لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڊاڪٽر پروين: جاکوڙي محققہ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ھڪ مڃيل محققہ آھي، سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون مختلف مخزنن ۾ ڇپبا رھن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي منظور شدہ جرنلز ۾ 2009ع کان 2023ع تائين ڇپيل ريسرچ پيپرز ۽ چند اهي مقالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن جي ”ٽہ ماهي مھراڻ، ”ادبي تحقيق“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا. ٻہ ٻيا اڻ ڇپيل آهن سي پڻ شامل آھن.

Title Cover of book DR Parveen Jakhori Muhaqeqa

پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ادبي خدمتن جو تحقيقي اڀياس

(17 سيپٽمبر 1924 – 17 ڊسمبر 2005)

Abstract: An analytical study of Popati hiranandani’s literary works.
Professor Popati hiranandani born on 17 Sep,1924 was a great writer of Sindhi language and literature. She has more than 40 books on her credit, written on various genres of Sindhi prose e.g Novels, short stories, essays/ research articles, Dramas, autobiography etc. She has also four poetry collections to her credit.
Her first book of short stories was published in 1954, named “Rangeen Zamane Joon Ghamgeen Kahaniyon” (رنگين زماني جون غمگين ڪھاڻيون) and then her other books were “Pukar” (پڪار) “Moon Tokhe Piyar Kayo Ho” (مون توکي پيار ڪيو هو), “Khizan Jo Dor Pooro Thuo” (خزان جو دؤر پورو ٿيو), “Zindagi Na Kawita Na Khani” (زندگي نہ ڪويتا نہ ڪھاڻي), “Manjoo” (منجو), “Hasratan Je Turbat” (حسرتن جي تُربت), “Selab Zindagi Jo” (سيلاب زندگيءَ جو), “Zinda Sa Quom Rahandi” (زندہ سا قوم رهندي), “Shah Sindhi Thezeeb Jo Rooh” (شاھہ سنڌي تھذيب جو روح), “Muohnje Hyatee Ja Souna Roopa Warq” (منھنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورڪ), “A History of Sindhi Litrature” (سنڌي ادب جي تاريخ) and many more. Popati’s some books are included in the syllabus of Universities.
She passed away on 17 December in 2005. Her contributions in Sindhi Literature remain unforgettable.

پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي خداآبادي عامل خاندان ۾ 17 سيپٽمبر حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. ماسترياڻيءَ کان پروفيسر جي عھدي تائين پھچڻ جي سفر ۾ سندس محنت، همت ۽ ذهانت جو وڏو دخل هيو. سندس شروعاتي تعليم حيدرآباد سنڌ جي رهي ۽ اڳيان گريجوئيشن بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. هندي، سنسڪرت ۽ انگريزي هن جا خاص مضمون هئا. حسابن سان دلچسپي نہ هيس، البت راڳ جي تمام شوقين هئڻ ڪري کيس سندس ئي اسڪول ڪندن مل گرلز اسڪول حيدرآباد ۾ ميوزڪ ٽيچر جي نوڪري ملي ۽ پگٽ گرلز هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي رهي. پوپٽيءَ جو پيءُ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪندو هو، بدلي ٿيڻ سبب هو سنڌ جي مختلف شھرن جيئن: سکر، شڪارپور، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهيو. پيءُ جي وفات بعد پوپٽيءَ جو حيدرآباد ۾ ئي رهڻ ٿيو، جتان ورهاڱي بعد بمبئي هندستان ۾ رهائش پذير ٿي. پوپٽيءَ اڃان مئٽرڪ ئي ڪانہ ڪئي هئي، جو سندن مالي حالتون خراب ٿي ويون. هوءَ لکي ٿي تہ،
“بابا کي ڪابہ علت ڪين هئي. نہ پاڻ پتو کڻندو هو نہ اسان کي کڻڻ ڏيندو هو. هن ۾ بس هڪ ئي اَوَگڻ هو، جو هو پئسا وياج تي اڌارا ڏيندو هو، هن جي ان اَوَگُڻ جي ڪري ئي اسان سندس وڃڻ بعد ڏاڍو ڀوڳيو”. (پوپٽي، 2007: 19)
پيءُ جي وفات ۽ پئسي جي ڪمي ٿي وڃڻ جي ڪري هن ننڍيءَ عمر ۾ وڏي محنت ڪئي. پاڻ پڙهڻ، گهرو ڪم ڪار ڪرڻ، ننڍن ڀائرن ڀينرن کي سنڀالڻ، ڄڻ مٿس ڏکن جو پھاڙ ڪري پيو. ان قت هوءَ فقط ڏهن سالن جي هئي ۽ کانئس وڏو ڀاءُ ڌمو ساڍن يارهن سالن جو هو. ڪل ست ڀائر ڀينرون ۽ ماءُ ناناڻن سان گڏ هيرآباد حيدرآباد ۾ رهيا، جتي گڏيل ڪٽنب ۾ ناني، مامن، ماسين ۽ ماساتن سان گڏ هوءَ پروان چڙهي. حيدرآباد، هيرآباد جون يادون سندس سڄي حياتيءَ جي سفر ۾ اهم رهيون. هن چوڏهن ورهين جي عمر ۾ ڪمائڻ جي شروعات ٽيوشن ڏيڻ ۽ ماستري ڪرڻ سان ڪئي.
پروفيسر پوپٽي ورهاڱي کانپوءِ 1960ع ۾ نيشنل ڪاليج باندرا ۾ پڙهايو. K.C ڪاليج بمبئي ۾ پروفيسر هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. مطلب تہ هوءَ وديا ڏيڻ ۽ وٺڻ سان وابستہ رهي. تنھن ڪري سندس مطالعو وسيع ٿيو ۽ تحرير ۾ پختگي وڌي، پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جي عادت سندس شخصيت ۾ سمايل هئي. ڪتاب ۽ پنا ئي سندس زندگي هيا. اڄ سندس لکيل ڪتاب يونيورسٽين ۾ هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ مقرر آهن تہ ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن کي پڻ انھن مان رهنمائي ملي رهي آهي.
پروفيسر پوپٽيءَ جي ادب ۾ شموليت ننڍيءَ عمر کان ٿي. هن کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان گڏ لکڻ جو بہ ڏاڍو شوق رهيو. سو سنڌي نثر جي هر صنف ۾ لکيائين تہ شاعري پڻ ڪيائين. هن جا شاعريءَ جا چار مجموعا ڇپيا آهن. ڪيرت ٻاٻاڻي سندس شاعريءَ تي لکي ٿوتہ،
“پوپٽيءَ آزاد ڪوتائن جا چار مجموعا ڇپايا آهن، جن ۾ سندس جذبات ۽ ويچارن جون لھرون تمام سندر نموني ۾ اظھاريل آهن، خاص طور سنڌيت جي جذبات جو درياھہ اوتي ڇڏيو اٿس. هِڪُ اڌُ نمونو:
منھنجي ماضيءَ جي گيتن جي هڪ ئي ڌن آهي - سنڌيت
منھنجي مستقبل جي پڙاڏي جي هڪ ئي آواز آهي - سنڌيت
منھنجي شاعريءَ ۾ هِڪُئي آواز آهي - سنڌيت
منھنجي اميدن۽ چاهنائن جو هڪ ئي مرڪز آهي - سنڌيت
منھنجي موت جي افق وٽان جو بہ سڏ ايندو اهو پڪاريندو - سنڌيت
مٿين ڪوتا، پوپٽيءَ جي انتر آتما جو آواز آهي. سندس روح جي رڙ اجهو هنن لفظن ۾ اظھاري ويئي آهي،
مان بي-گهر سِنڌڻ/ اڪبر اعظم جي درٻار
۽ حسن جي سرڪار/ پوءِ بہ
انارڪليءَ کي جيئري ئي دفن ٿيڻو پيو،
ڀارت جي دلھن دہلي،
۽ منھنجي گهر جوڙڻ واري اعليٰ مئن جي دڙي واري
سڀيتا/ پوءِ بہ/ مان سنڌڻ
بي-گهر بڻجي، در در ٺوڪرون کائي رهي آهيان”. (ٻاٻاڻي، 2000: ص 90)
پوپٽيءَ سنڌي نثر جي وڏي خدمت ڪئي آهي. سندس نثر جي ڪتابن جو تعداد چاليھہ جي قريب آهي، جن ۾ مضمون، افسانا، ناول، سوانح عمري، آتم ڪھاڻي، تنقيد، تحقيق، تاريخ ۽ ٻيا موضوع آهن، تہ ترجما پڻ ڪيا اٿس. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس ڪم گهڻي پئماني تي ملي ٿو. انھيءَ کان سواءِ هن انگريزي، گجراتي، مرهٽي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ پڻ لکيو آهي. ايڏي ساري ڪم ۾ سندس فن جو معيار ڪھڙو آهي ۽ خاص طور سنڌي نثر ۾ ايترين گهڻين صنفن ۾ لکڻ سان ڇا هوءَ پنھنجي تحريرن سان انصاف ڪري سگهي آهي؟ انھيءَ تي ڊاڪٽر نورافروز خواجہ لکي ٿي تہ،
“پوپٽي هڪ اهم ليکڪہ هئي. هن سنڌي ادب ۾ تقريبًا چاليھن کان مٿي ڪتاب لکيا. هڪ ليکڪ لاءِ جن ڳالھين جي ضرورت آهي، انھيءَ ۾ زندگيءَ جي ڄاڻ هئڻ ان جي راز کي سمجهڻ ۽ گهرو اڀياس هئڻ آهي. هي سڀ خوبيون پوپٽيءَ ۾موجود هيون. هن زندگيءَ کي گهڻو ويجهو ڏٺو هو. هن لاهيون چاڙهيون بہ ڏٺيون هيون ۽ تڪليفون بہ سٺيون هيون. انھيءَ ڪري هن پنھنجي لکڻين ۾ صحيح، سچي ۽ حقيقي زندگيءَ کي پيش ڪيو آهي”. (خواجہ نور، 2009: 345)
جيئن تہ ادب زندگيءَ جو ترجمان آهي ۽ تقريبًا سڀني ادبي صنفن ۾ حياتيءَ جي حقيقتن جي عڪاسي هجي ٿي. ڪافي ليکڪ گهڻين ادبي صنفن ۾ لکندا آهن، پر ضروري ڪونھي تہ هو اُن ريت لکڻ سان ڪوانصاف نہ ڪري سگهندا هجن.
“هونئن بہ انسان جي شخصيت هڪ رنگي نہ آهي، ان ڪري جي ليکڪ ساهت جي ٻن شاخن تي قلم آزمائي ڪري ٿو تہ اها ڪا اسڀاويڪ ڳالھہ ناهي. ٽئگور مکيہ طور ڪوي ڪري مڃيو وڃي ٿو. پر هن سڦل ڪھاڻيون، ناٽڪ ۽ ناول پڻ لکيا آهن. ليکراج عزيز بنيادي طور شاعر هو، پر هن جا لکيل مضمون، سنڌيءَ جي هرمضمون نويسيءَ لاءِ هڪ قسم جي للڪار آهن. منھنجي سمجهہ موجب ليکڪ هڪ حساس جِيو آهي، جو پنھنجي احساس جو گيت پني تي پلٽي ٿو، جنھن صنف لاءِ کيس گهڻي رچي ٿئي ٿي يا جنھن ۾ گهڻيون رچنائون اٿس، ان سان ئي پاٺڪن وٽ هو پرسڌ ٿئي ٿو”. (هيراننداڻي، 2007: 35)
پوپٽيءَ جي ڪھاڻين جا مجموعا “رنگين زماني جون غمگين ڪھاڻيون” (14 ڪھاڻيون) 1954ع، “پڪار” (3 ڪھاڻيون) 1954ع، “ڪلي گلاب جي ساغر شراب جو” (9 ڪھاڻيون) 1965ع، “مون توکي پيار ڪيو هو” (13 ڪھاڻيون) 1975ع، “خزان جو دور پورو ٿيو” (11 ڪھاڻيون) 1976ع، “زندگي نہ ڪوتا نہ ڪھاڻي” (22 ڪھاڻيون) 1984ع، “اسين هت توهين هت”، “زندگيءَ جي پورٽريٽ”، “ڪفن ۽ ڪي زندگي” (هندي)، آهن. ناولن ۾ “منجو” 1950ع، “حسرتن جي تربت” 1961ع، “جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات” 1968ع، “سيلاب زندگيءَ جو” 1980ع ۽ مضمونن جي مجموعن ۾ “هڪ پشپ پندرهن پنکڙيون” (15 مضمون) 1962ع، “ڀارت جي استري” (ٻہ ايڊيشن10 باب) 1963ع، “مان ڇا آهيان” (13 مضمون) 1965ع، “چرن چڻڪن چت ۾” (7 مضمون) 1970ع، “زندھہ سا قوم رهندي” (13 مضمون) 1975ع، “ٻولي منھنجي ماءُ” (13 ادبي مضمون) 1977ع، “تنقيدي مضمون” 1983ع، “سنڌي ڪالھہ ۽ اڄ” 1985ع، “سچ ٿا مرد چون” 1999ع، “عزيز شخص ۽ عالم”، “شاھہ سنڌي تھذيب جو روح”، “ڀارت جي استري” آهن. ان کان سواءِ سوانح نگاريءَ ۾ “ماڻڪ موتي لعل”، “ڪبير”، “وويڪانند جيوني” (هنديءَ مان ترجمو) آهن تہ سندس آتم ڪٿا “منھنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق” 1980ع ۾ ڇپي ۽ ٻين تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتابن ۾ “ڀاشا شاستر” 1961ع، “سنڌي ساهتيہ جي جهلڪ” 1964ع، “ڏهن ڏينھن ۾ سنڌي سکو” 1977ع، “عزيز شخص ۽ عالم” 1978ع، شريمد پاٻود (ڀڳت گيتا، انگريزيءَ مان ترجمو)، “مان سنڌڻ” 1961ع (شاعري)، “سنڌي مسلمان گوين جي هندي ڪويتا” 1984ع، “روح سنديءَ رڃ” (چونڊ نظم) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سنڌي ادب جي تاريخ انگريزي ۾ “A History of Sindhi Literature” جي عنوان سان 1980ع ۾ ڇپيو. “پدمڻي” (ناٽڪن جو مجموعو)، “سنڌي شادي” (ڊانس، ڊراما) 1988ع ۾ ڇپيا.
کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ تمغا مليا. ڀارت سرڪار جي طرفان سندس ڪھاڻين جي مجموعي “مون توکي پيار ڪيو هو” تي انعام ڏنو ويو. “هڪ پشپ، پندرهن پنکڙيون” تي ساڌو واسواڻي، مشن ايوارڊ ۽ آل انڊيا سنڌي لئنگويج ۽ لئبريري ايسوسيئيشن ايوارڊ مليو. سندس آتم ڪھاڻيءَ کي مرڪزي ساهيتہ اڪيڊمي طرفان انعام مليو. هن قومي سطح جي وڏي انعام کان علاوہ مھاراشٽر سرڪار وٽان هڪ لک جو “گورو پُرسڪار” انعام مليو اٿس. “سدائين گڏ سنڌي” دبئيءَ جي جماعت پاران کيس “انٽرنيشنل لطيف ايوارڊ” ۽ خدمتن جي اعتراف طور سونو ٻلو ڏنو ويو.
فن جو جائزو: پوپٽيءَ جو فن وسيع آهي، جنھن جو تفصيلي جائزو هنن ٻن چئن صفحن ۾ سمائي نٿو سگهي، پر هن تحقيقي اڀياس جي حوالي سان سندس فن ۾ موجود موضوعن جي گوناگوني ۽ مواد سان هڪجھڙائي، ڪردارنگاري، مڪالمه نگاري، ٻوليءَ جون خوبيون ۽ فڪري ارتقا جو جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
پوپٽيءَ لکڻ جي شرعات هندي ٻوليءَ ۾ ڪئي. بعد ۾ هنديءَ مان Adopt ڪري ڪي ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ لکيائين، جيڪي ڇپجڻ کانپوءِ سندس سڃاڻپ ٿي ۽ اهڙيءَ ريت هوءَ سنڌيءَ ۾ لکڻ ڏانھن مائل ٿي. سندس پھرين تحرير هڪ مضمون “اتم ڪير؟ استري يا پرش” آهي. استاد پروفيسر ڪي.اين واسواڻي کيس پڙهڻ جي عادت وڌي ۽ شري هاسي مل ماکيجاڻي لکڻ جي. سو هيءُ مضمون بہ هاسومل جي چوڻ تي هندوستان اخبار لاءِ ڪراچيءَ لکي موڪليائين. ان مضمون ۾ هن ڄاڻايو آهي تہ استري ۽ پرش ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. لکي ٿي تہ،
“چند برابر رات کي سونھن بخشي ٿو، پر رات پڻ چنڊ کي سونھن بخشي ٿي. صبح وارو چنڊ اهڙوئي ڦڪو، اڻوڻندڙ، جو ڪير بہ ڏانھنس نھاريندو ئي ڪينھي”.
مضمون نگاري پوپٽيءَ جي نہ فقط شروع دور جي سڃاڻپ آهي، پر هُن مضمون نويسيءَ ۾ اڳيان هلي بہ تمام گهڻو ۽ سٺو لکيو. ڪل ٻہ اڍائي سؤ مضمون لکيائين، جن جا مجموعا مون مٿي ڄاڻايا آهن. جڳديش لڇاڻي، سندس مضمونن تي راءِ ڏيندي لکي ٿو تہ،
“مضمون لکڻ ۾ هن ليکڪا جو ڍنگ بلڪل ئي سڀاويڪ هوندو آهي. هن جي مضمونن ۾ عبارت جي سھجتا، سڀاويڪتا، رنگيني ۽ خيالن جي وهڪ سبب پاٺڪ ساڻس بيحد Intimate ٿي ويندا آهن. هوءَ پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندي آهي. هڪ ڪامياب مضمون نگار جي اهائي سڃاڻپ آهي. پوپٽيءَ مضمون جي خشڪ ميدان کي بہ پنھنجي سڀاويڪ نوع، ٻوليءَ جي رنگيني ۽ شيريني توڙي لفظن جي چونڊ ۽ سھڻن اصطلاحن سان سرس پئي بنايو آهي. هن پنھنجي مضمونن ۾ خشڪ کان خشڪ ويچار بہ ڏاڍي نفاست، نزاڪت، مڌرتا ۽ سڀاويڪتا سان پيش پئي ڪيا آهن”.
پوپٽيءَ جي اسلوب بيان جي انفراديت تي اهو بہ چيو اٿس تہ،
“سندس لکڻيون پڙهندي ايئن اصل نہ لڳندو آهي تہ هن ڪا لفظن کي گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن ڪيترا نوان ليکڪ پنھنجي ڄاڻ ۽ مھارت ڏيکارڻ لاءِ ڪندا آهن. جيڪو بہ پڙهندڙ پوپٽيءَ جي عبارت مان واقف هوندو، سو هن جي نالي جي عدم موجودگيءَ ۾ بہ سندس رچنا پڙهي چئي ڏيندو تہ هيءَ رچنا پوپٽيءَ جي ئي ٿي سگهي ٿي”.
لڇاڻيءَ موجب تہ پوپٽي ”Every thing under the Sun“ جي پھاڪي سان خوب نڀايو آهي، جو هر هڪ سندس لکڻين جو معترف آهي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جي حوالي سان اهو بہ ڄاڻايو اٿس تہ،
She writes on every subject under the Sun and her essays are of high standred of merit”. (جگديش، 2000: 26)

موضوعن جي وسعت پوپٽيءَ جي فن ۾ اهميت رکي ٿي. هن جي هر مضمون جي تحرير سندس فطرت جي نڊرپڻي مطابق صاف ۽ چٽي آهي. سندس لکڻين ۾ نواڻ ۽ روانيءَ سان گڏ موضوع جي مواد سان هڪجھڙائي اهم آهي. جا مضمون جي، هڪ تمام اهم خوبي آهي. هن گهڻن ئي موضوعن تي مضمون لکيا آهن. هڪڙي لحاظ کان ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ نثر جي پھرئين رائج صنفن ۾ تہ لکيو ويو، پر ڪيترين نين صنفن ۾ پڻ لکجڻ شروع ٿيو، پر مضمون نويسيءَ ۾ ڪجهہ ماٺار اچي ويئي، انھيءَ ماٺار کي ٽوڙڻ ۽ مضمون نويسيءَ کي اڳيان آڻڻ ۾ پروفيسر پوپٽيءَ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن جو پھريون مضمون (مٿي ڄاڻايل) 1947ع کان اڳ ڇپيو ۽ ان کان پوءِ هن جا اڍائي سؤ کان بہ مٿي مضمونن جا ست مجموعا سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيا، جن ۾ مقالا پڻ شامل آهن، پر گهڻي ڀاڱي مضمون آهن. سندس انھيءَ شموليت سان سنڌي مضمون نويسيءَ جي ترقيءَ ۾ وڏو واڌارو آيو آهي. هن جيترا مضمون ڪنھن بہ سنڌي ليکڪا نہ لکيا آهن. نہ فقط مقدار جي لحاظ کان، پر معيار ۾ پڻ پوپٽيءَ جي مضمونن جو مثال ڪونھي. پروفيسر هيرو شيوڪاڻي ۽ ارجن سڪايل جي راين جي تناظر ۾ ڊاڪٽر نورافروز خواجہ لکي ٿي تہ،
“پوپٽيءَ جي مضمونن جا سڀئي مجموعا تمام سٺا ۽ ڪامياب آهن. هن جا مضمون پڙهڻ سان دل۽ دماغ تي اثر ٿئي ٿو. پوپٽيءَ جا مضمون چاهي هندو فلسفي ۽ ويدانت بابت “مان ڇا آهيان” جا ورق اٿلايو، پوپٽي هڪ سڦل ليکڪا جي پائي پاٺڪ جي سموري دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ويندي”. (خواجہ نور، 2001: 348)
1947ع ۾”سنسار سماچار” اخبار ۾ پوپٽيءَ جو مضمون “پپيھي جي پڪار” شايع ٿيو، جنھن ۾ ورهاڱي جي حالتن جي عڪاسي ڪيل هئي ۽ هن مضمون وڏي مقبوليت ماڻي. اهڙيءَ ريت هوءَ گهڻن ئي موضوعن تي لکندي ويئي. سندس ويچارن جي اڏام ۽ ٻوليءَ جي سھڻي استعمال، عبارت جي پختگيءَ ۽ روانيءَ کيس سنڌي نثر جي مضمون نويسيءَ جي ميدان ۾ هڪ مڃيل مضمون نگار ڪري بيھاريو. مضمون نويسيءَ ۾ ٻوليءَ جي لحاظ کان ڏسنداسين تہ هوءَ لفظن جو جملن ۾ استعمال، تشبيھون، پھاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح سھڻائيءَ سان ڪتب آڻي ٿي، مون سندس فن جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي. ڌيان ڌرڻ سان اهو معلوم ٿيم تہ سندس نثر ۾ ڪنھن ڪنھن هنڌ سنسڪرت ۽ هنديءَ جا اهڙا لفظ پڻ ڪم آيل آهن، جيڪي موجودہ وقت پڙهندڙن ۾ رائج نہ آهن، پر هتي اهو بہ چونديس تہ سندس فن سنڌي ٻوليءَ جي ايترين بيشمار خوبين سان نوازيل آهي، جو اها مٿئين خامي ڍڪجي ويئي آهي. هن اهڙن نج سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن کي پڻ استعمال ڪيو آهي، جيڪي اسان وٽ تمام ٿورا ليکڪ ڪم آڻين ٿا، جنھن سان ايئن لڳي ٿو تہ هوءَ نج پج سنڌڻ آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ کي جيئارڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ جو مشن کڻي هن ڌرتيءَ تي آئي هئي. هن لڳ ڀڳ پنجاھہ سالن کان وڌيڪ عرصو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو.پوپٽيءَ جي نثري ادب ۾ مضمون، ڪھاڻيون، ناول ۽ آتم ڪھاڻي فڪري ارتقا جي پروڙ لاءِ اهميت جوڳا آهن، جن کي پڙهي، خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو تہ پوپٽيءَ انھن لکڻين ۾ پنھنجو اندر اوتيو آهي. خاص طور مضمونن ۾ تہ هن هر موضوع تي لکيو آهي. “سنڌ” مضمون ۾ سنڌ ڌرتي، سنڌوندي ۽ سنڌ واسين لاءِ سندس ويچار هن ريت آهن. لکي ٿي تہ،
“جنھن جو جنم سمنڊ جي سطح کان هزارين فوٽ مٿي ٿئي، جا قدرت جي اعليٰ ترين ماحول ۾ نپجي، جا شڪنتيمان ڇپن روپي ڇاتين جي کير تي پلجي، جا وڻن ۽ پٿرن سان کيڏي، چشمن ۽ نھرن جا گيت ٻڌي وڏي ٿي هجي، جا هزارين ميل لتاڙڻ جي سگهہ رکي ۽ جا پنھنجي ڪناري تي ناياب چيزن جي پوک ڪري سندر جسم گهڙي وٺي، سا ئي منھنجي سنڌو آهي”. (هيراننداڻي، 2000: 33)
“زندھہ سا قوم رهندي” مضمون ۾ سنڌي ٻوليءَجي اهميت تي لکي ٿي تہ،
“اسان جي زبان، اسان کان موڪلائيندي پيئي وڃي، سنڌي سنڌيت کي الوداع ڪندا پيا وڃن... نہ اسان جو ڪو اوهي آهي نہ ڪو واهي. نڌڻڪا بڻجي، ڌڪجي، هڪالجي آخر هر راجيه جي پسگردائيءَ ۾ تنبو هڻي... بنجارا بڻجي جيئنداسين؟ جي ها تہ پوءِ اسان جي جيئڻ کي نہ ڪا معنيٰ آهي ۽ نہ مرڻ کي ڪو مطلب! سوال ٿو اٿي تہ اسان جي اهڙي قياس جوڳي حالت ڇوٿي آهي؟ ڪنھن بڻائي آهي اسان جي هيءَ حالت؟ ان جو جواب هيءُ آهي تہ جن کي اسان پنھنجو رهبر سمجهيو، تن اسان جي راھہ ئي منجهائي ڇڏي آهي. قدم قدم تي هنن جي ڪوتاھہ نظريءَ اسان کي نقصان رسايو آهي. سنڌ ۾ سنڌي هندن لاءِ ٽڪر، هند ۾ سنڌين لاءِ گهر، سنڌي ٻولي، سنڌي لپي، سنڌين جي ٻولي ۽ تھذيب کي قائم رکڻ وغيرہ مسئلن تي هنن اهڙو رخ پئي ورتو آهي جو سنڌي جاتيءَ جا ايندڙ فرد کين هٿ کڻي پٽيندا رهندا”.
سنڌي قوم۽ ٻوليءَ جي جيئارڻ تي اڳيان اهو بہ لکيو اٿس تہ،
“ٻولي نہ رهندي تہ شاعر نہ رهندو، شاعر نہ هوندو تہ گيت نہ هوندو، گيت نہ هوندو تہ ڳائيندڙ نہ هوندو، ڳائيندڙ نہ هوندو تہ ڪلا ۽ سنسڪرتي نہ هوندي. ڪلا ۽ سنسڪرتي نہ هوندي تہ جاتي زندہ ڪيئن رهندي”. (هيراننداڻي، 2000: 32)
“زندھہ سان قوم رهندي”مضمونن جو مجموعو مڪمل طور سنڌي قوم، ٻولي ۽ سنڌي تھذيب جي ورثي جي سڀني پھلوئن جي وضاحت سان 21 مضمون تي مشتمل آهي، جنھن ۾ اڄ جي حالتن تي نظر وڌل آهي تہ ايندڙ حالتن لاءِ چنتا ۽ چتاءَ ڏنل آهي ۽ انھن ليکڪن کي بہ مڃتا ڏني ويئي آهي، جيڪي سنڌي ٻولي بچاءُ تحريڪ ۾ پنھنجيون پوريون ڪوششون ڪري رهيا آهن. سنڌي قوم، ٻولي، تھذيب ۽ تمدن جي موضوعن کان سواءِ بہ پوپٽيءَ سماجي، ادبي، علمي، تاريخي، تنقيدي، اخلاقي ۽ ٻين گهڻن موضوعن تي لکيو آهي. “چرن چڻڪن چت ۾” ۽ “ٻولي منھنجي ماءُ” سندس تحقيقي ۽ تنقيدي مضمونن جا اهڙا مجموعا آهن، جن مان هن جي وڏي مطالعي، فڪر ۽ فني قوت جي ڄاڻ پوي ٿي.
عورت جي حيثيت وٽس اُتم آهي، پر هوءَ مرد کي بہ گهٽ نظر سان نٿي ڏسي. ان انسان لاءِ هن کي وڏي دل ۽ نظر آهي، جيڪو انسانيت جي اخلاقي قدرن کي سمجهندڙ ۽ عمل ڪندڙ هجي. هن وٽ ڪوڙ، دوکو، رياڪاري گناھہ ڪبيره آهي. هوءَ بي باڪ، صاف گو ۽ چٽو چوڻ ۽ لکڻ واري عورت رهي. هن عورت ۽ مرد جي نازڪ جذباتي رشتن کان وٺي، انھن جي هر سماجي حيثيت ۽ ناتي کي پرکيو آهي. لکي ٿي تہ،
“پرش ترشپڻا آهي ۽ ناري ترپتي آهي. پرش بيٺل تلاءُ آهي، ناري هوا جو جهونڪو آهي، پرش بند گل آهي، ناري صبح جي مٺي هير آهي. پرش دل آهي، استري ڌڙڪن آهي. پرش سوال آهي، ناري جواب آهي. پرش وڄائيندڙ آهي، استري ساز آهي. پرش کلاڙي آهي، استري کيل آهي. پرش ڏيئو آهي، استري روشني آهي”.
ساڳيءَ ريت شاھہ جي سورمين کي تہ داد ڏئي ٿي، پر گڏ سورمن جي لاءِ بہ عزت وارا جذبا رکي ٿي. چوي ٿي تہ،
“شاھہ جون سورميون سھڻيون آهن تہ سندس سورما بہ ڪي گهٽ ڪين آهن. مومل، راڻي جي خاموشيءَ مان سبق ٿي سکي. کيس خبر آهي تہ ٻيو ڪو رواجي مرد هجي ها تہ لَڪڻ ڀر ۾ رکڻ بدران کيس ان سان سٽي جاڳائي ها، پر راڻي جي صبر سندس ڍڪ ڍڪي ڇڏيو. هو پاڻ غم پي ٿو وڃي، پر مومل کي اگهاڙو نٿو ڪري”. (هيراننداڻي، 2000: 321)
ڏيتي ليتيءَ جي لعنت تي لکي ٿي تہ،
“سنڌين ۾ بہ سڀ کان گهڻي ڏيتي ليتي حيدرآبادي عاملن ۾ هلندي آهي. انھن ۾ شاديءَ وقت ڌيءَ کي ايترو ۽ اهڙو ڪجهہ ڏيڻو پوندو آهي، جو ايئن پيو لڳندو آهي ڄڻ تہ گهوٽ ڪو پينو فقير آهي، جنھن کي شاديءَ کان اڳ ڪابہ شيءِ گهر ۾ آهي ئي ڪونہ، ان ڪري ڪنوار نقد، ڪپڙا.... سڀ کڻي وڃي سندس گهر ڀريندي آهي. ان عجيب ريت ڪري حيدرآبادي عامل ڇوڪرين جو پنھنجي ذات ۾ سڱ ٿيڻ ناشدني ٿي پيئي آهي. ان طبقي ۾ ڇوڪرين جي چونڊ، دير سان شاديون، ٿورو ڄم، ڏيک ويک تي خرچ وغيرہ عيبن ڪري اڳ ۾ ئي منجهن ڪتر پئجي رهيو آهي، باقي بہ وڌندڙ ڏيتي ليتيءَ مٿن اهڙو ڪم ڪيو آهي، جھڙو هيروشيما مٿان ائٽم بم ڪريو هو!” (هيراننداڻي، 1961: 20)

مطلب تہ هن هر سماجي مسئلي کي پنھنجي قلم جي گرفت ۾ آندو آهي. ساهتيہ ۾ سيڪس جي پيڪش جو مسئلو هجي يا سماج ۾ عورت جي عزت ۽ اهميت، ادب ۽ اخلاق جي اپٽار هجي يا گنڀير فلسفي ويچار، هن وٽ موضوع جي اپٽار تمام احسن نموني هجي ٿي. سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا هند ۽ سنڌ جي اخبارن ۽ ادبي مخزنن جيئن “هند واسي”، “نئين دنيا”، “ڪونج”، “رچنا”، “ادبي چمن”، “سھيوڳ”، “ٽائيمس”، “مھراڻ” ۽ ٻين ۾ ڇپبا رهيا آهن. پوپٽيءَ جي مضمونن جي سنڌي نثر ۾ هڪ خاص تاريخي حيثيت ۽ اهميت آهي، جو انھن ۾ سنڌ جي تھذيبي، سماجي، تعليمي ۽ تاريخي حالتن تي غور ۽ فڪر سان ويچار ونڊيل آهن.
ڪھاڻي ڪلا ۾ پوپٽيءَ جي نالي وٺڻ کان سواءِ سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ اڌوري معلوم ٿيندي. سندس ڪھاڻين جو ڳاڻيٽو ٻہ سؤ کان مٿي آهي، جنھن جا ڏھہ مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ چند ڪھاڻيون ساڳيون آهن، نہ تہ گهڻي ڀاڱي الڳ الڳ ڪھاڻيون آهن. سندس ڪيتريون ڪھاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ شايع ٿيون آهن. هوءَ دک انت ڪھاڻيون لکي ٿي تہ مزاحيہ ۽ هلڪيون ڦلڪيون ڪھاڻيون بہ لکڻ ڄاڻي ٿي، پر جڏهن کيس فقط عورت جي باري ۾ لکندڙ ليکڪ سڏيو ويو، تڏهن هن احتجاج ڪيو.
“15-20 سال اڳ مون ست اٺ اهڙا ليک لکيا هئا، جن ۾ مرد جي ڪن خاص وهنوارن جي نمونن جي نندا ڪيل هئي. ساڳي وقت زال جي وهنوار کي نندڻ لاءِ بہ مون چڱيون ئي ڪھاڻيون لکيون هيون، “برهما جي ڀل”، “ڦتن چريو”، “عادت جو علاج”، “موتين جو ملھہ” وغيرہ. اڄ تائين مون سو-سوا ڪھاڻيون ۽ ٻہ اڍائي سؤ مضمون لکيا آهن، پر خبر ناهي ڇو منھنجين سمورين لکڻين تي انھن ستن، اٺن ليکن جو ئي ٺپو هنيو ويندو آهي”. (هيراننداڻي، 2000: 37)
خادم حسين چانڊيو موجب پوپٽيءَ جون ڪھاڻيون انساني جذبن ۽ اڌمن جو عڪس آهن. هو سندس فن تي لکي ٿو تہ،
“پوپٽيءَ جون ڪھاڻيون اسان جي سنڌي سماج جون ڪھاڻيون آهن. هندوستان ۾ رهندي بہ هن ڪيتريون ئي بھترين ڪھاڻيون سنڌ جي سماجي حالتن کي سڌارڻ ۽ بھتر بنائڻ لاءِ لکيون آهن. سندس ناولن ۾ سنڌ وطن کان جدائيءَ جو ڏک ۽ ان کان پوءِ ڀارت ۾ وڃي ڪئمپ جي زندگي گذارڻ ۽ سماجي برايون، عورت ذات جي آزادي ۽ ظلم خلاف جنگ خاص موضوع رهيا. سندس رڳ رڳ ۾ سنڌيت سمايل آهي، جيڪا سندس لکيل هر تحرير مان ظاهر ٿئي ٿي. سندس ليکن ۾هڪ عجيب قسم جي نواڻ، تازگي ۽ رواني آهي، جيڪا پڙهندڙن ۾ چاھہ، شوق ۽ اميد پيدا ڪري ٿي”. (چانڊيو، 2001: 169)
پوپٽيءَ جي فن ۽ شخصيت تي ماهتاب محبوب جي راءِ هن ريت آهي:
“پوپٽي هيراننداڻيءَ جون مون نہ رڳو ڪھاڻيون پڙهيون آهن، پر کيس بہ پڙهيو آهي. سندس ڪا بہ تحرير اجائي ناهي. هن جي هر ڪھاڻيءَ مان پڙهندڙ ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور حاصل ڪري ٿو. بيدار ذهن، آزاد خيال ۽ مذهبي بغض کان آجي ليکڪا پوپٽي، سدائين انسان ذات جي ترقيءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ سوچيو آهي ۽ کين اونداهيءَ مان روشنيءَ ۾ آڻڻ جا جتن ڪيا آهن. سندس ڪھاڻين ۾ ڪٿي موضوع جي نزاڪت ۽ نرالپ هوندي تہ ڪٿي ڪردارنگاريءَ جو ڪمال يا اندازِ بيان جي انفراديت. ڪڏهن تہ هوءَ اهڙا ڪامياب گُر ٻڌائي ويندي آهي، جيڪي پڙهندڙ کي سورنھن آنا دل سان لڳندا آهن ۽ هو ان تي سختيءَ سان عمل ڪندو آهي. هن جو فن سندس ڳوڙهي مشاهدي، حساس طبيعت ۽ انساني همدرديءَ سان سرشار دل جو نتيجو آهي. مرد جي خودغرضين ۽ عورت جي فطرت جي باري ۾ هن جو مشاهدو ڀرپور آهي. خاص ڪري عورت جي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ انيڪ حادثا، خواهشون، اڻپورا ارمان، ناڪاميون، ناانصافيون هن جي ڪھاڻين کي نت نوان موضوع بخشين ٿا. هوءَ اندر جي اڌمن کي جنھن جرئت سان پيش ڪري ٿي، اهي لاجواب آهن. وٽس سنڌي سماج جي سچي ۽ خوبصورت عڪاسي موجود آهي”. (ماهتاب محبوب، 1975: 2)
پوپٽي نہ فقط قارئين لاءِ هڪ اهم ڪھاڻيڪار آهي، پرڪھاڻيءَ جي صنف ۾ لکڻ، سندس لاءِ ذاتي طور پڻ من پسند آهي، جنھن ۾ هُن پنھنجي دلي جذبن جو کُلي اظھار ڪيو آهي. حياتيءَ ۾ هوءَ سيلف ميڊ “Selfmade” عورت رهي. سندس حياتي ننڍي لاڪون ڏکن جي وَرِ چڙهي. هُن ڏهن سالن جي عمر کان اسي سالن جي عمر تائين مستقل ۽ مسلسل جدوجھد ڪئي. محنت سندس جيون گهارڻ جو معيار رهيو. هوءَ پاڻ انھيءَ تي لکي ٿي تہ،
“ننڍي کان وڏي ٿيڻ تائين گهڻي جدوجھد ڪئي اٿم. ننڍي هوندي خواب ۾ ڏٺو هئم تہ مون کي پنک آهن ۽ مان پکيءَ جيان پيئي اڏامان. گهڻن ڏينھن تائين پکيءَ جيان هوا ۾ ترڻ واري خوشي هڪ لھر بڻجي، من جي سطح تي پئي آئي ۽ ويئي ۽ پئي هڪ عجيب ترپتي بخشيائين. پر وڏي ٿي جڏهن هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ڀٽڪڻو پيو، تڏهن هر ڀٽڪار مون کي تڙڦايو ۽ روئاريو، تہ بہ بنيادي طور مان آشاوادي آهيان، نراشا صرف ڪجهہ وقت لاءِ مون کي گهيري ۾ رکيو. اداسيءَ جا بادل جلد ئي ڇٽجي پري هٽي ويا. پھرين رٽاير ڪرڻ بعد، پوءِ بيمار پوڻ بعد مون پئي سمجهيو تہ هاڻي مان شايد نڪمي ۽ بيڪار زندگي گذارينديس، پر هينئر مان اهڙي مشغول رهندي آهيان، جو ڏينھن جا چوويھہ ڪلاڪ کٽي پوندا آهن. ڪڏهن تہ آرام ڪرڻ لاءِ بہ وقت ڪين ملندو اٿم”. (هيراننداڻي، 2007: 104 ۽ 130)
ساندھہ ڏکن ۽ تڪليفن جي باوجود سندس زندگي “زندہ دليءَ”سان عبارت هئي. بلند ۽ باآواز اصلي ٽھڪن جي ڪري کيس “ٽھڪن جي ملڪہ” جو لقب ڏنو ويو. ڏکن سندس سيرت گهڙي ڇڏي. مستقل ويھہ سال ڪئنسر جي بيماريءَ کيس موت جي حقيقت کان روشناس ڪرايو. شادي نہ ڪرڻ (ڏيتي ليتيءَ جي بد رسم سبب هن شادي نہ ڪئي) اڪيلو هئڻ ۽ ماءُ ۽ ڀائرن جي بي وقتي جدائيءَ کيس وڏي پيڙا ڏني. هُن پنھنجي اڪيلي حياتيءَ کي ڪارگر ڪتب آڻڻ لاءِ دل ۽ جان سان علمي ۽ ادبي کيتر جي خدمت ڪئي. پوپٽيءَ جون تحريرون سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو ڪارڻ آهن، ڪيترن ليکن ۾ هن پنھنجو پاڻ پڻ اوتيو آهي. اهو جائزو سندس لکڻين جي موضوعن ۽ مواد مان پڌرو پيو پسجي. فن ۽ فنڪار هڪ ٻئي کان جدا ناهن هوندا، پوپٽيءَ جي منَ جي عڪاسي سندس ڪيترين ڪھاڻين ۾ ٿئي ٿي. انھيءَ ڪري ئي هُن جي ڪھاڻين جو مکيہ ڪردار عورت آهي، جنھن جي آس پاس، مرد جو ڪردار گهمي ٿو. ٻنھي جي خوبين، خامين ۽ نفسياتي ردعمل ۽ تاثراتن کي جهٽي، هن سھڻي ٻوليءَ ۾ اڳيان آندو آهي. موضوعن جي لحاظ کان هوءَ عورت جي مڪمل پاس خاطري بہ نٿي ڪري. سندس ڪھاڻيون “ڊائري”، “سوا گهڙيءَ جي واسطي”، “ڦتڻ چريو”، “منھنجي ڦوٽڙي” ڄاڻ ڏين ٿيون تہ هوءَ عورت جي خامين کي بہ چٽيءَ طرح عيان ٿي ڪري. ساڳيءَ ريت فقط عورت کي بہ الزام نٿي ڏئي، پر مرد جي اخلاقي اوگڻن ۽ نفساني مزاج تان پڻ پردو کڻي ٿي. “شھناز”، “آنند ۽ گند”، “پيار ۽ مان”، “دل جو ڦھلاءُ ۽ من جي سوڙھہ”، “ڪانتا” ۽ ٻيون ڪھاڻيون اها شاهدي ڏين ٿيون.
پوپٽي ماءُ ٿيڻ جي رتبي تي نہ هوندي بہ دل ۾ ممتا جو جذبو رکندڙ هئي. عملي زندگيءَ ۾ تہ هن پنھنجي ڀائرن، ڀينرن، شاگردياڻين ۽ شاگردن جي ماءُ جو رول ادا ڪيو، پر ڪھاڻين ۾ سندس ممتا وارو روپ قارئين کي بلڪل چٽو ڏسڻ ۾ ايندو. سندس ڪھاڻيون ضمير متڪلم يعني “مان” جي ذريعي شروع ٿيل آهن، جن ۾ ڪيترن هنڌن تي ممتا جي جذبي جو احساس ٿيندو جيئن “دل جو ڦھلاءُ” جي جئسڪا، “سوني اما” جي “اما، ماڻھو ننھن ٿا ڳولھين” جي “گوبند ماءُ” ۽ “داغ” کان علاوہ ٻيون بہ ڪھاڻيون آهن. پوپٽيءَ جي ڪھاڻي”داغ” تي هندوستان ۾ انھيءَ وقت اعتراض پڻ ٿيا. هن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪا هڪ بي اولاد عورت جي لقب کان پاڻ ڇڏائڻ واري عورت جي باري ۾ لکيو آهي، جيڪا هڪ اجنبي مرد کي پنھنجي ويجهو اچڻ کان نٿي روڪي ۽ نہ ئي ڪو اعتراض ٿي وٺي ۽ اهو حادثاتي ميلاپ کيس بي اولاديءَ جي بي اطمينانيءَ مان ڪڍي ٿو. ليکڪا اهو ڄاڻايو آهي تہ اولاد جي خواهش شدت سان پيدا ٿيڻ ۽ ممتا جو جذبو دنيا جي هر شيءِ کان مٿي ٿي وڃڻ سبب عورت ڪجهہ بہ ڪري سگهي ٿي ۽ پنھنجي مانَ ۽ مريادا، جائز ۽ ناجائز جو ڪوبہ جواز سندس لاءِ ڪابہ حيثيت نٿو رکي. پوپٽي تڙپيل ماءُ جي مَن کي مليل شانتيءَ تي لکي ٿي تہ،
“مون پاسو ورايو. هيءَ ڀوري منھنجي پيٽ مان نڪري آئي آهي؟ اندر ئي اندر سڄي ٺھي ويئي؟ ننڍڙيون اکيون... سنہڙيون ڀرون، اڙي پنبڙيون بہ اٿس؟ ۽ هيڏيون ڊگهيون! آنند جي گنگا گرگاٽ ڪري منھنجي مَنَ مان وهڻ لڳي. منھنجي رڳ رڳ ۾ خوشيءَ جي لھر تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳي. مون کي پنھنجي سرير جو سور تہ صفا وسري ويو. منھنجي دل ۾ ڪتڪتائي ٿيڻ لڳي. هيءَ منھنجي آهي. منھنجي دل جو ٽڪر... هيءَ منھنجي راحت آهي. منھنجي دل ڦنڍي ٻيڻي ٿي پيئي آهي. هي ڀڳوان! تنھنجا لک شڪر! هن کي ٺاهڻ ۾ تو منھنجي مدد ڪئي يا مون تنھنجي... ڪيئن بہ هجي... تنھنجي وڏي مھرباني...”
(هيراننداڻي، 1984: ص 100)
سندس انعام يافتہ ڪھاڻين جو مجموعو مون توکي پيار ڪيو هو سنڌ ۾ شھباز پرنٽرز 1975ع مئي مھيني ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جي ڪھاڻين ۾ “مون توکي پيار ڪيو هو”، “سوني امان”، “منھنجي ناني”، “دل جو ڦھلاءُ ۽ من جي سوڙھہ”، “ڊائري”، “هيءَ ذات پرواني جي”، “برهما جي ڀل”، “ڪاريون اکيون”، “هاءِ جئڪنگ” ۽ ٻيون آهن. “مون توکي پيار ڪيو هو” ۾ عورت جي چاهت جي جذبي جو اظھار آهي. هن ۾ ليکڪا عورتن جي سوچن کي هڪ جھڙو بيان ڪندي بہ ان جي منفرد حيثيت کي تسليم ڪرايو آهي. پوپٽيءَ جو پيش ڪيل عورت جو هي ڪردار پيار جي پوڄا ڪرڻ وارن مان آهي، جنھن ۾ اندر جي سونھن کي اهميت ڏيندي، لکي ٿي تہ،
“منھنجي پيار جو سبب مون کان ڳولھيندي نٿو لڀي. تڏهن بہ خبر ناهي ڇو تون منھنجي رڳ رڳ ۾ مَنَ جي هڪ هڪ خيال ۾، دل جي هر هڪ ترنگ ۾ سمائجي وئين.
تو مون سان ڪڏهن بہ نہ ڳالھايو هو، پوءِ بہ مان تنھنجي دوستن جي وچ ۾ تنھنجو آواز سولائيءَ سان سڃاڻي وٺندي هيس. مون توکي پيار ڪيو آهي. انوکو ۽ مڪمل پيار. منھنجي هڪ ئي چاهنا آهي... ٻئي جنم ۾ بہ توکي ايئن ئي پيار ڪيان... بلڪل هن طرح... تون منھنجو پاريسڙي ٿئين ۽ مان تنھنجي اڻ واقف پاڙيسرڻ”. (هيراننداڻي، 1975: 35)
هڪ لحاظ کان هيءَ ڪھاڻي ليکڪا جي اندر جو آواز معلوم ٿئي ٿي. هن پاڻ بہ ذاتي زندگيءَ ۾ پيار ڪيو هو، پر اڳيان وڌڻ کان اڳ ئي حياتيءَ کيس ڏکن، فرضن ۽ مجبورين جي ٻنڌڻ ۾ جڪڙي ڇڏيو. هن ڪھاڻيءَ ذريعي هُن پنھنجي ذاتي جذبن جي ترجماني ڪھاڻيءَ جي هيروئن معرفت ڪرائي آهي. فرق فقط اهو آهي تہ هن انھيءَ ڪھاڻيءَ ۾ پنھنجي چاهيندڙ کي هميشہ لاءِ غيرشادي شدہ ڏيکاريو آهي ۽ اهم حقيقت اها ظاهر ڪئي آهي تہ عورت ذات کي پھريون پيار ڪڏهن بہ نٿو وسري.
خود پوپٽيءَ پنھنجي ذاتي حياتيءَ ۾ اڃان هڪ نوجوان سان نينھن جو ناتو جوڙيوئي مَسَ هو جو هُو کانئس جدا ٿي ويو. پنھنجي انھيءَ پھرئين پيار جو اظھار آتم ڪٿا ۾ هن ريت ڪيو آهي:
“۽ هڪ هو جو پنھنجي گهٽيءَ جي منھن وٽ بيھي منھنجي راھہ تڪيندو هو. انٽر سائنس پڙهندڙ، ڊگهو قداور، سھڻو ملوڪ شھزادو. پھري پابندين ڪري صرف پريان نظرون ئي ملنديون هيون، چپ مشڪڻ لاءِ چُرن، تنھن کي بہ ڪي ڏينھن لڳا، پر اسين ان ۾ ئي خوش هئاسين. اها ڳالھہ بہ وڏي بھادريءَ جي هئي جو ٻين جون نظرون بچائي، مشڪ ذريعي دل جو نياپو پھچائيندا هئاسين. مون سپنا مڙهڻ شروع ڪيا. ڌيري ڌيري هن جو بيھي انتظار ڪرڻ بند ٿي ويو. انٽر کان پوءِ هن کي انجنيئرنگ ڪاليج لاءِ ڪراچي وڃڻو پيو (هميشہ ساڳي هنڌ نہ ڏسي، پڇائون ڪري اهو ڄاڻي ورتو هوم) پوءِ ٻڌم تہ هُن ڪراچيءَ ۾ ئي شادي ڪري ڇڏي آهي، پھرئين پيار جا رنگ، ايئن پوپٽ جي پرن جي رنگ جيان جلد ئي مٽجي ويا. پر عورت پنھنجو پھريون پيار ڪڏهن بہ ڀُلائي نہ سگهندي آهي ۽ منھنجو تہ اهو پيار پھريون بہ هو تہ آخري بہ”.
اڳيان لکي ٿي تہ،
“مون بہ هُن کي وساري ڇڏيو. مان حياتيءَ جي ان موڙ وٽ پھتي هيس، جتي الوداعيءَ کي وداع ڪرڻي پيئي هئي ۽ گهر جون جوابداريون ڪُلھن تي ڍوئڻيون ٿي پيون، ان ڪري پيار ۽ شادي اهي ٻئي لفظ پنھنجون معنائون کڻي مونکان دور هٽي ويا”. (هيراننداڻي، 2007: 47، 48)
ساڳيءَ ريت پوپٽيءَ جي هڪ ٻي ڪھاڻي “منھنجي ناني” ۽ ناول “سيلاب” ۾ پڻ هن جي پنھنجي حياتيءَ جو عڪس آهي. ورهاڱي جي حالتن جي پس منظر ۾ لکيل هن ڪھاڻي ۽ ناول ۾ پوپٽيءَ اهو ڪرب اوتيو آهي، جنھن ۾ سنڌ ۾ سڪون سان رهيل هندو قوم بي سڪون ٿي، پنھنجي نياڻين جي نگهبانيءَ لاءِ راتيون جاڳي ڪٽيون ۽ آڌيءَ رات جو کوکراپار جي رستي فقط نياڻين ۽ عورتن کي هندوستان موڪليو ويو. ڪھاڻي “منھنجي ناني” ۾ لکي ٿي تہ،
“اوچتو هل ٿيو تہ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو آهي ۽ اسان کي سنڌ ڇڏي هندوستان هلڻو پوندو. ڊپ ۽ هراس پکڙڻ لڳو. هيرآباد جي هڪ طرف هئي مسلم شاگردن جي هاسٽل ۽ سامھون هو سلاٽن جو پاڙو. هيرآباد جي سڀني هندوئن فيصلو ڪيو تہ نياڻين کي سنڌ مان ٻاهر ڪڍبو. مان نانيءَ کان موڪلائڻ هليس. مان اندر گهڙيس تہ نانيءَ چيو، “آءُ ڌيءَ پر هي چون ڇا پيا؟ پنھنجو ملڪ بہ ڪنھن ڇڏيو آهي؟ ايئن چوندي نانيءَ جي اکين اڳيان ڌنڌ جو پڙدو ڇانئجندو ويو ۽ هوءَ ڪمر کي هٿ ڏيئي هوريان هوريان پٽ تي پاٿاري ماري ويھي رهي. مون کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جي چيلھہ بيھڻ جي شڪتي وڃائي ڇڏي هئي. هوءَ پٽ تي ويھي رهي ۽ ان ڏينھن کان پوءِ هن پٽ تي ريڙهيون پائڻ شروع ڪيون”. (هيراننداڻي، 1975: 80 ۽ 81)
جنم ڀوميءَ مان جلاوطن ٿيڻ جو ڏک ماڻھوءَ جي سڄي سرير کي اندران ڌوڏي ٿو ڇڏي. سو سنڌ جا هندي سنڌو هيءُ ڏک ڪيئن وساري سگهيا هوندا؟ هو تہ سنڌ لاءِ ايئن ٿا سڪن، جيئن اڃيو پاڻيءَ لاءِ. ناممڪن آهي جو کين اها ياد وسري هجي. منھنجي خيال ۾ تہ اهو ادب جو ذريعو ئي هيو، جنھن جي وسيلي هن الميي کي بار بار نثر ۽ نظم ۾ ورجايو ويو آهي ۽ ڪجهہ ليکڪن تہ ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. انھن هن وڇوڙي جي داستان کي ايترو تہ اثرانگيز بيان ڪيو آهي، جو اها ڄڻ هر دل جي واردات هجي ۽ پوپٽي اهڙن ئي ليکڪن مان هڪ آهي. سنڌ جي سڪ سندس تحريرن ۾ ورجايل آهي. هن جيڪا شاعري ڪئي آهي، ان ۾ پڻ سنڌ جون يادون سمايل آهن. دادا ڪيرت ٻاٻاڻي سندس سنڌيت جي جذبي تي لکي ٿو تہ،
“ساهتيڪ کيتر ۾ پوپٽيءَ جو ٻٽو رول آهي. هڪ طرف آهي سندس وڏي تخليقي دين ۽ ٻئي طرف آهي، سنڌيت جي هلچل ۾ سندس زبردست بھرو. سندس قلم مان ڪيتريون ئي سندر ۽ وڏي معيار واريون چيزون آيون آهن. سنڌي ادبي تحريڪ ۾ سندس خاص رول رهيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻولي سنڪٽ جي اوڙاھہ ۾ وڃي ڪري. سنڌي لپيءَ تي حملو، سنڌي ٻوليءَ جي ڀارت جي جوڙجڪ ۾ ناموجودگي، سرڪاري ادارن ۾ سنڌيءَ سان ڀيدي ورتاءُ ۽ ٻين ڪيترين سھوليتن ۽ حقن کان محروميت، سنڌي اديبن ۽ عالمن لاءِ وڏي آزمائش جو وقت هو. 1960ع ۾ گانڌي ڌام ۾ سڏايل چوٿين آکل-ڀارت سنڌي ساهت سميلن وقت هوءَ گهر جي چار ديواريءَ کان ٻاهر نڪري “سنڌيت” جي ڪاروان سان شامل ٿي. ساهتڪارن، ڪلاڪارن ۽ ودوانن سان گڏ ڪُلھو ڪُلھي سان ملائي لڙندي رهي. سنڌيت جو سنديش پھچائڻ لاءِ چست شيوائون ڏيندي رهي”. (ٻاٻاڻي، 2000: 91)
پوپٽيءَ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي حقن لاءِ جدوجھد جي موضوع کي وڏي اهميت ڏني آهي. موضوع جي لحاظ کان سندس ڪھاڻي “دل جو ڦھلاءُ ۽ مَنَ جي سوڙھہ” هڪ بلڪل مختلف ۽ منفرد موضوع تي آهي، جنھن تي اڳ ڪنھن بہ نہ لکيو. هن ڪھاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر جي چوڻ مطابق هريش پيءُ ٿيڻ جي اهليت نٿو رکي. پر قدرت جي ڪرم سان سندس زال جئسيڪا اميد سان ٿئي ٿي ۽ هُو هر وقت کيس نہ اعتبار ۾ ايندڙ نظرن سان ڏسي، عذاب ۾ مبتلاٿي وڃي ٿو. پنھنجي ئي پاليل پٽ سمان ننڍي ڀاءُ نانوءَ ۾ شڪ ڪري هو ڀاءُ کي بغير سبب ٻڌائڻ جي ڌڪا ڏيئي گهران ڪڍي ٿو. گهرو حياتيءَ جو پل پل ڏکيو ٿيڻ تي هو ٻيھر ڊاڪٽر وٽ جڏهن تصديق لاءِ وڃي ٿو تہ رپورٽ پڙهڻ سان سندس مٿي جو سڄو بار هلڪو ٿي وڃي ٿو. واپس اچي نانوءَ کي شھر مان ڳولھي گلي لڳائي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ هر ڪردار جي ڪردارنگاري عروج تي آهي. هريش جون سوچون، تاثرات، جئسيڪا ۽ نانوءَ جو رويو، مطلب تہ پوپٽيءَ موضوع مطابق دل جي وسعت ڌڪجڻ کان پوءِ مَنَ جي سوڙھہ ايتري تہ خوبصورتيءَ سان بيان ڪئي آهي، جو ڪھاڻيءَ جو موضوع ۽ مواد ڄڻ هڪ ٿي ويا آهن.
“ڪاريون اکيون” ۽ “هاءِ جيڪنگ” ڪھاڻيون هانگ ڪانگ ۽ سينگاپور جي ماحول جي باري ۾ آهن تہ “برهما جي ڀل” هڪ وئشيا جي معاشري ۾ حيثيت ۽ اڻ پورين خواهشن جي اپٽار آهي. “هيءَ ذات پرواني جي” مذاقي، دلچسپ پر چڀندڙ ڪھاڻي آهي. “سوني اما” ۽ “ڊائري” عورت جي ٻن مختلف روپن کي پيش ڪن ٿيون. “سوني اما” مجسم قرباني آهي تہ ڪھاڻي “ڊائريءَ” جي هيروئن عورت تي عورت جي ظلم جو مثال هئڻ سان گڏ مرد سان پڻ انياء ڏيکاريل آهي. جسونت جي ڪئنسر ۾ ٿيل موت کان پوءِ هوءَ هٿ مليندي رهي ٿي ۽ ڏک ۾ چوي ٿي تہ،
”مون محسوس ڪيو... ڪئنسر جسونت جو وات زخمي ڪري ڇڏيو ۽ منھنجي وهنوار سندس هردو“. (هيراننداڻي، 1985: 124)
ساڳيءَ ريت سندس مجموعي “زندگي، ڪوتا نہ ڪھاڻي” ۾ آيل ڪھاڻين ۾ پڻ هن ڪافي اهم موضوعن تي قلم کنيو آهي. پوپٽيءَ جي پيش ڪيل موضوعن جو جيڪڏهن ڇيد ڪبو تہ اهي گهڻي ڀاڱي سنڌي عورت جي ڏکن، سورن، سوچن، امنگن ۽ حياتيءَ جي ڪيترن پھلوئن کي پيش ڪن ٿا، جن ۾ هُن کيس مايوس، بزدل ۽ بي همت نہ، بلڪہ سنڌي سماج جي مُدي خارج رسمن جي خلاف کڙو ٿي بيھڻ جو گس ڏسيو آهي. سندس لکڻين ۾ عورت جو ڪردار گهڻي ڀاڱي مثبت آهي. هن سندس زناني حيثيت کي تسليم ڪرائيندي، کيس مظلوم نہ، پر هڪ اڏول انسان ڪري پيش ڪيو آهي. عورت جي زندگيءَ ۾ ايندڙ ڪيترن مسئلن کي بيان ڪرڻ ۾ پوپٽيءَ فقط نشاندہي نہ ڪئي آهي، پر انھن مسئلن جا حَلَ ڏسيا آهن. هوءَ پرڻيل، اڻ پرڻيل، وڌوا ۽ وئشيا کان ويندي ننڍي ٻارڙيءَ جا جذبا بہ تمام سھڻائيءَ سان پيش ڪري ٿي. مٿئين موضوع کان سواءِ هن ٻين انساني مسئلن، ڏک سک، غريبي اميري، بک بدحالي ۽ مذهب تي لکيو آهي. ورهاڱي جي حالتن، سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ تھذيب کي پنھنجي قلم جي گرفت ۾ آندو آهي. گهڻي ڀاڱي هندو سنڌي سماج جا مسئلا ڄاڻايا آهن ۽ مسلم سنڌي سماج جي حالتن جي ڪا خاص اپٽار ڪونہ ڪئي آهي. هند جي ليکڪن ۽ ليکڪائن کي سنڌ جي مسئلن تي بہ لکڻ گهرجي. فقط پوپٽيءَ نہ، بلڪہ ٻين هندوستان جي ليکڪائن وٽ بہ هندو سنڌي سماج جي مسئلن جي عڪاسي ملي ٿي. موضوعن کي محدود ڪرڻ جي بجاءِ جيڪڏهن سنڌي سماج جي گڏيل مسئلن تي لکيو وڃي تہ ممڪن آهي ايئن اسين هڪ ٻئي لاءِ گڏيل طور ڪي سٺا حل بہ پيش ڪري سگهون.
پوپٽيءَ ڪل چار ناول لکيا، جن ۾ “سيلاب زندگيءَ جو” انعام يافتہ آهي، باقي “حسرتن جي تربت”۾ ٻولي فلسفياڻي ۽ نثر جي خوبين واري آهي. موضوع جي لحاظ کان عورت جي آزاديءَ جي اپٽار ڪيل آهي ۽ بي جوڙ شاديءَ سان ٿيل سماجي مسئلن کي چٽيو ويو آهي، جنھن جي ڪري هن ناول ۾ عورت کي اهميت وڌيڪ ڏنل آهي، باقي موضوع اڳ ۾ هلندڙ ۽ پراڻو آهي. پنھنجي پوين ناولن تي راءِ ڏيندي هوءَ پاڻ بہ لکي ٿي تہ،
”ان بعد ٻہ ناول ٻيا بہ لکيم، جن جي صرف ٻولي سھڻي ۽ رنگين آهي، باقي ٻيو ٿيو ڀلو“. (هيراننداڻي، 1981: 6)
”منجو“ ناول 1950ع ۾ لکيائين، جو ڳوٺاڻي ۽ شھري ماحول جي ڪردارنگاريءَ ۽ سماجي مسئلن جي ذڪر تي مشتمل آهي.
”سيلاب زندگيءَ جو“ (1980ع) ۾ ملڪ جي ورهاڱي وارين حالتن، ڪنوارين ڇوڪرين جي شاديءَ جي مسئلن، وڌوائن جي ڏکن، مردن جي هرجائي طبيعتن ۽ ٻين مسئلن کي موضوع طور آندو ويو آهي، جنھن ۾ مک ڪردار گنگا جي معرفت ليکڪا انھن مسئلن کي ڀوڳيندڙ عورت کي پيش ڪيو آهي. سنڌ جي سڪ، سنڌ جو ماحول ۽ خوبصورت منظر جون يادگيريون تہ آهن، پر ورهاڱي جي تڪليفن ۽ ڏکن ڏولائن ۽ پيدا ٿيل سماجي مسئلن جون چٽايون پڻ ليکڪا پيش ڪيون آهن. لکي ٿي تہ،
“بابا چيو تہ اڌ رات جو لاري ايندي. سنڀري ويھو. هڪ پيتي، هڪ باسڻن جي ڳوڻ ۽ هڪ بسترو کڻڻو آهي، ٻيو ڪجهہ بہ نہ!
منھن اونداهيءَ جو ئي اسين ميرپورخاص ۾ پھتاسين. ٽرين جي دٻي ۾ سڀ زالون ۽ ڇوڪريون هيون. ننڍڙي هٿ بتيءَ ۾ هڪ ٻئي کي ڏٺوسين ۽ سڃاتوسين.
کوکرا پار اسٽيشن آئي تہ ٽرين ۾ چڙهيلن نعرا هنيا. اسان جي من جي عجيب حالت هئي. نہ خوشي هئي نہ غم. آئيندہ جي ڪابہ خبر نہ هئي، صرف ماضيءَ جا نظارا سامھان هئا”.
اڳيان نياڻين جي شاديءَ جي مسئلن تي لکي ٿي تہ،
“ورهاڱي کان پوءِ جاتي ٽڪرا ٽڪرا نہ پر اصل ڇيھون ڇيھون ٿي ويئي آهي. ان حالت ۾ ڪيتريون ئي ڇوڪريون مجبورن ڪنواري زندگي ٿيون گهارين، ان ڪنواريءَ سان ڪھڙيون ڪھڙيون ويڌنون ٿيون ٿين، انھيءَ ڳالھہ جي ڪنھن کي ڄاڻ آهي؟” (هيراننداڻي، 1981: 76 ۽ 30)
“سيلاب زندگيءَ جو” کان سواءِ پوپٽيءَ جا ناول موضوعن ۾ گهڻي انفراديت نٿا رکن، ان جي باجود ٻوليءَ ۽ ڪردارنگاريءَ جي لحاظ کان اهميت رکن ٿا.
ڪردارنگاريءَ جو فن ڪھاڻين، ناولن، ناٽڪن، خاڪن ۽ سوانحي مضمونن ۾ خاص طور نمايان حيثيت رکي ٿو. پوپٽي هيراننداڻيءَ جي فن جو اڀياس اها پروڙ ٿو ڏئي تہ هوءَ ادب جي انھيءَ خوبيءَ کان ڀليءَ ڀت باخبر هئي. ڪردارنگاريءَ جي لحاظ کان هوءَ پنھنجي ڪردارن جي تمام ويجهو رهي آهي. گهڻي ڀاڱي سندس ڪھاڻي “مان” يعني ضمير متڪلم جي نموني پيش ڪيل آهي ۽ انھيءَ طريقي سان هن سڀني ڪردارن جي اوک ڊوک سھڻن جملن سان ڪئي آهي. ڪتاب “زندگي نہ ڪوتا نہ ڪھاڻي” جا چند مثال هن ريت آهن. “منھنجي ڦوٽڙي” جي سھري جي واتان نھرن ۽ پٽن جي ڪردار تي لکي ٿي تہ،
“منھنجي وڏي ننھن پشپا آهي، هن کي دم ۽ سھڪو آهي، ان ڪري مان ننڍي ننھن ڪملا جي حوالي آهيان، ننھن چاهي پشپا هجي چاهي ڪملا، سھري سان انھن جو ورتاءُ ساڳيو آهي. پشپا پاڻ نہ چئي سڀ مڙس کان چوائيندي هئي ۽ ڪملا سڀ ڪجهہ پاڻ ئي چئي ڏيندي آهي. گوپ اڳيان ويٺو هوندو آهي ۽ هوءَ وڏي واڪي سان چوندي آهي تہ،
“ملنس بہ اهي هڪ سؤ چاليھہ روپيا پينشن ۾ ٿا نہ؟ انھن ۾ اسان وٽان ڇا نٿو مليس؟ کٽ، وهاڻو، چادر، ٿالھي، ڪٽورو، گلاس ٻہ ويلي روٽي، ٽه ويلي چانھن، ٻيو اڃا ٻرو کپيس؟ رڳو اٿس گهپي! ڦلڪو چٻاڙي نٿو سگهان، گيھہ ذري وڌيڪ لڳائي تہ نرم ٿئي... ڄڻ جوڻس گيھہ جا ٽن ڀري رکي ويئي هئي گدام ۾”!
هڪ عياش مرد جي غفلت ۽ نفساني هٻڇ ۾ سندس غلطيءَ سان ڌيءَ جي هميشہ لاءِ دماغي مريض ٿي وڃڻ جو ڏک ماءُ جي ڪردار وسيلي پوپٽيءَ ڪھاڻي “شھناز” ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:
“شھناز ۽ مان- ٻنھي جي زندگي داغيل آهي. هن جي دماغ کي ڌڪ لڳو آهي ۽ هڪ گهرو احساس اتي ڄمي ويو آهي. منھنجي دل کي چوٽ پھتل آهي. اتان بہ رت نڪتو آهي. ڪجهہ اتي ئي ڄمي ويو آهي. اسين ٻيئي ٻاهران سڄيون ۽ اندران ڀڳل آهيون. فرق صرف اهو آهي تہ شھناز کي دماغي بيمار سڏيو وڃي ٿو ۽ مون کي بدني بيماري چٽائيندڙ”.
غزل گو، ڪلاڪار جي مورت ۽ صورت جو نقشو هن ريت چٽي ٿي،
“مون ٻڌو هو تہ جڏهن هن جو آواز ترنم جي ڏور تي نچڻ لڳندو آهي، تڏهن فضا ۾ جادو ڦھلجي ويندو آهي. پر مون کي اها ڄاڻ نہ هئي تہ هن جي آواز جي گونج منھنجي دل ۾ سمائجي ويندي. ڪلاڪار جي شخصيت مان ڪلا ٽپڪندي آهي ۽ ڪلا هن کي انوکو شان بخشيندي آهي، ان ڳالھہ جي خبر هئم. پر هُو سازن ۽ وڄائيندڙ جي وچ ۾ دٻدٻي سان ايئن اچي ويھندو هو، جيئن ڪو شھنشاھہ درٻارين جي وچ ۾ سنگهاسن تي اچي ويھي، اها ڄاڻ هاڻ ئي پيم”!
(هيراننداڻي، 1984: 48، 50 ۽ 151)
ڪردارن کي فنڪاريءَ سان پيش ڪرڻ لاءِ ڪردار جي اندر ۾ اهڙيءَ ريت جذب ٿي وڃڻ جو لکندڙ ان جو حصو بنجي وڃي ۽ محسوس ڪرائي تہ اهو سڀ ڪجهہ هُن تي ئي وهيو ۽ واپريو آهي ۽ پڙهندڙ وري پاڻ جي لاءِ بہ ايئن ئي سمجهي، اهوئي بھترين ڪردارنگاريءَ جو ڪمال آهي. پوپٽيءَ پنھنجي پيش ڪيل ڪردارن جي ظاهر توڙي باطن کي ڪمال ڪاريگريءَ سان عام جي اڳيان آندو آهي.
ٻوليءَ جي لحاظ کان پنھنجي لکڻين ۾ پوپٽي سنڌي ٻوليءَ جون مڙيئي خوبيون سمائڻ جي قوت رکي ٿي. موضوع مطابق هن هر صنف ۾ ٻوليءَ جي گهرج جو پورائو ڪيو آهي. آتم ڪھاڻي “منھنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق” انھيءَ جو اعليٰ مثال آهي، جا هن 1978ع ۾ لکي ۽ 1980 ۾ ڇپي. بظاهر تہ ڪو ضخيم ڪتاب نہ آهي، پر سنڌي ادب ۾ هن آتم ڪھاڻيءَ جي وڏي اهميت آهي. خاص طور سنڌي ليکڪائن ۾ پوپٽي پھرين عورت آهي، جنھن پنھنجي حياتيءَ جو احوال انتھائي جرئت ۽ سچائيءَ سان لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس حياتيءَ جا سڀ واقعا، يادگيريون، آزمودا، پيار، شادي، ڪٽنب جون ڳالھيون، استاد ۽ شاگردن جا تعلق ۽ ادبي ميڙن جون ملاقاتون، بيماريون، لڏپلاڻ جا ڏک ۽ ٻيون ڪيتريون ئي حقيقتون هن سچائيءَ سان سھڻي ادبي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيون آهن. هن تحرير پڙهڻ سان نہ وڌاءُ جو گمان غالب ٿئي ٿو ۽ نہ ئي گهڻي ڊيگهہ ۽ غيرضروري واقعا پيش ڪيل آهن. کيس هن آتم ڪھاڻيءَ تي ساهتيہ اڪيڊمي طرفان انعام ڏنو ويو، جيڪا هن بيماريءَ جي حالت ۾ موت جو انتظار ڪندي بستري تي لکي. هن آتم ڪھاڻيءَ تي راءِ ڏيندي اي.جي اُتم لکي ٿو تہ،
“پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ جي آتم ڪھاڻي، هن جي ڀانت ڀانت روپن جو درپن آهي. ننڍپڻ کان وٺي وڏپڻ تائين مئٽرڪ ۾ئي نوڪري ڪرڻ شروع ڪيائين. ورهاڱي بعد ڀارت ۾ لڏڻ تي اَجيوڪا لاءِ ماستري ۽ پروفيسريءَ سان گڏ گوناگون ساهت رچيائين تہ ساهتڪ سنٿائون بہ سنڀاليائين ۽ سنڌيت کي اوج ڏيڻ ۽ ٻين حقن لاءِ بہ لڙي آهي. هن سڄي ڪارنامي لاءِ هن پاڻ تي ڀاڙيو آهي. کيس سندس ٻين همعصر ليکڪائن وانگر جيون ساٿيءَ جي مدد نہ ملي. هن پنھنجي ماءُ کي بہ چئي ڏنو تہ “مون کي پنھنجي لاءِ گهوٽ خريد ڪرڻو ڪونھي”. پوپٽي سچ پچ بي باڪ ۽ صاف گو آهي. هيءَ آتم ڪھاڻي اهم سنڌي ليکڪا ۽ ان جي شخصيت جي پھرين سچي ۽ سڦل آتم ڪھاڻي آهي، جنھن جي ٻولي سپڪ سلوڻي تہ ان جي عبارت سندس بردبار ۽ رعبدار شخصيت جھڙي آهي”. (اي جي اتم، 2007: 147)
سنڌي ٻوليءَ جي خوبين سان سينگاريل پوپٽيءَ جو اسلوبِ بيان، سادو ۽ سمجهہ ۾ ايندڙ سان گڏ پڙهندڙ جي سوچ کي متاثر ڪندڙ آهي، جا فني طور وڏي خوبي آهي. مڪالما ۽ تشبيھون، جيڪي سچائيءَ جي تيرن جيان هانو ۾ چڀيو وڃن، لفظن جي معنيٰ خيزي ۽ جملن جي اثرانگيزي ۽ ربطگيءَ سان گڏ سندس ڪتابن ۾ پروف جون غلطيون نہ هئڻ جي برابر آهن. انھيءَ ڪري انھن لکڻين کي پڙهڻ ۾ راحت اچي ٿي. هن جي لکيل مھاڳن، مقدمن ۽ ادبي خطن جو پڻ ڪاٿو ڪونھي. (فقط ماهتاب محبوب جي ڇپيل خطن واري مجموعي “ماکيءَ مٺا ماڻھو” ۾ سندس 14 خط آهن) ارجن حاسد کي لکيل پوپٽيءَ جي هڪ خط جو نمونوهن ريت آهي:
“پيارا ڀاءُ حاسد، نمستي! اوهان جو خط مليو. مھرباني.
ها، مون کي اها نگري بيماري آهي. اڄ نہ سالن کان اٿم، پر ڪرنگهي ۾ نہ، هڏي ۾ اها بيماري ٿئي تہ ماڻھو ٻن ٽن مھينن ۾ خلاص ٿي ويندو آهي. اِتان ڇوٽڪارو ڪينھي. پر چمڙي يا عضوي ۾ ٿئي تہ پوءِ ڪٽيندا ويندا آهن، جتي پکڙجي. آپريشن ذريعي مون سان بہ ايئن آهي، جتان ڪٽي سگهن، ڪٽين، جتي ساڙي سگهن، اُتي اليڪٽرانڪ وائر سان ساڙيندا آهن. آپريشن جا 8 ڏينھن ۽ ٻيا 8 ڏينھن هلاڪ هوندي آهيان. باقي پوءِ ٺيڪ بلڪل ٺيڪ.
گهڻن پيارن مان...
پوپٽي هيراننداڻي
31 مئي 1989ع
(هيراننداڻي، 2007: 421)
ڪھاڻين، ناٽڪن، ناولن، مضمونن، مقالن، خطن، مھاڳن، سوانح عمرين ۽ آتم ڪھاڻيءَ کان سواءِ هن ترجمانگاريءَ ۾ اهم ڪم ڪيو آهي تہ لطيفيات ۾ سندس ڪتاب “شاھہ سنڌ جي تھذيب جو روح” ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان “ڀاشا شاستر” ۽ “ڏهن ڏينھن ۾ سنڌي سکو” اهم آهن. تحقيق ۽ تنقيد جي ميدان ۾ پڻ هن پنھنجو نالو مڃايو آهي. سنڌي ادب جي تاريخ کي “A History of Sindhi Literature” جي عنوان سان انگريزيءَ ۾ لکيائين. هيءُ حواله جاتي ڪتاب سنڌي زبان جي تعارف، آزاديءَ کان اڳ وارو دور، ورهاڱي جا سماجي ۽ اقتصادي اثر، ادب ۾ ترقي پسند لاڙا ناول، ناٽڪ ۽ ڪھاڻيءَ جي ارتقا سان گڏ لوڪ ادب، سوانح حيات، آتم ڪھاڻي، لسانيات ۽ ٻين موضوعن جو احاطو ڪيل آهي، جنھن ۾ 1947ع کان1978ع تائين جي سنڌي ادب جو احوال آيل آهي.
پوپٽي هيراننداڻي، سنڌي ادب جي پڙهيل لکيل ۽ وڏي مطالعي واري ليکڪا هئي. سندس جهجهي مطالعي ۽ تعليمي کيتر جو هُن جي ادب تي گهڻو اثر آهي. هن کي انگريزي، سنسڪرت، هندي، اردو، گرمکي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو ۽ سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ پڻ لکيو. سندس علمي ۽ ادبي حيثيت کي ڪابہ همعصر ليکڪا نہ پھچي سگهي ٿو.
پوپٽيءَ جون سنڌي ادب ۾ بي حساب خدمتون آهن. هن ذهني يڪسوئيءَ سان نثر جي هر صنف کي مالامال ڪيو آهي. بلاشبہ کيس اسان جي لکندڙ عورتن ۾ ”سنڌي نثر جي سرواڻ ليکڪا“ شمار ڪرڻ گهرجي. سندس نثر جي رواني، اندازِ بيان، موضوعن جي گوناگوني ۽ ٻوليءَ جي احسن استعمال جون خوبيون واکاڻ جوڳيون آهن. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ سندس وڏو حصو آهي. 17 ڊسمبر 2005ع ۾ هوءَ سالن کان موت ۽ زندگيءَ جي جدوجھد کي منھن ڏيندي، حياتيءَ کان هميشہ لاءِ آجي ٿي ويئي. سندس وفات تي سوڳ جي لھر سڄيءَ سنڌ ۽ هند ۾ پکڙجي ويئي. سماجي ۽ ادبي تنظيمن طرفان ڪيترا ئي تعزيتي پيغام، اخبارن ۽ رسالن ۾ آيا، جن ۾ پوپٽيءَ جي وفات کي سنڌي ادب ۾ وڏو خال تسليم ڪيو ويو. سندس هم جماعت ڊاڪٽر شمس عباسيءَ ڪاوش اخبار معرفت ڏک جو اظھار ڪندي چيو تہ،
“هوءَ حيدرآباد ۾ جيترو بہ عرصو هئي، هر سھيليءَ سان پيار ڪندي هئي ۽ هندوستان وڃڻ بعد بہ هتان جون محبتون دل تي رکيائين. سندس وڇوڙو ڏک جو باعث بڻيو آهي”. (عباسي، 2005: روزاني ڪاوش)
منصور ملڪ، پروفيسر پوپٽيءَ جي شخصيت ۽ فن کي ڀيٽا ڏيندي لکيو آهي تہ،
“سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان اسان کي پتو پوي ٿو تہ سنڌي ادب جي نثر جي حوالي سان جن گهڻي ۾ گهڻي خدمت ڪئي آهي، انھيءَ ۾ اهم نالو پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ جو آهي. پوپٽي اها اڪيلي عورت آهي، جنھن لڳ ڀڳ ادب جي سڀني شاخن ۾ ڪاميابيءَ سان قلم هلايو آهي، جنھن سندس ڪھاڻيون هڪ دفعو پڙهيون، اهو کيس عمر ڀر وساري نہ سگهندو. سندس بيباڪ ٽھڪ، جنھن ٻڌا، اهو بہ کيس عمر ڀر وساري نہ سگهندو. سنڌي ادب جي باغ ۾ 17 سيپٽمبر 1924ع تي ٽڙيل هي گلاب پنھنجي ماحول ۾ 81 سال خوشبو ڦھلائڻ کان پوءِ 17 ڊسمبر 2005ع تي پنھنجي ازلي پڄاڻيءَ تي پھتو. سندس جسماني وڇوڙي جي باجود هوءَ پنھنجي لکيل غيرمعمولي ڪتابن جي صورت ۾ اسان وٽ سدائين موجود رهندي”. (منصور، 2005: 46)

حوالا:
1. هيراننداڻي، پوپٽي رامچند ’منھنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد 2007ع, ص، 19.
2. ٻاٻاڻي، ڪيرت ’پوپٽي هيراننداڻيءَ جي شخصيت ۽ سندس ساهتڪ دين‘ (سنڌو جوت) سنڌ اڪادمي، دہلي 2000ع , ص، 90.
3. خواجہ، نور افروز ڊاڪٽر ’ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر‘ گنج بخش پبليڪيشن، حيدرآباد 2009ع ص، 345.
4. هيراننداڻي، پوپٽي ’سرتيون‘ (انٽرويو نمبر) سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 2007ع، ص، 35.
5. لڇاڻي، جگديش ’پوپٽي هيراننداڻي، هڪ مضمون نويسه‘، ”جوڳيئڙا جھان ۾“ ويڻا پبليڪيشن، الھاس نگر 2000ع ، ص، 26.
6. خواجہ، نور افروز ڊاڪٽر ’ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر‘ گنج بخش پبليڪيشن، حيدرآباد 2009ع ، ص، 348.
7. لڇاڻي، جگديش ’پوپٽي هيراننداڻي، هڪ مضمون نويسه‘، ”جوڳيئڙا جھان ۾“ ويڻا پبليڪيشن، الھاس نگر 2000ع، ص، 33.
8. ساڳيو حوالو، ص، 32.
9. هيراننداڻي، پوپٽي ’هڪ پشپ پندرهن پنکڙيون‘ لڇمڻ ساٽي پرنٽرز، ڀارت 1961ع، ص، 20.
10. هيراننداڻي، پوپٽي ’سرتيون‘ (انٽرويو نمبر) سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 2007ع، ص، 37.
11. چانڊيو، خادم حسين ’مارو جي ملير جا‘ گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد 2001ع، ص، 169.
12. هيراننداڻي، پوپٽي ’مون توکي پيار ڪيو هو‘ شھباز پرنٽرز، حيدرآباد 1975ع، ص، 2.
13. هيراننداڻي ’منھنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد 2007ع، ص، 107-130.
14. هيراننداڻي ’زندگي نہ ڪوتا نہ ڪھاڻي‘ شھباز پرنٽنگ پريس، حيدرآباد 1984ع، ص، 100.
15. هيراننداڻي، پوپٽي ’مون توکي پيار ڪيو هو‘ شھباز پرنٽرز، حيدرآباد 1975ع، ص، 35.
16. هيراننداڻي، پوپٽي رامچند ’منھنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد 2007ع ص، 48-47.
17. هيراننداڻي، پوپٽي ’مون توکي پيار ڪيو هو‘ شھباز پرنٽرز، حيدرآباد 1975ع ص، 81-80.
18. ٻاٻاڻي ڪيرت پوپٽي هيراننداڻيءَ جي شخصيت ۽ سندس ساهتيڪ دين” (مقالو) “سنڌو جوت” سنڌي اڪادمي، دہلي جنوري- جون 2000ع، ص، 91.
19. هيراننداڻي ’زندگي نہ ڪوتا نہ ڪھاڻي‘ شھاز پرنٽرز، گاڏي کاتو، حيدرآباد 1984ع، ص، 124.
20. هيراننداڻي ’سيلاب زندگيءَ جو‘ گيتا پرنٽنگ پريس، هندوستان 1981ع، ص، 6.
21. ساڳيو حوالو، ص، 76 ۽ 30.
22. هيراننداڻي پوپٽي ’زندگي نہ ڪوتا نہ ڪھاڻي‘ شھباز پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، 1984ع ص، 50-48 ۽ 151.
23. اي جي اتم: هيراننداڻي ’منھنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد 2007ع ، ص، 147.
24. هيراننداڻي ’ڪونج‘ (مخزن) سُڌا آفسيٽ، الھاس نگر، ڀارت 2007ع، ص، 42.
25. عباسي، شمس ڊاڪٽر ”ڪاوش“ اخبار روزاني ڪاوش، حيدرآباد 6 ڊسمبر 2005ع، ص، 4.
26. ملڪ منصور: پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي ’ڪونج‘ (مخزن) سُڌا آفسيٽ، الھاس نگر، ڀارت 2007ع ص، 46.

(ڪارونجهر، ڊسمبر 2018ع)