نورالھديٰ شاھہ جون سنڌي ادب ۾ خدمتون: هڪ اڀياس
Noor-ul-huda Shah is a renowned writer of Sindhi & Urdu literature. She wrote short stories, dramas and poetry. She is a bold story writer and has taken the burning issues of Sindhi society.
KarbalaThree anthologies of short stories, “Jalawatan” جلاوطن 1980ع, “” ڪربلا 1981ع، “Rena en Runj Jo Uthas” رِڻ ۽ رُڃ جو اُتھاس 1988ع، and now collectedly in a book named: “Kedaro” ڪيڏارو having 43 short stories in it. Published in 2006.
She has also written dramas in urdu and Sindhi language and a book of poetry is on her credit, with a title: “Qaydiani Joon Akhyon Aen Chand” قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ. In this paper I have traced out importance of her literary work and carefully examined the topics, language and the characters of her short stories to establish the idea and quality of her writing.
نورالھديٰ شاھہ جو شمار سنڌي ادب جي اهم ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو، هن ڪھاڻيون ۽ ڊراما لکيا آهن ۽ شاعري بہ ڪئي آهي. سندس جنم 22 جولاءِ 1957ع تي حيدرآباد شھر ۾ ٿيو. ٽکڙ تعلقي ٽنڊو محمد خان جي سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ، هن ليکڪا بنيادي تعليم لاهور مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ انـٽر ۽ بي اي ڪراچيءَ مان پاس ڪئي. اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جي ڪري سندس رغبت انھن ٻولين ڏانھن وڌيڪ رهي ۽ ننڍپڻ پڻ لاهور ۽ ڪراچي ۾ گذريس، سو سنڌي ٻوليءَ سان کيس شناسائي گهٽ هئي، پر سورنھن سالن جي عمر ۾ هن هلال پاڪستان ڪراچي اخبار پڙهڻ شروع ڪئي، جنھن منجهس سنڌيت جو ٻج ڇٽيو. هوءَ لکي ٿي تہ،
“منھنجو ذهن جنھن جي ارتقا جي شروعات ترقي پسند اردو ادب سان ٿي هئي. مون سنڌ کان، سنڌي ماحول کان ۽ سنڌي ٻوليءَ کان پري اک کولي. ڪو تعلق ئي ڪو نہ هو انھن سان پنھنجائپ وارو. لفظ “سنڌ” ئي اوپرو هو منھنجي لاءِ. سنڌيءَ ۾ نہ ڳالھائڻ ايندو هو نہ سوچڻ. مان جڏهن سنڌ پھتيس تہ منھنجو ننڍڙو ذهن ڪجهہ بہ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪو نہ هو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڳالھہ ڪرڻ وارا مون کي غدار لڳندا هئا. منھنجي ذهني اوسر 1965ع جي پاڪ ڀارت ويڙھہ واري لاهور ۾ ٿي هئي ۽ ان ماحول جو سحر طاري هو. ايوب خان ۽ پاڪ فوج منھنجا هيروز هئا ۽ اندر ئي اندر سنڌي هئڻ جو هڪڙو Inferiority Complex بہ پلجي رهيو هو، جيڪو ڪراچي پھچڻ کان پوءِ اڃان بہ وڌي ويو، جتي ڏاڍي شرمندگي مان پنھنجي سنڌي هئڻ جي Explanation ڏيڻي پوندي هئي”.(1)
انھيءَ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ واري بل پٺيان اسيمبليءَ ۾ ٿيل احتجاج سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي ماحول تي اثر وڌو هيو. سو اخبارن معرفت جذباتيت جي لھر پکيڙي ويو. نور الھديٰ جي چواڻيءَ تہ، “انھيءَ ماحول ڄڻ منھنجو رت دانگيءَ تي اٿلائي وڌو”. اهڙيءَ ريت هن پوءِ ساڳيءَ اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو.
“مون سنڌ پھچڻ کان پوءِ پاڻ جھڙن ئي انسانن کي پنھنجي سامھون پٽ تي ويٺل ڏٺو ۽ انھن کي جهڪي اسان جا پير ڇھندي ڏٺم ۽ اهڙي سماج ۾ جيڪي ڪجهہ بہ ٿي سگهي ٿو، اهو جڏهن منھنجي ذاتي تجربي ۾ آيو تہ اُن سان گڏئي ان ماحول ۾ Misfit هئڻ جي پيڙا، دل جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت ۾ هميشہ لاءِ شامل ٿي ويئي. انھيءَ پيڙا سنڌ سان منھنجي رومينس ۾ اڃان بہ گهرائي آندي ۽ ان پيڙا ئي مون کان “جلاوطن” کان پوءِ “ڪربلا “جون ڪھاڻيون لکرايون”.(2)
نور الھديٰ جي هم عصر ليکڪائن ۾ ليلى بانا، خيرالنساءِ جعفري، نذير ناز، سحر امداد، تنوير جوڻيجو، نيلوفر جويو ۽ ٻين لکيو، پر هوءَ غير معمولي مقبوليت حاصل ڪندي پنھنجي فن ۾ هڪ الڳ مقام قائم ڪري ويئي آهي. نہ فقط ادبي طور، پر شخصي طور بہ هوءَ هڪ منفرد طبع جي مالڪ آهي. سنجيدہ، ڪم گو، پنھنجي پاڻ ۽ فن سان ڪميٽيڊ آهي. سندس تعلق علمي گهراڻي سان آهي ۽ لکڻ پڙهڻ هن جو ذاتي شوق ۽ طبع جي تسڪين جو ذريعو آهي. پنھنجي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي ذريعي مسلسل لکندي پيئي اچي. سنڌي ادب ۾ سندس ٽي ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ هڪ نثري نظم تي مشتمل ڪتاب ڇپيل آهن.
بحيثيت ادبي فنڪارا: نورالھدى شاھہ لکڻ جي شروعات نورالھدى شاھہ عربيءَ جي نالي سان روزانہ “جنگ” ۽ هفتيوار “اخبار جهان” ۾ اردو ٻوليءَ سان ڪئي. سنڌيءَ ۾ روزانہ هلال پاڪستان جي “سگهڙين سٿ” جي صفحي کان ابتدا ڪيائين. کيس اڳيان آڻڻ ۾ انھيءَ صفحي جي سنڀاليندڙ فھميدہ ميمڻ/ ڊاڪٽر فھميدہ حُسين جو هٿ هو.
نورالھدى جون ڪھاڻيون “سگهڙين سٿ” کان پوءِ “سھڻي”، “سرتيون” ۽ ٻين مخزنن ۾ ڇپيون. ڪتابي صورت ۾ ٽي مجموعا، “جلاوطن” 1980ع، “ڪربلا” 1981ع ۽ “رڻ ۽ رڃ جو اتھاس” 1988ع ۾ ڇپيا آهن. 2006ع ۾ انھن کي گڏي “ڪيڏارو” (ڪھاڻي ڪليات) جي عنوان سان روشني پبليڪيشن شايع ڪيو ۽ نصير مرزا اهو ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جنھن ۾ آيل ڪھاڻين جو ڳاڻيٽو، جلا وطن (11) ڪربلا (11)، رڻ ۽ رڃ جو اتھاس (16) ۽ ڪيڏارو (5) ڪھاڻيون آهن. ڪل 43 ڪھاڻين سان گڏ آخر ۾ ليکڪا طرفان سندس فن تي “مان ۽ منھنجي ڪھاڻي” جي عنوان سان پنھنجا خيال پيش ڪيل آهن. اهي ڪھاڻيون نورالھدى جي ٽيھن سالن جي ادبي سفر جو ثمر آهن، جن جو ڳاڻيٽو مناسب مقدار ۾ هوندي پڻ فني معيار جي لحاظ کان اهم حيثيت رکي ٿو. هن مقالي معرفت نورالھديٰ جي فن ۾ موضوع، ڪردار نگاري، ٻولي جو استعمال، اسلوب، مڪالما، لفظن ۽ جملن جو استعمال ۽ ٻيون فني خوبيون ۽ خاميون پڙهندڙن جي سامھون آنديون ويون آهن.
موضوع جي جائزي کان پھرين آئون پڙهندڙن کي اهو نڪتو ذهن نشين ڪرائڻ چاهيان ٿي تہ ڪنھن بہ ليکڪ جي فن جي پرک جي پروڙ سندس ارتقائي نظر ۽ تخيل مان پوي ٿي. نورالھدى شاھہ بحيثيت ادبي فنڪار (Burning Topic) تي لکيو. سندس ڪھاڻين جا موضوع ڪوڙن عقيدن، ريتن، رسمن ۽ شرافت جي ڍونگن کي بي نقاب ڪن ٿا. نون موضوعن سان گڏ ڪٿي هن عام موضوعن کي بہ خاص نموني سان لکيو آهي. سندس يش ڪيل موضوعن تي هيٺيان رايا آهن.
“نورالہدیٰ شاہ کا جہانِ فن مختلف اور متنوع موضوعات سے گونجتا ہے اور وہ ہر واقعے اور ہر موضوع کو ایک جداگانہ انداز میں برتنے کا ہنر جانتی ہے۔ ان کی شہرہ آفاق کہانی “میرے بیٹے کی ماں” (ترجمہ شاہ حنائی) بالکل مختلف موضوع، فضا آہنگ اور تاثر کی کہانی ہے۔ یہ ایک ایسی ماں کی کہانی ہے، جو قومی جدوجہد میں اپنی پوری زندگی گزار دیتی ہے۔ اس کہانی میں نورالہدیٰ شاہ نے ماں کا جو کردار تراشا ہے، وہ قومی حمیت اور خود آگہی کا بہت توانا مضبوط اور بے مثال کردار ہے۔یہ وہ ماں ہے، جو قومی مفاد کے خلاف اپنے اکلوتے بیٹے تک کو دیکھنے کی روادار نہیں ہے۔ اس کہانی میں وہ سب خوبیاں موجود ہیں، جو فنی اعتبار سے ایک مکمل اور معیاری کہانی میں تلاش کی جاتی ہیں۔ “گورکن” کہانی میں وہ فنی بلندیوں پر نظر آتی ہیں۔ اس کہانی میں افلاس اور بھوک سے پیدا ہونے والی دردناک لہروں میں سب سے بڑا دکھ خود آدمی کا مقامِ آدمیت سے گر جانے کا ہے، جسے نورالہدیٰ شاہ نے مناسب چابک دستی سے اجاگر کیا ہے“۔ (3)
“نورالھدى شاھہ سنڌ جي اها ليکڪا آهي جيڪا نہ رڳو سنڌ ۾ پر پاڪستان ۽ هند ۾ پنھنجي منفرد موضوعن ۽ انداز سببان مڃتا ماڻي چڪي آهي. سندس ڪھاڻين جا موضوع جاگيردانہ ڪلاس جي نمائندگي ڪن ٿا. حويليون، پير، وڏيرا ۽ اتي ٿيندڙ جبر ۽ تشدد کي هن نھايت سھڻي نموني ۾ چٽيو آهي”.(4)
ڏِٺو وڃي تہ ادب ۾ جنسي مسئلن کي پيش ڪرڻ زندگيءَ جي هڪ بنيادي مسئلي جي عڪاسي آهي. سماج جي ڀلائيءَ خاطر ادب ۾ جنس جو فني پختگيءَ سان مھذب نموني اظھار متوازن ۽ صالح زندگيءَ ڏي ڇڪي ٿو ۽ نورالھدى معاشري ۾ جنسي مسئلن جي ڪارڻن تي لکيو آهي. انھن هٿ ٺوڪين روايتن تي لکيو آهي، جن جي ڪري جنسي مسئلا ڪَر کڻن ٿا. نورالھدى شاھہ مختلف موضوعن کي تخليقي اسلوب سان پيش ڪندڙ فنڪارا آهي. هن عورتن جي مختلف روين کي سندن معاشي ۽ اخلاقي مسئلن جي معرفت ظاهر ڪيو آهي. هڪ ڪھاڻيڪار هئڻ جي حيثيت سان نورالھدى پنھنجي فن ۾ عورت ذات جي جذبن، امنگن، احساسن، اڻ پورين خواهشن، خوشين، ڏکن ۽ سورن جي ترجماني ڪئي آهي. عورت ذات جي انسان هئڻ جي حيثيت سان عزت ۽ احترام نہ ڪرڻ تي نورالھدى جو احتجاج ملي ٿو. هن سندس وجودي مسئلن کي اڳيان آندو آهي. عورت جي تذليل ۽ مڙس طرفان وڪرو (پاروٿو گوشت) نشائي بيغيرت پيءُ طرفان ڌيون وڪڻڻ (سنگسار) پابندين تي بغاوت ڪندڙ مريم حسين (جلاوطن)، حويليءَ جي ڪوٽن ۾ بند ٿيل عورت جي شرافت/ بدناميءَ جي ڪھاڻي (شريف زادي) عورتاڻي حق جي ورهاست تي سراپا احتجاج بڻيل سڪينہ (ناگاساڪي) فٽ پاٿ تي حرامي ٻار کي جنم ڏيندڙ فقيرياڻيءَ جو روڊن تي رلندڙ ممتا جو روپ (فوٽ پاٿ) معصوم قاتلا حاجره ۽ سندس سودو ڪندڙ دلال ربو (دوزخي) ۽ ٻيون ڪيتريون ڪھاڻيون آهن، جن ۾ هن سماج جي هر طبقي جي عورت جي مسئلي تي لکيو آهي.
ايئن بہ نہ آهي تہ هُن رڳو عورتاڻن مسئلن کي موضوع بنايو آهي، ٻين بہ سماجي مسئلن تي لکيو اٿس. هن وٽ عورت توڙي مرد، ٻار توڻي ٻڍو هڪ انسان، هڪ فرد ۽ هڪ مڪمل شخص جي حيثيت رکي ٿو. هوءَ قومي ۽ بين الاقوامي انساني مسئلن جي بہ قلمڪار آهي. سندس ڪھاڻين ۾ انساني بنيادي حقن جي لتاڙ خلاف احتجاج آهن. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم سان ٿيل ناانصافين تي آواز اٿاريل آهي. جنگ، خوف، بمباري، ڪرفيو، بليڪ آئوٽ، سپر پاور ملڪن جي طرفان ائٽمي توانائيءَ جو ڦھلاءُ ۽ تباھہ ڪاري، ڏيھي ۽ پرڏيھي طور ملڪن ۾ ٿيندڙ بدامنيون، مارشل لائون، بک، بيوسي، غلامي، انسانيت جو ڪوس، حياتي حقيقت ۽ موت اڻٽر حقيقت جھڙن مسئلن تي سندس اهم ڪھاڻيون، “ڪربلا”، “تون ۽ مان ڪڏهن نہ ملنداسين”، “آخري مئل ماڻھو”، “ڏوهي” “مُڪتي”، “پاتال”، “اڻ پورو انسان”، گورڪن”، “جلاوطنيءَ جي سرنگهہ”، “منظر جنھن جو ڪو انت ڪونھي”، “ناٽڪ”، “ڪيڏارو”، “پاتال” آهن. قومي حقن جي لاءِ سجاڳي، نوجوان انقلابي شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافيون، سنڌ، سنڌيت ۽ قوميت، ورهاڱي کان پوءِ جي وڇڙيلن لاءِ احساس، قومي تحريڪون ۽ ٻين ان نموني جي موضوعن تي سندس ڪھاڻين ۾ “پن ڇڻ جي رت ۾”، “منھنجو مَن ڀنڀور”، “سرحدون ۽ فاصلا”، “مندر اداس ڏيئو”، “اڌرات ديوداسي”، “ڪارا ڪڪر” ۽ “پن ڇڻ جي رت ۾” آهن.
نورالھدى ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو آهي. سندس فن جي مطالعي مان ڄاڻ پوي ٿي تہ جديد موضوعن ۽ فڪر کي جن سنڌي ڪھاڻيڪارن اڳيان آندو آهي، انھن ۾ نورالھدى شاھہ جو نالو پھرين صف ۾ شامل آهي. هن سنڌي سماج جي غلط ريتن رسمن ۽ نالي ماتر اخلاقي قدرن خلاف جهاد جوٽيو ۽ لڪيل ڇپيل نہ پر بآواز بلند بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. اهي ڳالھيون جيڪي چپن ۾ چوڻ جي همت بہ ماڻھو نٿي ڪري سگهيا، سي هن وڏي واڪي چيون.
اها حقيقت آهي تہ، سچو پچو ادبي فنڪار اهو آهي، جو نظرانداز ٿيل شين کي سامھون آڻي. ظالم ۽ مظلوم جي فرق کي بآواز بلند بيان ڪري، هُو زندگيءَ جي قدرن کي پرکي. رات جي تاريڪين ۽ اونداهين ڪوٺين ۾ ٿيندڙ وارداتن کي چٽو پٽو پيش ڪري. نورالھدى جي پيش ڪيل موضوعن تي روشني وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ هن سماجي حقيقتن جي بي رحميءَ سان چيرڦاڙ ڪندي صداقت ۽ بي باڪيءَ سان زندگيءَ جا گوناگون پاسا ڏيکاريا آهن، جنھن ۾ هن سنڌي سماج جي اهڙن ٻرندڙ مسئلن جي نشاندہي ڪئي آهي، جيڪي کانئس اڳ ڪڏهن بہ هن ريت پيش نہ ٿيا هئا. ڪھاڻي “جلاوطن” جي مريم حسين مرد ۽ عورت جي ناجائز تعلق ۾ فقط عورت کي ڏوهاري نٿي سمجهي. هوءَ حوا جي نالي بھشت مان تڙجي نڪرڻ جي هاڃي ۾ آدم کي بہ برابر جو شريڪ سمجهي ٿي. زنا جي ڏوھہ ۾ مرد جي آزاد رهڻ ۽ عورت جي ڀوڳڻ ۽ تذليل تي تڙپندي چوي ٿي تہ،
“هر گناھہ ۾ تون ۽ مان برابر جا شريڪ ٿيون تہ بہ گناهن جا داغ صرف منھنجو ئي پلاند ڇو ٿا آلو ڪن. منھنجي بدن جي نس نس گناھہ جو ثبوت بڻجيو وڃي. ڇو منھنجي ئي بدن ۾ مون لاءِ دوزخ جو عذاب رکيو ويو آهي. مان “انالحق” جو نعرو هڻان بہ تہ تاريخ ۾ منھنجو ذڪر سنہري لفظن ۾ تہ نہ اچي ها جو مون تي تہ ثابت ٿيو هو زنا جو ناقابل معافي ڏوھہ ۽ منھنجو بدن هو ان ڏوھہ جو اکين ڏٺو ثبوت، ڀلا جنھن جا ڏوھہ پيشانيءَ تي لکيل هجن، ڪورٽ ڪيئن نہ ڏيندي هن کي سزا ”.(5)
”شريف زادي“ ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪا حويليءَ ۾ قيد هڪ فردوس نہ پر ڪيترين فردوسن جي نازڪ جذبن ۽ احساسن کي پيش ڪيو آهي. هن سنڌي سماج جي انھن عورتن جي دلي دٻيل سڌن کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪي ڊگهن ڪنگرن وارن ڪوٽن ۾ قيد آهن ۽ انھن ڪوٽن جا مروج قدر ۽ بندشون عورتن جي فطري جبلتن ۽ خواهشن کي رد ڪندڙ آهن، تڏهن ئي سندن وجود ڪڏهن ٻوسٽ تہ ڪڏهن بغاوت جو شڪار ٿي تباھہ ٿي وڃي ٿو. ليکڪا حويليءَ جي ان ماحول تي لکي ٿي تہ،
”ڀاڻس جن نيون گاڏيون کنيو شھر جي ڇورين سميت حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ پيا ڊوڙندا هئا. پڻس ڳوٺ اڃا تازو هڪڙي مھاڻي بي نڪاحي ويھاري هئي، سو ڏينھن جا ڏينھن ڳوٺ هوندو هو. هڪڙي ماڻس هئي، جيڪا سارو ڏينھن چرين وانگر پيئي سندس پيٽ گهوريندي هئي ۽ هوءَ هئي جا ڪمرو بند ڪيو سارو ڏينھن پينگهي ۾ اونڌو ڪنڌ ڪيو پيئي هوندي هئي“.(6)
اهڙيءَ ريت ٻين ڪيترين ڪھاڻين ۾ پڙهندڙن کي فردوس ۽ مريم حسين جھڙن ڪردارن لاءِ همدرديءَ جو احساس ٿئي ٿو. “دوزخي” جي معصوم هاجره هجي يا جڳن کان غلاميءَ جي سنگهرن ۾ جڪڙيل شيدي بادشاھہ (Come back Africa) هيا. پوڙهي رئيس کي نہ چاهيندي بہ قبول ڪندڙ سڪينہ هجي (ناگا ساڪي)، هن وٽ موضوع جي هڪ مقصديت آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ موجب:
“نورالھدى شاھہ وٽ جنسي مسائل جو موضوع نھايت بلند ۽ اعليٰ بنجي پوي ٿو، جنھن ۾ انسانيت جي زخمن جو حسن ۽ لتاڙيل درماندہ ۽ ڀليل ماڻھن جي بلندي ۽ پستيءَ کي فڪري ۽ تخيلاتي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي”.(7)
مون نورالھدى جي سڀني ڪھاڻين جو غور سان مطالعو ڪيو آهي. منھنجي نظر ۾ هن ليکڪا جي فن جو مڪمل اڀياس اڄ تائين پوريءَ ريت نہ ڪيو ويو آهي. شروع ۾ فقط سندس هڪ ڪھاڻين جي مجموعي ڇپجڻ تي کيس هڪدم “بولڊ” ۽ “جنسيات جي موضوع تي لکندڙ ليکڪا” سڏيو ويو. حالانڪہ ايئن نہ آهي. “جلاوطن” جي يارنھن ڪھاڻين کي جيڪڏهن سندس ادبي سفر جي ٽيھن سالن وارين ٻين ڪھاڻين کان ڌار ڪري مطالعو ڪبو تہ هوءَ ڪنھن بہ ريت فقط هڪ موضوع تي لکندڙ ليکڪا نہ آهي ۽ “جلاوطن” جون بہ سڀ ڪھاڻيون جنس جي موضوع سان لاڳاپيل نہ آهن. هيءَ ليکڪا ادب معرفت، امن جو پيغام ڏيندڙ ۽ انساني ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ آهي. سندس تحريرن ۾ انساني حياتيءَ جي ڏکن ڏولاون ۽ ڏٺل سھڻن سپنن جي ساڀيان نہ ٿيڻ جو سور سمايل آهي. سندس موقف موجب تہ خدا پاڪ تہ انسان کي سور نہ ڏنا آهن. سندس سڄين تڪليفن ۽ سورن جو ذميوار خود انسان ئي آهي، جو سندس حقن تي راتاهو ٿو هڻي. هن ليکڪا وٽ گهڻن موضوعن سان گڏ مواد جي موضوع سان هڪجهڙائي بہ موجود آهي. هوءَ پنھنجي ڪھاڻين جا پلاٽ فقط سنڌ نہ پر پوريءَ ڌرتيءَ جي مسئلن مان چونڊي سنڌي ٻوليءَ جي سھڻن لفظن ۽ جملن ۾ پيش ڪري ٿي.
ٻوليءَ جي استعمال جي لحاظ کان نورالھدى کي پنھنجي فن ۾ مڪالمن معرفت عبور حاصل آهي. سندس پيش ڪيل مڪالما ڪردارن واتان ۽ خود ڪلاميءَ جي انداز ۾ تيز ۽ تند هئڻ سان گڏ اثرانگيز آهن. افسانوي ادب ۾ اهڙن مڪالمن جي باري ۾ عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو تہ،
”مڪالمن جو ٽيون قسم اُهو هوندو آهي، جن کي بليڊ جي ڌار وانگيان تيزي سان چير ڏيندڙ حقيقت پسندانہ مڪالما چئبو آهي. اهي مڪالما تمام ننڍا هوندا آهن، پر ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالھہ چئي ويندا آهن. گڏوگڏ اهي مڪالما پاڻ سان وڏي معنويت رکندي اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪردار جي ذهني سطح ۽ مزاج تي ٺھڪي ايندا آهن ۽ ڪنھن بہ ڪردار واتان اجوڳا نہ لڳندا آهن“.(8)
سو روزمرہ ۽ عام سڌي سادي گفتگوءَ جي بجاءِ نورالھدى ڪٿي فلسفيانہ انداز ۾ تہ ڪٿي پنھنجي ڪردارن جي عين هلت چلت ۽ ماحول موجب مڪالما تخليق ڪيا آهن، جن سندس ڪھاڻين ۾ مختلف رنگ ڀريو آهي ۽ ايئن منفرد اسلوب سان ئي سندس ڪھاڻيءَ جو مرڪزي نڪتو نروار ٿئي ٿو. هڪ معصوم ٻار کان ٻڍي تائين هڪ نيڪ ۽ پارسا عورت کان چڪلي جي وئشيا تائين تقريباً هر ڪردار جي جذبن جي اپٽار ۾ هن مڪالمن وسيلي پنھنجي من جو موقف پيش ڪيو آهي. هيٺ جدا جدا ڪھاڻين مان ڪجهہ حوالا پيش ڪريان ٿي، جن سان پڙهندڙن کي سندس فن ۾ ڪردار نگاري، ٻولي ۽ مڪالمن جي باري ۾ ڄاڻ ملندي.
“ربو دادا اٿي بيٺو.
هل! توکي چڪلن ۾ نچندڙ اهي جوان ۽ سھڻا سھڻا جسم ڏيکاريان، جيڪي تو جھڙن عزت وارن جي ديا آهن، جن جا پيءُ وزير، اسيمبلي ميمبر، سينيٽر، قانوني محافظ ۽ قوم جا رهنما آهن. خدا جو قسم هل، توکي هن ڪوڙيءَ دنيا جو وڏي ۾ وڏو سچ ڏيکاريان”. (ڪھاڻي: دوزخي)
“تڏهين چيم، سنڌ جو هر وڏو ماڻھو چلڪندڙ تھذيب جو غلام آهي ۽ ڪي خرمغز پنھنجي اصل تھذيب جا مجاور آهن”.
سومري نرڙ تي گهنڊ وجهي منھنجي منھن ۾ نھاريو، شايد کيس منھنجو ڳالھائڻ نہ وڻيو ۽ ناز بيگم کي چيائين، “ڀلا ڪو مال ٻال آهي؟”
هڪ ڇوڪري آئي، ڇڻ ڇڻ ڪندي ڀت وٽ بيھي رهي. منھنجي نظر ڀت تي ان هنڌ وڃي کتي جتي اڳ شانتي دان جي تصوير ٽنگيل هئي. اجرڪ ڪلھن تي، هٿن ۾ “شاھہ جو رسالو” هئس. ساڳي ڳنڀيرتا ۽ خاموش وسيع سمنڊ جھڙي شخصيت اکين آڏو ڦري ويئي. انھيءَ ساڳئي ڪمري ۾ غلاظت مان آيل مرد ۽ عورتون نئون جنم وٺنديون هيون ۽ هاڻ ساڳئي هنڌ هڪ رات لاءِ دلين جا سودا ٿي رهيا هئا...
اسان شانتي منزل مان ٻاهر نڪري آياسين. ڇوري رشو بہ اسان سان هئي. ڏاڍا اوچا ٽھڪ ڏيئي رهي هئي. تڏهن مون پاڻ کي شدت سان چرٻٽ محسوس ڪيو هو. سومرو فاتح جيان مون ڏي ڏسي رهيو هو. سوچيم تہ سنڌ جا وڏا ماڻھو هڪ رات لاءِ عورت کي خريد ڪري پاڻ کي فاتح سمجهندا آهن، پر هو پنھنجو پاڻ بہ فتح نہ ڪري سگهيا آهن. مون پاڻ کي، سومري کي يا رشوءَ کي اهو ڪتو محسوس ڪيو هو، جيڪو هر ڪنھن غلاظت تي نوس نوس ڪندو آهي. مون کي اهي عورتون ياد اچي ويون، جن کي شانتي دان وئشيا مان عورت جو درجو ڏنو هو”.(سرحدون ۽ فاصلا)
پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ ڇاڇا وڪامجي ويندو آهي. “سنگسار” ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪا موالي پيءُ هٿان ڌيءُ جي ڪيل سودي بعد جا مڪالما هن ريت لکيا آهن:
“رات جو هو موٽيو، تہ هوءَ جاڳي پيئي. ڪجهہ دير شام جو رنو هئائين، جو اکيون اڃان بہ آليون هيس. سندس ئي پاسي ۾ هو ٻيئي ستيون پيون هيون. مانيءَ لاءِ روئي روئي ستيون هيون ۽ هن کي بک جي شدت ۾ ننڊ نٿي آئي. پيءُ کي ايندو ڏسي سندس بدن ڪنبڻ لڳو.
“جاڳين پئي؟” پڻس جي لھجي ۾ خوشامد هئي. هوءَ چپ رهي.
“آئون نوڪري ڳولھڻ ويو هئس” اهائي خوشامد، ڪوڙ ۽ لوڀ، پر هوءَ چپ بہ حيران بہ!
“نوڪري ملي ويئي اٿم بلقيس!” وات مان گگ ڳڙي پيس ۽ بلقيس کي ڄڻ ويساھہ نہ پئي آيو.
“تولاءِ بہ نوڪري ڳولھي اٿم”. پڻس جي اکين ۾ لالچ ليئا پائڻ لڳي، جنھن کي سندس ذهن سمجهي نہ پئي سگهيو.
“نوڪري ڪندينءَ نا؟” هو ويجهو هليو آيو.
“توکي اتي نوان ڪپڙا ملندا، ماني ملندي”. ڪپڙن ۽ مانيءَ جو ٻڌي بلقيس جي اکين ۾ ستارا جرڪڻ لڳا. پر اڃان بہ چپ هئي.
“ڪندينءَ نہ؟”
“هائو” ڌرتيءَ جي پاتال مان ڄڻ آواز آيو.
“اٿي هينئر هلون” عجيب ڪروڌ پڻس جي چھري تي پکڙجي آيو هو....
“سج اڀرئي پڻس آيو. هن کي نہ ئي نوان ڪپڙا مليا نہ ئي جتي! هوءَ پيرين اگهاڙي آئي پيرين اگهاڙي ويئي هئي. سندس سَنڌ سَنڌ ساڻو ٿي پيو”. (سنگسار)
ناحق ۽ ڏاڍ جي دور ۾ اظھار جي پابنديءَ تي لکي ٿي تہ،
“ڪافي شاپ مان اسان ٻاهر نڪتاسون تہ سچ پچ رات ٿي چڪي هئي. سياري جي ڪري ٽريفڪ تمام گهٽ هئي، ايڪڙ ٻيڪڙ فوجي ٽرڪ ٿي لنگهيا. فوجيءَ اسان جي تلاشي ورتي. منھنجي پرس ۾ ڪنھن هٿيار بدران اهو نظم هو، جيڪو سيمينار جي شروعات ۾ پڙهيو هيم. فوجيءَ هڪ اڇاتري نھار نظم تي وڌي، شڪ ٻڏاڻل نوع ۾ مون ڏانھن نھاريائين ۽ نظم وارو ڪاغذ ڦاڙي، پرزا پرزا ڪري هوا ۾ اڏاري ڇڏيائين. تلاشيءَ دوران هُن جي کيسي مان اهو مقالو نڪتو، جيڪو هن سيمينار ۾ پڙهيو هو. “منھنجي ڏيھہ کي ڌارين جي ڪاھہ کان بچايو”. هن وقت مقالي جي ڪاغذن تي فوجيءَ جو ڀاري بوٽ رکيو هو. اسان جي دٻيل دٻيل احتجاج تي، چڀندڙ لھجي ۾ فوجيءَ چيو: “آئون اندازو لڳائي سگهان ٿو تہ هن دور ۾ اوهان جي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪا بہ شيءِ امن امان جي صورتحال ۾ بگاڙو آڻي سگهي ٿي”. (ڪھاڻي: تون ۽ مان ڪڏهن نہ ملنداسون)
سڳنڌ طرفان راڻي کي حوصلو ڏيندي چوي ٿي تہ،
“تو لکيو آهي تہ، “اسان پن پن ٿي ڇڻي رهيا آهيون.”
پر راڻا! جڏهن بہ گهٽائون گجگوڙ ڪري وسنديون ۽ جڏهن بہ امن جي گلابي مند موٽي ايندي، تڏهن ڪنھن تارن ڀري رات ۾ اسان جي اجهاڻيل مُکَ ۾ نئين چڻنگ دکندي ۽ اسان اهو پن پن ميڙي جيون جنگ ۾ ڪاهي پونداسين (ها نه- راڻا!!)”. (ڪھاڻي: پيڙا)
ورهاڱي جي الميي تي ليکڪا هن ريت سنڌ واسين جو ڏک ونڊيو آهي.
“سنڌوءَ جو پاڻي هن لمحي بہ وهندو ٿو وڃي سنڌ ڌرتيءَ جو سينو چيريندو، تنھنجي امي ۽ پتا جيءَ جي رک پاڻيءَ ۾ گڏجي پاڻي بڻجي چڪي آهي. نٿي ڄاڻان تہ اڃان ڪيتريون چتائون جلاوطنيءَ جو عذاب کڻي سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ۽ دنيا ۾ جيترا بہ درياھہ آهن، سمنڊ آهن انھن ۾ وهنديون. ماڻھو مري ويندو آهي ۽ پويان ڌرتيءَ تي گهڻو ڪجهہ رهجي ويندو آهي. ڪينجهر جا ڪنارا، ڄامشوري واري پل، ڪوٽڙيءَ جي پل هيٺيان وهندڙ درياھہ ۽ انھيءَ جي ڪنارن تي آباد سنڌي ماڻھن جا ڳوٺ، سنڌ جون ڀٽون ۽ بر- مڪليءَ جو قبرستان، شاھہ جو رسالو، سچل جون ڪافيون، سنڌ جا لوڪ گيت، مائي ڀاڳي ۽ علڻ فقير جو آواز، گهڻو ڪجهہ جيڪو آئون هٿ تريءَ تي سجائي پوءِ مرڻ چاهينديس. مرنديس پر ڪو هڪڙو پل آئون پنھنجي هٿ تريءَ تي ضرور لکرائينديس، جنھن ۾ تون ۽ آئون هٿ هٿ ۾ ڏيئي ڪينجهر ڪناري هلندا رهون ۽ ڪڏهن بہ تنھنجي ويزا جي تاريخ ختم نہ ٿئي”. (منھنجو من ڀنڀور)
مٿين حوالن مان مڪالمن جي اُڻت ۽ ٻوليءَ جي استعمال سان گڏ لفظ جي چونڊ تي روشني پيئي آهي. ليکڪا جي پنھنجي چوڻ موجب تہ،
“مون کي لڳندو هو تہ مون وٽ لفظن ۽ خيالن جا مٽ ڀريل آهن ۽ منھنجو وس نٿي پڳو تہ مان اهي مٽ سنڌ ڌرتيءَ تي هاري هڪ ئي ڍڪ ۾ ان جي اڃ اجهائي ڇڏيان”.(9)
سماجي زندگيءَ جي ڪيترن مسئلن کي موضوع طور کڻندي، هن اهڙا اهڙا ڪردار اکين اڳيان آندا آهن، جو پڙهندڙ سندس مشاهدي کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. هڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ نورالھدى جون تخليقون سندس خاص رنگ جون مظھر آهن. سندس ڪنھن بہ ڪھاڻيءَ تي سندس نالو يا عنوان نہ بہ هجي تہ بہ هن جا پڙهندڙ اهو ضرور سمجهي ويندا تہ هيءَ ڪھاڻي نورالھدى جي آهي ۽ انھيءَ جو سبب يقيناً سندس اسلوب شمار ٿيندو. نورالھدى جي فن جي مطالعي مان اها ڄاڻ بہ پوي ٿي تہ سندس فن بتدريج ترقيءَ ڏي وڌندو رهيو آهي. سندس شروع دور جي ڪھاڻين ۾ داخليت جو عنصر وڌيڪ موجود آهي، پر آهستي آهستي اهو خارجيت ڏي مائل ٿيندو ويو، جنھن جي تصديق هيٺئين حوالي مان ٿئي ٿي.
“هن دور ۾ تجرباتي عمل کي موڙ ڏيئي، ٻن فنڪارن سنڌي ڪھاڻيءَ کي اڳتي وڌايو آهي ۽ اهي ٻيئي ڪھاڻيڪار بہ خواتين منجهان آهن، جيڪي خيرالنساء جعفري ۽ نورالھدى شاھہ آهن. هنن جي ڪوشش سنڌي ڪھاڻيءَ کي فني بلندين جي اتاهينءَ تائين رسايو آهي، جنھن ۾ فڪر جي طاقت ۽ سماجي شعور ٻئي سمايل آهن. ڌرتيءَ جي سڳنڌ ۽ جسم جي خوشبوءَ سان گڏ روح جي تڙپ بہ آهي. انساني معاملن سان آشنائي بہ آهي، تہ انسان جي ويچارگي ۽ مجبوريءَ جا شديد احساس ۽ درد پڻ انھن ۾ آهن. انھن ليکڪائن جي ميدان ۾ اچڻ کانپوءِ جديديت جي مبھم انداز وارين ڪھاڻين جو طلسم بہ گهڻي دير تائين قائم نہ رهندو ۽ هاڻ سنڌي ڪھاڻيءَ جي تخليقي جهت ۽ ميلان ۾ هڪ وار وري بہ خوشگوار موڙ آيو آهي، جيڪو ارتقا ڏانھن هڪ مزيد قدم آهي”.(10)
سنڌي ٻوليءَ جي خوبين ۽ خامين جي اڀياس جي حوالي سان نورالھديٰ شاھہ جو فن اهو ظاهر ڪري ٿو تہ سندس تحرير ۾ علامتون، بيھڪ جون نشانيون مناسبت سان ڏنل آهن. وٽس جهجهن نج سنڌي لفظن جي ڪتب سان گڏ ڪٿي ڪٿي ڪي اردو ٻوليءَ جا لفظ پڻ استعمال هيٺ آيل آهن، جن جھڙا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. جيڪڏهن اهي آڻي ها تہ اڃان بہ سندس نثر ۾ وڌيڪ سونھن پيدا ٿئي ها. اهڙن اردو ٻوليءَ جي لفظن ۾ ’کوئجي‘، ’بھڪڻ‘، ’دور دور‘، ’ڦھليل‘، ’ڪوئي ڪوئي‘، ’ڀي‘، ’ڀاري لمحي‘، ’سرخ سرخ‘ ۽ ٻيا آهن.
نج سنڌي لفظن ۾ هن ’ڀنل‘، ’نيڻ نھار‘، ’نما شام‘، ’ليئاڪا‘، ’سيراندي‘، ’ساروڻيون‘، ’پيچ پيئڙو‘، ’چائنٺ‘، ’ڌرتي‘، ’وارتائون‘، ’ڳڙکي‘، ’ميرانجهڙي‘، ’پيڙا جا پاڇولا‘، ’ڇنل ٽـٽل، بولاٽيون‘ ۽ ٻيا سھڻا لفظ استعمال ڪيا آهن. موقعي مطابق پھاڪا، چوڻيون ۽ گفتارون بہ سندس تحرير ۾ ڪجهہ حد تائين موجود آهن، جيئن: ’لھر نہ لوڏو‘، ’ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا‘، ’ڳالھيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون‘، ’جهڙا ڪانگ تھڙا ٻچا‘ ۽ ٻيا آهن.
ڪجهہ جڳھين تي هن “ڪڻس” لفظ جو استعمال وڌيڪ ڪيو آهي، جيڪو ڪنھن حد تائين اڻ سھائيندڙ پڻ لڳي پيو، جيئن “سنگسار” ڪھاڻيءَ ۾ لکي ٿي تہ،
“ڪڻس پنھنجي زندگي بيحد روشن نظر پئي آئي، اڄ پٽ نہ هئڻ جو ڪڻس ڪو بہ ڏک ڪونہ هو. ڪُڻس دنيا جو سڀ کان وڏو خزانو بلقيس پئي لڳي”.
ڊرامہ نگار جي حيثيت ۾ نورالھدى شاھہ ٽيليويزن جي ڊرامن وسيلي شُهرت ماڻي. سندس لکيل ٽي وي ڊراما گهڻو مقبول ٿيا، انھن ڊرامن جي ڪري هوءَ پاڪستان جي پھرين صف جي ڊرامانگارن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊراما لکيا، پر کيس گهڻي ڪاميابي قومي نشرياتي رابطي جي اردو ڊرامن مان ملي، نور جي ڊرامن ۾ مقصديت، حقيقت نگاري، جاندار مڪالمن سان گڏ ٻيون بہ ناٽڪ نويسيءَ جون فني خاصيتون هجن ٿيون. نور جو اردو ڊرامو “جنگل” (قسطوار) هڪ طرح سان هن جي ڪھاڻين جي پھرين ۽ مشھور مجموعي “جلاوطن” جي ڊرامائي صورت آهي. هن ڊرامي جي معرفت اردو ٻوليءَ ۾ سنڌي سماج جي ڪجهہ اهڙن مسئلن کي موضوع طور آندو ويو، جن تي ڪڏهن ڪنھن نہ لکيو هو. سندس پنھنجن لفظن ۾ تہ،
“هتي مان پنھنجن ٻن ڊرامن جو ذڪر ڪنديس “جنگل” ۽ “عجائب خانہ”. جنگل سيريز منھنجي ان احتجاج جو Peak point هيو، جنھن جو مان مٿي ذڪر ڪري آئي آهيان، جيئن چؤمکي لڙائي ۾ سپاهي پنھنجي پوريءَ سگهہ سان مُٺ ۾ ڀيڪڙيل تلوار چئني پاسي کنوڻ جيان ڦيرائيندو ويندو آهي، ايئن مون جنگل جا 20 episodes لکيا ۽ انھن مان ڪيئي اهڙا هئا، جيڪي هڪ رات ۾ لکي پورا ڪيم. جنگل ۾ استعمال ڪيل ٻولي جيتوڻيڪ اردو هئي، پر مون کي راتين جي انھن اوجاڳن ۾ ايئن محسوس ٿيندو هو، ڄڻ مان انقلاب جو ڳاڙهو جهنڊو کڻي سڄيءَ سنڌ ۾ ڪاهي پيئي آهيان. هڪ طرح سان “جنگل”، جلاوطن ۾ ڇپيل ڪھاڻين جي dramatization پڻ آهي. جيتوڻيڪ “جلاوطن” ۾ ڇپيل ڪھاڻين جو کٽيو کائڻ حرام ڪونہ هو، پر اڃان ڪجهہ ٻيو هو، جيڪو مون کي پنھنجي ذهني ارتقا لاءِ گهربل هو. جنگل جي موٽ ۾ مليل ڇتي شھرت بہ منھنجي دل کي مطمئن نہ ڪري سگهي ۽ نہ ئي منھنجي اها اُڃ اُجهائي سگهي، جيڪا مون کي ڄڻ رڻ منجهہ رُڃ پٺيان لاڳيتو ڊوڙائي رهي هئي، پر ايترو ڪجهہ ٿيڻ کان پوءِ بہ سڀ ڪجهہ جيئن جو تيئن هو سنڌ جي سينڌ ۾ اڃان تائين واري اڏامي رهي هئي ۽ سنڌي سماج اڃان تائين ڦاسي گهاٽ جو منظر پيش ڪري رهيو هو”.(11)
جنگل ڊرامي ۾ سنڌ جي ريتن رسمن جي اوٽ ۾ ٿيل جاگيردار طبقي جا ظلم، عورتن جو ڀوڳڻ، مردن جون بالادستيون، قرآن سان شاديون ۽ ٻيا الميا پيش ڪيل آهن. هن ڊرامي تي مختلف ماڻھن مختلف رايا ڏنا آهن. ڪجهہ جي چوڻ موجب تہ نورالھدى شاھہ سنڌي وڏيري ۽ جاگيردار جو جيڪو ڪردار چٽيو آهي، اهو سنڌ دشمن آهي ۽ انھيءَ سان سنڌي قوم جي گهٽتائي ٿي آهي. جڏهن تہ “وڏيرو” لفظ جي معنيٰ “تر جو وڏو يا چڱو” جيڪو قوم جي ڏک سور جو ڀائيوار هجي. هن ڊرامي معرفت وڏيري جي شخصيت جو تاثر منفي ڪردار جو ڏنل آهي. انھيءَ جي برعڪس اهو رايو بہ آهي تہ نورالھدى پنھنجي ئي طبقي جي اصل حالتن کي تمام ڪاميابيءَ سان لکيو آهي ۽ انھيءَ سان گڏيل سماجي شعور ۾ تبديلي آئي آهي.
سندس سنڌي ڊرامن جو ڳاڻيٽو گهٽ آهي ۽ ڇپيل موجود نہ آهن. سنڌي ڊرامن ۾ هن جو “ڪاري” ڊرامو ڪھاڻي “زندگيءَ جو زهر” جو ڊرامائي روپ آهي، جنھن ۾ هن هڪ ڪاري ۽ ڪوجهي ماتا ۾ وڪوڙيل ڇوڪريءَ جي ڪردار لاءِ همدرديءَ جا جذبا اڀاريا آهن. انھيءَ کان سواءِ سندس سنڌي ڊرامو “رانديڪو“بہ آهي، جيڪو سندس پھريون سنڌي ناٽڪ هو.
نظماڻي نثر ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو “قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ” نيوفيلڊس پبليڪيشن 1992ع ۾ شايع ڪيو. نور جي شاعريءَ جو هيءُ مجموعو هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو، جنھن ۾ قومي موضوعن سان گڏ نورالھدى ڪجهہ بين الاقوامي موضوعن کي بہ آندو آهي. محمد ابراهيم جويو کيس قوميت ۽ انسانيت لاءِ درد رکندڙ نثرنگار ۽ شاعرا سڏيو آهي.
“سچا شاعر انسانيت جا پيغمبر تہ آهن ئي، پر سڀ کان اول هو قوميت جا پيغمبر هجن ٿا. نورالھدى شاھہ جا هي نثري نظم “قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ” (ڇا نہ تصوير ڪشي ٿيل، ڇا نہ پيڙا ڀريل آهي هنن لفظن ۾!) قوميت ۽ انسانيت جو اوچو ۽ سچو پيغام رکندڙ آهن ۽ اسان مان انھن جي پڙهڻ لاءِ آهن، جن کي جذبو آهي ۽ جيڪي سڄاڻ آهن”.(12)
نصير مرزا موجب، نورالھدى جي هن مزاحمتي شاعريءَ ۾ هن جي هڪ سٺي نثرنگار هئڻ جون خاصيتون پڻ شامل آهن. اڳيان اهو لکيو اٿس تہ،
“هوءَ ڌرتيءَ جي شاعرہ آهي. سندس شاعريءَ ادبي دستاويز بنجڻ بدران تاريخ جي تسلسل ۾ هلڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي. مزاحمت جي سطح تي جيتوڻيڪ، هن جو لھجو ڀرپور ۽ مڪمل آهي، پر... اُهو ڪٿي ڪٿي پنھنجي Poetic Content ۾ فليٽ ۽ سڌو ٿي ويو آهي ۽ ايئن ٿيڻ جو وڏو سبب اهو آهي تہ هوءَ بنيادي طرح اسٽائيلش نثرنگار بہ آهي ۽ ان سبب جي ڪري ڪٿي ڪٿي هن جي نثري نظم ۾ “نظميت” فليٽ نثر جي ٽريڪ تي لھي وئي آهي”.(13)
نورالھديٰ نثري نظم ۾سادن سودن لفظن ۾ ديس واسين کي همت ڏياريندي لکي ٿي تہ،
“ٺيڪ آ گهڻو ڪجهہ پاڻ کان ڌارين ڦري ورتو آ،
تڏهين بہ پاڻ ڪيڏا خوش نصيب آهيون.
گهٽ ۾ گهٽ حقن لاءِ وڙهون تہ پيا.
ڪوئي ايئن تہ نٿو چوي توکي،
هي تنھنجي ڌرتي ناهي
نورالھدى شاھہ تنھنجي ماءُ ناهي”. (14)
ناٽڪن ۽ نثراڻي نظم کان سواءِ سندس قلم هيٺ هڪ ناول “گرڀ وتي” 1988ع جي سنڌ جي لساني فسادن جي موضوع تي آهي. حيدرآباد شھر جي ٻرندڙ حالتن ۾ پنھنجي ٽن ٻارن سان گڏ خوف ۽ هراس جي واقعن دوران لکيل هي ناول اڃان مڪمل نہ ٿيو آحي. مٿي آئون اها وضاحت ڪري چڪي آهيان تہ ليکڪ جي پيغام جي پختگيءَ سان ئي سندس فڪر واضح ٿئي ٿو. فني هنرمندي ۽ اسلوباتي ڪرشمہ سازيءَ سان گڏ اعليٰ فڪر جوڳو فن نہ فقط پنھنجي عھد ۽ ماحول جي سماجي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو، پر ديرپا ۽ قائم رهڻ وارو بہ ثابت ٿيندو آهي. اها تڪميل جي آرزو ئي آهي، جا فنڪار کي زندھہ رکي ٿي، خوب کان خوب تر جي جستجو سچو فنڪار بنجڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ سچو فن لافاني آهي ۽ هميشہ ان جي پورائي جي خواهش دنيا ۾ بھتر کان بھتر ادب پيدا ڪرڻ ۾ معاون ٿي آهي. نورالھدى شاھہ اهڙي ئي ادبي فنڪار آهي، جيڪا پنھنجي تحرير جي فني گهرجن سان گڏ خيال جي بلندي ۽ فڪري عظمت سبب سڃاتي وڃي ٿي. ماڻھوءَ جو من ڇا سوچي ٿو ۽ ڇا عمل ڪري ٿو؟ حياتيءَ جي هر پل ۾ هو ڇا پائي ٿو ۽ ڇا وڃائي ٿو، سندس اندر جي اونھاين جا ڪوڙ، دولاب ۽ ٺڳيون، سچ ۽ صداقتون ۽ ٻيا ڪيترائي عمل ۽ ردِعمل آهن، جيڪي انساني وجود جي دنيا ۾ داخلا کان وٺي واپسيءَ تائين هو واپرائي ٿو، جنھن سان ئي هن ڌرتيءَ تي سندس حيثيت متعين ٿئي ٿي. اها سڀ خبر اسان کي نور جي مضبوط قلم مان پوي ٿي. هوءَ پنھنجو پاڻ سان، ڌرتيءَ سان ۽ انسانذات سان Committed آهي. نورالھدى پنھنجي اهڙيءَ ڪميٽمينٽ تي لکيو آهي تہ،
“مان بھرحال Committed ليکڪ هيس/ آهيان
ڌرتيءَ سان
ماڻھوءَ سان
ماڻھوءَ جي ذهني ۽ وجودي آزاديءَ سان
اسان جا شخصي ۽ سماجي تضاد آهن، جيڪي وک وک تي اسان جا رستا ڪٽين ٿا. انھن تضادن کي انڌو بڻجي disown بہ نٿو ڪري سگهجي. انھن سان ڪنھن پروفيشنل fighter جيان وڙهي بہ نٿو سگهجي. ان تي re-act ڪري سگهجي ٿو. ان جو اظھار ڪري، سگهارو اظھار، پاڻ پنھنجي اندر احتجاج آهي”.(15)
جيئن تہ ادبي تخليقڪار جي تخليق جو دائرو وسيع آهي، انھيءَ ڪري ڪنھن بہ فنڪار جي فن جي پرک ڪرڻ مھل ڪيترائي نڪتا نظر هيٺ رکڻا پون ٿا. ليکڪ جي لکڻ مھل سندس شعوري ڪوششن سان گڏ لاشعوري ڪيفيتن جي ترجماني پڻ ٿئي ٿي، جنھن کي نقادن ۽ اديبن بہ مڃيو آهي. ريٽا شھاڻيءَ جي موقف مطابق تہ،
“ڪڏهن ليکڪ پنھنجي ڪھاڻي ذريعي پنھنجي اندر جي صفائي Catharsis ڪندو آهي ۽ لاشعوري طور ڪھاڻي لکندي مھل پاڻ کان بہ لڪل جذبا، پنھنجي لکڻين ۾ وجهي، پنھنجي مَنَ کي اوجل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي”.(16)
نورالھدى جي فن جي اڀياس ڪرڻ مھل سندس فن ۽ فڪر ٻنھي جي مطالعي کي اهميت ڏني ويئي آهي. هن جائزي مان اها پڌرائي ٿي آهي تہ هوءَ جز وقتي ليکڪا نہ آهي. هوءَ مستقل ۽ مسلسل لکندي رهي پيئي. شروع ۾ ڪھاڻيون لکيائين ۽ پوءِ ڊراما ۽ نثري نظم، پر لڳي ايئن پيو تہ ڊرامي جي فيلڊ کي پروفيشن بنائڻ بعد سنڌي ڪھاڻي کانئس ڪجهہ حد تائين ڇڏائجي ويئي آهي، پر تہ بہ هن جيڪي لکيو، تنھن ۾ سندس فن مٿانھين تي آهي. هوءَ هڪ سٺي ڪھاڻيڪار جيان سماجي زندگيءَ جي باريڪين کي سمجهندڙ آهي. سندس فن خارجي ۽ داخلي ڪيفيتن جو امتزاج آهي. نور جو وسيع تجربو، مطالعو ۽ مشاهدو اڄ اسان وٽ سندس ڇپيل ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهي. سنڌي ادب ۾ سندس ڪيل خدمتون هميشہ قائم رهنديون.
حوالا:
(1) شاھہ، نورالھدى، ’ڪيڏارو‘،روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2006ع، ص-395
(2) شاھہ، نورالھدى، ’ڪيڏارو‘،روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2006ع، ص-396
(3) سيد، مظھر جميل، ’جديد سندہي ادب‘،اڪادمي بازيافت، ڪراچي، 2007ع، ص-1297
(4) جوڻيجو، تنوير، پروفيسر، ’عورت سماج ۽ ڏاڍ‘،سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2004ع، ص-60
(5) شاھہ، نورالھدى، ’جلاوطن‘،آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد، 1980ع، ص-190
(6) شاھہ، نورالھدى، ’جلاوطن‘،آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد، 1980ع، ص-124
(7) عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، ’آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر‘،انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشورو، 1982ع، ص-350
(8) جوڻيجو، عبدالقادر: منظور جوکيو، ’آئيندو‘، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2006ع، ص-22
(9) شاھہ، نورالھدى، ’ڪيڏارو‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2006ع، ص-395
(10) عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، ’آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر‘،انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشورو ، 1982ع، ص-351
(11) شاھہ، نورالھدى، ’ڪيڏارو‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2006ع، ص-394
(12) جويو، ابراهيم: شاھہ نورالھدى، ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ‘، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1992ع، ص-7
(13) مرزا، نصير: شاھہ، نورالھدى، ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ‘، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1992ع، ص-25
(14) شاھہ، نورالھدى، ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ‘، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1992ع، ص16
(15) شاھہ، نورالھدى، ’رڻ ۽ رڃ جو اتھاس‘، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1992ع، ص-15
(16) شھاڻي، ريٽا، ’رشتن جو رقص‘، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2005ع، ص-25
(ڪلاچي، ڊسمبر 2018ع)
