لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڊاڪٽر پروين: جاکوڙي محققہ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ھڪ مڃيل محققہ آھي، سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون مختلف مخزنن ۾ ڇپبا رھن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي منظور شدہ جرنلز ۾ 2009ع کان 2023ع تائين ڇپيل ريسرچ پيپرز ۽ چند اهي مقالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن جي ”ٽہ ماهي مھراڻ، ”ادبي تحقيق“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا. ٻہ ٻيا اڻ ڇپيل آهن سي پڻ شامل آھن.

Title Cover of book DR Parveen Jakhori Muhaqeqa

عطا محمد ڀنڀرو جون سنڌي ترجما نگاريءَ ۾ خدمتون: هڪ نظر

Contribution of Atta Muhammad Bhanbhro in the field of translation

In this paper I have highlighted the importance of the process of translation and show the great contribution of Mr Atta Muhammad Bhanbhro as translator in Sindhi literature. I have explain this fact through examples that he have an unique position among the translators of Sindhi language and gives many books to Sindhi language and literature, on the different important topics, such as history, geography, culture, literature and many others.
He translates first book “Bhit Jo Ghot” in 1992. (this is the PhD thesis of Dr HT sorty about Shah Abdul Latif Bhitai’s poetry and work) and than other books are “Sindh Jo Mehran” (سنڌ جو مھراڻ), “Sindhua Jo Safar” (سنڌوءَ جو سفر), “Sindh Ja Qadeem Aasar” (سنڌ جا قديم آثار), “Sindh Men Angrezen Je Hikmat Aamli” (سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي), “Hur Goureela Jang” (حُر گوريلا جنگ), “Sindh Jean Moon Dithe” (سنڌ جيئن مون ڏٺي), “Sartaj Shaer Shah Abdul Latif” (سرتاج شاعر شاھ عبدالطيف)، “Sukhari Sindh Dukhara Manhoo” (سکاري سنڌ ڏکارا ماڻھو), “Sindhi Likhat Ja Benulaqwami Likhatan San Lagapa” (سنڌي لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو)، and many more books on his credit.
In his work choice of topics, usage of appropriate language in translation is remarkable, these aspects are focus in this study.

عطا محمد جو تعارف

عطا محمد ڀنڀرو جو نالو سنڌي ادب جي اهم مترجمن ۾ شمار ٿيئي ٿو. سندس جنم محمد بخش ڀنڀري جي گهر 1937ع ۾ ڳوٺ محمد بچل ڀنڀرو خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس سڃاڻپ مترجم، مؤرخ ۽ محقق جي آهي. ٻاراڻي ادب ۾ هڪ سئو کان مٿي ڪھاڻيون لکيائين، جن جا ڪي ڪتاب ڇپيل ۽ ڪي اڻ ڇپيل آهن. ترجما نگاريءَ ۾ سند سڪم خاص مڃيل آهي. هن تاريخ، تھذيب تمدن، جاگرافي، سياست، سماجيات، مذهب تحقيق ۽ ادب ۾ انيڪ ڪتاب ترجمو ڪيا آهن. جن مان چند جا نالا هن ريت آهن، ”ڀٽ جو گهوٽ“، ”سرتاج شاعر شاھ عبدالطيف“ ،”سنڌ جو مھراڻ“ ، ”سنڌؤ جو سفر“ ، ”سنڌ جا قديم آثار“، ”سنڌي لکت جا بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپا“ ، ”حر گوريلا جنگ“ ، ”سنڌ جيئن مون ڌٺي“، ”سنڌو شينھن دريا“، ”سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي“، ”سنڌؤ ڪناري وساريل شھر“، ”سکاري سنڌ ڏکارا ماڻھو“، ”سنڌو لکت جي ڀاڃ“، ”سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو“، ”سنڌ منھنجي نظر ۾ “ ۽ ٻيا آهن.

ترجما ناگاري جي اهميت ۽ اصول
دنيا جي سماجن جي سڌرڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ ٻولي هڪ اهم وسيلو آهي. زبان جي تاريخ انسان جي تاريخ آهي مختلف ٻولين جي سھڪار سان ئي دنيا جون قومون ترقي ڪنديون آهن جنھن جي لاءِ باهمي رابطي ۾ ترجما نگاريءَ جو عمل هڪ وڏو ذريعو آهي. جتي بہ ڪنھن ٻولي ۽ ادب جو ذڪر ايندو آهي اتي انھيءَ قوم ۽ نسل جو ذڪر بہ ضرور اچي ٿو. ٻولين جي ڳانڍاپي ۾ ترجمو ٿي هڪ اهڙو عمل آهي، جنھن سان اسان کي ٻين ملڪن ۽ قومن جي سياسي، سماجي، ادبي، علمي ۽ تاريخي ۽ مذهبي حالتن جي پروڙ پوي ٿي. انھن قومن جي نظرياتي ۽ عملي جدوجھد، قومن جي جاکوڙ ۽ ادبي ۽ فني لاڙن ۽ اسلوبن جي معلومات ملي ٿي. خاص طور علمي ۽ ادبي ڪتابن جي ترجمن سان ترجمو ٿيندڙ ٻوليءَ ۾ علمي ۽ ادبي شاهوڪاري پڻ اچي ٿي تہ انھيءَ ٻوليءَ جي وڌڻ ۽ ويجهڻ سبب فڪري ۽ فني قوتن ۾ اضافو ٿيئي ٿو. انھيءَ لاءِ نجم عباسي لکي ٿو تہ، ”مترجم جڏهن ڪو ادبي شاهڪار پڙهندو آهي تہ، ان کي ترجمو ڪندو آهي جڳ مشھور لکڻين کي پنھنجي ٻوليءَ جو ويس ڍڪائيندو آهي. اهڙيون لکڻيون جن ۾ پنھنجي ٻوليءَ وارن لاءِ ڪا نظرياتي، عملي ۽ ڪارائتي ڳالھ معلوم ٿيندي آهي سا ترجمو ڪئي ويندي آهي.“ (1)
ڏٺو وڃي تہ ادب جي شاهوڪاريءَ جو دارومدار نہ فقط ٻوليءَ جي اصلوڪين لکڻين تي آهي پر ٻين ٻولين جي اعلىٰ ترجمن تي پڻ آهي. هڪ ٻوليءَ ۾ مختلف موضوعن تي ڪيل ترجما انھيءَ ٻوليءَ ۽ ادب جي وسعت ڄاڻائين ٿا. هاڻي ترجمي ڪرڻ جا ڪھڙا طريقا آهن؟ مترجم/ سنڌيڪار جون ڪھڙيون جوبداريون آهن؟ ۽ ٻيا ڪيترائي سوال ڪنھن ڪتاب جي ترجمي جي پروڙ لاءِ ذهن ۾ اچن ٿا پر هتي موضوع جي مناسبت سان مختصراً چند سٽون ترجما نگاريءَ بابت ڏنيون اٿم.
ادب ۾ نثر ۽ نظم ٻنھي شاخن جي ترجمي ڪرڻ جا طريقا، اصول ۽ گهرجون الڳ الڳ آهن. مقرر ماپن ۽ معيارمطابق ئي ترجمي جي عمل جو پورائو ڪرڻ مترجم جي جوبداري آهي ترجمو اصل جو نقل آهي پر مترجم کي اصل جو نقل پيش ڪندي بہ انھيءَ کي اصل جھڙو ڪري پيش ڪرڻو آهي انھيءَ لاءِ سندس جو ٻنھي ٻولين تي عبور حاصل هئڻ ضروري آهي ترجمان مفسر بہ آهي تہ شارح پڻ، تخليق ڪار بہ آهي تہ مترجم پڻ. کيس گهڻي احتياط سوچ ۽ سمجه سان گڏ وڏيءَ محنت جي ضرورت آهي، کيس ڪتاب جي اصليت Originality)) کي بہ قائم رکڻو آهي. مترجم جي قلم جو ڪمال، تخليقي قوت، ادبي ۽ تحقيقي صلاحيتون، عملي ڪاوشون ۽ خاص طور اصلي فن پاري سان سچائي ۽ ترجمي ڪرڻ جي اصولن جو پورائو، کيس ڪاميابيءَ ڏي موڙيندا آهن. هن جي سڄي جستجو اها هئڻ گهرجي تہ سندس ذاتي لکڻيءَ جي ڇاپ ترجمي ۾ ڪاهي نہ پوي ۽ نہ ئي مواد ۾ تبديلي اچي ۽ يا ڪو واڌاءُ جو امڪان رهي.
ترجما آزاد ۽ لفظي ڪيا وڃن ٿا. لفظي ترجما فقط سائنسي، علمي، لغت ۽ گرامر جي ڪتابن جا ٿيندا آهن تہ آزاد ترجما نثر ۽ نظم جي مختلف صنفن ۾ ڪيا ويندا آهن. نثر جا ترجما اکر با اکر ڪرڻ مشڪل آهن جو ڪٿي ڪي اصطلاح، تشبيھون ۽ روايتي لفظ اهڙا هوندا آهن جيڪي ترجمن ۾ جيئن جو تيئن جي بنياد تي نٿا اچي سگهن. مترجم جي لاءِ ٻنھي ٻولين جي گرامر ۽ لفظن جي ڀنڊار جي معلومات هئڻ ضروري آهي. کيس انھيءَ ماحول يا مزاج جنھن تحت اصل ليکڪ لکيو آهي جي پرک پڻ هجي تہ جيئن هو لکندڙ جي فن پاري کي صحيح سمجهي ۽ ٻين کي سمجهائي سگهي.
سنڌيءَ ۾ اهم ترجما ۽ ارتقا
سنڌي ٻولي هڪ قديم ٻولي آهي. جنھن جي نثر جو بنياد ترجمي تي ٻڌل آهي. باقائدہ نثر جو تحريري ۽ لکت ۾ موجود نمونو آخوند عزيز ﷲ جو قرآن پاڪ جو ڪيل سنڌي ترجمو شمار ٿيئي ٿو. انھيءَ کان پوءِڪيترائي ديني ڪتاب ترجمو ٿيا انگريز دور ۾ موجودہ، صورتخطي رائج ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڪتاب ٻين ٻولين جيئن عربي، فارسي، سنسڪرت، اردو ۽ انگريزيءَ تان ترجما ٿيا. انگريز دور ۾ سنڌي عربي صورتخطي رائج ٿيڻ، پرنٽنگ پريسون قائم ٿيڻ ۽ اسڪولن جي لاءِ درسي نصاب شايع ٿيڻ سان گڏ ئي علمي ۽ ادبي ڪتابن جي ترجمن تي ڌيان ڏنو ويو. داستان، قصا، ناول ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب ترجمو ٿيا. ناول جي صنف ۾ پھريون ناول ”راسيلاس“ ديوان نولرا ۽ شوقيرام آڏواڻي ۽ اڌارام ٿانور داس مير چنداڻي ترجمو ڪيو تہ پھريون مضمونن جو مجموعو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بيڪن جي مضمونن تان ”مقالات الحڪمت جي عنوان سان ڪيو، ان کانپوءِ مرزا صاحب گهڻي ۾ گهڻا ناٽڪ ۽ ناول ترجمو ڪيا.جيئن ”سچي محبت“، ”گليور جو سير ۽ سفر“ ”شھزادو بھرام“ ۽ ٻيا ٻين موضوعن تي پڻ انيڪ ڪتاب ترجما ڪيائين. داستان گوئيءَ جي حوالي سان آخوند لطف ﷲ جي ”چار درويش“ حاجي امام بخش خادم جي ”الف ليليٰ“ وڏي مشھور ماڻي ۽ ٻين ڪيترن ليکڪن هن ڪم ۾ هٿ ونڊايو انھن ۾ ديوان ننديرام سيوهاڻي، ديوان ڪوڙومل، لعل چندامرڏنومل جڳتياڻي، احمد غلام علي چاڳلا، عثمان علي انصاري، خانچند درياڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، ميلارام منگتاڻي ۽ ٻيا ڪيترا مترجم آهن. 1947ع کان پوءِ جي مترجمن ۾ مخدوم امير احمد، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، احسان بدوي، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، اياز قادري، اڪرم انصاري، نور الدين سرڪي، عطا محمد ڀنڀرو، نجم عباسي، ولي رام ولڀ، حسين بادشاھ، دادا سنڌي، فضل احمد بچاڻي، يوسف سنڌي، ننگر چنا جو پورهيو شامل آهي.

ترجمن سان سنڌ جي شعور ۾ واڌ
سنڌي ادب ۾ هزارين ڪتاب ترجمو ڪيل مختلف موضوعن جيئن طب، قانون، فلسفو، تاريخ، ادب، (ناول، ناٽڪ،ڪھاڻيون، مضمون، آتم ڪھاڻيون، سوانح عمريون) ۽ ٻين موضوعن تي ملن ٿا. جن پڙهندڙن ۾ سياسي، سماجي، اخلاقي، ديني ۽ ادبي شعور تہ آندو آهي پر انھن ترجمن جي مقبوليت مان سنڌ واسين جي لساني حڪمت عمليءَ جو شعور، علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جي بہ ڄاڻ ملي آهي. انھن مترجمن جديد مغربي تھذيب ۽ ادب جي پنھنجي پڙهندڙن سان آشنائي ڪرائي ۽ سنڌ ۾ فڪري، سماجي ۽ معاشي ترقيءَ جا بنياد رکيا. دنيا جي ادبي فڪرن ۽ لاڙن کي سنڌيءَ ۾ آندو اصل ليکڪن جون سوچون، آدرش ۽ معلومات پرڏيھي ٻوليءَ مان پنھنجي زبان ۾ آندا ترجمن وسيلي سنڌي ادب ڪيترن ئي مرحلن مان لنگهيو آهي، ولي رام ولڀ هن حوالي سان لکيو آهي تہ،
”اسان جي ٻوليءَ جو ادب بہ فڪر، ٽيڪنيڪ، فارم ۽ ڪنٽينيٽ جي جن مرحلن مان گذري جنھن منزل تي پھتو آهي. انھيءَ کي ڏسبو تہ اسان بيشڪ پنھنجي ڌرتيءَ جي تاريخي، جاگرافيائي، سياسي، معاشي، مذهبي ۽ سماجي حالتن جو ڪچو مال استمعال ڪيو آهي، پر ساڳئي وقت پرڏيھي ادب جي مختلف ذهني ۽ فڪري لاڙن ۽ نظرين کي قبولي فارم ۽ ٽيڪنيڪ جا تجربا بہ ڪيا آهن اهڙي قسم جا تجربا اسان کي هڪٻئي جي ويجهو آڻين ٿا ۽ هڪ ٻئي جي ڳانڊاپي ۾ مدد ڪن ٿا. اسان کي پرڏيھي ادب جي هر صنف جي شاهڪار ڪتابن کي ترجمو ڪرائڻ گهرجي“. (2)
مٿي وليرام صاحب ترجمن جي شعوري اهميت ۽ افاديت ڄاڻائي آهي جنھن مان ظاهر ٿيئي ٿو تہ، ترجما نگاريءَ جو عمل ٻولين جي لاڳاپي ۽ علم ادب جي ترقيءَ لاِ انتھائي مفيد آهي. عطا محمد ڀنڀرو جون خدمتون هن ڏس ۾ اهم آهن.
هيٺ سندن چند ڪتابن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

ڀٽ جو گهوٽ: عطا محمد ڀنڀري صاحب جو پھريون ترجمو ڪيل ڪتاب آهي جو ڊاڪٽرايڇ ٽي سارلي جي شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ بابت تحقيقي مقالي جو ترجمو آهي. عطا محمد ڀنڀرو هن ڪتاب کي 1992ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي ساڳئي سال ۾ شايع ڪيو. ڊاڪٽر ايڇ ٽي سارلي جي مقالي جو انگريزيءَ ۾ عنوان “Shah Abdul Latif Of Bhit” آهي. ڊاڪٽر ايڇ ٽي سارلي اسڪاٽ لينڊ جو رهاڪو انڊين سول سروس ۾ 1930ع ڌاري ڪليڪٽر جي عھدي تي مقرر هو. جنھن سنڌ جي هن عظيم شاعر جي شاعريءَ جي تحقيقي اڀياس کي ترجيح ڏيندي سندس شاعريءَ بابت مقالو لکي برطانيہ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هو شاھ صاحب جي اهم شارحن ۾ شمار ٿيئي ٿو تہ گڏ انگريزي ٻوليءَ معرفت شاھ لطيف کي پوريءَ دنيا ۾ پُر دلائل نموني متعارف ڪرائڻ وارو محقق پڻ. هيءُ ترجمو شاھ لطيف جي رسالي جي شارحن ۽ شائقين ۽ محققن لاءِ سنڌيءَ ۾ هڪ وڏي وٿ آهي. 620 صفحن جو ”ڀٽ جو گهوٽ“ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پھريون ڀاڱو، تاريخ جي عنوان سان ڇھن بابن تي مشتمل آهي جنھن ۾ شاھ کان اڳ سنڌ جون حالتون، مغلن ۽ ڪلھوڙن جو دؤر سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ جا دنيا سان لاڳاپا، ڍل ۽ محصول جا سرشتا، ملڪ جو طبقاتي نظام ۽ شاھ لطيف جو تعارف ڏنل آهي.
ٻيو ڀاڱو، ادب ۽ تنقيد جي عنوان سان ستن بابن تي آڌاريل آهي، جنھن ۾ عظيم شاعر جو جنم، سندس علم ۽ ڄاڻ، شاعريءَ جو موسيقيءَ سان ربط، شاھ جي سنڌي بيتن سان گڏ ترجمو ٿيل انگريزيءَ ۾ شاعري ۽ سندس فن بابت وضاحتون، سنڌي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جا اثر، شاھ جي شاعراڻي ٻوليءَ جو مشاهدو، تصوف جي وضاحت، اسلامي تصوف، سنڌ ۾ تصوف شاھ لطيف ۽ ٻين بزرگ شاعرن جو ذڪر آهي.
ٽيون ڀاڱو، ڊاڪٽر سارليءَ جي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل شاھ جي بيتن تي مشتمل آهي ۽ اهي چونڊ سنڌي بيت پڻ ڏنل آهي. مجموعي طور هيءُ مقالو شاھ لطيف جي فن فڪر، ان وقت جي حالتن ۽ شاھ جي شاعراڻي ٻولي لوڪ داستانن ۽ ٻين موضوعن تي مشتمل آهي. جنھن جو طاقتور پھلو ”تصوف“ آهي. عطا محمد صاحب هن تحقيق کي انگريزيءَ مان آسان، عام فھم ۽ شانائتي لفظن ۾ ترجمو ڪيو آهي جو ڪنھن بہ حال کان ترجمو ٿيل ڪتاب نٿو لڳي ايئن لڳي ٿو تہ ”لطيف شناسيءَ“ جي شناس خود مترجم وٽ پڻ موجود آهي. ڊاڪٽر سارليءَ چواڻيءَ تہ، ”ڪوبہ مترجم پنھنجي ڪم کي تيسيتائين مڪمل ڪونہ سمجهندو جيستائين هو پنھنجي پڙهندڙن کي اصل کي پاڻ هٿ ڪرڻ لاءِ آمادہ نہ ڪندو“. (3) سو ڊاڪٽر سارليءَ جو شاھ لطيف جي شاعريءَ جو ڪيل انگريزي ترجمو ۽ مڪمل مقالو توڻي سنڌيءَ ۾ هي ترجمو لطيف شناسيءَ جي اڀياس لاءِ پڙهندڙن کي متوجھہ ڪري ٿو.
جيئن تہ ترجمو اصل جو نقل آهي پر سٺو ۽ سوادي ترجمو ڪڏهن ڪڏهن اصل کان پڻ گوءِ کڻي ويندڙ لڳي ٿو. ڪتاب مان ڪي حوالا انھيءَ چٽائيءَ لاءِ ڏجن ٿا.
”صوفياڻي ۽ روحانيت واري شاعريءَ ۾ علامتون ۽ ڳجهيون معنائون ان جون خاص خوبيون آهن ۽ ان جي ٻولي بہ اعلىٰ معيار جي هوندي آهي. (4)
”تصوف جي تاريخ ڏاڍي پيچيدي آهي. جنھن ۾ گهڻن عقيدن جو ميلاپ ۽ ڳانڍاپو آهي. جيڪي مختلف طريقن سان محدود زريعن کان آيا هئا“. (ص – 295)
”صوفياڻو عشق جنھن سان سڄو رسالو ڀريو پيو آهي سو بہ اندروني طور مذهبي رنگ ۾ رنگيل آهي. ان جو مقصد احترام سان ان طاقت جي عبادت ڪرڻ آهي جيڪا انساني ڪوشش کان مٿڀري آهي. (5) 1992ع ۾ ڪيل هي ترجمو شاھ لطيف جي فن ۽ فڪر بابت اڄ تقريباً چاليھن سالن کان پوءِ پڻ سنڌ ۾ پنھنجي موضوع جي حوالي سان اهميت ۽ افاديت وارو قرار ڏنو وڃي ٿو“.
سنڌؤَ جو سفر: عطا محمد ڀنڀرو جو ڪتاب 1994ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ شايع ڪيو جو اصل اليگزينڊر برنس 1831ع ۾ لکيو هو. هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ بابت ضروري معلومات ڏئي ٿو تہ سنڌ، هند، ايران ۽ افغانستان جي سياسي حالتن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي. مترجم موجب تہ، انگريزن ڪنھن مصلحت ۽ دورانديشيءَ کان ڪم وٺي پھريائين 1843ع تي سنڌ ۾ قبضو ڪري 1848ع ۾ پنجاب فتح ڪري پوءِ 1857ع ۾ دھليءَ تي دنگو ڄمايو. سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ۾ هنن سنڌؤَ ذريعي فوجي اهميت وارا ماڳ ڏسڻ پئي گهريا. اليگزينڊر برنس، ان دؤر جي سنڌؤَ جي وهڪري جو اکين ڏٺو شاهد هو. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي جنھن جي پھرين ڀاڱي ۾ پنج باب ۽ ٻئي ۾ سورنھن باب آهن. جن ۾ ٺٽي، حيدرآبا، بکر، سيوهڻ، سان گڏ لاهور جو ذڪر آهي جو برنس سنڌ کان لاهور ۽ راويءَ تائين سفر ڪيو هو. سنڌؤَ جي ڇوڙ وارو علائقو ۽ ليکڪ جا مشاهدا بيان ڪيل آهن. هڪ لحاظ کان هيءُ تاريخي ۽ جاگرافيائي ڄاڻ ڏيندڙ سفرنامو بہ آهي. برنس جي سنڌين بابت راءِ کي عطا محمد هن ريت بيان ڪيو آهي.
”جنگ جي ميدان ۾ سنڌي ڏاڍا جهونجهار، اِڙٻنگ ۽ ارڏا مڙس آهن، جيڪڏهن اسان ايمانداريءَ ۽ انصاف سان ويھي نتيجن کي جاچينداسين تہ سڀني پاڙيسري ملڪن ۾ بھادريءَ جي لحاظ کان سنڌي عظمت جا مالڪ آهن. سنڌي جنگ جي فن ۾ هڪ مھان قوم آهي. ايشيا جي ٻين قومن جي برخلاف سنڌي پيادل جنگ ڪرڻ جا شوقين آهن“. (6)
سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو: جي آر هنٽر جو لکيل ڪتاب عطا محمد ڀنڀرو ترجمو ڪيو جو سنڌي ٻوليءَ جي بااختياراداري 1995ع ۾ شايع ڪيو. ڊاڪٽر هنٽر هيءُ ڪتاب 1929ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو. هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي لکتن جو ٻين لکتن سان سنٻڌ، جدول ۾ ڏنل علامتي نشانين جي ڇنڊڇاڻ، قديم سنڌو لکت جي علامتي نشانين جون جدولون، موهن جي دڙي جي مھرن جا نمبر پليٽيون ۽ ٻيا موضوع ڏنل آهن.
سنڌ جي قديم آثارن ۽ سڀيتا تي ڪم ڪندڙن ۾ هينري ڪرنس، سرجان مارشل، نوني گوپال مجمدار ۽ ٻيا آهن تہ سنڌو لکت بابت ايس آر راءُ، مھا ديوان، آسڪو پارپولا، سڊني سمٿ، جي.آر هنٽر ۽ ٻين جو ڪم ملي ٿو. جي.آر.هنٽر جو هيءُ ڪتاب موضوع توڙي مواد جي حوالي سان ڪارائتو آهي جنھن کي عطا محمد صاحب سھڻائيءَ سان ترجمو ڪيو آهي لکي ٿو تہ، ”کوٽاين ۽ کوجنائن مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي تہ جھڙا سڪا موهن جي دڙي مان مليا آهن. اهڙا دنيا جي ڪنھن بہ قديم آثار مان ڪو نہ مليا آهن. حقيقت هيءَ آهي تہ سنڌ جي ماڻھن ئي سڀ کان پھرين سڪن جوڙڻ جي شروعات ڪئي“ اڳيان هنٽر جي حوالي سان ڄاڻايو اٿن تہ،
1. سنڌو لکت صوتي(Phonetic) آهي.
2. هن جو بڻ بنياد تصويري ۽ تصوري آهي.
3. هيءَ لکت ٽي هزار قبل مسيح کان بہ گهڻو آڳاٽي آهي. (7)
سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو: ڪتاب جنرل هيگ جو لکيل آهي. ڀنڀرو صاحب جو ڪيل ترجمو 1995ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران شايع ٿيو آهي. ڪل نون بابن ۽ پنجن ضميمن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي بابت سڪندر جي حملي جي وقت کان وٺي معلومات ڏنل آهي. جنرل هيگ پھريون مصنف هو جنھن هن علائقي بابت معياري معلومات ڏني. هن ۾ ماموئي فقيرن جون اڳڪٿيون تاريخي حوالي سان ڄاڻايل آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي ميداني علائقن، درياهن جي پراڻن ٻيٽن سنڌوءَ جي قديم وهڪرن ۽ هاڻوڪي وهڪري ۽ انھيءَ جي ايراضيءَ جي تفصيل بابت آهي ليکڪ لکي ٿو تہ، ”ڇوڙ واري علائقي جي جاگرافي ۽ ان منجهان وهندڙ ڦاٽن جو مختصر احوال هن ريت آهي تہ، ”هتان جا ماڻھو پنھنجي جاگرافيائي نقطئہ نظر کان سنڌو ماٿريءَ جي هيٺين حصي کي ٽن ڀاگن ۾ ورهائيندا هئا. جن مان هڪ سروUpper Country ۽ ٻيو وچولو Middle Country ۽ ٽيون لاڙ Sloping descending country آهي جيڪو لھوارو ٿيندو ۽ هيٺ سمنڊ ڏانھن هلندو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت سيوهڻ کان چاليھ ميل مٿي ستاويھ ڊگريون اتر، ويڪرائي ڦاڪ تي، اتر سنڌ جو علائقو آهي. ان علائقي جي هيٺيئن دنگ کان وٺي حيدرآباد تائين ”وچولو“ سڏيو ويندو آهي ۽ حيدرآباد کان وٺي سمنڊ تائين ساري پرڳڻي کي لاڙ چوندا آهن سنڌ جي ڇوڙ وارو اهو تاريخي علائقو آهي جنھن کي سڪندر جي حملي دوران، ان جي مؤرخن جو پھريون نظرون پيون هيون“. اڳيان لکي ٿوتہ، ”سنڌي جنھن خطي کي لاڙ“ سڏيندا آهن، سو گهڻي ڀاڱي ”پٽاليني“ (Patalene ) واري جوءِ سان ڀيت آهي ۽ اهوئي سنڌوءَ جو ڇوڙوارو علائقو آهي جيڪو يونانين جي وقت ۾ موجود هو“. (8)
هيءُ ڪتاب پنھنجي موضوع جي حوالي سان هڪ منفرد ڪتاب آهي جنھن جو ترجمو احسن طريقي سان ٿيل آهي.
سنڌ جو مھراڻ: ڪتاب ليکڪ راورٽي جو لکيل آهي عطا محمد جي ڪيل هن ترجمي کي 1995ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري شايع ڪيو. راورٽيءَ جي هن ڪتاب ۾ سنڌ کان سواءِ پنجاب جي درياهن جو بہ ذڪر آهي پر مھراڻ آف سنڌ / سنڌ جو مھراڻ هيءُ ڪتاب خاص طور سنڌو درياھ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏئي ٿو. وقت سان تبديل ٿيندڙ درياھ جي وهڪرن کي سھڻي نموني سان سمجهايو ويو آهي.
سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي: ڊاڪٽر ڊيورٽيءَ جو لکيل آهي. عطا محمد ڀنڀرو جو ڪيل هي ترجمو سنڌيڪا ڪراچي 1999ع ۾ شايع ڪيو. 426 صفحن جي هن ڪتاب جا 9 باب آهن. انگريزن طرفان سنڌ ۾ مقرر فرانسيسي عملدار ڊيورٽيءَ انگريزن جي سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ طور طريقن کي بيان ڪيو آهي. سندس موجب 1613ع ۾ تجارتي مقصد لاءِ آيل انگريز قوم 1848ع تائين پنھنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ چالاڪين ۽ هوشيارين سان رستو قائم رکيو جو مستقل سندن حڪومتي دور تائين قائم رهيو. ليکڪ انھيءَ دور جي واقعن ۽ حقيقتن جو تاريخي ۽ سياسي پس منظر پنھنجي ذاتي تجربي، مشاهدي ۽ ڄاڻ سان بي ڊپائي ۽ غير جانبداريءَ سان هن ڪتاب ۾ آندو آهي. ڪتاب جي اهميت فھرست ۽ مواد مان ئي پڌري آهي. انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو سنڌ سان واپار، انگرزن جا لڪل مقصد، 1805ع ۾ سنڌ اچڻ ۽ حيدرآباد جي ٽالپر درٻار ۾ انگريز نمائندن جو مقرر ٿيڻ، سنڌ انگريز لاڳاپا 1816-1826ع. انگريز سياحن جو 1827ع کان اچڻ. سنڌ جي ميرن مٿان دٻاءُ، ميرن سان معاهدو، افغان جنگ دوران انگريزن جا سنڌ سان لاڳاپا1839-1842ع تائين، انگريزن جو سنڌ تي قبضو، حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن سان لاڳاپا، افغانستان مان انگريز فوج جي تباھ حال واپسي، مياڻيءَ جي جنگ کان اڳ وارا واقعا ۽ ٻيا احوال شامل آهن.
عطا محمد صاحب هڪ اهم موضوع تي تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب ترجمو ڪيو آهي. هن ڪنھن پرڏيھي ٻوليءَ جي ڪتاب کي جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڍڪايو آهي تڏهن انھيءَ ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ نہ فقط انھيءَ کي آسان سمجه ۾ ايندڙ سنڌيءَ ۾ آهي پر هن وڏي ڪوشش اها بہ ڪئي آهي تہ ڏکين لفظن کان پاسو ڪري ۽ ٺھڪندڙ سنڌي لفظ ۽ محاورا استعمال ڪري، ”جيئن ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا“، ”گهوٽ ماءُ کان اهنر ماءُ تڪڙي“، ”هوڏانھن باھ هيڏانھن پاڻي“، ”مٺي بہ ماٺ تہ مُٺي بہ ماٺ“، ”جهڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي“ ۽ ٻيا آهن. جن سان ڪتاب اصل جو ڏيک ڏئي ٿو ۽ سڄو ڪتاب تاريخي حقيقتن کي سولائيءَ سان سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. بيھڪ جون نشانيون توڻي جملن ۾ لفظن جو استعمال ايترو تہ هندائتو آهي جو اهو مڃڻو پوي ٿو تہ هيءُ ڪتاب ڪنھن بہ حال ۾ ترجمو نٿو لڳي اهائي ڪنھن مترجم جي ڪاميابي آهي هيٺ چند حوالا ڏجن ٿا.
”ميرن ۾ ٻي اهڙي ڳالھ هئي جو سندن فياض طبعيت ۾ هڪ محافظ وارو جذبو پيدا ٿي ويو هو. مير جڏهن انگريز سرڪار سان ڪا روهنوار ڪندا هئا تہ سندن رويو ٻارن جھڙو هوندو هو. هنن جو پنھنجي سنڌي عملدارن تي پورو ويساھ ڪونہ هوندو هو ۽ انھن کي انگريزن سان مذاڪرات ڪرڻ جو اختيار ڪونہ هوندو هو. انھيءَ ڪم لاءِ هنن ايران جي ڌارين ماڻھن کي مقرر ڪيو جيڪي انگريز سفيرن ۽ نمائندن سان سياسي ڳالھيون ڪندا هئا“. (9)
”اهو بہ سچ هو تہ هن مختصر مدت دوران ويچارا مير ڏاڍا ڏهڪائجي ويا هئا. چوڌاري جيڪي ڪجهہ ٿي رهيو هو يا جيڪي ڪنن ٻڌوهئائون تنھن سندن ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون. اُلڪي ۽ اُڊڪي ڪري سندن ڪَنُ اُٻڙا ٿي ويا هئا. اڳي رڳو کين غلط فھميون هيون، پر هاڻي ويساھ وسھي رهيا هئا تہ سندن خير ڪو نہ آهي“. (10)
هيءُ ڪتاب موضوع، مواد ۽ ترجمي جي خوبين جي ڪري سنڌي ادب، تاريخ ۽ تحقيق ۾ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي.
حر گوريلا جنگ: ايڇ ٽي ليمبرڪ جي مشھور ڪتاب ”دي ٽيررسٽ“ جو ترجمو آهي. ايڇ ٽي ليمبرڪ سنڌ تي انگريز دور جو اهو حاڪم هو جنھن ڌرتيءَ ڌڻين تي ٽانڊا ٻاري ڇڏيا ۽ حُرن جي خلاف ٿي ٻہ لک مرد توڙي عورتون ۽ ٻار دربدر ٺوڪرون کائڻ لاءِ پري جي جيلن ۾ بند ڪرايائين ۽ حُرن کي مڪمل طور ٽيررسٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ هيءُ ڪتاب لکيائين جنھن ۾ سندن لاءِ هڪ خراب ترين تصور پوريءَ دنيا کي ڏنائين (هن ڪتاب جي ناڪاري اثر کان پوءَ هن تحريڪ جو مسبت رخ محمد عثمان ڏيپلائيءَ ”سانگهڙ“ ناول معرفت ڏنو آهي هن سي ڪلاس جيل حيدرآباد ۾ حر قيدين سان ملاقاتون ڪيون جن کي حر جي انھن اڳواڻن ٿي ويل اصل واقعن جو پتو هو، انھيءَ کي بنياد بنائي ڏيپلائي صاحب ”سانگهڙ جھڙو شاندار ناول لکيو جو ليمبرڪ جي نفرت انگيز بيان کان پوءِ پھريون دفعو حُرن کي محب وطن پيش ڪندڙ ڪتاب آهي) ڀنڀرو صاحب هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري انگريزن جي سنڌين ۽ خاص طور حُرن بابت سوچ کي سنڌواسين سان ونڊ ڪيو آهي. حر گوريلا جنگ، حُرتحريڪ جي هڪ طاقتورفرد سائين رکيو جي واتان پير صاحب پاڳارو جي مزاحمتي تحريڪ جي حال احوال ۽ ٻين قلمي دستاويزن جي ميڙن چونڊيءَ تي مرتب ڪيل آهي. حرن خلاف ڪارواين جي ڊگهي سلسلي ۽ سندن ناقابل شڪست سگه، سھپ ۽ سندن گوريلا ڪارواين جي بي رحميءَ کي ڄاڻائي ٿو. حُر مدافعتي تحريڪ ڪڏهن بہ هيڻي ٻولي نہ ٻولي تہ ڪڏهن مايوس ٿيا. پنھنجي مقصد تي قائم رهيا تہ، انگريز ملڪ ڇڏي وڃي ۽ سندن پيرجي گادي بحال ٿيئي“. ليمبرڪ 1946ع تائين پنھنجي ڪرسيءَ تي موجود هوندي پنھنجون مڪمل صلاحتون حُرن کي ڪچلڻ ۾ لڳايون ۽ هن اهو ڪتاب هڪ اديب، مؤرخ ۽ محقق طور نہ پر حرن کي دھشتگرد ۽ هڪ ڳجهي زيرِ زمين تحريڪ سڏيندي سندن تحريڪ جي اهم ماڻھن جا نالا ۽ ڪم معلوم ڪري سندن ئي واتان هن تحريڪ جون اَوڻايون پيش ڪيون آهن. الھ رکيو رحيم ڏني ڏي موڪليل پنھنجي پيغام ۾ قيديءَ کي چوي ٿو تہ، “بابي مون کي ٿڌي ٿانھري ٿيڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيائين جيڪڏهن ڪجهہ ٿيئي تہ هوءِ هواءِ ڪري ڪو اوڻو پير نہ کڻجان جيستائين مٿان کان حڪم نٿا ملن، تيستائين اُٻھرو نہ ٿجانءِ سڀني ڳالھين جو اڳواٽ بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ ڪڏهن بہ ايمان نہ لوڙجهان ۽ سندس ڳالھائڻ مھل مان ايئن سمجهي رهيو هوس ڄڻ سڄي حُر جماعت جي سگهہ بڻجي ويو آهيان“. (11)
روشني پبليڪيشن پاران 2002ع ۾ ڇپايل هيءُ ڪتاب موضوع جي حوالي سان هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو جنھن ۾ هڪ انگريز عملدار طرفان سنڌ جي حالتن ۽ حُرتحريڪ جو بيان آهي هن ۾ چڱا ۽ مٺا ڪيترائي آفيسر ۽ ڏيھي ماڻھو ذڪر ڪيل آهن. عطا محمد جو هيءُ ڪتاب بہ موضوع ۽ مواد مطابق اهميت جوڳو آهي.
سنڌؤَ ڪناري وساريل شھر: جا سھڙيندڙ مائيڪل جئنسن، ميري ميولا ۽ گونٽر اربن آهن. عطا محمد ڀنڀري جي ڪيل هن ترجمي کي سڌيڪا اڪيڊمي 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پرڏيھي ليکڪن گونٽر، رچرڊ ايڇ ميڊو، مونيڪ، ائنميري شمل، پاسڪل سيليئر، سر جان مارشل، آسڪو پارپولا، مائيڪل جانسن، جارج ايلف ڊيلس سان گڏ پاڪستان جي محمد رفيق مغل ۽ ايم.اي حليم جا تحقيقي ليک سنڌ جي ماڳن، پراڻين وسندين، جيئن مھر ڳڙھ، هڙاپا، موهن جو دڙو، ثقافت ۽ سنڌؤَ جي سڀيتا جي ٻين موضوعن تي آهن. ”سنڌو سڀيتا جي ابتدا“ جي ليک ۾ ليکڪ لکي ٿو تہ، ”سنڌو سڀيتا جا ماڻھو سنکن، ڪوڏن، چيني مٽي ۽ ٺڪر جي چوڙين جا مھان ڪاريگر هئا. اهو بہ معلوم ٿيئي ٿو تہ سنڌو ماٿريءَ جا هي ماڻھو ميڻن، پٿر جي مختلف شين ۽ اُڪير ڪري مھر جوڙڻ ۾ پڻ ڏات ڌڻي هئا. ٽامون رجائي انھيءَ مان استعمال جي مختلف شين ٺاهڻ جو بہ وٽن ڏانءُ هو. هتي ڪيتريون شيون جهجهي انداز ۾ تيار ڪيون وينديون هيون جيڪي نھايت معياري هونديون هيون“. (12) هن ڪتاب ۾ سنڌو نديءَ جي تھذيب جي بُڻ بنياد کان وٺي هيئت، عروج ۽ زوال جو تحقيقي جائزو ڏنل آهي.
سنڌ جيئن مون ڏٺي: ٽي.پوسٽنس جو لکيل ڪتاب ارڙهن بابن ۽ ضميمن تي مشتمل آهي. عطا محمد جي ڪيل هن ترجمي کي سنڌيڪا اڪيڊمي 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي. موضوع جي حوالي سان هيءُ ڪتاب پڻ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، قومن، ذاتين، ريتن رسمن، شھرن ۽ ڳوٺن جي ڄاڻ سان گڏ قديم دؤر کان عرب، سومرا، سما، ارغون، ترخان، مغل، ڪلھوڙا، ٽالپر ۽ انگريز دؤر جي راڄڌانيءَ جي احوال تي مشتمل آهي. ننڍي کنڊ ۾ انگريز دؤر ۾ جيڪي بہ انگريز عملدار آيا انھن هتي رهڻ جي عرصي دوران سنڌ جي تاريخ، تمدن، حالتن، ماضي ۽ حال تي پنھنجون يادگيريون قلمبند ڪيون جيڪي ڪتابي صورت ۾ انگلينڊ ۾ پڻ ڪتاب ڇپيا تہ ڪي سنڌ ۾ پڻ شايع ٿيا. اهڙن ليکڪن ۾ ٽي.پوسٽنس جو نالو پڻ اهم آهي، سندس لکيل ڪتابن ۾ هن ڪتاب “Personal Observation on Sindh” کي خاص حيثيت حاصل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ بابت ڪيترين ڳالھين جو ذڪر تفصيلي آهي سنڌ جي شھرن ۽ قومن، تمدني ۽ ثقافتي رُخن کي وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي. هيءُ هڪ شخص جي ذاتي راءِ دنيا جي هڪ قديم وسنديءَ جي تھذيب بابت آهي جنھن ۾ هن ڳچ مواد هڪ هنڌ جائيتو ڏنو آهي. ڪيترن ئي موضوعن تي ساڻس اختلاف بہ ڪري سگهجي ٿو ڇو جو سندس ڪن ڳالھين بابت معلومات ڪٿي ڪٿي اڻ پوري بہ آهي. اهڙن انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن سان بين الاقوامي طور جيتري معلومات ٻين ملڪن ۾ سنڌين بابت پھتي انھيءَ سان هن خطي جي رهواسين بابت ڪي ناڪاري اثر پڻ پيا تہ ڪي هاڪاري رخ پڻ هن خطي جا سامھان آيا. عطا محمد سنڌ جي بابت لکيل انگريز دؤر جي ڪيترن ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪري سنڌي پڙهندڙن کي پرڏيھي ليکڪن جي خيالن جي شناسائي ڏني آهي. ٽي.پوسٽنس جا خيال بلوچ قبيلي متعلق هن ريت آهن.
”ٻروچن جو چوڻ آهي تہ سندن نسلي واسطو يھودين سان ڪونہ آهي سندن تمنا اها آهي تہ کين عرب نسل جو سمجهيو وڃي پر مان سمجهان ٿو تہ سندن عادتون ڏيکارن ٿيون تہ اهي عرب ڪونہ آهن. منھن مھانڊن ڍنگ ۽ ڊپ مان معلوم ٿيئي ٿو سندن نسلي واسطو يھودين آهي“. (13)
”عام ماڻھن کان وٺي سنڌ جي حڪمرانن تائين سڀ ماڻھو اڻ پڙهيل ڄٽ آهن انڪري وحشي ۽ جهنگلي پيا ڀانئبا. هن قسم جو ٻوسٽ وارو وايو منڊل، ٻروچن جي ڪيس ۽ ڪلور ڌاڙن ۽ ڦرلٽ ۽ سندن ڀوائتي ۽ خونخوار هلت چلت ڪري ويتر نفرت جوڳو بڻجي ويو آهي“. (ص – 58)
”سنڌ ۾ هڪ ٻئي کي کيڪارڻ جو طريقو بہ پنھنجو ۽ منفرد آهي جنھن مان معلوم ٿيندو تہ ماڻھو سادا سودا ۽ سٻاجهڙا آهن“. (14)
”ٽالپر خاص شڪار جا شوقين آهن ۽ هٿيارن ۽ گهوڙن جا گهڻا شوقين ڏسبا، پنھنجا ماڻھو ايران ۽ ترڪيءَ موڪليندا آهن تہ اُتان بندوقن جون نريون ۽ ترارين جا سٺا ڦر هٿ ڪري سگهن ۽ اهڙي قسم جا هٿيار وٽن اڳيئي اڻ ڳڻ آهن“. (15)
هيءُ ڪتاب سنڌ جي بابت انيڪ موضوعن تي تفصيلي معلومات ڏيندڙ آهي چند غلط بيانين جي باوجود موضوع جي ڄاڻ مطابق ڪارآمد بہ آهي عطا محمد جي ترجمن ۾ ”سنڌ جيئن مون ڏٺي“ ڪتاب جي هڪ خاص اهميت آهي.
سنڌ منھنجي نظر ۾: رچرڊ ايف برٽن جي لکيل ڪتاب کي عطا محمد ڀنڀرو ترجمو ڪيو ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پھريون ڇاپو 2007ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جي فھرست جا عنوان، مسٽر جان بل ۽ منھنجو ممبئيءَ ۾ لھڻ. سنڌ جو اڳوڻو ۽ هاڻوڪو سفر، ڪراچي سنڌ جو قديم ۽ جديد شھر، فوجي ڇانوڻي، ڪلفٽن، گذري، بندر ۽واڳن وارو تلاءُ، ڪراچيءَ کان روانگي، ڀنڀور واري ڏند ڪٿا، سنڌ جو رڻ پٽ، ٺٽو ۽ ان جي ڀر واري مقدس ٽڪري، قديم دؤر ۾ ٺٽي جي فتح، اڳڪٿين ڪرڻ وارا بناسرن جي ست فقير، سنڌ جو سنڌو دريا، سنڌي ماڻھو سندس خوبيون، خاصيتون ۽ خاص ڳالھ تہ هو ڇا پيئندو آهي، سنڌي عورت خاص ڪري سندس شخصيت ۽ لباس ۽ ٻيا موضوع آهن.
سنڌ منھنجي نظر ۾، جيڪو احوال آهي انھيءَ نموني جا احوال ٻين بہ ڪن انگريز عملدارن پنھنجي سنڌ رهڻ دوران لکيا آهن پر جي ڌيان سان پڙهيو وڃي تہ هر ڪتاب هڪٻئي کان مختلف آهي.
سو هن ڪتاب جو احوال پڻ مختلف نوع جو ۽ معلوماتي آهي. سنڌ جي ماڻھن بابت لکي ٿو تہ، ”عام سنڌيءَ جو لباس اڇي قميص آهي جا ڪجهہ ننڍي هوندي آهي هيٺ تي ڪانچ پائيندو آهي جيڪا مُرن وٽ سوڙهي هوندي آهي پر جابلو ماڻھن جي ڪانچن جا پانچا ويڪرا هوندا آهن“. ”هن جي ڏهاڙي جي کاڌ خوراڪ ۾ ٻاجهري جي ٿلھي ماني هوندي آهي، مانيءَ جو رنگ سائو ٿيئي ٿو، کائڻ ۾ ايڏو ذائقو ڪونہ اٿس. چيو ويندو آهي تہ هيءَ ماني تاثير ۾ گرم ٿيندي آهي تنھن ڪري سياري ۾ کاڌي ويندي آهي“. هتان جو قومي مشروب کير ۽ پاڻي آهي پر انھن کي گڏائي ڪونہ پيتو ويندو آهي هي ماڻھو پلاءُ جا ڏاڍا شوقين ٿيندا آهن“.
”سنڌي ماڻھو سست ۽ ڪاهل انھيءَ ڪري آهن جو هو نشو ڪندا آهن اهڙي نشي جو رواج ساريءَ سنڌ ۾ موجود آهي“. (16)
هن ڪتاب جي فھرست موضوعن جي مطابق آهي. تفصيل رچرڊ برٽن ڪٿي ڪٿي سنڌي قوم کي سچار، ايماندار، واعدي وفا ۽ غيرت وارو ڏسيو آهي تہ ڪٿي هن کين ڀنگ جي نشي ۾ الوٽ، آفيم ۽ چرس واپرائيندڙ ۽ عورت ذات جي عزت نہ ڪندڙ ۽ سندن حقن جي حق تلفي ڪندڙ ۽ گهٽ سڌريل بہ ڄاڻايو آهي سندس موجب تہ هندو وياجي طبقي جي مسلمانن کي پيڙڻ خلاف جي قانون عمل ۾ نہ آندا ويا ۽ مسلمانن کي تعليم جو شعور نہ ڏنو ويو تہ هن خطي ۾ مسلمانن کي تباهيءَ کان ڪير بہ بچائي نٿو سگهي.
مجموعي طور هيءُ ڪتاب سنڌ جي انھيءَ وقت جي حالتن خاص طور ڪراچي، ٺٽي، ڀنڀور ۽ سنڌو دريا سان گڏ سنڌي مسلمانن ۽ هندوئن جي حالتن شخصيت، لباس ۽ تمدن جي ڄاڻ ڏئي ٿو جنھن جو ترجمو وڻندڙ ٿيل آهي.
سنڌو لکت جي ڀاڃ: ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 2007ع ۾ شايع ڪيو آهي اصل ڪتاب جو محقق ايس.آر.راءُ آهي ۽ هن ڪتاب کي انگريزيءَ مان عطا محمد ضعيف العمريءَ جي باوجود وڏيءَ محنت سان ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب جا ڪل 3 باب آهن پھريون سنڌو لکت جي علامتي نشانين بابت، ٻيو مھرڪنڪار ڊنس ۽ ٽيون باب مختلف ٻوليءَ جي ماهرين جي سنڌو لکت جي پڙهڻين ۽ ليکڪ جي مقرر ڪيل پڙهڻين تي آڌاريل آهي. جن ۾ ڏيھي ۽ پرڏيھي محقق شامل آهن.
ايس.آر.راءُ جي حوالي سان ڀنڀرو صاحب لکي ٿو تہ،
”سنڌو ماٿريءَ جي مھرن تي نظر ايندڙ ٻولي سنڌي آهي“. ”هيءَ قديم لکت ساڄي کان کاٻي پاسي لکي ويندي هئي. جي.آر هنٽر پھريون ماڻھو آهي، جنھن معلوم ڪري ورتو آهي تہ هي لکت ساڄي کان کاٻي طرف ويندي هئي“.
”سنڌي لکت کي ڀڃڻ ۾ ڏکيائي انڪري محسوس ٿي رهي آهي جو هن لکت جي تحرير ٿورين نشانين تي مشتمل آهي ۽ تحريرن جو تعداد بہ ٿورو لڌو ويو آهي. سمير ۽ مصر جون لکتون انڪري پڙهجي سگهيون آهن جو انھن جون تحريرون ڊگهيون ۽ لکڻيون بہ جهجهي انگ ۾ هٿ لڳيون آهن نظر ايئن ٿو اچي تہ سنڌو لکت جي طرف ۾ ڦير ڦار 1400 ق.م ۾ آئي آهي“.
قديم زماني ۾ سنڌو ماٿريءَ جا ماڻھو پڙهيل ڳڙهيل ۽ علم جا اڪابر هئا جيڪي پنھنجي پٺيان 320 اهڙيون نشانيون ڇڏي ويا آهن جن کي ڪٿي اُڪريل ۽ ڪٿي ٺپيل صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو. سنڌو لکت جون مُهرون قديم ماڳن تان کوٽائي دوران هٿ لڳيون آهن جن جو واسطو واپار وڙي ۽ راڄ نيتڪ ڪاروهنوار سان ڏسجي ٿو. سنڌو لکت جي مھرن تي نظر ايندڙ تصوير ۽ تحرير اهڙي تہ سھڻي ۽ من موهڻي آهي جو انھن جو دنيا ۾ مثال ئي موجود ڪونہ آهي هن حقيقت مان سمجه ۾ اچي ٿو تہ ان دؤر جا سنڌي ڏاڍا سياڻا، سيبتا ۽ سپورنج ماڻھو ۽ ڏاها ۽ ڏات جا ڌڻي هئا“. (17)
ان کان سواءِ ڀنڀرو صاحب جي ڪتابن ۾ ”سُکاري سنڌ-ڏکارا ماڻھو“ جيمس مئڪمرڊو جي ڪتاب جو ترجمو آهي جو پڻ هڪ انگريز فوجيءَ طرفان سنڌ جي تاريخ، تمدني حالتن، معاشي پس منظر، ڏکن ڏولاون، حڪمرانين جي سازشن ۽ گهرو ويڙھ بابت لکيل هڪ اهم دستاويز آهي.
شاھ عبدالطيف بابت ڊاڪٽر ايڇ.ٽي سورلي جو هڪ ٻيو ڪتاب “Musa Pervagans” لکيو جنھن جو ترجمو عطا محمد ”سرتاج شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي“ جي عنوان سان ڪيو آهي جنھن ۾ دنيا جي مشھور شاعرن جي شاعريءَ سان شاھ عبدالطيف جي شاعريءَ جي ڀيٽ ڪندي سندس شاعريءَ کي اُتم ڄاڻايل آهي.
”سنڌو شينھن درياھ“ ڪتاب جين نيئرلي جو لکيل آهي جو خاص سنڌو درياھ جي خوبين ۽ ان جي درياهي سفر يعني شروعات کان عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي بيان بابت آهي جنھن جو ترجمو عطا محمد ڀنڀرو 1999ع ۾ ڪيو.
سنڌ جي حالتن، تھذيب، تمدن ۽ تاريخ ۽ ٻين موضوعن بابت جيڪي شروعاتي معلوماتي ماخذ اسان وٽ موجود آهن سي عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ آهن. انگريز حڪومت سنڌ ۾ اچڻ شرط هتي جي سرزمين، قوم ۽ ٻوليءَ بابت اڀياس کي اهميت ڏيندي انھن قديم ڪتابن کي سنڌيءَ ترجمو ڪرايو تہ گڏ خود انھن حڪمرانن پڻ سنڌ بابت احوال قلمبند ڪيو، جيڪي ڪافي ڪتاب آهن سي اسان وٽ انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل نہ هئا ورهاڱي کان پوءِ عطا محمد ڀنڀرو صاحب انھن ڪتابن جي اهميت کي ڄاڻندي انيڪ ڪتاب انگريز دور جا اهم موضوعن تي مشتمل ترجما ڪيا آهن.
عطا محمد جي ڪيل ترجمن جي افاديت: عطا محمد ڀنڀرو جي انگريزي ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتابن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو تہ هن صاحب هڪ ڪل وقتي مترجم طور 1992ع کان 2020ع تائين سنڌي ترجمانگاريءَ جي ميدان ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ڀنڀرو صاحب جي چاليھن سالن جي هن ترجمي جي علمي ۽ ادبي سفر ۾ هن ڪيترن ئي ڪارائتن موضوعن تي مشتمل عام فھم ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ارپيا آهن جن جي هڪ خاص الڳ حيثيت ۽ افاديت شمار ٿيئي ٿي. جيئن تہ اسان وٽ سڌريل ملڪن جيان ترجمانگاريءَ جھڙي اهم شعبي جو ڪوبہ خاص طور سيل يا ادارو موجود نہ آهي انھيءَ لحاظ کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ عطا محمد ڀنڀرو صاحب جو هيڏي وڏي مقدار وارو ڪم هڪ شخص جو نہ پر هڪ اداري جو ڪم آهي.
نتيجو: عطا محمد جي ڪتابن جو مطالعو اها معلومات ڏئي ٿو تہ هن سنڌ جي تاريخ، قديم آثارن، ماڳن، مڪانن ۽ سڀيتا سان گڏ سنڌو درياھ، سنڌي ٻوليءَ جي بنياد، لکتن، ادب ۽ ٻين ڪيترن اهم موضوعن تي مشتمل ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي. اهو احوال هن کان اڳ ان ريت سنڌيءَ ۾ موجود نہ هو. سندس اهي ڪتاب هن ڌرتيءَ جي صدين جي تاريخي، جاگرافيائي، سياسي، سماجي،، معاشي، مذهبي ۽ ادبي حالتن جي ڄاڻ ڏين ٿا. جن مان سنڌي قوم جي فڪري لاڙن، نظرين، تھذيب، تمدن ۽ ثقافت جي خبر تاريخ جي دورن جي حوالي سان پئي ٿي. عطا محمد جي ڪيل سنڌي ترجمن سا اڄ اسان وٽ محفوظ ٿيو آهي.
عطا محمد جا ڪيل ترجما اهو بہ ڄاڻائين ٿا تہ هن صاحب کي سنڌي ٻوليءَ جي سھڻن لفظن ۽ انھن لفظن جي جملن ۾ هندائتي استعمال تي گرفت حاصل هئي. جنھن سان سندس تحريري اسلوب جي ڏات ۽ ڏانءُ ملي اوچين خوبين سان واڳجي ويا آهن.
عطا محمد ڀنڀرو جا ترجما ٻوليءَ جي حوالي سان آسان ۽ روان سنڌيءَ ۾ آهن. جن جا موضوع ڏکيا هوندي پڻ ڀنڀرو صاحب کين انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندي وڏيءَ محنت سان سلوڻي سنڌيءَ ۾ آڻي هر طبقي جي پڙهندڙن لاءِ سُکيائي آندي آهي سندس اسلوبِ بيان وڻندڙ ۽ جاذب نظر آهي. عطا محمد ڀنڀرو مستقل مزاجي، محنت ۽ مڪمل ڪمٽمينٽ سان پنھنجي پورهيي جو تسلسل ڪتابن جي وڏي انگ جي صورت ۾ علم ۽ ادب کي آڇيو آهي. سندس خدمتون ترجمي جي ميدان ۾ مڃڻ جوڳيون آهن. هن 90 سالن جي عمر ۾ اربع جي ڏينھن 3 جون 2020ع تي وفات ڪئي. سندس فن هميشہ زندہ رهندو.

حوالا:
1. عباسي، نجم ڊاڪٽر، ”پھاڙن ۾ پڪار“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1996ع، ص – 8
2. وليرام ولڀ/قراۡةالعين، ”سيتا هرڻ“ (ناول)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1997ع، ص – 9
3. ڀنڀرو، عطا محمد (مترجم) ”ڀٽ جو گهوٽ“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1992ع، ص – 392
4. ساڳيو، ص – 257
5. ساڳيو، ص – 294
6. ڀنڀرو، عطا محمد (مترجم) ”سنڌوءَ جو سفر“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1994ع، ص-10-149
7. ڀنڀرو، عطا محمد (مترجم) ”سنڌو لکت جو بين الوقوامي لکتن سان لاڳاپو“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 1995ع، ص-12
8. ڀنڀرو، عطا محمد ”سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو“، ”سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو“، حيدرآباد، 1995ع، ص-9 ۽10
9. ڀنڀرو، عطا محمد، ”سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي 1999ع، ص-352
10. ساڳيو، 391
11. ڀنڀرو، عطا محمد (مترجم) ”حُر گوريلا جنگ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع، ص-91
12. ڀنڀرو، عطا محمد، (مترجم) ”سنڌوءَ ڪناري وساريل شھر“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2005ع، ص -149
13. ڀنڀرو، عطا محمد، (مترجم)، ”سنڌ جيئن مون ڏٺي“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع، ص، 46
14. ساڳيو، ص-59
15. ساڳيو، ص-149
16. ڀنڀرو، عطا محمد، (مترجم) ”سنڌ منھنجي نظر ۾“ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2007ع، ص -280 ۽ 281
17. ڀنڀرو، عطا محمد، (مترجم) ”سنڌو لکت جي ڀاڃ“ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2007ع، ص-14 ۽ 15.

(سنڌي ٻولي ريسرچ جرنل، 2023ع)