محمد علي پٺاڻ جي تحريرن جو جائزو
Muhammad Ali Pathan is famous writer of Sindhi literature. He was born on 3rd February, 1962 in Larkana. After passing his MA in Sindhi literature, he began working in sindh education Department. Muhammad Ali Pathan commenced his writhing art by 1974. Staring from poetry was published named “akyoonaalachand” in 1988. Moreover, he contributed by writing essays, dramas, life sketches, and short stories, published on daily basis in newspaper and magazines. Mr Pathan sahib possesses great command on various topics at different levels in prose and poetry. More or less, 20 books are to his credit.
Hence, in this paper, I express his quality of work which he shares in all sorts of topics especially in poetry, dramas, and short stories.
تخليقي ادب انساني حياتيءَ جو هڪ اهم حصو ۽ سندس حياتيءَ جو آئينو آهي. ”ادب ڪنھن بہ ٻولي علائقي يا قوم جو قيمتي سرمايو هوندو آهي، جنھن ۾ علاقائي ماحول، سماجي پس منظر، سياسي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ٿيئي ٿي. فڪر و نظر، نظام ۽ نظريي جي واڌ ويجهہ کي اهڙي طرح محفوظ ڪيو وڃي ٿو جيئن ماضي ۽ حال کي نظر ۾ رکي مستقبل جي امڪانن کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي. ادب دراصل فڪري، نظرياتي ۽ روحاني ارتقا جي لفظي شڪل آهي“.(1)
جديد ادب جي ليکڪن ۾ هڪ اهم نالو محمد علي پٺاڻ جو شمار ٿيئي ٿو. هن 3 فيبروري 1962ع تي حبيب ﷲ پٺاڻ جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ بعد گورنمينٽ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو استاد مقرر ٿيو. ادب ۾ هن ڪھاڻيون، مضمون، ڪالم، ناول، ڊراما ۽ خاڪا لکيا آهن ۽ شاعر طور چڱين صنفن ۾ هٿ ونڊايو آهي. سندس لکيل مواد مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تہ تواتر سان شايع ٿيئي ٿو پر هو فيس بُڪ جو بہ هڪ سرگرم ميمبر آهي جتي کيس ترت ئي مڃتا ملي ٿي. پنھنجون مختصر ڪھاڻيون fb تي پابنديءَ سان رکندڙ آهي جن تي ڪيترائي ڪمينٽس ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جو موجودہ وقت جو هڪ سٺو ٽرينڊ آهي ڄڻ تہ فيس بڪ سنڌي ادبي سنگت جي شروعاتي دور جي ڪھاڻي ڪلاسن جو پورائو ڪيو آهي. fb تي آيل تنقيدي رايا ادب جي وڌڻ ۾ معاون آهن. پٺاڻ صاحب ڪيترن ڪتابن تي تبصرا پڻ لکيا آهن جي پڻ گهڻي ڀاڱي ڪاوش مئگزين ۾ شايع ٿين ٿا.
شاعريءَ طور هن جن صنفن ۾ لکيو آهي انھن ۾ غزل، بيت، نظم، آزاد نظم، چؤسٽا، دوها، گيت، وايون ۽ ترائيل آهن.
محمد علي پٺاڻ، لکڻ جي شروعات 1974ع کان ڪئي شروع ۾ شاعري ڪيائين ۽ پوءِ ڊرامن ۽ ڪھاڻين معرفت مقبول ٿيو تہ ڪالم ۽ مضمون پڻ لکيائين.
سندس مڪمل ڪتاب 1988ع کان ڇپجڻ شروع ٿيا جي منھنجي هن مضمون لکڻ تائين 16 ڪتاب آهن (ٻيا پڻ شايع ٿيندا رهن پيا جو هُو مستقل ۽ مسلسل لکندڙ آهي) جن ۾ 8 شاعريءَ جا، ٻہ ٽي.وي ڊرامن جا ۽ چار ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ اردو ترجما آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو پڻ ٽيھن تائين آهي. ان کان سواءِ ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ بيگم اشرف عباسي ۽ سوڀوگيانچنداڻيءَ جون آتم ڪھاڻيون آهن. پٺاڻ صاحب جي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب ”اکيون آلاچنڊ“ (نثري نظم) 1988ع ۾ ڇپيو ان کان پوءِ ”عاشورا آهن“ (1995ع)، ”اگهيا اوجاڳا“ (وايون 2000ع)، ”ڀڳو آرس اکڙين“ (2001ع)، ”مسافتون ياد جون“ (ڪوتا ناول، 2013ع هيءُ نئين نوعيت جو ناول آهي جنھن جو اردو ترجمو ننگر چنا ”مسافتين ياد کي“ جي عنوان سان ڪيو آهي)، ”مونکي آھ اٿاريو“ (2016ع)، ”وقت بيھي نٿو“ (طويل نظم، 2018ع)، ”جان جيئان تان پاڙيان“ (نظم، 2019ع) آهن. ناٽڪن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”اڇي رات ڪارو چنڊ“ (ٽي.وي ڊراما سيريل، 2016ع) ۽ ”سامين سمر سور“ (ٽي.وي ڊراما سيريل) آهن.
ڪھاڻيڪار طور محمد علي پٺاڻ جو پورهيو مڃڻ جوڳو آهي، سندس ڪھاڻيون روزاني ڪاوش ۾ باقاعدگيءَ سان ڇپجنديون رهن ٿيون. جن جا چار مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. سندس پھريون مجموعو ئي ايوارڊ يافتہ ٿيو. ”ميندي لھڻ کان اڳ“ جي عنوان سان هيءُ ڪھاڻين جو ڪتاب 2016ع ۾ شايع ٿيو. انھيءَ کان پوءِ جي ڪھاڻي ڪتابن ۾ ”سئو لفظ سئو ڪھاڻيون“ (2018غ)، ”دنيا کان اڳتي“ (2019ع) ۽ ”طوفان ۾ ڪکائون گهر“ 2020ع ۾ شايع ٿيا آهن. محمد علي پٺاڻ انھن ڇپيل ڊرامن کان سواءِ ٻيا پڻ ڪيترائي ڊراما لکيا آهن. جن ۾ ”قومي شاعر“، ”بک بڇڙو ٽول“، ”پاڻيءَ جا شھيد“ ۽ ٻيا آهن، جي ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن، اڻ ٽيليڪاسٽ ٿيل ڊراما پڻ موجود آهن. هن خاص طور شاعري، ناٽڪ ۽ ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ گهڻو لکيو آهي. هيٺ سندس فن مان ڪتابن جو مختصر جائزو ڏجي ٿو.
اڇي رات ڪارو چنڊ: محمد علي پٺاڻ جي لکيل ناٽڪن جو مجموعو پيڪاڪ پرنٽرز شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو مھاڳ مھتاب اڪبر راشدي لکيو آهي. 410 صفحن جي هن ڪتاب ۾ آيل ناٽڪ، ”اولڙو“، ”اٽڪل“، ”تازي قبر“، ”ڌنڌو“، ”ستون نمبر“، ”بيداد ڪوڙڪي“، ”سينور“، ”سراب“، ”حسرت“، ”هينئڙو مون لوڻ ٿيئي“، ”ڪوڙڪي“، ”پاڻيءَ پنا ڏينھڙا“ ۽ ٻيا آهن. انھن ڊرامن ۾ سماج جي ناڪاري روين جي چترڪاري ڪيل آهي. سڀئي ناٽڪ ڪارنھن جي موضوع تي آهن. ڊرامائي مجموعا شايع ٿيل هر ادب ۾ گهٽ ئي ملن ٿا ۽ سنڌي ادب ۾ تہ تھائين گهٽ آهن. جڏهن تہ شروع ۾ اسٽيج ۽ بعد ۾ ريڊيو پوءِ ٽي.وي لاءِ ڪيترن ناٽڪ نويسن ناٽڪ لکيا آهن پر ڇپيل ڪتاب مرزا قليچ بيگ، اسماعيل عرساڻي، م.ع ڏيپلائي، شمشير الحيدري، طارق عالم ابڙو ۽ ڪجهہ ٻين جا آهن. انھيءَ لحاظ کان موجودہ دور ۾ هيءُ هڪ نئون ناٽڪن جو مجموعو ادب ۾ اهم اضافو آهي. جنھن جو انتساب محترم علي قاضيءَ جي نالي آهي.
سامين سمر سور: محمد علي پٺاڻ ڊرامن جي هن ڪتاب جو عنوان شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي سررامڪليءَ مان ورتل آهي. جو بيت شاھ جي رسالي (شاھوائي، صاحب جو رسالو) ۾ هن ريت لکيل آهي.
سامِينَ سَمَرُ سُورَ، گوندر گبرينَ ۾،
جڙي ٻڌائون جانِ ۾، پيغامَن جا پورَ،
آديسي آسُورَ، وَڄائي واٽ ٿيا.
(سررامڪلي، 3-12)
ڊراما سيريل پنجن قسطن تي مشتمل جو هي ڇپيل ڪتاب سنڌي ڊراما نويسيءَ جي تاريخ ۾ اهم اضافو آهي. هن ڊرامي جو مرڪزي ڪردار هڪ جوڳي آهي ۽ ٻيو اهم ڪردار مواليءَ جو آهي. اهڙيءَ ريت هن ڊرامي ۾ جوڳين ۽ موالين جي حياتيءَ جا مختلف پھلو، انھن جو ماحول ۽ ٻولي ڏسيل آهن، گڏ ليکڪ اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ اسان وٽ غريب ۽ مسڪينن جو اوهي واهي ڪوبہ ڪونھي جوڳيءَ جو محنت سان هٿ ڪيل نانگ چوري ٿي وڃي ٿو ۽ موالي چور آهي ٻنھي جي انھيءَ عمل پويان ڏک، بک، مسڪيني ۽ سماج جون ابتر حالتون لڪيل آهن، خاص وڏيرن ۽ پوليس وٽان انصاف نہ ملڻ، رشوت ۽ سفارش جھڙن ڪڌن رواجن جو وڌڻ معاشري جي سماج زبون حالتن جو پتو ڏين ٿيون. هيءَ ڪھاڻي دلچسپ ڊرامائي انداز ۾ پنجن قسطن ۾ ٽي.وي تي پيش ٿي ۽ پيڪاڪ پرنٽرز ڪتابي صورت ۾ آندي.
آشورا آهن: شاعر طور پٺاڻ صاحب جو پھريون ڪتاب آهي، جو سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو سنڌ، نومبر، 1995ع ۾ شايع ڪيو. جنھن جو انتساب افضل قادريءَ جي نالي آهي. شاعريءَ جي 212 صفحن جي هن ڊيمي سائز جي ڪتاب ۾ نظم، آزاد نظم، ترائيل، غزل، وايون، دوها، بيت، چؤسٽا ۽ گيت آهن. مھاڳ ڊاڪٽر اياز قادريءَ جو لکيل آهي. قادري صاحب لکي ٿو تہ، ”محمد علي پٺاڻ شاعريءَ جي گهڻين صنفن تي لکيو آهي، گهڻو لکيو آهي ۽ هر صنف کي فني نقطئہءِ نگاھ کان خوب نڀايو آهي. هن جي شاعريءَ جي وڏي خوبي آهي لفظن جو تُز استعمال. هن پنھنجي نفيس ۽ نازڪ خيالن جي ترجماني، سھڻن، سلوڻن ۽ سادن لفظن سان ڪئي آهي“. (2) هن ڪتاب جو پَسِ لفظ آخر ۾ انعام شيخ جو لکيل آهي.
مونکي آھَ اٿاريو: محمد علي پٺاڻ جو ڪتاب 2016ع ۾ ڪونج اڪيڊمي ڪراچي شايع ڪيو آهي. جنھن جو انتساب سندن ننڍڙي ڏوهٽي روشني پٺاڻ جي نالي آهي، (جا فيس بُڪ تي شاھ لطيف جا بيت سھڻي ادائگيءَ سان پڙهندي سندن وال تي نظر ايندي آهي). هن غزلن جي مجموعي جو پيش لفظ امر پيرزادو ۽ مھاڳ عزيز سولنگي لکيو آهي تہ پروفيسر ساجد سومرو مقدمي ۾ سندس فن جي اوک ڊوک ڪئي آهي. ساجد سومرو موجب تہ، ”شاعري شعور جو اهو پئمانو آهي، جنھن ۾ احساس جو جام فن جي صراحيءَ ۾ صاحبِ ذوق وجمال اڳيان پيش ڪجي ٿو ۽ خمارِ بيداريءَ يا عالم بيداريءَ جا دور شروع ٿي وڃن ٿا، جتي مدہوشيءَ جي بي خبر خوديءَ جا پئمانا پاڻ مرادو هارکائي وڃن ٿا ۽ جيت آڳ جي ئي ٿيئي ٿي“. اڳيان چوي ٿو تہ، ”محمد علي پٺاڻ جو شاعراڻو الھامي آواز ڏاڍو سگهارو آهي ڇو تہ، ”آھ اُٿاريو“ Based آهي ۽ آھ کان وڏي اُڏام نہ ڪنھن کي ملي آ نہ ملندي. شاعراڻي منطق ۾ محمد علي پٺاڻ جو تخيل، منطقي ۽ مدلل آهي جيڪو بازارِ ذوق و جمال ۾ خريدار کي ايئن ڇڪي ٿو وٺي جيئن مقناطيس لوھ کي ڇڪي وٺندو آهي“. (3)
هن ڪتاب جو عنوان شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي بيت مان ورتل آهي. بيت هن ريت آهي،
سُتي سيجَ هـيـاس، مـونـکـي آھَ اٿـاريـو،
جنين جاڳاياس، آئون نہ جيئندي ان ري.
ڪتاب ۾ اهو بيت هڪ صفحي تي آيل آهي پر انھيءَ ۾ اهو سر ۽ داستان ڏنل نہ آهن جتان هي بيت چونڊيو ويو آهي. سُر رامڪليءَ مان ورتل هن بيت جي عنوان سان ڪتاب جي سونھن ۾ چار چنڊ لڳي ويا آهن. (مون هڪ ڪتاب ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ 2008ع ۾ ترتيب ڏنو هو جنھن ۾ سنڌي ادب جي نظم ۽ نثر جي انھن ڪتابن جو تفصيل ڏنو آهي جن جا عنوان شاھ لطيف جي رسالي مان ورتل آهن انھيءَ مان ناول، آتم ڪھاڻيون، سفرناما يا نثر جا ٻيا ڪتاب ۽ شاعريءَ جا آهن انھن سڀني جو وچور الڳ الڳ ڏنل آهي. گڏ ليکڪ جو نالو، ڪتاب جو موضوع ۽ شاھ جو بيت، سر ۽ داستان ڏنل آهن. پنھنجي نوعيت جو سنڌي ادب ۾ هيءُ واحد ڪتاب آهي جنھن ۾ 300 ڪتابن جو تفصيل ڏنل آهي. 200 عنوان مون ٻيا پڻ ڳولي رکيا آهن جي نئين ڇاپي ۾ آڻبا).
لطيفي فن کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ جو اهو هڪ بھترين ذريعو آهي تہ اسان جا اديب جنھن بيت مان عنوان پنھنجي ڪتاب لاءِ چونڊين اهو بيت ڪتاب جي شروع ۾ الڳ هڪ صفحي تي سُر ۽ داستان سان ڏين.
پٺاڻ صاحب جي هن ڪتاب ۾ 109 غزل آهن، جن جا موضوع، عشق، محبت، وفا، جفا، ۽ حسناڪيون آهن. چوي ٿو تہ،
نہ ڄاڻان ڇو سندءِ درتـان، اسـان ڌتـڪـارجـي ويـاسـيـن،
ڌڏي ڌرتي نہ، ٻيو ڪجهہ ٿيو، مگر ميسارجي وياسين!
لڳائڻ دل وڏو ڪو پاپ هو، جنھن جـي سـزا خـاطـر،
سندءِ زندان جي سوريءَ تي سينگارجي وياسين! (4)
جان جيئان تان پاڙيان: شاعريءَ جو ڪتاب آڪٽوبر، 2019ع ۾ پيڪاڪ پرنٽرز شايع ڪيو. شاھ لطيف جي هيٺين بيت مان هيءُ عنوان ورتل آهي.
ڪنڌِ ڪاسو، پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ،
سندو مارؤَ حق، جان جيئان تان پـاڙيـان.
ڪتاب جو انتساب ليکڪ جي دوست ۽ صحافي مرتضىٰ ڪلھوڙي جي نالي آهي. 220 صفحن جي هن پڪي ۽ خوبصورت ٽائيٽل ڪور جي ڪتاب جي اندرين ليف ۾ ٻنھي پاسن اياز گل ۽ ادل سومرو جا رايا آهن تہ بيڪ ٽائيٽل تي اعجاز منگي لکيو آهي. ٻہ مھاڳ لکيل آهن، امداد حسيني ۽ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جا تہ ”جنين پڃايو پاءَ“ جي عنوان سان احمد سلطان کوسو پنھنجا ويچار ونڊيا آهن.
هن ڪتاب ۾ نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم آهن، پر فھرست موجود ڪونھي، ڪتاب جي آخر ۾ انگريزيءَ ۾ تفصيلي راءِ ڄام جمالي ڏني آهي. هن شعري مجموعي ۾ آيل نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم لفظن جو حسن ڄاڻائين ٿا تہ موضوع طور سنڌڪيس کي شاعر ان ريت کنيو آهي جو سنڌو دريا/”ندي هوريان وهي ٿي پئي“، کي پيش ڪيو آهي. سنڌو نديءَ جو جوڀن ياد ڪيو ويو آهي جا اداسيءَ جو منظر بڻجي شاعر جي دل ڏکوئي ٿي. نڌڻڪي ٻار جيان طعنا سھندي اڳتي وڌي ٿي پئي. نديءَ جي اداسائي، نراسائي اکين جي نظر کي لڙڪن سان لبريز ڪري ڌنڌ لوڪري ٿي پئي.
هيءُ طويل نظم سنڌو دريا جي سُڪڻ جو نوحو“ آهي جنھن سببان سنڌ جون ٻنيون ويران، ڌرتي ڌڻي پريشان آهن. سنڌ سرزمين سان محبت محمد علي پٺاڻ جي هن مجموعي ۾ جابجا پسجي پئي. ”تون درد نہ منھنجو ڄاڻين ٿو....“، ”ستاويھ ڊسمبر اهو ڏينھن آهي....“ (محترما بينظير ڀٽو جي شھادت تي لکيل)، ”سنڌ صدين کان قائم آهي“، ”جيڪا ڌرتي امن جي علامت هئي“، ”مھين جو دڙو“ ۽ ٻيا ڪي نظم سنڌ جي ڏکن ۽ سورن جي داستان آهن. هن شعري مجموعي جي موضوعن ۾ جهموريت، امن، انصاف، ظلم، انارڪي، موت ۽ حيات جو فلسفو، نقلي دوائن ۽ اسپتالن ۾ مريضن جون ڏکيون حالتون، مھنگائيءَ جا ڪلور، ڪارو ڪاري جو ڪڌو رواج، قسمت جا ڦير، سنڌ ۾ ماڻھن جا ٺاهيل جڙتو قدر، اظھار جي آزاديءَ تي پيل پابنديون ۽ ٻيا موضوع آهن. جن ۾ انساني حقن جي لتوڙ خلاف احتجاج آهن تہ سنڌ سان ٿيل ڪلورن تي آواز اٿاريل آهن. چند اهم شخصيتن کي ڀيٽا پڻ آهي جيئن، شھيد ذولفقار علي ڀٽو، محترمہ بينظير ڀٽو، شمشيرالحيدري، رزاق مھر، امداد حسيني آهن. ”سنڌ صدين کان قائم آهي...“ ۾ چوي ٿو تہ،
سنڌ صدين کان قائم آهي،
توڙي جو هر دور انھي کي،
گهرا گهرا گهاوَ رسايا،
ڪڏهين ٻوڏون، ڪڏهين ڪاهون،
ڪڏهين گهاڻا، ڪڏهين ٿاڻا،
ننڍڙا وڏڙا رَتَ رتاڻا،
سھڻي ڀاڱا، سسئي ٽڪرا،
مومل آڳ الن ۾ ويڙهيل،
رستا اکڙيل ۽ دونھاٽيل،
حيرت آ پر سالم آهي!،
سنڌ صدين کان قائم آهي... (5)
محمد علي پٺاڻ بحيثيت ڪھاڻيڪار ملھايو آهي. هن مختصر ۽ بنا ٺاھ ٺوھ جي ساديون سوديون، سچيون پچيون ڪھاڻيون لکيون آهن جن جي موضوعن جي چونڊ هن پنھنجي ئي آس پاس پکڙيل ڪردارن ۽ ماحول معرفت ڪئي آهي. جتي بہ هن کي ڪا ڳالھ چڀي ۽ محسوس ٿي هن انھيءَ کي قلم معرفت ڪھاڻيءَ جي روپ ۾ آندو سندس دردمند مدن دل ٻين جي درد کي پنھنجو درد، ٻين جي ڀوڳنا کي پنھنجي ڀوڳنا ڪري ورتو آهي. سماجي اڻ برابري، ڏک، بک، مفلسيون، پيڙائون ۽ مامرا کيس بيان ڪرڻ جو ڏانءُ اچي ٿو.
ميندي لھڻ کان اڳ: ماءِ پبليڪيشن سکر 2016ع ۾ شايع ڪيو، جنھن ۾ 26 مختصر ڪھاڻيون آهن. بدر ابڙو، مدد علي سنڌي ۽ بادل جماليءَ جا ڪتاب بابت ليک آهن تہ انتساب انور ابڙو جي نالي آهي. هن ڪتاب تي ليکڪ کي 2016ع جي بھترين ڪھاڻين جي ڪتاب جو ايوارڊ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران مليو آهي. بادل جمالي، ”ليکڪ ۽ سندن ڪھاڻيون منھنجي نظر ۾“ جي عنوان سان ۾ لکيو آهي تہ، ”محمد عليءَ وٽ شاعر ۽ ڪھاڻيڪار سان گڏ هڪ حساس صحافيءَ واري نظر بہ آهي. هو گهمندي ڦرندي، چوڌاري ڳولائو نظرن سان ڏسندو رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن نظر نہ ايندڙ ڪي ننڍڙا واقعا ۽ منظر جيڪي عام ماڻھوءَ کي شايد متاثر نہ بہ ڪن، هُو انھن کان ڏاڍو متاثر ٿيئي ٿو ۽ فوراً ان تي ڪو نظم يا ڪا ننڍڙي ڪھاڻي لکي ٿو وٺي. ”وڻ منھنجو، دوست آ“، ”حسرت“، ”آخري ويگن“، ”قيمت رڳو چار رپيا“، ”قطار“، ”شان“، ”بوڇڻ“، ”واردات“ وغيرہ ان جا ڪجهہ مثال آهن. جن جا موضوع بظاهر تہ شايد معمولي آهن پر انھن ۾ بيان ڪيل احساسن جي باريڪ نقطي کي هن جي حساس تخليقڪار خوبصورت ڪھاڻين ۾ بدلائي ڇڏيو آهي“. (6)
هن ڪتاب ۾ آيل مختصر ڪھاڻين ۾ ”اولڙو“، ”اوڇنگار“، ”ٽيون وڳو“، ”تازي قبر“، ”فائر“، ”عقلِ ڪل“، ”ميندي لھڻ کان اڳ“، ”مڃتا“، ”خاموشيءَ جي اوندھ“، ”مار تہ متارو ٿئين“ ۽ ٻيون آهن. جن ۾ موضوع طور سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ڌاڙيلن جو آزار، ڪارو ڪاري، ٻھراڙين ۾ ٿيندڙ وڏيرن جا ظلم، مقامن تي قبضا، قبائلي تڪرار ۽ ٻيا آهن.
ڪارنھن جي موضوع تي هن ڪتاب ۾ ڇھ ڪھاڻيون آهن جن ۾، ”اولڙو“، ”ستون نمبر“، ”تازي قبر“، ”ميندي لھڻ کان اڳ“، ”نئين ماءُ“، ”هڪ گڏھ جو موت“ (ڪاري جو الزام هڪ انسان بدران جانور تي)، انھن ڪھاڻين ۾ سردارن ۽ راڄ جي ڀوتارن جي الزام لڳائندڙن سان ملي ڀڳت، نہ ٿيل ڏوهن جا ڏنڊ ۽ نہ تہ قتل. هڪ غريب دنيا جون عجيب ڪھاڻيون آهن. هن مجموعي جون اڪثر ڪھاڻيون مختصر، بياني ۽ مڪالماتي آهن. جن جي اثرانگيزي انھن ڪھاڻين جي موضوعن ۽ پيشڪش ۾ آهي. محمد علي پٺاڻ وٽ نت نوان موضوع آهن. ٻوليءَ جو استعمال مناسب پر پيشڪش لاجواب آهي. احساساتي، سچيون، واقعاتي ۽ حقيقي ڪھاڻيون جن جا پلاٽ مظبوط آهن. گهڻي ڀاڱي ڳوٺن جا موضوع ۽ ماحول آهي، جنھن ۾ سنڌي سماج جي گهرو حالتن جا عڪس چٽاپٽا پسجن پيا.
سئو لفظ سئو ڪھاڻيون: محمد علي پٺاڻ ادب ۾ نون نون تجربن سان لکڻ جو ڏانءُ ڄاڻي ٿو. جنھن جو مثال سندس ”ڪوتا ناول“ آهي. ان کانسواءِ هي نئون ڪتاب هڪ سئو ڪھاڻين تي مشتمل آهي جن ۾ هر هڪ ڪھاڻي سئو لفظن جي آهي، اهو هڪ تمام ڏکيو مرحلو آهي. لکڻ وقت لکندڙ جو ڌيان ڪھاڻيءَ جي موضوع، پلاٽ، ٻولي، پيشڪش مطلب تہ فني گهرجن ڏي بہ هجي ٿو تہ سندس اندر جو فنڪار پنھنجي موضوع جي وضاحت بلڪل مختصر ۽ توريل تڪيل ۽ ڳڻيل لفظن ۾ حساب جيان ڪري اهو ناممڪن نہ تہ مشڪل ضرور آهي. محمد علي پٺاڻ هڪ نئين سوچ، ذوق ۽ شوق تحت اهي ڪھاڻيون لکيون ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون جن جو ڪتاب پيڪاڪ 2018ع ۾ شايع ڪيو. هن کان اڳ سليم چنا هڪ سِٽيون ڪھاڻيون پڻ لکيون هيون ان ريت جديد مختصر ڪھاڻيءَ ۾ نوان نوان تجربا اچن پيا.
هن ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻين جا عنوان ”بادشاهي خيال“، ”هوا جو رُخ“، ”نوان پيڇرا“، ”روپوش“، ”تاريخ جي آئيني ۾“، ”سچ جو انعام“، ”ٽچ اسڪرين موبائيل“، ”فيس بُڪ“، ”ڪشڪول“، ”مجبوري“، ”هاف فرائي“، ”بجلي، ڊاڪٽر ۽ عوام“، ”پاڳل اميد“، ”تاريخ جو رڪارڊ“، ”عورتن جي ادبي سنگت“، ”شامِ غريبان“، ”دُعا جو در“، ”نئون رواج“، ”بيروزگاري“ ۽ ٻيون آهن. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي امر لغاري ۽ اِنرليف تي بادل جماليءَ ۽ زرار پيرزادي جون لکيل سٽون آهن تہ اختر جانوريءَ جو مھاڳ لکيل آهي. ارپنا وحيد علي پٺاڻ ۽ روحي بانو پٺاڻ (ناٺي ۽ نياڻيءَ) جي نالي آهي. هن ڪتاب جون ڪي ڪھاڻيون ”ڪاوش مئگزين“ ۾ ۽ ٻيون سال کن ”عوامي آواز“ ۾ لاڳيتو شايع ٿينديو رهيون جي ڪل اڍائي سئو کن هيون، جن مان هڪ سئو کي ترتيب سان هن ڪتاب ۾ آندو ويو آهي. اهي ننڍيون ڪھاڻيون وڻندڙ ضرور آهن پر اثرائتيون مڪمل طور نہ آهن جو لفظن جي تور تڪ يقيناً ليکڪ کي فري هئنڊ نٿي ڏي هُو لفظن جي پابنديءَ سبب هر موضوع کي ان ريت اظھار ڪري نٿو سگهي جھڙيءَ ريت ڪرڻ چاهي تہ بہ مقصدي طور هنن ڪھاڻين ۾ ڪي اثرائتيون ڪھاڻيون آهن جي سنڌي فڪشن ۾ هڪ نئون اضافو پڻ شمار ٿين ٿيون. اختر جانوري مھاڳ ۾ لکيو آهي تہ، ”هنن پتڪڙين ڪھاڻين ۾ اهڙي قسم جو شغل رکيو ويو آهي ۽ اهو آهي لفظن جو ”محدود عددي استعمال“، سئو لفظن جي پابندي، هنر تہ پنھنجي جاءِ تي آهي پر آهي وقت جو زيان ۽ ڪئالٽي تي سمجهوتو“. (7)
بھر حال مڪمل طور ايئن نہ آهي اهي ڪھاڻيون پنھنجي جڳھ تي وڻندڙ ۽ ادب ۾ نواڻ طور اهميت جوڳيون آهن.
دنيا کان اڳتي: محمد علي پٺاڻ جو ڪھاڻين جو مجموعو، پيڪاڪ پرنٽرز 2019ع ۾ شايع ڪيو آهي. ارپنا بادل جماليءَ جي نالي آهي. هر ڪتاب جيان شروع ۾ ليکڪ جي سڃاڻپ ڏنل آهي. مھاڳ زيب سنڌي ۽ ڪتاب بابت انور ابڙو ۽ ابراهيم کرل جا ليک آهن. ٽائيٽل جي اِنرليف تي غلام نبي مغل ۽ رضوان گل جا رايا تہ بيڪ ٽائيٽل تي حميد سنڌيءَ جون سٽون آهن. تہ مشتاق ڪلوڙ جي مختصر راءِ سان گڏ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڄام جماليءَ پاران تفصيلي راءِ آخر ۾ ڏنل آهي. 168 صفحن جي هن ڪتاب ۾ 66 ڪھاڻيون آهن جن جا عنوان ”بابي جو نالو“، ”ڀنڀور کي باھ“، ”عقل اوجارو“، ”پيٽ ۾ سُور“، ”وارث“، ”آڏو ٽڪرٽر“، ”گهنگهر گهڻو ٿياس“، ”شاھ عبدالطيف ۽ لنڊن“، ”وڄي بانسري“، ”رهندا وڃي ڪاريءَ وارا ڪک“، ”ان جو منھن جنڊ ڏي“، ”سک جو ساھ ۽ آجپو“، ”ڳچيءَ ۾“، ”رَوِش“، ”ٽه پتائي سياست“ ۽ ٻيا آهن. هي ڪھاڻيون سنڌ جون ڪھاڻيون آهن، سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان ڳوهيل جيئرن جاڳندن ڪردارن جون ڪھاڻيون آهن جي وچولي ۽ هيٺين طبقي جي مسئلن کي ڄاڻائين ٿيو. شھرن جي بدلجندڙ دنيا تہ ڳوٺن ۾ آيل تبديليون، ڪارنھن جا الزام، ننڍيءَ عمر جون ۽ بي جوڙ شاديون، غربت سبب پيدا ٿيندڙ مسئلا، نالي ماتر غيرت سبب گهرن جو ٽٽڻ، اهي سڀ زميني حقيقتون آهن. جي ليکڪ سولي نموني مختصر انداز سان ڄاڻايون آهن. محمد علي پٺاڻ کي شاھ لطيف سان عقيدت آهي. هن جي ڪھاڻين جا عنوان ۽ چند ڪتابن جا نالا شاھ لطيف جي شاعريءَ مان چونڊيل آهن. مٿي آيل ڪھاڻين ۾ سنڌي پھاڪن ۽ چوڻين وارا عنوان پڻ ملن ٿا جي وڻندڙ محسوس ٿين ٿا.
”در کي ڪڙو“، هڪ بيمار گُردن جي مريض پيءُ جي ڪھاڻي، جو پنھنجي ٽنھي پٽن کي منٿون ٿو ڪري تہ ڀاڙو پري (Siut) سوٽ ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي وٽ پھچائين پر هُو اهو ڀاڙو پرڻ لاءِ بہ تيار ناهن ليکڪ هن ڪھاڻيءَ ۾ والدين جي ڏک ۽ اولاد جي بي حسيءَ جو نقشو چٽيو آهي. اهڙيون ٻيون ڪھاڻيون جي ننڍن واقعن ۽ وارداتن کي احساساتي انداز سان بيان ڪن ٿيون.
طوفان ۾ ڪکائون گهر: پيڪاڪ پبلشرز 2020ع ۾ شايع ڪيو آهي. خوبصورت ٽائيٽل ۽ سھڻي ڪاغذتي 128 صفحن جي هن ڪھاڻين جي ڪتاب جو پيش لفظ ماهتاب محبوب ۽ مھاڳ ڊاڪٽر نواب ڪاڪا ۽ تاثر ڊاڪٽر شير مھراڻي لکيا آهن. ارپنا ڊاڪٽر مرلي دَر مشھور يورولاجسٽ ايس.آءِ.يو.ٽي جي ڊاڪٽر جي نالي آهي. (ڊاڪٽر مُرلي پاڻ بہ سٺو اديب آهي ۽ سندس پتني پشپا ولڀ ڪھاڻيڪارا ۽ شاعرا آهي).
هن ڪتاب ۾ ڪُل 52 مختصر ڪھاڻيون آيل آهن جن جا عنوان ”خدا حافظ“، ”ٻي باھ“، ”گوشت ورهائجي ويو“، ”قانون جو مانُ“، ”ڇِڪ پنڌ کي“، ”انڌير نگري“، ”فيصلو“، ”چاراکيائي“، ”ڪاپي“، ”تيسين قرب ڪريو“، ”رسو“، ”سنئين واٽ“، ”انڌو عشق“، ”ڪنھن جي بہ نظر نہ لڳندي“، ”پھرين فرصت ۾“ ۽ ٻيا آهن.
انھن ڪھاڻين ۾ پوليس جو عوام سا ورتاءُ (قانون جو مانُ)، عورت ذات جي لاءِ سماج جي بيحسي (ٻي باھ)، سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ محبت (نوان دروازا کلندا)، سرمائيدارن جا ظلم (ڇِڪ پنڌ کي)، هڪ باضمير ۽ سچي استاد طرفان شاگردياڻيءَ کي سمجهائڻ ۽ ساڻس شاديءَ کان روڪڻ (خدا حافظ)، رولو ڪتن جو آزار ۽ معصوم ٻارن جو مرڻ (هنيانوَ ۾ چھنڊي)، قربانيءَ جي گوشت جو غلط استعمال ۽ اميرن جون فرجون ڀرڻ (گوشت ورهائجي ويو)، بيروزگاريءَ جي لعنت (هڪ پيءُ جو درد آهي، ڪھاڻي ”فوتي ڪوٽا“ ۾ جو پاڻ خودڪشي ڪري مري ٿو تہ جيئن سندس پٽ کي فوتي ڪوٽا ۾ نوڪري ملي سگهي). ”لازمي سنڌي هيئن پڙهائي“، سنڌ جي اهم موضوع تي لکيو آهي سندس موقف آهي تہ سنڌي ٻار خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهڻ کان محروم آهن جيڪڏهن انھن اسڪولن مان ٻارن کي ڪڍرائي ڇڏجي تہ پوءِ اهي اسڪول ضرور سنڌي مضمون پڙهائيندا. اهڙا ٻيا بہ ڪيترائي موضوع آهن جي اڄ جي ضرورت آهن. ڪھاڻيڪار لکيو آهي تہ،
”منھنجون هي 52 ڪھاڻيون سچ پچ ٻاونجاھ لڙڪ آهن. جيڪي پنھنجي اکين مان اوهان جي اکين ۾ منتقل ڪيا اٿم. ان اميد سان تہ اوهان انھن جي پيڙا کي اوڏي ئي شدت سان محسوس ڪيو، سوچيو ۽ انھن کي اُگهڻ جا دڳ تلاش ڪريو، ڇو تہ ”ڏک پريان جا ڏيل ۾ واڄٽ جيئن وڄائبا“ ان لاءِ ئي آهن تہ انھن جو خاتمو ٿيئي ۽ سک شاخون ڪڍن“. (8)
محمد علي پٺاڻ جون ڪھاڻيون هڪ صفحي کان ٻن صفحن جون آهن، ڪي تمام ٿوريون ڪھاڻيون آهن، جي ڪجهہ وڏيون ڪھاڻيون هجن پر هو جيڪي چوڻ چاهي ٿو اهو ان مختصر کان مختصر ڪھاڻيءَ ۾ پڻ چئي ڄاڻڻ ڄاڻي ٿو. وٽس موضوعن جي نذرت آهي جو هن جي سماج جي هر ننڍي وڏي مسئلي تي نظر گهري آهي. ”سندس ڪھاڻين جا موضوع رت جي رشتن جون تلخيون، جاگيرداري نظام، ادارن جي تباهي، عطائي ڊاڪٽر، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، عدالتون، امتحانن ۾ ڪاپي ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا آهن“. (9)
نہ فقط موضوعن جي نواڻ آهي پر هن وٽ تمام گهڻا موضوع آهن جيڪا اڄڪلھ جي ڪھاڻيڪار ۽ پڙهندڙ لاءِ هڪ خوش آئيند ڳالھ آهي. آئون سمجهان ٿي انھيءَ تي جيڪڏهن ڌيان ڏنو ويو تہ سنڌي ڪھاڻي سماج جي انيڪ ننڍن وڏن مسئلن کي وائکو ڪندي مسئلن جا حل ڏيندي وڌيڪ هڪ پياري ۽ مقبول صنف بنبي ويندي. ڪيترن ئي معاملن تان پردا پاسي ٿيندا.
زاهد منگيءَ موجب تہ، ”محمد علي پٺاڻ جي جيتري لکڻ جي رفتار تيز آهي اوتري ئي سندس تيز نظر سماج جي مختلف معاملن ۽ مسئلن ڏانھن بہ آهي. عام طور تي جن اشوز ڏانھن ٻين ليکڪن جو خيال نہ ويندو آهي هي اهي موضوع پنھنجي لکڻين لاءِ چونڊي وٺندو آهي“. (10)
2020ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب جي چند ڪھاڻين جي اوک ڊوک ڪبي تہ ڪھاڻيڪار جو تحريري مؤقف يقيناً سامھون اچي ويندو.
سَمَڪَ: ڪھاڻي هڪ اهڙي پيرسن پيءُ جي آهي جنھن جو پٽ بہ ڪمائيندڙ ڪونھي لالچ ۾ اچي نياڻي ٽڪن تي وڪڻي ٿو پر ڇوڪري ضد ٻڌي ٿي ويھي تہ زهر کائينديس پر انھيءَ پوڙهي ڇھن ٻارن جي پيءُ سان شادي ڪونہ ڪنديس کيس ڪيئن بہ کنيل 4 لک واپس ڪيو نہ تہ آئون پاڻ کي ماريندس. نيٺ پڻس مجبور ٿي پٽي سٽي چار چگا وجهي ايلاز ڪري پئسا واپس ٿو ڪري پر کيس پوءِ نياڻيءَ لاءِ احساس بہ ٿيئي ٿو ۽ چويس ٿو تہ، ”ﷲ سَمَڪَ ڏنئي، جو انڪار ڪري منھنجي لالچ کي بہ ماريئي، نہ تہ سڄي عمر اهڙي گهر ۾ واقعي رَتُ پئي روئين ها ۽ مان بہ ان ڏوھ تي پاڻ کي ڪڏهن بہ بخش نہ ڪيان ها....! (11)
ٿڃ نہ بخشيندي سانءِ...: ڪھاڻي رمضان/رمو نالي شخص جي آهي جو غربت کان تنگ ٿي ٻن فردن کي اغوا ٿو ڪري، پر ماڻس کيس ايلاز ڪري ٿڃ نہ بخشڻ جون ڌمڪيون ڏيئي انھن مغوين کي آزاد ڪرڻ جو چوي ٿي جن کي پوءِ هو رات وچ ۾ اکين تي پٽي ٻڌائي مين روڊ تي پھچائي اچي ٿو. هو پاڻ ۾ چون ٿا تہ، ”ڪاش، سڀني ڌاڙيلن جون امڙيون ٿڃ نہ بخشڻ جھڙا اهڙا شرط رکي انھن بگهڙن کي ماڻھو بنائين، تہ جيڪر اسان جھڙا هرکائي ڦاسايل ماڻھو زنجيرن جا اهي عذاب سھن ئي نہ....“ (12)
هيءَ ڪھاڻي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ڌاڙيل راڄ تي چوٽ آهي. مغوين جو آل عيال کان پري رهڻ جو درد هڪ ماءُ محسوس ٿي ڪري ۽ رمضان کي پنھنجون سونيون واليون ٿي ڏئي تہ اهي کپائي جيڪو تو اغوا ڪرڻ تي خرچ ڪيو آهي ان جو پورائو ڪر پر هنن کي آزاد ڪر نہ تہ ٿڃ ڪونہ بخشيندي سانءِ.
مَتِ: ڪھاڻي گهريلو آهي جنھن ۾ ننھن پنھنجي سَسِ جي چوڻ کي روڪ ٽوڪ ڄاڻي ضد ٿي ڪري تہ يا مان پنھنجي پيڪن وڃان يا سَسِ مون کي سمجهاڻيون نہ ڏي ۽ مڙس سان بحث وچان سندس سَسِ اهو سڄو آواز ٻڌي اندر اچي کيس چوندي آهي تہ تون صحيح آن مان غلط هيس ”منھنجي روايتي سَسِ وانگر مَتِ موڪلائي وئي هئي“. ”هاڻي هي گهر تنھنجو آهي“. (12) جيئن ڪرين مطلب تہ هتي ليکڪ ننڍن ننڍن گهريلو مسئلن جو حل جيڪي سالن کان هلندڙ آهن مفاهمت ڏسيو آهي. نئين نسل کي واڳون ڏيڻ لاءِ وڏن کي ڪَسِ کائڻو پوندو.
جاءِ: ڪھاڻي موجودہ دور جي هڪ تمام وڏي مسئلي جي طرف نشاندہي ڪري ٿي. بيروزگاري، مھنگائي ۽ ان کان پوءِ بي ادبي ۽ صحيح نموني تربيت نہ ٿيل، اولاد جي ساڃھ موڪلائي ويل هجي ٿي ۽ هُو اڪثر پنھنجي والدين جي حياتيءَ ۾ ئي سندن ملڪيت جي ڪَٿَ ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ حصا پتيون کڻڻ لاءِ آتا هجن ٿا جو هڪ وڏو ڪڙو سچ آهي. هر هنڌ اها باھ ٻري پئي آهي. پٺاڻ صاحب هڪ وڏي مسئلي کي پيش ڪيو آهي جنھن ۾ هُن ٻن وڏن پٽن طرفان پيءُ تي آيل زور بار تہ هُو جاءِ لکي ڏي ۽ جنھن کي هُو وڪرو ڪري ڪو ڌنڌو ڪن، کي بيان ڪيو ويو آهي. لکي ٿو تہ، ”ٻيئي پٽ اکيون ڏيکاري ٻاهر نڪتا تہ مڙس ڏانھن نھاريندي پيرسن زال لڙڪ روڪي نہ سگهي سڏڪن گاڏڙ لفظن ۾ چيائين، ”عقل ڌار، سڄي عمر مزوريون ڪيئي هاڻي پيريءَ ۾ لٺيون کائي ٿاڻا پُڇائيندين ڇا؟ يا اٿئي انھن سواءِ ڪو ٻيو سھارو، ڏيئين جاءِ ۽ ڇڏائي پنھنجي جان....“ (14)
پٺاڻ صاحب کي شابس هجي جنھن اهڙن مختلف ۽ نون موضوعن تي قلم کنيو آهي. ڊاڪٽر نواب ڪاڪا موجب تہ، ”محمد علي پٺاڻ اڄ جي دور جو اهو ڪھاڻيڪار آهي، جنھن جو قلم انسان دوست طبعيت جو (Stethoscope) آهي جيڪو هر ڏکايل مرض ۾ ورتل فرد ۽ پوري بيمار سماج جي مرضن کي جانچڻ ۽ ان جو علاج ڪرڻ چاهي ٿو“. (15)
محمد علي پٺاڻ جي فن جي اڀياس مان معلوم ٿيئي ٿو تہ هُو گهڻ پاسائون ليکڪ آهي جنھن وٽ نت نوان موضوع آهن. موضوعاتي ساڳيائپ ۽ قلمي ورجاءُ کان هن پاسو ڪيو آهي. هو پنھنجي تحريرن ۾ پاڻ موجود آهي. ڪردارن ۾، مڪالمن ۾، ڪھاڻيءَ جي فن ۾ هُن ڪلائيميڪس ۽ ٽيڪنيڪ جو خاص خيال رکيو آهي، روايتي انداز کان هٽي ڪري لکيو اٿس. سندس نثر ۾ ٻوليءَ جو استعمال تي توجھہ مناسب آهي. جيڪڏهن ڪھاڻين جي ماحول، منظر نگاري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سھڻن سھڻن لفظن، تشبيھن ۽ حرف تجنيس سان سينگاريل جملن کي آڻي تہ شايد انھيءَ کان بہ وڌيڪ سندس فن جَرڪي جو کيس لکڻ جو ڏانءُ سٺو آهي.
نتيجو: محمد علي پٺاڻ گهڻ رُخو ليکڪ آهي. جديد شاعري، ڊرامي ۽ ڪھاڻيءَ ۾ سندس ڪم اهم آهي. 2- هن فني طور مظبوط تحريرون پيش ڪيون آهن. مختصر ڪھاڻي ۽ شاعريءَ ۾ نوان تجربا پڻ ڪيا آهن. هو گهڻو لکندڙ ۽ گهڻو ڇپجندڙ ۽ پڙهيو ويندڙ اديب آهي. سندس تحريرن ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ قوم سان پيار ۽ سماجي اوڻاين خلاف آواز اٿاريل آهي. جنھن جي لاءِ هُن ڪٿي ڪٿي انھن مسئلن جا حل پڻ ڏنا آهن. سندس لکڻيون بامقصد ۽ موضوعاتي طور وسعت واريون آهن. هن جا لکيل ڊراما ڏسندڙن گهڻا پسند ڪيا آهن. ناٽڪ نويسيءَ جي فن جي کيس پوريءَ پرخبر آهي. شاعر طور سڀني صنفن ۾ لکيو اٿس.
حوالا:
1. خان، عشرت علي، علم ادب حيدرآباد ”سنڌيڪار/آڪاش سنتوراڻي ۽ هيسباڻي عنبرين، ادراڪ پبليڪيشنز، لطيف آباد حيدرآباد، 2009ع، صہ، 318.
2. قادري، اياز ڊاڪٽر/ پٺاڻ محمد علي، ”عاشورا آهن“، پيڪاڪ پرنٽرز، 1995ع، صہ، 16.
3. سومرو، ساجد، پروفيسر/پٺاڻ محمد علي، ”مونکي آھ اٿاريو“، پيڪاڪ پرنٽرز، 2016ع، صہ، 44.
4. پٺاڻ، محمد علي، ”مونکي آھ اٿاريو“، پيڪاڪ پرنٽرز، ڪراچي، 2016ع، صہ، 44.
5. پٺاڻ، محمد علي، ”جان جيئان تان پاڙيان“، پيڪاڪ پرنٽرز، 2019ع، صہ، 32.
6. جمالي، بادل/پٺاڻ، محمد علي، ”ميندي لھڻ کان اڳ ۾“، ماءِ پبليڪيشن سکر، 2016ع، صہ، 34.
7. جانوري، اختر/پٺاڻ، محمد علي، ”سئو لفظ سئو ڪھاڻيون“، پيڪاڪ پرنٽرز، ڪراچي، 2016ع، صہ،23.
8. پٺاڻ، محمد علي، ”طوفان ۾ ڪکائون گهر“، پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچي، 2020ع، صہ،13.
9. کوسو، سرمد، روزاني هلال پاڪستان، 11 مارچ، 2020ع.
10. منگي، زاهد ”وڏي مقصد واريون ننڍيون ڪھاڻيون“، ڪاوش مئگزين، 23 فيبروري، 2020ع.
11. پٺاڻ، محمد علي، ”طوفان ۾ ڪکائون گهر“، پيڪاڪ پرنٽرز، ڪراچي، 2000ع، صہ، 50.
12. ساڳيو، صہ، 54.
13. ساڳيو، صہ، 66.
14. ساڳيو، صہ، 77.
15. ساڳيو، صہ، 23.
(ڪارونجهر تحقيقي جرنل، ڊسمبر 2020)
