ٻالڪ ادب ۾ مرزا قليچ بيگ جون خدمتون
سنڌي ادب جي ٻاراڻي ادب تي نظر ڊوڙائينداسين تہ شروع دور کان نظمي طور يا زباني ڪھاڻين جي صورت ۾ لوڪ ادب ۽ ڏند ڪٿائي قصا ملن ٿا. جيئن ئي انگريز دور ۾ پرنٽ ميڊيا جي عام ٿيڻ ۽ اسڪولن جي لاءِ درسي طور ڪتاب جوڙڻ جو عمل شروع ٿيو تيئن هن طرف ڌيان ڏنو ويو. پھريون ٻاراڻو ڪتاب درسي هو جو ”باب نامو“ جي عنوان سان 1853ع ۾ ديوان ننديرام سيوهاڻيءَ لکيو پر تحقيق اهو سکيا جي ذمري ۾ ايندو وندر ۽ ورنھن جي لحاظ کان پھرين آکاڻي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالھ“ 1854ع ۾ شايع ٿي. انھيءَ کان اڳ جارج اسٽئڪ جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ ۾ چار ڪھاڻيون آيون هيون پر اڳ ڪتابي صورت ۾ ميان غلام حسين قريشيءَ جو ڪتابچو ”ڀنڀي زميندار جي ڳالھ“ اهميت رکي ٿو جو هن هندي قصي تان ترجمو ڪيو، انھيءَ کان پوءِ جي ڪتابن ۾ ”سُڌا تورو ۽ ڪڌا تورو“ جي آکاڻي سيد ميران محمد شاھ هندي قصي سبودي ۽ ڪبودي تان ترجمو ڪئي. ديوان ننديرام سيوهاڻيءَ جو ڪتاب ٻاراڻين آکاڻين تي مشتمل ”ايسپ جون آکاڻيون“ (ترجمو) گهڻو مشھور ٿيو. هي آکاڻيون نصيحتي آهن. جي جانورن ۽ پکين بابت هوندي انھن جو لاڳاپو انسانن سان ڏيکارين ٿيون. انھن اثرائتين ڪھاڻين کان سواءِ اڌارام ٿانورداس مير چنداڻيءَ ”ونھين ۽ ولھي جي آکاڻي“ لکي ۽ هن صاحب ”طوطي نامو“ جو قصو 1862ع ۾ ترجمو ڪيو. ميران محمد شاھ ”مفيد الصبيان“ لکيو. آخوند لطف ﷲ ”گل خندان“ لکي پڌرو ڪيو ۽ ٻيا ڪتاب ”چار درويش“، ”حاتم طائي“ امام بخش خادم لکيا تہ ديوان ڪيولرام سلامت راءِ ”گلقند“ ۽ ”سوکڙي“ لکيا. ٻين ڪيترن ليکڪن جا 1947ع کان اڳ نثر ۽ نظم ۾ ڪتابچا پڌرا ٿيا جيئن ڪوڙومل چندن مل کلناڻي، ميلا رام واسواڻي ۽ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، پرمانند ميوارام، مرزا قليچ بيگ، منوهرداس ڪوڙومل، هاسارام ڏسواڻي، شيوڪ ڀوڄراج، نارائڻ داس ملڪاڻي، منگهارام ملڪاڻي، محمد صديق مسافر، روچيرام گجومل، ڪشنچند بيوس ۽ ٻيا نالا آهن.
مٿي ڄاڻايل اديبن ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو روشن نالو آهي جنھن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي هر پھلوءَ تي لکندي ٻالڪ ادب ۾ پنھنجو نالو ملھايو. نثر توڻي نظم ۾ مرزا صاحب ٻارن جي ذهني سطح مطابق سندن نش و نما جي بھتر ضرورتن کي نظر ۾ رکندي کين دلڪش ۽ دلپذير انداز سان سليس ٻوليءَ ۾ ڪيترائي وندر ۽ سکيا جا سبق ڏنا.
بين الاقوامي اصولن مطابق 18 سالن کان ننڍو فرد ٻار جي عمر ۾ شمار ٿيئي ٿو ۽ سندس عمر جا پڙهڻ لکڻ جا دور 3 سالن کان 18 سالن تائين شمار ٿين ٿا. انھيءَ ڪري ٻالڪ ادب ۾ لکندڙن لاءِ ضروري آهي تہ هُو ٻار جي عمر ۽ دماغي پھچ ۽ دلچسپيءَ کي نظر ۾ رکي پوءِ لکن. سندن پسنديدگي ۽ سوچ کي ڌيان ۾ رکڻ جو خيال مرزا صاحب مڪمل رکيو.
مرزا قليچ بيگ سنڌ جو هڪ وڏو عالم هو جنھن ساڍا چار سئو کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. سندس ٻاراڻي ادب جي لکيل ڪتابن جي ادب ۾ وڏي اهميت آهي هن صاحب جي لکيل ٻالڪ ادب جي نثر توڻي نظم جو محور مقصديت تي مشتمل آهي تہ جيئن نئون نسل پنھنجي حياتي سنئين دڳ تي لائي. مرزا صاحب جڏهن ٻالڪ ادب لکيو تہ اهو وقت سنڌي نثر جو ڪتابن جي ڇپجڻ ۽ عام ٿيڻ جو شروعاتي دور هو ترجمي ۽ طبعزاد ٻنھي صورتن ۾ لکيائين هن مقالي معرفت آئون سندن نثر ۾ لکيل ٻاراڻي ادب جو مختصر جائزو ڏيان ٿي.چند ڪتابن جا نالا هن ريت آهن،
”عجيب ڳالھيون“، ”دلپسند قصا“، ”عجيب طلسم“، ”شھزادي قدم برگ“، ”وامق عذرا“، ”رستم“، ”طلسمي گڏي“، ”شھزادي محبوب جي آکاڻي“، ”پائي وائي ۽ پائي وزو“، ”ٻہ جاڙا ڀائر“، ”شمرانہ عرف شيطان جي ناني“، ”لباخان درزي ۽ خليفو ڪھنگ“، ”ٽي ديويا راڪاس“، ”نيلو پکي“، ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن. ٻارن جي وندر لاءِ سندن لکيل پرولين جو ڪتاب 1932ع ۾ شايع ٿيو. نظم ”ٻاراڻا گل ڦل“، نصيحتي ۽ اصلاحي نظم ۽ گيت آهن جو 1936ع ۾ مرزا افضل بيگ شايع ڪرايو جو سندن شاعريءَ جي ڪتابن مان ٻاراڻي شاعريءَ جي چونڊ تي مشتمل آهي. نثر جي ڪتابن ۾ ڪي ڪتاب ترجما آهن تہ ڪي اصلوڪا آهي تہ ڪجهہ جو مرڪزي خيال ورتل آهي جن کي مرزا صاحب سنڌي قوم جي مزاج ۽ ماحول مطابق آندو آهي.
عجيب ڳالھيون:204 صفحن جو ڊيمي سائز جو ڪتاب 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ورهاڱي کان پوءِ پھريون ڇاپو ۽ ٻيو ڇاپو 1973ع ۾ شايع ٿيو. ايئن هي ڪتاب ڇپجندو رهيو آهي. جنھن ۾ ننڍيون ننڍيون سبق آموز آکاڻيون ترجمو ڪيل آهن. هي 127 اصلاحي آکاڻيون دنيا جي مختلف ملڪن جون آهن جي مرزا صاحب انگريزيءَ مان ترجمو ڪيون. آکاڻين جا عنوان ”ننڍي قد وارو پر بھادر بادشاھ“، ”لالچ جي سزا“، ”آئرلينڊ جي ماڻھن جو هڪڙو تڪرار“، ”ڪم عقلي“، ”بادشاھ جي زبان“، ”ننڍڙو فيلسوف“، ”هڪڙي امير جا ٽي پٽ“، ”سچي سخاوت“، ”ڏاهپ جو انعام“، ”ٽي عالم“، ”گم ٿيل منڊي“، ”سخي فقير“، ”گهڙيال ۽ سوني عينڪ“، ”احسانمند يھودي“، ”قاضي ۽ خليفو“، ”شھنشاھ جي سڃاڻپ“، ”ڀاءُ جي محبت“، ”سالگرہ جي خرچي“، ”لاڏلو ڇيلو“، ”محنت جو ڦل“، ”هڪڙو جوکائتو ڪم“، ”سستيءَ جو نتيجو“، ”طعني جو اثر“ ۽ ٻيا آهن.
هن ڪتاب ۾ آيل آکاڻيون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هلندڙ رهيون آهن جن جا موضوع نيڪيءَ جو سڏ، تڪڙ کان بچاءُ، عقلمنديءَ جو رستو، ڏوھ جي سزا ملڻ، لالچ کان بچاءُ، غريب جي مدد، مستحق جي داد رسي ۽ ٻيا آهن. ٻولي سادي، آسان ۽ آکاڻيون نصيحتي ۽ معلوماتي (ترجمو) آهن. ”گورو ۽ شيدي“ آکاڻيءَ جي شروعات هن ريت ٿيئي ٿي،
”هڪڙو انگريز جو آمريڪا ۾ رهندو هو سو هڪڙي ڏينھن شام جي وقت پنھنجي گهر جي در تي بيٺو هو تہ غريب، ديسي شيدي ٿڪو ٿڪو وٽس آيو ۽ مانيءَ ٽڪر گهريائينس. انگريز شوخيءَ مان چيس تہ، ”ڪانھي ماني، هليو وڃ، هوندي تہ بہ تو جھڙي شيديءَ کي نہ ڏيندس. هن کيس ڪجهہ نہ ڏنو ۽ اجايو سجايو ڳالھائينس“. (1) اڳيان هلي اهو انگريز شڪار ڪندي رستو ڀُلجي جهنگ ۾ انھيءَ شيديءَ جي ڀُنگيءَ وٽ وڃي نڪري ٿو هو سندس مدد بہ ڪري ٿو ۽ رات رهائي صبح جو سندس رستي جي رهنمائي ڪندي کيس ڄاڻائي ٿو تہ آئيندي لاءِ ڪڏهن بہ بکيو شيدي وٽس اڃيو ۽ بکيو اچي تہ نفرت ڪري نہ هڪالي. اهو صاحب شرمندو ٿي کانئس معافي گهري ٿو. اصلاحي پڇاڙيءَ وارين هنن پرڏيھي ماحول جي آکاڻين کي ترجمو ڪرڻ سان مرزا صاحب پنھنجي قوم واسين کي ٻين قومن جون سوچون، ويچار، عقيدا ۽ تھذيب ڄاڻائي آهي جنھن کي سنڌي ادب ۾ هڪ نئون/جدت پسند لاڙو چئي سگهجي ٿو.
دلپسند قصا:چارلس ليمب ۽ ميري لئمب جي ڪتاب Lambs Tales from Shakspear جو ترجمو ٻن ڀاڱن ۾ ”دلپسند قصا“ جي عنوان سان ڪيو.
عجيب طلسم:ڪتاب جو نئون ستون ڇاپو 2018ع جي سيپٽمبر ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. جنھن ۾ غرناطه جي عرب بادشاھ جي آکاڻي ڏنل آهي جو سڄي حياتي وڏي شان سان ۽ بھادريءَ سان رهيو. آس پاس جا علائقا جنگيون ڪري جوانيءَ ۾ فتح ڪيائين، پيريءَ ۾ سڀني سان صلح ڪري وقت ڪٽڻ ٿي چاهيائين پر جوانيءَ جي زبردستيءَ جي ڪري پيريءَ ۾ کيس دشمن ڦري اچن ٿا ۽ هو پنھنجي ملڪ بچائڻ لاءِ ٻڍي عرب حڪيم ۽ نجوميءَ ابراهيم ابن ايوب جون خدمتون حاصل ڪري ٿو. جو سندن لاءِ هڪ عجيب طلسمي محل جادوءَ ذريعي تيار ڪري ٿو جنھن جي ٻاهر گهيٽي جي صورت ۾ طلسم موجود هجي ٿو. انھيءَ مٿي هڪ ڪُڪڙ آهي ٻئي پتل جا ٺھيل آهن ۽ ملڪ تي ڪا بہ چڙهائي ٿيڻ جي صورت ۾ اطلاع ڏين ٿا. اهڙيءَ طرح بادشاھ انھيءَ عجيب طلسم جي گورک ڌنڌي ۾ ڦاسي ۽ انھيءَ تي اعتبار ڪري نجوميءَ جي چوڻ ۾ اچي پنھنجو جهڳو جهڻ ڪري ٿو. مرزا صاحب لکي ٿو تہ،
”سندس پاڙي وارا بادشاھ مٿس حملو ڪري ملڪ جا ڀاڱا فتح ڪرڻ لڳا انھيءَ ڪري بادشاھ جي حياتي ڏاڍي ڏک ۽ عذاب ۾ گذري نيٺ هو مري ويو ۽ اُتي ئي دفن ڪيو ويو“. (2)
حاصل مطلب تہ لالچ، ڪاهلي ۽ غير حقيقت پسندي ماڻھوءَ جي حياتي ڏکي ڪري ٿي. اهائي اصلاحي خوبي ”عجيب طلسم” ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي.
شھزادي قدم برگ: مرزا صاحب جي هن ڪتاب جو ستون ايڊيشن 2018ع جي سيپٽمبر ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو. هيءُ ڪتاب ٽن آکاڻين ۽ نون بابن تي مشتمل آهي. شھزادي قدم برگ جي ڪھاڻي پنجن بابن جي ۽ “شھزادو جن ڪش”، ٻہ باب ۽ ”نصيب ڳولھيندڙ ماڻھو“ ٻہ باب آهن. ٽنھي آکاڻين جو مجموعو ”شھزادي قدم برگ“ جي نالي سان آهي. چاليھ رائيل سائيز صفحن تي سھڻي ٽائيٽل ڪور سان ڇپيو آهي. پھرين ڪھاڻيءَ ۾ شھزادي قدم برگ جي ملاقات هڪ ميلي ۾ ٻئي ملڪ جي شھزادي سان ٿيندي آهي. هڪ مھينو ميلو هلڻ بعد سندن جدائي ٿيئي ٿي. انھيءَ عرصي دوران هُو نہ هڪ ٻئي سان ڳالھائين ٿا ۽ نہ ئي هڪ ٻئي جي نالي جي خبر اٿن پر سندن وچ ۾ هڪ خاموش محبت جو تعلق قائم ٿيئي ٿو. جڏهن شھزادي رواني ٿيئي ٿي تڏهن پالڪيءَ ۾ چڙهڻ مھل هڪ گلاب جو گل پھرين ڏندن ۾ جهلي ٿي ۽ پوءِ ڪن تي رکي ٿي ۽ ان کان پوءِ پيرن تي رکي ٿي. ان طرح هوءَ جدا ٿي وڃي ٿي. اُهو سڄو لقاءُ شھزادي پنھنجي تنبوءَ مان ڏٺو. هو جڏهن پنھنجي وطن واپس وڃي ٿو تڏهن کيس شھزاديءَ جي ياد گهڻو ستائي ٿي پر وٽس ڪوبہ حل ڪونہ هوندو آهي جنھن معرفت قدم برگ شھزاديءَ طرف رسائي ڪري. آخرڪار پنھنجي دوست ۽ ڪوٽوال جي پٽ سان اندر جو حال اوريندي کيس آخري ملاقات ۽ گل جي ڏندن، ڪنن ۽ پيرن تي رکڻ جو احوال ٻڌائي ٿو. جو هڪ ذهين نوجوان آهي کيس چوي ٿو تہ، ”گل ڏندن ۾ وجهڻ جو مطلب تہ سندس پيءَ جو نالو دندان بيگ“ آهي ۽ ڪنن ۾ رکڻ جو مطلب تہ هوءَ ”گوشپور“ جي علائقي جي رهندڙ آهي ۽ پيرن تي رکڻ جو مطلب تہ سندس نالو ”قدم برگ“ آهي يعني پيرن جو پن“. (3)
ان ريت شھزادو دوست کي ساڻ ڪري ملڪ گوشپور ڏي روانو ٿيئي ٿو. جتي سڄي حقيقت سچي ثابت ٿيئي ٿي ۽ کيس شھزاديءَ جو سڱ پڻ ملي ٿو ۽ شادي ڪري، خوش حياتي گذارڻ لڳي ٿو. پنھنجي دوست سان ملڻ ويندو رهي ٿو جنھن تي شھزادي قدم برگ کي ساڙ ٿو ٿيئي. ظاهري طور تہ هوءَ شھزادي کي پنھنجي دوست وٽ وڃڻ ڏيندي آهي پر دِلي طور کانئس خفا آهي ۽ ساڙ ۾ اچي هڪ اهڙي مٺائي شھزادي کي ٺاهي ڏئي ٿي جا کائڻ سان بيمار ٿي جلد ئي ماڻھو مري وڃي. شھزادو اها مٺائي کڻي دوست وٽ ويندو آهي پر عقلمند دوست اها مٺائي سندس سامھون پکين ۽ جانورن کي ڏئي ٿو جي ڦٿڪڻ لڳن ٿا. اهو لقاءُ ڏسي شھزادي کي قدم برگ شھزاديءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي اچي ۽ هُن جو مٿانس اعتبار ئي ختم ٿي ٿو وڃي پر سياڻو دوست کيس هڪ دٻلي ڏئي ٿو جنھن ۾ هڪ پائوڊر پيل آهي چويس ٿو تہ اها کيس ڏجان هڪدم سندن منھن سڄي ويندو ۽ وري ان جو علاج بہ آئون ڪندس انھيءَ ريت هُو قدم برگ شھزاديءَ جو اعتماد کٽڻ ٿو چاهي. جڏهن شھزاديءَ جو دٻليءَ جو ڍڪ کولڻ کان پوءِ سڄو منھن سُڄي وڃي ٿو تڏهن شھزادو پنھنجي دوست کي وٺي اچي ٿو جو هُن جو علاج ڪري ٿو ۽ هوءَ ٺيڪ ٿي وڃي ٿي. شھزادو آخر ۾ کيس ڄاڻائي ٿو تہ هيءُ اهوئي دوست آهي جنھن کيس شھزاديءَ وٽ پھچايو آهي اهڙيءَ ريت قدم برگ پشيمان ٿي ٿيئي ۽ معافي وٺي ٿي.
ٻي ڪھاڻي شھزادي جن ڪش جي آهي جو پڻ وڏو ٿي حسينا جنڙيءَ کان بدلو وٺي ٿو جو هُن سندس والد سان انساني روپ ۾ شادي ڪئي هوندي آهي. اهڙيءَ طرح پنھنجي ماءُ کي خوشيون ٿو ڏئي. سندس ماءُ کيس همٿائي سستيءَ مان ڪڍي بھادر بنائي ٿي.
ٽين ڪھاڻي هڪ ڪاٺير جي آهي جو پنھنجي نصيب جي ڳولھا ۾ نڪتل آهي آخرڪار شينھن، اُٺ ۽ واڳونءَ جي مدد سان امير ٿي وڃي ٿو. هيءُ ڪتاب نيڪيءَ جو بدلو نيڪي، اعتبار جي قوت، محنت ۾ عظمت ۽ بھادري اعلیٰ وصف جھڙن نصيحتي نڪتن سان ڀريل آهي جنھن ۾ ڪيل تنبيھ مطابق لالچ نقصانڪار آهي، سستي ڪرڻ سان ڪجهہ حاصل ڪونہ ٿيندو، ڪاميابي همٿ ڪرڻ سان پلئہ پوندي. محنت، جستجو، پاڻ پتوڙڻ سان انسان جو بخت بلند ٿئي ٿو. شھزادي قدم برگ ڪتاب جي ڪھاڻين ۾ جستجو، عشق، رومانوي ڪيفيت، محبت ۾ فراق ۽ ميلاپ ٻين گهڻن نڪتن جي اپٽار آهي.
رستم: ايران جي مشھور قصي رستم ۽ سھراب کي مختصر ڪري مرزا صاحب لکيو آهي جو ايران جي ملڪ جي هڪ سورهيائيءَ جي داستان آهي، عام طور ننڍن ٻارن لاءِ نہ هوندي بہ وڏن ٻارن جيئن 12 کان 18 سالن جي عمر لاءِ بھادريءَ جو سبق آهي. هن قصي کي مرزا صاحب ”شاهنامي تان نقل ڪيو. انھيءَ ۾ سنڌ جي ماحول سان ٺھڪندڙ چوڻيون ۽ لفظ جملن ۾ ڪتب آندل آهن. جنھن جي لاءِ پاڻ لکي ٿو تہ،
”پڌرو هجي تہ هي رستم پھلوان جو قصو، ايران جي بادشاهن جي تاريخ تان ورتل آهي. گهڻن جاين تي منجهس فردوسيءَ جي شاهنامي مان لفظ بہ لفظ ترجمو ڏنل آهي تہ ڀلي پڙهڻ وارن کي تاريخ جي اصلوڪي ماهيت جي خبر پوي. اميد آهي تہ هن جي پڙهڻ مان پڙهندڙ کي گهڻي خوشي حاصل ٿيندي“. (4)
رستم ڪھاڻيءَ ۾ جنگ، بھادري، عشق، محبت ۽ فرض شناسيءَ جو ذڪر آهي.
وامق عذرا: جي آکاڻيءَ جو ستون ڇاپو 2018ع جي سيپٽمبر ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. هيءَ ڪھاڻي اُڻويھن رائل سائيز صفحن تي آڌاريل وڻندڙ ۽ دلپذير لوڪ رومانوي قصو آهي، جنھن کي مرزا صاحب فارسي نظم مان نثر ۾ آندو. فارسيءَ ۾ مثنويءَ جي صورت ۾ مرزا صادق ”نامي“ لکيو. يمن، شام، مصر ۽ عربستان ملڪ هن قصي جا بنيادي اهڃاڻ آهن. مرزا صاحب اصل ٽاڻن ٽڪن جي تاريخي حيثيت قائم رکندي هيءَ ڪھاڻي هن ريت بيان ڪئي آهي تہ، وامق نالي عربستان جو هڪ علمي فضيلت وارو شھزادو هجي ٿو. جهنگ ۾ سندس ملاقات عذرا نالي هڪ حسين ڇوڪريءَ سان ٿيئي ٿي جا هڪ مالدار جي نياڻي آهي. عذرا بہ سندس عشق ۾ اڪن ڇڪن ٿيئي ٿي. ٻئي هڪ ٻئي کان جدا ٿي وڃن ٿا هڪ ٻئي جي ڳولا ڪن ٿا حالتن سبب ٻنھي جي ملاقات هڪ عرصي بعد ساڳئي جهنگ ۾ ٿيئي ٿي جتي هڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ ساھ ڏين ٿا. جن کي پوءِ عذرا جي مائٽن اچي ڏٺو ۽ اتي ئي سندن قبر ٺاهيائون جا اڄ بہ ”وامق ۽ عذرا جو دڙو“، جي نالي سان سڏجي ٿي.
سندن ميلاپ بابت مرزا صاحب لکي ٿو تہ،
”جيئن ئي وامق جي نظر هن تي پيئي تيئن ئي هُن جي مٿس نظر پيئي ۽ شڪ ٿيس. سارڙهي اچي ويجهي ٿي، ٻئي هڪ ٻئي ڏي ڊوڙيا، دڙي تي ٻئي اچي گڏيا، ڀاڪر پائي مليا، پر سندن سڪ ۽ محبت هيترن ڏينھن ۽ مصيبتن کان پوءِ گڏجڻ جي خوشي، ايتري بي انداز ۽ اوچتي هئي جو هنن جو هڪٻئي جي ٻک ۾ ساھ نڪري ويو، اُتي ئي ڍير ٿي ڪري پيا، شاعر لکي ٿو تہ، هنن ٻنھي جي عشق جي باھ اچي گڏي تنھن مان اهڙا شعلا اٿيا جو هنن ٻنھي کي سچ پچ باھ لڳي ويئي ۽ سندن جسم سڙي خاڪ ٿي ويا“. (5)
پائي وائي ۽ پائي وزو: ڪتابچي ۾ ڪل ڇھ ڪھاڻيون آهن عنوان واري ڪھاڻيءَ ۾ انسان ۽ جانور جو سٻند ڏيکاريل آهي. هڪ ڇوڪري کي هڪ پکيءَ سان پيار آهي جنھن جو نالو پائي وزو آهي. ڇوڪر پائي وائي ٻيلي ۾ پنھنجي پياري پکيءَ سان راند روند ڪندو آهي، پر اهو پکي پنھنجي ولر سان گڏ جڏهن اڏامي وڃي ٿو تڏهن پائي وائي ان جي ڳولھا ۾ باندرن جي حوالي ٿيئي ٿو جي هن انسان جي ٻچي کي پاڻ سان رکن ٿا. هو ڇوڪرو جهنگلن ۾ ڪيترين مشڪلن کي منھن ڏيڻ جو عادي ٿي وڃي ٿو، کيس خوفناڪ جانورن کان بہ خوف نہ ٿيندو آهي. قسمت سان هڪ بادشاھ وٽ اچي ٿو جو اعلان ڪري ٿو تہ آئون پنھنجي ڌيءَ جي شادي ان شخص سان ڪرائيندس جو شينھن سان مقابلو ڪندو. اهڙيءَ ريت پائي وائي شينھن کي چٽ ڪري ٿو ۽ شھزاديءَ سان سندس شادي ٿيئي ٿي. ٻي ڪھاڻي سوني سامونڊي مڇي جي آهي تہ ٽين ڪھاڻيءَ ۾ جنڙن جي ٽوپيءَ ۾ جادوئي ڪرشما بيان ڪيل آهن. جنھن ۾ ٽي ڀائر جنڙن واري ٽوپي هٿ ڪري انھن کي پنھنجو تابع ڪن ٿا. ”پنڊورا ۽ عجيب پيتي“ هن ڪتاب جي چوٿين ڪھاڻي ڏند ڪٿائي آهي جنھن ۾ پنڊورا عجيب پيتي کولي ٿي ۽ دنيا ۾ مصيبتون ڏک ۽ بيماريون پيدا ٿين ٿيون. ميڊاز بادشاھ جي ڪھاڻي پڻ هڪ ڏند ڪٿائي قصو آهي جو يونان سان واسطو رکي ٿو. بادشاھ ميڊاز سون جي گهڻي لالچ رکي ٿو جڏهن هوڪا شيءَ ڇھي ٿو تہ اها سون جي ٿي پوي ٿي شروع ۾ خوش ٿيئي ٿو پر اڳيان هلي کيس خبر پوي ٿي تہ، سون کان سواءِ انسان جي جياپي لاءِ کاڌو پيتو ضروري آهي ۽ هو انھيءَ حقيقت کي دل سان تسليم ڪري ٿو. ”کنڀن وارو گهوڙو پيگاس“ واقعاتي ڪھاڻي پڻ هڪ خيالي گهوڙي جي آهي جنھن کي بي مثال طاقت سان گڏ اڏامڻ لاءِ پَرَ آهن، پيگاس گهوڙو پنھنجي مالڪ بيليرائن جي مدد ڪندي هڪ وڏيءَ بلا جو مقابلو ڪري ان تي فتح حاصل ڪري ٿو. هيءَ همٿ ۽ جرات جي ڪھاڻي آهي، جنھن مطابق انسان طاقتور آهي کيس نيڪيءَ تي فتح حاصل آهي ۽ باطل کي ختم ڪرڻ لاءِ سندس ئي مدد ۾ ٻيون انيڪ قوتون جانور، پرند چرند مددگار ثابت ٿين ٿا.
شھزادي محبوب جي آکاڻي: هن آکاڻيءَ ۾ ڏک ۽ سک جي نڪتي کي بيان ڪندي اهو ڄاڻايو ويو آهي تہ رب جي رضا تي راضي رهڻ سان نصيب سنئون ٿيندو، شھزادو محبوب بھادر شھزادو پنھنجي وڃايل بادشاهي همٿ سان حاصل ڪري ٿو. خاص طور ۾ نيڪي ۽ بديءَ جو فرق کولي بيان ڪيو ويو آهي.
پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون: ڪھاڻيءَ جو ڪتاب بہ آهي تہ مضمون وانگر بہ آهي جنھن ۾ ٽي ڪھاڻيون ”سگهڙپائي ۽ ڇيڳرائي“، ”مصيبت جي وقت صبر ۽ تحمل“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ آهن. عنوان واري ڪھاڻيءَ ۾ هڪ استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ مڪالمو آهي جنھن ۾ اهو ڄاڻايل آهي تہ دنيا ساڳي آهي پر هڪ فرد جون اکيون پوريل آهن ۽ هن کي اهو نٿو ڏسڻ ۾ اچي جو اچڻ گهرجي ۽ ٻئي شخص جون اکيون کليل آهن. هن مضمون/ڪھاڻيءَ جي منظرنگاري ۽ ٻوليءَ جو استعمال وڻندڙ آهي ۽ هي هڪ معلوماتي ليک شمار ٿيندو.
لباخان درزي ۽ خليفو ڪھنگ: ۾ ٻہ ڪھاڻيون هڪ اٽڪلي ۽ حرص واري لباخان جي ڪھاڻي آهي جو لالچ ۽ ٺڳيءَ سان بادشاھ جو پٽ ٿيڻ ٿو چاهي پر سندس کوٽي نيت کيس خوار ۽ خراب ڪري ٿي توبہ تائب ٿي، پنھنجو ڌنڌو ايماندايءَ سان ڪرڻ لڳي ٿو. ٻي ڪھاڻي خليفو ڪھنگ، بادشاھ ۽ وزيرن بابت آهي جنھن ۾ بادشاھ جادوئي زور تي ڪھنگ پکي ٿيئي ٿو ۽ پنھنجي دشمنن کي ناڪام ڪرڻ بعد ٻيھر انساني شڪل ۾ اچي ٿو.
ٻہ جاڙا ڀائر: ٻن ڪھاڻين تي مشتمل آهي جنھن ۾ پھرين ڪھاڻيءَ ۾ ٻہ جاڙا ڀائر پنھنجي والدين کان جدا ٿي تڪليفون ڏسن ٿا وري سکي سھنجي حياتي ڪٽين ٿا. ٻيءَ ڪھاڻيءَ ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو قصو آهي.
نيلو پکي: هڪ ننڍو ناول آهي جنھن ۾ هڪ بادشاھ جي راڻي ماٽيجي ڌيءَ سان ظلم ڪري ٿي ۽ پنھنجي ڌيءَ ٻئي ملڪ جي بادشاھ کي پرڻائڻ چاهي ٿي پر انھيءَ ۾ کيس ناڪامي نصيب ٿيئي ٿي جو بادشاھ نيلي پکيءَ جي روپ ۾ ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح اڳيان هلي ظالم راڻيءَ کي شڪست ملي ٿي. بادشاھ دلفريب ۽ شھزادي گل چھر جي شادي ٿيئي ٿي.
ٽي ديويا راڪاس: پاڻي، هوا ۽ باھ کي ٽي ديو يا راڪاس سڏيندي انساني حياتي ۾ انھن بنيادي عنصرن جي سائنسي اهميت هن آکاڻيءَ معرفت سمجهائي ويئي آهي.
شمرانہ عرف شيطان جي ناني: ۾ هڪ چالاڪ عورت جو قصو بيان ڪيل آهي جا ماڻھن کي ٺڳي ٿي ۽ اهڙيءَ ريت ڪيترائي ماڻھو سندس حرفت جو شڪار ٿين ٿا.
انھيءَ کان سواءِ پڻ چند ڪتاب ٻالڪ ادب ۾ مرزا صاحب لکيا آهن جن جو ڪل ڪاٿو ارڙهن تائين چيو وڃي ٿو. پندرهن ڪتابن کي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. هيءَ ڪھاڻين/آکاڻين جا ڪتاب مرزا صاحب انھيءَ وقت لکيا ۽ ترجمو ڪيا جڏهن پوريءَ دنيا ۾ غير مرئي قوتن، قصن ۽ بادشاهي راڄن جي آکاڻين جو دور هو. انھيءَ ڪري سندن گهڻين ڪھاڻين ۾ بادشاھ، راڻيون، شھزادا، شھزاديون، وزير، امير، سوداگر، جن، پريون ۽ ديو ڏيکاريل آهن. جن جو موجودہ حقيقت نگاريءَ جي دور سان واسطو ناهي، پر انھن ڪھاڻين کي جڏهن پڙهجي ٿو تڏهن هڪ تجسس ۽ جستجو وارو شوق پيدا ٿيئي ٿو. منظرنگاري، سونھن، فطرت جا نظارا، ٻوليءَ جو اثرائتو هئڻ انھن ڪھاڻين جي دلڪشيءَ جا اهم سبب آهن. انھيءَ کان سواءِ مرڪزي خيال طور مرزا صاحب هي ڪھاڻيون خاص سنڌي ٻالڪن جي تعليم ۽ تربيت جي پھلوءَ کي نظر ۾ رکي پرڏيھي ادب مان آنديون تہ جيئن پڙهندڙن جي دل کي نيڪي، اخلاق، محبت، مروت، اخلاص ۽ ڀلائيءَ ڏي موڙجي مرزا صاحب ٻارن جي مختلف عمر جي احساسن، جذبن ۽ دلي، دماغي، پھچ مطابق لکيو آهي. سندن سوچ مطابق ٻارن ۾ درسي ڪتابن کان سواءِ ادب پڙهڻ جو شوق قائم ٿيئي هُو دنيا جي حالتن کان واقف ٿين، کين ٻين قومن جي اٿ ويھ ۽ مذهبن جي ڄاڻ ملي. پنھنجي عمر موجب هو نوان نوان لفظ سکن خود بہ لکڻ ڏي مائل ٿين.
هنن ڪھاڻين معرفت مرزا صاحب ٻارن جي ذهني سطح يعني پنجن کان ارڙهن سالن تائين جي ٻارن کي همٿ، محبت، شجاعت، پيار ۽ عشق کان آگاھ ڪيو آهي. سندن ڪجهہ ڪھاڻين لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهي رومانوي قصا يا عشقيہ داستان آهن جيئن ”وامق عذرا“، ”شھزادي قدم برگ“ جن کي ٻالڪ ادب ۾ نہ شمار ڪرڻ گهرجي. آئون سمجهان ٿي تہ چلڊرن ائڪٽ مطابق ٻاراڻي وهي پوريءَ دنيا ۾ ارڙهن سالن تائين شمار ٿيئي ٿي. ارڙهن سالن جي مڪمل ٿيڻ تي ٻار کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيئي ٿو ۽ پوءِ هو وڏن ۾ شمار ٿيئي ٿو. پندرهن کان ارڙهن سالن جي عمر وارن ٻارن جي سمجه ۽ سياڻپ جي لحاظ کان پيار ۽ محبت جي سچائيءَ کي سمجهڻ لاءِ انھن قصن جي اهميت بلڪل موجود آهي. مٿئين نڪتي مطابق آئون اهو چوڻ چاهيان ٿي تہ مرزا صاحب ٻالڪ ادب ۾ ارڙهن سالن تائين جي عمر جي ٻارن لاءِ بہ لکيو آهي. جنھن ۾ رومانوي ڪھاڻيون اچن ٿيون، ڪي ننڍيون دلچسپ آکاڻيون آهن تہ ڪي رومانوي ۽ عشقيہ قصا آهن تہ لوڪ ادب جون ڏند ڪٿائون بہ آهن پر انھن سڀني ۾ سندس فن ۾ مقصديت جو پڙ ڳرو آهي. ڊاڪٽر ادل سومرو موجب تہ،
”مرزا صاحب ابتدا کان اها ڪوشش ڪئي تہ ٻارن جي اخلاقي تربيت ڪجي، مرزا صاحب شروع کان ئي وڏي محنت ڪئي. فردوسيءَ جي شاهنامو مان هن رستم جي ڪھاڻي ترجمو ڪئي. سنڌيءَ ۾ ان ڪھاڻيءَ سان بھادريءَ جو هڪ تصور ٻار ۾ اڀريو، ٻار کي ان مان خبر پوي تہ هن سماج ۾ رهڻ لاءِ همٿ، جرئت ۽ حوصلي جي ضرورت پوندي، ايئن هر ڪھاڻيءَ ۾ ٻار جي اصلاح جو ڪونہ ڪو پھلو سمايل آهي“. (6)
مرزا صاحب پنھنجي ايندڙ نسل جي ذهنن جي ترقي ۽ تعمير لاءِ کين نصيحتي، اخلاقي ۽ پيار ۽ محبت جو ٻالڪ ادب ڏنو آهي. جنھن جي سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ خاص اهميت آهي.
حوالا:
1. بيگ، مرزا قليچ، ”عجيب ڳالھيون“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1973ع، صہ 145.
2. بيگ، مرزا قليچ، ”عجيب طلسم“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2018ع، صہ 22.
3. بيگ، مرزا قليچ، ”شھزادي قدم برگ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2018ع، صہ 6.
4. بيگ، مرزا قليچ، ”رستم“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1963ع، مھاڳ.
5. بيگ، مرزا قليچ، ”وامق عذرا“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2018ع، صہ 19.
6. سومرو، ادل ڊاڪٽر/زيب سنڌي، (سھيڙيندڙ) ”ڪيفي قليچ“، مرزا قليچ بيگ چيئر، فيڪلٽي آف آرٽس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو، 2009ع، صہ 75.
(مھراڻ نمبر1/ 2022ع)
