شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو لطيف شناسيءَ ۾ حصو
Prose and Poetry are the main Parts of Literature and more important in the Literature of Any language.
The poetry of Shah Abdul Latif Bhittai 1689-1752 is heart of the Sindhi Literature. His most famous poetic work is “Shah jo Risalo”. Today a number of articles and books are available on the discription of Shah Latif’s poetry.
But in British age Shams-ul-Ulma Mirza Khalich beg was the first Scholar who wrote a detailed book on Shah Abdul Latif life and Poetical work named “life of Shah Abdul Bhittai” in English language 1887 and then translated in the Sindhi in 1897 with title of “Ahwal Shah abdul Latif “ before above book there was not any detail publication about Shah latif’s life and works.
Mirza sahab’s another remarkable Contribution in Latifiyat is to collect all verses of Shah jo risalo and also he prepared “lughat-e-latifee” for the explanation of difficult poetical words of shah jo risalo. Mirza Khalich Beg was a prolific writer and well known poet of Sindh.
This article contains all the relevant matter pertaining to the contribution of shams-ul-Ulma Mirza Kalich Beg towards Latifshanasi.
• Life of Shah Abdul Latif Bhittai 1887
• Shah jo risalo compiled in in Nov 19133
• Lughat-e-Latifi
• Shah je Risale je Kunje
• Ahwal Shah latif
• Latifi Lat
سنڌي ادب جي نثر ۽ نظم جي ڀاڱن ۾ ٻن اهم ترين شخصيتن کي مڃتا ڏيڻ کان سواءِ سنڌي ادب جو هر خانو خالي ۽ ٻُسو نظر ايندو ۽ اُهي ٻيئي شخصيتون آهن: سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ شاعر حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (1752-1690ع) ۽ سنڌي نثر جو تاجدار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (1929-1853ع).
مرزا قليچ بيگ کي “سنڌ جو شيڪسپيئر”، “سنڌي نثر جو ابو” ۽ “شمس العلماء” جھڙن لقبن سان نوازيو ويو، پر هُن پنھنجو پاڻ کي “خادم العلماء” جو لقب ڏيڻ پسند ڪيو. سنڌي ادب ۾ سندن خدمتون بي حساب آهن. نثر ۽ نظم جي تقريباً هر صنف ۾ سندن شموليت رهي آهي، بلڪہ نثر جي تہ ڪيترين صنفن جو هو باني ڪار آهي ۽ خاص طور لطيفيات جي حصي ۾ پڻ سندن ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو.
“ڪنھن نئين تحريڪ جي بانريءَ کي دنيا جنھن وقعت جي نثر سان ڏسي سگهي ٿي، “قليچ” بہ ان جو پورو پورو مستحق آهي. قليچ ئي هر فن تي ڪتاب لکي، دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو تہ سنڌي زبان ۾ اها صلاحيت موجود آهي، جو هوءَ دنيا جي ٻين زبانن سان ڪُلھو ڪُلھي ۾ ڏيئي بيھي سگهي”. (بيگ مرزا اجمل: 1956ع، ص-128)
مرزا قليچ بيگ سنڌي نثر جي هر صنف ۾ لکيو، پر هو فقط مھان نثر نويس نہ هو، بلڪہ پاڻ هڪ مڃيل “قادر الڪلام” شاعر پڻ هو.
“کيس قدرت وٽان هڪ نڪتہ رس دماغ ۽ قلب جي گهراين تائين پھچندڙ نظر مليل هُئي. سندس ديوان جي هر صفحي ۾ حڪمت ۽ فلسفي، تصوف ۽ معرفت جا تخم پکڙيل نظر ايندا، جنھن ڪري قليچ جو ڪلام فڪر ۽ اعتبار جي لحاظ کان، بلنديءَ جي خاص معيار تي واقع آهي”. (بيگ، مرزا اجمل: 1956ع، ص-50)
مرزا صاحب غزل، قطعه، بيت، ڪافيون مطلب تہ وڏي پئماني تي شاعري ڪئي، جنھن جو نہ فقط مقدار ججهو آهي، پر معيار پڻ اوچو آهي. پاڻ پنھنجي چيل نظمي ذخيري جي باري ۾ لکن ٿا تہ؛
“سنڌي شعر کان سواءِ فارسي ۽ اردو ۽ ترڪي شعر چيم ۽ ڪي سنڌي ڪافيون بہ چيم ۽ ناٽڪن جي ڪتابن ۾ ڪي سنڌي راڳ بہ چيم. منھنجي شعر جو تعداد تخميني روءِ ٻاويھہ هزار بيت آهي”. (بيگ مرزا قليچ: 1965ع،ص-80)
هتي مرزا صاحب جي شاعريءَ جو ذڪر ڪرڻ سان آئون پڙهندڙن کي اهو ڄاڻائڻ چاهيان ٿي تہ جيئن تہ مرزا صاحب پاڻ اعليٰ پايي جو شاعر هو ۽ کيس شاعريءَ جي اصولن جي مڪمل ڄاڻ هُئي، انھيءَ ڪري ئي هن شاھہ عبداللطيف جي شاعريءَ جي روح کي سمجهيو ۽ کانئن گهڻو متاثر پڻ هو، سو عقيدت ۽ احترام مان اهو چيائين تہ؛
“شاعرن جو سنڌ ۾ سردار شاھہ عبداللطيف،
اوليائن ۾ نَر نروار شاھہ عبداللطيف،
معتقد، مداح ان جو اصل کان آهي “قليچ”،
جنھن کي عالم جو تسليم اسرار شاھہ عبداللطيف.
(بيگ مرزا قليچ: 1965ع،ص-114)
“اصل ۾ لطيف شناسي ڪو سولو ڪم نہ آهي. اهو مڙيئي رسمي تحقيق وارن جي سطح ۽ وس کان مٿي جو ڪم آهي. لطيف تي تحقيق ۽ سندس پرک اهو ماڻھو ئي ڪري سگهندو، جنھن جا علم جي ستن سمونڊن جا پاڻي پيتل هوندا. جيڪو ادب، شاعريءَ ۽ ٻوليءَ سان گڏ فلسفي ۽ انساني فڪر جي تاريخ کان چڱيءَ طرح نہ رُڳو واقف هوندو، پر ان جو ڄاڻو ۽ پارکو هوندو”. (چانڊيو جامي: 2008ع، ص-4)
حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي سرزمين جو هڪ انمول شاعر ٿي گذريو آهي، جنھن جي فن ۽ ذاتي خوبين تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. هو فقط شاعر نہ هو، پر هُو هن ڌرتيءَ جو هڪ عظيم مفڪر، فلسفي، سماج سُڌارڪ، ٻوليدان، تخليق ڪار ۽ هڪ يگانو دانشور هو، جنھن جو فن سندس “رسالي” جي صورت ۾ سنڌ واسين لاءِ هڪ اهم پيغام آهي. هن رسالي جي شاعريءَ ۾ شاعر جي شخصي خوبين جو مڪمل عڪس موجود آهي.
هونئن بہ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تہ ڪو بہ فن ۽ فنڪار هڪٻئي کان جُدا ناهن هوندا. سو شاھہ سائين جي “سدا حيات” شاعريءَ کي سندن ذات جي ذڪر کان جُدا ڪري پرکڻ مشڪل آهي. اڄ تائين شاھہ صاحب جي شخصيت جي مختلف رُخن تي روشني وڌي ويئي آهي تہ ڪيترن ئي شارحن سندس ڪلام جون شرحون لکيون آهن. ڪئين ظاهري ۽ باطني معنائون بيان ڪيون ويون آهن، جنھن ۾ ڪيترن ئي محققن ۽ شارحن جو پورهيو شامل آهي، جن ۾ انيڪ نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، پر خاص طور ڊاڪٽر ٽرمپ، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سارلي، ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فھميدہ حُسين ۽ ٻين جو ڪم اهم آهي. لطيفيات ۾ اڄ تائين ٿيل ڪم جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ، “شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ شخصيت تي گذريل ٻہ سئو سالن ۾ ايترو تہ ڪجهہ لکجي چُڪي آهي، جو ان جو مثال نٿو ملي. جيڪڏهن اسين انھن لکيل مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن مان جيڪي پوئين صديءَ ۾ شايع ٿيا آهن، صرف هڪ فقيرو بہ حوالي طور ڏيون تہ هڪ ضخيم ۽ مضبوط ڪتاب جي ضرورت درپيش ايندي”. (سيد مظھر جميل: 2007ع، ص-342)
هاڻي ڏٺو وڃي تہ ايتري وڏي تعداد ۾ ٿيل ڪم ۾ اهميت انھيءَ ڪم جي انفراديت قائم هئڻ جي آهي. انھيءَ ڪري اچو تہ جائزو وٺون تہ مرزا صاحب جي لطيفيات واري ڪم جي خاصيت ۽ افاديت ڇا آهي؟
هن مقالي جي معرفت آئون پڙهندڙن جي توجھہ هڪ اهم نُڪتي طرف مبذول ڪرائڻ چاهيان ٿي، اُهو هيءُ آهي تہ جيئن مرزا صاحب سنڌي نثر جي اهم صنفن جو باني ليکڪ آهي، تيئن منھنجي نظر ۾ سندس لطيفيات ۾ ڪيل ڪم پڻ بنيادي ۽ اوائلي حيثيت رکي ٿو. موضوع جي دليلن سان اها وضاحت ئي منھنجي مقالي جو مقصد آهي.
“اهو قليچ ئي هو، جنھن پھريائين سنڌ جي عوام کي شاھہ جي صحيح ڪلام کان روشناس ڪرايو ۽ وڏيءَ جاکوڙ کان پوءِ صحيح نموني “شاھہ جو رسالو” لکي تيار ڪيو”. (بيگ مرزا اجمل: 1956ع، ص-128)
مرزا اجمل جو مٿيون بيان فقط هڪ پُٽ جي پيءُ کي ڏنل مڃتا ڪانھي، بلڪہ شاھہ جي رسالي جي پارکو ۽ لطيف شناسيءَ جي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ کي ڏسنداسين تہ مرزا اجمل جا جملا سؤ سيڪڙو سچ لڳندا. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو تہ؛
“جدا جدا ڇاپي ۽ قلمي رسالن مان سڀ بيت ڪڍي ۽ يڪجاءِ ڪرڻ جي ڪم جي شروعات مرزا قليچ بيگ ڪئي. هو پھريون صاحب هو، جنھن محسوس ڪيو تہ سڀ رسالا هڪ جھڙا ناهن، پر سڀني ۾ ٿورو گهڻو فرق آهي. ڪن ۾ ڪي بيت آهن تہ ڪن ۾ اُهي ناهن. انھيءَ ڪري جُدا جُدا رِسالن تان جُدا جُدا بيت ڪڍي يڪجاءِ ڪجن ۽ مرزا صاحب ائين ڪيو. گهڻي ۾ گهڻا بيت گڏ ڪري، رسالو ڇاپيو. مرزا صاحب جي ٻي خدمت اها هُئي جو رسالي جي لفظن جي معنيٰ ڏانھن توجھہ ڪيائين ۽ “لغاتِ لطيفي” جي عنوان سان ڪتاب ڇاپايائين”. (بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، 2000ع، ص-99)
شمس العلماء مرزا صاحب قليچ بيگ جو لطيفيات ۾ ڪم تمام اهم آهي. هن ڏيس ۾ سندن تصنيف ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن؛
(1) “شاھہ جو رسالو” (ترتيب)، نومبر 1913ع.
(2) “لغاتي لطيفي” مٿئين رسالي جي مشڪل لفظن جي لُغت، 1913ع.
(3) “شاھہ جي رسالي جي ڪُنجي”، رسالي جي معنيٰ بابت سمجهاڻيون.
(4) "Life of Shah Abdul Latif"، شاھہ صاحب جي سوانح جو احوال ۽ تصوف جي حوالي سان چونڊ بيتن جو اڀياس، 1887ع.
(5) “احوال شاھہ عبداللطيف”، ساڳئي مٿئين ڪتاب جو سنڌي ترجمو، 1897ع.
(6) “لطيفي لات”، رسالي جا اُهي بيت، جيڪي مثالن، پھاڪن ۽ ضرب المثل طور ڪم اچن ٿا، سي چونڊي ترتيب ڏنل آهن، 1912ع.
(7) “سُر سريراڳ”، “ديسي”، “آبري” ۽ “سُر سُهڻي” جو متن ۽ معنيٰ، 1915ع ۽ 1916ع.
انھن ڄاڻايل ڪتابن مان چند تي ئي هڪ نظر وجهڻ سان هن ڪم جي اهميت ۽ افاديت پڌري ٿيندي.
شاھہ جو رسالو: شمس العلماء مرزا صاحب 1913ع ۾ ترتيب ڏنو، جنھن جو پھريون ڇاپو شڪارپور جي پوڪرداس، هنسراج پرنٽنگ پريس سکر مان شايع ڪرايو، مِرزا صاحب جي جوڙيل هن رسالي کان اڳ ڊاڪٽر ٽرمپ، قاضي ابراهيم ۽ سنڌ سرڪار جا ڇپايل رسالا موجود هُئا، پر تہ بہ هن رسالي جي انفراديت الڳ آهي. چند اهم خاصيتون هن ريت آهن:
1. هي ضخيم رسالو 922 صفحن، 4163 بيتن، 240 واين ۽ 37 سُرن تي مشتمل آهي.
2. 846 بيت ۽ 15 وايون ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏنل آهن.
3. سرڪاري ڇاپي جي ترتيب مطابق هوندي بہ اضافن سبب مختلف آهي.
4. ڊاڪٽر ٽرمپ وارين پرهڻين کي غلط قرار ڏيندي بہ مرزا صاحب انھن کي رد نہ ڪيو آهي، بلڪہ مقابلي ۾ ڇڏي ڏنو آهي.
5. مرزا صاحب بمبئي ڇاپي واريون پڙهڻيون برقرار رکندي ڪيترن بيتن جون اختلافي پرهڻيون پڻ ڏنيون آهن.
6. هيءُ رسالو هلندڙ صورتخطي ۾ آهي.
7. ڪيترن لفظن جون مروج جدا جدا معنائون ڏنل آهن تہ جيئن پڙهندڙ پنھنجي سمجهہ مطابق اُهي لاڳو ڪري ڏسن.
8. رسالي ۾ ڏنل ڌارئي ڪلام جي وضاحت مرزا صاحب ديباچي ۾ ڪئي آهي.
9. جي ايم سيد صاحب جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاھہ جون وايون ۽ ڪافيون“ ۾ مرزا صاحب جي ترتيب ڏنل رسالي کي بنياد بتايو ويو آهي، ڇو جو هن رسالي ۾ وايون واين جو جهجهو مقدار موجود آهي.
10. هن رسالي جي اهم ترين خاصي اها آهي تہ هن ۾ قلمي نسخن ۽ ڇاپي رسالن جو مڪمل مواد موجود آهي.
لغات لطيفي: مرزا صاحب جي هڪ اهم قلمي ڪاوش آهي. 382 صفحن جي هن لطيفي لغت کان اڳ هن مَدَ ۾ ڪابہ مڪمل لغت لکيل ڪانہ هُئي.
1907ع ۾ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي صاحب ”غريب اللغات“ لکي، جنھن ۾ فقط ٽن سُرن ”ڪلياڻ“، ”يمن ڪلياڻ“ ۽ ”کنڀات“ جون معنائون ڏنل آهن. جڏهن تہ ”لغاتِ لطيفي“ ۾ مرزا صاحب جي جوڙيل شاھہ جي رسالي جي ستٽيھن سُرن جي مشڪل لفظن جي معنيٰ الف-ب وار ڏنل آهي. هن لغت جي لکڻ جي سبب کي ڄاڻائيندي مرزا صاحب جن لکن ٿا تہ؛
”رسالي ۾ بيشمار مشڪل لفظن آهن، تن جي معنيٰ هيستائين سنڌيءَ ۾ ڏنل ڪانہ ڏسڻ ۾ آئي، اگرچہ ڪن ٿورن سُرن جا لفظ ۽ معنائون ڌار ڇپايل آهن. تنھنڪري مون ڪوشش ڪري ساري سالي جا مشڪل ففظ ۽ قرآن جون آيتون ۽ حديثون وغيرہ گڏ ڪري هڪ هڪ سُر جا لفظ الف-ب وار ترتيب سان لکيا آهن، انھيءَ لاءِ تہ رسالي جي پڙهڻ وارن کي آساني ٿئي“. (بيگ مرزا قليچ: 1967ع، ديباچو)
مرزا صاحب رسالي ۾ مشڪل لفظن جون معنائون ڏنيون آهن، پر تہ بہ شاھہ جي شاعريءَ جي شائقين جي سھولت لاءِ لغت جو هڪ مڪمل الڳ ڪتاب تيار ڪرڻ کي ترجيح ڏنائون. حقيقت ۾ کانئن پوءِ ئي هن ڪم تي توجھہ ڏني ويئي. محمد بخش واصف، مولوي دُر محمد خاڪ، رسول بخش ڏيرو، ڊاڪتر عبدالڪريم سنديلو ۽ خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن لغت جي جلد ”روشني“ جي حوالي سان اهم ڪم ڪيو آهي. ڊاڪتر عبدالجبار جونيجو راءِ ڏيندي چوي ٿو تہ،
”حقيقت ۾ شاھہ جو رسالو لغت جو ڀنڊار اهي، ان جي نمائندگي هن مڪمل لغات ۾ بہ نہ ٿي سگهي“. (جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر: 2005ع، ص-19)
عبدالجبار صاحب جي راءِ وزنائتي هئڻ جي باوجود بہ ڏسجي تہ مرزا صاحب جو ”لغاتِ لطيفي“ جو ڪم اوائلي حيثيت جي ڪري اهميت وارو آهي.
“Life of Shah Abdul Latif Bhitai” جي عنوان سان سوانح ۽ چونڊ بيتن جي سمجهاڻيءَ سان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪتاب مرزا صاحب 1887ع جي سيپٽمبر ۾ لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب جي ڏهن بابن ۾ شروع جا باب سوانح ۽ ڪردارنگاريءَ تي مشتمل آهن تہ ستون ۽ اٺون باب تصوف جي موضوع جي وضاحت سان لاڳاپيل آهن ۽ نائين ۽ ڏهين باب ۾ چونڊ بيتن جي سمجهاڻي ڏنل آهي، جنھن ۾ حوالي طور قرآن پاڪ جون آيتون، حديثون، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جا قول ۽ شعر ڏيئي مرزا صاحب تصوف جي حوالي سان شاھہ صاحب جي شاعري سمجهائي آهي.
هن ڪتاب جي لکجڻ سان لطيفيات جي مَدَ ۾ مڪمل ڪتاب لکڻ جو رواج عمل ۾ آيو ۽ شاھہ جي سوانحي احوال ۽ شاعريءَ جي تشريح طرف پڻ ڌيان وڌيو. انگريزي عالمن جي دلچسپي شاھہ جي رسالي ۾ وڌيڪ وڌي ۽ ڊاڪٽر سارلي پڻ پنھنجي تحقيق ۾ مرزا صاحب جي ڪتاب کي فوقيت ڏني. انھيءَ ڪتاب کان اڳ انگريزي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ شاھہ صاحب جي باري ۾ مختصر احوال موجود هُئا، جيڪي مير علي شير قانع ٺٽوي، نظر علي بلوچ، سر رچرڊ برٽن، ڊبليو سائودي ۽ ڏيارام گدومل جا لکيل هُئا. مير عبدالحسين خان سانگيءَ وٽ ڪجهہ محقق احوال فارسيءَ ۾ جمع ٿيل هو، جنھن مان مرزا صاحب پڻ ڪجهہ مدد ورتي هئي ۽ اهو فارسيءَ ۾ لکيل احوال چڱو وقت قلمي نسخي جي صورت ۾ پيل رهيو، جنھن کي سانگي صاحب مرزا صاحب جي ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ 1888ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ ”لفائفِ لطيفي“ جو عنوان ڏنو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا صاحب واحد ليکڪ آهي، جنھن ”احوال شاھہ عبداللطيف“ جي عنوان سان ڪتاب ميدان ۾ آندو، جو مٿئين انگريزي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي. شروع جا تي ڇاپا منشي پوڪرداس ٿانورداس 1897ع 1905ع ۽ 1910ع ۾ شايع ڪيا ۽ اڄ تائين پنھنجي افاديت ۽ اهميت سبب هيءُ ڪتاب ڇَپجندو رهيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرزا صاحب جي محنت کي مڃتا ڏيندي لکن ٿا تہ،
”هن کان اڳ جن پنھنجن مصنفن شاھہ جي حياتيءَ جو احوال ڏنو آهي، اهو مختصر آهي ۽ تفصيلي احوال سوانح حيات مرزا صاحب جي هن تاليف سان ڇپجي پڌري ٿي آهي“. (بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر: ”احوال شاھہ عبداللطيف“، 1976ع، مھاڳ)
ڊاڪٽر فھميدہ حُسين هن ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت تي لکي ٿي تہ؛
”احوال شاھہ عبداللطيف“ ۾ پھريون ڀيرو باقاعدي تنقيدي مواد ملي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت چئي سگهجي ٿو تہ سنڌيءَ ۾ نثر جي ٻين صنفن وانگر عملي تنقيد جي ابتدا بہ باقاعدي مرزا قليچ بيگ ڪئي“. (ميمڻ فھميدہ حُسين ڊاڪٽر: 1997ع، ص-104)
مٿئين وضاحتن جي روشنيءَ ۾ نتيجو اهو ٿو نڪري تہ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب نواڻ جو قائل هو. هُو فطرتاً جدت پسند هو. علم ادب ڏانھن سندس رويو ۽ پھچ جديد سائنٽيفڪ نموني جي ۽ منفرد هئي، جنھن سبب هن هر نئين ڪم لاءِ محنت کان ڪڏهن بہ نہ ڪيٻايو. سو لطيفيات ۾ سندن هر ڪتاب مختلف حوالي سان نئين حيثيت رکي ٿو. آئون پنھنجي مؤقف جي وڌيڪ چٽائي سندن ئي لفظن ۾ ڪنديس تہ، ”شاھہ صاحب جو مفصل احوال لکي اڃان ڪنھن ڪين پڌرو ڪيو آهي، تنھنڪري پنھنجي خاص وندر لاءِ ۽ عام فائدي ۽ خوشيءَ لاءِ اها محنت پاڻ تي هموار ڪري سندس احوال لکڻ ۾ هٿ وڌو اٿم. انھيءَ مطلب پوري ڪرڻ لاءِ مون کي لاچار ٿيو تہ شاھہ عبداللطيف جي حياتيءَ جي ڏينھن ۾ سندس هلت چلت ۽ طبيعت ۽ هوشياريءَ بابت جدا جدا جاين تان خبرون گڏ ڪريان. اهي خبرون سندس مُريدن، فقيرن ۽ واسطيدار ماڻھن کان هٿ لڳي سگهيون. آئون جناب مير عبدالحسين خان ٽالپر ساڪن حيدرآباد جو گهڻو ممون ۽ شڪرگزار آهيان جو انھن کان هن ڪتاب جي مضمون گڏ ڪرڻ ۾ مون کي مدد ملي“. (بيگ، مرزا قليچ: 1976ع، ص-3 ۽ 4)
”احوال شاھہ عبداللطيف“ ۽ ”لطائفِ لطيفي“ شاھہ صاحب جي سوانح جي باري ۾ بنيادي ڪتاب شمار ٿين ٿا، جن تي ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر هن ريت اظھار ڪيو آهي؛
”ٻنھي ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ مواد ۾ ڪو خاص فرق نہ آهي“. (سوڍر، شاهنواز ڊاڪٽر: 1991ع، ص-21)
ڊاڪٽر شاهنواز جي مٿئين بيان سان متفق نہ هوندي تہ سامھون رکي مڪمل تجزيو ڪجي تہ حتي نتيجو مختلف نڪرندو. مرزا صاحب جو ڪتاب بلڪل الڳ حيثيت جو آهي. مير سانگيءَ تہ فقط سوانح ۽ حڪايتون درج ڪيون آهن. جڏهن تہ قليچ پھريون شخص هو، جنھن 95 صفحن تي مفصل احوال سان گڏ 105 صفحن تي شاعريءَ جي باري ۾ سُرن جا مضمون ۽ تصوف جا نڪتا بيان ڪيا آهن ۽ ڪلاسيڪل داستانن کي وڏي ذوق ۽ شوق سان پيش ڪيو آهي، جنھن کان پو3 ئي شاھہ جي سورمن ۽ سورمين تي لکڻ جي ريت پيئي. چند غير حقيقي واقعا ۽ ڪرامتون بيشڪ بيان ڪيل آهن، پر تہ بہ هن ڪتاب جي افاديت اڳري آهي. حاصل مطلب تہ مرزا صاحب گهڻو پر معياري لکندڙ ليکڪ هو. سندن گهڻا ڪتاب آسان ۽ عام فھم نثر، منفرد ۽ مخلتف احوالن سبب پڙهندڙن ۾ مقبول ٿيا، سو سندن لطيفيات ۾ ڪيل ڪمن کي پڻ پذيرائي ملي، جا اڄ تائين قائم آهي.
سنڌي ادب جي لطيفيات واري حص ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جون ڪاوشون هڪ اهم حيثيت رکن ٿيون.
حوالا
(1) بيگ، مرزا اجمل: ”ديوان قليچ“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1956ع، ص-128.
(2) ساڳيو حوالو، ص-50
(3) بيگ، مرزا قليچ، ”سائو پن يا ڪارو پنو“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1965ع، ص-80.
(4) بيگ، مرزا قليچ: ”ديوانِ قليچ“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1956ع، ص-114.
(5) چانڊيو جامي: ”لطيف شناسي ۽ سنڌي سماج جي اڏاوت“، روزانہ ”عبرت“، جمع 29 آگست 2009ع.
(6) سيد، مظھر جميل، ”جديد سنڌي ادب“، اڪادمي بازيافت ڪراچي، 2007ع، ص-349.
(7) بيگ، مرزا اجمل: ”ديوانِ قليچ“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1956ع، ص-128.
(8) بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر: ”شاھہ عبداللطيف رح“، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2000ع، ص-99.
(9) بيگ، مرزا قليچ: ”لغاتِ لطيفي“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1967ع، (ديباچو).
(10) جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر: ”شاھہ جي رسالي جو مطالعو“، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2005ع، ص-19.
(11) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر: (مقدمو) ”احوال شاھہ عبداللطيف“ ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، 1976ع.
(12) ميمڻ فھميدہ حُسين ڊاڪٽر: ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي 1997ع، ص-104. (قليچ انٽرنيشنل ڪانفرنس 3-4 آڪٽوبر 2009ع تي شيخ اياز آڊيٽوريم سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيل مقالو)
(13) بيگ، مرزا قليچ: ”احوال شاھہ عبداللطيف“، ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، 1976ع، ص-3-4
(14) سوڍر، شاهنواز ڊاڪٽر: ”سنڌي ثقافت ۽ شاھہ لطيف“، ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز(1) ، 1991ع، ص-21.
