لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڊاڪٽر پروين: جاکوڙي محققہ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ھڪ مڃيل محققہ آھي، سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون مختلف مخزنن ۾ ڇپبا رھن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي منظور شدہ جرنلز ۾ 2009ع کان 2023ع تائين ڇپيل ريسرچ پيپرز ۽ چند اهي مقالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن جي ”ٽہ ماهي مھراڻ، ”ادبي تحقيق“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا. ٻہ ٻيا اڻ ڇپيل آهن سي پڻ شامل آھن.

Title Cover of book DR Parveen Jakhori Muhaqeqa

سيد امداد حُسيني

سيد امداد حُسيني اصل نالو امداد علي ولد فضل محمد شاھہ 10 مارچ 1941ع تي شھر ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس سڃاڻپ جديد شاعريءَ جي سرموڙ شاعر جي حيثيت ۾ تہ آهي پر هو هڪ سڄاڻ نثر نويس پڻ هو. امداد حُسينيءَ بنيادي تعليم ٽکڙ ۽ گريجوئيشن حيدرآباد ۽ ماسٽر جي ڊگري يونيورسٽي آف سنڌ مان ورتي ۽ هن پھرين نوڪري سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪئي جتي کين لائبريرين طور رکيو ويو ۽ پوءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي ۾ 1970ع ريسرچ فيلو مقرر ٿيو ۽ 1973ع ۾سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿيو جتي نصاب مرتب ڪرڻ، ايڊٽ ڪرڻ، سبقن ۽ نظمن لکڻ جو ڪم امداد لڳاتار پنجويھہ سال ڪيو آهي، انھيءَ کان سواءِ وچ ۾ هو سنڌي ادبي بورڊ جو ٻہ دفعا سيڪريٽري ۽ علمي ۽ ادبي مخزن ٽہ ماهي “مھراڻ” جو ايڊيٽر رهيو.
سيد امداد حُسينيءَ ٻارهن سالن جي عمر کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس ڏاڏو اسد ﷲ شاھہ “فدا” پنھنجي دور جو هڪ وڏو عالم ۽ شاعر هو. جن جي نگرانيءَ ۾ “بھارِ اخلاق”، رسالو نڪرندو هو. جيڪو سنڌي ادب ۾ انھيءَ وقت جي نڪرندڙ مخزنن ۾ اهم هو. اهڙيءَ ريت سندس ڏاڏي جو ڀاءُ سيد حافظ شاھہ پڻ هڪ اهم شاعر ٿي گذريو آهي، ايئن کيس گهر کان علمي ۽ ادبي ماحول ۽ پٺڀرائي ملي. امداد صاحب شروع دور ۾ غزل لکيا جيڪي ڪافي مشھور ٿيا پاڻ بزم طالب الموليٰ جي محفلن ۽ ٻين مشاعرن ۾ باقائدگي سان وڃڻ لڳو ۽ سندس اٿڻ ويھڻ سنڌ جي چوٽيءَ جي شاعرن سان ٿيڻ لڳو. مولانا غلام محمد گرامي کين گهڻو همٿايو ۽ شاعريءَ ۾ ترتيب ۽ اصلاح ڪئي. غزل کان پوءِ هن ٻين صنفن جيئن گيت، وائي، بيت، دوهو، رباعي، قطعو، ڪافي، نظم، آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪئي. هيئت، اسلوب ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان آزاد نظم ۽ نظم ۾ سندس ڪيترائي ڪامياب تجربا شاهڪار جي صورت ۾ آهن. امداد حُسينيءَ جي نظم مان ڪي سٽون هن ريت آهن.
توسان روز ملان، روز نئون هڪ گيت لکان،
جي نہ ملان تو سان پوءِ بہ هڪڙو گيت لکان،
مرڪان لڙڪان، لڙڪان مرڪان،
امداد حُسيني جيئان سڪ جي سٽ لکان.

امداد حسينيءَ جي نظمن جا موضوع سنڌ ڌرتي ۽ ان جا مسئلا آهن. هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ هر ظلم خلاف سڏ ڏنو، سندس طويل نظم “شھر” ٻوليءَ جي فسادن جي پس منظر تي هڪ لونءَ ڪانڊاريندڙ نظمي داستان آهي، پاڻ حيدرآباد شھر کان سواءِ سنڌ کي خالي ٿو ڄاڻي. سيد صاحب موجب تہ حيدرآباد آهي تہ سنڌ آهي ۽ سنڌ آهي تہ حيدرآباد ساڻ ئي آهي چوي ٿو تہ،
اي حيدرآباد شھر اي نيرون ڪوٽ شھر،
توکان سواءِ آھہ چپن ۾ صدا ڪٿي،
توکان سواءِ آھہ هٿن ۾ دعا ڪٿي،
توکان سواءِ شراب ۾ آهن نشا ڪٿي،
توکان سواءِ حسن ۾ آهي ادا ڪٿي،
اي حيدرآباد شھر اي نيرون ڪوٽ شھر.

امداد حُسيني نظم ۽ آزاد نظم جي صنف ۾ پاڻ ملھايو آهي ، ڪيترائي شاهڪار مثال پيش ڪيا اٿن، جيئن ”شاعر“، ”حملو“، ”گهرجي ياد“، ”بدبو“، ”واپسي“، ”انتظار“، ”جنگ“، ”شرط“، ”ماحول“ ۽ ٻيا نظم آهن. هن نظم کي جديد انداز سان پيش ڪيو آهي، جنھن ۾ سندس نظم ”هاڻ تہ جانان“، “تنھنجو وات گلاب” ۽ “شرط” خاص انفراديت حامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکيو آهي تہ، “امداد شروع ۾ روايتي شاعريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل هو پر هڪدم آجو ٿي ويو ۽ وري ان ڏي نہ نھاريائين، اڳتي ۽ اڳتي وڌندو رهيو، نظم سندس پسنديدہ صنف آهي. ان ۾ خوب گلڪاريون ڪيون اٿس“(1)
هن قطعا پڻ بي مثال لکيا آهن، جيئن مثال طور؛
دنيا ۾ رڳو آئون ئي رسوا آهيان،
محفل ۾ رڳو آئون ئي تنھا آهيان،
انسان جي نظرن ۾ تہ انسان ناهيان،
قدرت جي نگاهن ۾ ڀلا ڇا آهيان؟

سندس غزل، “امداد آهي رول، تون موتي ايئن نہ رول” تمام گهڻي مشھور ٿي، امداد صاحب جي شاعريءَ جا چار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾، “امداد آهي رول”، “هوا جي سامھون“”ڪرڻي جھڙا پل“ ۽ “شھر” جيڪو هڪ طويل نظم آهي، (پھرين طارق اشرف جي رسالي سھڻي ۾ ۽ پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو). سندس شاعري”ٽہ ماهي مھراڻ“، ”نئين زندگي“، ”سھڻي“، ”روح رهاڻ“، ”مارئي“ ۽ ٻين ڪيترن اخبارن ۽ رسالن ۾ باقائدگيءَ سان ڇپبي هئي انھيءَ ڪري ٿوري عرصي ۾ هن جو نالو مشھور ٿي ويو، هن جي شاعري سريلي (Lyrical) هئڻ سبب ڳائي ويئي آهي، امداد جي ڪلام کي ڪيترن وڏن فنڪارن ڳايو جن ۾ عابدہ پروين، روبينہ قريشي، منظور سخيراڻي، زرينا بلوچ ۽ ٻيا آهن. هن جيڪي گيتن ڀريون ڪھاڻيون لکيون انھن جا گيت مقبوليت جي اوج تي رهيا تہ ريڊيو ۽ ٽيليوزن لاءِ لکيل ڊراما پڻ گهڻو ڪامياب هئا. هن سنڌي فلمن لاءِ نغما لکيا جن کيس مشھور ڪيو، شاعريءَ ۾ ٽيڙو جي صنف تي کيس ڪمال حاصل هو. جپاني شاعريءَ جي صنف هائيڪو کي ”ٽيڙو“ جو نالو امداد سائينءَ ڏنو. هن جديد ترقي پسند شاعر جي شاعريءَ ۾ رواني، جدت ۽ بياني اسلوب جي خوبيءَ سان گڏ سھڻي ۽ سلوڻي سنڌي ٻوليءَ جو حسين امتزاج ڏسڻ ۾ اچي ٿو.جديد شاعريءَ جي شروعات تہ 1947ع کان اڳ ٿي چڪي هئي. ترقي پسند تحريڪ سان انھيءَ ۾ نوان خيال ۽ نوان موضوع آيا. سنڌ جو ماحول، منظر نگاري، نوان تجربا، موسيقيت ۽ لھجي جي نرمي نئين دور جون تشبيھون ۽ نيٺ سنڌي لفظن جو استعمال پنھنجي ماحول مطابق آڻي امداد صاحب خاص نظم، آزاد نظم، گيت، ٽيڙو لکيا. امداد جي شاعريءَ ۾ جدت، قومپرستي، حقيقت پسندي، رومانويت ۽ مزاحمت تہ آهن ئي پرترقي پسنديءَ جو لاڙو پڻ عروج تي ڏسجي ٿو. سندس لفظن ۾ تہ،
لڙ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي،
باھہ جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي،
سنڌ لاءِ جيئڻ ايترو سولو بہ هجي،
سنڌ جي لاءِ مرڻ ايترو سولو ناهي.
يا هڪ هنڌ چوي ٿو تہ،
جندڙي ڪوڙ هجي تہ هجي، سنڌڙي ڪوڙ نہ آهي.
امداد حسين جيترو سٺو شاعر هو ايترو ئي سٺو نثرنگار هو. برجستي قلمڪار وٽ پنھنجي لکڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي خوبصورت استعمال جي وڏي اهميت هئي. معنيٰ ۽ مطلب کي حيثيت ڏيندڙ امداد صاحب پاڻ چوي ٿو تہ ”جيئن ڀتين کي گهر چوڻ اياڻپ آهي. جيئن ساھہ کان سواءِ جسم محض بوتو آهي. بلڪل ايئن معنيٰ کان سواءِ شاعري بہ عدم موجود آهي. معنيٰ ئي اهو اصلي جوهر آهي، دل جي دڙڪن آهي. غزل ۾ صرف وزن جو پورائو ڪافي نہ آهي اصل ۾ گهاڙيٽي، خيال، ٻوليءَ جي هڪ ڪرائپ سان ئي اُهو معجزو ظھور پذير ٿئي ٿو جنھن کي شاعري سڏجي ٿو“ (3)
امداد صاحب ٻوليءَ جي معنويت معرفت شاعريءَ ۾ هڪ نئون موڙ رقم ڪيو، هن جوانن جي وهيل امررت کي سنڌڙيءَ جو ۽ جيجل جندڙيءَ جو رت سڏيو آهي.
ڪھڙو گهوٽ چڙهيو آ گهوڙي،
ڌرتي لال ڪنوار بڻي آ.

اها مڃتا سنڌ جي هر سورهيہ سرويچ لاءِ آهي. اهڙي ئي شاعري جنھن ۾ لساني ۽ فطري آهنگ هجي، مڪمل تاثر ۽ ڀرپور بياني قوت هجي سا ئي ڪنھن قوم جي لاءِ اُتساھہ جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
ڊاڪٽر سحر امداد لکيو آهي، ”شاعر پنھنجي احساسن جي سھڻي ۽ سريلي اظھار لاءِ لفظن کي تخليقي سطح تي استعمال ڪندي پنھنجو هڪ الڳ ڊڪشن ٺاهي ٿو. جيڪو اڳتي هلي سندس سڃاڻپ بڻجي ٿو، ان ريت شاعر ٻوليءَ جي لفظن ۽ معنائن کي وسعت ۽ سونھن عطا ڪري ٿو(4)
سنڌ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۽ ادبي محفلن جو روح روان ۽ ڪيترين ادبي گڏجاڻين ۾ مھمان خاص طور صدارتون ڪندڙ سيد صاحب جڏهن اسٽيج تي ڳالھائيندو هو تڏهن سندن تقرير توڻي تحرير جي خوبي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. نثر ۾ هن گيتن ڀريون ڪھاڻيون، مضمون، ڪالم، افسانا، ايڊيٽوريل ۽ ٻيو مواد لکيو ترجمي نگاريءَ ۾ کيس ملڪو حاصل هو. پھرين ڪتاب، ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ 1971ع ۾ شايع ٿيو، اردو شاعري ”ڌوپ ڪرن“ جي نالي سان سھيڙيائين، تہ بابا فريد ۽ ماڌولال جي شاعريءَ جو منظوم ترجمو ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ ۽ ”دودو چنيسر“ کي اردو ترجمو ڪيائين، جي ٻيئي اسلام آباد جي وڏن ادارن شايع ڪيا، ٻارن جي شاعريءَ جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين هن ٻارن لاءِ خوبصورت گيت چيا جي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيا آهن. امداد صاحب ”سانول“ نالي سان شروع دور ۾ افسانا لکيا، جي ان وقت جي چوٽيءَ جي رسالن ۾ شايع ٿيا. سندن ڪھاڻيون، مضمون ۽ مقالا ۽ ڊرامن جا مجموعا ۽ ٻيو مواد اڻ ڇپيل آهي. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا وڻندڙ مھاڳ لکيا آهن. امداد سائين جيستائين ڪنھن ڪتاب جو مڪمل جائزو نہ وٺندو هو، تيستائين مھاڳ يا ٻہ اکر نہ لکندو هو، سندس چند مھاڳن مان ڪي حوالا پيش ڪجن ٿا تہ جيئن پڙهندڙ امداد شاھہ جي مھاڳن جي لکڻين کان محفوظ ٿين.
تنوير عباسيءَ جو ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان (1971 کان 1977 تائين جي سرجيل شاعريءَ) جي مھاڳ ۾ امداد حسيني لکي ٿو، ” تنوير جي شاعريءَ ۾ سر ۽ معنيٰ هڪٻئي ۾ لين ٿين ٿا. لوڪ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي گهري اڀياس ڪلا جي بنيادي ڪاريه سان سچي رهڻ ۽ تجربي جي لڳاتار جو کم کڻڻ سان ئي اهو ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهجي ٿو. هو انساني عظمت جو شاعر آهي. هن جي اندر ۾ انسان ذات لاءِ چاھہ جو اٿاھہ ساگر آهي“.(5)
منھنجي لطيف شناسيءَ جي ڪتاب تي مھاڳ بعنوان ”ان جي عبداللطيف چي، مٽيءَ لڌومان“ ۾ امداد صاحب لکيو آهي، ”سڄي رسالي جو پيغام ڪنھن خاص طبقي ۽ مذهب لاءِ نہ پر پوري انسان ذات لاءِ آهي جنھن کي جيترو بہ پڙهيو ۽ پروڙبو، ايترو من شانت ٿيندو دل مان نراسائي نڪرندي ۽ ماڻھو ماڻهپي ڏانھن موٽندو“. اهي سٽون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتاب عالم سڀ آباد ڪرين جي هڪ مضمون، ”نائي نيڻ نھار تو ۾ ديرو دوست جو“ جون آخري سٽون آهن. اهي سٽون ڄڻ هن ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان آيل مضمونن جو ست سار آهن يا اهي مضمون انھن سٽن جو وستار آهن. انھن سٽن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ، جھڙو ڪر ڪوزي ۾ درياھہ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن اهو بلڪل صحيح چيو آهي تہ رسالي جو پيغام آفاقي آهي، ان ڪري ئي ڊاڪٽر ميمڻ ”شاھہ جو رسالو“ جي آفاقي پيغام کي ”پڙهڻ ۽ پروڙڻ“ جي ڳالھہ ٿي ڪري اسان وٽ حالت اها آهي تہ بنا پڙهڻ جي شاھہ سائينءَ لاءِ ڏکيو هجڻ ۽ نہ سمجهہ ۾ اچڻ جي ڳالھہ ڪئي ٿي وڃي اها صورتحال وڌيڪ گنڀيرتڏهن ٿي ٿي وڃي، جڏهن اهڙي ڳالھہ اديب ۽ خاص طور شاعر ڪن ٿا! سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيل يا رسالن جا ايڊيٽر ڪن ٿا!“(6)
شبنم گل جي شاعريءَ جي مجموعي تي ”درد جي لئہ تي جيون جو اڻپورو گيت“، جي عنوان سان لکيل مھاڳ ۾ امداد صاحب لکيو آهي، ”نثري نظم ۾ اُهو سر، آلاپ لئہ يا ردم ڳولڻ، جيڪو پابند شاعريءَ ۾ هوندو آهي، وئرٿ آهي. نثري نظم ۾ ڀاونائن جو سُر احساسن جو آلاپ، جذبن جو ردم خاص اهميت رکي ٿو. اصل ۾ اهو ڳُڻ سَڳُڻ مجموعي شاعريءَ سان لاڳو آهي، پوءِ اها پابند شاعري هجي يا آزاد شاعري يا نثري شاعري! شبنم گل جي نثري شاعريءَ ۾ اهو ڳُڻ سَڳُڻ هڪيو آهي“(7)
پڙهندڙ مٿين حوالن کانپوءِ مون سان ضرور متفق ٿيندا تہ امداد حسينيءَ ڪنھن بہ ڪتاب تي لکڻ کان اڳ انھيءَ ليکڪ جي فن جو ۽ خاص انھيءَ ڪتاب جي موضوع ۽ مواد جو تجزيو ڪري لکڻ جو حق ادا ڪيو آهي. سندس لکيل مھاڳ ۽ پيش لفظ مثالي حيثيت رکن ٿا.
سنڌ سرزمين سان سچي، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هن عاشق کي سندس حياتيءَ ۾ مڃتا ملي، ڪيترن ئي ايوارڊن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو. 2002ع تي کين صدارتي تمغو ”برائي حُسنِ ڪارڪردگي“ عطا ڪيو ويو. 27 آگسٽ 2022ع تي سنڌي ادب جي هن مقبول ڏاتيار ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ علالت سبب وفات ڪئي. سندن ابدي آرامگاھہ ٽکڙ ۾ آهي.

حوالا:
1. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1994ع، صہ 247
2. نعيم ملڪ، ”گلابي گيتن جو شاعر: امداد حسين“، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، صہ -3
3. امداد حسيني، ”درد جي لئہ تي جيون جو اڻ پورو گيت“، ”ريکائون“ ايڊيٽر، رحمت پيرزادو، سيپٽمبر، 2022ع، صہ -26
4. سحر امداد، ڊاڪٽر امداد حسيني، ”هوا جي سامھون“ (مھاڳ)
5. امداد حسيني/عباسي تنوير، ”سج تريءَ هيٺان“، نذر سنز پبلشرز، حيدراباد، 1977ع، صہ -4.
6. امداد حسيني/ميمڻ، ڊاڪٽر پروين موسيٰ، ”عالم سڀ آباد ڪرين“ سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدراباد، 2016ع، صہ -07.
7. حوالو نمبر 03، صہ-23.

(مھراڻ خاص نمبر 2023ع)