجي تسلط هيٺ رکڻ لاءِ ڪھڙا طريقا استعمال ڪيا، ڪيئن لاپرواهيون ڪري کين پريشانين جي ڪُن ۾ وڌو، هيءُ اهوئي دور هو جتان سنڌي قوم ۽ سنڌ لاءِ مسئلا پيدا ٿيا.
ڏيپلائي صاحب انھن مسئلن تي لکيو ۽ خوب لکيو، هو سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي قوم ۽ سماج جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو خواهان هو.
واڀيئڙو: چار ايڪٽن جو هيءُ ناٽڪ ڀُڄ ۽ ڪڇ جي علائقي جي مسجدن ۽ مندرن ۽ بازارن جي منظر جي ڏيکن تي مبني آهي، هن ناٽڪ وسيلي ناٽڪ نويس وحدانيت جي پرچار ڪئي آهي، هيءُ ناٽڪ هڪ بلڪل منفرد انداز ۽ ٻوليءَ ۾ پيش ڪيل آهي، ٿري ۽ ڪڇي ٻوليءَ جي ميلاپ سان لکيل هيءُ ناٽڪ سچن ۽ عبرت انگيز مڪالمن تي مشتمل آهي، جنھن جو اصل موضوع شرڪ کان بچاءُ، مذهبي بحث مباحثن سان پيدا ٿيل نفرتن کي ٻنجو ڏيڻ آهي، هن ناٽڪ جي ٻولي ڪي قدر ڏکي آهي، ٻوليءَ جي سمجهڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب شروع ۾ ڪجهہ هدايتون ۽ اشارا پڻ ڏنا آهن.
موضوع جي حوالي سان اهو چوندس تہ هن ناٽڪ ۾ ڏيپلائي صاحب مسلمانن ۽ هندوئن جي مذهبي عقيدن ۾ مبالغه آرائيءَ جي بيانن کي ننديو آهي ۽ غلط رسمن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي پنھنجو مؤقف واضح طور بيان ڪيو آهي، اهو ڄاڻايو اٿن تہ جھڙيءَ ريت مسلمان بادشاھہ پيرن جي ڪرامتن کي بيان ڪرڻ ۾ مبالغو بہ ڪڏهن ڪڏهن ڪن ٿا تيئن هندو ٻاوا سري مھاراج جي مندر ۾ پارپتي ديوي ۽ شري گنيش جي قصي ۾ وڌاءُ پڻ ڪن ٿا. 1939ع ۾ ٿر ۽ ڀڄ جي علائقن ۾ وهمن ۽ وسوسن ۾ جڪڙيل انسانن لاءِ هي وحدانيت جو اثر انگيز درس ليکڪ چواڻيءَ تہ هر دؤر جو آواز آهي، نثر جي حوالي سان هن ناٽڪ جي ٻولي ڪجهہ هنڌن رائج ڪتابي ٻوليءَ کان مختلف آهي، پر ناٽڪ نويسيءَ جي لحاظ کان جنھن علائقي ۽ ماحول جو نقشو چٽيو ويو، انھيءَ لحاظ کان هي مڪالما دل کي سيبائيندڙ ۽ اسٽيج تي پيشڪش ۾ وزنائتا آهن، جيئن مثال طور هيٺ هڪ حوالو ڏيان ٿي، انھيءَ جو رائج سنڌي ۾ مطلب پڻ پيش ڪيو اٿم.
پرسومل: قبلا سائين! ڪڇون نڪين پڇون، ني انڌر مين پيا لڇون، آن مسلمانين ۾ واڀي، ني اسان هنڌ وئين مين آريا سماجهي ٻنھي گڏجي ڀاءِ کڻي ٻاري آئي، ساري ملڪ مين ڦساد کڻي وڌائين.“
(پرسومل: قبلا سائين! ڪڇون نڪي پڇون بس اندر ۾ پيا لڇون، اوهان مسلمانن ۾ وهابي تہ اسان هندوئن ۾ آريا سماجي ٻنھي گڏجي کڻي باھہ ٻاري آهي ساري ملڪ ۾ فساد کڻي وڌا آهن).
هيءُ ناٽڪ موضوع جي حوالي سان مضبوط، ماحول جي عڪاسيءَ ۾ وڻندڙ ٻوليءَ جي لحاظ کان خاص انھيءَ علائقن جي ٻولي سمجهندڙن کي گهڻو لطف اندوز ڪندو پر هڪ اهم موضوع تي لکيو ويو، جنھن ۾ انيڪ سھڻا پھاڪا چوڻيون ۽ ٻوليءَ جا مثال آهن، جيئن ٿوري کيتي گهڻي برڪت، انڌير نگري چرٻٽ راجا، نڪا ڪئي هم نڪا تم ڪئي ۽ ٻيا آهن.
مرزا غازي بيگ: ٻن ايڪٽن تي مشتمل تاريخي موضوع جي اوٽ ۾ صحافتي آزادي ۽ پاسخاطريءَ لاءِ لکيل ناٽڪ آهي، جنھن ۾ ظالم حاڪم وٽ مظلوم عوام جي پڪار پھچايل آهي. قنڌار جي شڪارگاھہ ۽ مرزا غازي بيگ جي درٻار جا منظر ڏنل آهن.
مرزا غازي بيگ ڊرامو اڪبر بادشاھہ جي دور جي عڪاسي ڪري ٿو. هن دور ۾ سنڌ جي ڪجهہ حصي تي قنڌاري حاڪم مرزا غازي بيگ حڪومت ڪندو هو، جنھن جي ماتحتن ۽ عملدارن سنڌ ۾ ظلم جي بازار گرم ڪري ڇڏي هئي، هڪ باهمٿ شعر سرويچ سجاولي هن ظلم خلاف عام هنڌن تي شعر و شاعري ڪري اهي ظلم وائکا ڪري ٿو، جنھن تي مرزا غازي بيگ جو ويجهو عملدار شھباز خان کيس مار ڪڍي ٿو. شاعر اها شڪايت مرزا وٽ روبرو کڻي ايندو آهي ۽ مرزا مرڳو کيس بغاوت جي الزام ۾ قيد ڪرائي سندس زبان ڪٽڻ جو حڪم ڏئي ٿو. شاعر کي زبان ڪٽجڻ کان اڳ آخري دفعو ڳالھائڻ ۽ خواهش ٻڌائڻ جو حڪم ڪيو ويندو آهي، جنھن تي هُو هڪ ڊگهي مسدس سوز ۽ وقار سان بادشاھہ جي درٻار ۾ پيش ڪندو آهي. انھيءَ مسدس ۾ بادشاهن کي ظلم کان پلڻ ۽ عوام جا سور ٻڌائڻ جي هدايت هجي ٿي، بادشاھہ عادل هو. هُو متاثر ٿي سرويچ کي اعليٰ منصب ڏيندو آهي ۽ کيس هدايت ڪندو آهي تہ منھنجي ملڪ ۾ جتي بہ ڪٿي ڪامورن جا ظلم ڏسين مون کي اطلاع ڏج تون باهمٿ، سچار آهين.
هن ڊرامي معرفت ڏيپلائي صاحب آگهي ڏني آهي تہ سمجهدار حاڪم اهي آهن جيڪي ملڪ جي اديبن، عالمن، شاعرن ۽ مفڪرن کي مان ڏيندڙ آهن ڇو تہ اهي انسان ذات جي ڀلي لاءِ ڪوشان هجن ٿا ۽ وقت جي حاڪمن کي آئينو ڏيکارين ٿا، سچ ۽ حق جي آواز کي دٻائڻ وارو حاڪم ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿي سگهندو. ماضي حال ۽ مستقبل جي ميلاپ سان هن ناٽڪ معرفت ملڪي انتظام سڌارڻ جي صلاح ليکڪ ڏني آهي 1962ع ۾ سرويچ سجاوليءَ جي ڊگهي مقبول مسدس ’عبرت‘ جون ۾ شايع ٿي جنھن کي ڪجهہ ڦيرڦار سان ڏيپلائي صاحب هن ڊرامي ۾ آندو. هيءُ ڊرامو 25 آڪٽوبر 1965ع جي مسلمان اخبار ۾ شايع ٿيو هو. مسدس جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو:
سلام ان کي ڏين ٿا سنڌي، سڀئي ساري، ٻڌو اي سائين،
سلام سان گڏ فغان ڪن ٿا، هنجون سي هاري، ٻڌو اي سائين.

گهڻائي حاڪم ڪنن کان ٻوڙا، اکين کان انڌا، زبان جا کوٽا،
چئونِ سچ ٿا، لڳينِ مچ ٿو، ڪڍن ٿا هڪدم وڏا اکوٽا،
ڪجي تہ هاڻي ڀلا ڪجي ڇا، اهو ٻڌائي ٻڌو اي سائين،
چيو هي ’سرويچ‘ جو بہ جيڪي، لڙڪ وهائي ٻڌو اي سائين.
ڏيپلائي صاحب وقت جي آواز کي لبيڪ چوندڙ ليکڪ هو. هن هر ٻرندڙ مسئلي تي لکيو ۽ لکڻ مھل هن ڪڏهن بہ مصلحت کان ڪم نہ ورتو، محمد ابراهيم جويو صاحب موجب تہ ”نيڪي ۽ بديءَ جي دائمي جنگ ۾ ڏيپلائي صاحب رڳو قلم کان ئي ڪم نہ ورتو، پر سندس زبان هن جهاد ۾ سندس قلم کان وڌيڪ مضبوط ۽ مستند رهي.“(7)
ڏيپلائي صاحب پنھنجي لکيل سڄي ادب ۾ هرهنڌ مضبوط ساڃھہ وند ۽ بيدار رهيو. هُن مزاحمتي ادب تخليق ڪيو ۽ سماجي گهُرجن کي فوقيت ڏني، سنڌي سماج جي بنيادي مسئلن کي پرکيو پروڙيو ۽ عام جي اڳيان آندو، دنيا جي سماج جي مشترڪ قدر يعني انسانيت جي پرچار انسانذات جو ڀلو اهوئي سندس لکڻين جو مقصد هو جو هن پنھنجي لکيل ناٽڪن ۾ پڻ واضح طور آندو آهي.

حوالا:
1. ڏيپلائي، محمد عثمان، ’ناٽڪ‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، 1985ع، ص 24-25
2. ساڳيو حوالو، ص 47-48
3. ساڳيو حوالو، ص 57
4. ساڳيو حوالو، ص 65-67-71
5. ساڳيو حوالو، ص 100
6. جويو، محمد ابراهيم/ تاج جويو (ترتيب) ’انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي‘، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد، 2003ع، ص 299

(مھراڻ 1/ 2021ع)