لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڊاڪٽر پروين: جاکوڙي محققہ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ھڪ مڃيل محققہ آھي، سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون مختلف مخزنن ۾ ڇپبا رھن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي منظور شدہ جرنلز ۾ 2009ع کان 2023ع تائين ڇپيل ريسرچ پيپرز ۽ چند اهي مقالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن جي ”ٽہ ماهي مھراڻ، ”ادبي تحقيق“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا. ٻہ ٻيا اڻ ڇپيل آهن سي پڻ شامل آھن.

Title Cover of book DR Parveen Jakhori Muhaqeqa

سنڌي عورتن جي لکڻين ۾ ٻوليءَ جو استعمال: جائزو

Usage of Sindhi Language in writings of female authers: A Review
Role of female writers, along with male authors. has been very important toward Sindhi language and literature. Women have made their mark both in prose and poetry. In the pre-partition times. records of contributions of Sindhi female writers are available in various literary forms, e.g. stories, novels, essays and letters etc. Usage of Sindhi language was elegant. Afterword, Sindhi Adabi Board was formulated. After that, movements against One Unit started. Consciousness levels increased nationwide, women started writing for magazines and for newspapers. Magazines: for example: Maarui, Adyoon, Sojhro: Sartyoon, Naeen Zindgi, quarterly Mahran: Suhni and for other ones.
This paper is a review of literary contributions of female writers and Sindhi language they’ve used.



سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ عورتن جو ڪيترو حصو آهي؛ يا اُن جي شروعات ڪٿان کان ٿي؟ ۽ موجودہ وقت تائين ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ ۾ سندن معاونت ڪھڙي پد تي پھتل آهي.انھيءَ جو تفصيلي جائزو ڏيڻ کان اڳ پھرين مختصر اها وضاحت ڪنديس تہ ٻولي ڇا کي سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جي واڌ ويجهہ ڪھڙيءَ ريت عمل ۾ اچي ٿي؟ ادب ۽ ٻوليءَ جو ڪھڙو ڳانڍاپو آهي.؟
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ٻوليءَ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو تہ:
“ٻولي، اهڙن لفظي ۽ معنادار آوازن کي چئبو آهي جن جي وسيلي هڪڙو ماڻھو پنھنجي ٻئي هم زبان ساڳي ٻولي ڳالھائيندڙن کي پنھنجو مطلب پوريءَ طرح سمجهائي”.(1)
مطلب تہ ٻولي لفظ “ٻول” يعني ٻولڻ، ڳالھائڻ جي معنيٰ ۾ وٺي سگهجي ٿو ۽ اهي لفظ يا ٻول بامقصد ۽ بامعنيٰ هئڻ گهرجن .ٻولي، انساني ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.دنيا جي مختلف سماجن ۾ مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون هر ڪا ٻولي پنھنجي سماج جي معرفت ترقي ڪندي آهي.ڪنھن بہ سماج جي مھذب هئڻ جي تصوير ان سماج ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين جي ادب ۾ ڏسي سگهجي ٿي ۽ اهو ادب ئي آهي، جنھن جي تخليق سان هر سماج ۾ هڪ مثبت تبديلي اچي ٿي. ادب فقط انساني حياتيءَ جو آئينو نہ آهي پر اهو “لطيف فن” قومن جي تھذيب ۽ ترقيءَ جو اهڃاڻ آهي.ٻوليءَ جي اوسر ڪنھن بہ سماج ۾ ادب کان سواءِ نٿي ٿي سگهي ۽ نہ ئي ڪو ادب ٻوليءَ کان سواءِ جڙي ۽ وڌي ويجهي سگهي ٿو.اهي ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. پر عام ٻوليءَ کان ادبي ٻولي مختلف هجي ٿي. لکندڙ پنھنجي تحرير۾ ڪاميابي تڏهن ماڻي ٿو، جڏهن هو ٻوليءَ جو سھڻو استعمال ڪري پنھنجي تحرير ۽ تقرير کي وزنائتو ڪري پيش ڪري، سھڻن ۽ مناسب لفظن جي استعمال سان ئي سندس تحرير ۾ لطافت، نزاڪت، فڪريپختگي ۽تاثر قائم ٿيندو آهي.
سنڌي ٻولي هڪ قديم ۽ شاهوڪار، علمي، ادبي ٻولي آهي.جنھن ۾اعليٰ درجي جون خوبيون موجودآهن.سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو وڏو خزانو موجود آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هزارن جي ڳاڻيٽي ۾علمي ۽ ادبي تصنيفون موجود آهن. ادبي ڪتابن ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب ججهي مقدار ۾ موجود آهن. ٻوليءَ جي هن ترقيءَ جي سفر ۾ مردن سان گڏ ڪيترين عورتن پڻ پاڻ ملھايو آهي. ڏٺو وڃي تہ ٻوليءَ جي ارتقا ۾ عورت جو اهم ڪردار رهيو آهي، اها عورت ئي ان جي امين آهي. اها ماءُ جي هنج ئي آهي جتان ٻارڙو ٻوليءَ جي شروعات ڪري ٿو. گهرو ماحول ۾عورتن وٽ ايترا انيڪ لفظ، پھاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن جيڪي عام ڪاروباري، وهنواري يا ڪتابي ٻوليءَ ۾ گهٽ استعمال ٿيل هجن ٿا.
سنڌي عورتاڻي ادب جي شروعات سومرن جي دور کان ٿئي ٿي، مائي مرکان شيخڻ جا ڳيچ هن ڏس ۾ اهميت رکن ٿا. سندس تعلق بدين ضلعي سان هو ۽ وفات 1300ع ڌاري ٿي. سندس ڪلام پنھنجي مرشد شيخ قرهيل ڀانڊاريءَ جي واکاڻ ۾ چيل آهي. مغليه دور جي مائي ساران، سمن جي دور جي جادل جتڻي، ڪلھوڙن ۽ ٽالپر دور جي مائي نيامت (نعمت) ۽ نماڻو فقير ۽ پوءِ مائي غلام فاطمہ جا نالا اهم آهن. مائي نعمت، شاھ لطيف جي ڪلام جي شيدائي هئي. کيس ڳچ ڪلام زباني ياد هو سندس هٿ اکر لکيل شاھ جي رسالي جو نسخو، جيڪو هن 28 جمادالثاني سن 1270 ھ بمطابق 28 مارچ 1845ع تي ڪنھن قديم نسخي تان اُتاري پورو ڪيو هو، مستند نسخن ۾ شمار ٿيو، ڪنھن عورت جي تحرير جو اهو پھريون نمونو آهي، اُن نسخي جي آخر ۾ مائي نعمت جي ذاتي شاعريءَ جو نمونو بہ ڏنل آهي جو نثر ۽ نظم جو ميلاپ آهي. علامہ ڊاڪٽر دائود پوٽو هن ڏس ۾ لکي ٿوتہ:
“مائي نعمت جو هٿ اکر لکيل نسخو نھايت خوشخط صحيح ۽ سنہري جدولن سان آهي، مائي صاحبہ ڪمال ڪيو آهي. اهڙيون عورتون سنڌ ۾ گهڻيون ٿي گذريون هونديون، جن ٻيا ڪتاب لکيا هوندا، پر افسوس جو انھن جا نالا اسان تائين نہ پھتا آهن.” (2)
هتي هيءُ نڪتو توجھہ طلب آهي تہ “شاھ جو رسالو” جيڪو اڄ بہ سنڌي لغت جي اڻ کُٽ کاڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو خزانو شمار ٿئي ٿو. انھيءَ کي صديون اڳ هڪ عورت ايتري سھڻائيءَ سان سمجهيو، ياد ڪيو ۽ مڪمل نسخو لکيو جو ان گمان کي رد ڪري نٿو سگهجي تہ ڪلھوڙا ۽ ٽالپر دور ۾ عورتون لکڻ پڙهڻ ڄاڻنديون هيون، ڇو جو ميرن جي دور جي علمي ۽ ادبي حالت مضبوط هئي، مير صاحبان علم جا قدردان ۽ادب پرور هئا.گل حسن ڪربلائي هن دور جي زناني علمي ذوق بابت لکي ٿو تہ:
“سنڌ جي ٽالپر شھزادين وٽ علمي ذوق ۽ شوق هو، وٽن نادر ڪتاب مطالعي هيٺ هوندا هئا.” (3)
ميرن جي حرمن جي عورتن کي ڏسندي ڏسندي عام عورتن ۾ پڻ لکڻ پڙهڻ جو چاھ وڌيو ۽ ڇوڪريون، ڇوڪرن سان گڏ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ علم حاصل ڪنديون هيون. ٽالپر دور ۾ عورتن جي تعليم جي سجاڳي ۽ سندن پڙهيل ڳڙهيل هئڻ باوجود سندن ڪا تصنيف موجود نہ رهي آهي انھيءَ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، اهو بہ قوي امڪان ٿي سگهي ٿو تہ انگريز حڪومت جي قائم ٿيڻ ۽ اڳيان هلي ننڍي کنڊ جي ورهاڱيسان ڪيترائي ذاتيڪتب خانا تباھ ٿي ويا هوندا جنھن جي ڪري ان دور جي عورتن جا ادبي نمونا موجود نہ رهي سگهيا آهن.
انگريزن جي اچڻ سان سنڌ ۾ نئون تعليمي سرشتو قائم ٿيو هو، يعني اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ٿيون، انگريزي تعليم کي فروغ ڏنو ويو، ان سان گڏ سنڌيءَ کي پڻ وڏي اهميت ملي. 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الف.ب مقرر ٿيڻ سان ٻوليءَ جي ترقي ۾ اضافو ٿيو ۽ علم ۾ واڌ ويجهہ ٿي، ان دور ۾ ڇاپخانا قائم ٿيا، سنڌي صحافت سان ٻوليءَ ۽ نثر جي واڌاري جون راهون هموار ٿيون. مضمون نويسيءَ کي اخبارن ۽رسالن وسيلي ابتدا ۾ ئي اوج مليو، تہ ناول جي صنف بہ وڏي ترقي ماڻي .هن دور جو وڏو نالو شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو آهي. جن جي معياري تصنيفن سبب کيس “سنڌي نثر جو ابو” سڏيو وڃي ٿو.ان کان سواءِ هن دور ۾ ڪيترن وڏن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جيئن ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، شمس الدين بلبل، دين محمد وفائي، مير عبدالحسين سانگي ۽ ٻين ڪيترن عالمن ۽ اديبن سان گڏ عورتن پڻ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي.شاعريءَ ۾ مائي غلام فاطمہ لال(1925_1865) مونس هالائي (جنم 1910ع)، ڀڳواني داسي، راما ٻائي، ڪملا ڪيسواڻي، گوپي هنڱوراڻي، سندري ٽلھراماڻي ۽ ٻين جا نالا ملن ٿا، مائي غلام فاطمہ جي ڪلام۾ پختگي آهي پر سندس ڪلام محققن کي گهٽ مليو آهي.
انگريز دور ۾ ڪملا ڪيسواڻيءَ جو نالو شاعرہ ۽ نقاد طور مشھور آهي. سندس مزاحيہ نظم گوگڙن جي باري ۾ مقبول ٿيو، کيس ٻوليءَ تي دسترس هئي. هن “سنڌي شعر جي ڪسوٽي” عنوان سان هڪ تنقيدي مقالو 1946ع ۾ لکيوهو.جو ساڳئي عنوان واري ڪتاب ۾ شايع ٿيو، پنھنجي پيءُ پروفيسر ڪيسواڻيءَ سان گڏ هُن ليکراج ڪشنچند عزيز، بيدل، سچل، روحل ۽ بيڪس جي شاعريءَ جو تقابلي اڀياس ڪري، ٻوليءَ جي حوالي سان سنڌي شاعريءَ ۾ سنسڪرت، عربي ۽ فارسي ٻولين جي لفظن جي استعمال تي آواز اٿاريو، صفحي نمبر 116 تيلکي ٿي تہ:
“سنڌي ٻولي جيترو ٿي سگهي اوترو نج صورت ۾ هجي تہ بھتر آهي، گهڻا سنسڪرت يا عربي لفظ سنڌي نظم ۾ استعمال ڪرڻ سنڌيءَ جي سڀاويڪ صورت کي بگاڙڻ جو هڪ ڪارگر ذريعو آهي.ديوان عزيز جي پھرئين ڀاڱي ۾ عربي ۽ فارسي ججهي وزن ۾ ٻُرڪيل آهي”.(4)
هي اهو دور هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن ۽ هندن ۾سياسي حالتن سبب ويڇا وڌيا هئا ۽ ان جو اثر ادب تي پڻ پيوهو.هڪ اهڙو لاڙو پيدا ٿيو جو مسلمانن پنھنجي لکڻين ۾ عربي ۽ فارسي لفظ وڌايا ۽ هندن وري سنسڪرت لفظن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو ۽ اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جي صورتحال بگڙجڻ لڳي. مولانا دين محمد وفائي پھريون عالم هو جنھن پنھنجي اخبار وسيلي انھيءَ اهم نڪتي کي کنيو. کين لعلچند امر ڏني مل ۽ڄيٺمل پرسرام جوساٿ حاصل ٿيو جن جا ليک “ڀارت واسي” اخبار ۾ پڻ آيا، جيڪي “سنڌي ٻوليءَ تي مارو ۽ سنڌي ٻوليءَ سان انڌير” ۽ ٻين عنوانن سان هئا. سنڌي ٻوليءَ جي خير خواهن کي نج سنڌي ٻوليءَ۾ لکڻ لاءِ اپيلون ڪيون ويون.هن دور ۾ ٻولي جي بچاءَ واري تحريڪ ذريعي اخبارن ۾ بحث مباحثا ڇپـيا جنھن سان سنڌي ٻوليءَجي ذاتي حيثيت کي مڃتا ملي ۽ لکندڙن ۽پڙهندڙن ۾ پنھنجي مادري ٻوليءَ لاءِ هڪ محبت ۽ فخر جو جذبو جاڳيو.
ورهاڱي کان اڳ گُلي سدارنگاڻي پھرين سنڌي عورت هئي، جنھن تخليقي ادب ۾ طبعزاد ڪتاب لکيا، هن ڪماري ڪرپالاڻي جي نالي سان پھريون ناول 1938ع ۾ “گورا” جي عنوان سان سنڌي ٻوليءَ ۾ترجمو ڪيو.جيڪو رابندر ناٿ ٽئگور جي ناول تان ڪيو هئائين. ان کان سواءِ “جواهر لعل نھرؤَ جا ڌيءَ ڏانھن خط” انگريزيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾1936ع ۾ ترجمو ڪيائين.شاديءَ کان پوءِ هن گلي سدارنگاڻيءَ جي نالي سان “اتحاد” ناول طبعزاد لکيو، جو موضوع، مواد ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪامياب آهي اهو ناول سنڌي مسلم اتحاد جو سڏ هو، ان سان گڏ انھيءَ ناول جي ڪاميابيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سھڻي استعمال جو ڪمال بہ آهي، ان ناول بابت سنڌي ٻوليءَجي هڪ وڏي محقق منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي تہ:
“هن ناول جي عبارت ۾ هندي ۽ فارسيءَ جو وڻندڙ اتحاد رکيل آهي.” (5)
ملڪاڻي صاحب جو مٿيون جملو گليءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي لاجواب خدمت کي ڪسو ڪري رهيو آهي. اتحاد ناول جي غور سان اڀياس بعد اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو تہ هيءُ ناول ٻوليءَ جي لحاظ کان هڪ جاندار ناول آهي جنھن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ هندي لفظ آهن تہ فارسي لفظ نہ هئڻ برابرآهن. فاضل ليکڪا بيشڪ انگريزي ميڊيم ۾ پڙهيل هئي پرکيس سنڌيءَ ٻوليءَ تي عبور هو، ٽئگور جي ناول “گورا” جيڪو قوميت جي باري ۾ هو تنھن منجهس پنھنجي قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ فخر جو جذبو جاڳايو، جنھن جو اظھار “اتحاد” ناول جي مھاڳ ۾ پڻ ڪيو اٿس.هن سوچي سمجهي نج سنڌي ٻولي استعمال ڪئي آهي.1941ع ۾ لکيل اتحاد ناول جي ٻولي هيٺينءَ ريت آهي، گُلي لکي ٿي تہ:
“آشا سٻاجهي هئي، پر همت ڀري، ڄاڻ هيس تہ هوڏي ۽ مورکن سان پنھنجي اندر جو اظھار ڪرڻ ٿيندو. “رڃ ۾ ٻج ڇٽڻ”، “ صبر جن جو سير تير نہ گسي تن جو” اهو ئي وشواس سندس شڪتي هو، سندس ظاهري ماٺيڻي پر مرڪندڙ مکڙي مان ائين پيو لڳندو هو تہ کيس يقين آهي تہ ڪنھن نہ ڪنھن سڳوري ڏينھن کيس ضرور هن پڃري مان پر پکيڙڻ جي آزادي ملندي. “ماندي ٿي نہ مارئي، ﷲ اوڏو آهي، سئو ورهين جا ڏکڙا هڪڙي لحظي ۾ لاهي”! اهڙيئي اميد تي آشا پيئي تڳندي هئي هوءَ ڄڻ تہ ڪنھن اڻ سڃاتل سونھين لاءِ سيڙي ويٺي هئي.(6)
“گورا” ۽ “اتحاد” کان پوءِ هن ليکڪا ٻہ ٻيا ناول “ آخرين انقلاب” ۽ “ساڌنا جو سپنو” لکيا . هوءَ گلستان مخزن جي ايڊيٽر پڻ هئي.کيس ڏسندي ڪيتريون عورتون ادب جي ميدان ۾ آيون. اخبارن ۾ سندن مضمون ۽ ڪھاڻيون ڇپجڻ لڳيون تہ ناول جھڙيءَ ڏکيءَ صنف ۾ پڻ لکيائون .سيتا ديويءَ جو “سروجا” چندر آڏواڻيءَ جو “پريم جيون”، اندراهيمراجاڻيءَ جا “ڪانتا”، ”ٻہ دليون” ۽ ٻيا ناول ميدان ۾ آيا. مائي واساڻيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو “مائي واساڻيءَ جون ڪھاڻيون” 1947ع ۾ شايع ٿيو، عورتن هن دور ۾ مضمون، خط ۽ ڪتابن جا مھاڳ لکيا. پھريون خط 1890ع جو لکيل ملي ٿو جو هڪ گهرو خط آهي جو ريٽا شھاڻيءَ جي ڏاڏيءَ وشني ٻائيءَ جو آهي ۽ اهي 8 خط آهن. ريٽا موجب تہ :
“انھيءَ خط ۾ سنڌي ٻولي ساڳي اڄ جي سنڌي پيئي لڳي. جڏهن تہ انھن خطن کي هڪ صديءَ کان بہ وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي”.(7)
مطلب تہ انگريز دور ۾ سنڌي عورتن ڪھاڻيون، ناول، مضمون، مقالا، مھاڳ ۽ خط لکيا ۽ شاعري پڻ موجود آهي. وٽن سنڌي ٻوليءَ جو استعمال شانائتو رهيو. ڪي لفظ ٻين ٻولين جا پڻ ڪجه ليکڪائن وٽ ملن ٿا پر مجموعي طور سنڌي ٻوليءَ جو واهپو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان جيئن ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ ڦيرو آيو، تيئن ماڻھن جي سوچ ويچار جي تبديليءَ جو اثر ادب تي پڻ ٿيو، غير سنڌين جي اچڻ ۽ هندوئن جي هتان لڏي وڃڻ سان اردو ٻولي ۽ ماحول جو اثر سنڌي ادب تي پوڻ لڳو. سنڌ جي وڏن شھرن جي گهرن ۾ اردو ٻولي ڳالھائجڻ لڳي ۽ ڪيترائي اردو رسالا ۽ اخبارون سندن گهرن ۾ اچڻ لڳا، پر پوءِ جلد ئي سجاڳيءَ جي لھر شروع ٿي، سنڌي ادبي بورڊ جو قيام عمل ۾ آيو. ون يونٽ خلاف تحريڪون شروع ٿيون. پنھنجي سڃاڻپ جو شعور وڌيو، عورتن جي نڪرندڙ رسالن کان سواءِ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ عورتون لکڻ لڳيون. عورتن جي طرفان نڪرندڙ رسالن ۾ “مارئي” (1957ع: بيگم زينت عبدﷲ چنا)، “اديون” (1965ع: بيگم خانم خديجہ دائود پوٽو)، “سوجهرو” (1972ع گلبانو سلطانہ) شايع ٿيڻ لڳا. ان کان سواءِ ماهوار “نئين زندگي، ” سنڌي ادبي بورڊ جو ٽہ ماهي “مھراڻ” طارق اشرف جو “سھڻي” ۽ ٻيا رسالا شايع ٿيندا رهيا، جن ۾ عورتون لکڻ لڳيون. جيڪڏهن انھن عورتن مان هرهڪ جو ذڪر ڪجي تہ هڪ ڊگهي فھرست تيار ڪري سگهجي ٿي.انھن عورتن ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.سندن ڪھاڻين جا مجموعا، ناول، آتم ڪھاڻيون، سفر ناما، سوانح عمريون، ڊائريون ۽ شاعري جا ڪتاب ملن ٿا.
ورهاڱي کان پوءِ نور شاهين پھرين شاعرہ آهي، جنھن جو شاعريءَ جو مجموعو “رُس مَ رُسڻ گهوريو” 1968ع ۾ شايع ٿيو. هوءَ ڪلاسيڪل شاعريءَ کان متاثر هئي. سندس شاعري ٻوليءَ جي لحاظ کان ميٺاج واري ۽ پختہ آهي. چوي ٿي تہ:
راڻي ۾ هئي ڪاڻ، جو بيھي نہ سگهيو ڪين،
تکا هئا ڪيٻاڻ، برھ سندي بيراڳ ۾.

(نور شاهين)
نور شاهين کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي شاعرائن جي شاعريءَ جي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. هيٺ ڪجه مثال ڏجن ٿا تہ جيئن موضوع ۽ مواد سان گڏ خاص طور ٻوليءَ جون خاصيتون پسي سگهجن.
شاعريءَ ۾ ڪتب آندل لفظ، استعارا، تشبيھون، علامتون ۽ ٻيون سڀ فني ضرورتون ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽ وسعت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هجن ٿيون.
ماهين هيسباڻيءَ جو فقط هڪ شعري مجموعو “تون” ڇپيل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ لفظن جو سھڻو استعمال سندس فن جي پختگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. هيٺين چؤسٽي ۾ هن شاعريءَ جي اهميت هن ريت بيان ڪئي آهي.
شاعريءَ کي زندگي ارپي ڇڏيم،
زندگيءَ کي عاشقي ارپي ڇڏيم،
عشق کان ناهي اُتم ڪا ذات ٻي،
عاشقيءَ کي بندگي ارپي ڇڏيم.(8)

جيئن تہ شاعري ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالھ چوڻ جو هنر آهي.جنھن جي لاءِ بھترين خيال سان گڏ ٻوليءَ جو رس چَس ۽ بيان جي رواني ضروري آهي. نئين ٽھيءَ جي شاعرہ پشپاولڀ “روح جاڪنول”۾ چوي ٿي تہ:
من جي تند تند تنواري ٿي،
جسم جي رڳ رڳ پڪاري ٿي،
سنڌ منھنجي روح ۾ آهي،
هن جي مٽي منھنجو سندور آهي.
هن جي ٻولي ماءُ جي مٺي لولي آهي

ٻيجل، ڪنور، چندر، ڀڳونتي، سرمد، جمن، عابدہ، سخيراڻي، منھنجو آواز آهن.(9)
موجودہ دور ۾ جيڪي نيون شاعرائون آيون آهن انھن ۾ سيما عباسيءَجو نالو پڻ اهم آهي. سندس شاعريءَجو نمونو هن ريت آهي:
راھ جا پٿر ٻھاريا، مون تہ پنبڻين سان پرين،
تنھنجو رستو ڪا وڏي کاهي هئي توکان سوا،
لفط ساڻا ٿي پيا ۽ ڳھر نيڻن ۾ لٿي،
حال هيڻا ٿي پيا، او شاعري توکان سواءِ. (10)

مٿي ڄاڻايل چند مختصر مثالن مان پڻ اها وضاحت ضرور ٿي آهي تہ عورتن جي شاعريءَ ۾ سادگي، سلاست ۽سنڌي ٻوليءَ جي سھڻن لفظن جو استعمال شانائتو آهي. ورهاڱي کان پوءِ عورتن جي لکيل نثر کي جيڪڏهن ڏسبو تہ هند ۽ سنڌ ۾ عورتن جو ادبي ڪم وڏي پيماني تي ملي ٿو، انيڪ ڪتاب مختلف صنفن ۾ لکيل ملن ٿا، جن مان ڪيترن ڪتابن کي ايوارڊ پڻ مليا آهن.
ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنھن بہ تخليق جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ٿي تہ ان لاءِ ماهرن هيٺين نڪتن کي ذهن ۾ رکڻ ضروري قرار ڏنو آهي.اسلوبِ بيان، لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي بيھڪ، اصطلاح، استعارا، پھاڪا، چوڻيون، گفتارون، تشبيھون، علامتون، تجنيسون، سلاست، بلاغت، فصاحت ۽ ٻيون خوبيون شامل آهن. مٿي ڄاڻايل خاصيتن مطابق تحقيق کان پوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو تہ، اسان وٽ سنڌ توڙي هند جي ليکڪائن پنھنجي تحريرن ۾ اعليٰ ادبي زبان آڻڻ لاءِ نوان نوان لفظ، ترڪيبون ۽ بامعنيٰ اصطلاح، تشبيھون، استعارا ۽ محاورا ڪم آندا آهن، پر جتي جتي اهو استعمال نٿو ڏسڻ ۾ اچي، اتي ڄڻ سندن تحرير سنڌي ٻوليءَ کان اوپري ٿي بيٺي آهي. هيٺ چند مثال پيش ڪجن ٿا تہ جيئن ليکڪائن جي لکيل نثر جي پرک ٿي سگهي.پوپٽي هيراننداڻي لکي ٿي تہ:
“تڏهن مان ڄڻ ڇيھون ڇيھون ٿي پيس، جيئن ريشمي ڪپڙن کي پٿر تي سٽپو آهي تہ ليڙون ليڙون ٿي پوندو آهي تيئن منھنجو من ڇڄي تندون تارون ٿي پيو”.(11)
مٿين حوالي ۾ خيال جي بلنديءَ سان گڏ هم قافيہ لفظن جو شانائتو استعمال ۽ تجنيسحرفيءَ جي سونھن وڻندڙ آهي.
ورهاڱي کان پوءِ بادام ناتوان جو نالو اسان وٽ آڳاٽي نثر نگار عورتن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس لکيل نثر ۾ ٻوليءَ جو استعمال ڪڏهن عام فھم ۽ سليس آهي تہ ڪنھن وقت دقيق ٻولي پڻ ڪتب آندي اٿس. هيٺ ساڳيءَ ليکڪا جي نثر جا ٻہ مثال سندس ٻن مختلف ڪتابن مان پيش ڪجن ٿا.”خوش خصلت خاتون” ڪتاب ۾ صفحي نمبر 69 تي لکيو اٿس تہ:
“قدرت الاهي، انسان ذات کي ڏيکاري ٿي تہ دنيا ۾ خوشي ۽ غم لازم وملزوم آهن. هميشہ نہ خوشي رهندي ۽ نہ ئي غم رهندو.”(12)
ڪتاب “شڪستہءِ زندگي” جي صفحي نمبر 175 تي لکي ٿي تہ:
“جذبات هڪ بيخود سرمايو آهي، جنھن کي ادا ٿيڻ بغير آرام نہ ايندو آهي دک جو ٻيو نالو سانت آهي، خاموش آنسو گونگي آھ!(13)
پھريون حوالو عام فھم ۽ سمجه ۾ ايندڙ تہ ٻيو ڪي قدر منجهيل ۽ ڏکيو آهي.
ماهتاب محبوب جو نالو سنڌي جي صف اول جي ليکڪائن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هوءَ اڌ صديءَ کان لکندي اچي.هن طنزيہ، مزاحيہ ۽ سنجيدہ هر هڪ لکڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي فطري انداز کي اهميت ڏني آهي. سندس فقط ٻن ڪتابن “لھر لھر زندگي” ۽ “مٺي مراد” ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو جائزو وٺجي ٿو تہ حيرت ٿئي ٿي تھن ڪيڏي نہ شاندار نموني سان پھاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ گفتارن کي ٻوليءَ جو حصو بنائي ڪھاڻيءَ جي صف ۾ آندو آهي.جيئن:
“مڙس تہ ڦڏو نہ تہ جڏي جو جڏو”؛ “ڪٿي ڍور سڃا ڪٿي چور سڃا”؛ “ڪريان ٿي ڪيھ مڙندا ٽيھ”؛”پيرن مان لاهي منھن تي هڻڻ”؛”لکيو لوڙڻ”؛”ديرو ڄمائڻ” وغيرہ.
ماهتاب محبوب جي نثر مان ٻوليءَ جي حوالي سان چند مثال پيش ڪريان ٿي تہ جيئن پڙهندڙن کي سندس فن ۾ ٻوليءَ جي استعمال بابت ڄاڻ پئي سگهي.
ڪتاب “لھر لھر زندگي”۾ صفحي نمبر 22 تي لکي ٿي تہ:
“ماڻھو ٽپتائي هو، تنھن ڪري پوليس کاتي ۾ کڄي ويو، حرفت سان زمينون ذرڙيون خريد ڪري، هن ايڏي ملڪيت ميڙي جو ڍوءَ ۾ ڪکيون پئي ڦاٽس، مرڳو شجرو ئي وڃي ناميارن نوابن سان جوڙيائين ۽ نواب اختر حسين سڏجڻ لڳو”(14)
ماهتاب محبوب نہ فقط صاف سنئين سڌي ۽ بامحاورہ ٻوليءَ ۾ لکيو آهي پر هُن پنھنجي اسلوب بيان ۾ طنزيہ، مزاحيہ توڻي سنجيدہ مطلب تہ هر نموني ۾ فطري انداز کي اهميت ڏني آهي، ڪھاڻي “مٺي مراد” ۾ لکي ٿي تہ:
“هوءَ پنھنجي وڍيءَ جو ويڄ نہ طبيب ڀائيندي، هر وقت ٿڌا ساھ ڀري ان گهڙي کي پئي پٽيندي هئي جڏهن هن ساڻس پيچ پاتو هو....هڪ وار وري ڳاڙهو گهوٽ ٿيو هو، جيتر پُٺ پڌري ٿئي، تيتر هن جو مڙھ مقام اڃان رولڙي ۾ هُو”.(15)
ماهتاب جي فن ۾ ٻوليءَ جي اصطلاحي جزن جو استعمال وڻندڙ آهي، ڊاڪٽر ارجن شاد هن ڏس ۾ چوي ٿو تہ:
“ڪھاڻين مان پھاڪن جي ڊڪشنري جوڙڻ ڪمال جي ڳالھ ڪانھي، ڪمال اهو آهي تہ اهي ڪاريگريءَ سان استعمال ڪيا وڃن .ماهتاب انھن جو استعمال فنڪاريءَ سان ڪيو آهي”.(16)
هن سلسلي ۾ سندس ڪھاڻي “رهيل جانچ” اهم آهي ۽ موضوع جي حوالي سان نسيم کرل جي ڪھاڻي “چوٽيھون در”جيان پوليس جي ناروا رويي بابت آهي، “رهيل جانچ” ڪھاڻيءَ ۾ هڪ بيواه عورت پنھنجي مڙس جي قتل کان پوءِ پيءَ وٽ رهي سلائي ڪري پنھنجا ٻچا پاريندي آهي پر اها واحد ڪمائيءَ جو ذريعو سلائي مشين جڏهن چوري ٿئي ٿي تڏهن سندس پوڙهو پيءُ پوليس ۾ رپورٽ لکائڻ وڃي ٿو ۽ ساڻس جا جُٺ اتي ٿئي ٿي، ان کي ليکڪا اثرائتو بيان ڪيو آهي .آخرڪار پوڙهو ڪيس تان ئي هٿ کڻندي پوليس وارن کي چوي ٿو تہ: “ابا رب الائي ڪھڙي ڳالھين ۾ راضي، شل حقون بہ رکي نا حقون بہ، جن اسان سان ڪئي آهي، مولا انھن جون برباديون آڻيندو، رڌيون ڪنيون لاهيندو.”
جواب ملندو اٿس تہ “اڙي ڀوڪ! اهي رنون ئي يارن پويان مڙس مارائينديون آهن سڀاڻي ٻچا ڳچيءَ ۾ وجهي، مشين واري يار ڪڍ هلي وينديءِ تڏهن اک کلنديءِ . اهو ٻڌڻ سان هن جو هنياءُ کاڄي ويو، رت سڙي، منھن تي دانگي گهمائي ويس، هو مٿو جهلي پٽ تي ويھي رهيو”. (17)
مشين جي چوري تہ ويئي ويچاري کي وسري پوليس هيڪاري سندس ناٺيءَ جي ٿيل پراڻي قتل جي “رهيل جانچ” ۾سندس ڌيءَ کي جيل داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.مطلب تہ اها ڪھاڻي موضوع ۽ مواد کان سواءِ ٻوليءَ جي عمدگيءَ جو عليٰمثال آهي.
ساڳيءَ ريت سندس سفر ناما، ناول، مضمون، خاڪا، خط ۽ ٻيو نثر سنڌي ٻوليءَ جي سونھن جو اثرائتو عڪس چٽين ٿا. ماهتاب جا ڪھاڻين سميت مختلف صنفن تي ڪل14 ڪتاب ڇپيل آهن جيئن “اندر جنين اڃ”، ”خواب خوشبو ڇوڪري”، ”ورهاڱي جو ورجاءُ”، ”مٺي مراد”، ”پل صراط”، ”لھرلھرزندگي”، ”راهون چنڊ ستارا” ۽ ٻيا نثر جي پختگيءَ جو مثال آهن.
ثميرہ زرين جي لکڻين ۾ ڪٿي نج سنڌي ٻوليءَ جا جنسار آهن تہ ڪٿي ڪٿي هُن اردو ٻوليءَ جي لفظن جو غير ضروري واهپو پڻ آندو آهي. جيئن روشن ڇانورو، ڪتاب ۾ 36 ۽ 84 صفحن تي لفظ، خنڪي، مرمين، سرگوشي، سنسني، نڪ ۾ دم، ساڪت وجامد جھڙا لفظ ڪتب آنداآهن.
سندس فن ۾ نج سنڌي لفظ پڻ آهن. جيئن، لوساٽيل، اوجهڙ، جهاڳڻ، جهٻو، تاڃي پيٽو، هوائن ۾ هٻڪارون، ڏکن ۾ ڏنجهہ، اونھي ۾ اسرار ۽ ٻيا مثال آهن. سندس افسانوي مجموعن “گيت اڃايل مورن جا”، “روشن ڇانورو” ۽ “آءُ اهائي مارئي” ۾ 37 ڪھاڻيون آهن، جن مان پروس ٿيم پراڻ، آءُ اها ئي مارئي، وڏيري، مومل، غيرت، سوريءَ سزا وار ۽ پلئہ پايو سچ، ٻوليءَ جي حوالي سان لاجواب آهن.
ڊاڪٽر فھميدہ حسين، سنڌي ٻوليءَ تي عبور رکندڙ محقق ۽ ليکڪا آهي، سندس لکيل نثر مختلف صنفن جيئن ڪھاڻي، سفرنامي ۽ مضمونن، مقالن ۾ ٻوليءَ جي پختگيءَ جو مثال آهي.
نورالھديٰ شاھ اردو ۽ انگريزي ادب جي اثر هيٺ پنھنجي فن جي شروعات ڪئي پر جڏهن هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو تہ خوب ۽ اثرائتو لکيو. سندس لکيل ڪھاڻين، ناٽڪن ۽ ناول ۾ لطيف ۽ وزنائتي ٻولي آهي جا سندس فني شعور جي ساک ڏي ٿي.
خيرالنساءَ جعفري، رشيدہ حجاب، ثميرہ زرين، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ڊاڪٽر نور افروز خواجہ، تنوير جوڻيجو، ڊاڪٽر پروين موسيٰ(راقم الحروف) ۽ ٻين ڪيترين ڀينرن سنڌي نثر ۾ ٻوليءَ جي استعمال کي اهميت ڏياري آهي
نہ فقط ڪھاڻيون، ناول، ناٽڪ، سفرناما، مضمون ۽ مقالا پر اسان وٽ علمي ۽ ادبي خطن لکڻ جو پڻ سٺو رجحان رهيو آهي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر درشھوار سيد، مھتاب اڪبر راشدي، ليليٰ بانو، جيجي زرينہ، اختر بلوچ، سحر امداد، ماهتاب محبوب، ثريا سوز ۽ ٻين ڪيترين ليکڪائن خط لکيا آهن. جيڪي ادبي تاريخ ۾ خطوط نويسيءَ جي ارتقا جي حوالي سان ڳڻڻ جوڳا شمار ٿيندا جن ۾ پڻ سنڌي ليکڪائن ٻولي جي استعمال ۾ مھارت جو ثبوت ڏنو آهي.

نتيجو:
عورتن جي تحريرن جيھن مختصر اڀياس مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو تہ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ ۾ عورتن بہ مَردن سان ڪلھوڪلھي سان ملائي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. سندن سماجي، علمي ۽ ادبي حيثيت تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف رهي آهي. باهمت ۽ باشعور عورتن پنھنجي تخليقي ۽ تحقيقي صلاحيتن سان سنڌي ادب جي نہ رڳو خدمت ڪئي آهي. پر ان سان گڏوگڏ هنن سنڌي ٻوليءَ کي جياريو آهي ۽ وسعت ڏيڻ ۾ مدد ڪئي آهي.


حوالا:
1. سيوهاڻي، حڪيم فتح محمد ”آفتاب ادب“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1974ع، ڇاپو ٽيون، ص3.
2. دائود پوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، “مضمون ۽ مقالا”، ڀٽ شاه، ثقافتي مرڪز، حيدرآباد ڀٽ شاھ 1978ع.، ص، 198.
3. ڪربلائي، گل حسن، مقالو: سنڌ جي شھزادين جو علمي شوق، “نئينزندگي” مخزن پاڪستان پبليڪيشن اسلام آباد، نومبر 1954ع، ص 151.
4. ڪيسواڻي، ڪملا، “سنڌي شعر جي ڪسوٽي”، بمبئي، هندوستان، 1946ع، ص 116.
5. ملڪاڻي، منگهارام “سنڌي نثر جي تاريخ”روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع، ص 104.
6. سدارنگاڻي، گُلي، ”اتحاد” هيرانند پريس ڪراچي، 1941ع، ص 2.
7. شھاڻي ريٽا، ”جيون ۽ ساهت” سورن ڪلا پرنٽرز، 2001ع، ص، 08
8. هيسباڻي، ماهين، ”تون” نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع، ص 45.
9. پشپا ولڀ، ”بند اکين ۾ آسمان”مارئي پبليڪيشن ڪراچي، 2010ع، ص 32.
10. عباسي سيما، “لفظن ڀوڳيو آ بنواس” منزل پبليڪيشن ڪراچي، 2005ع، ص48.
11. هيراننداڻيپوپٽي، ”زندگي نہ ڪويتا نھڪهاڻي ”سرڪيولر بلڊنگ، حيدرآباد، 1981ع، ص 19.
12. بادام ناتوان، ”خوش خصلت خاتون”سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد1971ع ص69.
13. بادام ناتوان”شڪستہءِ زندگي” بشير احمد سنز، ڪراچي، 1974ع، ص175.
14. ماهتاب محبوب، ”لھر لھر زندگي”، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1985ع، ص22.
15. ماهتاب محبوب، ”مٺي مراد”، نيوفيلڊس پبليڪشن، حيدرآباد، 1979ع، ص150
16. ارجن شاد:ماهتاب محبوب، ”اندر جنين اڃ”، نيوفيلڊس پبليڪشن، حيدرآباد، 1995ع، ص113.
17. ماهتاب محبوب، ”لھر لھر زندگي”، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1985ع، ص21.

سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل ۾ ڇپيل، جون 2017)