لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڊاڪٽر پروين: جاکوڙي محققہ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ھڪ مڃيل محققہ آھي، سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون مختلف مخزنن ۾ ڇپبا رھن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي منظور شدہ جرنلز ۾ 2009ع کان 2023ع تائين ڇپيل ريسرچ پيپرز ۽ چند اهي مقالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن جي ”ٽہ ماهي مھراڻ، ”ادبي تحقيق“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا. ٻہ ٻيا اڻ ڇپيل آهن سي پڻ شامل آھن.

Title Cover of book DR Parveen Jakhori Muhaqeqa

حميد سنڌي: بحيثيت ڪھاڻيڪار

Hameed Sindhi as Short Story Writer

Hameed Sindhi (12-10-1939, 3-1-2020) is well known writer of Sindhi literature. He started his creative writing career as a short story writer. His first book was published named “Semme” in (سيمي-1958ع) another books of short stories are “Udas Waddyoon” اداس واديون) (1965ع, “Weeryun” (ويريون 1981ع), “Rana Je Rajput” (راڻا جي رجپوت-1984ع), “Jag b Tohnje Jea san” (جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان-1996ع), “Dard Wande Jo Des” (درد ونديءَ جو ديس-2002ع), “So Moon Sabh Jamar” (سو مون سڀ ڄمار-2007ع).
Hameed Sindhi continued writings for five decades and express the life and problems of sindhi society in her stories. His command over language and prevailing phrases and sentences is admirable.
Specially in the presentation of unique characterization in his work is remarkable, he shows the realities of life in his stories.
In this research paper the usage of language, characters and realistic approach of writer is carefully examined to establish the idea and quality of his short stories.
مختصر ڪھاڻي، نثري ادب جي اهم ترين ۽ مقبول صنف آهي، جا عظيم تخليقي آرٽ طور مڃي وڃي ٿي. شروع دؤر ۾ ڪھاڻيءَ جي بنيادي شڪل آکاڻي يا لوڪ ڪھاڻيءَ کي شمار ڪيو ويو. پر پوءِ اهو مڃيو ويو تہ، لوڪ ادب جا داستان، ڪٿائون، سورمن ۽ سورمين جا قصا، آکاڻيون ۽ لوڪ ڪھاڻيون ڪنھن بہ ريت جديد ڪھاڻيءَ طور شمار ٿي نٿيون سگهن. جديد ڪھاڻي هڪ الڳ صنف آهي. ناول جي صنف سنڌي ادب ۾ شروع ٿيندي ئي جديد ڪھاڻيءَ جو سفر پڻ شروع ٿيو. شروع دؤر جي ڪھاڻي آکاڻي نما آهي، انھيءَ وقت اڃان نئين ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنيڪ ضحيح نموني اڀري سامھون نہ آئي هئي پر پوءِ ترت ئي اديبن هن ڏس ۾ فني تجربا ڪيا ۽ ڪھاڻيءَ جي هڪ واقعي کي مڪالمن، آغاز ۽ انجام جو ربط ڏنو ويو تہ تاثر ۽ مقصديت کي خاص اهميت ڏني ويئي. وحدت، مقصد، اختصار سان گڏ ڪھاڻيءَ جي خاص جزن پلاٽ، ڪودار نگاري، مڪالمن، گفتگو، مرڪزي نقطہءِ نظر، ۽ بياني اسلوب سان گڏ ٻوليءَ جي استعمال کي نظر ۾ رکيو ويو تہ ادب ۾ اهڙين ڪھاڻين کي اهميت ملي جيڪي سماج جي لاءِ ڪو اثرائتو پيغام کڻي اچن ۽ حياتيءَ جي حقيقت نگاري واضح طور هجي هِن ڏس ۾ اسان جا ڪيترائي ليکڪ سا مھان آيا. جن ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ کي وڏي ترقي ڏياري. مختصر وقت ۾ پڙهي سگهجندڙ هن اثرائتي ادبي صنف ۾ جيئن تہ زندگيءَ جي ڪنھن نہ ڪنھن پھلو ۽ جذبي جو اظھار هو انھيءَ ڪري عام ۾ مقبول ٿيندڙ صنف شروع دور کان رهي. 1914ع ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي لکيل ڪھاڻي ”شريف بيگم“ کان اڄ تائين سنڌي ڪھاڻي ڪيترن ئي مرحلن مان لنگهي آهي ۽ منجهس گهڻائي فني تجربا پڻ ٿيا آهن. انيڪ ڪھاڻيڪارن جو پورهيو هن صنف کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪرائڻ ۾ شامل آهي. نانڪ رام ڌرم داس، ڄيٺمل پرسرام، لعل چند امر ڏنومل، مرزا نادر بيگ، امر لعل هنڱوراڻي، گوبند مالھي، شيخ اياز، جمال ابڙو، اياز قادري، حفيظ شيخ، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اُتم چنداڻي، زينت چنہ، رشيدہ حجاب، ماهتاب محبوب، نورالھدى شاھ ۽ ٻين ڪيترن ڪھاڻيڪارن ۾ اهم نالو حميد سنڌيءَ جو آهي.
حميد سنڌيءَ جو جنم 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشھروفيروز جي شھر ۾ محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو. سندس نالو عبدالحميد رکيو ويو. هن لاڙڪاڻي، دادو، سکر ۽ ٻين شھرن مان تعليم حاصل ڪئي، بي.اي ۽ ايم.اي ايڪنامڪس ۾ ڪرڻ بعد مانچسٽر برطانيا مان ”هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن“ جو ڪورس مڪمل ڪيائين، واپس اچي 1960ع کان عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ بئنڪ جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1970ع کا ڪم شروع ڪيائين ۽ مختلف وڏن عھدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين جيئن سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر، تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال، ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽيءَ ۽ خيرپور يونيورسٽيءَ جو وائس چانسيلر رهيو تہ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمين ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين رهيو، 1999ع ۾ ريٽائر ڪيائين. انتظامي طور سندس ڪم جي اهميت کي واکاڻيو ويو آهي هر هنڌ سٺي ناماچاري رهيس. هو بنيادي طور کلمک، ملنسار، هڏڏوکي، هر هڪ کي ڪم ايندڙ ۽ عام توڻي خاص هر هڪ سان قربائتو هو. سندس لکڻ جو محرڪ بنيادي طور ڪھاڻيءَ جي ميدان رهيو پر هن مضمون ۽ مقالا بہ کوڙ لکيا تہ بحيثيت ايڊيٽر ”روح رهاڻ“ رسالي جي معرفت پڻ سنڌي ادب ۽ صحافت جي خدمت ڪيائين.
”حميد سنڌي گهڻ پاسائين شخصيت، پيارو پيارو، ڄڻ هر ملڻ واري سان جنم جنم کان پنھنجو، ڪھاڻين جي ڪري خاص اهميت رسالي روح رهاڻ جو روح روان ۽ زندگي پبليڪيشن جو مھتم هن جون ڪھاڻيون هن جي حقيقي زندگيءَ جي جهلڪ ۽ مشاهدي جو نتيجو آهن.“ (1)
حميد سنڌيءَ لکڻ جي شروعات 1958ع کان ڪئي ۽ وفات 3 جنوري 2020ع تائين هو ادب جو سرگرمِ عمل شخص رهيو، هر آچر تي سندس گهر ۾ ادبي محفل ”بزمِ روح رهاڻ“ رچندي هئي، جنھن ۾ اديب ۽ عالم شريڪ ٿيندا هئا ۽ کين مڃتا ڏني ويندي هئي، جا محفل سندن فوت ٿيڻ کان اڳ پڻ آچر تي منعقد ٿي هئي. هُو لکڻ پڙهڻ جو ڪوڏيو هو. آخر ۾ هٿ ڏڪندا هئس، هٿن جي لڏڻ سبب لکي نہ سگهندو هو پر ٻين کي لکرائيندو هو جنھن ۾ ڪاوش ۾ ڇپيل ”داستان – حيات قصہ مختصر“ ڪالم شامل آهن. 2019ع جي ڊسمبر ۾ سندن مقالن جو ڪتاب ناري پبليڪيشن شايع ڪيو. ”سنڌ جا سونھان: شاھ-سچل“ جو سندن لطيفي ۽ سچل ڪانفرنسن جي اٺن مقالن تي مشتمل آهي جيڪي انھن ڪانفرنسن ۾ هُن پاڻ پڙهيا هئا، هنن مقالن ۾ هن شاھ لطيف ۽ سچل سائينءَ بابت نون رُخن سان روشني وڌي آهي. هيءُ ڪتاب حميد صاحب جي زندگيءَ ۾ سندن آخري ڇپيل ڪتاب آهي. ان کان سواءِ سندن 8 ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ هڪ سچل بابت مقالن جو ڪتاب ”آري اچن شال“ ڇپيل آهن ۽ هڪ ڪتاب حميد صاحب جي فن ۽ شخصيت بابت ”حميد سنڌي – هڪ اڻ ٿڪ انسان“ (اينٿالاجي) سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2017ع ۾ شايع ٿيو آهي جنھن ۾ حميد سنڌيءَ جي شخصيت ۽ فن بابت مضمون آهن تہ سندس جا لکيل مھاڳ، مقدما، تقريرون ۽ ٻيون تحريرون شامل آهن. وڇڙي ويل اهم شخصيتن بابت حميد سنڌيءَ جا لکيل تعزيت ناما ۽ مختلف وقتن تي کانئس ورتل انٽرويوز هن 528 صفحن جي اينٿالاجيءَ ۾ شامل آهن.
بحيثيت ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ جا ڪتاب هن ريت آهن، ”سيمي“ 1958ع، ”اُداس واديون“ 1965ع، ”ويريون“ 1981ع، ”راڻا جي راجپوت“ 1984ع، ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ 1996ع، ”درد ونديءَ جو ديس“ 2002ع، ”سو مون سڀ ڄمار“ 2007ع ۽ ”سوني زنجير“ (جاپاني لوڪ ڪھاڻيون ترجمو) آهن. هو سنڌي ادبي سنگت جي ان تعميري دؤر جو ڪھاڻيڪار شمار ٿيئي ٿو جنھن دؤر ۾ ادبي سنگت جي ويھڪن ۾ ڪھاڻيون پڙهيون وينديون هيون ۽ انھيءَ مٿي صحتمند ادبي تنقيد ڪئي ويندي هئي، انھيءَ دؤر جي سنگت ادبي ڪلاسن ڪيترن ئي ادبي فنڪارن کي اڳيان اچڻ ۾ مدد ڏني. سندس همعصرن ۾ ماهتاب محبوب، قمر شھباز، آغا سليم، خواجہ سليم، عبدالقادر جوڻيجو، قاضي خادم، وليرام ولڀ ۽ ٻيا آهن. پنھنجي وقت جي اديبن ۾ نمايان حيثيت رکندڙ حميد سنڌيءَ جي فن جا ڪھاڻيءَ کان سواءِ ٻيا پاسا پڻ آهن پر هتي موضوع جي حوالي سان آئون سندن ڪھاڻيڪار هئڻ جي حيثيت ۾ سندس ڪھاڻين ۾ ٻوليءَ جي استعمال، حقيقت نگاري ۽ ڪردار نگاريءَ جو مشاهدو پيش ڪيان ٿي. جنھن لاءِ سندس ڪھاڻين جي مجموعن جو اڀياس ترتيب وار ڏجي ٿو.
”سيمي“ حميد صاحب جو پھريون ڪھاڻين جو مجموعو زندگي پبليڪيشن پاران 1958ع ۾ شايع ٿيو. هيءُ واحد ڪتاب آهي جنھن کي ڪھاڻيڪار پاڻ حقيقت نگاريءَ کان وانجهيل ڪھاڻين جو مجموعو سڏيو آهي، سندس لفظن ۾ تہ، ”سيمي لاءِ مان اهو چوندس تہ اهي ڪھاڻيون حقيقي دنيا جون هوندي بہ خيالي آهن جن ۾ سنڌ جو ماحول، منظر نگاري ۽ سنڌي سماج جو عڪس مان نہ ڏنو آهي.“ (2)
”اداس واديون“ ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1965ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ يارنھن ڪھاڻيون ”ڪارو رت“، ”يادن جي جزيري ۾“، ”هڪ خواب هڪ حقيقت“، ”واچوڙن ۾ لاٽ“، ”اداس واديون“، ”سمنڊ ۽ مان“، ”منھنجي دنيا مرگه ترشنا“، ”ٽڪي ۾ ٻاٽي“ ۽ ”رانديڪو“ آهن. جن ۾ سنڌي سماج جي ڪيترين حقيقتن تان پردو کنيل آهي. ترتيب مطابق هيءُ حميد سنڌيءَ جو ٻيو نمبر ڪتاب آهي جنھن جو اسلوب وڻندڙ، عام فھم ۽ سادو هئڻ سان گڏ اثرائتو آهي نہ تہ عام طور اڪثر ڪھاڻيڪارن جي شروع دؤر جي ڪھاڻين ۾ پختگي نظر نہ ايندي آهي. حميد صاحب جي هنن ڪھاڻين ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ٿيل آهن تہ جملن جي بيھڪ سھڻائيءَ سان آهي ڪھاڻي ”سمنڊ ۽ مان“ ۾ لکي ٿو تہ، ”سمنڊ ۽ مان ٻئي اڪيلا، هن جون ڇوليون گجيءَ سان ڀريل، منھنجي مَنَ جون ڇوليون ڳڻتيءَ ۽ ويچار سان ڀريل، منھنجي لاءِ اها ئي زندگي هئي، اها ئي جيون-جوت هئي جو سمنڊ ۽ مان ٻيئي اڪيلا هئاسين پر هڪٻئي جا ساٿي.“ (3)
”ويريون“ ڪھاڻين جو ڪتاب 1981ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1995ع ۾ شايع ٿيو. انتساب بيگم زينت عبدﷲ چنا جي نالي آهي ڪتاب ۾ خواجہ سليم احمد، مھتاب محبوب، عبدالقادر جوڻيجو، قاضي خادم، نور گهلو ۽ غلام محمد لاکو، ڪھاڻيڪار ۽ سندس فن بابت لکيو آهي. ويريون ۾ ڪل 14 ڪھاڻيون آهن ”ويريون“، ”ڌوپار“، ”روشن اوندھہ“، ”جهيڻي“، ”ست پٽيتي“، ”جنت“، ”احساس جي منزل“، ”ڀري پيو ڀنڀور“، ”ٽڪنڊو“، ”پيار جي ريکا“، ”دربان“، ”هڪ هرڻي جي ڳالھہ“، ”سونھن ۽ سوڀيا“ ۽ ”ٺوٺ ڌرتي“ آهن. ويريون ڪھاڻي هڪ خاندان جي وچ ۾ پيل جدائيءَ جي بابت اڻ وسرندڙ ڪھاڻي آهي جنھن ۾ هُن سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن لفظن جو استعمال ڪيو آهي جيڪي هلندڙ وقت ۾ اسان کي استعمال ۾ گهٽ ملن ٿا جن کي پڙهي ايئن يقين سان چئي سگهجي ٿو تہ تحقيق اسان جا عالم، اديب پنھنجي مادري ٻوليءَ جي لفظن جي خزاني کي جيئاريندڙ ۽ وڌائيندڙ آهن. ٻين ڪھاڻين ۾ ”ست پٽيتي“، ڪھاڻي موضوع، منظر نگاري ۽ ڪردار نگاريءَ سان گڏ مڪالمن جو اعلى مثال آهي، ستن پٽن جي ماءُ ڀاڳل جي فخر تي ليکڪ لکي ٿو تہ، ”ڀاڳل ست پٽ ڄڻي ايئن ٿي سمجهيو تہ سندس جھڙو ڀاڳوان ۽ ڀليرو ڌرتيءَ تي ڪونھي، ڀاڳل لاءِ ست پٽ ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ٿي ويو هو سندس پير پٽ تي ڪونہ هو جيتوڻيڪ ڇورن اوڙي پاڙي توڙي گهر ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو.“ (4)
هيءَ ڪھاڻي سماج جي انھيءَ اوڻائيءَ تي وڏي چوٽ آهي جتي نياڻين کان پٽ جي اولاد کي اهميت ۽ فوقيت ڏنل آهي اُها ئي ڀاڳل جا پاڻ کان وڌ ڪنھن کي نہ سمجهندي هئي تنھن جو فخر ۽ غرور مٽيءَ ۾ ملي وڃي ٿو، جڏهن سندس ئي لوفر پٽ کيس ماري ڪُٽي گهران لوڌي ڪڍن ٿا.
”ويريون“ اڪيڊمي اديبيات، رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌالاجي طرفان ايوارڊ يافتہ ڪھاڻين جو مجموعو شمار ٿيو.
”راڻا جي رجپوت“ حميد صاحب جي ڪھاڻين جو مجموعو 1984ع ۾ سندن قائم ڪيل اداري زندگي پبليڪيشن مان شايع ٿيو. هن ڪتاب جو عنوان شاھ عبدالطيف جي رسالي جي سر مومل راڻو جي وائيءَ مان ورتل آهي. نيشنل بُڪ فائونڊيشن ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران انعام يافتہ هن ڪھاڻين جي مجموعي جا ٻہ اکر علي احمد بروهيءَ ۽ نوان ٻہ اکر ڊاڪٽر تنوير عباسي لکيا آهن. ڊاڪٽر تنوير لکي ٿو تہ،
”ورهاڱي کان پوءِ واريءَ ٽھيءَ جي لکندڙن ۾ حميد سنڌيءَ کي پنھنجي اهميت ۽ مقام آهي اهو مقام هن کي سندس انفرادي اسلوب ۽ انوکن پر جيئرن جاڳندن ڪردارن جي ڪري مليو آهي. حميد جون ڪھاڻيون ان ڪري بہ اهم آهن جو هُن انھن ۾ سنڌ جي ويھين صديءَ جي ٻيءَ ۽ ٽيءَ چوٿائيءَ جو سماج، ماحول، ڪردار، انھن جا لاڙا، مونجهارا، انھن جي روش، انھن جا مسئلا بيان ڪندي انھن جي ٻوليءَ، محاورن توڙي، اصطلاحن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. حميد جي ڪھاڻين جي اهميت تاريخي آهي ۽ اُهي هر دؤر ۾ ڀيڄ ڀنيءَ جي رابيل جيان تازيون ۽ سُرهيون رهنديون.“ (5)
هن ڪتاب ۾ ڪل 14 ڪھاڻيون آهن جي ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان اڳ ”نئون نياپو“ ”ناري مئگزين“، ”ٽہ ماهي مھراڻ“، ”ماهوار لطيف“ ۽ ”عبرت مئگزين“ ۾ شايع ٿيل آهن. 14 ڪھاڻين ۾ (”جي قيام مڙن“ ويريون جي پڌرائيءَ تي پڙهيل آتم ڪھاڻيءَ جو باب آهي.) باقي ڪھاڻين ۾، ”ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين“، ”گولا جي گولن جا“، ”بابا منھنجو چوزو“، ”خانو چور نہ آهي“، ”راڻا جي رجپوت“، ”ڪنچن ڪايا“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”واٽھڙوڪو واٽ منجهي“، ”هڪ ٻيو عام ماڻھو“، ”پاڙي ناھ پروڙ“ (انعام يافتہ ڪھاڻي)، ”هڪ پراڻي ڪھاڻي“، ”آخري ڳولا“، ”زندگي بڻجي نہ شل سسئيءَ جا سور“ آهن.
حميد صاحب جون ڪھاڻيون هلڪيون ڦلڪيون ۽ پنھنجي وقت جي واقعن جو دستاويز آهن. جيئن ”ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين“ ۾ وڪيل بُشن شادي شدہ ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ هئڻ باوجود حور سان عشق ڪري ساڻس شادي ٿو ڪري پر جڏهن مائٽن پاران روزگار جا در بند ڪرائڻ تي عشق ڪچو ثابت ٿو ٿيئيس تڏهن حور کي ڇڏي کيس ”سريت“ جو لقب ٿو ڏئي حور سندس انھيءَ رَوِش تي دماغ وڃائي ويھندي آهي ڦاٽل ليڙون ٿيل ڪپڙن ۾ درگاهن تي جهونگاريندي رهندي آهي.
ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين، ٻاروچل! ٻانھي،
جانب جھڙو جڳ ۾ ناهي ڪو ثـانـي!
ليکڪ هن دکدائڪ سچي واقعي جو عيني شاهد هو ۽ هن حقيقت کي ڪھاڻيءَ جو روپ وڻندڙ ڏنو اٿس، عورت ذات جي سچي محبت جي جذبي کي مڃتا ڏيندي لکي ٿو تہ،
”شايد ئي توهان کي ٻڌائي سگهان تہ قرب جا ناتا ڪيئن جڙن ٿا، لکيي جا ليکا ڪيئن ڊهن ٿا، هٿ جون لڪيرون ڪيئن ٺھن ٿيون، مَنَ جا ڪونئرا پکي ڪيئن کنڀڙا ٿيون کوهي دم وڃائي ساھ ڏين ٿا، ڇاڪاڻ مٺڙا ماڻھو هيئن ڏوجهرا ڏسن ٿا، حالون بي حال ٿين ٿا، ايئن ڪڏهن سوچيو بہ نہ هئم.“ (6)
مٿيئن ڪتاب جون ڪھاڻيون پڻ گهڻي ڀاڱي حقيقي واقعن بابت آهن. (مون پنھنجي پي.ايڇ.ڊي جي مقالي ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو: (1985ع تائين) جي ڪم ۾ بيگم زينت چنا جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ حميد صاحب جو انٽرويو ورتو هو جنھن لاءِ آئون سندن گهر 2 دفعه ٽائيم وٺي وئي هيس. اهو انٽرويو منھنجي اڻ ڇپيل مقالي جو حصو آهي. سندن سان سنڌي ڪھاڻيءَ ۽ سندن فن بابت بہ سوالن جي سٺي ڏي وٺ ٿي.) چيائون تہ، ”بابا! منھنجون سڀ ڪھاڻيون حقيقي واقعا آهن، ڪابہ ڪھاڻي اهڙي نہ آهي جا حقيقي نہ هجي باقي انھن کي فڪشنائيز ڪيو اٿم، جيئن جنت منھنجي پاڙي ۾ رهندڙ عورت جي ڪھاڻي آهي يا ”سو مون سڀ ڄمار“، منھنجي ئي عزيزن جي ڪھاڻي آهي يا ”مرين تہ آرهڙ ۾ مرجانءِ“ پڻ حقيقي واقعن تي مشتمل منھنجي پنھنجي ڪھاڻي آهي.“ (7)
”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ ڪتاب 1996ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو شايع ڪيو، جنھن ۾ ڪل سورنھن ڪھاڻيون آهن. ”ريب فريب-زندگيءَ جا“، ”چُڪ“، ”وڏو ماڻھو“، ”مٺوءَ جون ڪھاڻيون“، ”خانو چور نہ آهي“، ”ڪُڇان تہ ڪوڪ ٿيئي“، ”جور ڪير ساڌ ڪير“، ”تنھنجو سفر منھنجو سفر“، ”اسان اُڌارا آڻي آونگ چاڙهيا“، ”زوراور“، ”زبرو ڌڪ“، ”چوري ساڻ چس“، ”اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا“، ”پرديسي پکيئڙا“، ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“، ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ آهن. سواءِ ”خانو چور نہ آهي“ جي ٻيون سڀ نيون ڪھاڻيون آهن.
هي سڀ ڪھاڻيون تقريباً ٻن کان ڇھن صفحن جي طوالت رکن ٿيون. ڪھاڻين جي واڌ ويجهہ ڪردارن جي بيان ۽ مڪالمن معرفت ٿيل آهي. اهي ڪردار ۽ ماحول سنڌ جي سماجي تاريخ جي ڄاڻ ڏيندڙ آهن. حميد سنڌيءَ جون هي ڪھاڻيون پڻ حقيقت نگاريءَ جي زمري ۾ اچن ٿيون، پر ڪٿي ڪٿي ڪھاڻيڪار پنھنجي پيارن ڪردارن جو وڌيڪ احساس ڏيرائڻ يا کين وڌيڪ اهميت ڏيڻ ڪاڻ ساڻن ناانصافي پڻ ڪئي آهي جيئن ڪھاڻي ”ريب فريب ‐ زندگيءَ جا“ جو نوجوان پيءُ جي چيڙاڪ طبعيت ۽ ماءُ جي ڇڙٻن سبب گهر مان بي انتھا بيزار ٿي خودڪشي ڪرڻ ثو وڃي پر ريل جي پٽڙيءَ تي پھچي هُو خودڪشيءَ جو ارادو ملتوي ٿو ڪري تہ اوچتو هڪ گُلر پٽڙيءَ تي ڊوڙندو ڏسي اُن کي بچائيندي پاڻ ٽرين هيٺ اچي بيھوش ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن هوش ۾ اچي ٿو تڏهن سڀني پنھنجن کي پاڻ لاءِ روئيندو ڏسي گُلر جي پڇا ڪري ٿو تہ اهو بچيو يا نہ؟ جڏهن کيس گُلر جو آواز ٿو ٻڌڻ ۾ اچي تہ پوءِ اطمينان جو ساھ کڻي هميشہ لاءِ اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي. هتي هڪ حساس ۽ ڌڪاريل نوجوان، جو زندگيءَ سان پيار ڪندڙ بہ آهي ۽ پاڻ پڻ مرڻ نٿو چاهي انھيءَ کي ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ موت ڏيڻ سان سندس رحم دلي يا ٻئي ڪنھن بہ روَيي جي ڄڻ ڪا خاص اهميت ئي نٿي لڳي.
ساڳيءَ ريت ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ ڪتاب جي ٽائيٽل عنوان واري ڪھاڻيءَ جي سليم جو شاھہ بانوءَ لاءِ نوٽن جو ڀريل بريف ڪيس قادن (سندس پيءُ) کي ڏيڻ بعد ڪار ۾ کيس ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻ ۽ رستي ۾ ٻنھي جي محبت ڀرين ڳالھين دوران سليم جي روڊ تان توجھہ هٽي وڃڻ ۽ ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ کن پل ۾ شاھہ بانوءَ جو مري وڃڻ ڏيکاري ٿو تہ حميد صاحب پنھنجي ٻنھي اهم ڪردارن کي بي وقتائتي موت ڏيئي ساڻن همدردي هوندي بہ انصاف نہ ڪيو آهي. هي ٻئي ڪھاڻيون محبت ۽ پيار جي لافاني جذبي جي چوگرد گهمن ٿيون. پھرين ۾ محبت حاصل نٿي ٿيئي جڏهن تہ ٻيءَ ڪھاڻيءَ ۾ اها حاصل آهي. ٻنھي صورتن ۾ ڪھاڻين جو انجام دکدائڪ موت ڏيڻ سان حميد صاحب مايوسيءَ جي رويي کي زندگيءَ جي حاصلات تي حاوي ڪيو آهي جيڪو سماجي طور اڻ سھائيندڙ لڳي ٿو. مجموعي طور هن ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻيون عام فھم ۽ حقيقي زندگيءَ جو عڪس آهن جن ۾ ماڻھن جي ڏکن، ڏوجهرن، اميدن، نااميدين ۽ احساسن کي سيبائتي نموني سان ڪردار نگاريءَ وسيلي ائين آندو ويو آهي جو اهي ڪردار جيئرا جاڳندا ۽ سچا پچا محسوس ٿين ٿا ۽ اهي واقعا، اهي منظر اسان جي آس پاس موجود آهن. ناصر مورائيءَ موجب تہ، ”حميد جي ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج جو ماضي ۽ حال جهلڪي ٿو.“ (8)
”سو مون سڀ ڄمار“ حميد صاحب جي ڪھاڻين جو ڪتاب سيپٽمبر 2007ع ۾ زندگي پبليڪيشن شايع ڪيو. هن ڪتاب جي شروع ۾ سنڌ جي اهم شخصيتن جيئن ڊاڪٽر غلام علي الانا، آغا سليم، ماهتاب محبوب، غلام رباني آگرو، ج.ع منگهاڻي، پروفيسر اعجازقريشي ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم جا ليک آهن. آغا سليم کيس، ”حقيقت شناس ۽ حقيقت نگار ڪھاڻيڪار سڏيو آهي“ تہ ج.ع منگهاڻي لکي ٿي تہ، ”ڪير مون کان پڇي تہ حميد سنڌيءَ کي هڪ سٽ ۾ بيان ڪريان تہ آئون هن لاءِ لطيف جو هيءُ بيت پڙهنديس هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مَرَڪ.“ (9)
مٿيئن ڪتاب جو عنوان شاھہ عبدالطيف جي هن بيت مان ورتل آهي.
حبيبن هيڪار، منجهان مھر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اُهو ئي ٿـيـو.
(شاھ لطيف)
هن مجموعي ۾ ڪل 8 ڪھاڻيون، ”سو مون سڀ ڄمار“، ”پليٽ فارم تي پيل پيتي“، ”لڳي لڳي واءُ“، ”مرين تہ آرهڙ ۾ مرجانءِ“، ”کڙيا کٽڻھار“، ”اکڙيون ميگهہ ملار“، ”ڇوٽڪاري جو پيغام“ ۽ چيا اڏامي ويئي“ آهن. هن ڪتاب جون ڪھاڻيون نون ۽ اڇوتن موضوعن واريون آهن. جيئن، ”سو مون سڀ ڄمار“ طويل ڪھاڻي سنجها ۽ سندس جنات شھنشاھہ بابت بلڪل هڪ نئون موضوع آهي تہ پليٽ فارم تي پيل پيتي جنھن ۾ ريلوي اسٽيشن جو ماحول ۽ گم ٿيل سامان جي دعوى بابت هڪ بلڪل مختلف موضوع تي آهي تہ ”کڙيا کٽڻھار“، قتل ڪيس جي ڪھاڻي (ڪاروڪاريءَ) جي موضوع تي آهي هن ۾ هڪ ڏٺل واقعي کي ڪھاڻيءَ جو روپ ڏيندي حميد صاحب اهو ڄاڻايو آهي تہ سفوران جي ڌيءَ کي ڪاري ڪري مارڻ خلاف هوءَ اهو ڏوھ پاڻ تي ٿي کڻي تہ جيئن سندس ڌيءَ جي مرڻ سان چار ٻارن کان ماءُ جدا نہ ٿيئي پر چيمبر ۾ وڪيل جڏهن کيس سچ ڳالھائڻ لاءِ همٿائي ٿو تہ جيئن جوابدار کي سزا ملي تہ هوءَ انتھائي جذباتي ٿي وڃي ٿي.حميد صاحب لکي ٿو تہ، ”مائي سفوران ۾ اڃان ڪي جولان هئا آخري بيان ڏيڻ لاءِ بيٺي تہ هڪ سٽ سان ئي ڪيئن ڌڌڪا ڪڍندي ويئي! هوءَ پنھنجي اڳئين بيان تان صفا ڦري ويئي.“ (10)
”دردونديءَ جو ديس“ مجموعي ۾ ڪل ڏھ ڪھاڻيون آهن، جي ”زماني جو دستور“، ”بند ڪتاب جو بند باب“، ”ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھ ۾“، ”هيءُ زهر ڪير پيئندو“، ”ڪھڙي مومل ڪھڙو راڻو“، ”پل جو موھ“، ”ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن“، ”دردونديءَ جو ديس“، ”ڇت ۾ لڳل گولي“، ”رومانس جي خودڪشي“ آهن. هي ڪھاڻيون 1977ع کان 2002ع جي دؤر جون آهن، جن بابت هن لکيو آهي تہ،
”هي ڪھاڻيون تھ در نيون هوندي بہ سنڌ جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان ڳوهيل جيئرن جاڳندن ساهوارن جا اهي داستان آهن جيڪي مون مَنَ ۾ دفن ڪري ڇڏيا هئا. هيءُ ڪردار ايترا تہ طاقتور رهيا آهن جو نيٺ مون کي مجبور ڪيائون تہ سندن بابت لکان.“ (11)
حميد سنڌيءَ جي فن ۾ ڪمال سندن بياني اسلوب ۽ حقيقت نگاريءَ سان گڏ حافظي جو پڻ آهي. هن سڄي حياتيءَ ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ حقيقتن کي جڏهن بہ ذهن جي ڪينواس تي آندو تہ اهي حقيقتون مڪمل جزئيات سان جهاڻيءَ جي قالب ۾ منتقل ٿي ويون. ڪھاڻيءَ جي ڪالم اندر انساني مَنَ جي ڪيفيتن کي هُن سھڻن لفظن ۽ جملن سان مڪالمن جو جيڪو ويس پنھنجي لازوال ڪردارن واتان پھرايو آهي اهو سندس فن جي قائم رهڻ جو ثبوت آهي. هنن ڪھاڻين ۾ سماجي حالتن ۽ واقعن جا اونھا عڪس ڪردار نگاريءَ وسيلي واضح ٿيل آهن.
حميد صاحب جا پيش ڪيل ڪردار سنڌي سماج ۾ جابجا موجود ڏسڻ ۾ ايندا، چاهي اهي ڳالھائين يا ماٺ ميٺ ۾ ڪجهہ چوڻ جي ڪوشش ڪن سندن ماحول، ريتون، رسمون ۽ رواج کين کولي پڌرو ڪن ٿا. راڻا جي رجپوت جو ناچو نينگر گلاب جنھن جي نازن تي وڏيرا مست آهن هجي يا ”دربان“ جو چاچو علي محمد هجي، ”ويريون“ جو صابرين شمس الدين هجي يا ”ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين“ جي مايوسيءَ ۽ نا اميدي ۾ وڪوڙيل حور هجي ”زوراور“ جو سور سھندڙ مامو هجي يا ”ڪڇان تان ڪوڪ ٿيئي“ جي سھڻي من موهڻي نوران هجي ”زبروڌڪ“ جو ڪُتن جو خفتي حجام هجي يا ”ڌوپار“ جو ارڏوٻار هجي مطلب تہ حميد سنڌيءَ ڪردار نگاريءَ جا ڪمال ڏيکاريا آهن ۽ سماج جي مختلف طبقن جي ٻولي پڻ مڪالمن وسيلي محفوظ ڪئي آهي، سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ڪرداري ڪھاڻيون شمار ٿين ٿيون. جيئن ”خانو چور نہ آهي“، ”راڻا جي رجپوت“، ”زبروڌڪ“ ۽ ٻيون آهن جن جا ڪردار ليکڪ چواڻيءَ تہ منھنجا همسفر آهن جيڪي مون کي وهڻ بہ تہ نہ پيا ڏين. لکي ٿو تہ،
”منھنجا ڪردار نوري آهن يا ناري، پر هنن ٻري ٻاري آهي ۽ منھنجي جياپي جو سھارو آهن. منھنجا ڪردار انھن جوڳيئڙن ۽ ڪاپڙين مثل آهن جن جو ڪردار شاھ صاحب چٽي ڇڏيو آهي.“ (12)
هن زندگيءَ کي ويجهي کان مشاهدو ڪيو آهي. سماجي زندگيءَ جي انھيءَ مطالعي ۽ مشاهدي کانئس مظبوط ڪردار تخليق ڪرايا آهن. ”حميد سنڌيءَ کي ڪھاڻيڪارن ۾ اهم حيثيت حاصل آهي ليکڪ جي طور بہ ادب ۾ واڌاري آڻيندڙ جي طور بہ- هن جون ڪھاڻيون نھايت گهريون ۽ معاشرتي مسائل سان ڀرپور هونديون آهن ۽ انھن ڪھاڻين کي ڪامياب بنائيندا آهن، هن جا تخليق ڪيل ڪردار“. (13)
حميد سنڌي سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ رهيو، تعليم حاصل ڪيائين تہ وڏن عھدن تي رهيو، ڪيترا ملڪ گهميائين ڏيھي، پرڏيھي ادب جو مطالعو ڪيائين تہ صحافت ۽ ادب سان ڳانڍاپي جي ڪري سندس اٿڻ ويھڻ ڪيترن ئي ماڻھن سان رهيو، هُن زندگيءَ جو عملي مشاهدو ماڻيو انھيءَ جي ڪري سندس ڪھاڻيون تصوراتي ۽ خيالي نہ پر حقيقت پسنديءَ جو مظھر آهن جن مان سنڌي قوم جي مختلف طبقن جي زندگين جي عڪاسي ٿيئي ٿي.
حميد سنڌيءَ کي شاھہ لطيف سان وڏي عقيدت هئي. هو لطيفي ڪانفرنسن ۾ شموليت ڪندڙ هو ڪانفرنسن جي مقالن کي سھيڙي هن ڪتاب ڇپرايا جي ”سرامڪلي“، ”سر بلاول“، ”سرمارئي“، ”سرکاهوڙيءَ جو مطالعو“، سر سامونڊي ۽ ”سر سارنگ“ آهن ۽ ڪانفرنسن ۾ سندس پنھنجي پڙهيل مقالن جو ڪتاب پڻ 2020ع شايع ٿيو آهي. ”سنڌ جا سونھان! شاھہ-سچل“. شاھہ لطيف جا ڪيترائي بيت سندس مضمونن، مقالن توڻي ڪھاڻين ۾ موقعي جي مناسبت سان ڪتب آندل آهن. ڪيترين ڪھاڻين جا عنوان پڻ شاھہ جي بيتن مان ورتل آهن ۽ ڏٺو وڃي تہ اهي ڪھاڻيون جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون تہ هڪدم انھيءَ عنوان واري بيت جو تاثر سندس ڪھاڻيءَ ۾ نظر اچي ٿو. اها لطيف شناسيءَ ڏيInspiration جي سگهہ لاجواب چئي سگهجي ٿي اهڙين ڪھاڻين ۾ ”ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين“، ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“، ”اکڙيون ميگهہ ملھار“، ”لڳي لڳي واءُ“، ”سو مون سڀ ڄمار“ ۽ ٻيون آهن.
”حميد سنڌي جي ڪھاڻين ۾ موضوع جي سادگيءَ کان اظھار جي نفاست تائين هڪ پنھنجي انفراديت آهي سٽن ۾ شاعراڻي ٻوليءَ جھڙا خيال، لفظن جي چونڊ، موقعي جي مناسبت سان ٺھڪندڙ محاورا ۽ چوڻيون سندس ڪھاڻين جي ڪاميابيءَ جو راز آهن“. (14)
حميد صاحب کي سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور پاڪستان حڪومت پاران 23 مارچ 1990ع تي ”تمغہءِ امتياز“ ۽ 1993ع ۾ صدارتي ايوارڊ ”اعزازِ فضيلت“ مليا آهن. ان کان سواءِ کين اڪيڊمي آف ليٽرز، سنڌالاجي، پاڪستان رائيٽرس گلڊ، سگا ۽ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو.
سنڌي ٻولي ۽ ادب سان پيار ڪندڙ حميد سنڌيءَ کي اڃا بہ ڪيترن ئي ڪردارن تي لکڻو هو ”هڪ هنڌ ڪيڏو نہ پيار سان ۽ اميد ڀرئي ماحول ۾ لکيو اٿائين تہ مونکي يقين آهي تہ هن ڀيري جڏهن نئين ڌرتي، نوان ويس وڳا پھري پنھنجي نئين روپ سان سمنڊ چيري ٻاهر نڪرندي تہ مان حضرت نوح جي ٻيڙيءَ ۾ سوار نسلن جي نسلن کي آباد ڪندس ۽ پوءِ مان انھن سنڌ جي نون نسلن تي نئين سر نيون ڪھاڻيون لکندس جن جا ڪردار فرشتن جھڙا هوندا“. (15)
نتيجو
حميد سنڌيءَ جي افسانوي ادب جو اڀياس پيش ڪرڻ بعد اهو نتيجو ظاهر ٿيئي ٿو تہ هُو ڪُل وقتي ڪھاڻيڪار هو ۽ ڪڏهن بہ ورچي نہ ويٺو هُن سنڌي ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ بي مثال خدمت ڪئي، سندس ڪھاڻيون، پلاٽ، منظرنگاري ۽ وڻندڙ موضوعن سان گڏ خاص طور بياني قوت، ٻوليءَ جي سونھن، ڪردارنگاري ۽ سنڌي سماج جي حالتن جو حقيقي عڪس پسائيندڙ سگهاريون ڪھاڻيون آهن جي سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾ هڪ اهم حيثيت رکن ٿيون.
حميد سنڌيءَ جي وفات 3 جنوري 2020ع تي ٿي. کين سندن اباڻي قبرستان نوشھروفيروز ۾ رکيو ويو آهي. پنھنجي فن معرفت هو هميشہ زندہ رهندو.
حوالا
1- جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد ٽيون) سنڌي لئنگيئج اٿارٽي، حيدرآباد 2006ع صہ‐89
2- ميمڻ، پروين موسى، ڊاڪٽر/ حميد سنڌي روبرو انٽرويو 26‐9‐2007، (را قمالحروف جو پي.ايڇ.ڊي جو مقالو، عنوان) ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي (اڻ ڇپيل)، 2012ع، صہ‐431
3- حميد سنڌي، ”اداس واديون“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1985ع، صہ-45
4- حميد سنڌي، ”ويريون“، زندگي پبليڪشن حيدرآباد، 1984ع، صہ-68
5- عباسي، تنوير ڊاڪٽر/حميد سنڌي، ”راڻا جي رجپوت“، زندگي پبليڪيشن حيدرآباد، 1984ع، صہ،10
6- ساڳيو حوالو صہ-16
7- روبرو انٽرويو26-9-2007، حوالو نمبر 2، صہ‐432
8- مورائي، ناصر/حميد سنڌي، ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1996ع، صہ-ح
9- منگهاڻي، جنت علي محمد/حميد سنڌي، ”سو مون سڀ ڄمار“، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد 2007ع، صہ-68
10- ساڳيو حوالو، صہ-92
11- حميد سنڌي،”درد ونديءَ جو ديس“ زندگي پبليڪيشن حيدرآباد، 2002ع، (مھاڳ)
12- حميد سنڌي، ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1996ع، (ٻہ اکر)
13- ريحانہ نظير، ڊاڪٽر، ”نجم عباسي جديد انقلابي فڪر جو ترجمان“، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2016ع، صہ-261
14- چانڊيو، خادم حسين، ”مارو جي ملير جا“، گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد 2001ع، صہ-224
15- پنھور، نياز، ”حميد سنڌي، جيڪو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي پراڻي لڙهيءَ جو آخري مڻيو هو!“
”ڪاوش دنيا“مئگزين، آچر 2 جنوري 2020ع، صہ-8.
(سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، جون 2021ع)