الطاف شيخ جي سفر نامن جي علمي ۽ ادبي حيثيت: هڪ اڀياس
Travelogues is an important genre of prose in literature. The history of Sindhi travelogue is incomplete without the name of Shaikh Altaf.
There are more than 60 travelogues to his credit. He travelled throughout the world and share his knowledge and experiences to his readers. His first travelogue was "muhinjo Sagar mohnjo sahil" (مُنھنجو ساگر مُنھنجو ساحل). Published in 1968. After that he is writing without break till to date.
The name of some travelogues are as under:
• Wayoon wanjaran joon (وايون وڻجارن جون)
• Samood je seween (سمونڊ جي سيوين)
• Karachi khan kopenhegan taeen (ڪراچيءَ کان ڪوپنھيگن تائين )
• Dehli jo darshan (دھليءَ جو درشن)
• Newyork khan new hala taeen (نيونارڪ کان نيو هالا تائين)
In this paper, I have analyzed Altaf Shaikh’s work as travelogues writer and prove the educational and literary value of his writings.
سفرنامو نثر جي اهم صنف شمار ٿئي ٿو، سنڌي ادب جي سفرنامن جي تاريخ الطاف شيخ جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي. هو واحد سفرناما نگار آهي جنھن گهڻي کان گهڻا سفرناما لکي سفرنامي جي صنف ۾ سنڌي ادب کي خود ڪفيل بنائي ڇڏيو آهي.
الطاف شيخ 14 نومبر 1944ع، تي هالا۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم هالا۾ وٺڻ بعد هو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو. ڪرنل ڪومبس جي دورجو اهو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج سچ پچ ڪئڊٽ ڪاليج هو جتي سندس تعليم سان گڏ تربيت بہ سٺي ٿي ڪئڊٽ ڪاليج جي زندگيءَ کيس خوداعتماد ۽ محنتي بنايو الطاف شيخ قابل شاگردن مان هو. انجنئيرنگ ۾وڃڻ بعد سنڌکان چٽنگانگ بنگلاديش ويو مئرين انجنيئر طور سڄي دنيا جا ملڪ گهميو آخر۾ چيف انجنيئرٿي ريٽائرڊ ڪيائين. پر اڄ بہ کيس پيٽارو سان محبت آهي جنھن جو ذڪر هو پنھنجي تحريرن ۾ ڪندو آهي ان کان سواءِ هن مختلف هنڌن تي پڙهائڻ جو ڪم بہ ڪيو. تعليم يافتہ سفرنامہ نگار شيخ الطاف کي نہ فقط پنھنجي فيلڊ جي ڄاڻ آهي پر کيس سنڌي ادب جي بہ سُٺي ڄاڻ آهي هن سنڌي ادب ۾ مترجم ۽ سفرنامانگار طور ڪتاب لکيا آهن ڪي ڪتاب مرتب پڻ ڪيا آهن سندس ادبي ڪاوشن کي سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ اهميت ملي آهي هن سفرنامي جي صنف ۾ لکي سنڌي ادب کي سفرنامن ۾ مالامال ڪري ڇڏيو آهي الطاف شيخ جا سفرناما دنيا جي وڏي حصي جي معلومات ڏين ٿا. هن تقريبن سڄي دنيا جي اهم ملڪن کي ذڪر ڪيو آهي پر سندس رهڻ گهڻو سينگاپور، ملائيشيا ۽ جپان ۾ ٿيو آهي انھن ملڪن جو ذڪر سندس سفرنامن ۾ گهڻو آهي. “مُنھنجو ساگر مُنھنجو ساحل” سندس پھريون سفر نامو آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ “جاني تہ جھاز ۾”، “بندر بازاريون”، “سمونڊ جي سيوين”، “وايون وڻجارن جون”، “جت جروهي ٿو جال”، “دنگي منجهہ دريا”، “موج نہ سھي مڪڙي”، “سي ئي جوڀن ڏينھن”، “اوهرياجي عميق ڏي”، “سمونڊ جن ساڻيھہ”، “سانباهو سمونڊ جو”، “سي ٻيڙيون رکين ٻاجهہ سين” ۽ ٻيا سفرناما آهن جن جا عنوان شاھہ جي بيتن مان ورتل آهن ۽ گهڻي قدر سرسارنگ ۽سامونڊيءَ مان آهن ۽ ان کان سواءِ “ڪراچيءَ کان ڪوپنھيگن تائين”، “مڪلي کان ملاڪا تائين”، “ڀلي پار تان ڀيرو”، “جپان رس”، “سينگاپور ويندي ويندي”، “بوتلن جو سفر”، “ڪويت ڪنارا”، “پيارجي گهٽ”، “جپان جن جي جيءَ سان” ۽ ٻيا ڪتاب آهن سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو سَٺ کان مٿي آهي، جنھن ۾ چار ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ آهن هن ٻارن جون آکاڻيون پڻ لکيون تہ اناميڪا عنوان سان پھريون ڪتاب ترجمو ٿيل ڪھاڻين جو پڻ لکيائين.
الطاف شيخ جي سفرنامن جي علمي ۽ ادبي حيثيت پرکڻ لاءِ هيٺ چند سفرنامن جو احوال ڏجي ٿو.
منھنجو ساگر منھنجو ساحل، سفر نامي طور الطاف شيخ جو پھريون ڪتاب خطن تي مشتمل آهي، اُهي خط هن پنھنجي دوست ڊاڪٽر سليمان شيخ کي سفر دوران لکيا هئا جن ۾ انھيءَ سفر جو سربستو احوال آهي پھريون خط عربي سمنڊ تان 23 سيپٽمبر 1968ع، تي لکيائين جنھن سان سفر نامي جي شروعات ٿيل آهي انھن خطن ۾ سفرناما نگار سامونڊي سفر جي جوکن، مئرين نيويءَ جي معلومات ۽ مختلف سمنڊن جي باري ۾ تفصيلي احوال ڏنو آهي جن ۾ بحراسود (Black Sea) ۽ عربي سمنڊ کان سواءِ لاس پاماس ٻيٽ ۽ ٻين ٻيٽن جو احوال ڏنل آهي جن ملڪن ۾ الطاف شيخ جو هن سفر ۾ وڃڻ ٿيو انھن ۾ ڪولمبو، يوگوسلاويہ، رومانيہ، بلغاريہ، ڪينيا، سلون، اٽلي، جرمني، شام، مصر، قاهرہ، روم، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۽ شھرن جو احوال آهي روم جي شھر لاءِ ليکڪ لکي ٿو تہ، “ادا روم ۾ جتي آئون ڪجهہ ڏينھن اڳ هئس جيڪو هڪ تاريخي شھر آهي اٽڪل چارهزار سال پراڻو ٿيندو دنيا جو وڏي ۾ وڏو چرچ سنيٽ پيرس بہ روم ۾ آهي. شھر ۾ جتي ڪٿي تمام وڏا پٿر ۽ڌاتوءَ جا بت نظر ايندا بگهاڙي جو بت روم جي قومي نشاني آهي چيو وڃي ٿو تہ روم ٻن ڀائرن ٺھرايو جن کي ننڍي هوندي ان بگهاڙيءَ کير پياري وڏو ڪيو هو”. (1)
1977ع ۾، “منھنجوساگرمنھنجو ساحل”، ڪتاب جو پھريون ڇاپو، وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ مان علي نواز وفائي شايع ڪيو ۽ان کان پوءِ هن ڪتاب جا ٻيا ڇاپا پڻ ڇپيا آهن. هي ڪتاب موجودہ وقت چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي سنڌيءَجي نصاب ۾ شامل آهي، هي ليکڪ جو سفرنامو خطن جي صورت ۾ آهي. شروع دور جا سفر ناما انھيءَ ريت پڻ هئا جيئن، “سفرِ يورپ جي ڊائري” قاضي عبدالمجيد عابد ۽ “سير ۽ سفر”، پروفيسر غلام مصطفيٰ، جيڪي پڙهڻ وارن کي خشڪ پڻ لڳن ٿا جنھن منجهہ پڙهڻ ۾ توجھہ پڻ مڪمل قائم نٿي رهي جو خطن ۾ ايئن لکيل هوندو آهي، اميد تہ “ٻيو احوال ايندڙ دفعي لکندس” بھرحال ان کان پوءِ سفرنامن جي لکڻ ۾ تبديلي آئي.
بندر بازاريون: سفرنامو سنگاپور، پورٽ ڪلانگ ۽ ملايا جي احوال تي مبني آهي، نيو فيلڊس پبليڪيشن، جو ڇپايل، هيءُ سفرنامو 170 صفحن تي مشتمل آهي، بندر بازاريون جو پھريون ڇاپو 1975ع، ۾ آيو، هن ڪتاب جو انتساب ڏيساور ۾ رهندڙ ديس واسين جي لاءِ آهي. ڪتاب جو مھاڳ امر جليل جو لکيل آهي.
امر جليل لکي ٿو تہ: “الطاف جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آهي، تنھن ڪري هو دنيا جي جنھن بہ حصي ۾ ويندو آهي، اتي سنڌي سٻاجهڙن جي ڳولھا ڪندو آهي، سندس کوجنا اڪثر ڪري بر ثواب ٿيندي آهي، هن سنڌين کي پرديس ۾ سکيو ستابو ڏٺو آهي، هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، سنگاپور، بيروت، وچ مشرق، يورپ، آفريڪا آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ سنڌين جا دڪان، هوٽلون، ڪارخانا ۽ واپار جون منڊيون ڏٺيون آهن، مان سوچيندو آهيان تہ اسان منجهان اهڙو ڪو مڙس ماڻھو شل نروار ٿئي جيڪو سڪ جو سڳو کڻي نڪري ۽ سموري دنيا جي سنڌين کي هڪ مالھا ۾ پوئي ڇڏي”.(2)
ملايا، سينگاپور ۽ ٿائيلينڊ الطاف شيخ جي نظر ۾:
“بندر بازاريون” سفرنامي ۾ ليکڪ “سرفراز رفيقي” جھاز تي اوچتي ڊيوٽي لڳڻ سبب، اوڀر پاسي وارن ملڪن، ملايا، چين، سنگاپور، ٿائيلينڊ هانگ ڪانگ ۽ جپان ڏانھن سفر ڪري ٿو. ڪتاب جي شروع، ۾ مئرين اڪيڊمي جي سليڪشن جي ڄاڻ سان گڏ، جھاز جي بناوٽ ان جا قسم ۽ اسٽاف وغيرہ جي باري ۾ معلومات ڏني وئي آهي، گڏوگڏ (Seasickness)، (سمنڊ ۾ سفر ڪندي خراب موسم جي ڪري ٿيندڙ بيماري جنھن ۾ الٽيون ڦيري ۽ مٿي ۾ سور ٿيندو آهي)، جي ڄاڻ ڏنل آهي ۽ اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ اهڙا اتفاق ڪڏهن ڪڏهن ٿيندا آهن، اها سڀ معلومات مئرين اڪيڊميءَ ۾ ڀرتيءَ جي خواهشمندن يا سامونڊي زندگيءَ بابت ڄاڻ وٺندڙ لاءِ خاص طور ڏنل آهي. هن سفرنامي ۾ جھاز پھرين ملايا، جي ٻيٽ “پينانگ” تي پھچي ٿو. پينانگ ٻيٽ ڊيوٽي فري ٻيٽ آهي، جتي تمام گهڻي سستائي آهي، ليکڪ، چواڻيءَ تہ “ليڊيز جي تہ ڄڻ لئہ آهي ۽ عورتن جي لاءِ انھن شھرن جو هڪ هڪ ڏينھن عيد برابر آهي.”
الطاف شيخ موجب تہ، ملايا ۾ چار قومي زبانون آهن، انگريزي، چيني، ملئي ۽ تامل جيڪڏهن پويون ٽي زبانون ڪنھن کي نٿيون اچن تہ خير آهي، انگريزي اتي بلڪل عام آهي، هڪ عام رڪشا وارو يا اڻ پڙهيل دڪاندار بہ سٺي انگريزي ڳالھائي ٿو. ملايا ۾ سنڌي ڪافي تعداد ۾ آهن ۽ دوڪاندار بہ سنڌي گهڻا آهن، سنڌين جي واپار وڻج لاءِ اتي هي قول عام آهي، Salisman means sindhi, sindhi means salisman. ملايا جا مسلمان ملئي زبان ڳالھائيندڙ ۽ شڪل و صورت ۾ چينين جھڙا آهن، هتي چيني بہ رهندڙ آهن. جن مان ڪجهہ مسلمان آهن تہ ڪي عيسائي آهن، ڪجهہ ٻڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ آهن، ملايا ۾ ننڍيون وڏيون هر قسم جون هوٽلون آهن. جن جو کاڌو ذائقي ۾ ٺيڪ ٺاڪ آهي، هتي خاص طور پان تمام سٺا ملن ٿا. گرم مصالحو، ادرڪ، کاڄا ۽ لونگ ڦوٽا خاص طور سستا آهن. ملايا ۾ چيني، ملئي، انڊين، پنجابي، سنڌي، گجراتين ۽ کوجن سان گڏ، اڪثريت سنڌي هندوئن جي رهائش پذير آهي، ملايا جي مشھور شھرن ۾ پينانگ، بئروٿ ۽ پورٽ ڪلانگ آهن، گهمڻ جي هنڌن ۾ نانگن جو مندر، پينانگ ٻيٽ، پينانگ جو باغيچو، ميرلين هوٽل جي ڇت تي ٺھيل گول ڦرندڙ ريسٽورينٽ (Revolving restaurant) ۽ ڪجهہ اهم بازارون شامل آهن.
سنگاپور کي الطاف شيخ پنھنجن سفرنامن ۾ گهڻو ذڪر ڪيو آهي، سندس رهائش انھيءَ ملڪ ۾ وڌيڪ وقت رهي آهي، لکي ٿو تہ، “سنگاپور” جي زيادہ ڪمائي ٻاهرين ملڪن مان آيل سياحن ۽ جھازن جي ڪري آهي. سنگاپور جھازن جي تيل جو وڏو مرڪز آهي، جاگرافي نقطئہ نگاھہ کان ڪجهہ اهڙي هنڌ تي آهي، جو هر جھاز پئسفڪ وڏي سمنڊ کان، هندي وڏي سمنڊ ڏي ايندي يا ويندي، ڏکڻ چيني سمنڊ مان لنگهندي، سنگاپور وٽان ضرور لنگهي ٿو. تيل جي وڏي مرڪز ۽ فري پورٽ کان علاوہ هڪ ٻرندڙ شمع، مثل آهي. جنھن جي چوڌاري پتنگن وانگر جھاز ميڙ ڪيو بيٺا هوندا آهن. سنگاپور جي آمدنيءَ ۾ رٻڙ ۽ ناريل جي پوک کان علاوہ کاڻين مان نڪتل شيھو بہ شامل آهي پر گهڻي ڪمائي سياحت جي ڪري آهي، سينگاپور سنسڪرت لفظ “سنگاپور” مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ “شينھن جو گهر” شھر ۾ جتي ڪٿي سنگ مرمر جا شينھن جا مجسما ڏسڻ ۾ ايندا جن هيٺ Lion City لکيل هوندو.
سنگاپور 20 لک آباديءَ جو ملڪ آهي (اها آبادي 1973ع، جي شمار ٿيندي) پر انتھائي صاف سٿرو ملڪ آهي جتي رستي ۾ ٿڪ اڇلائڻ، سگريٽ جو ٽوٽو ڦٽي ڪرڻ تي بہ پنجاھہ ڊالر ڏنڊ ۽ جيل جي سزا آهي. هتي انڊين ايئرلائينز، انڊين ٽوئرسٽ بيورو جي سروس سٺي آهي، انڊين بئنڪون ۽ انڊين هوٽلون گهڻيون آهن، انھيءَ کان سواءِ هندوستاني ڪتاب اخبارون ۽ رسالا پڻ عام جام آهن ۽ انڊيا جي تھذيب و تمدن جي پبلسٽي وڌيڪ آهي، سنگاپور ۾ سنڌي هندو تقريباً 10 هزار کان بہ وڌيڪ آهن، جڪارتا، انڊونيشيا ۽ هانگ ڪانگ ۾ بہ سنڌين جو تعداد جهجهو آهي. هتي سنڌي هندوئن جي مرچنٽ ايسوسيئيشن آهي. (جنھن جي سيڪريٽريءَ مسٽر رامچند کان ورتل انٽرويو ڪتاب ۾ تفصيل سان ڏنل آهي). سنگاپور جي سنڌين جي هيءَ مرچنٽ ايسوسيئيشن باقائدہ رجسٽرڊ آهي جا 1921ع، ۾ رجسٽر ٿي، هن ايسوسيئيشن کي پنھنجي ٽيليفون ڊائريڪٽري آهي ۽ سندن گڏجاڻيون “سنڌو هائوس” بلڊنگ ۾ ٿينديون آهن. سنڌي ٻارن کي چيني ۽ انگريزي سيکارڻ سان گڏ سنڌي سيکارڻ لاءِ سنڌين هڪ الڳ اسڪول بہ قائم ڪيو آهي، تہ جيئن سندن ايندڙ نسل سنڌي ٻوليءَ کان باخبر رهي.
ٿائيلينڊ الطاف جي نظر ۾ ٻڌ ڌرم کان مشھور ملڪ آهي. هتي انگريزي ورلي ڪو ڳالھائيندو ٿائيلينڊ ۾ ٿائي زبان ڳالھائي ويندي آهي. ٻڌ ڌرم 25 سئو سال اڳ هتي پھتو، هتي جي ٻڌن جي پگوڊن عبادتگاهن ۽ ٻڌ ڀڳشوئن (ٻاون) کي ڏسڻ لاءِ ٻڌ ڌرم جا ماڻھو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندا آهن. ٿائيلينڊ جو مشھور شھر “حاديه” ۽ مشھور بندرگاھہ “سونگ ڪلا” آهي. ٿائيلينڊ جي مذهب تي هندو مذهب جو اثر پڻ شامل آهي، هندو ڌرم جا ڪيترائي ڪتاب مثلاً ڀڳوت گيتا ۽ رامائڻ وغيرہ. ٿائيلينڊ جي اسڪولن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ٿائي زبان سنسڪرت جي Modification آهي.
بندر بازاريون الطاف شيخ جي شروع، جي لکيل سفرنامن ۾ دلچسپ سفرنامو آهي، جنھن ۾ مٿين ٽنھي ملڪن جي تاريخ ۽ جاگرافيائي ڄاڻ سان گڏ تفصيلي معلومات مھيا ڪيل آهن.
(هيءُ سفر نامو C.SS جي چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ۽ ڊگري ڪلاسن لاءِ نصاب ۾ مقرر رهيو، هن جو هڪ باب “سنگاپور ۾ سنڌي” جي عنوان سان ڊاڪٽر نواز علي شوق سندن مضمونن جي مجموعي “هٻڪار”، ۾ بہ ڏنو آهي). سيٺ رامچند جو انٽرويو بيان ڪندي الطاف سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جي ملاوٽ جو ذڪر ڪري ٿو تہ فيصلو عالمن، اديبن، مفڪرن ۽ دانشورن تي ڇڏي ڏئي ٿو. سندس چوڻ مطابق هندوستان جي سنڌيءَ ۾ هندي ۽ سنسڪرت، پاڪستان جي سنڌيءَ ۾ عربي، فارسي ۽ اردو، سنگاپور جي سنڌيءَ ۾ ملئي ۽ انگريزي، اسپين جي سنڌيءَ ۾ اسپيني لفظ يا اصطلاح هاڻي شامل ٿي ويا آهن، اهو سٺو آهي يا خراب انھيءَ لاءِ بحث جي ضرورت آهي، اهو فيصلو عالمن، اديبن، مفڪرن ۽ دانشورن کي ڪرڻ کپي تہ اهو صحيح آهي يا نہ؟ هن اهم موضوع، تي الطاف جو سوچڻ، فڪر ڪرڻ ۽ دانشورن ۽ عالمن کي هن خاص نقطي تي سوچي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ چوڻ سان، سندن سنڌي ٻوليءَ سان محبت ظاهر ٿئي ٿي ۽ دنيا ۾ سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙن سان ملڻ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقيءَ ۽ ترويج جي لاءِ ورتل ڪوششن جو جائزو ڏيڻ سان سندن سنڌيت جو ثبوت ملي ٿو. هن ڪتاب ۾ ٻولي سليس ۽ عام فھم استعمال ٿيل آهي، لفظن ۽ جملن جو استعمال سھڻو آهي، موقعي مطابق چوڻيون ۽ پھاڪا استعمال ٿيل آهن، جيئن “رڃ ۾ ڪنھن مسافر کي پاڻيءَ سرڪ ملي ڄڻ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي سڻائو سمنڊ مليو”، “ٻہ بہ ويون ڇھہ بہ ويون”، “ڏيھہ کي ڄاڻ پوي تہ ڀلي پوي باقي ڏيراڻيءَ کي نہ هئڻ گهرجي”، “يا شاھہ سائين جي بيتن جو استعمال جابجا نظر ايندو. جيئن.
پيھي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
تہ نڪو ڏونگر ڏيھہ ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنھون ٿيس پاڻ، سسئيءَ تان سور ويا.
سو هي سو هو، سو اجل سو ﷲ،
سو پرين سو پساھہ، سو ويري سو واهرو.
مجموعي طور “بندر بازاريون” علمي ۽ ادبي طور اهميت وارو سفرناموآهي.
سمونڊ جي سيوين: 1972ع، ۾ ڇپيل آهي، هن سفرنامي جي شروعات شاھہ سائينءَ جي هن بيت سان ٿيل آهي.
سمونڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
چلر جي چوئين، تن سانکونٽا ۽ سُتيون.
سمونڊ جي سيوين، الطاف جي لکيل سفرنامن ۾ شروعاتي دؤر جو ۽ ترتيب مطابق، چوٿون نمبر سفرنامو آهي، 195 صفحن جو هيءَ ڪتاب نيويارڪ، لنڊن، آفريڪا، جرمني ۽ پولينڊ جي ملڪن جي ڄاڻ ڏئي ٿو.
“سمونڊ جي سيوين” انجمنِ فروغ ادب هالا وارن، سنڌ پرنٽنگ پريس اڪال ڀونگا گهٽي حيدرآباد مان ڇپايو. ڪتاب جي شروع، ۾ پاڪستان نيويءَ جي ڪمانڊر اسرار ﷲ جي طرفان انگريزيءَ ۾ لکيل تعريفي خط پڻ ڏنل آهي. سفرنامي ۾ ڪل ست باب آهن پھريون باب آمريڪا ۽ نيويارڪ جي ڄاڻ تي مشتمل آهي.
آمريڪا ۽ نيويارڪ ليکڪ جي نظر ۾ هن ريت آهن.
(1) آمريڪا ۾ زرعي ترقي جديد اصولن تي مبني آهي.
(2) نيويارڪ جي شھر تي نہ صرف هن ملڪ کي، پر سڄيءَ آمريڪا کي فخر آهي، هيءُ شھر دنيا جي وڏن ۽ با رونق شھرن مان آهي، ويھين صديءَ جي تھذيب ۽ ترقيءَ جو هڪ نادر ۽ انوکو نمونو آهي.
(3) سڄي نيويارڪ اسٽيٽ مختلف ايونيوز ۾ ورهايل آهي هتي جو “Railway System” تمام بھترين آهي.
(4) آمريڪا ۾ ٽئڪسيءَ جو سفر ايترو تہ مھانگو آهي، جو صرف سمگلر ئي ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن سڄي شھر جو سئر ٽڪسيءَ ۾ ڪجي تہ شام تائين ايترو بل ٿي ويندو. جو ان مان نئين گاڏي وٺي سگهجي ٿي.
(5) آمريڪا جي آئس ڪريم ۽ ملڪ شيڪ جو مقابلو دنيا جو ڪوبہ شھر نٿو ڪري سگهي.
(6) آمريڪا ۾ هر شيءَ جي پيڪنگ تمام خوبصورت هوندي آهي. بعض اوقات خريد ڪيل اصل شئي کان سندس پيڪنگ جو مٽيريل وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي.
(7) نيويارڪ ۾ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ، اسٽيچيو آف لبرٽي، ٽائيمس اسڪوائر ۽ سينٽرل پارڪ کي بيان ڪندي ليکڪ لکي ٿو تہ: “نيويارڪ دراصل ننڍن ٻيٽن سان مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جھڙوڪ: مئن هٽن، بروڪلن برانڪس، اسٽيٽن آئيلينڊ، ڪوني آئيلينڊ، ڪئينس وغيرہ. جيئن ڪراچيءَ جا ڪيترائي حصا آهن، منوڙو، ڪياماڙي، ناظم آباد، صدر، ملير، لانڍي وغيرہ ۽ سڀني ۾ بارونق جڳھہ “صدر” آهي تيئن نيويارڪ جو سڀ کان خوبصورت ۽ مشغول علائقو “مئن هٽن” آهي، جنھن کي عام طرح نيويارڪ ڪوٺجي ٿو”.
لنڊن جي باري ۾ ليکڪ جي راءِ
(1) انگلينڊ جي عوام جي زندگي منظم آهي. هتي ٽرئفڪ جو انتظام ۽ ڪميونيڪيشن سسٽم تمام سٺو آهي.
(2) لنڊن ۾ پاڪستانين ۽ هندستانين جي اڪثريت آهي، ايترا انگريزن جي حڪومت ۾ بہ پاڪستان ۾ انگريز نہ هئا، جيترا توهان کي پاڪستاني، هندوستاني، انگلينڊ ۾ نظر ايندا. انگلينڊ ۾ ايترا تہ پاڪستانين جا دڪان آهن جو اتان هر شيءِ اٽو، ڳڙ، آچار، مرچ مصالحي کان وٺي ڀڳڙن، ريوڙين ۽ مٺائيءَ تائين هر شيءَ ملي ٿي.
(3) لنڊن جي پر سڄي انگلينڊ جي موسم بي ڀروسي آهي، بقول ليکڪ انگلينڊ جي موسم ۽ محبوبہ تي ڪھڙو ويساھہ؟ هي موسم ستارن جي اثر وانگر اتي جي ماڻھن جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل آهي.
(4) ٽيمس ندي ۽ انھي مان ٻڌل پليون، جيئن (ٽاور برج، ريلوي برج، واٽر برج وغيرہ) جي ذڪر سان گڏ پڪاڊلي، سرڪس، بئنڪ آف انگلينڊ، مشھور ريڊيو اسٽيشن، بي بي سي، ويسٽ منسٽر، ميڻ جو عجائب گهر ۽ آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جو مختصر ذڪر ڪيل آهي.
(5) جرمنيءَ کي الطاف شيخ خوبصورت سائين بورڊن سان سينگاريل ۽ بھترين دڪان سازيءَ کان مشھور شھر ڄاڻايو آهي. جنھن جا خوبصورت ڊپارٽمينٽل اسٽور سھڻا سجايل آهن. سخت سرديءَ جي باوجود جرمنيءَ کي گهمڻ ڦرڻ ۾ انتھائي لطف آهي.
“بردمودا ٻيٽ” جيڪو نيويارڪ کان سئو ڪلو ميٽر پري آهي، انھيءَ ٻيٽ تي اتفاق سان جھاز جي بئالرن جي خرابيءَ سببان، لنگرانداز ٿيڻ جو احوال آهي، هن ٻيٽ کي “جھازن جو قبرستان” سڏيو ويندو آهي. جو هتي سامونڊي حادثا گهڻا ٿيندا آهن. ليکڪ کي هن سنسان ٻيٽ تي اصولڪي رهاڪن ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي گورن سان گڏ هڪ سنڌي حيدرآباد هيرآباد جي فئملي ملڻ تي عجب ٿئي ٿو، جيڪي 1915ع، کان هن ٻيٽ تي آيل هئا.
(1) پولينڊ جا رهاڪو مھمان نواز، سچار، صاف دل، خلوص وارا ۽ ايماندار آهن.
(2) پولينڊ ۾ قانون جو احترام تمام گهڻو آهي، پولينڊ، روس، رومانيه ۽ بلغاريہ ۾ اڪيلي گهمڻ ڦرڻ ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونھي هتي ڌاڙي يا ڦرلٽ جو مثال مشڪل سان نظر ايندو.
(3) پولينڊ ۾ بھترين صفائي آهي، روڊ ايڪسيڊنٽ نہ هئڻ جي برابر آهن.
(4) کاڌي پيتي ۾ ڪوڪ وغيرہ جي بجاءِ جوس کي اهميت آهي، هوٽلن ۾ کاڌو صحت جي اصولن مطابق صاف سٿرو ملي ٿو.
(5) ملڪ ۾ ڌارين ملڪن جي لٽريچر تي پابندي آهي ۽ ڪسٽم جي چيڪنگ سخت آهي، ملڪ جي اندر بہ فحش لٽريچر تي سخت پابندي آهي.
(6) پولينڊ جي خوش مزاج عوام ۾ آرٽ ۽ موسيقيءَ جو سٺو قدر آهي، هن ڪتاب جي پڄاڻيءَ ۾ ليکڪ پولينڊ جي مسحور ڪن موسيقي تي سھڻا ڪمينٽس (Comments) ڏنا آهن.
“لورپورجا ڏينھن ۽ مانچسٽر جون راتيون” جي باب ۾ خيرپور جي محمد علي جماڻي، لياقت جماڻي ۽ لعل جوڻيجي سان قرب ڀرين ڪچھرين جو احوال آهي، لعل جوڻيجي سان ادبي ڪچھريءَ جي ڏي وٺ ۾ “روح رهاڻ” جي بندش تي ڏک جي اظھار سان گڏ “سھڻي” رسالي جي خدمتن جي ساراھہ آهي، گڏوگڏ طارق اشرف، غلام نبي مغل، ظفر حسن، نسيم کرل، امداد حسيني، وليرام ولڀ جن جي افسانن ۽ شاعريءَ تي بحث مباحثو آهي. محمد علي ۽ سندس زال جينيءَ جي ٺاهيل ڳڙ ۽ مکڻ جي بسرين کائڻ سان گڏ برف وسندي جڏهن يوسف، روبينہ، روناليليٰ ۽ خميسي خان جا الغوزي جا رڪارڊ ٿي وڄيا تڏهن ليکڪ چواڻيءَ تہ، “ڪا خبر ڪونہ هئي تہ مھمان ڪير آهي ۽ ميزبان ڪير؟ انھن پرديس جي ملاقاتن ۾ ديسي ڪچھرين ۽ ديسي کاڌن جي هڪ عجيب لذت ۽ سواد هو”.(3)
نيويارڪ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ساٿين جي محبت سندس من موهي ورتو. مير مبارڪ ٽالپر، يوسف ڏاهري ۽ نور احمد نظاماڻي جن کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون.
هيءُ مختصر سفرنامو، باقائدہ هڪ ملڪ جو احوال نہ آهي بلڪہ هن ۾ مختلف هنڌن جي معلومات آهي، جنھن ۾ لنڊن، آمريڪا، نيويارڪ ۽ پولينڊ جو ذڪر وڌيڪ تفصيلي آهي، اهي ئي سفرنامي جا حصا وڌيڪ وڻندڙ آهن. پولينڊ جي سفر وارو باب پڙهڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪير پولينڊ وڃي تہ هو ڌارئين ملڪ جي لحاظ کان بلڪل خوفزدہ نہ ٿيندو، تہ هتي مون سان ڪھڙو سلوڪ ٿيندو؟ ڇو جو الطاف صاحب پولينڊ جو نقشو اهڙو چٽيو آهي، جو ائين ٿو لڳي تہ، پولينڊ ۾ شينھن ۽ ٻڪري هڪ ئي گهاٽ تي پاڻي پين ٿا. ڪتاب جي ٻولي مناسب آهي، ليکڪ جي شروع، دور جي سفرنامن ۾ ڪجهہ ڪجهہ هنڌن تي ٻوليءَ جي ترتيب ۾ نقص آهن. تہ اردو جا لفظ پڻ استعمال ٿيل آهن. جيئن، دوران گفتگو، پرواز، رچي بسي وغيرہ گڏوگڏ اڳيان هلي الطاف شيخ جي لکڻيءَ ۾ پختگي اچي وئي آهي ۽ سندس ڪتابن جا پروف بہ ڌيان سان جانچيل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪافي هنڌن تي پھاڪن ۽ چوڻين جو استعمال موقعي مطابق آهي، مثال طور “ٻہ بہ ويون ڇھہ بہ ويون”، “لھي لوھہ بہ ڪونہ، چئي منھنجو نالو سون ٻائي”، “اڃا ڪي آهن ڪلجڳ منجهہ ڪاپڙي”، “اٺ آنا اُٺ جا، ٻارهن آنا کڻاڻي، ڪري پئي کوه ۾ تہ ڏيڍ رپيو ڪڍاڻي”، “ڏينس ٽُڪر تہ هيءَ چئي سمھان وچ ۾”، وغيرہ. مجموعي طور هي سفرنامو شروع، دور جي سفرنامن ۾ اهميت رکي ٿو. معلومات ۽ ڄاڻ جي لحاظ کان هن جي هڪ خاص حيثيت آهي.
وايون وڻجارن جون: الطاف شيخ جي شروع، دور جي لکيل سفرنامن مان هڪ آهي. اپريل 1974ع، ۾، سھڻي پبليڪيشن الھندو ڪچو، جي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. انھيءَ کانپوءِ ڇپجندڙ رهيو آهي. 220 صفحن جو هيءُ ڪتاب هانگ ڪانگ ۽ ان جي ويجهڙائيءَ جي تفصيلي معلومات تي مشتمل آهي، هن سفرنامي جو انتساب سنڌ جي شھر “هالا” جي نالي آهي. مھاڳ طارق اشرف جيل مان “سفرنامو، جيل نامو” جي عنوان سان لکيو. جنھن ۾ طارق لکيو آهي تہ،
“پاڻ مختلف ملڪن ۽ بندرگاهن جي سير سان گڏ، اتي جي تھذيب و ثقافت کان واقف ڪرائي ٿو ۽ سندس سفرنامن ۾ ڪارائتي معلومات هوندي آهي. گڏوگڏ ننڍيون ننڍيون دلچسپ ۽ اڻ وسرندڙ، جيئريون جاڳنديون ڪھاڻيون ۽ دلچسپ واقعا، هنڌائتا لطيفا، پڙهندڙ کي تفريح جو پورو موقعو ميسر ڪن ٿا”. اهو بہ لکي ٿو تہ، “الطاف جادوگر آهي، پڙهندڙ سندس لکڻيءَ جي منڊ ۾ منڊجي پوي ٿو.” (4)
هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ جي پرستارن ۽ دوستن جا تنقيدي ۽ تعريفي خط شامل آهن. جن مان قمر شھباز، استاد بخاري، عنايت بلوچ، ڊاڪٽرسليمان شيخ، شيرين فاروقي، سيما ممتاز عباسي، تبسم ماهتاب ايڊووڪيٽ ۽ ٻين جا خط اچي وڃن ٿا.
وايون وڻجهارن جون، جي شروعات نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي جھاز جي هانگ ڪانگ ۾ لنگرانداز ٿيڻ تي ٿئي ٿي، جنھن ۾ هن دفعي ڊيوٽيءَ دوران ليکڪ پھريون دفعو آيو هو. (حالانڪہ پوءِ سندن گهڻا سفرناما، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملايا ۽ ٿائيلينڊ جي باري ۾ آهن).
هانگ ڪانگ جي تفصيلي احوال سان گڏ، آخر ۾ خوبصورت مڪائو ٻيٽ جو احوال آهي، مڪائو هانگ ڪانگ کان چاليھہ ميل پري آهي، جيڪو ليکڪ چواڻيءَ تہ؛ جوا ۽ سون جي ناجائز خريد و فروخت ۾ مشھور آهي، مڪائو جي ويجهو تائيپا ۽ ڪولاني ٻيٽ آهن. جيڪي پوريءَ دنيا ۾ آتش بازيءَ جو مادو ٺاهڻ ۾ مشھور آهن. هتي ٽنھي ٻيٽن جا اصل باشندا هانگ ڪانگ وانگر چيني آهن، مڪائو جي لاءِ شيخ صاحب لکي ٿو تہ:
“هانگ ڪانگ اچي مڪائو نہ ڏسڻ ائين آهي، جيئن حيدرآباد اچي ڄامشورو نہ ڏسڻ، يا قلندر جي ميلي تي سيوهڻ اچي ڳانا نہ خريد ڪرڻ”. (5)
الطاف جي معلومات موجب، “هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) جو ٻيو حصو ڪولون آهي، هانگ ڪانگ جنھن جي معنيٰ “خوشبودار بندرگاھہ” انگريزن جي قبضي ۾ 1842ع، ۾ آيو. هتي اڪثريت عوام جو مذهب ٻڌ ڌرم آهي. هانگ ڪانگ سنگاپور ۽ ملايا جا چيني بيحد محنتي، اورچ ۽ ذهين آهن “بليڪ پيئر” هانگ ڪانگ جو ڪياماڙيءَ وانگر پران کان بہ وڌيڪ ماڊرن ڪشادو ۽ صاف سٿرو هنڌ آهي، جتان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ملڪن جي جھازن جو سمنڊ جي ڌڪي (Jetty) تي لڳڻ جا ۽ ماڻھن جي آمدرفت جا نظارا پسي سگهجن ٿا تہ ان جي مٿئين حصي مان هانگ ڪانگ جو ٻيٽ ۽ ڪولون جا ڪنارا، چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هانگ ڪانگ ۾ هزارين سنڌي رهن ٿا ۽ ٻين هندوستانين ۽ پاڪستانين جو تعداد بہ تمام گهڻو آهي. هانگ ڪانگ خريدارن لاءِ جنت آهي، ڇو جو هتي ٽئڪس نہ هئڻ ڪري انيڪ شيون سستيون آهن. هانگ ڪانگ ۾ الڪٽريڪل مصنوعات کان علاوہ ريڊي ميڊ ڪپڙا تمام سستا آهن. جيڪي يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ بہ ملن ٿا. هتي ڪپڙو ۽ سلائي ٻيئي سستا آهن. ڪپڙن جي بھترين سلائيءَ لاءِ گهڻا دڪان سنڌين جا آهن، جن تي ڪاريگر چيني ۽ سنڌي آهن. “کاڌي جي لحاظ کان نانگ بلائون، ڪڇون، ڪيڪڙا ۽ آپٽوڪس انھن لاءِ ايترا سوادي ۽ لذيذ آهن. جيترو اسان جي لاءِ تتر، گانگٽ، مڪڙ ۽ پلا آهن” اهو بہ لکيو اٿس تہ؛”هانگ ڪانگ سوين ناچ گهرن، ڪلبن، مساج گهرن، شراب خانن، جوا جي اڏن ۽ عصمت فروشيءَ جي اڏن سبب، دنيا جي مختلف ملڪن جي سياحن جي لاءِ ڪشش جو باعث آهي. هانگ ڪانگ ۾ سياحن جي آمدرفت سبب ۽ فري پورٽ هئڻ سبب هر وقت ماڻھن جي تمام گهڻي پيھہ آهي، هتي هر قسم جون هوٽلون ۽ ريسٽورينٽ آهن. جيئن هوٽل حايات، ميرلين، ايمپريس ڪئنٽن، پئلس ۽ ڪجهہ سستيون هوٽلون فارچونا، فيوجي، انٽرنيشنل ۽ رايل وغيرہ آهن. مون لائيٽ، هماليہ، مغل ۽ گي لارڊ، ريسٽورنٽس کان علاوہ هتي ڪيترائي فليٽس هوٽلن جي (Mess) طور استعمال ٿيندا آهن. اهي ميسون مسلمانن، هندن، سکن، بنگالين، ڏکڻ هندوستانين ۽ پنجابين جون آهن جنھن جي لاءِ ليکڪ لکي ٿو؛ “هڪ دفعو هانگ ڪانگ جو ٻاهريون ماحول ڇڏي ڪنھن بہ ميس جو در کولي اندر گهڙندا تہ ائين سمجهندا تہ ڄڻ ڪراچيءَ جي ميٺارام هاسٽل يا جناح ڪورٽس جي ميس ۾ ويٺا آهيو، يا تہ ايل ايم سي جي هاسٽل جي ڪنھن ميس ۾”. (6)
برٽش نيشنلٽي رکندڙ نورالدين وهاب کي جڏهن، هانگ ڪانگ حڪومت طرفان دوڪان کولڻ جو اجازت نامو نٿو ملي ۽ هو ڪراچيءَ جي ناظم آباد ۾ دوڪان کولي هميشہ لاءِ اُتي رهڻ ٿو چاهي ۽ گڏوگڏ اهو ٿو ڄاڻائي تہ ڪيترا آفريڪين ۽ ٻين ملڪن جا ماڻھو بہ لڏي ڪراچيءَ ۾ وڃن پيا، تہ ليکڪ کي پراڻي سنڌي اخبار ۾ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ جيئي سنڌ اڳواڻن جو مطالبو ياد ٿو اچي تہ “ٿرين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي”. انھي وقت الطاف صرف سفرناما نگار نہ آهي، هو هڪ حساس اديب، سنڌي سڄاڻ آهي، جنھن کي هانگ ڪانگ جي اونداهي (Tunnel) سرنگهہ ۾ بي گهر ڏتڙيل ٿرين جي ياد چاڪ چڪائي ٿي. هو قوم لاءِ سوچي ٿو، تڙپي ٿو.
هو سوچي ٿو تہ: ٿر “جتي پاڻيءَ جي کوٽ، اناج جي کوٽ، خوشين جي کوٽ، نوڪرين جي کوٽ، بيماري، بک، بيروزگاري، انگ اگهاڙا ٻار، ڏتڙيل ۽ غريب ماڻھو، اميدن ۽ مطالبن تي زندھہ رهندڙ اسان جي اٻوجهہ قوم، ڪيڏا ڪلور ۽ ڪوس هن ڌرتيءَ تي ڪيڏا هاڃا، ڪيڏيون ڦريون، لٽيون، ڪيڏا گهوڙا ۽ گهلون، ڪيتريون جنگيون، ڪيڏيون غلاميون ۽ زنجيرون هر ڪو چوي ٿو تہ هاڻ عوامي دور اچي ويو آهي. سنڌ وري سکي بڻجي ويندي. سنڌ بھشت برين ٿيڻ واري آهي. ڇا تيستائين منھنجي نستي ۽ نٻل سرير ۾ ايتري شڪتي ۽ سگهہ رهندي جو مان ان جنت جي مرحبا ڪندس؟ ۽ ان بھشت کي ڀاڪر پائي سگهندس”. (7)
هن سفرنامي ۾ خاص طرح هانگ ڪانگ ۽ ان جي پاسي وارن ٻيٽن جو بيان آهي، هي سفرنامو سادن لفظن ۾ هانگ ڪانگ جي تفريح کي بيان ڪري ٿو. جنھن ۾ شڪارپور جي سيڪنڊ انجنيئر سعيد اختر زيديءَ سان گڏ گهمڻ ڦرڻ جو احوال آهي، تہ ٽوٽڪا ۽ چرچا پڻ آهن، گهمڻ ڦرڻ جي هنڌن جو تفصيل آهي تہ گڏ هوٽلن، ريسٽورنٽس ۽ شاپنگ جا احوال پڻ شامل آهن، ڪيترين شخصيتن سان ملاقاتون ۽ سندن شخصي تجزيو پڻ شامل آهي، ڪمبل پور جو پنجابي چوڪيدار هجي يا نورالوهاب فاروقي (واپاري)، ڪي سيتل سنڌي واپاريءَ سان ملاقات هجي يا فخرالدين ايم رضوي چيف انجنيئر ۽ سيد اڪبر شاھہ غازي چيف انجنيئر جي طبيعتن ۽ مزاج جو تضاد، سفرناما نگار ڄڻ سڄو خاڪو رنگن سان ڀري بيان ڪيو آهي.
ڪتاب ۾ ڪيترائي پھاڪا ۽ چوڻيون، موقعي مطابق، برجستا استعمال ٿيل آهن. “جيئن آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي ويٺي بورچياڻي”، “اڳئين هئي رُٺي ويتر جو آيس پيڪان نياپو”، “رب رسي تہ مت کسي”، “ڏندين ڏاند پر کرين گابي”، “ککر ۾ کڙو هڻڻ”، “اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني”، “سخيءَ کان شوم ڀلو جو ترت ڏي جواب”، مٺي بہ ماٺ، مُٺي بہ ماٺ، “ڦاسڻ کانپوءِ ڪھڙو ڦٿڪڻ” وغيرہ. هانگ ڪانگ جي هوٽل “حيات” جي فنڪشن ۽ سيٺ سيتل ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جن جي خاندان وارن سان ملاقات جو احوال ڏنل آهي. جنھن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي تہ هندوستان جي نئين نسل کي سنڌي زبان ۽ ادب سان لڳاءُ گهٽ آهي، جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ کي عربيءَ مان ڦيرائي ديوناگري لپيءَ ۾ ڪيو وڃي تہ شايد هندوستان ۾ سنڌيءَ کي بچائڻ لاءِ اهو طريقو ڪارگر ٿئي پر انھيءَ تي شيخ صاحب وڌيڪ ڪونہ لکيو آهي، فقط ايترو ڄاڻايو آهي تہ اها راءِ اڪثريت سان مسترد ٿيل آهي.
وايون وڻجهارن جون ۾ ڪجهہ اردو ۽ ڪجهہ سنڌي شعر بہ موقعي مطابق ڏنل آهن. ليکڪ شادين جي رسمن ۾ شرڪت ڪري هانگ ڪانگ جي سنڌين جي شادين جون رسمون ۽ رواج بيان ڪرڻ سان گڏ سندن ڳاتل، سنڌي ڳيچ ۽ لاڏا بہ بيان ڪيا آهن. مجموعي طور هي هڪ دلچسپ ۽ معلوماتي سفرنامو آهي.
ڪراچيءَ کان ڪوپنھيگن تائين: سفرنامو نيو فيلڊس پبليڪيشن 1995ع ۾ پھريون ۽ 1998ع ۾ ٻيو ڇاپو شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ محمد علي ڏيپلائيءَ لکيو آهي. 189 صفحن جو هيءُ سفرنامو 74 ننڍن بابن تي مشتمل آهي جن جا عنوان دلچسپ آهن. هن سفرنامي ۾ سئيڊن جو بيان آهي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سئيڊن جي موسم سان گڏ ان ملڪ جي ماڻھن، حالتن ۽ وقت جي پابندي، ڪم ڪرڻ جي شوق کي ڄاڻايو آهي، سندن موجب هتي جا ماڻھو محنتي آهن جڏهن تہ هتي رهندڙ ايشيائي ۽ آفريڪا جا ماڻھو بيروزگاري، الائونس وٺڻ ۽ ڪم گهٽ ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا جن سان سندن ملڪن جو مان گهٽجي ٿو ۽ خاص طور انھيءَ وقت ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻھن جي عزت ٻاهرين ملڪن ۾ گهٽ هئي جو هُو سندن موجب قائدن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آهن. افسوس سان لکيو اٿن تہ؛ “توهان بذاتِ خود کڻي چور، چَرسي هُجو پر توهان جي ملڪ جو نالو مٿانھون آهي تہ توهان کي احترام جوڳو سمجهيو وڃي ٿو. ساڳئي وقت توهان جي ملڪ جو نالو بدنام آهي تہ توهان جھڙو بدترين ٻيو ڪونھي. توهان کڻي نيڪ ۽ نامور هُجو پر دنيا توهان کي نِڪمو، نالائق ۽ نيچ سمجهي ٿي”. (8)
جِت جَر وهي ٿو جال: ٻہ سئو ويھن صفحن جو پڪي جلد ۽ سھڻي ٽائيٽل ڪور سان ڪتاب، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو وارن، 1999ع، ۾ ٻيو ڇاپو ڇپايو آهي، “جت جر وهي ٿو جال”، جو پھريون ڇاپو فيروز ميمڻ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن شايع، ڪيو هو. هن ڪتاب جو انتساب بہ فيروز ميمڻ جي نالي آهي ۽ ڪتاب جو مھاڳ مشھور اديب عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي.سندس موجب تہ، “سفر نامي جي صنف کي عوامي سطح تي مقبول بڻائڻ ۾ الطاف جو وڏو هٿ آهي”. (9)
“جت جر وهي ٿو جال” جو عنوان شاھہ سائينءَ جي سُر سامونڊيءَ جي بيت مان ورتل آهي.
هن ڪتاب ۾ فيروز ميمڻ جو تعارف الطاف شيخ ڏنو آهي. الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن جي نہ ڇپجڻ لاءِ ڳڻتيءَ کي دل سان محسوس ڪيو آهي. سندن مطابق تہ؛ “هر ماڻھو ڪتاب پاڻ ڇپائي، مارڪيٽنگ نٿو ڪري سگهي. سنڌي ليکڪ پبلشرن جي هٿان، ڪافي پريشان آهن، ڪتاب جي لاءِ (پھريون لکو پوءِ ڇپايو پوءِ کپايو) ڪيڏو نہ ڏکيو مسئلو آهي. ڪنھن ليکڪ جو ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ نہ پڙهيو وڃڻ (صحيح مارڪيٽنگ نہ ٿيڻ) تمام وڏو صدمو آهي، انھيءَ ڪري خدا ڪري سنڌي پبلشر زندہ رهن ۽ سنڌي ڪتاب ڇپبا رهن”. (10)
ڪتاب جي شروع، ۾ ليکڪ مئرين اڪيڊمي ۽ مئرين ڪاليج جي ڄاڻ سان گڏ ملائيشيا جو تعارف ۽ خاص ملاڪا جي مئرين اڪيڊميءَ جي ڄاڻ ڏني آهي، ملاڪا مئرين اڪيڊميءَ ۾ الطاف شيخ اٺ سال استاد جي حيثيت سان پڙهايو آهي. ملائيشا ۾ وڌيڪ وقت رهڻ سبب هن هنڌَ کي پرکڻ جو موقعو وڌيڪ مليو آهي. هن سفرنامي ۾ ملائيشا جي ڪوالمپور، پينانگ ۽ ٻين ٻيٽن جي معلومات آهي. ليکڪ ملائيشا جي تاريخ، جاگرافي سياسي نظام ۽ رياستن جي احوال سان گڏ ملڪ جا قائدا، قانون خاص بيان ڪيا آهن. سندس چوڻ مطابق دنيا ۾ ملائيشا، سوئيڊن، سعودي عرب ۽ جپان ۾ قانون جو تمام گهڻو احترام آهي.
ملائيشا ليکڪ جي نظر ۾
(1) ملائيشا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي ترقيءَ ۾ سندن ملڪن جي عوام جي محنت ۽ همت سان گڏ قدرت جي طرفان، معدني دولتن جو وڏو هٿ آهي. ربڙ ۽ پام جي ٻوٽن ۽ تيل جي معدنيات، هن ملڪ کي ترقي يافتہ ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي.
(2) ملائيشا جي حڪومت ملڪ ۽ عوام جي ترقي سان گڏ، ٽوئرزم جي ترقيءَ کي بہ اهميت وٺرائي ٿي.
(3) انگريزن، ننڍي کنڊ کي 1947ع، ۾ ڇڏيو ۽ 31 آگسٽ 1963ع، تي ملائيشا کي آزادي ملي. پر ملائيشا جي عوام، انگريزن جي خوبين کي پنھنجو ڪيو. سندن محنت جي اڻ ورچ عادت، وقت جي پابندي ۽ قانون جي پابنديءَ کي سکي پنھنجي ملڪ کي ترقي يافتہ ملڪن جي برابر ڪيو آهي.
(4) ملائيشا ماڊرن سھولتن وارو صاف سٿرو ملڪ آهي، وڏي عمارت جاڙا ٽاور (Patronas, Twin Tower) هن ملڪ جي ترقيءَ جو اهڃاڻ آهي. “ملايا” جنھن جو هاڻوڪو نالو “ملائيشا” آهي ان جي وچ واري رياست سلينگور جي شھر “ڪوالمپور” جو خاص احوال ڏنل آهي، پينانگ ٻيٽ ۾ چيني مندر، ڪارن والس جو قلعو، ٻڌن جو مندر، بوٽينيڪل باغ ۽ سمنڊن جي ڪنارن جي ذڪر سان گڏ ڪئالا ڪنگسار، لموت، اپوح ۽ ٻين بہ ڪجهہ شھرن ۽ ٻيٽن جي معلومات ڏنل آهي. ملائيشا جي 1766ع، کان 1974ع، تائين جي تاريخ کي بہ بيان ڪيو ويو آهي، ڪوالمپور جيڪو عام طور K.L سڏيو وڃي ٿو، انھيءَ سان گڏ پينانگ جي تاريخ، جاگرافي ۽ تفريحي هنڌن جي ڄاڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ملائيشا ۾ رهندڙ پاڪستاني سفارتخاني جي اهل ڪارن جي واکاڻ ڪئي آهي. جيڪي نہ صرف پاڪستانين جي رهنمائي ڪن ٿا پر ملڪ جي تھذيب ۽ ڪلچر جو بہ پرچار ڪن ٿا. ملائيشا ۾ پاڪستاني سفيرن ۽ آفيسرن خاص طور بلگرامي صاحب، چوڌري صلاح الدين، عباسي صاحب ۽ سيد عظمت حسين کان قانصلر فوزيہ نسرين تائين سڀئي هر پاڪستانيءَ لاءِ قربائتا ۽ مددگار رهيا آهن.
الطاف صاحب جي چوڻ مطابق پرديس ۾ پاڪستانين جي طرفان آڌر ڀاءُ يا اخلاقي مدد سان دل تمام گهڻي خوش ٿيندي آهي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اتي اخبارن ۾ يا ميڊيا جي طرفان پاڪستان جي باري ۾ هنگامي يا فساد جون خبرون ملنديون آهن تہ، پرديس ۾ پنھنجي ملڪ جي بدنامي پنھنجي گهر جي گهٽتائي لڳندي آهي.
عالم چنہ جي تصوير هر بڪ شاپ تي گنيس بڪ آف ورلڊ جي نئين اشاعت تي ڏسي ليکڪ لکي ٿو تہ: “اسان بہ جنھن تنھن کي ٻڌائي پنھنجي لئہ رکندا آهيون، يعني گهوٽ جي ماءُ نہ سھي، گهوٽ جي پڦي تہ ٿياسين”
هيءُ سفرنامو هڪ ئي ملڪ ملائيشا جي تيرهن رياستن ۽ سھڻن ٻيٽن ۽ اهم شھرن جي محل وقوع، کان سواءِ سياسي ۽ سماجي ڄاڻ پڻ ڏئي ٿو. هيءُ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي، جنھن ۾ نقشن ۽ تصويرن جي مدد سان مختلف هنڌن جي نشاندہي ٿئي ٿي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سوانحي انداز سان ڪجهہ شخصيتن جي ذاتي حال احوال سان اتي جي ماحول جي خبر ڏني آهي، رستن ۽ روڊن جي ڄاڻ ۽ ٻوليءَ جي مختصر لفظن ۽ جملن جي سمجهاڻي سنڌيءَ ۾ ڏني اٿن. ڪجهہ پھاڪا ۽ چوڻيون بہ موقعي مطابق استعمال ٿيل آهن. ٻولي سادي ۽ بياني انداز پراثر آهي.
دنگي منجهہ درياھہ: سفرنامي جو پھريون ڇاپو 1987ع، ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن شايع، ڪيو جو سندن اشاعتي سلسلي جو ستانوي نمبر ڪتاب آهي. 190 صفحن جو هيءُ سفرنامو، مختلف ملڪن جي گڏيل احوال تي مشتمل آهي، جنھن ۾ آمريڪا، سنگاپور، بئنڪاڪ ۽ جپان سان گڏ مختلف ٻيٽن، فجي مئڊا، گاسڪر ٻيٽ ۽ فرانس جي “ٽرسٽان ٻيٽ” جو ذڪر شامل آهي. هن سفرنامي جو مھاڳ نصير مرزا لکيو آهي. نصير مرزا، الطاف شيخ کي “سنڌي سفرنامن جو سرواڻ ليکڪ ڄاڻايو آهي.” سندس موجب تہ؛ “الطاف جي لکڻ جو ڏانءُ اهڙو آهي جو ڄڻ ڪا سگهڙ عورت مختلف رنگ برنگي ٽڪرن مان رلي جوڙي راس ڪندي آهي”. (11)
هي سفرنامو ڪنھن ملڪ جي مخصوص احوال تي مبني نہ آهي پر هن ۾ ليکڪ مختلف هنڌن جي گڏيل معلومات ڏني آهي. ملايا، ٿائيلينڊ، جپان، سنگاپور، آمريڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي مُلڪن جو ذڪر آهي، مالاگاس جي مئڊاگاسڪر ٻيٽ جو احوال آهي. جيڪو دنيا جو چوٿون نمبر ٻيٽ شمار ٿئي ٿو تہ پئسفڪ سمنڊ جي فجي ٻيٽ جو بہ ذڪر آهي. (جتي مختلف قومن ۽ ملڪن جي باشندن سان گڏ هندوستانين جي بہ اڪثريت آهي، هن صاف سٿري ٻيٽ تي صحت جي اصولن مطابق زندگي بسر ڪندڙ عوام خوش باش آهي ۽ هن ٽئڪس فري ٻيٽ جي زندگي امن وا مان ۽ سانت واري آهي). دنيا جي نويڪلي ٻيٽ “ٽرسٽان” کي بہ ذڪر ڪيو ويو آهي، جنھن تي صرف سمنڊ جي لھرن جو آواز ۽ سڃ آهي پر تہ بہ ڪجهہ انگريز نويڪلائي کي پسند ڪندي رهائش پذير آهن. هن سفرنامي ۾ ٿائيلينڊ جي سِکن جا سوانحي بيان آهن تہ تائيوان جي ڪبوترن جي اڏام جو مقابلو پڻ آهي، آمريڪا جي ٽئڪسي ڊرائيورن جي بارگينگ بيان ڪيل آهي تہ آمريڪا جي سنڌين جي ايسوسيئيشن جو تفصيل ۽ ايڊريسون پڻ ڏنل آهي، بار سلونا (اسپين) جي پوڙهي انگريز ۽ جهوني جھاز ران سان جھازن جي دنيا جي ڪچھري آهي تہ گڏوگڏ ملائيشا ۾ راڌا ڪرشن پارواڻيءَ سان سنڌ ۽ سنڌيت جي ملاقات پڻ شامل آهي. سنگاپور جي سکن جي احوال ۾ مئرين انجنيئر سردار تارا سنگهہ، سردار چنن سنگهہ، سردار هري سنگهہ ۽ مسز راول ڪور جي سوانحي بيان سان گڏ “پڳ وارو پير” جي عنوان سان، پير صاحب پاڳارو سان ملاقات جو تفصيل اهم آهي. الطاف صاحب ڪراچيءَ ۾ ڪم سانگي، پير صاحب پاڳاري، پير سڪندر شاھہ سان جيڪا ملاقات ڪئي، انھيءَ جو احوال دلچسپ ڏنل آهي. لکن ٿا:
“موڪلائڻ وقت سندس مرڪ مدتون گذرڻ بعد، ڏور ڏور هتي ملائيشا ۾ ويٺي وساري نہ سگهيو آهيان. سندس ڳالھائڻ جو اسٽائيل ۽ ڳالھہ جي تھہ تائين تکو پھچڻ لاءِ ٿورن سوالن جي چونڊ ۽ ان بعد At a spot فيصلو ڪري وٺڻ، قابل داد ڳالھہ آهي”. (12)
شيخ صاحب “دنگي منجهہ درياھہ” ۾ لڪي ساداتن جي مشھور و معروف سلسلي جي پيرن جي سوانح ۾ پير محمد راشد کان پير صبغت ﷲ (حر تحريڪ جي اڳواڻ) پير سڪندر شاھہ، تائين جي باري ۾ تفصيلي احوال ڏنو آهي.
ٿائيلينڊ ۽ ملايا جي باري ۾ سندس راءِ آهي تہ،
(1) سڄيءَ ملاڪا رياست جي آدمشماري ڪوٽڙي شھر کان گهٽ آهي، بلڪہ ٽنڊو آدم يا شھدادپور جيتري ٿيندي، لکن ٿا تہ: “ٿائيلينڊ جي شھر بئنڪاڪ ۾ جيڪو مساج (مالش) گهرن، رنڊين جي گهڻائيءَ ۽ ٻڌ ڌرم جي مذهب کان مشھور آهي. تنھن ۾ هڪ سئو چاليھہ کن مسجدون آهن ۽ ٻن لکن کان وڌيڪ مسلمان فقط بئنڪاڪ شھر ۾ رهن ٿا.
(2) بئنڪاڪ جي سينٽرل مسجد سورهن هزار چورس ميٽرن جي ميدان تي آهي. هيءُ مسجد تعمير جي فن جو نادر نمونو آهي. جنھن ۾ مدرسو، آڊيٽوريم، ڪلچرل، سينٽرل لائبريري ۽ کوجنا گهر پڻ آهن. جنھن ۾ هڪ ئي وقت پنج هزار مسلمان نماز پڙهي سگهن ٿا.
(3) ٿائيلينڊ ۾ اڄڪلھہ اسلامي تعليم عروج تي آهي، اسلامڪ آئيڊيالاجي ۽ اسلامي تاريخ جھڙا سبجيڪٽ اتي پڙهايا وڃن ٿا. هتي جي هوٽلن تي هوٽل جي نالي مطابق مخصوص کاڌو ملي ٿو. جيئن ملئي هوٽلن ۾ ملئي کاڌو. چيني هوٽلن ۾ چيني ۽ انڊين هوٽلن ۾ هندوستاني طرز جو کاڌو ملي ٿو. ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي انڊونيشيا ۾ رهن ٿا 15 هزار فئمليون تہ صرف جڪارتا ۾ آهن ڪل انڊونيشيا ۾ 25 هزار کن سنڌي فئمليون آهن.
ڏيھہ کي پرڏيھہ سان ملائيندي الطاف شيخ رستن روڊن ۽ گلين سان گڏ شھرن جي ڀيٽ بہ وڻندڙ ڏئي ٿو. جيئن مثال طور “اسان جي مئرين ٽائيم اڪيڊمي ملاڪا جي وچ شھر کان مفاصلي ۾ ايترو پري آهي، جيترو پيٽاري جو ڪئڊٽ ڪاليج حيدرآباد شھر کان”.
“پيٽارو کي الوداع، چئي چٽنگانگ پھچڻ تي پھرين شيءِ جا ياد آئي سا موسم هئي. حيدرآباد پاسي جي ٿڌين راتين جي چٽگانگ جي گهميل راتين سان ڪيئن ٿي ڀلا ڀيٽ ڪري سگهجي؟ ڄامشوري، حيدرآباد ۽ پيٽارو جي شامن ۾ جيڪو نشو ۽ خمار آهي، ان کي تہ چاليھہ سال اڳ ويل هندو واپاري ۽ انگريز حاڪم بہ وساري نہ سگهيا آهن”.
“ملاڪا سنڌ جي شھر حيدرآباد جيان آهن. جنھن جي هڪ پاسي ڪراچيءَ وانگر سئو سوا سئو ميلن تي سنگاپور آهي تہ ٻئي پاسي بئنڪاڪ ائين آهي جيئن حيدرآباد کان خيرپور يا سکر” . (13)
“دنگيءَ منجهہ درياھہ” الطاف شيخ جو 1987ع، جو سفرنامو مختلف ٻيٽن جي احوال بابت هوندي بہ دلچسپ آهي. ليکڪ موجب تہ؛ هي سفرناما “مون هڪ هنڌ ڪرسيءَ ٽيبل تي چڙهي ويھي ٿورو ئي لکيا آهن، ڪو باب جھاز جي ڊيڪ تي، ڪو لنگر جي رسيءَ کي ٽيڪ ڏئي، ڪو جھاز جي ڪاريڊار ۾، ڪو جھاز جي اوپن ايئر لائونج ۾، ڪو پوسٽ جي دٻي وٽ بيھي”.
مٿئين سفر نامي جو عنوان شاھہ سائين جي هيٺئين بيت مان کنيل آهي.
دنگيءَ منجهہ درياھہ، ڪي ٻڏي ڪي اُپڙي،
هو جي واڍي واڻيا، سي سونھن سڀ سڙيا،
معلم ماڳ نہ اڳئين، فرنگي منجهہ ڦريا،
ملاح، تنھنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنھنجي.
(سريراڳ داستان ٽيون)
جيئن تہ ليکڪ جي مٿئين بيان مان واضح آهي تہ هن کي جتي جتي بہ ڪا ڳالھہ دل کي وڻي آهي يا هو متاثر ٿيو آهي تہ هن اهو پاڻ وٽ نوٽ ڪيو آهي ۽ پوءِ آخر ۾ سڀني لکڻين کي ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، هن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ جو ذڪر آهي تہ حيدرآباد، ڄامشورو ۽ پيٽارو جي ٿڌين راتين جو بيان پڻ شامل آهي، ٻاهرين ملڪن جي لحاظ کان گهڻو ذڪر بئنڪاڪ ۽ سنگاپور جو آهي، مطلب تہ مختلف موضوع، شامل آهن، جيڪي سڀ الڳ الڳ آهن، الطاف جي هن سفرنامي ۾ ڪيترن ئي شخصيتن سان ملاقات جي ڏي وٺ کان علاوہ مزيدار ٽوٽڪا آهن. تہ پھاڪا ۽ چوڻيون بہ شامل آهن، جيئن “چمڙي وڃي دمڙي نہ وڃي”، “لعل بہ لڌو پريت بہ رهجي آئي”، “تڪڙ ڪم شيطان جو”، “اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نہ ڇڏجي”، “کُٽل آهيون تہ بہ خان آهيون”، “ڪاريءَ وارا ڪک نظر اچڻ” وغيرہ. جپاني ٻوليءَ جي پھاڪن کي ڀيٽي اهو ڄاڻايو ويو آهي تہ پھاڪا ۽ چوڻيون دنيا جي هر ٻوليءَ جي علم و ادب جو حصو آهن. ڪيترائي جپاني پھاڪا ڏنا ويا آهن ۽ ساڻن ٺھڪندڙ سنڌي پھاڪا بہ بيان ڪيا اٿن، جيئن مثال طور “جهڙا ڪانگ تھڙا ٻچا” کي جپانيءَ ۾ “ڪائيرونوڪو واڪائيرو”، ۽ صبر جن جو سير تير نہ گسي تن جو، جپاني مطابق هن ريت آهي، “ماتيبا ڪائيرو نو هيبوري”، ۽ “پئسو هٿن جو مر آهي”، کي جپانيءَ ۾ هن ريت بيان ڪن ٿا. “ڪاٺياوا تينڪا نوماوا ريموچي”، مجموعي طور هن ڪتاب ۾ ملائيشا ۽ ڪجهہ ٻين ملڪن جي تاريخ، جاگرافي ۽ آدمشماريءَ سان گڏ هوٽلن، کاڌن ۽ تفريحي هنڌن جي ڄاڻ آهي تہ مختلف تشبيھن ۽ وڻندڙ ٻوليءَ سان ٻيا بہ ڪئين متفرقہ بيان آهن، هن سفرنامي جي بابن جي فھرست دلچسپ ۽ ڪمپوزنگ جون چڪون نہ هئڻ برابر آهن، پروف ڌيان سان چڪاسيل آهي، هي هڪ مزيدار ۽ معلوماتي سفرنامو آهي.
دھليءَ جو درشن: هندوستان جي احوال تي آڌاريل آهي جو روشني پبليڪيشن 2006ع، ۾ شايع، ڪيو آهي 40 بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ هندوستان وڃڻ لاءِ ڪي اهم ڳالھيون خاص طور ڪسٽم، نقلي نوٽن کان بچڻ، ڪرنسيءَ ۾ آمريڪي ڊالر ۽ ٿوري هندوستاني ڪرنسي کڻي وڃڻ ۽ دھليءَ جي باري ۾ ڄاڻ تي مشتمل آهي دھليءَ جي جهوني لائبريري دھليءَ جون حويليون، هالي ووڊ جا ڪجهہ سنڌي، انڊيا جي رستن تي هلندڙ ڪارون، انڊيا بابت ۽ انڊيا جا رائٽر، دھليءَ جو قطب مينار، هرودا، هندن جو حج، انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا ۽ ٻين موضوعن تي ڪل 40 باب آهن.
الطاف شيخ پنھنجي ڪيڊٽ ڪاليج جي دوست رامچند اوڏ وٽ شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ دھلي ويو جتي هن تاريخي عمارتون، نظام الدين اولياءَ جي مزار، شاهي مسجد، لال قلعو، همايون جو مقبرو، انڊيا گيٽ، جمنانديءَ جا ڪنارا ۽ ٻيا هنڌ گهميا ڪيترن اهم هنڌن جيئن دھلي، سرينگر، پٺاڻ ڪوٽ، لڌيانہ، جيپور، ممبئي، پوني، اڌيپور، احمدآباد، سورت، گُوا، بئنگلور، ميسور، اجمير ۽ ٻين هنڌن جي تاريخي جاگرافيائي اهميت بيان ڪئي آهي. ساڌو واسواڻي جي علمي خدمتن کي پڻ بيان ڪيو اٿس دھليءَ ۾ تاريخي عمارتون گهمندي، ليکڪ مغل بادشاهن جي طبيعتن ۽ مزاج تي پڻ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي. لکي ٿو تہ؛ “همايون جيتوڻيڪ ذهين حاڪم هو پر ساڳئي وقت Unbalanced بہ چئي سگهجي ٿو، هن جتي جتي شھر ٺاهيا اتي انھن جي تباهي بہ آندي بابر جي هٿ ڪيل حڪومت جيڪا هن کي ورثي ۾ ملي، ائين ئي وائڙن وانگر وڃائي ڇڏي ۽ دربدر ڌڪا کائڻ لڳو ۽ آخرڪار پوءِ هن کي اها واپس ملي وئي تہ سندس حياتي وفا نہ ڪئي ۽ ڇھن مھينن بعد گذاري ويو”.(14)
نيويارڪ کان نيو هالا تائين: روشني پبليڪيشن 2007ع ۾شايع ڪيو آهي 534 صفحن جي هن ڪتاب تي الطاف شيخ کي بھترين سفرنامي جو ايوارڊ مليو سفرنامي جي فھرست جا عنوان هن ريت آهن. “هوائي ۽ سامونڊي سفر ۾ فرق”، “آمريڪا ۾ خوشحاليءَ جو راز”، “چارئي شير آمريڪا ۾”، “نيويارڪ اچڻ تي وائڙو ٿي ويس”، “بيماريءَ جو گهڻو راڳ نہ ڳايو”، “ظفرفاروقي ۽ رام رنگواڻي جا ٻار”، “آمريڪا جي مختصرتاريخ”، “آمريڪا ۾ رهندڙ نديم جوڻيجو ۽ سندس زال سميرا”، “اقبال ترڪ ۽ سندس ڀائر” ۽ “هيءَ ڊنر چڱي مھانگي پئي” ۽ ٻياآهن.
نيويارڪ کان نيو هالا تائين فقط هڪ ئي ملڪ جي مختلف حصن جو بيان آهن جنھن ۾ ليکڪ جيترا گهڻا هنڌ مشاهدي هيٺ آندا آهن ايترو ئي گهڻين شخصيتن سان سندس ملاقاتون پڻ ٿيون آهن جن جو ذڪر هن وڻندڙ ڪيو آهي. جن فردن کي هن سفرنامي ۾ بيان هيٺ آندو ويو آهي اهي آمريڪا ۾ آباد سنڌي آهن جيئن محمد صديق گاجڻيءَ جو اولاد، هالا جي ليليٰ ۽ انڙ پور جو رمضان، نعيم ميمڻ،نديم جوڻيجو ۽ سميرا قاضيءَ جو خاندان، بشير انصاري ۽ غلام مصطفيٰ ٻگهيو، علي ابڙو، محمد پناھہ راڄپر، اقبال جماڻي، انور ميمڻ، خالد هاشماڻي، اقبال ترڪ، منور لغاري، ڊاڪٽر خميساڻي، ڊاڪٽر هاليپوٽو، خالد چنا، مسعود چنا، شڪيل ميمڻ، طفيل چانڊيو، بابو عبدالرحمان، يوسف ڏاهري، رميش تارواڻي، ڊاڪٽر خورشيد چنا، ڊاڪٽر نصرت قاضي، شمع، ڪليم خلجي ۽ ٻيا آهن.
ان کان سواءِ سنڌ جي امر سنڌو، لياقت عزيز، حڪيم نظير شيخ ۽ ٻين ڪيترين شخصيتن کي هن سفر جي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي، هڪ لحاظ کان هي سوانحي سفرنامو چئجي تہ بہ بجا ٿيندو. الطاف شيخ آمريڪا ۽ ان جي مشھور شھرن پُلن ۽ ٻين شھرن جي تاريخ جاگرافي، موسم ۽ حالتون ڄاڻايون آهن آزادي جي مجسمي جي باري ۾ لکيو اٿس تہ “انصاف آزادي ۽ جمھوريت جھڙين نيڪ ڳالھين جي علامت آهي ۽ ٻيو پنھنجي وڏي سائيز کان مشھور آهي اڄ کان 120 سال اڳ 1886ع، ۾ ٺھيو هو ۽ اڄ ڏينھن تائين دنيا جو وڏي ۾ وڏو لوهي مجسمو آهي. ان عورت کي ٽامي جو چوغو ۽ مٿي تي تاج رکيل آهي هن آزادي جي مجسمي کي بہ فرانس ۾ ٺاهيو ويو جو 1884ع، ۾ ٺھي راس ٿيو جتان نيويارڪ 1885ع، ۾ پھچايو ويو 151 فٽ ڊگهي عورت جو مجسمو 154 فٽ اسٽول تي نصب ڪيو ويو جو 350 ٽڪرن ۾، 214 ڪريٽن ۾ بند ڪري پاڻيءَ جي جھاز معرفت آمريڪا آندو ويو جتي چار مھينن ۾ انھن ٽڪرن کي نٽ بولٽن ۽ ويلڊنگ ذريعي ڳنڍي بيھاريو ويو ليبرٽي آئلينڊ تي 1886ع، ۾ فٽ ڪيو ويو ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏو مجسمو هيءُ آزاديءَ جي ديوي شمار ٿئي ٿو”. (15)
مطلب تہ هن ڪتاب ۾ ٻيا بہ ڪافي معلوماتي دلچسپ احوال ادبي انداز ۾ آهن جن جي سبب هي وڻڻ جوڳو سفرنامو آهي.
الطاف جي فن تي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد چوي ٿو تہ، “الطاف شيخ پنھنجي سفر جا واقعا بيان ڪندي ان ملڪ جي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن ۽ ماڻھن جي مزاج، فطرت ۽ زندگي گهارڻ جي طريقن تي روشني وڌي آهي، ان سان گڏ وچ وچ تي پنھنجي ملڪ جي حالتن جو بيان ڏاڍو دلڪش ۽ پراثر انداز ۾ بيان ڪيو اٿن، انھيءَ ڪري سندس سفرناما ڏاڍي شوق سان پڙهيا ويندا آهن”. (16)
ڊاڪٽر قاضي خادم 16 نومبر 1980ع، جي جنگ اخبار ۾ جيڪو تبصرو ڏنو سو ڪتاب “جاني تہ جھاز ۾” ڇپيو. سندن چوڻ مطابق: “الطاف پنھنجي سفرنامن تي رائيٽرز گلڊ جي طرفان ڪئين انعامات حاصل ڪري چڪو آهي، کيس انعام انھيءَ تي ڏيڻ کپي تہ هن سنڌي ادب کي جديد بين الاقوامي رجحان سان روشناس ڪرايو”. (17)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، الطاف شيخ جي مقبوليت جو سبب سندس سفر ناما ڄاڻائيندي لکيو آهي تہ، “جنھن هڪ ليکڪ کي سفرنامن جي ڪري ئي گهڻي مقبوليت حاصل ٿي سو الطاف شيخ آهي”.
ڊاڪٽر عبدالجبار اهو بہ لکيو آهي تہ، “ادبي معيار جي مدنظر الطاف البت پوئتي آهي”، منھنجي نظر ۾ جبار صاحب جو اهو ريمارڪ سندن شروع، جا چار سفرناما پڙهڻ کانپوءِ ڏنو آهي، جيڪو ڄاڻايو پڻ اٿن، الطاف شيخ جا انھيءَ کان پوءِ ڪافي سفرناما آيا، الطاف جي طرز تحرير وقت سان گڏ پختگيءَ ڏي مائل رهي. جبار صاحب اهو بہ اعتراف ڪيو آهي تہ: “سفرنامي جو صحيح لطف پڙهندڙن کي الطاف وٺايو ڇو جو سندس سفرناما دنيا جي وڏي حصي بابت هئا، هو مسلسل سفر ڪندو رهيو ۽ لکندو رهيو”. (18)
منھنجي ذاتي راءِ موجب: الطاف شيخ هڪ اعليٰ تعليم يافتہ ليکڪ آهي جو نہ فقط پنھنجي وقت ۾ سُٺو شاگرد هو پر بھترين استاد پڻ رهيو آهي. هُن پنھنجي سفرنامن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن جي يونيورسٽين ۽ علمي ماحول کي تفصيل سان پيش ڪيو آهي. هُو نوجوان طبقي کي خاص طور اعليٰ تعليم لاءِ اُتساهيندڙ آهي. الطاف جا سفرناما، معياري سفرناما آهن، جن ۾ غير معياري لفظن ۽ واقعن جي ذڪر کان پاسو ڪيل آهي، هن سفرنامن کي ڪمرشلائيز ڪرڻ جي سطحي ڪوشش نہ ڪئي آهي. سندس تخليقي قوت، خوش مزاجي ۽ ديس واسين سان محبت تحريرن مان واضح آهي، پڙهندڙن جي اُتساھہ سان سندس قلم جي ڏات کي پذيرائي پڻ ملي آهي. انھيءَ ئي ڪري سنڌي ادب سفرنامي جي صنف ۾ خود ڪفيل ٿي ويو.
سندس سفرنامن ۾ ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، تعليم، ريتن، رسمن ۽ ٻين معلوماتي احوالن سان گڏ ٻوليءَ جو سھڻو استعمال ۽ ادبي رنگ بہ ملي ٿو. جنھن سبب کان هيءَ سفرناما، نصابي ضرورت هئڻ سان گڏوگڏ، گهرن ۽ ڪتبخانن جي سونھن آهن تہ صحت مند ادب جو حصو پڻ.
حوالا:
(1) شيخ الطاف، “منھنجو ساگر منھنجو ساحل”، وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچي، 1977ع، ص-24.
(2) شيخ الطاف/امرجليل، “بندر بازاريون”، فيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1975ع، ص-3.
(3) شيخ الطاف/ طارق اشرف، “سمونڊ جي سيوين”، انجمن فروغ ادب هالا، 1972ع، ص-103.
(4) طارق اشرف/شيخ الطاف، “وايون وڻجارن جون”، سھڻي پبليڪيشن حيدرآباد، 1974ع، ص-5.
(5) ساڳيو حوالو، ص-203.
(6) ساڳيو حوالو، ص-66.
(7) ساڳيو حوالو، ص-160.
(8) شيخ الطاف، “ڪراچيءَ کان ڪوپنھيگن تائين” نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1998ع، ص-22.
(9) جوڻيجو، عبدالقادر/شيخ الطاف، “جت جر وهي ٿو جال”، نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1999ع، ص-6. (مھاڳ)
(10) ساڳيو حوالو، ص-21.
(11) مرزا نصير / شيخ الطاف، “دنگيءَ منجهہ درياھہ”، نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1987ع، (مُهاڳ)
(12) شيخ الطاف، “دنگيءَ منجهہ درياھہ”، نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1987ع، ص-24)
(13) ساڳيو حوالو، ص-17 ۽ 19
(14) شيخ الطاف “دھليءَ جو درشن” روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2006.
(15) شيخ الطاف “نيويارڪ کان نيو هالا تائين” روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2007ع، ص-376.
(16) ميمڻ، عبدالمجيد ڊاڪٽر” سنڌي ادب جو تاريخي جائزو “ روشني پبليڪيشن 2002ع، ص-172.
(17) قاضي خادم، ڊاڪٽر “روزاني جنگ 16 نومبر 1980ع،
(18) جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1994ع، ص-176
(ڪلاچي جرنل، جون 2020ع)
