ثميرہ زرين: بحيثيت ڪھاڻيڪار
Sumera Zareen / Sakina Aawan is one of the famous Short Story Writer in Sindhi literature she was born on 11th February 1944ع. She was died on 13th August 1977ع only in the age of 33. In above small period of her life she wrote about 100 short stories and some literacy essays, letters and prefaces. Her first book of short story is “Geet ujayal moran ja” (گيت اڃايل مورن جا) in 1971 and then “Auoo Ieha e Marui” (آءٌ اها ئي مارئي‐1981ع), “Roshan Chanwiro” (روشن ڇانورو‐1989ع). The last two books were published after her death.
In her Short stories she has almost chosen characters which portrays their behavior to the society in different aspects.
In this study three aspects of her stories, topics, usage of language and characterization are elaborated upon in detail.
ڪھاڻي نثر جي اهم ترين صنف مڃي وڃي ٿي. سنڌي ادب جي خوشقسمتي رهي آهي جو سنڌي ڪھاڻي/افسانو، درجي بدرجي ترقي ڪندي ڪاميابيءَ سان پنهجو سفر وڌايو آهي. 1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب جي ڪھاڻيءَ ”شريف بيگم“ (پھرين جديد ڪھاڻي شمار ٿيئي ٿي) کان موجودہ وقت تائين هزارين ڪھاڻيون اسان جي ڪھاڻيڪارن جي پورهئي جي ثمر طور اڄ موجود آهن تہ ڪيترائي ڪھاڻين جا مجموعا شايع ٿيل آهن شروع ۾ ڪھاڻيون اخلاقي ۽ اصلاحي هيون پوءِ انھن ۾ گهڻي تبديلي آئي ڊاڪٽر ريحانہ نظير لکي ٿي تہ،
”ادب پنھنجي سماجي، معاشي قدرن ۽ روين سان مختلف دؤرن ۾ مختلف فڪرن هيٺ لکجندو رهيو آهي. افسانو ادب جي اها صنف آهي جيڪو جديد فڪر سان سلھاڙجي، ويھين صديءَ جي شروعاتي دور ۾ ڇپائيءَ هيٺ آيو. سنڌي ادب ۾ پڻ هيءُ ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين جيان پنھنجي فني تھذيبي، معاشرتي ۽ سماجي حالتن جي اثر هيٺ لکجڻ ۾ آيو، جنھن ۾ نہ صرف سماجي اڻ برابريءَ خلاف لکيو ويو پر انھيءَ ۾ اخلاقي ۽ اصلاحي پھلوءَ کي ڪھاڻين جو موضوع بنائي عام ماڻھن جي ستل شعور کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. انھيءَ ڪري شروع دور جي اڪثر ڪھاڻين جا موضوع اصلاحي ۽ سماج سڌراڪ ڪھاڻين تي مشتمل نظر اچن ٿا“. (1)
ننڍي کنڊ جي انھيءَ سماج سڌارڪ تحريڪي دور ۾ ڄيٺمل پرسرام، مرزا قليچ بيگ، مرزا نادر بيگ، لعل چند امر ڏنومل، امر لعل هنڱوراڻي، شيخ عبدﷲ ”عبد“، شيخ اياز ۽ ٻين جون ڪھاڻيون ۽ چند مجموعا شايع ٿيا. جيئن ”سردآهون“، ”ريگستاني قَول“، سفيد وحشي“ آهن. هن دور ۾ ڪجهہ سنڌي عورتن جا نالا بہ آهن جن جون ڪھاڻيون شايع ٿيون جيئن نانڪي گدواڻي، ڪرشنا ڪيولراماڻي، ساوتري ميرچنداڻي، اندرا هميرا جاڻي، تارا مير چنداڻي، پوپٽي هيراننداڻي ۽ ٻيون آهن. جن جون ڪھاڻيون ”ڦليلي“، ”آشا“، ”روح رهاڻ“، ”ڀارت واسي“، ”سرسوتي“ ۽ ٻين مخزنن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون. ورهاڱي کان پوءِ جديد ڪھاڻي گهڻي ترقي ڪئي هيءُ ڪھاڻيءَ جو ٻيو دور شمار ٿيئي ٿو. جنھن تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر هو ۽ گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ ۽ جدت پسنديءَ جو لاڙو پڻ ظاهر ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ جي حالتن جيئن ادب ۾ تبديليون آنديون تيئن ڪھاڻي پڻ اهڙين تبديلين کان وانجهي نہ رهي. بلڪہ هن مختصر صنف ۾ اظھار جي آساني (رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجڻ سبب) وڌيڪ هئي. انھيءَ ڪري ڪھاڻي ادب ۾ جلد جڳھ والاري پوءِ ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ ڪيترائي تجربا ٿيا ٻوليءَ تي توجھہ ڏني وئي، قوميت جو فڪر سگهارو ڏسڻ ۾ آيو، تہ ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جا اثر، جديد لاڙا ۽ قدر ظاهر ٿيا. هن دور ۾ جمال ابڙو، اياز قادري، ع،ق شيخ، غلام رباني آگرو، نجم عباسي، رشيد ڀٽي، آغا سليم، حميد سنڌي، نسيم کرل، امر جليل ۽ ٻين ڪيترن ڪھاڻيڪارن سان گڏ جن عورتن لکڻ لاءِ قدم وڌايو انھن ۾ هندوستان مان پوپٽي هيراننداڻي، سندري اُتم چنداڻي، ڪلاپرڪاش سان گڏ بيگم زينت چنا، رشيدہ حجاب، ثميرہ زرين، خيرالنساء جعفري ۽ ٻين جا نالا اهم آهن. ثميرہ زرين جو تعلق هن ٻئي دور جي ڪھاڻيڪارائن ۾ ٿيئي ٿو. هن دور جي ليکڪن موضوعن طور طبقاتي سماج جي براين تي لکيو. وڏيرن جا هارين تي ٿيل ظلم، عورت ذات جي حقن جي لتوڙ، تعليم کان محرومي، بي جوڙ شاديون، مذهبي بنيادن تي عورتن کي هيٺانھون ثابت ڪرڻ، هند لڏي ويل سنڌين جي سنڌ لاءِ سڪ، سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ ظلم، سرمائيدارن، ڪامورن ۽ جاگيردارن پاران ٿيندڙ نا انصافيون جھالت خلاف جدوجھد، پيري مريديءَ خلاف ڪوششون، سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي حثيت کي مڃائڻ ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع سھڻي انداز سان سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ آيا. جن مان لکندڙن جي فني ۽ فڪري سگهہ، سوچن جا زوايا، فن جي ڪاريگري هن نازڪ، لطيف همہ گير صنف ۾ ظاهر ٿي. اهڙيءَ ريت ڪھاڻين جو هي سفر جاري ۽ ساري آهي. اڄ بہ سنڌي ڪھاڻي پنھنجي آب وتاب سان لکجي رهي آهي سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾ جڏهن لکندڙن جي فن جي ڪٿ ڪجي ٿي تڏهن آئون سمجهان ٿي تہ ثميرہ زرين جو نالو وسارڻ جوڳو نہ آهي.
ثميرہ زرين/سڪينا اعواڻ شڪارپور ۾ 11 فيبروري 1944ع تي جنم ورتو. ثميرہ جو ڪم ادب ۾ فقط هڪ ئي صنف ڪھاڻيءَ ۾ ملي ٿو. بحيثيت ڪھاڻيڪارَا سندس ڪم اهم آهي هن جي ڪھاڻين جو ڳاڻيٽو هڪ سئو جي قريب آهي. ڪجهہ تنقيدي مضمون ۽ مقدما لکيائين، جن ۾ ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ڪھاڻي-جائزو“ ۽ ”مھراڻ جون ڇوليون“ جو مقدمو آهن. هن ليکڪا گهرو پڙهيل ڳڙهيل ماحول ۽ ذاتي شوق جي ڪري ٻارهن سالن جي عمر کان ئي لکڻ شروع ڪيو. سندس والد محمد اعظم گهر ۾ گهڻا سنڌي رسالا ۽ اخبارون آڻيندو هو، جنھن ڪري هن کي ننڍپڻ ۾ ئي ادبي ذوق پيدا ٿيو. ٽيٽيھن سالن جي جوانيءَ ۾ 13 آگسٽ 1977ع تي دنيا کي الوداع ڪندڙ ثميرہ مختصر مدت ۾ ڪافي ڪھاڻيون لکيون. سندس ڪھاڻيون لڳاتار ڇپبيون هيون. خاص طور ”نئين زندگي“، ماهوار ”تقاضا“، ”روح رهاڻ“، ”سھڻي“، ”نئون نياپو“، ”مارئي“ ۽ ٻين مخزنن ۾ سندس ڪھاڻيون شايع ٿيون. سندس ڪجهہ ڪھاڻيون ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿيون ۽ ڪي هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ شامل آهن. هن جو پھريون مجموعو ”گيت اڃايل مورن جا“ سي ايس ايس جي سنڌيءَ جي نصاب ۾ مقرر ٿيو هو. هيءُ ڪتاب 1971ع ۾ ڇپيو ۽ پوءِ پڻ شايع ٿيندو رهيو آهي. انھيءَ کان سواءِ ”آءُ اهائي مارئي“ 1981ع ۽ ”روشن ڇانورو“ 1989ع ۾ افسانوي مجموعا ڇپيا آهن ثميرہ جي ڪھاڻي ”وطن“ هندوستان ۽ پاڪستان جي ڪھاڻين واري چٽاڀيٽيءَ ۾ پھريون نمبر حاصل ڪيو. ”وطن“ ڪھاڻي ٽہ ماهي مھراڻ 1-2-1957ع ۾ پھرين شايع ٿي. کيس پنھنجي ڪھاڻي ”لالي“ گهڻي پسند هئي ۽ اها ئي هن ”مھراڻ جون ڇوليون“ (نئين زندگي پبليڪيشن طرفان چونڊ ڪھاڻين جو مجموعو، جو ثميرہ زرين ترتيب ڏنو هو) ۾ ڏني.
ثميرہ زرين کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق هو. هن گريجوئيشن کان پوءِ بہ پڙهڻ جاري رکيو. سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو طور ڪم ڪندڙ هئي ۽ نوڪري بہ ڪيائين. شخصي طور هوءَ حسين، حساس، ڪم گو، مھربان، نفيس ۽ نازڪ طبع هئي. پاڻ پردو پڻ ڪندي هئي. اڪثر ادبي محفلن ۽ ميڙن ۾ شرڪت کان لنوائيندي هئي. ايترييقدر جو بيگم زينت عبدﷲ چنا جي گهر سڀني قلمڪارن جي گڏجاڻيءَ ۾ ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مھتاب چنا جي سڏ جي باوجود بہ هن شرڪت نہ ڪئي ۽ آهستي آهستي سندس لاءِ اهو مشھور ڪيو ويو تہ، ”ثميرہ ڇوڪري نہ ڇوڪرو آهي بلڪہ سندس ڪھاڻيون غلام رباني آگرو لکي ٿو“. (2)
ثميرہ زرين، هري موٽواڻيءَ کي سندس لکيل خط جي جواب ۾ مٿئين معاملي جي وضاحت ڪندي لکيو تہ:
”محترم هري صاحب!
اوهان جو خط مليل آهي. پڙهيم، محفوظ ٿيس. اوهان منھنجيءَ نسبت قياس آرائيون لکندي آخر ۾ لکيو آهي تہ: ”اڳتي ڄاڻي ﷲ“.
گويا، ”ادي ثميرہ“، ڪري مخاطب ٿيڻ جي باوجود بہ اوهان کي شڪ آهي تہ ”ادي“ شايد ”ادا“ هجي. مون کي اهو ئي خيال هو تہ اها هوا محض سنڌ جي اديبن کي لڳي هوندي. مون طارق اشرف جو مضمون پڻ وڌاءُ سمجهيو هو. پر چئبو تہ اها هوا هند تائين وڃي پھتي! بھرحال اوهان جي خط مان چٽيءَ طرح ثابت ٿيوتہ مون کي هينئر ادبي عدالت ۾ بيان ڏيڻو پوندو. (3)
ثميرہ زرين انھيءَ خط ۾ ”مھراڻ جون ڇوليون“ جي مقدمي جي بہ وضاحت ڪئي آهي، تہ اهو هُن پاڻ لکيو هو ۽ لکيل مقدمو غلام رباني آگري پنھنجي نالي تي هلايو آهي. ثميرہ جو مٿيون خط ماهوار ”ڪونج“ جي آگسٽ 1964ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو.
جيتوڻيڪ ثميرہ زرين کي حياتيءَ مھلت نہ ڏني، تہ بہ هُن مختصر وقت ۾ ڪافي ڪم ڪيو. هتي سندس فن جي فڪري ڇنڊڇاڻ کان اڳ، هُن جي شخصيت جي مختلف رُخن تي هڪ نظر وجهنديس، تہ جيئن سندس فن جي صحيح نموني چٽائي ٿي سگهي. هوءَ تعليم يافتہ ۽ آسودي خاندان سان تعلق رکندڙ هئي. سندس خاندان جا فرد سرڪاري عھدن تي فائز رهيا، تہ بہ منجهس آسودگيءَ جي غرور ۽ فخر جي بجاءِ سادگي، خلوص ۽ پنھنجائپ هئي. محبت جي مڻيا جي سبب جيڪو بہ ساڻس هڪ دفعو مليو، سو سندس نھٺي رويي جو قائل ٿي ويندو هو. 1966ع ۾ سُندري ۽ اُتم جڏهن پاڪستان آيا، تہ ساڻس ملاقات بعد هُن جي پر خلوص پياري ورتاءُ کي ڏاڍو واکاڻيائون. ڪلا پرڪاش پڻ کانئس گهڻي متاثر ٿي. ڪلا، سندس سڀاءُ تي هن ريت لکيو آهي.
”ثميرہ زرين وٽ روح جي سادگي ۽ پاڪيزگي هئي، تنھن منھنجي لنوَ لنوَ کي ڪانڊاري ڇڏيو آهي. حيات هوندي هن هڪ ننڍڙو خط لکيو جو ڪنھن مايوس ڀاءُ کي مايوسيءَ جي اونداھ مان ڪڍڻ لاءِ اهو خَطُ دنيا ڀر جي هڪ نراس انسان کي ڪارائتو ٿي سگهي ٿو“. (4)
ثميرہ زرين جي محبتي مزاج کي مڃتا ڏيندي، خيرالنساء جعفري لکي ٿي تہ:
”بيشڪ ثميرہ. منھنجي دوست هئي. اول ادب جي اڻ ٽُٽ ناتي. ايئن جيئن ٻالڪ جي مُکَ ۽ ماءُ جي ارھ ۾ ٿڃ ناتي امر ۽ لافاني رشتو جڙي. هوءَ ڪيتري قدر قابلِ محبت هئي، لفظن ۾ نٿي آڻيان. سچ تہ آئون سندس وقفي وقفي ۽ ڌيرج، پر ديرپا هلندڙ مزاج ۽ محبتن کي قلم جي ڪوڙڪيءَ ۾ آڻي نٿي سگهان. مون کي پنھنجي ڪمزوريءَ جو پورو اعتراف آ. هوءَ تہ تازي ناريل جي اڇي کير جھڙو اڻ ڇھيو پوتر پاڻي هئي. مردن مٽُ مس نائيٽ اينگل جيان ادبي مشعل هٿ ۾ ڪري، اونداهي واٽن تي لاٽ وکيريندي ”خاتون اول“ جو لقب پائي ويئي“،. (5)
عبدالقادر جوڻيجو، ثميرہ زرين جي سليقي جو نقشو هن ريت چِٽي ٿو:
”اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ هر ڳالھہ ۾سليقو.اُجلا ۽ رعب دار ڪپڙا پائي، ثميرہ آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ اڇي ڪڪر يا ڪونج وانگر لھي ايندي هئي. توري تڪي وکون کڻندي هئي.... مِٺو اُترادي شڪارپوري لھجو، لفظ لفظ ۾ جڙيل، خوبصورت جملا. جيڪڏهن ڪنھن رتوڇاڻ جو ويھي ذڪر ڪري تہ ذهن ۾ رت جي ڦڙن بدران ڳاڙها گلاب جا گل ٽڙندا. هتي مون کي ياد آيو تہ گلن سان ڏاڍو پيار هئس... آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ وري وڏي شيءَ هئي ثميرہ جي آفيس. ڪنھن کي روئڻو آهي. ڪنھن کي کلڻو آهي. ڪنھن کي علم جا درياھ وهائڻا آهن. ڪنھن کي سٺي چانھ جي ضرورت آهي، ڪنھن جو ڪو مسئلو مُنهجي پيو آهي. ڪنھن ادب جي دنيا ۾ ڪا ڪوراڙ ماري آهي، تہ ڏي ثميرہ جي آفيس ۾. پوءِ اُتي ڏک بہ ڇنڊبا، تہ سک بہ پکيڙبا؛ آٿت بہ وٺبي تہ ثميرہ جون سُٺيون مِٺيون ۽ فلسفيانہ ڳالھيون بہ ٻُڌبيون... هُوءَ ماڻھوءَ هئڻ جي باوجود گهڻن ماڻھن کان مٿڀري هئي. ثميرہ لکيو، واھہ جو لکيو. راڄن مڃيو، سندس فن تي ماڻھن رِايا ڏنا. اڄ بہ سندس ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ پنھنجو مقام رکن ٿيون“. (6)
ثميرہ زرين جو همعصر ليکڪائن ۽ ساهيڙين رعنا رفيق، ليليٰ بانا، تنوير جوڻيجو، خيرالنساءَ جعفري، زڪيه دريشاڻي ۽ رشيدہ حجاب ۾ هڪ الڳ مقام آهي. هُوءَ مستقل ۽ گهڻو لکندڙ هئي. مٿي مون ثميرہ زرين جي شخصيت ۽ فن جي باري ۾ وڏن ليکڪن جا رايا ڏنا آهن. سندس سڄي فن جي مطالعي کان پوءِ، منھنجو پنھنجو رايو هُن جي ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ ڪھڙو آهي؟ ان لاءِ سندس ڪھاڻين جي مختلف رُخن کان ڇنڊڇاڻ ڪري، پوءِ نتيجا ڏنا اٿم.
ثميرہ زرين جي فن جو جائزو: موضوع ‐ڪردارنگاري-ٻوليءَ جو استعمال
ثميرہ زرين جي افسانوي مجموعي ”گيت اڃايل مورن جا“ ۾ يارنھن ڪھاڻيون ”کجور جو وڻ“، ”شمع ٻاريندي شب“، ”پروس ٿيم پراڻ“، ”ٿوهر“، ”مومل جو ڏهاڳ“، ”پلئہ پايو ڪچ“، ”رمندا بادل“، ”نم جي ڇانو“، ”سرنھن جي خوشبو“، ”گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”سوريءَ سزاوار“ آهن.
”آءُ اها ئي مارئي“، 1981ع ۾ ڇپيو، جنھن ۾ ڪل اَٺ ڪھاڻيون ”آءُ اها ئي مارئي“، ”ايرکا“، ”وڏيري“، ”دل ۾ درد هزار“، ”غيرت“، ”مومل“، ”ٻہ رستا هڪ منزل“ ۽ ”ائبسٽريڪٽ آرٽ“ آهن.
”روشن ڇانورو“ 1980ع ۾ نذير ناز ترتيب ڏيئي، ناري پبليڪيشن طرفان شايع ڪيو. هن مجموعي ۾ آيل ڪھاڻيون گهڻي ڀاڱي ليکڪا جي شروعاتي ادبي سفر جي دؤر جون آهن، جيڪي 17 مئي 1956ع کان 1958ع تائين جون آهن. هڪ ڪھاڻي ”وڃايل واٽ“ 1976ع جي آهي. اهي سڀ ڪھاڻيون پھرين مختلف مخزنن ۾ ڇپيل هيون. انھن ڪھاڻين جا عنوان ”دروازو“، ”تنھائي“، ”سازِ حيات“، ”خواب“، ”هڪ خط“، ”زندگيءَ جي بازي“، ”پاڇو“، ”جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا“، ”بيشرم ڪير؟“، ”لڙڪ ۽ مرڪ“، ”ساريان ڪو نہ سکوءِ“، ”ڪنول“، ”پتنگ چائين پاڻ کي“، ”ڇانو“، ”صبح ڪٿي آهي“ ”وڃايل واٽ“ ۽ ”ٻہ رستا هڪ منزل“ آهن.
موضوع: ڪھاڻيِءَ جي فن ۾ موضوع جي ڪيتري اهميت آهي؟ انھيءَ تي طارق اشرف لکي ٿو تہ، ”ڪھاڻيءَ جو موضوع يا مرڪزي خيال ڪھاڻيءَ جي ڪاميابيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اُن جي ذريعي ئي ليکڪ پنھنجا ويچار، مقصد يا آس پاس جي ماحول يا حالتن مان اخذ ڪيل تجربو يا مشاهدو، پڙهندڙن جي سامھون آڻي ٿو. جنھن مان سندس سماجي شعور جي پروڙ کان علاوہ ملڪ جي اقتصادي، معاشي ۽ ثقافتي تبديلين متعلق سندس نظرياتي شعورجي پڻ معلومات ملي ٿي“. (7)
موضوع طور ثميرہ زرين جي فن جو اڀياس ڪھڙي ڄاڻ ڏئي ٿو؟ هُن ڪھڙا ڪھڙا موضوع آندا آهن؟ ڇا وٽس موضوعن جي وسعت موجود آهي؟ يا جيڪي مسئلا هُن موضوع طور پيش ڪيا آهن، انھن جي پيشڪش ۾ هُوءَ ڪامياب ٿي آهي؟ ڇا هُن پنھنجي ڪردارن معرفت سنڌي سماج جي عين بين تصوير ڏني آهي؟ سندس ڪتب آندل ٻوليءَ سان ڪھاڻين ۾ ڪھڙو حسن آيو آهي؟ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سوال آهن، جن جي جوابن کي مون هن فني اڀياس دوران پروڙيو آهي. ثميرہ جي پيش ڪيل موضوعن بابت آغا سليم لکي ٿو تہ، ”ثميرہ گهڻو ڪري زندگيءَ جي هر موضوع تي ڪھاڻي لکي آهي ۽ سندس ڪردار زندگيءَ جي هر طبقي جي نمائندگي ڪن ٿا، ڪاليجي ڇوڪريون، مالوندا شيدي ڳوٺاڻا، غريباڻا گهرڙا، مٿانھين طبقي جي ڪوڙي ۽ ڏيکاءُ واري زندگي، غير سنڌي نالا سندن اوڀري مٿاڇري ۽ اڇاتري گفتگو ۽ ان مان ليئا پائيندڙ زندگيءَ جا ڏک ۽ سور، هر ڪھاڻيءَ ۾ عورت جو ڪو نہ ڪو روپ چٽيل آهي“. (8)
منھنجي نظر ۾ ثميرہ زرين فقط ۽ فقط سنڌي عورتن جي مسئلن تي لکيو آهي وٽس موضوعن جي گهڻائي ڏسڻ ۾ نٿي اچي ان جي باوجود بہ هن سنڌي سماج جي عورت کي درپيش مسئلن متعلق اهميت جوڳو لکيو آهي. گهڻيون ڪھاڻيون شھري طبقي جي ماحول جون آهن، تہ ڪي هيٺئين وچولي طبقي جي باري ۾ پڻ لکيون اٿس. بنيادي طور سندس ڪھاڻين جو اهم ڪردار جوان عورت آهي. جيڪا حسين حياتيءَ جي خواهشمند هوندي بہ زندگيءَ جون رعنايون ماڻي نٿي سگهي. ڪٿي سماجي پابنديون سندس رستو روڪين ٿيون تہ ڪٿي گهرو مجبوريون آهن. هُن اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ هِن مرداڻي سماج ۾ عورت گهڻي ڀاڱي ڀوڳيندڙ رهي آهي. ثميرہ زرين، عورت جي ڀوڳنا کي موضوع بنائيندي، پنھنجي حساس دل جي جذبن جي اپٽار ڪئي آهي. جنھن ۾ هُوءَ وڌيڪ جذباتي پڻ ٿي ويئي آهي ۽ گهڻو ڪري پنھنجي ڪھاڻين ۾ هُن عورتن جي تڪليفن جو حل جدائي ۽ موت ئي ڏسيو آهي. سندس اڪثر ڪھاڻيون دکدائڪ انجام رکن ٿيون، جن ۾ وڇوڙو، نااميدي ۽ آخر ۾ موت آهي. اهڙي ڪھاڻين ۾ ”تنھائي“ (هن ۾ خالد جي پسند جي ڪنوار هڪ سال۾ مري وڃي ٿي) ”ساريان ڪو نہ سکوءِ“(افتخار جي ماءُ جي اوچتي موت ۽ آخر ۾ کيس گولي لڳڻ) ”لڙڪ ۽ مرڪ“ (سعيدہ جي جوان ڌيءَ جي موت)، .جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا“ (ياسمين جي موت) ۽ ٻيون ڪھاڻيون آهن. جدائي ۽ وڇوڙي وارين ڪھاڻين ۾ ”صبح ڪٿي آهي“، ”ڇانو“، ”وڃايل واٽ“، ”آءُ اها ئي مارئي“، ”ايرکا“، ”ائبسٽرئڪٽ آرٽ“، ”جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا“، ”سازِ حيات“ آهن. حاصل مطلب تہ هُن عورتن جي ڏکن جي ترجماني ڪندي ڪا واھ نہ پسي، سندن نجات موت ۾ ڏسي آهي.
هتي آئون پڙهندڙن جو ڌيان هڪ اهم نُڪتي طرف موڙڻ چاهيان ٿي. اُهو اِهو آهي تہ جڏهن بہ ڪنھن ادبي فن پاري جوAnalysis ڪيو وڃي ٿو، تڏهن انھيءَ فن ۾ مقصديت کي ضرور ڏٺو ويندو آهي، ڇو تہ ادب انساني زندگيءَ جي تعمير ڪري ٿو ۽ ادب جو اهم مقصد انساني زندگيءَ کي آئيندي جي لاءِ اميد، حوصلو ۽ همت ڏيئي، سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ هوندو آهي. انھيءَ نظريي تحت، جڏهن مون ثميرہ زرين جي فن جو تنقيدي جائزو ورتو، تڏهن معلوم ٿيم تہ سندس فن اميد ۽ نااميدي، همت ۽ بي همتيءَ جي روين جو امتزاج آهي. گهڻي ڀاڱي هُن جي پيش ڪيل ڪردارن وٽ محرومي، بي همتي ۽ ڏک جي عنصر سان گڏ مايوس ڪُن رويو آهي. ڪجهہ ڪھاڻين ۾ هُن عورت کي باهمت، پڙهيل ڳڙهيل، ذهين ۽ خوددار بہ ڄاڻايو آهي ۽ مجموعي طور، سندس پيش ڪيل عورت ڪردارن ۾ شھري سھڻيون آسوديون عورتون آهن، تہ ٻھراڙيءَ جي ماحول ۾ جيون جي جياپي لاءِ جتن ڪندڙ بيڪس ۽ ويچاريون عورتون پڻ آهن. هُن موضوع طور سنڌي عورت جي جيئڻ جي حقن جي پٺڀرائي بہ ڪئي آهي، جنھن ۾ ڪٿي ڪامياب پيشڪش آهي، تہ ڪٿي فني طور ڪمزور، وٽس گهڻا موضوع نہ آهن تہ بہ هن اميري غريبي، ڏک سک، علمي ڪمي ۽ پسند جا پرڻا، زر زن ۽ زمين جا جهيڙا موضوع طور ڏنا آهن، جن جو مرڪزي محور عورت آهي. عورتن تي مردن جي ظلمن سان گڏ خود عورتن جا پڻ ظلم وائکا ڪيا آهن. ”ڇانو“ ڪھاڻي انھيءَ جو اهم مثال آهي.
ڪھاڻي ”ڇانو“ فتحان جي پڦيءَ تي ڪيل ظلمن جو بيان آهي. پڦي نوران، سومر (مڙس) جي موت کان پوءَ بي اوهي واهي ٿي وڃي ٿي. سندس ڏير شرع شريعت موجب هُن جو ڍَڪُ ٿيڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو، پر هُوءَ عيدوءَ جي پرڪارن کان واقف هئڻ ڪري، ڀائيٽي رمضان جي ”ڇانو“ ۾ وڃي وقت ڪٽي ٿي. رمضان تہ پڦيءَ جو ڀرجهلو آهي. پر فتحان (سندس زال) عورت جي ڪروڌ، حسد ۽ ساڙ جو روپ ٿي. مٿس حياتي حرام ٿي ڪري ليکڪا لکي ٿي تہ:
”اڳي هن کي خبر نہ هئي. پر هاڻي هن ڏٺو تہ رڳو مڙس جي زال جي نہ پر عورت، عورت جي هر روپ ۾ پھاڄ آهي. مرد جو خلوص خواھ ڪنھن بہ صورت ۾ هجي، عورت اهو برداشت نہ ڪري سگهندي آهي. ڊڄڻي مخلوق! حسد جي تھ ۾ دراصل شڪست لڪل هوندي آهي ۽ شڪست جو ڊپ ڦري، حسد جو روپ وٺندو آهي“. (9)
ڪردار سازي: ڪردار سازيءَ جي افسانوي ادب ۾ خاص اهميت آهي اهي ڪردار ئي آهن جن جي ذريعي ڪھاڻيڪار پنھنجو اندر جو آواز سندن هلت سوچن ۽ مڪالمن وسيلي ظاهر ڪندو آهي. منير چانڊيي موجب تہ، ”ڪھاڻيون ڪردارن جي پاورفل مڪالمن (Dialogues) جي ڀرپور پيش ڪش ۽ جوڙ جڪ، ماحول ۽ سماج جي فضول ۽ انسان دشمن روايتن جي حقيقتن جي جرئتمندانہ اظھار ۽ ڪردارن جي پيڙا ۽ درد ناڪ ڪيفيتن جي احساسن جي اُپٽار جي ڪري نہ فقط ذهن کي جهنجهوڙين ٿيون پر هن سماج جي جاهلاڻين ۽ فرسودہ رسمن خلاف پنھنجو مزاحمتي ڪردار بہ ادا ڪن ٿيون“. (10)
ثميرہ زرين عورت جي مختلف ڪردارن کي اڳيان آندو آهي. ڪٿي هُوءَ محبوب جي اوسيئڙي ۾ ويٺل ”رُوبي“ آهي (سازِ حيات)، تہ ڪٿي انتظار جي آڳ ۾ جلندي موت ماڻيندڙ ”بانو“ آهي (شمع ٻاريندي شب). ڪٿي هوءَ ”فتحان“ جي روپ ۾ عورت جا ئي حق غصب ڪندڙ آهي (ڇانو)، تہ ڪٿي هوءَ پنھنجو تن، من ۽ ڌن محبوب تان واريندڙ ”روشني“ آهي (آءُ اها ئي مارئي). سندس پيش ڪيل عورت جو ڪردار خودمختيار بہ آهي، تہ بي اختيار پڻ. باهمت آهي، تہ بي همت پڻ. پڙهيل بہ آهي، تہ اڻ پڙهيل پڻ. پر، ثميرہ زرين جو موقف اهو بہ آهي تہ هُن کي پنھنجي حيثيت مڃائڻ گهرجي. ڪھاڻي ”ساريان ڪو نہ سکوءِ“ ۾ اهو اظھار هڪ ڪڙمياڻيءَ جي رويي مان ظاهر ڪندي لکي ٿي تہ:
”هوءَ فيروز جي زمين تي ڪم ڪندي هئي. کيس افتخارکي پيار ڪرڻ جوڪھڙو حق هو؟ اڄ هڪ خسيس ڪڙمياڻيءَ کيس ٻڌايو هو تہ زر ۽ زمين سان گڏ، زن سندس ملڪيت ۾ شامل نہ آهي. زن پنھنجو الڳ وجود رکي ٿي. هُوءَ بہ هن وانگر جدا جسم ۽ جان جي مالڪ آهي ۽ کيس سندس جھڙو حق حاصل آهي تہ هُوءَ زندگيءَ ۾ جنھن کي چاهي، تنھن کي پنھنجو چوي. اڄ هڪ زن کيس مُنھن تي چماٽ هڻي ڪڍي هئي. نوريءَ کيس ٻڌايو هو تہ هوءَ سندس ملڪيت نہ بلڪہ هن جھڙا حق رکندڙ هڪ انسان هئي.“ (11)
ثميرہ جي فن تي راءِ ڏيندي سيد مظھر جميل لکي ٿو تہ: ”ثميرہ زرین بتاتی ہے کہ عورت خواہ دیہی ماحول میں پروان چڑھی ہو اور کتنی ہی اعلیٰ سوسائٹی میں چلی جائے، ہماری تہذیب و تمدن میں اسے وہ مقام میسر نہیں آسکتا، جو بطور انسان اس کا حق ہونا چاہیے۔ ہمارے معاشرے میں عورت رسموں و رواجوں کے بندھن میں اس بری طرح جکڑی ہوئی ہے کہ وہ آزادی کی سانس بھی نہیں لے سکتی۔" اگتي هلي لکيو اٿس تہ،
"ثمیرہ زرین دراصل گهریلو مسائل اور اس سے ملحقہ مسائل کی کہانی نویس ہے۔ گہری نظر سے مشاہدےکرتی اور اس کے پس منظر میں جهانک کر حقیقتوں تک پہنچتی ہے، جوان واقعات کی بنیادی وجہ ہوا کرتی ہیں۔" (12)
ڪردار نگاري: افسانوي ادب ۾ اثرائتي ڪردارنگاري وڏي اهميت رکي ٿي، ڪرداري ڪھاڻين کي ادب ۾ اڪثر پسند ڪيو ويو آهي. اهڙا ڪھاڻين جا پلاٽ، جنھن ۾ اڪثر هڪ يا ٻن ڪردارن کي مرڪزي حيثيت حاصل هجي، جن جي طرف ئي سڄي ڪھاڻيءَ جو تاڃي پيٽو اُڻيل هجي ۽ واقعا بہ انھن جي ئي چوگرد گهمندا هجن، سي پيشڪش جي سھڻي ربط واري طريقي سان ڪامياب ڪھاڻيون شمار ٿيون آهن. ثميرہ زرين جي ڪھاڻين ۾ ڪي مرڪزي ڪردار تمام سھڻي نموني اُڀري سامھون آيا آهن، جيئن مولوي حافظ، بانو، روشني، گلو، وڏيرو خدا بخش، نوران، افتخار، فتحان، روبي ۽ ٻيا.
”دل ۾ درد هزار“ هڪ سادڙي ۽ معصوم دل مولوي حافظ جي ڪھاڻي آهي، جنھن جو نينھن صدرالدين شيخ جي نياڻيءَ سان هڪ طرفو ٿو ٿئي ۽ هو انھيءَ محبت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي وظيفا ڪري ٿو، ياسين جا ختما ڪڍي ٿو. پر، صدرالدين سندس سادگيءَ جو ناجائز فائدو وٺندي، پنھنجي ڪوجهي ڀائٽي دوکي سان کيس نڪاح ۾ ڏئي ٿو. مولوي حافظ جي ڪردار جو نقشو چٽيندي، ليکڪا لکي ٿي تہ:
”هُو ڏاڍي سادي طبعيت جو هو. ڇورو ڇنو، ڪو اوهي واهي ڪونہ هوس. ننڍي هوندي کان وٺي پورهيو ڪري پنھنجي گذر لاءِ پاڻ پتوڙيندو آيو هو. پيار کان محروم ڪي شخص چيڙاڪ ۽ تخريب پسند ٿي پوندا آهن، تہ ڪي مايوس ۽ روئڻا. حافظ ٻئي قسم ۾ شامل هو“.
”روشنيءَ“ جي ڪردار کي ثميرہ زرين سٺي نموني سامھون آندو آهي. سادي سودي ۽ سانوري روشنيءَ جي شڪل ۽ تشبيھ تي لکي ٿي تہ:
”روشني، شڪل صورت ۾ ٻنھي ڀينرن کان گهٽ هئي. پر، جيئن مندن ۾ مند بھار ٿيندي آ، تيئن عمر ۾ بہ هڪ دؤر اهڙو ٿيندو آهي، جو پساهن مان بہ ڪوري گهڙي جي خوشبوءِ ايندي آهي ۽ ماڻھو سھڻو نہ هوندي بہ سُونھن جي پرتوي ۾ لپٽيل نظر ايندو آهي. روشنيءَ جي وهي بہ زندگيءَ جي انھيءَ دؤر ۾ هئي“.
وڏيري خدا بخش جي سڀاءَ کي هن ريت بيان ڪيو اٿس: ”هُو ڏاڍو بارعب ماڻھو هو. ڪنھن هن کي گهر ۾ کلندي نہ ٺھيو، پر مرڪندي بہ مشڪل ڏٺو هوندو. هُن جو اهو نظريو هو تہ گهر وڃجي تہ ڏاڍي رعب تاب سان، نہ تہ زال ذات قابو ۾ اچڻ جي ئي ڪانھي. اهو ئي سبب هو، جو هُن جي اچڻ سان گهر ۾ قبرستان جھڙي خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. مجال جو ڪير ڪنھن سان وڏي واڪي ڳالھائي سگهي“. (13)
ثميرہ زرين، ڪردارن جي ظاهري عمل، گفتگو ۽ هلت چلت کان بہ وڌيڪ سندن خيالن ۽ جذبن کي فوقيت ڏني آهي، جنھن سان ڪھاڻي وڌي ويجهي ٿي. ثميرہ جي تحريري اسلوب ۾ سندس مزاج جو وڏو اثر آهي. سندس تخليقي ڪردار ڄڻ ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ سندس ئي تمثيل آهن. اهي ڪردار هُن جي حساس ذهن ۽ شخصيت جو پاڇو ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ڪھاڻين ۾ موضوع ۽ انھن جي مواد سان مطابقت، ٻولي ماحول ۽ منظر نگاريءَ جون خوبيون، مقصديت، پيغام ۽ تاثر اهميت رکن ٿا. ثميرہ زرين جي پيش ڪيل مسئلن جا موضوع شھري ۽ ڳوٺاڻي طبقي مان آهن. شھري طبقي جي پس منظر ۾ هُن ٻہ طبقا ڏيکاريا آهن. هڪ سنڌي قوم ۽ تھذيب جي نمائندگي ڪندڙ، تہ ٻيو طبقو بلڪل اوپري ماحول سان واسطو رکي ٿو. هُن جون اهڙيون ڪھاڻين پڙهڻ کان پوءِ ڪوبہ تاثر قائم نٿو بيھي. جيئن ڪن ڪھاڻين ۾ بلوچستان جو ماحول، انگور جو وليون، آتشدان، پشتو گيت، سخت سردين جي موسم ڏنل آهي. مثال طور ڪھاڻي ”جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا“ ۾ لکي ٿي تہ:
هن اوورڪوٽ جو ڪالر مٿي ڪري پنھنجي گلي کي محفوظ ڪيو ۽ آتشدان ۾ ٻہ ٽي ڪاٺين جا ٽڪر وڌا. باھ جا شعلا وري تيزيءَ سان نچڻ لڳا. ڀرسان گلدان ۾ رکيل نرگس جا گل سرد هوا ۾ ڪومائجي چڪا هئا“... ”خنڪ هوا ۾ انگور جون وليون جهومي جهومي ڪي اڻ ڄاتا نغما آلاپڻ لڳيون“. (14)
هاڻي مٿي ڏنل حوالن جي لحاظ کان ڏٺو وڃي تہ سنڌ جي لوساٽيل سرزمين تي سيارو مختصر ۽ محدود وقت لاءِ ۽ مناسب طور تي هوندو آهي. هتان جي ماحول جي ذڪر ۾ آتشدان، اوورڪوٽ، خنڪ هوائون، انگور جون وليون ۽ نرگس جا گل ڪنھن بہ ريت ذڪر ڪرڻ مناسب نہ آهن.
ثميرہ زرين جي شھري پس منظر جي ڪجهہ ڪھاڻين جو ماحول، ڪردار، ٻولي سنڌي سماج ۽ قوم جي ماحول مطابق نہ آهن. انھيءَ جا ٻيا ڪجهہ سبب هوندي بہ هڪ اهم سبب اهو ئي آهي تہ هُن اهي ڪھاڻيون انھيءَ دؤر ۾ لکيون (1950ع کان 1960ع جي دور۾)، جڏهن سنڌ ۾ اردودان طبقو تازو آيو هو. انھيءَ دؤر ۾ سنڌي گهرن ۾ اردو اخبارون ۽ رسالا عام جام ايندا هئا ۽ اردو ٻولي ڳالھائڻ فخر جي نشاني سمجهيو ويندو هو. اُن وقت سنڌ جي ڪجهہ شھري گهرن جو ماحول سنڌي-اردو گاڏڙ ماحول جو هو.
ثميرہ زرين جي ڪجهہ ڪھاڻين جا ڪردار رومانويت پسند ۽ خيالي دنيا جا آهن. تخيل جي اوٽ ۾ هن گهڻي ڀاڱي پنھنجي ڪردارن کي نيڪ ۽ اعليٰ اخلاق وارو ڏسيو آهي. جن کي جڏهن زماني جون لاهيون چاڙهيون پٽ سان هڻن ٿيون، تڏهن اهي جدوجھد ڪندي بہ پنھنجو حق هن دنيا مان وٺي نٿا سگهن ۽ نراس ۽ نااميد رهجي وڃن ٿا. هتي اهڙي مايوس ماحول ۽ منظر نگاريءَ جا ڪي حوالا ڏجن ٿا:
”جمال اڄ موٽر ايڪسيڊنٽ ۾ مري ويو، هفتي بعد اسان جي شادي ٿيڻي هئي، منھنجي دنيا ايترو جلدي لٽجي ويندي، اهڙي گمان بہ نہ هوم... ٻہ وکون پري منزل هئي، تہ ڌرتيءَ پيرن هيٺان نڪري پاتال ۾ اڇلي ڇڏيو.“
”شمع ٻاريندي شب“ ۾ سڄي حياتيءَ جي اوسيئڙي واري ڏکايل ڪردار ”بانوءَ“ کي خوشين ملڻ مھل ليکڪا اوچتو موت ڏنو آهي. سندس ماءُ جي واتان چورايو اٿس تہ:
”منھنجي بي نصيب ڌيءَ! تو ڪھڙا ڪنڊا پوکيا هئا، جو توکي خوشيءَ جو هڪ گل بہ حاصل نہ ٿي سگهيو! منھنجي مٺڙي مومل ڌيءَ! تون پنھنجيءَ سُونھن سان گڏ ايتري تاريڪ قسمت ڪيئن کڻي آئينءَ...؟ جنھن تنھنجي جواني جلائڻ سان گڏ منھنجو ٻڍاپو بہ پڄرائي ڇڏيو..! (15)
”صبح ڪٿي آهي“ جي ڪھاڻيءَ ۾ انور جي ماءُ جي دکدائڪ ڪيفيت کي هن ريت بيان ڪيو اٿس:
”سندس ماءُ جي اُداسي گهري ٿي وئي. انتظار ڪري هُن جون اکيون ٿڪجي پيون. پر، انور عيد ڏينھن بہ نہ آيو! هُن جون ويران اکيون آليون ٿي ويون... اهو اُجالو، جنھن کي هُن صبح صادق سمجهيو هو، اهو صبح ڪاذب هو. ۽ خاموش رات جو، چنڊ جي نور ڀريءَ نيراڻ ۾، ڪيتري دير تائين هُن جون غم انگيز آهون فضا کي اداس بڻائينديون رهيون.“ (16)
”ثميرہ زرين کي ”احساسن جي ليکڪا“ سڏيو ويو آهي. هُوءَ فطرت جي عاشق هئي. ڌرتيءَ جون جيئرن جاڳندن ماڻھن جي ڏکن ڏهنجن کي لفظن ۾ اوتيندي، هُن چنڊ جي چانڊوڪي، ستارن جي سونھن، دريائن جي دلفريبيءَ کي ذڪر ۾ ضرور آندو آهي ۽ حياتين جي مشاهدي ۾ هُن ڏکن ۽ سکن کي ميلاپ طور پڻ ڪٿي ڪٿي آندو آهي، پر وٽس ڏکن جو پڙ وري بہ ڳرو آهي. سندس نظر ۾ زندگي آهي ئي ڏکن جو پيچرو. هر طبقي، هر ڪٽنب جي هر ماڻهؤَ کي هُوءَ ڏکن کان آجو قرار نٿي ڏئي. وٽس ڏک سکن جي سُونھن نہ پر زندگيءَ. جو انت آڻيندڙ آهن. جنھن ڪري هُن پنھنجي ڪيترن ڪردارن کي نراسائيءَ مان ڪڍي نہ سگهڻ سبب سندن نجات موت ۾ آندي آهي جو نااميديءَ ۽ بي همٿيءَ وارو رويو ۽ ادب جي حوالي سان مقصديت وارو نٿو چئي سگهجي.
ٻوليءَ جو استعمال: ادب ۾ ٻوليءَ جي هنڌائتي استعمال جي اهميت اُتم آهي. هر اها ادبي تحرير ڪاميابي ماڻيندي آهي، جنھن ۾ فني ضرورتن سان گڏ ٻوليءَ جي اثرائتي ڪتب تي پڻ ڌيان ڏنو ويو هجي. ثميرہ زرين جي فن ۾ ٻوليءَ جي لحاظ کان خوبيون آهن، تہ خاميون پڻ. هُن ڪنھن هنڌ تمام سُهڻو ۽ سيبائتو نثر لکيو آهي، جوان کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، تہ ڪٿي هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ غير ضروري طور ٻين ٻولين جي لفظن جو استعمال آندو آهي. مٿي اها حقيقت سامھون اچي چڪي آهي تہ ثميرہ زرين جون ڪي ڪھاڻيون فني طور مضبوط، تہ ڪي تمام واجبي آهن. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو تہ ايئن ڇو آهي؟ ڪنھن فنڪار جو فن هڪ ئي وقت ۾ ربط وارو ۽ ساڳئي وقت بي ربط ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ثميرہ زرين جي ڪھاڻين ۾ انھيءَ خاميءَ جا جيڪي سبب آهن، انھن ۾ مون کي هڪ خاص سبب اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ هُن ٻوليءَ جي احسن استعمال تي گهٽ ڌيان ڏنو آهي. سندس ڪھاڻين ۾. ٻوليءَ جو ڪتب ڪٿي تمام وڻندڙ ۽ عام فھم سنڌي نثر ۾ آهي، تہ ڪٿي هُن غير ضروري طور اردو ٻوليءَ جا لفظ ڪم آندا آهن، تہ ڪي فارسي لفظ پڻ استعمال ڪيا آهن. ڪنھن ڪنھن هنڌ پورو مڪمل جملو، تہ ڪنھن جڳھہ تي پوري پئرا اهڙن غير ضروري لفظن سان ڀريل آهي. ثميرہ جي عبارت آرائيءَ مان چند حوالا هن ريت آهن:
”ڇڄهريءَ مان ٽپ ٽپ برسات جو پاڻي ڳڙي رهيو هو. ڏياٽيءَ تي رکيل ڏيئي جي لاٽ هوا ۾ ڪنبي رهي هئي. هُو پڇٽيءَ هيٺان پيل کٽ تي ليٽيو پيو هو. ڌيمي جوت سندس اکين کي ڏاڍي سيبائيندڙ پئي لڳي. آڳنڌ جي مٽيءَ ۾ مليل پلال جا ڪک سون وانگر چمڪي رهيا هئا. آلي مٽيءَ مان وڻندڙ هڳاءُ پئي آيو. مينھوگيءَ جي ڀنل هوا سندس جون جولاءِ جي گرميءَ جهاڳيل بدن کي ٺار ڏيئي رهي هئي.“ (17)
”خدا خير جي خزاني مان جهجهو رزق ڏيئوَ ست پيڙهيون کائين، تہ بہ نہ کٽي، هاڻ تہ اها ڳالھ ئي الڳ هئي تہ هنن خير جي خزاني مان رزق ورتو ئي ڪو نہ ۽ لکن جي ملڪيت بہ اسپريٽ جيان الائي ڪيئن کَنَ پل ۾ اڏامي ويئي.“
”نوران آسائتيون اکيون کڻي هن ڏي ڏٺو تہ مَنَ ڪا ٻاجهہ اچي وڃيس، ۽ هاڻي رمونءَ کي ڪو بھانو ڏيئي ٿڌو ڪري، پر فتحان جي نگاهن ۾ ايڏو تہ جوش ۽ گرمي هئي، جيڏي چلھہ ۾ ٻرندڙ ٽانڊن ۾ بہ ڪين هئي، شايد.... هن جي هنيانءُ وڃي پيرن ۾ ڪريو. اجرڪ لاهي، ڪوڪي تي ٽنگي، هوءَ ٻاهر ٿي بيھي رهي.“ (18)
مٿين جملن ۾ نيٺ سنڌي لفظن جو جنسار آهي، تہ حرف تجنيس جو حسن بہ آهي. ٻين ٻولين جي لفظن جي ملاوٽ کان ثميرہ زرين جي ڪھاڻين جي ٻولين کي پرکجي تہ اهو معلوم ٿئي ٿو تہ وٽس انگريزي، فارسي ۽ خاص طور اردو ٻوليءَ جا لفظ گهڻا استعمال ٿيل آهن. جيئن ڪھاڻي”ٻہ رستا هڪ منزل“ ۾ لکي ٿي تہ:
”دونھي جي بادلن ۾ هن کي پرويز جي چھري تي بدلجندڙ تاثرات نظر نہ اچي سگهيا.... ياسمين چونڪجي کيس ڏٺو. پر هن جي ممي حامد جي ماءُ سان ڳالھائڻ ۾ محو هئي.“
”دور آسمان جي وسعتن ۾ لاتعداد ستارا ٽمڪ ٽمڪ ڪري رهيا هئا، خاموش رات مسافرِ عدم جيان آهستي آهستي وڃي رهئي هئي. هو دريءَ وٽ بيٺو سامھون سنسان سڙڪ کي تڪي رهيو هو.“ (20)
مٿئين مثال ۾ نشان ڪيل لفظن جھڙا ساڳيءَ معنىٰ وارا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن، جيڪي جيڪڏهن ثميرہ زرين جي ڪھاڻين ۾ اچن ها، تہ سندس هر ڪھاڻي جرڪي پئي ها. پر، جيئن تہ ثميرہ زرين جي دؤر ۾ سنڌ ۾ نثر لکندڙ عورتن هن ڏس ۾ ايترو ڌيان نہ ڌريو هو. سندس همعصر ليکڪائن رشيدہ حجاب، جميلا نرگس ۽ ماهتاب محبوب پنھنجي شروع واري دؤر جي (ڏسو ماهتاب جو ڪتاب ”چانديءَ جون تارون“) ڪھاڻين ۾ پڻ اردو ٻوليءَ جا غير ضروري لفظ ڏنا آهن.
ثميرہ زرين جي ڪھاڻين ۾ هيٺين ڌارين لفظن جو استعمال جهجهو آهي: 'سرسراهٽ'، 'رخصت'، 'رفتہ رفتہ'، 'گويا'، 'دُوري'، 'پرستش'، 'عھدِ طفوليت'، 'محجوب'، 'هنوز'، 'سن رسيدہ'، 'محوِ خرام'، 'ديرينہ آرزو'، 'مسرتن جي جهولي'، 'بحرِ ظلمات'، 'غنودگي'، 'بمشڪل'، 'آنسو'، 'زيست'، 'آشنا'، 'تلافي'، 'دانستہ'، 'ديگر'، 'دفعتاً'، 'آلودہ'، 'خس و خاشاڪ'، 'مضمحل'، 'بجز افسوس'، 'چيمگويون'، 'ٺوڪر'، 'زيرِ لب'، 'درخشندہ راهگذر'، 'روح فرسا منظر'، 'خوشمگين'، 'ڪومائجي'، 'ستارن'، 'چڪنا چور'، 'خزان رسيدہ'، 'لمحن'، 'لبن تي مسڪراهٽ'، 'دوچار'، 'آنسون' ۽ ٻيا آهن.
جتي هُن ٻين ٻولين جا اوپرا لفظ ۽ تشبيھون آنديون آهن، اتي هُن نج سنڌي ماحول جي اپٽار ۾ خالص ۽ سھڻا سنڌي لفظ، پھاڪا، چوڻيون ۽ سيبائتا تجنيس حرفيءَ جا جملا پڻ پيش ڪيا آهن. جيئن: 'لوساٽيل'، 'اوجهڙ'، 'جهاڳڻ'، 'وياڪل وياڪل'، 'تاڃي پيٽو'، 'جهٻو'، 'ڪنڊ ڪڙڇ' ۽ 'تانگهي' کان سواءِ، 'سرءُ جون سِڪُون پئي لاٿائين'، 'سسئيءَ جا سور سمائي ڇڏيا هئا سيني ۾'، 'هير جيان هنجون هاري ويٺي'، 'پاڙئون سُڪِي وڃڻ'، 'هوائن ۾ هٻڪارون'، 'ڏکن ۾ ڏنجه'، 'اونھي ۾ اسرار'، 'سُکن ۾ ساءُ'، 'ٽاري ٽاري لات لنوندڙ پکيئڙو'، 'موکيءَ جي مڌ جيان'، 'ڳوڙها ڳڙي ڳلن تان ڪريا'‐محاورن، چوڻين ۽ پھاڪن ۾ 'جيئن ٿڌ تيئن وڌ'، 'هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر ٻڌيس گهنڊڻي'، 'ڪک پن گڏ ڪرڻ'، 'لوچي لھڻ'، 'سار نہ لھڻ'، 'رت جو ڍڪ پيئڻ'، 'لکئي جو لوڙهڻ'، 'کڙ تيل نہ نڪرڻ'، 'وار ونگو نہ ٿيڻ'، ڪرم لوڙهڻ'، 'ٻرنديءَ تي تيل پوڻ'، 'سوريءَ سينگار ٿيڻ' ۽ ٻيا آهن. هُوءَ شاھ جي شاعريءَ جي شيدائي هئي. کيس شاعريءَ جو وڏو ذوق ۽ شوق هو. شاھ صاحب جا بيت گفتارن طور سندس ڪھاڻين ۾ ملن ٿا. جيئن: ”ڳوليان ڳوليان مَ لھان“، ”پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ“، ”آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ ۽ ڪجهہ ٻيا آهن. هُن پنھنجي چند ڪھاڻين جا عنوان پڻ شاھ صاحب جي بيتن مان کنيا آهن. جيئن، ”جوڀن ٻہ ٽي ڏينھڙا“، ”ساريان ڪونہ سکوءِ“، ”پتنگ چائين پاڻ کي“، ”پلئہ پايو ڪچ“، ”شمع ٻاريندي شب“ ۽ ”پروس ٿيم پراڻ“ آهن.
ثميرہ زرين جي فن جو مڪمل تجزيو منھنجي نظر ۾ ڪنھن بہ نقاد صحيح نموني ۽ تفصيلي طور نہ لکيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ثميرہ زرين بابت مختصر احوال پنھنجي ادبي تاريخ ۾ ڏنو آهي. باقي، ٻين ليکڪن گهڻي ڀاڱي آغا سليم جي لکيل مھاڳ (گيت اڃايل مورن جا) کي ئي ورجايو آهي. انھيءَ مھاڳ ۾ آيل سندس فن ۽ ڪھاڻين جي ڪردارنگاريءَ جي تبصري کي ٿوري گهڻي فرق سان، بنھ آغا صاحب جي حوالي ڏيڻ کان سواءِ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“ (ص، 232)، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ (ص، 268) ۽ نذير ناز (ناري پبليڪيشن جي ڇپايل ڪتاب ”روشن ڇانورو“ جي بيڪ ٽائيٽل) ۾ دُهرايو آهي. جڏهن اهڙيءَ ريت تحقيقي ۽ تنقيدي ادب ورجاءُ جو شڪار ٿيندو رهندو، تہ پوءِ اصل تحقيق ۽ تنقيد ڪيئن ٿيندي؟ ڪنھن بہ فن جي پرک هر پاسي کان ڪرڻ کان پوءِ ئي نوان نوان رخ سامھون اچي سگهن ٿا. مٿي ڄاڻايل تنقيدي رويو ادب لاءِ يقيناً هاڃيڪار ثابت ٿيندو. بھر حال، منھنجي سوچ سان سڀ اتفاق نہ بہ ڪن، پر هتي موضوع کي منطقي نتيجي تي پھچائڻ لاءِ آخر ۾ آئون ثميرہ زرين جي فن جر باري ۾ پنھنجو رايو پيش ڪريان ٿي. انھيءَ کان اڳ اچو تہ ڏسون تہ ثميرہ پاڻ خود پنھنجي فن جي باري ۾ ڪھڙي راءِ رکندڙ هئي؟
”مان ٻئي دؤر جي آخر ۾ لکڻ شروع ڪيو. اڳي گهڻو لکندي هيس ‐ هينئر ٿورو ‐ پر اڃا موجود ضرور آهيان. اڳي ادب جي راهن ۾ ڏياٽيون ٻاريون هيم يا وسايون هيم؟ هينئر ٻاريان ٿي يا وسايان ٿي؟ مان نہ چونديس.... سنڌي ادب جي وڏي بدبختي اها آهي، جو اسان وٽ شروع کان وٺي نقاد ۽ اديب جڏهن بہ پاڻ ۾ مليا آهن، ڪا سٺي فضا پيدا ڪري نہ سگهيا آهن. حالانڪہ تنقيد تخليق جي واضح ترجماني آهي.... پنھنجي سلسلي ۾، مون کي ڪن راين فائدو پھچايو آهي ۽ ڪن نقادن جون ڪڍيل ڪي خاميون بي بنياد لڳيون اٿم. جڏهن خامي بي بنياد لڳي اٿم، مون بس ان جو نوٽيس نہ ورتو، جو وسارڻ کپي تہ اسان سڀ محض ڪوشش ڪري رهيا آهيون“. (21)
اڳتي هلي لکي ٿي:
”هڪ قسم جي موضوع تي ڪھاڻيون لکڻ مون کي گهٽ پسند آهي ۽ انھيءَ (Varity of Subjects) پسند ڪرڻ جي زير اثر مون 'ايرکا'، 'پلئہ پايو ڪچ'، 'وڏيري'، 'غيرت'، 'ٿوهر جو وڻ'، 'سوريءَ سزاوار' ڪھاڻيون لکيون آهن، جيڪي ٿيم (Them)، فارم (Form) ۽ ادائگي (Presentation) جي لحاظ کان مختلف آهن“. (22)
پنھنجي ڪھاڻيءَ کي انساني زندگيءَ جي احساسن جو مڌم عڪس سڏيندي، ثميرہ زرين اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ ”هُن ڪابہ ڪھاڻي ننڊون ڦٽائي، راتيون جاڳي نہ لکي ۽ نہ ئي فن جي نذر ننڊ ڪئي. سو يقيناً سندس فن نامڪمل هوندو، وڌيڪ اديب جو رايو معيار نہ، پر ادب پڙهندڙن جو رايو معيار هئڻ گهرجي“، ليکڪا جي مٿئين راءِ کان پوءِ ايئن چئي سگهجي ٿو تہ هُوءَ هڪ حقيقت پسند قلمڪار هئي. کيس پنھنجي فن جي خوبين ۽ خامين جي خبر هئي. پر وٽس پڙهندڙن جو فيصلو اهميت رکندڙ هئو.
نتيجو: آئون سمجهان ٿي تہ پڙهندڙن کي هن اڀياس مان اها پروڙ ضرور پئي هوندي تہ هن ليکڪا جو فن هڪ ئي وقت فني طور ڪڏهن پختو، تہ ڪڏهن ڪمزور رهيو آهي. هن 1956ع کان لکڻ شروع ڪيو. سندس شروعاتي ڪھاڻين کان پوءِ جون ڪھاڻيون درجي بدرجي وڌيڪ متاثر ڪندڙ ٿينديون ويون. ثميرہ زرين جو پورهيو فقط نثر ۾ ۽ ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ ملي ٿو.
هن مطالعي مان اهو ظاهر ٿيو آهي تہ هُوءَ هڪ پڙهيل ڳڙهيل قلمڪار هئي. اردو ۽ انگريزيءَ جي ڄاڻو هئي. پر، وٽس ادبي نثر جي مطالعي جي ڪي قدر کوٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنھن ڪري، سندس ڪھاڻين ۾ڪنھن ڪنھن جڳھ تي تسلسل جي ڪمي موجود آهي. ان هوندي بہ سندس ڪھاڻيون ”پروس ٿيم پراڻ“، ”آءٌ اها ئي مارئي“، ”وڏيري“، ”مومل“، ”غيرت“، ”سوريءَ سزاوار“، ”پلئہ پايو ڪچ“، ”ڇانوَ“، ”ساريان ڪونہ سکوءِ“، ”دل ۾ درد هزار“، ”وطن“، ”لالي“، ”گيت اڃايل مورن جا“، ”روشن ڇانورو“ ۽ چند ٻيون ڪھاڻيون، ٻولي، ڪردارنگاري ۽ موضوع جي حوالي سان لاجواب ۽ اڻ وسرندڙ آهن.
هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي تہ ثميرہ زرين جو شمار سنڌ جي انھن ڪھاڻيڪار عورتن ۾ ٿئي ٿو، جن جي ادب ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ جون ٻيون ڪيتريون عورتون ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ لکڻ لاءِ اڳتي آيون. هُوءَ پنھنجي دؤر جي هڪ مشھور ۽ معروف ڪھاڻيڪار رهي. کيس ادب جي 'خاتونِ اول' جو لقب مليو. قدرت طرفان هُن کي حياتيءَ جي مھلت ملي ها، تہ اڄ سندس فن مقدار ۾ بہ گهڻو هجي ها. موجودہ وقت ۾ بہ ثميرہ زرين جي ڪھاڻين جي معيار کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي.
حوالا:
1. ريحانا نظير، ڊاڪٽر، ”نجم عباسي جديد انقلابي فڪر جو ترجمان“، ڪويتا پبليڪيشن، 2016ع، ص–63.
2. ثميرہ زرين، ”آءٌ اها ئي مارئي“، آگم پبليڪيشن ايجنسي، حيدرآباد، 1981ع، ص – 28.
3. ساڳيو، ص – 33.
4. ڪلا پرڪاش: ”جي هينئڙي منجه هُرن“، سچائي اشاعت گهر، دڙو، 1981ع، ص – 170.
5. جعفري خيرالنساءِ: ”منھنجو تخليقي سفر“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1992ع، ص – 181.
6. جوڻيجو، عبدالقادر: ”شڪليون“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1979ع، ص – 42 ۽ 43.
7. طارق اشرف/نجم عباسي: ”دوکو“، سھڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، 1989ع، مھاڳ.
8. آغا سليم/ثميرہ زرين: ”گيت اڃايل مورن جا“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1980ع، ص – 5.
9. ثميرہ زرين: ”روشن ڇانورو“، ناري پبليڪيشن، حيدرآباد، 1989ع، ص – 183.
10. چانڊيو، منير/مفتي، تھمينا، ڊاڪٽر: ”ڪٿا اپ ڪٿا“، سي.پي.سي.ايس، 2007ع ص – 7.
11. ”روشن ڇانورو“، ص – 131.
12. سيد مظھر جميل: ”جدید سندھی ادب“ (اردو)، اڪادمي بازيافت، ڪراچي، 2007ع، ص – 1142 ۽ 1143_121.
13. ثميرہ زرين: ”آءٌ اها ئي مارئي“، 1981ع، ص – 107 ۽ 44.
14. ثميرہ زرين: ”روشن ڇانورو“، ص – 84 ۽ 237.
15. ثميرہ زرين: ”گيت اڃايل مورن جا“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1980ع، ص – 62 ۽ 78.
16. ثميرہ زرين: ”روشن ڇانورو“، ص – 195_196.
17. ثميرہ زرين: ”آءٌ اها ئي مارئي“، ص – 40.
18. ثميرہ زرين: ”روشن ڇانورو“، ص – 120 ۽ 171.
19. ثميرہ زرين: ”آءٌ اها ئي مارئي“، ص – 164 ۽ 166.
20. ثميرہ زرين: ”روشن ڇانورو“، ص – 150.
21. ثميرہ زرين: ”آءٌ اها ئي مارئي“، ص – 16، 17 ۽ 18.
22. ساڳيو، ص – 24.
(ڪارونجهر تحقيقي جرنل جون 2023)
