ڪتاب جو نالو: چڱي نه خودڪشي هُئي
مصنف: محب ڀيل
ڇپائيندڙ: پُراڻ پبليڪيشن جهڏو
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 10 اپريل 2019 ع
پڙهيو ويو: 364 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 102 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع گهڻو ڪري بک، بيروزگاري، بدحاليءَ جو شڪار، ڌرتيءَ ڌڪاڻا ۽ دربدر پورهيت ئي رهيا آهن، جن کي جابر قوتن ظلمتن جو شڪار، بڻائي، سندن جيئڻ جا سڀ جمهوري ۽ انساني حق کسي، ”آپگهات“ لاءِ مجبور ڪيو آهي. خودڪشي هن حسين ڪائنات جو تمام وڏو الميو آهي، ان عمل سان دنيا ۾ ڪيترا گھر اُجڙي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، ”خودڪشي“ جا دنيا سميت سنڌ ۾ ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ليکڪ هن ڌرتيءَ تي پنڌ ڪندي جيڪو مشاهدو ڪيو، خودڪشين جا سبب ڳوليا، جائزو ورتو، اهي خيال هن ڪتاب ذريعي توهان تائين پهچائڻ جي حجت ڪري رهيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • هڪ متحرڪ پورهيت قلم ڌڻي
  • مهاڳ: حساسيت عذاب آهي
  • ليکڪ پاران: مگر او سانورا پرين! چڱي نه خودڪشيءَ هئي.
  • “خودڪشي” حسين ڪائنات جو الميو
  • جڏهن خيال”خودڪشي“ ڪن
  • خودڪشي ڪندڙ ماڻهن جي ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت
  • سماج جا زهريلا رويا
  • انساني قدرن جو انت
  • ذهني، نفسياتي دٻاءَ ۽ پريشانيون
  • ڪاروباري نقصان ۽ قرض جو بار
  • خودڪشيءَ جهڙيون ريتون ۽ رسمون
  • عقيدائي آتم هتيائون
  • چکيا چڙهي ڪيل خودڪشيون
  • دنيا لاءِ دهشت جي علامت بڻيل ”هٽلر“ جي خودڪشي
  • عظيم آدرشن لاءِ احتجاجي آپگهات
  • ٽنڊو بهاول سانحو : مائي جندو جي نياڻين پاران پاڻ ساڙي مرڻ
  • ”خودڪشي“ ۽ انساني حقن جي ادارن جو غيرسنجيده رويو
  • اهلِ علم ذهنن جون ”خودڪشيون“
  • سنڌ ۾ ٿيندڙ ”ڌرتيءَ ڌڻي“ پورهيتن جون خودڪشيون
  • خودڪشي لاءِ استعمال ٿيندڙ طريقا
  • خودڪشي بابت مذهبن جو موقف
  • پُراڻ پبليڪيشن جهڏو جا شايع ٿيل ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: چڱي نه خودڪشي هئي
    ليکڪ : مُحب ڀيل
    موضوع : مضمون
    نظرثاني : هرجي ميگهواڙ
    ڇاپو : پهريون
    تعداد : هڪ هزار
    سال : © 2019ع
    ڪمپوزنگ : جسونت سنگهه ۽ ساحر ڀيل
    لي آئوٽ : اشفاق احمداڻي
    ٽائٽل : عبدالعظيم ڪنڀر
    ڇپائندڙ : پُراڻ پبليڪيشن جُهڏو
    فون نمبر:
    03002682036
    03002382699
    اي ميل muhibbheel@gmail.com
    قيمت : 260 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    هيءُ قلمي پورهيو
    ارپيم
    جدوجهد جي علامت
    امڙ مائي جِندو،
    منهنجي پورهيت بابا عمر ۽ امان سومري
    ۽
    منهنجي محسن ۽ رهنما ساٿين
    آسي زميني، ايوب کوسي، آفتاب ڪلوئي ۽ هرجي ميگهواڙ
    کي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چڱي نہ خودڪشي ھئي“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. مضمونن ۽ ڪالمن جي ھن مجموعي جو ليکڪ سنڌ جو نوجوان ترقي پسند ليکڪ محب ڀيل آھي.

    محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع گهڻو ڪري بک، بيروزگاري، بدحاليءَ جو شڪار، ڌرتيءَ ڌڪاڻا ۽ دربدر پورهيت ئي رهيا آهن، جن کي جابر قوتن ظلمتن جو شڪار، بڻائي، سندن جيئڻ جا سڀ جمهوري ۽ انساني حق کسي، ”آپگهات“ لاءِ مجبور ڪيو آهي. خودڪشي هن حسين ڪائنات جو تمام وڏو الميو آهي، ان عمل سان دنيا ۾ ڪيترا گھر اُجڙي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، ”خودڪشي“ جا دنيا سميت سنڌ ۾ ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ليکڪ هن ڌرتيءَ تي پنڌ ڪندي جيڪو مشاهدو ڪيو، خودڪشين جا سبب ڳوليا، جائزو ورتو، اهي خيال هن ڪتاب ذريعي توهان تائين پهچائڻ جي حجت ڪري رهيو آهي.

    ھي ڪتاب پُراڻ پبليڪيشن، جهُڏو پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون پياري محب ڀيل جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    پُراڻ پبليڪيشن پاران سنڌ جي نوجوان ترقي پسند ليکڪ محب ڀيل جو هي پنجون ڪتاب، دنيا اندر “خودڪشي” جي وڌيل شرح متعلق شايع ڪيو ويو آهي. “آپگهات” هن وقت غربت جو شڪار ملڪن جو وڏو مسئلو بڻيل آهي. سماج جا باشعور ۽ ذميوار ذهن، پنهنجي معاشري ۾ ناسور بڻيل مسئلن تي نهايت ئي غور، فڪر ڪري سنجيدگيءَ سان سوچي ۽ لوچي پنهنجي قوم کي انهن مسئلن کان وقت سر آگاهه ڪندا آهن. پورهيت ليکڪ محب ڀيل به پنهنجي وس آهر هر وقت انهي جاکوڙ ۽ کوجنا ۾ رهيو آهي.
    محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع به بک، بيروزگاري، بدحاليءَ جو شڪار، ڌرتيءَ ڌڪاڻا ۽ دربدر پورهيت ئي رهيا آهن، جن کي جابر قوتن ظلمتن جو شڪار، بڻائي، سندن جيئڻ جا سڀ جمهوري ۽ انساني حق کسي، “آپگهات” لاءِ مجبور ڪيو آهي. “خودڪشي” جا دنيا سميت سنڌ ۾ ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ان موضوع تي محب ڀيل جو هيءَ قلمي پورهيو “خودڪشي چڱي نه هُئي” جي نالي سان پُراڻ پبليڪيشن جهڏو پاران ڇپائي توهان جي هٿن تائين پهچايو آهي، اڳتي به اهڙي علمي ڪوشش جاري رهندي.

    سنڌ سلامت، جئي انسان

    فقير سليمان لغاري
    پُراڻ پبليڪيشن جهڏو


    هڪ متحرڪ پورهيت قلم ڌڻي

    سنڌ جي کاهوڙي قلم ڌڻي، محب ڀيل جي ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌ جي عام، مسڪين، مظلوم ۽ پورهيت ماڻهن جي بنيادي مسئلن تي قلم کنيل آهي، خانه بدوش بڻايل ڌرتيءَ جي حقيقي وارث دراوڙن سميت، دنيا جي ٻين سمورن غريبن جا ڏک، سُور، تڪليفون ۽ عذاب محب ڀيل کي ساريا پيا آهن. هن دراوڙ قلم ڌڻيءَ جي اکين ۾ هر وقت انهن ڏکن جي انتقام جي آگ ڀڙڪندي محسوس ٿيندي آهي، هو پنهنجي لکڻين، عام ڪچهرين ۽ تقريرن ۾ مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن جو ڪيس مضبوط دليلن سان رکندو رهيوآهي. سماج جي پيڙهيل ۽ ڏکوئلن ماڻهن لاءِ محب ڀيل عملي جدوجهد جي ميدان تي پڻ پنهنجي غريبي حال سارو سموري حياتي ثابت قدمي سان آواز بُلند ڪيو آهي. هن پورهيت ليکڪ جي لکڻين جا موضوع به پورهيت ئي رهيا آهن. خودڪشين تي سندس هن معلوماتي ۽ تحقيقي ڪتاب “چڱي نه خودڪشي هُئي” جي پهرين ڀاڱي ۾ ڪارائتي ڄاڻ شامل آهي.“خودڪشي” هن وقت سنڌ سميت دنيا جو وڏو مسئلو بڻيل آهي. محب ڀيل هن اهم موضوع تي ڀرپور لکيو آهي،تاريخ جي عالمي پس منظر کي پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي پٺتي پيل شيڊولڊ ڪاسٽ برادرين ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ ۽ اوڏن ۾ خودڪشين جي وڌندڙ شرح کي نظر ۾ رکي هن تاريخي ۽ تحقيقي لکت پيش ڪئي آهي. ليکڪ محب ڀيل هن موضوع جي مختلف رخن کان جائزو ورتو آهي، جنهن ۾ مظلوم ماڻهن سان ٿيل ڏاڍ، جبر، سياسي، سماجي، مذهبي ۽ اقتصادي متڀيد کي وائکو ڪيو اٿس. خودڪشين جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ خودڪشين جي شرح رڳو مسڪينن ۾ ڇو وڌي آهي؟ خودڪشين کي روڪڻ هن سماج ۾ ڪهڙي رٿابندي جي ضرورت آهي؟ ان حوالي سان مظلوم طبقن جي قلمڪار محب ڀيل جي هيءَ قلمي ڪاوش هڪ مڪمل تحقيقي ٿيسز آهي. محب ڀيل اهڙي وقتائتي تحقيقي ادبي پورهئي تي جس لهي. “خودڪشي” جهڙي اهم موضوع تي مڪمل طور تجزياتي جائزو ۽ تحقيق ڪري بنيادي سبب ڳولڻ لاءِ مارڪسسٽ ليکڪ محب ڀيل نهايت ئي سادڙي ۽ آساني سان سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي ۾ هڪ مشاهداتي ڪتاب لکي زبردست قلمي ڪاوش ارپي آهي. جنهن سان خاص طور سنڌ جي نئين نسل کي تمام موافق ڄاڻ ملندي، هن موضوع تي جامد ڪتاب گھٽ نظر اچن ٿا. سنڌي ادب ۾ پڻ خودڪشي جي موضوع تي ڪو مڪمل ڪتاب ناهي، جنهن مان ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي.
    دنيا جي باشعور ماڻهن تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي معاشري ۾ پيدا ٿيل “خودڪشي” جهڙن ناسور بڻيل مسئلن جا “سبب ۽ حل” ڳولين ۽ پنهنجي اعلى ذهني صلاحيتن سان باشعور،ترقي پسند ۽ پُرامن سماج اڏڻ لاءِ هر ممڪن جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪن، ادب ذريعي جاڳرتا پيدا ڪري پاڻ کي آپگهات جهڙي غيرفطري ۽ خطرناڪ موت جي حوالي ڪندڙ لکين ماڻهن جون حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. ليکڪ ڪامريڊ محب ڀيل کي شاباس ڏيان ٿو جنهن “خودڪشي” جي موضوع تي هڪ ذميوار ليکڪ جي حيثيت سان پنهنجي قلم ذريعي سماجي سجاڳي جو وقتائتو سڏ ڏنو. سنڌ جو نئون نسل هن قسم جو ادب پڙهي پنهنجو مستقبل بچائي سگهي ٿو.

    جئي ڀيم

    جيرام داس اٻوجها
    چيئرمين
    شيڊولڊ ڪاسٽ فيڊريشن آف پاڪستان


    مهاڳ: حساسيت عذاب آهي



    ڇو ۽ ڇاجي لاءِ ۽ آيس آءُ ڪٿان؟
    ڪنهن کان هاءِ پڇان؟ ڪير ڏسيندو؟ ڪوبه نه؟

    سوال، جن جو جواب ناهي،
    جواب ناهي، عذاب آهي.

    هر حساس من اندر، مٿيان سوال اَوس اُڀرن ٿا. انهن کان علاوه سماجي رَوَيا، اُوچ نيچ، طبقاتي متڀيد ۽ معاشرتي ناانصافيون، دل ۾ دماغ اندر اهڙا کوڙ سارا سوال پيدا ڪن ٿيون، جن جو ڪو حتمي جواب نه ماڻي، هڪ حساس من انتهائي ڪربناڪ صورتحال کي منهن ڏيندي، آخرڪار جنهن حالت مان گذري ٿو، ان تي پياري مُحب ڀيل جهڙن حساس من جي مالڪن جي واتان اهي ئي لفظ نڪرن ٿا ته “چڱي نه خودڪشي هئي!” “آتم هتيا، حسين ڪائنات جو الميو”
    خودڪشي جي حوالي سان رد عمل طور، حيرت ۾ ٻُڏل مذڪوره تاثراتي جملا، هڪ انسان دوست ماڻهوءَ واتان نڪرڻ فطري عمل آهي، پر ان قسم جي انسانن جو تعداد، اڄ جي بي حِس سماج اندر تمام ٿورڙو نظر ايندو. اُن جي ڀيٽ ۾ حساس من رکندڙ ماڻهو کي خودڪشيءَ جهڙي انتهائي قدم کڻڻ وارن، ۽ اهڙي ماحول جوڙڻ وارن جو تعداد گھٽجڻ بجاءِ، روز بروز وڌندي نظر ايندو. توڙي جو دنيا جي آبادي جو هڪ وڏو انگ مختلف ڌرمن جو پوئلڳ سڏائي ٿو، ۽ دنيا جو هر مذهب خودڪشيءَ جهڙي عمل جو مخالف به آهي، پوءِ به اهو سڀڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي؟ اهو هڪ اهم سوال به آهي، جنهن تي گھڻو ڪجهه لِکي سگهجي ٿو، پر محترم مُحب ڀِيل منهنجي نظر ۾ پهريون انسان دوست ماڻهو آهي، جنهن ان موضوع تي لکندي، ان جي محرڪات، اسباب ۽ نتيجن تي ڀرپُور نموني پنهنجا ويچار ونڊيا آهن.
    زير نظر ڪتاب ۾ خودڪشيءَ جي جن مختلف سببن تي ڀرپور نموني لکيو ويو آهي، انهن مان هڪ سبب “سماج جا زهريلا رويا” آهي، ۽ اُن ڏِس ۾ يقينن هر پڙهندڙ ساڻس سهمت نظر ايندو، ڇو ته اسان مان هر هڪ ڪڏهن نه ڪڏهن، ڪنهن نه ڪنهن مخصوص سماج طرف اشارو ناهي، پر هر سماج اندر اهڙا عنصر شامل هوندا آهن. جيڪي ماڻهو جا ويري ثابت ٿي، کيس انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪندا آهن، پوءِ اهو سماج اڄ جي جديد دور جو سوشلسٽ سماج هجي، يا ڪنهن مخصوص ڌرم جي قاعدن قانون تي مشتمل مذهبي سماج! دراصل هر سماج، ڪنهن مخصوص سوچ، عمل ۽ روين تي مشتمل اڪثريت تحت، پنهنجي سڃاڻپ رکندو آهي، پر ان جي ابتڙ سوچ، عمل ۽ رَوَين تي مشتمل اقليت به ته ان ان ئي سماج جو حصو هجي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ڪو به سماج، ڪنهن به دور ۾ سئو سيڪڙو فڪري توڙي عملي هم آهنگي رکندڙ نه نظر آيو آهي، ۽ نه ئي مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن “مڪمل سماج” جي قائم ٿيڻ جي فطرت انسانيءَ اندر ڪا گنجائش ئي نظر اچي ٿي. اُ ڏِس ۾ اڄ تائينءَ جا لاتعداد ڌرم/مذهب “مثالي سماج” نه ڏئي سگهيو، ايستائين جو چيو وڃي ٿو ته هڪ لک کان به مٿي “سماج سڌارڪ” آيا، پر اڄ تائين دنيا اندر ڪو هڪ به “مثالي سماج” نه جُڙي سگهيو! اڄ به اسان کي هر “مذهبي/ ڌرمي سماج” اندر، ان جي پوئلڳن جا ڪيترائي ڌڙا/ فرقا نظر ايندا، جيڪي ان جِي هيڪڙائيءَ جي خلاف ثبوت فراهم ڪن ٿا. چوڻ جو مطلب ته خودڪشيءَ جي محرڪ اڄ جي سماج کي بدلائڻ لاءِ، وس آهر حيلا هلائڻ اڄ جي اهم تقاضا آهي.
    مُحب ڀيل جي زير نظر ڪتاب “چڱي نه خودڪشيءَ هئي” اندر، خودڪشي جي عقيدائي قسم “ستيءَ” جي رواج تي پڻ بحث ڪيو ويو آهي، پر خودڪشيءَ جوا هو ڌرمي رواج اڄ مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي، ماضيءَ ۾ اهو رواج عورت تي ڌرمي، نفسياتي دٻاءُ جي نشاندهي ڪري ٿو، پر سلام آ “انگريز” کي، جنهن قانون لاڳو ڪندي برصغير مان “ستيءَ” جي رسم سان گڏ غلام/ ٻانهيءَ رکڻ جي فعل کي رد ڪيو، حالانڪه اهي ٻئي فعل مذهبي/ ڌرمي دائري اندر درست قرار ڏنل آهن!
    احتجاج طور پاڻ مارڻ يا خودڪشي ڪرڻ پڻ سماجي بي حِسيءَ کي عيان ڪري ٿو. ان حوالي سان اڄ جي ايڪهين صديءَ ۾، جتي دنيا ڪِٿان کان ڪِٿي وڃي پهتي آهي، پر اسان جي حالت قابلِ رحم آهي! هِتي سماجي بي حِسيءَ جي ڏِس ۾ حڪمران طبقي جي نااهلي ۽ نالائقي پڻ ڌيان طلب آهي، اسان وٽ لفظ “سياست” ئي بدفعليءَ جو اهڃاڻ بڻجي چڪو آهي. اسان وٽ سياست “ڪاروبار” طور استعمال ٿئي ٿي، جنهن ذريعي مٿيون طبقو، چُونڊن جي وقت نام نهاد سماجي ڪمن جي مد ۾ سيڙپڪاري ڪري، مستقبل جو حڪمران بڻجي، مُلڪي ناڻي کي پنهنجي ذاتي ملڪيت ۾ شامل ڪري ٿو! عوام کي اڳتي وٺي، ڪنهن تبديليءَ آڻڻ بجاءِ، کيس ٻيڻا سور ڏي ٿو، نتيجي ۾ بيوس ماڻهو پنهنجي جائز حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج جي آخري صورت آپگهات جو سهارو وٺڻ تي مجبور ٿي پئي ٿو! اسان وٽ اهڙا کوڙ سارا مثال موجود آهن، جن ۾ مائي جندو جو مثال رياست جي منهن تي هڪ وڏو داغ آهي، جنهن کي مُحب ڀيل انتهائي اثرائتي انداز ۾ لکت جو روپ ڏنو آهي. ان کان علاوه سماجي ورڪر مٺو ميگهواڙ، نريندر ڪمار ميگهواڙ، شاعره سارا شگفته، ماٺيڻو اوٺو، عرفان مهدي ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جهڙن آدرشي انسانن جي آتم هتيا اسان کي ڪهڙو پيغام ڏي ٿي؟ اهو حڪمرانن کان تاريخ جو سوال آهي.
    بيمارين توڙي مختلف قرضن کان تنگ ٿي، هيٺين طبقي جي ماڻهن جي خودڪشي ڪرڻ جي ڏوهه جي ڏِس ۾ پڻ اسان جو حڪمران طبقو ئي ڏوهي آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته عوام ۾ شعور پيدا ڪري، پنهنجي ايندڙ نسل کي محفوظ مستقبل جي حوالي ڪيو وڃي.
    خودڪشي يا آتم هتيا جي حوالي سان، منهنجي خيال ۾ هيءُ پهريون ڪتاب آهي. جيڪو محترم مُحب ڀيل سنڌي ادب جي دنيا ۾ داخل ڪيو آهي. موضوع جي حوالي سان منفرد ۽ جامح تصنيف سنڌي ادب کي ارپڻ لاءِ کيس جس هجي. ڪتاب جي حوالي سان کوڙ ساريون ڳالهيون آهن، جيڪي پڙهندڙن سان ونڊي سگهجن ٿيون، پر طوالت کان پاسو ڪندي، آئون وري به اُن حقيقت جي مختصر اپٽار ڪندي، اهو پڙهندڙن تي ٿو ڇڏيان، ته هر پاٺڪ پنهنجي زاويهءِ نگاهه يا احساسن جي آڌار ان مان نتيجو اخذ ڪري.
    آخر ۾ “اهل علم جون خودڪشيون” عنوان سان سندس تخيل سان سهمت ٿيندي پڙهندڙن سان پنهنجا ويچار ونڊڻ چاهيندس، ته زندگيءَ جي اهڙيءَ ريت خاتمي جو اصل ڪارڻ ئي “ڏاهپ سندو ڏنگ” آهي، جنهن لاءِ خود لطيف سرڪار کي به چوڻو پيو ته “الا! ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن”عقل و فرد ئي انسان کي ڀوڳنائن جي گس لائي ٿو. علامه آءِ آءِ قاضي ۽ حشو ڪيولراماڻي ان جا ٻه وڏا مثال آهن. عقل جي انتها تي پهچڻ کانپوءِ، انسان لاءِ ٻه ئي ماڳ مڪان بچن ٿا، ۽ اهي آهن، “چريائپ” (عام ماڻهن جي نظر ۾) يا “خودڪشي!” عقل جي انتها، انسان کي حساس پڻي تي پهچائي ٿي، ۽ اهو حساس پڻو ئي آهي، جيڪو انسان انهن ٻن ماڳن مان هڪ ماڳ تي رسائي ٿو، چريائپ يا خودڪشي! تنهنڪري ئي شاعر کي چوڻو پئجي ويو ته :

    اُڀاري خودڪشيءَ لاءِ ٿي،
    حساسيت ئي عذاب آهي!


    آسي زميني
    ٽنڊو قيصر
    14 فيبروري 2019ع


    ليکڪ پاران: مگر او سانورا پرين! چڱي نه خودڪشيءَ هئي.

    دنيا ۾ ظلمتن جو شڪار ڪروڙين مسڪين، مظلوم، پورهيت انسانن جي آجپي، ترقي، خوشحالي، حق حڪمراني ۽ ڌڻيائپ لاءِ جدوجهد ڪري جاکوڙيندڙ ماڻهو ڪهڙين حالتن مان گذرن ٿا؟ ڏاڍ ۽ جبر خلاف آواز بلند ڪندڙ کاهوڙين خلاف هتي ڪهڙو رڻ ٻاريو ويندو آهي؟ معاشري ۾ نندڻڪائپ ۽ اڻ برابريءَ خلاف پُڪارڻ تي ڪهڙيون فتوائون جاري ڪيون وڃن ٿيون؟ غلاميءَ کي گار سمجهڻ جي جرئت جي هتي ڪهڙي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي؟ آئنو ڏيکارڻ جي ڪهڙي سزا آهي؟ انهن عذابن خلاف ڳالهائڻ، لکڻ، سوچڻ، لوچڻ، سُجاڳيءَ جو سڏ ڏيئي عملي جدوجهد ڪرڻ دوران ڪهڙيون رڪاوٽون پيش اچن ٿيون؟ سماجي ٺيڪيدارن ۽ ٽپتائي ٽپڻائي پنڊتن پاران پنهنجي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻايل خلق کي اٻوجهه ۽ جاهل رکڻ خاطر هٿ ٺوڪين گھڙيل ريتن، رسمن، رواجن ۽ پرمپرائن خلاف جاڳ جو سڏ ڏيندڙ ماڻهن کي سماج جا زهر جهڙا رويا وک وک تي ڪيئن ڏنگين ٿا؟ انقلابي راهه جي پانڌيئڙن کي باغي، ڪافر، ڏوهي، چريو هجڻ جي ڪيترن ئي خطابن سان نوازيو وڃي ٿو.
    جيڪي منش هن سماج ۾ ميرن، پيرن، وڏيراشاهي، جاگيردارن، ٺڳ ڌرمي ٺيڪيدارن، جرڳائي پٽيلن، ظالم سرمائيدارن جي چمچاگيري ڪندي پاڻ کي “ڏاهو، هوشيار ۽ خفتي” سمجهڻ جي خوش فهميءَ جو شڪار آهن. سندن زندگيءَ جا حسين لمحا رڳو وڏيراشاهي جا گڻ ڳائڻ، پاڻ وڻائڻ ۽ پنهنجن جون پاڙون کوٽيندي گذرن ٿا. “مال” ٺاهڻ جي ذهني ۽ نفسياتي بيماري ۽ مايا جي ٺلهي موهه جي گھٽياپڻي واري سوچ، کين “انسانيت” جي دائري مان ڌڪي ٻاهر ڪري ٿي. ٽڪي ٽي پئسي جا ذاتي مفاد انهن ماڻهن جي ڪردار کي ڪيترو ڪيرائي سگهن ٿا؟ تاريخ ۾ سندن عملن جو پوتاميل ڪيئن ڪيو ويندو ۽ ڪهڙن اکرن ۾ لکيو ويندو؟ هن سماج جي ذهني غلامن ڪڏهن اهو سوچيو ئي ناهي!
    دنيا جي غريب انقلابي ڪارڪنن جي ذهنن ۾، هن سماج کي بدلائڻ جا ڪيترائي حسين خواب، ساڀيان جا منتظر آهن، دنيا جا امن پسند ۽ فطرت جا عاشق ماڻهو هن ڪائنات کي ڪبوتر جي اک سان ڏسندا آهن ۽ ڳيري جي دل سان محسوس ڪندا آهن، پر دنيا جي سمورن انسان دوست، ترقي پسند، امن جي سفير انسانن پويان وحشت پرست، انتها پسند، رجعت پرست دهشتگرد رات ڏينهن هڪ ڪيو، ڪات ڪهاڙا تکا ڪيو پيا هلن، ان جو سادو سبب اهو آهي ته جيئن جنگن سان هٿيارن جو ڪڌو ڪاروبار لاڳاپيل آهي، بلڪل ائين ئي دنيا ۾ “فتنو” به ڪاروبار بڻيل رهيو آهي، فتني پرست ماڻهو اکيون ڳاڙهيون ڪيو ڪائنات جي پُرامن ماڻهن پويان هر وقت ڀنڊي ٻاريو پيا هلن. ڇو ته سندن وکر به جنگ جي هٿيارن جيئن فسادن سان لاڳاپيل آهي، هتي ته فتنو به معيشيت بڻيل آهي. فتني سان به ڪنهن جو پيٽ گذر ٿئي ٿو، پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻين جي پيٽ کي ڦاڙيو وڃي ٿو. پنهنجا گهر جوڙڻ لاءِ ٻين جا جهوپا ساڙيا وڃن ٿا. انقلابي ماڻهو هر وقت اهڙين سازشن جي سخت گھيري ۾ هوندا آهن
    “خودڪشي” جي موضوع تي لکندي، جنهن ڪيفيت ۽ عذاب مان مونکي گذرڻو پيو، انهن صليب تي ٽنگيل خيالن جو اظهار هتي پيش ڪرڻ مناسب ناهي، هڪ فطرت جي عاشق انسان لاءِ ان کان وڌ ٻيو ڪهڙو عذاب هوندو جو روز فطرت جي عظيم حُسن “انسان” کي اکين اڳيان آپگهات ڪندي ڏسجي ۽ ماڻهوءَ سان گڏ ماڻهپي جي “خودڪشي” تي خاموش تماشائي بڻجي اکيون پورجن يا خود تماشو ٿجي؟ پنهنجن مزاج ۾ فطرت جا حسين رنگ رکڻ جون ڪهڙيون ڪهڙيون سزائون ڀوڳڻيون پون ٿيون! انهن رنگن جي حُسن کي ميرو ٿيڻ کان بچائڻ جي جُرئت به هتي بغاوت تصور ڪئي وڃي ٿي.
    خودڪشي هن حسين ڪائنات جو تمام وڏو الميو آهي، ان عمل سان دنيا ۾ ڪيترا گھر اُجڙي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، انسان ان غيرفطري موت جو ڪهڙو به جواز ڄاڻائي موت قبولي ٿو پر جن مسئلن کان فراريت حاصل ڪري انسان ڏور ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر وري به انسان کي ئي پنهنجي اعلى سوچ ۽ ويچارن سان انهن مسئلن جا حل ڪڍڻا آهن. آئون ان موقف تي وري قائم آهيان ته خودڪشي ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، انسان کي حقيقت پسند بڻجي لاڳاپيل مسئلن جا حل سنجيدگيءَ سان ڪڍڻ گھرجن. قيمتي انساني جانين کي رسن ۾ ٻڌي نپوڙڻ ڪنهن به ريت عقلمندي ناهي، جيئن سعيد سومري جون هي سٽون، مڪمل طور خودڪشيءَ جي سوچ کي رد ڪن ٿيون.
    فضول، بور، بي چسي، ذليل زندگي هئي،
    مگر او سانورا پرين! چڱي نه خودڪشي هئي.

    آئون هن سماج جو ننڍڙو ماڙهو آهيان، مون هن ڌرتيءَ تي پنڌ ڪندي جيڪو مشاهدو ڪيو، خودڪشين جا سبب ڳوليا، جائزو ورتو، اهي خيال هن ڪتاب ذريعي توهان تائين پهچائڻ جي حجت ڪري رهيو آهيان. هن وقت اسان جي ڌرتيءَ جي مسڪين ۽ پورهيت ماڻهن ۾ آتم هتيا جي شرح افسوسناڪ حد تائين پهچي چُڪي آهي.“خودڪشي” جي واقعن کي ڪيئن روڪجي؟ اچو ته ان اهم مسئلي تي سوچيون.آئون بنيادي طور جنهن طبقي سان تعلق رکان ٿو ان جا ماڻهو هن ڌرتيءَ تي ننڌڻڪائپ ۽ غلاميءَ جي بدترين دؤر مان گذري رهيا آهن، اهي سمجهن ٿا ته وٽن هاڻ “خودڪشي” کان سواءِ ٻيو ڪو حل ناهي!
    انهن جي خودڪشي من اندر ۾ مانڌاڻ مچائيدي آهي، تڙپون ۽ ڦٿڪون ان ڪري ٿا ته هن وسيع ڪائنات ۾ اسان جي مسڪين ماڻهن جون قيمتي حياتيون فقط اٽي،لٽي، اجهي ۽ عدم تحفظ سبب وڻن ۾ ٽنگجي رهيون آهن. اهي سُور سيني ۾ ٻارڻ ٻارين ٿا، اهي سور لکائن ٿا. منهنجي لکڻ جو ٻيو ڪو سبب ناهي. نه ئي مونکي ڪو چڱو لکڻ به اچي ٿو، جنهن سان آئون پڙهندڙن جي اڪثريت کي متاثر ڪري سگهان، اهو سمجهندي آئون محسوس به ڪيان ٿو ته منهنجي لکڻين ۾ حسينن جا زلف، نيڻ ۽ نخريلين نگاهن جو ذڪر ناهي ۽ نه ئي وري مونکان ميرن، پيرن ۽ سرمائيدارن جي شان ۾ قصيده لکجن ٿا. منهنجو لکڻ سموري دنيا ۾ منهنجي غريب پورهيت ۽ مسڪين ڀائرن لاءِ آهي، انهن جي ڏکن، سورن تڪليفن ۽ غلامي جي ڳٽ سان گڏ ڪنڌ ۾ پيل خودڪشيءَ جي رسن جا سبب وائکا ڪرڻ لاءِ آهي، سو پنهنجي حال سارو لکندس، هي ڪتاب “چڱي نه خودڪشيءَ هُئي” جو پهريون ڀاڱو آهي، جلد ٻيو ڀاڱو به توهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس. منهنجي اڀري سڀري لکڻ تي جيڪي دوست سدائين همٿائيندا رهندا آهن انهن جو دلي ٿورائتو آهيان.

    جيئن ڌرتيءَ جا مظلوم انسان،

    محب ڀيل
    03002682036
    muhibbheel@gmail.com


    “خودڪشي” حسين ڪائنات جو الميو

    “انسان” ڪائنات ۾ ڪروڙين سالن جو ارتقائي پنڌ طئي ڪندو ٿڪجي ساڻو ٿي اچي هن جديد دؤر ۾ پير پاتو اٿس، انساني تاريخ جو اهو اڙانگو ۽ طويل سفر نهايت ئي مشڪل ۽ تڪليفن سان ڀرپور ۽ ٿڪائيندڙ محسوس ٿي رهيو آهي. ان ڊگھي زماني ۾ انسان پنهنجي شروعاتي حياتيءَ کان هيستائينءَ جي گذاريل جيون ساگر جي سمورين سماجي حالتن، ذاتي زندگيءَ جي ڪروڙين مشاهدن، تجربن، حادثن، لقائن، واقعن کي پرکيندو ۽ سمجهندو پنهنجي ايندڙ نسلن جي بچاءَ جي جنگ لڙندو اڳتي وڌندو رهيو آهي. “انسان” پنهنجي نسل جي بچاءَ جي جنگ ۾ جتي ٻين قدرتي آفتن ۽ حادثن ٻوڏن، زلزلن، باهن، شديد گرمين، شديد سردين، خطرناڪ بيمارين، ماتا ۽ سلهه جهڙين وبائن، جانورن جو کاڄ ٿيڻ سميت ٻين ڪيترن ئي سانحن ۾ ڪروڙين انساني جانيون بي وقتائتي موت جو شڪار ٿي ويون. هن ڪائنات ۾ ڪروڙين انسانن جي حياتين جا ڏيئا اُجهڻ جا رڳو اهي قدرتي سبب به نه آهن. هتي ته انسان خود انسان جو ازلي ويري بڻجي ويو، قيمتي انساني “حياتي” جي انت جو وڏو ذميوار به انسان ئي آهي. انسان جنهن کي ڪائنات ۾ “اشرف المخلوقات” جو اُتم درجو حاصل آهي، سو پاڻ به مهذبپڻي جي چوغي ۾ ڪٿي لڪي ڇُپي ته ڪٿي ظاهر ذات، پات، رنگ، ڳورو، ڪارو، نسل، اوچ، نيچ، اڇوت، شوڌر، برهمڻ، ڌرم، مذهب، قوم، ٻولي، لسانيت، ڌرتيءَ، دنگ، گذر جي وسيلن، کاڌ خوراڪ جي ذريعن سميت حسين ڪائنات جو “عظيم ماڻهو” ماڻهپي مان نڪري پنهنجن ڪروڙين ذاتي مفادن جي آڙ ۾ انسان جو قتل عام ڪري انسانيت کي لڄائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي اٿس. ڌرتيءَ ماتا کي پنهنجي ڀائرن جي رت جو ريج ڏيندو رهيو آهي، آڳاٽي زماني ۾ ڪائنات جي ڪروڙين محنت ڪش پورهيت انسانن پاران گڏ ڪيل اناج، شڪار ڪيل جانور، ۽ ٺاهيل گهرن ۽ محفوظ غارن تي چند هڏ حرام ۽ ڪم چور ماڻهن ڏاڍ مڙسي، جبر ۽ ظلم سان قبضو ڪري مفت خوريءَ ۾ حياتيءَ جون سُک ۽ آسائشون ماڻيندا هئا. ان سڪونت جي ڳولا ۾ انسان ٻي انسان جو انت آڻڻ ۾ دير ئي نه ڪندو رهيو آهي. جيڪڏهن هن دؤر جو شعور اهو مثال خاطر ئي سوچي ته “آڳاٽو انسان غيرتهذيب يافته ۽ غيرمهذب هو، ان ڪري کيس علم، شعور، عقل ۽ احساس نه هئڻ ڪري “عظيم انسانيت” جو قدر نه هو. سندس اکين تي انڌ جون پٽيون پيل هيون، تنهن سبب ان نيم انسان ٻي انسان جو انت آندو پئي.” پر جڏهن آڳاٽو انسان ساڍا چار ارب سال جي جهوني ڪائنات ۾ ڏيڊ ارب سالن کان پنهنجي وجود جي سلامتيءَ سان مهذبپڻي ڏانهن وڌندو اچي، تهذيب يافته بڻيو، هومواريڪٽس، هوموميگنان، هوموسيپين، نيندرٿال مان ارتقا ڪري مڪمل طور علم، عقل، شعور وارو هيومن (انسان) بڻجڻ تائينءَ جي نوري سالن جي سفر ۾ “ماڻهو” حيوانن واريون ڪيتريون حرڪتون ڪيون هونديون؟ اُڀو ٿي هلڻ جي شروعات، پاڻيءَ جي حياتيءَ کان سُڪي جو سفر، پٿر جو دؤر، تهذيبون جوڙڻ، جدت ڏانهن وڌڻ، انساني زندگيءَ لاءِ پابند سماج جُڙڻ، معاشرتي قانون ۽ ضابطا ٺهڻ، مقدس مذهبن جو وجود ۾ اچڻ، اشارن جي ٻوليءَ کان وٺي آوازن جي ٻوليءَ جو جنم، پڪٽوگراف (شڪل واري ٻولي) لکت جي لپين جي شروعات، پتن، پٿر ۽ ڪپڙي تي تاريخ جي سرجڻ کان وٺي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي ڪمپيوٽر واري زماني تائين پهچندي پهچندي انسان ڪڏهن پوتاميل ڪئي آهي ته فطري ۽ قدرتي سببن کانسواءِ پنهنجي هٿان پنهنجن ڪيترن ڀائرن جي قيمتي حياتين جو انت آندو اٿس؟ دنيا جون جنگون ۽ ڦرلٽون ڪنهن ڪيون آهن؟ انسانيت جي عظمت جي قدر لاءِ قانون ڪنهن ٺاهيا ۽ ڪنهن ٽوڙيا آهن؟ ڌرتيءَ جي هن گولي تي ماڻهوءَ ئي ماڻهوءَ جو رت وهائڻ جي ذهني مرض جهڙي خطرناڪ جنون ۾ مبتلا رهيو آهي يا ٻي ڪنهن گولي جي ٻي ڪا مخلوق ملوث رهي آهي؟ هٽلر، هلاڪو ۽ چنگيز به هن ڪائنات ۾ “اشرف المخلوقات” جو عظيم درجو رکندڙ “انسان” جهڙي جيوت سان تعلق رکندڙ هئا يا نه؟ جتي ڌرتيءَ تي انسانيت جو ڳاٽ اوچو ڪندڙ انسان پيدا ٿي انسانيت ۽ ماڻهپي جو مان وڌايو آهي اتي ماڻهو ماڻهپي مان نڪري “انسانيت” جو ڪنڌ ڪپايو اٿس. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ سميت جيڪي به ڦڏا ۽ فساد “انسان” جي زندگيءَ جي انت جا سبب بڻيا سي سڀ انسان جي فتوري ذهن جي پيداوار آهن.
    سنڌ ۾ غربت، بُک، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ سبب، پوئتي پيل ماڻهن ۾ اڪثريت مسڪين، مزدور ۽ پورهيت انسانن جي آهي، سندن پريشانيءَ جو سبب به ڪروڙين سالن کان مظلوم طبقن جي پريشانين جو تسلسل سان جُڙيل آهي. غريب انسانن جي ڏکن، تڪليفن ۽ پيڙائن جا سبب ۽ ذميوار، تقريبن سڌي يا اڻسڌيءَ طرح هن ئي معاشري سان تعلق رکندڙ جابر ماڻهن جا مظلوم انسان دشمن رويا، سازشون ۽ سوچون آهن. جنهن سبب هن سماج جو پُرامن ماڻهو يا ته باغي بڻجي ظالم قوتن جو انت آڻيندو آهي يا پنهنجو انت آڻيندو آهي. سماج جون ڏنل ذهني پريشانيون، مصيبتون ۽ عذاب انساني عقل ۽ شعور جا ويري بڻجي ويندا آهن. اهڙي ڪشمڪش جهڙي خطرناڪ ذهني ڇڪتاڻ ماڻهو کي هوش، عقل ۽ مت جي دائري مان ڪڍيو ڇڏي. ان صورتحال ۾ ماڻهوءَ جي من اندر مان پوپٽ جي پرن جهڙا خوبصورت انساني احساس ۽ قدر پرلوڪ پڌاري ويندا آهن. حسين خيالن وارن عظيم دماغن تي به وحشتپڻو قابض ٿي ويندو آهي. ان ذهني ڪشيدگيءَ جي صورتحال ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي زمانن کان جهيڙيندڙ عقل وارو مضبوط جيوت “انسان” صفا هيڻو ۽ نازڪ بڻجي پنهنجو انت به آڻي ڇڏيندو آهي ته ٻي انسان کي به اک ڇنب ۾ قتل ڪري ڇڏيندو آهي. آپگهات جي خيالن جي گردش ۾ وڪوڙيل انسان جي ذهني ڪيفيت جي صورتحال ڪهڙي هوندي؟ اهو سوال ضرور بحث طلب آهي، هڪ طرف اهو ماڻهو هن سماج سان منهن مقابل ٿيڻ جهڙو قابل ثابت نه ٿي شڪست قبولي پنهنجو انت آڻيندو، ڇا پاڻ کي قتل جهڙو خطرناڪ عمل ڪو ڪمزور دل ماڻهو به ڪري سگهي ٿو؟ سڌو سنئون موت جي منهن ۾ وڃڻ به بزدلي نه پر بهادري وارو عمل سمجهيو وڃي ٿو، ۽ جيڪڏهن خودڪشي ڪندڙ فرد بهادر به آهي ته جيءَ لاءِ جوکائتو قدم کڻي بي وقتائتي موت کي قبولڻ جي همت به رکي ٿو ته ڇا اهو ماڻهو هن سماج ۾ پاڻ سان لاڳاپيل ننڍن وڏن مسئلن کي منهن ڏيئي حل ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي؟ ڪائنات ۾ ڪروڙين سالن کان اجگر مسئلن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ انسان صفا ايترو ڪمزور به ٿي سگهي ٿو جو مانيءَ ۾ پنج منٽ دير ٿيڻ جي ڪري به پاڻ کي قتل ڪري ڇڏيندو؟ اهو فرد پاڻ سان لاڳاپيل محبت ڀرين مقدس رشتن کان خوشي کسي کين کن پل ۾ دردن جي کوري ۾ اڇلائي ڇڏيندو؟ جتي هو سموري حياتي وڇوڙي جي ٻارڻ ۾ ٻرندا رهندا آهن. اهي سمورا سوال هن سماج ۾ آپگهات ڪري حياتي جو ڏيئو اُجهائيندڙ سمورن فردن سان وابسطه آهن. اهي سوال ڪيترن سوالن کي جنم ڏين ٿا. هڪ قيمتي انساني جان جو ڏکوئيندڙ موت هن مهذب سماج ۽ ترقي جي بلندين تي پهتل تهذيب يافته معاشري جي عدل ۽ انصاف تي سواليه نشان هڻي ٿو. سنڌ ۾ خودڪشين جي شرح روز وڌندي وڃي، اهڙي پريشان ڪندڙ خطرناڪ صورتحال کي دل جي اکين سان پسي رڳو ڳوڙها ڪونه ڳاربا، پر انهن حالاتن کي بدلائڻ لاءِ عملي قدم کڻي انسانن جون حياتيون بچائڻيون پونديون.


    جڏهن خيال”خودڪشي“ ڪن

    ڪائنات ۾ ايڏي جاکوڙ، جفاڪشي، جدوجهد ۽ رت ولوڙڻ بعد اشرف المخلوقات جو درجو حاصل ڪندڙ عظيم جيوت “انسان” جي ڌرتيءَ جي گولي تي باقي سڃاڻپ، ڪارج ۽ ڪردار وڃي ڪهڙو رهيو آهي؟ انسان امن جي ڌرتيءَ تي امن قائم ڪيو يا امن تباهه ڪيو؟ ماڻهو انساني نسل جي بقا جي جنگ ڪيتري لڙي ۽ پنهنجي نسل ڪشي ڪيتري ڪئي؟ مقدس مذهبن جي آڙ ۾ خودڪش بمبار (بم سان آپگهاتي حملا ڪندڙ) معصوم انسانن کي قتل ڪري ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو؟ يا پنهنجي سِر وڃائڻ سان گڏ بي گناهه معصوم انسانن جون قيمتي جانيون ضايع ڪري ڪهڙو ثواب ماڻيو؟ ان غيرفطري عمل جا ابتا اثر ڪروڙين سالن تائين انساني تاريخ ۽ سماجن جي بيهڪ ئي بدلائي ڇڏيندا آهن. ميڊيائي خبرن موجب هيستائين بم ڌماڪن ۾ پاڻ کي اڏائيندڙ آپگهاتي بمبار گھڻو ڪري ڪچڙي دماغ جا نوجوان ئي هوندا آهن. سنڌ سميت دنيا ۾ هر هند خودڪشي ڪندڙ ماڻهن ۾ وڏو انگ نوجوانن جو ڏٺو ويو آهي.

    هاڪاري شين جو ناڪاري استعمال
    اهو هن ڪائنات جو ڀيانڪ الميو چئبو جڏهن هاڪاري شيون ناڪاري ذهنن جي ور چڙهي هن حسين ڪائنات جي هنئين تي ٻارڻ بڻجي ٻرن ٿيون، انسانيت جو گس ڏسڻ لاءِ وجود ۾ آيل مذهبن کي ماڻهن پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري ڌرتيءَ کي رت سان وهنجاري ڇڏيو آهي، بلڪل ائين ئي هن دنيا جون ڪيتريون ئي ڪارآمد شيون جن انسان ۽ انسانيت لاءِ عذاب بڻجي هن جنت جهڙي جڳ کي دوزخ بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. هن حسين ڪائنات ۾ انسان جو بنيادي ڪم اهوآهي ته انسانيت جي عظمت جو تقدس پائمال ٿيڻ نه ڏي.

    آپگھاتي بمبار
    مذهبي انتهاپسند آپگهات ڪرڻ لاءِ بم ۾ جيڪو مٽيريل استعمال ڪندا آهن، بنيادي طور اهو ڌماڪيدار مٽيريل فقط ترقياتي ڪمن لاءِ ڪتب آڻڻ خاطر بم جي شڪل ڏيئي جوڙيو ويو هو، جنهن سان سالن جا سال اوچن جبلن کي ٽُڪي رستا ٺاهڻ يا وڏا بند ٽوڙڻ لاءِ پنهنجيون حياتيون ڳاريندڙ پورهيت مزدورن کي آساني حاصل ٿي، هڪ ڊائنامينٽ بم کي کڏ کوٽي پورڻ بعد ڌماڪي سان اُڏائي ڏکين ۽ مشڪل ڪمن کي سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري قيمتي وقت، پئسو ۽ افرادي قوت جي سيڙپ کي بچايو ويو. جنهن سان دنيا جلد ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لڳي. ڊائنامينٽ بم، ڪلسٽر بم يا ايٽم بم ٺاهڻ واري موجد سائينسدان جو اهو قطئي خيال يا مقصد ڪونه هوته سندس ايجاد “آپگهاتي حملن” لاءِ استعمال ٿيندي! جنهن ۾ لکين انسان اجل جو شڪار ٿيندا، بي گناهه ماڻهن جو رت ڌرتيءَ کي لال لهو سان لت پت ڪندو، انساني جسم جا ٽڪرا هوائن ۾ اُڏامندا، ماڻهن جا گھر اُجڙي ويندا. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي جيئن مستقبل جا معمار معصوم اسڪولي ٻار شهيد ڪري خودڪش بمبارن هٿان موت جي ننڊ سمهاريا ويندا. آپگهاتي حملي ۾ انهن معصوم پوپٽن جي جي شهادت تي شاعر ايوب کوسي جو قلم هن طرح رت رُنو

    کڻي پوپٽن جا جنازا هٿن تي،
    اٿي ويا مسافر ڇڏي ڀاڪرن کي،
    هوائن ۾ آهي شهيدن جي خوشبوءَ
    پرين! اڄ اسان جي پُڇا کي ڇڏي ڏي.

    ڊائنامينٽ سميت ٻيا جنگي بارود ايجاد ڪندڙ سائنسدان نوبيل انعام جي خالق الفريڊ نوبيل کي پڻ پنهنجي ايجاد تي ان ڏينهن پڇتاءُ ٿيو ، جنهن ڏينهن 1888ع ۾ سندس ڀاءُ لڊوگ نوبيل فرانس جي شهر ڪائزه ۾ گھمندي فرندي اتي گذاري ويو هو، ٻي ڏينهن هڪ فرانسيسي اخبار غلطي سان لڊوگ نوبيل بجاءِ سندس ڀاءُ سائنسدان ڊاڪٽر الفريڊ نوبيل جي موت جي خبر“ڊائنامينٽ” جي سخت مزمت ڪندي هن طرح هلائي ته “ڊاڪٽر الفريڊ نوبيل موت جو سوداگر(The merchant of death dead) جيڪو ماڻهن کي مارڻ جا نوان نوان طريقا ڳولي شاهوڪار ٿي ويو هو، سو ڪالهه مري ويو!” دنيا جي وڏي سائنسدان ڊاڪٽر الفريڊ نوبيل پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجيءَ متعلق اهڙا ناڪاري تاثرات پڙهڻ بعد کي احساس ٿيو ته سندس گذارڻ کانپوءِ ماڻهو کيس ڪهڙن لفظن ۾ ياد ڪندا؟ اهو منظر فرانسيسي اخبار کيس جيئري ئي پسائي ڇڏيو هو. جنهن بعد خودڪش بم حملن جي مواد ايجاد ڪندڙ ڊاڪٽر الفريڊ نوبيل 27 نومبر 1895ع تي پيرس ۾ وصيت تي صحيح ڪئي،جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته هن سندس 250 ملين آمريڪي ڊالرن جيتري ملڪيت “نوبيل انعام” لاءِ وقف ڪئي آهي. نوبيل انعام هر سال پنج ماڻهن کي بنان ڪنهن ذات پات رنگ نسل ۽ مذهب جي مت ڀيد جي فرق کانسواءِ صرف ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڏنو وڃي. جنهن ۾ هڪ نوبيل انعام فقط “امن” قائم ڪرڻ لاءِ زبردست ڪوششون وٺندڙ شخصيت کي ڏنو ويندو. ڪائنات جي آڳاٽي انسان هٿيار پنهنجي بچاءَ خاطر جوڙيو، ته جيئن مٿس جنگ جا خطرناڪ جانور حملو نه ڪن ۽ هو پاڻ بچائي سگهي، پر جڏهن انسان جدت ڏانهن وڌيو ته سندس دشمن به تبديل ٿي ويا، هتي ته جانورن مان ڦري خود ماڻهوءَ ماڻهوءَ جو ويري ٿي پيو، تڏهن وري آڳاٽن هٿيارن ڏڦو، ڀالو، ڪڙيالي لٺ، تير، تلوار ۽ ڪهاڙين سان جانورن بجاءِ انسان جو ڪنڌ ڪپجڻ لڳو، جڏهن هڪڙو ماڻهو ٻي ماڻهو کي مارڻ جي جنون ۾ مبتلا ٿي ويو تڏهن کيس آسانيءَ سان خون ريزي ڪرڻ جو خيال آيو، مختصر لمحن ۾ وقت بچائي جلد کان جلد گھڻا انسان قتل ڪرڻ جو خيال ڌرتيءَ تان انسانن جا ڪنڌ لڻڻ لڳو، اهڙيءَ طرح جرمني، آمريڪا، جاپان ۽ برطانيا لاءِ هٿيارن جي ڪاروبار جي معيشت بڻجي وئي. ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ دنيا ۾ ڊگهي جنگ لازمي ٿي پئي، جديد هٿيارن جي فيڪٽرين ۾ رائفل، بندوق، پسٽل، ڪلاشن، رپيٽر گن، ڊورون ٺاهڻ جا آرڊر اچڻ لڳا، دنيا کي دوزخ بڻائڻ جي انتهاپسنداڻي سوچ کي فروغ حاصل ٿيو. دهشتگردي نفعي بخش عالمي ڪاروبار (معيشت) بڻجي وئي. ڌرتيءَ جي مقدس وجود تي ڪنڊيدار تارون وڇائي ماڻهن کي “عالميت” مان “محدويت” جي ڄار ۾ قيد ڪيو ويو. هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ وڃڻ لاءِ “ويزا” جا پروانا وٺڻ لازمي ٿي پيا. ماڻهن جي ورهائجڻ سان سندن سوچ به ورهائجي وئي. ڪائنات ۾ جڏهن انسان خطرناڪ گھوٽالي جو شڪار ٿيڻ لڳو تڏهن سموريون سرگرميون ترڪ ڪري “آپگهات” تي لهي آيو. مستقل مزاجي سان مقابلو مضبوط فڪر، سوچ ۽ خيال ڪندا آهن، جڏهن خيال شڪست قبولي وٺندا آهن ته ماڻهو مان مقابلي جي قوت سماپت ٿي ويندي آهي. انسان جي اندر موجود “قوت مدافيت” به خودڪشي جي راهه وٺندي آهي، اهو فطرت جو پختو پڻ قانون به آهي. جنهن کي بدلائڻ انسان جي وس ڳالهه ناهي، فطرت سان هٿ چراند جا نتيجا يعني هاڪاري شين جي ناڪاري استعمال جا فطري نقصان ايڏا ته خطرناڪ هوندا آهن، جنهن جو ٺلهو تصور به هڪ اهلِ دل انسان کي لوڏي وجهندو آهي. جڏهن انسان پاڻ سميت پنهنجي ايندڙن نسلن ۽ هن ڪائنات جي هر انسان سميت هر جاندار لاءِ هاڪاري سوچ رکندو ته انسانيت جي عظمت بُلند ٿي ويندي آهي. “اشرف المخلوقات” وارو اعزاز به ٺهڪي اچي ٿو ۽ انسان هن ڪائنات لاءِ مسيحا بڻجي ويندو آهي. ان ڀلائي واري سوچ سان ماتا جهڙي خطرناڪ وبا، معذوري جهڙو عذاب ڏيندڙ پوليو، سلهه سميت ڪروڙين انساني حياتيون ڳڙڪائيندڙ ٻين خطرناڪ بيمارين کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ خاطر رات ڏينهن کوجنا ڪري علاج ايجاد ڪرڻ جي سوچ جي تصور کي حقيقت جو روپ ڏيئي ڪروڙين انسانن کي اجل کان بچائي به ٿو، پر جڏهن اهو ئي انسان “انسانيت” جي دائري مان ٻاهر ٿي ناڪاري سوچڻ شروع ڪندو آهي ته سندس ذهن ۾ شيطانيت جا ڪائنات ۽ فطرت دشمن خيال پيدا ٿين ٿا. جيڪي کيس خودڪش حملن ۽ جنگن ۾ انسانيت جو رت وهائڻ لاءِ اتساهن ٿا. کن پل جي کيل ۾ انسان جي ذهن ۾ بهتري ۽ بدتري جا خيال جنم وٺن ٿا، جيڪي هن ڪائنات کي جنت به بڻائڻ ٿا ته دوزخ به، دنيا جون ڪيتريون شيون حادثاتي به آهن ته ڪيتريون شيون انسان جي ذهني فتور جو نتيجو به آهن.پٿر کان مضبوط ماڻهو مکڻ جهڙو نازڪ به بڻجي ٿو ته دل شڪستو ٿي پنهنجو انت به آڻي سگهي ٿو. اهڙا مثال هن ڌرتيءَ تي لکين ملندا. انساني ذهن ۾ خودڪشيءَ جا خيال به هن ڌرتيءَ جي گولي سان لاڳاپيل اتفاقي توڙي حادثاتي حالات سان منسلڪ آهن. خودڪشيءَ جا واقعا هن زماني جي پيداوار ناهن، بلڪه آڳاٽي انسان کان وٺي هن جديد دؤر جي نئين ماڻهو جڏهن به همت هاري ۽ مايوسين جي ڪُن ۾ غرق ٿيو آهي، تڏهن کيس “آپگهات” کانسواءِ ٻيو ڪو حل نٿو سُجهي، ماڻهو پاڻ سان لاڳاپيل دنياداري مسئلن جو حل خودڪشي ۾ ڳولي ٿو. پر کيس اهو به پتو هئڻ گھرجي ته “مئن ڪهڙا مامرا؟” مسئلا ته آهن ئي حياتيءَ سان، موت ته مسئلن سان گڏ ماڻهو جو به انت آهي. سخت ذهني انتشار جو شڪار ماڻهو مسئلن کان خوف کائي ٿو پر موت جهڙيءَ زندگي جي ڀيانڪ پُڄاڻي جي پنڌ تي پلاڻي ٿو. کن پل ۾ سڀ ڪجهه سماپت ٿي ويندو آهي. رهجي ويندا آهن پنهنجن پيارن جا مايوس ۽ پريشان چهرا، روڄ راڙو، خاموش تڏو، وري ڪجهه ڏينهن جي غم زده ماحول بعد ٻيهر زندگيءَ جو ڪار وهنوار روان دوان هوندو آهي.


    خودڪشي ڪندڙ ماڻهن جي ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت

    خودڪشيءَ جو عمل بهادري آهي يا بزدلي؟ اهو نهايت اهم سوال آهي. پر اهو ته واضح ۽ چٽي حقيقت آهي ته “آپگھات” ڪندڙ شخص دنياداريءَ جي نظام ۾ نااهل ثابت ٿيو، جنهن سبب هُن پنهنجي شڪست جو انتم اقررار ته پاڻ کي غيرفطري موت ماري ڪيو.“آپگهاتي” ماڻهو خودڪشيءَ جي عمل دوران ڪهڙي ذهني ڪشيدگيءَ جي سوچن جي گھيري ۾ ڦاٿل رهيو؟ سندس حياتي سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ بجاءِ موت کي ترجيح ڏيڻ وارين سوچن جي ڪيفيت، انتهاپسنداڻن خيالن جو غلبو ۽ دماغ مان هاڪاري سوچن جو مڪمل ڏڪار ئي حياتي جي حسين احساسن جو انت آڻي ٿو. جڏهن ماڻهو جي من اندر جا خوبصورت احساس پرلوڪ پڌاري وڃن تڏهن زنده ماڻهو به لاش بڻجي ويندا آهن، زنده لاش بڻيل جيئرو جاڳندو ماڻهو اهو سوچيندو آهي ته “سندس وجود هن ڌرتيءَ تي اجايو بار آهي” اهڙن احساسِ محرومي وارن خطرناڪ خيالن ڪيترين ئي حياتين جي ٽڙندڙ گلابن کي وقت کان اڳ مُرجهائي ڇڏيو آهي. خودڪشي ڪري حسين حياتي جو روشن ڏيئو پنهنجن هٿن سان اُجهائيندڙ آپگھاتي انسان جي ذهن ۾ موت کي گلي لاهڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه خيال جنم نٿو وٺي، سندس ذهن مان “خودڪشي” جو خيال منتشر نٿو ٿئي. اهو خيال جيئن پوءِ تيئن پڪو، پختو ۽ مضبوط ٿيندو وڃي ٿو. اهو پڻ ممڪن آهي ته معاشرتي مسئلن کي عقل،ڌيرج، سوچ، فهم ۽ ويچار سان حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل ماڻهو توڙي جو پنهنجي من اندر ۾ ڀڄي ڀور ڀور ٿيل هوندو به آهي، پر اهڙا به مثال موجود آهن جڏهن اهو “آپگهاتي” ماڻهو حالتن جي طوفانن ۾ پن پن ٿي وکرڻ باوجود به پاڻ سميٽڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي ٿڪي، ٽُٽي، مايوس ٿي به زندگي سان پيار ڪري ٿو. يعني خودڪشي جي خيالن جي ڄار ۾ مڪمل طور ڦاٿل هوندي به ڪڏهن ڪڏهن هو پيار جي جذبن جو اظهار ڪري زندگي جي حسين هجڻ جو کليو اظهار به ڪري ٿو. حياتي ۽ موت جي وچ ۾ موجود اک ڇنب جيتري فاصلي تي موجود ماڻهو کي ذهني ڪشمڪش، ڪشيدگي ۽ انتشار جو شڪار ٿيڻ بعد پنهنجن ئي حسين خيالن ۽ خوابن تان دستبردار ٿيڻو پوي ٿو. شاعر معصوم سوندرائي جو هي نثري ٽُڪرو خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻيندڙ آپگهاتي جي لاش بابت سمنڊ جي سوچ جي ترجماني هيئن ڪري ٿو. ان چند سٽن کي سمجهڻ جي ضرورت ان ڪري آهي جو “خودڪشي” ڪندڙ ماڻهوءَ بابت هن سماج جي ماڻهن جي سوچ ڪهڙي هوندي؟
    “سمنڊ مونکي
    اهو چئي موٽائي ڇڏيو،
    خودڪشي زنده ماڻهو ڪندا آهن،
    تون مئل آهين،
    ۽ مان لاش کي گھڻي دير تائين،
    برداش ناهيان ڪندو،
    آئون اڄ به ،
    خالي هٿين گھر موٽيو آهيان،
    هُن کي چئجو
    ته فاتح پُراڻي ناهي ٿيندي،
    لاش پُراڻو ٿي سگهي ٿو”

    انساني سوچن ۾ ڪشيدگي ۽ ڇڪتاڻ
    زمانن پُڄاڻان هاڻ اهو بحث بلڪل چٽو، واضح ۽ ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪائنات جو وجود به “تضاد” تي بيٺل آهي، تنهنڪري هر عمل جو ردعمل هجڻ فطري عمل آهي. دنيا جا سمورا مسئلا، واقعا ۽ حادثا به ڪنهن نه ڪنهن تضاد جو نتيجو آهن. انهن معاملن جي تحقيق گهرائيءَ سان ڪري زميني حقيقتن کي باريڪ بينيءَ جي اک سان جانچي جونچيءَ ڳالهين جي ڳر تائين پهچڻ لاءِ عقل ۽ برداش جي اهم ضرورت هوندي آهي، پر ماڻهو مسئلن جي ڄار ۾ جڪڙجڻ بعد عقل، هوش، حواس وڃائي خطرناڪ “جذباتيت” جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي، اهو رويو حقيقت ۾ “چريائي” موت جي ديوانگي چئجي ٿو. چريائي يعني ذهني طور مريض بڻيل (ايب نارمل) ماڻهو ته پنهنجو به انت آڻي سگهي ٿو ته ٻي ماڻهو کي قتل ڪري سگهي ٿو. عام طور تي انسان پنهنجي علم، عقل ۽ شعور سان دنياداري سان نبري معاشرتي مسئلن کي حل ڪرڻ، سماجي ڍانچي ۾ پاڻ کي فٽ ڪرڻ لاءِ آڳاٽي زماني جي ارتقائي دؤر کان پتوڙيندو اچي ان ئي ڪشمڪش سان هن جديد زماني ۾ داخل ٿيو آهي. پر انسان دنياوي ڪاروهنوار ۾ مجموعي طور شديد گھوٽالي جو شڪار ٿيندو وڃي ۽ پنهنجن ئي پيدا ڪيل مسئلن جي خطرناڪ ڄار ۾ سلجهڻ بجاءِ الجهندو اچي غيرفطري موت جي راڪاس اڳيان پاڻ پيش ڪري ٿو. ذهني ڪشيدگي ۽ نفسياتي ڇڪتاڻ جو رويو هڪ حسين من رکندڙ انسان جي مزاج ۽ روين ۾ داخل ٿيڻ جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ سماج جو هڪ ذميوار فرد خوبصورت جيون جو انت آڻي موت کي گلي لڳائي هميشه لاءِ هن ڪائنات مان پاڻ کي فنا ڪرڻ لاءِ تيار ڪيئن ٿيو؟ هن جنت جهڙي حقيقي ڪائنات کي ڇڏي خيالي جنت خاطر “آپگهات” ڪري پاڻ سان گڏ ٻين لاتعداد ماڻهن کي به غيرفطري موت جي ننڊ سمهاري هن ڌرتيءَ کي دوزخ بڻائڻ جهڙو رهزنيت، سفاڪيت، درندگي، ظلميت جهڙو خطرناڪ خيال سندس نازڪ من ۾ ڪيئن داخل ٿيو؟ دنيا کي پگهر جي پورهئي سان ڪمائي کارائيندڙ نهايت مضبوط ماڻهو ۽ خدا جو دوست پورهيت غربت جي ازلي حالاتن اڳيان همت ڪيئن هاري خودڪشي ڏانهن وڌيو؟ دنيا جا نفسياتي ماهر ۽ مسيحا انهن سوالن جي جڙ تائين پهچي وڃن ته دنيا ۾ خودڪشيون به ختم ٿي وڃن. دنيا تان آپگهات جي طوفان جو عذاب ٽري وڃي، معصوم وقت کان اڳ يتيمي جي عذاب کان بچي وڃن، سهاڳڻين جي سينڌ ڪڏهن به ميري نه ٿئي، مائرن جون جهوليون خودڪشي جهڙن غيرفطري موت سبب ڪڏهن به خالي نه ٿين، وڻن ۾ ٽنگيل لاشن سبب ڳوٺن جي فضا ۾ سوڳواري هرگز نه هجي، ڪچن رستن تي ايمبولينس جا سائرن هينئون نه ڦاڙين، فقط انسان پنهنجي انسان ڀاءُ تي رحم ڪري، سندس ڏکن، سورن، عذابن ۽ تڪليفن کي گھٽائڻ لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار انسانيت جي ناتي ايمانداريءَ سان نڀائيندي انسان کي گھوٽالي مان ڪڍڻ جي پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري ۽ سندس ذهني ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگي کي گھٽائڻ لاءِ مرهم جهڙن نرم روين جو واهپو وڌائي ته دنيا جي لکين ذهني مريض بڻيل انسانن جا غيرفطري موت (خودڪشيون)، مڪمل ختم کڻي نه به ٿين تڏهن به آپگهاتن جي وڌيل شرح ۾ خاطر خواهه گھٽتائي ضرور ايندي. انسانيت جا عظيم ۽ اعلى قدر بچي سگهن ٿا.

    احساسِ ڪمتري جي سوچ
    عام طور معاشري ۾ انسان جي سماجي زندگيءَ جو ڪار وهنوار هڪٻئي جي ڏيٺ ويٺ جو نمونو ۽ مثال هوندو آهي. آسپاس جو سماجي ماحول، ريتون، رواج ۽ رسمون انسان جي زندگيءَ تي گھرا اثر ڇڏين ٿيون. اهي سموريون شيون جهڙي به رخ ۾ هجن پر سماج جي اڪثريت جو رجحان ان طرف وڌي ويندو آهي. پوءِ انهن حالتن سان واڳيل سموريون شيون وري به ٻن رُخن ۾ هونديون آهن. يعني ان معاشري جو سماجي رجحان هاڪاري هجي يا ناڪاري؟ ماڻهن جي سوچ عارضي طور ئي سهي پر اجتماعي خيالن ۾ هڪجهڙائيءَ جو شڪار ضرور ٿيندي آهي. ماڻهوءَ جي توجهه ۽ خيالن جو مرڪز بڻجي ويندو آهي. اهڙي ريت سماج ۾ سڀ ماڻهو هڪجهڙا امير ترين ۽ مال ملڪيت،سک ۽ آسائيشون رکندڙ نٿا ٿي سگهن، هر ماڻهو جا حالات ٻي ماڻهو کان مختلف آهن.انهن معاشي سببن جي ڪري جڏهن سماج ۾ اڻبرابريءَ جي رجحان کي فروغ ملي ٿو تڏهن وري به ماڻهن جي اڪثريت هاڪاري ڪوشش ڪرڻ بجاءِ پنهنجن ذهنن تي ناڪاري خيالن جو غلبو مسلط ڪري احساسِ ڪمتري جهڙي خطرناڪ ذهني ۽ نفسياتي ڇڪتاڻ جهڙن مرض ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي. نتيجي ۾ خواهشن جو قتل عام ٿيندو آهي، هن معاشري ۾ سکن ۽ آسائشن جو متلاشي ماڻهو آسون ۽ اميدون پوريون نه ٿيڻ ڪري احساس محروميءَ جهڙي ڪيفيت ۾ جڪڙجڻ بعد جيئن پوءِ تيئن نفسياتي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي سندس سوچ “آتم هتيا” جهڙي انتهائي قدم ڏانهن وڌندي آهي. احساس محرومي جو شڪار ٿيل ماڻهو جي مزاج، طبيعت ۽ خيالن ۾ روز به روز چڙ، تنگدلي، بخيلي ۽ جذباتيت جا خطرناڪ رويا غالب ٿيندا ويندا. نتيجو وري به “خودڪشيءَ” تي ختم ٿيندو. احساسِ محروميءَ جهڙو خطرناڪ نفسياتي مرض سماج جي مضبوط ماڻهن کي ٽوڙي ريزه ريزه ڪري ڇڏيندو آهي، پٿر جهڙو ماڻهوءَ به پنهنجي من اندر ۾ ٽُٽُي، ڀڄي، ڀُري، ڪري پوندا آهن. ماڻهو منجهه موجود مسئلن سان مقابلي جي فطري قوت فنا ٿيندي پنهنجي منطقي انجام طرف وڌندي آهي ۽ ماڻهو “آپگهات” ڏانهن وڌندو آهي. ماڻهو ختم ٿيندو آهي ته ساڻس لاڳاپيل مسئلا به ختم ٿي ويندا آهن. پر فقط هڪڙي ننڍڙي ڳالهه انسان کي آپگهات کان اڳ ذهن نشين ٿئي ته سندس نه پوري ٿيڻ جهڙين اجائن خواهشن ۽ پنهنجن ئي پيدا ڪيل مسئلن جو حل “خودڪشي” ته ڪنهن به ريت ناهي. يا هن پرٿوي تي ساڻس ڏاڍين ۽ جابر قوتن پاران ٿيل ظلم ۽ زيادتين جو انتقام “خودڪشي” ڪري پاڻ کان وٺڻ ڪهڙي عقلمندي ۽ سنجيدگي چئبي؟آتم هتيا ڪهڙي به ريت مسئلن جو حل ناهي.

    اضافي “احساس برتري” به حقيقت ۾ “احساسِ محرومي” آهي.
    توڙي جو انسان پنهنجن پنجن حواسن ٻڌڻ، ڏسڻ، چکڻ، سونگهڻ ۽ محسوس ڪرڻ ڇهڻ جهڙين حسن سان فطري طور نوازيل آهي. پر ڪي ڏاها ماڻهو چون ٿا ته ڪجهه انسانن ۾ ڇهين اضافي حس به موجودآهي،(جيئن پکي ۽ جانور، ماڪوڙين جي اها محسوساتي حس ڏاڍي تيز آهي، اهي حيوان زلزلي، طوفان ۽ بارشن سميت ٻين امڪاني قدرتي آفتن، تباهين ۽ ٻين لاحق خطرن کان اڳواٽ باخبر رهڻ، شور مچائي خطري جو سائرن وڄائي ٻين تائين پيغام پهچائڻ جي ڪم اچي ٿي) ان فطرت جي انهن شاهڪار تحفن جهڙن حواسن جي ڪري ۽ سوچڻ جي سگهه رکڻ سبب ئي هن ڪائنات ۾ انسان “اشرف المخلوقات” جو عظيم درجو ماڻي ويو. ان احساسِ برتري ئي انسان کي احساس ڪمتريءَ جهڙي نفسياتي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. پکين ۽ جانورن ۾ هيڻا ۽ ڏاڍا آهن، اهي هڪٻئي جو شڪار ٿين ٿا، اهي هڪٻئي جي خوراڪ به ٿين ٿا، معنى ته اهي جيوت به مسئلن جو شڪار آهن پر پوءِ به پکي ۽ جانور ته آپگهات نٿا ڪن. اعلى دماغ رکندڙ انسان ئي معمولي ڳالهين تي همت هاري موت کي ترجيح ڏي ٿو.

    خودڪشي ڪندي بچي ويل ماڻهن جا احساس
    خودڪشي جي موضوع سان منسلڪ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي اڃان به وڌيڪ تحقيق جون طلبگار آهن، هي ڪتاب لکندي مونکي انهن ماڻهن سان ملڻ جو موقعو به مليو جيڪي پنهنجي حياتي ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا خودڪشي جون ڀرپور ڪوششون ڪري چڪا آهن، پر کين وقت سر طبي سهولتون ملڻ ڪري سندن حياتي بچي وئي، انهن ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو ته هاڻ تمام خوش حياتي گھاري رهيا آهن، کين پنهنجي کنيل قدم تي شديد پڇتاءُ به ٿئي ٿو. انهن جو موقف آهي ته سندن خودڪشي وارو قدم نهايت ئي جذباتي ۽ چريائپ وارو هو. هنن کي پنهنجي حياتي بچي وڃڻ جي خوشي پڻ آهي. انهن کي زندگي سان پيار پڻ آهي. اڳتي هو ٻين ماڻهن کي نصيت ڪندي چون ٿا ته “اسان موت کي صفا ويجهڙائي کان ڏٺو آهي، هاڻ موت جو ڀيانڪ تصور ڏيل ڏڪائي وجهندو آهي” انهن کي ماڻهن کي حياتي جو حقيقي احساس به هاڻ ٿيو آهي ته زندگي ڪيڏي حسين آهي.

    حياتي بچڻ جي ڪا خوشي ناهي
    هن سماج ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جن زندگي کان هارجي، مايوس ٿي حياتي کي الوداع ڪرڻ خاطر چار چار دفعا خودڪشي جون ڪوششون پڻ ڪيون پر هر دفعي کين “اتفاقي زندگي” مليو وڃي، پر ان جي باوجود هر دفعي مليل حياتي جي حسين تحفي جي کين ڪا به خوشي ناهي، ڪو پڇتاءُ يا احساس به ناهي، اهي ماڻهو حياتي وري به ائين گھاري رهيا آهن ڄڻ حياتي ڪو بار هجي،جنهن کي لاهڻ جي ڪوشش ۾ هجن، زندگي کان وڌ موت جو ڳولا هجي، هو موت جي پويان ڀٽڪن ٿا. هو زندهه رڳو ان ڪري آهن ته کين غيرفطري موت سان جيون جو روشن ڏيئو اُجهائڻو آهي، بس انت آڻڻو آهي. اهڙي ذهنيت انتهاپسندي جي عروج تي پهتل هئڻ ڪري ڪنهن به ريت “عقليت” جي قريب ناهي هوندي.


    سماج جا زهريلا رويا

    سمورن جهونن جُڳن جو آڳاٽو ماڻهو، قديم دؤر کي ٿونا هڻي پوئتي ڌڪيندي ڇڏيندي، وڃي جدت ۽ مهذبپڻي جون سڀيتائون سرجيائين، ڌرتيءَ تي سندس اڙانگي، مشڪل ۽ ڊگهي پنڌ کيس ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار بڻائي ڇڏيو، جتان سندس ذهن مان ڪارائتيون سوچون پرلوڪ پڌارينديون ويون، سندس عقل ۽ ذهن “ڪُندذهينت” جو شڪار ٿي سازشي خيالن جو محفوظ مرڪز ۽ اعلى آماجگاهه بڻجي ويو. سندس سازشي ذهني نرسريءَ مان انيڪ خودڪش خيال ڦٽي نڪتا، جن سماج کي زهر آلوده ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. ڪائنات جو پُرامن انسان شدت پسند روين سان متعارف ٿيندي، مقدس“ماڻهپي” تي ڪارو داغ بڻجڻ لڳو، فطرت جي ازلي عاشق انسان “مصنوعيت” ۾ پناهه ڳولي کوهه جو ڏيڏر بڻجندو ويو. سندس عالم گيريت جي شاندار سوچ “آئون” تائين محدوديت جي سوڙهي دائري ۾ داخل ٿي خود انسان لاءِ قاتل، ويري ۽ جلاد بڻجي وئي. تاريخي طور تهذيب يافته ۽ ترقي پسند قومون به ان “انتهاپسندي” جي ذهني ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگيءَ مان آجيون ٿيڻ بجاءِ، ان سوچ جي لپيٽ ۾ اچي ويون. سطحي سوچڻ وارن ته سمجهيو پئي ته انسان وڏي ترقيءَ جي واٽ تي گامزن آهي، پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ ٿيندي وئي، انسان شديد گھوٽالي جي ور چڙهي ويو. ماڻهو جڏهن ماڻهپي جي دائري مان ٻاهر پير ڪڍي، ٻي ماڻهوءَ کي آپگهات ڪرائي جيون جو روشن ڏيئو اُجهائڻ لاءِ مجبور ڪري، ۽ هڪ انسان جي قيمتي حياتيءَ جي ڏور ٽُٽي پوي، عظيم انسانيت لاءِ اهڙي معاشري جو قيام ئي “امن” ۽ “انسانيت”جو اختتام چئبو. جنهن کي انساني تاريخ جو خطرناڪ الميو سمجهڻ گهرجي. ڪائنات ۾ عظيم انسان جو درجو رکندڙ انسان ڏسندي ئي ڏسندي زندگي جي تلاش ۾ ڏکوئيندڙ ۽ المناڪ موت جي شاهراهه تي پهچي ويو، جتان سندس واپسي ناممڪن بڻجي وئي، ڌرتيءَ جي گولي تي بم، بندوقن، مارٽر گولن، ڪلاشن، رائفل ۽ ڊورن سميت ايٽمي هٿيارن ذريعي دنيا جي مهذبپڻي جي لباس ۾ لڪل “ماڻهو” پاران، پنهنجي ٻي انسان ڀاءُ پويان موت جو راڪاس بڇيو ويو. پُرامن ڌرتيءَ تي آزاديءَ سان ساهه کڻڻ جي ڳولاءِ ۾ ڊوڙائي، ڀڄائي ساڻو ۽ هيڻو ڪري ٿڪايل، ٽُٽل، ڀڄي ڀور ٿيل مسافر ماڻهوءَ کي هٿيارن بجاءِ سماج جي روين قتل ڪري ڇڏيو. سندس خودڪشي ته موت جو هڪ ظاهري سبب آهي پر ان موت جو ڪارڻ ته هي انڌو سماج ئي ته آهي جنهن سبب ڪائنات جو معصوم انسان خنجر جي نوڪ ۽ ڀٽون جي ڏنگ جهڙن روين کان تنگ ٿي “آپگهات” ۾ سڪون ڳوليندي، تتل رڻ ۾ ڀٽڪي ويو. جتي واٽون ويهه ٿيون، ڪو ڄاڻان ڪهڙا پرين؟” جتان سندس واپسي دردناڪ خودڪشي جهڙي غيرفطري موت سان ٿي، ڌرتيءَ تي هڪ نئين قبر جو اضافو ٿئي ٿو. اوڇنگارن جا دردناڪ آلاپ اکين کي آلاڻ ارپين ٿا. پاڻ کي هن ڌرتيءَ جيڏي اجگر گولي تي بار سمجهي خودڪشي ڪندڙ فرد جي معصوم يتيمن جون ڪيهون ۽ ريهون دل ٻوڙي دردن جو نوحو بڻجي وڃن. ڏک سڄي ڪائنات ۾ هڪجهڙي عذاب جو ذائقو رکي ٿو.
    سماج جي اهڙن “تنگ نظر روين جي ڪري ماڻهو جو مقدس رشتن، پيچن ۽ ناتن تان ارواهه ئي کڄي ويو، ڇتي ڪُتي جي گِگ جهڙا رويا امن جي ڳولائو ماڻهو جي پويان پئجي ويا. انهن اُبت ڪنڊڻي جهڙن سماجي روين ماڻهو کي وچڙائي وڌو، انسان ذهني عذاب ۽ سخت مايوسي جو شڪار ٿي پاڻ کي قتل ڪرڻ لاءِ سنڀري پيو. شاندار زندگي جي تلاش ۾ ڪائنات جي سمورن ڏکن، تڪليفن، مصيبتن، عذابن سان جهيڙيندڙ مضبوط ماڻهو جي روح کي تير ۽ تلوارون زخمي نه ڪري سگهيون پر سماجي رويا موت جي ننڊ طرف گهلي ويا. معاشري جي انهن زهريلن روين کان ماڻهو اُڦٽ مريو پوي ٿو، ماڻهو خودڪشيءَ ڪري پنهنجو انت آڻي ٿو، انسان دشمن روين جي ڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو آتم هتيا ڪري ٿو ته اهو “آپگهات” سان گڏ “قتل” به آهي. ان “خودڪشيءَ” جي نالي تي ٿيل قتل جا سبب هن سماج ۾ ڳولبا ته آڙي پاڙي ۽ آسپاس مان ئي آساني سان ملي ويندا. پر اهي پيرا به ڊاهيا ويندا آهن جيڪي خودڪشين جي اصل ذميوارن جي درن تي کٽن ٿا. نازڪ ۽ نفيس انسان پاران پاڻ مارڻ لاءِ انتهائي قدم کڻندي خود کي گولي سان اڏائڻ، پنهنجو ميڄالو ڪارتوس سان ڪڍي ڇڏڻ، زهر پيئڻ، گلي ۾ رسو وجهي پاڻ کي ڦاسي ڏيڻ، باهه ڏيڻ، کوهه، واهه، درياهه ۾ ڦٽو ڪري ٻڏي مرڻ، ڪارو پٿر کاهي انت آڻڻ، خود کي جهير ڏيئي مارڻ جهڙا عبرتناڪ عذاب انسان فقط هن سماج مان تنگ ۽ مايوس ٿي قبولي سگهي ٿو! ان پويان هن سماج جي نااصافين جي وارتائن جون دل ڏاريندڙ ڪٿائون وابسطا هونديون آهن.پر هن ڪشمڪش جي ڪيشيدگيءَ واري زماني ۾ سندن ڏک، سور، درد، آلاپ ۽ ورلاپ ڪير ٻڌندو؟
    دردن جو داستانو ڀلا ڪير ٿو ٻڌي؟
    مصروف آ زمانو، ڀلا ڪير ٿو ٻڌي؟
    انتهائي قدم کڻي، موت جهڙي انتها جي درجي تي پهچڻ جو آپگهاتي فرد رڳو پاڻ ته ذميوار ناهي ؟ ان ۾ هن سماج جي روين به کيس بدترين موت جي ويجهو آڻي سوگهو ڪيو. ان دَلدَل ۾ نينهن کان چوٽيءَ تائين جڪڙجي ويو. جتي حياتي کائنس ڏور ٿي بيٺي، موت ئي کيس گلي لڳايو. اهڙي ريت انسان اجل جي جڪڙ ۾ چوکنڀو ٻڌجي ويو. پاڻ فنا ٿي جيون ساگر جي مسئلن کي منهن ڏيڻ بجاءِ، موت جي منهن ۾ هليو ويو. ڪائنات ۾ هڪ غيرذميوار ۽ فطرت جو انڪاري انسان ئي زندگيءَ جي حقيقت کي تسليم نه ڪندو. جيئن سک، آسائشون ۽ موت حياتيءَ جون حقيقتون آهن بلڪل ائين ڏک، سور، تڪليفون ۽حادثا زندگي جون چٽيون حقيقتون آهن.

    فراريت
    ماڻهو مايوسين جي ڪُن ۾ گوتا کائي هٿ ٺوڪين، زوري ۽ زبردستي مڙهيل سماجي ريتن، رسمن، رواجن جي هٿان به “آپگهات” جي نالي “قتل” به ٿيو آهي. پر زندگيءَ جي مُنڌل مسئلن کي پنهنجي گوناگون، شاهڪار ۽ دنيا جي زليل سماجي ڍانچن کي ڊاهي پٽ ڪري نئون سماج اڏڻ جهڙين مايه ناز صلاحيتن سان سلجهائڻ بجاءِ “آتم هتيا” ڪري پويان ڪائنات ۾ هڪ منفي پيغام ڇڏي ويو. دنيا جي ڪابه شئي ناممڪن ناهي، فقط مري وري ٻيهر زندهه ٿيڻ ئي ناممڪن عمل آهي. جيڪو انسان روز دهرائي پيو، ٻيهر زندهه ٿيڻ جي آس ۾ ڪيترن ئي وقت جي بادشاهن پنهنجا جسد خاڪ محفوظ بڻائي ڇڏيا. پر سندن اهي مميون هاڻ فقط عجوبن ۾ انسان جي ايندڙ نسلن لاءِ ٽڪيٽ تي ڏسڻ خاطر ۽ حيرت کائڻ لاءِ ميسر آهن. انهن آڳاٽن انسانن جا کِل جهڙا خيال ضرور رحم لائق ته هئا، پر مرڻ بعد وري زندهه ٿيڻ جي اميد زندگي سان پيار جو اعلى مثال آهي. جنهن کي قطعي طور نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري سماج جا حل طلب مسئلا زميني حقيتن جي آڌار تي حل ڪرڻ جي سگهه انسان ۾ تمام گھڻي آهي، پر ماڻهو ان لاءِ پتوڙڻ ۽جاکوڙڻ بجاءِ فراريت ۾ حل ڳولي ٿو. “فرايت” جو رستو به موت جي ويجهو گذري ٿو. فرد لاءِ “فراريت” مايوس حياتيءَ جو مثال آهي. فراريت پسند ذهن جي خيالن جي اُڏار به ڪنهن حد تائين “آپگهات” جهڙي غيرفطري موت تي کُٽي ٿي. سماج جو نهايت ئي ذميوار فرد به حياتي جي مسئلن کان منهن ٽار ڪري گوشانشيني اختيار ڪري، فراريت حاصل ڪندو آهي. هڪ فراريت پسند فرد جي ذهني حالتن جي عڪاسي روحل ڪالرو جي هن نظم جي سٽن ۾ پسي سگهجي ٿي؛

    اک صُبُح نه جانچيندي، ايئن پَري پَري ڇڏبي!
    هر اُمنگَ مُڱَ ٿي پئي، دل کڻي ڏَري ڇڏبي!
    ڪائنات جي خالي، جاءِ ڪجھه ڀَري ڇڏبي!
    رات آخري آهي، خود ڪشي ڪَري ڇڏبي!

    “فراريت” زندگيءَ جي حسين رنگن کي طلاق ڏيئي ڇڏيندي آهي. ٻُسي حياتي تعميري سوچن جو ڊيٿ وارنٽ آهي. جيڪا زندهه انسان کي هن سماج ۾ زندهه لاش بڻجي گهلجڻ تي مجبور ڪري وجهندي آهي. فراريت جي جيون ۾ مذهبي جنونيت، انتهاپسندي ۽ عقيدي پرستيءَ جا گس به نڪرن ٿا. جيڪي معاشرتي چوواٽي تي سماج جي هڪ سالم فرد کي روڳي بڻائي پاڻ ڏانهن ڇڪن ٿا. سڪون جي ڳولا ۾ زندگيءَ جي راهه جو ٿڪل مسافر ڪهڙو به رستو اختيار ڪري سگهي ٿو؟

    تنهائي ۽ ويڳاڻپ
    زمانن کان وقت ۽ حالتن سان جهِڙيندڙ انتهائي مضبوط ماڻهو به سماجي روين جي تيرن، مقدس رشتن جي ڌوکين ۽ دولابن، پنهنجتن جي ويساهه گهاتين جي ڪاتين هٿان ڪُسجي، تنگدليءَ سان مايوسيءَ جي درياهه ۾ لڙهي زهر جهڙي تنهائي، اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار بڻجي ويندا آهن. “ويڳاڻپ” هن ڪائنات جو وڏو عذاب آهي. اها پڻ انسان جي قاتل آهي. محبتن جي ڌاڳي سان پريت جا پرويل مقدس رشتا، دوست، احباب، محبوب، محسن، پاڪ پويتر ناتا زندگي ۾ بي معنى ٿي وڃن ته ان ذهني ويڳاڻپ جو شڪار بڻيل فرد وٽ هڪ حسين حياتي به بلڪل بي معنى بڻجي ويندي آهي. حسين ڪائنات ۾ جيون ساگر جا سمورا حسين رنگ ڦڪا ٿي ويندا آهن. جنهن جو نتيجو “آپگهات” تي انتم ٿئي ٿو. هن پرٿوي تي ويڳاڻپ جهڙي عذاب هٿان “آتم هتيا” ڪري قتل ٿيل ماڻهن جو تعداد ڪروڙن ۾ هوندو. جتي رشتا ۽ ناتا ڀرجهلا بڻجي آٿتون آڇين ٿا اُتي اهي ئي رشتا ڪڏهن ڪڏهن رت جي رشتن جو به تقدس پائمال ڪري رشتن جي مقدس اعتماد کي ٽوڙي ماڻهو جي من کي ٻاري وجهندا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو جي اڇي کير جهڙي من اندر ۾ نفرت جا جذبا پلٽي ويندا آهن. جيڪي ويڳاڻپ جي بنواس ۾ ڀٽڪائين ٿا. اها ويڳاڻپ ڪنهن حد تائين خودڪشي جو پهريون ڏاڪو به چئي سگهجي ٿي. جيئن سلو پوائزن به آخر ۾ فطري موت جا آثار پڌرا ڪري ٿو پر حقيقت جي اک سان ڏسبو ته اهو به “آپگهات” ئي آهي. “ويڳاڻپ” ماڻهو مان ذهني صلاحيتون کسي کيس اڌ چريو ته اڳ ئي ڪري ڇڏيندي آهي، رهيل ڪسر وري “ويڳاڻپ” جي آڙ ۾ ڪيل منشيات جو بي انتها استعمال به آهستي آهستي خودڪشيءَ جي سفر تي پلاڻي آڻي ٿو بيهاري. مسئلن جا سائنسي مڪمل حل ڳولڻ بجاءِ پاڻ کي خطرناڪ منشياتي نشن جي حوالي ڪندڙ فرد شراب، چرس، ڀنگ، ڏوڏي، آفيم، ڪوڪين، سگريٽ ۽ نشي آور انجيڪشن تائين پاڻ کي ويڳاڻپ کان بچائيندي بچائيندي موت جي ويجهو آڻين ٿا. اهڙي قسم جي تنهائي ۽ ويڳاڻپ جي شڪار ٿيل فرد جي حياتي موت جي پنڌ ڏانهن روان دوان هوندي آهي، جنهن کي پڻ “آپگھات” ڏانهن وڌڻ جو شروعاتي قدم ۽ عمل چئي سگهجي ٿو.


    انساني قدرن جو انت




    ڪائنات مان محبت، پنهجائپ، همدردي، ٻاجهه ۽ قربتن جي ڏڪار انساني قدرن کي پاڙان پٽڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي آهي. محبوب احساسن جي قتل، انسان کي آپگهات ذريعي ماري ڇڏيو. ماڻهو هن وسيع ڪائنات ۾ پنهنجي من جي ڌرتيءَ تي اجائي ۽ بي مقصد سوڙهه محسوس ڪرڻ لڳو آهي.انسان مان برداش جي قوت سڪڙجي پنهنجي منطقي انجام کي ويجهي ٿيندي وڃي. پيار، امن، پاٻوهه، سڪ ۽ اڪير جا احساس به انسان جي ذهن سان گڏ بدلجندا وڃن، ڪائنات جي عقل واري جيوت، عظيم انسان جو اضافي شاهڪار فطري تحفو، “احساسن جي محسوساتي حس” ڪڏهن کان ناڪاره بڻجي چُڪي آهي. “انسانيت جا قدر” موڪلائيندا وڃن. ماڻهوءَ کي حسين زندگيءَ بجاءِ موت ڏانهن وڌڻ جي ايمرجنسي گھڻي نظر اچي ٿي.
    هر شخص ڪهاڻي آ،
    احساس بنا ماڻهو
    اخبار پُراڻي آ.
    ڪائناتي حسناڪين جي سمورن شاهڪار فطري رنگن جي خوبصورتين کي پسڻ لاءِ، انساني دلين جون اکيون ئي ته گھربل هونديون آهن، پر جڏهن خود انسان جي من اندر جي فطري اک تي ڪارو موتيو ڦري وڃي، ۽ کيس فنا ڪري ڇڏي ته وٽس ڪائنات جي حُسن و محبت جو احساس ته مري ويندو آهي پر سندس اندر مان عظيم انسانيت جا سمورا هاڪاري جذبا ۽ قدر پڻ موڪلائي ويندا آهن. انسان احساسِ محرومي جي رڻ پٽ ۾ رُلي پنهنجي حسين زندگي جا انسانيت ڀريا احساس ترڪ ڪري اڻ ڄاتل منزل تي ڀٽڪندي ڀٽڪندي نيٺ به خودڪشيءَ جهڙي ڪرڀناڪ موت ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي.

    نازڪ مزاجي ۽ معصوميت
    انسان جو جيون ساگر هن ڪائناتي نظام سان منسلڪ آهي. تنهنڪري ساڻس لاڳاپيل حالتون به سماج جي محور ۾ گردش ڪن ٿيون. چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کانسواءِ ماڻهن جي اڪثريت چاهي ڪيترا به وس ڪري پر هن سماج جي ڄار ۾ سڌيءَ يا اڻ سڌي طرح سوگهي ضرور هوندي آهي. تنهنڪري حياتي جي ڏکن، ڏولاون، گرمين، سردين، خوشين، غمين، وسڪارن ۽ ڏڪارن لاءِ انسان کي ذهني طور اڳواٽ تيار رهڻ گهرجي. زندگي جي گاڏي کي “گهلڻ” انتهائي ڪريل ۽ نيچ سوچ کي ختم ڪري حياتي کي ڀرپور گذارڻ جي هرممڪن ۽ منفرد ڪوشش ڪرڻ لاءِ پنهنجي مزاج کي وچٿرو ۽ درميانو رکڻ گهرجي. هن دنيا ۾ جتي پٿر جهڙا جذبا، زهر جهڙا احساس ۽ تلوار جي ڌار جهڙا رويا رکندڙ ماڻهو موجود آهن، ته اتي شرم ٻوٽڙي جهڙا نازڪ، نفيس مزاج ۽ معصوم ماڻهو به موجود آهن. دل جي سچاين سان محبتون ارپيندڙ ماڻهو سازشن جو فلسفو ناهن سمجهندا، گلابي من جي احساسن سان دنيا کي محسوس ڪندڙ ماڻهو ۽ مُرڪن جا مشڪور ماڻهو هن ڪائنات کي ڪبوتر جي اک سان ڏسن ٿا. پر افسوس معاشري جون سازشي ۽ شڪاري رت ڀريل اکيون سندن ڪڍ لڳي انسانيت جي معصوميت جو قتل ڪن ٿيون. نازڪ ماڻهن جي من اندر جي فطري معصوميت جو گلو گُھٽيو ويو، ذليل حالتون پيدا ڪري کين “آپگهات” لاءِ مجبور ڪيو ويو، حسين ڳچين ۾ رسا پيا، مقدس رشتن خودڪشين ۾ پناهه ڳولي، جيون جا حسين سپنا وڻن ۾ ٽنگجي ويا. خودڪشي نازڪ ماڻهن جي دلين ۾ گھر ڪري ويهي رهي. دنيا جي نازڪ مزاج نفسياتي مريض بڻيل معصوم ماڻهن کي ته سهارن جي ضرورت هوندي آهي پر هتي هن پٿر جهڙي سماج ۾ سمورا ڀرجهلا عظيم رشتن کي ڀُلجي وڃن ته پوءِ انهن نازڪ ۽ معصوم ماڻهن وٽ هن انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي سماج سان مهاڏو اٽڪائڻ، پنهنجو وجود رت ڪرڻ، ذهني ٽارچر سهڻ، حياتيءَ ۾ زلالتن جا عذاب برداشت ڪرڻ بعد کين “آتم هتيا” ئي آخري حل سُجهي ٿو

    “مايوسي” به خودڪشيءَ جو شروعاتي ڏاڪو آهي
    اسلام ۾ مايوسي “ڪفر” ۽ خودڪشي “حرام” قرار ڏنل آهي، جڏهن ته ٻين مذهبن ۾ “مايوسي ۽ خودڪشي” بابت اهڙو مضبوط دليل ۽ ذڪر ورلي ملي ٿو. اسلام ۾ مايوسيءَ کي ڪفر قرار ڏيڻ ۽ مايوسي کي رد ڪرڻ سان گڏ زندگيءَ جي خوشين جي اهميت جي حوصلا افزائي جو درس آهي. ماڻهو جي من اندر مان مايوسين جو اختتام حسين زندگي جي انقلاب جي نويد آهي. حالتن سان مقابلي کان اڳ سمورا هٿيار ڦٽا ڪرڻ، همت هارڻ ۽ مايوس ٿيڻ سان گڏ ٻين لاءِ پڻ مايوسي جهڙو خطرناڪ ماحول جوڙڻ جهڙو عمل نهايت ئي بزدلاڻي حرڪت آهي. مايوسي جي ماحول جا خطرناڪ نفسياتي ڀوڳنائن جا اثر ايندڙ نسلن کي صدين تائين ڀوڳڻا پون ٿا. اهڙي مايوسي جي نفسيات قومي شعور کي به ذهني غلامي جي اونڌاهي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيندي آهي. مايوسي جهڙي نفسياتي ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار انسان هن معاشري ۾ ڪهڙو تعميري ڪرار ادا ڪري سگهندو؟ اهڙي ڪشيدگي ۽ رحم جوڳي صورتحال ۾ ظالم سماج هٿان مايوس ڪيل ماڻهو پاڻ کي ڪيئن موافق ۽ ڪارائتو سمجهي جيئڻ جا جتن ڪندو؟ اُن ڳنڀيرتا ۾ کيس وسيع قلب، محبت ڀريا رويا ۽ رشتا، علم، شعور، عقل، گھري سوچ ۽ مطالعو ئي مايوسيءَ جي ڪُن مان ڪڍي هڪ نئين ۽ آزاد حياتيءَ لاءِ اتساهه پيدا ڪري سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ “مايوسي” جو ذهني ۽ نفسياتي مرض ڪائنات جي هڪ اهم ۽ قيمتي حياتي کي “خودڪشي” ڏانهن مائل ڪري سگهي ٿو.

    ذهني انتها پسندي ۽ خودسوزي جا خيال
    معاشري جي پيڙهيل انسان جي سماجي زندگيءَ سان لاڳاپيل اڻ ڳڻيا مسئلا بک، بيروزگاري، بدحالي، ننڌڻڪائپ، لاوارثي، اڻبرابري، مسئلن جا انبار، روين جا تير، ماڻهو منجهه موجود خودساخته مقابلي جي فطري صلاحيتن جو غيرفطري ۽ زميني حقيقتن جي بلڪل اُبتڙ استعمال، يا وري انهن صلاحيتن جو ناڪاري انداز ۾ ڪتب، سياسي، سماجي، ذاتي، عقيدائي ۽ مذهبي طور به ذهني انتهاپسنديءَ جو شڪار ماڻهو مڪمل طور نارمل قطعي طور نٿو چئي سگهجي، سندس انتهاپسندي ۽ جنونيت جو نفسياتي دٻاءُ هڪ ڏينهن کيس حياتي جي حسين وادي ۾ ڪوهين ڏور کڻي وڃي موت جي ڪاري اونڌاهي ٻاٽ ۾ اڇلائيندو جتان واپسي جي راهه نٿي نڪري. “انتهاپسندي” جي باهه ۾ سڙڻندڙ ماڻهو مايوسين جي اونهين کاڻين ۾ غرق ٿي پاڻ فنا ڪري ڇڏيندا آهن. هن سماج ۾ مسڪين طبقي سان تعلق رکندڙ “ذهني انتهاپسندي” قبولڻ وارو اهو فرد به ايترو ئي ذميوار آهي جيترو هي جذبن جو ڪاروباري سرمائيدار سماج به آهي. جنهن سماج هڪ ڪائنات جي مڪمل آزاد انسان کي غلامي جو ڳاٽ ڳچي ۾ وڌو، جنهن جابر سماج ڌرتيءَ جي هڪ پُرامن ماڻهو کي انتهاپسندي جو عذاب ارپيو، جنهن پورهيت دشمن سماج سندس سمورا انساني آزادي جا بنيادي ۽ جمهوري حق غصب ڪيا، جنهن سفاڪ معاشري ساڻس درندگي جا هزارين غضب ڪيا، جنهن وڏيراشاهي سندس پگهر جي پورهئي جي ڪمائي تي پلجي پنهنجا ته ڀڀ ڀريا پرهڪ مسڪين جي گرهه کسيو، حوسي معاشري جي ظالم بگهڙن هٿان سندن اکين اڳيان عزتون تين وال ڪيون ويون، سماج پاران آڇيل انهن ظلمتن، ناانصافين، دردن، وحشتن جي وارتائن، ڏکن، انيائن، ظلمتن ۽ المين جو شڪار ماڻهو وٽ ٽوٽل ٽي رستا بچن ٿا. هڪ ته ظالم سماج ۾ پاڻ سان ٿيل بي واجبين خلاف شعور، برداش، فهم ۽ فڪر سان هٿياربند ٿي پُرامن جمهوري جدوجهد ذريعي قانوني جنگ جوٽي پوءِ کيس جڏهن به عدل ۽ انصاف ملي! ٻيو رستو يا ته پلاند ۽ انتقام جي آگ ۾ بغاوت ڪري ڏوهن جي دنيا ۾ پير پائڻ آهي. اهڙا مثال هن سماج ۾ هزارن جي تعداد ۾ ملندا. جنهن ۾ ڌاڙيل محب شيدي، رامجي ڪولهي، ڪرنل شيخ عرف صالو ڀيل، ڀارتي ڌاڙيل ويرپن، ڦولن ديوي سرفهرست آهن. جن پاڻ سان ٿيل جبر جي انتقام لاءِ پڻ دهشتگردي جو خطرناڪ درياهه پار ڪري وري به گوليءَ جي “آپگهات” جهڙي موت کي چونڊيو. انهن وارتائن جو تفصيلي ذڪر ٻي ڀيري ڪبو. هتي “ذهني انتهاپسندي” جو شڪار ماڻهوءَ وٽ ٽيو رستو فقط “خودڪشي” جو ئي بچي ٿو. هن سماج جو فرد پاڻ سان ٿيل انيائن جو حساب چڪتو ڪرڻ خاطرهن سماج سان قانوني ۽ جمهوري جنگ جوٽڻ، يا انتقام جي باهه ۾ خود کي رهزن ڏوهاري بڻائي پلاند ڪري گوليءَ جي موت سان مرندي به سڪون محسوس ڪرڻ ۽ آخري رستو آهي خاموشيءَ سان پنهنجو سِر وڃائي “آپگهات” ڪرڻ. پر هتي گھڻو ڪري آخري رستو اختيار ڪرڻ جو رجحان تمام وڏي پئماني تي موجود آهي. جنهن سبب هتي “خودڪشين” جي شرح روز به روز وڌندي وڃي. لاتعداد ماڻهو موت جي هن غيرفطري، غيرانساني، غيرشرعي، غيرمهذبي، غيرمذهبي رستي کي اپنائي پاڻ کي تيزي سان فنا ڪري رهيا آهن. هر عمر جي ماڻهوءَ جو سوچون محدوديت جو شڪار بڻجي، صرف موت تي کٽن ٿيون. انساني زندگين جو بي دردي سان زيان ٿيڻ هن ڪائنات جو وڏو سانحو آهي.

    ذهنيءَ صلاحيتن جو ڏڪار
    حسين حياتي جا سوين خواب کڻي معاشري جي سوڙهي گھٽيءَ ۾ ڦاسي پيل انسان، زمانن کان مسئلن سان لڙندو، جهڳڙندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو پنهنجي منطقي انجام ڏانهن وڌي پيو ان پنڌ ۾ سندس سوچون به وڌڻ ويجهڻ بجاءِ سُسي ۽ سڪڙجي ويون. جتان زندگيءَ جو فڪر ۽ فلسفو سندس هٿن مان ڇڏائجي ويو. سندس ڳچي ۾ آپگهات جو ڦاهو پئجي ويو، انساني دماغ جون شاهڪار ذهني صلاحيتون هن سماج کي انقلابي نموني سان بدلائڻ، هڪ نئون سماج اڏي، انساني قدرن جي عظيم معاشري جي جوڙجڪ ڪرڻ، هڪ نئون آدم دوست نظام ٺاهڻ، رت جي خطرناڪ راند کي سماپت ڪري، عالمي انساني ڀائيچاري جو محبتن ڀريو مانڊاڻ اڏڻ، محبتون ونڊڻ بجاءِ نفرتن جو ٻج ڇٽيو ويو! ڪائنات ۾ انسانيت جي عدم موجودگي هنن سانحن سان سروڪار رکي ٿي. جتي انساني دماغ جون هاڪاري سوچون ۽ صلاحيتون، پڻ حياتيءَ ۾ ڪاري ڏڪار جي ور چڙهي وينديون آهن. انساني ذهن جون شاندار هاڪاري صلاحيتون پل کن جي سوچ ۾ هن حسين دنيا کي اڃان به وڌيڪ جنت بڻائي سگهن ٿيون، پر جڏهن اهي ئي سوچون شيطانيت (نيگيٽو) جو اثر وٺڻ شروع ڪن ته دنيا کي دوزخ بڻائڻ ۾ چند لمحا لڳن ٿا. هيروشيما ۽ ناگاساڪي، پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ ان جو واضح مثال آهن. بلڪل اهڙيءَ ريت سماج جو هڪ عام فرد به ذهني صلاحيتن جي ڏڪار جي ور چڙهڻ بعد ائين ئي سوچي ٿو. هو آپگهاتي بڻجي خودڪش حملي سان هزارين قيمتي انساني جانيون به ضايع ڪري سگهي ٿو ، ڇو ته وٽس زندگيءَ جي اهميت ۽ افاديت ذهني صلاحيتن جي ڏڪار سبب سوچون محدوديت جي ور چڙهيل آهن.


    ذهني، نفسياتي دٻاءَ ۽ پريشانيون

    خطرناڪ ذهني ۽ نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو، هن معاشري کان مڪمل طور لاتعلق بڻجي پنهنجو پاڻ کان به منهن موڙي ويندا آهن. اهي ماڻهوءَ هن دنيا ۾ پاڻ کي زندهه هوندي به فنا سمجهن ٿا. نفسياتي بيمارين ۾ خودڪشيءَ ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا ميڊيا تي اچڻ ڪري منظرعام تي اچي ظاهر ٿيندا آهن، پر گھڻا اهڙا واقعا دفن ڪيا ويندا آهن. جنهنڪري ان قسم جا مسئلا عام خلق جي اک کان بچڻ سان گڏ قانون کان به بچي ويندا آهن. ان سان گڏ سماج جي ذميوار فرد جي پنهنجي معاشري کان لاتعلقي به اهڙن واقعن کي جنم ڏي ٿي.
    سماجي روين جي بيحسي ۽ انساني قدرن جي ڏڪار سبب “خودڪشي” جهڙي اهم مسئلي تي ماڻهن جو ڌيان گھٽجي وڃڻ ڪري سماج جي ذميوار ماڻهن به ان معاشرتي عذاب تي سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڌرتيءَ جي امن کي ڏنل تيلي ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪي پئي آهي، وڻن ۾ لوڏ بجاءِ لاش ٽنگجن ٿا. ڌرتيءَ ماتا غيرفطري موت جو شڪار ٿيل معصوم ماڻهن جا لاش پاڻ ۾ سمائيندي رهي ٿي، ڌرتيءَ جي گولي تي رڳو ماڻهو وڃي رهيو آهي باقي ماڻهپي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، ڪائنات ۾ انسانيت کي جتي فقط ماکي جهڙن مٺڙن روين جي گھرج هئي اتي انسان آپي مان ٻاهر نڪري ويو ۽ سندس آواز زهر ٿي ويا. انسان پنهنجي شاندار ذهني صلاحيتن سان ڪاري اصيل نانگ جي زهر جي ويڪسين سان گڏ ڇتي ڪتي جي چڪ جي ويڪسين ته ايجاد ڪري ماڻهو کي خطرناڪ زهر ۽ ڇتي ڪتي جي جراثيمن کان ته بچائي ورتو پر افسوس انسان هٿان انسان جي ڏنگجڻ جي ويڪسين ٺاهڻ جو خيال سندس ذهن ۾ نه آيو. ڪائنات جو هڪ نازڪ ۽ حسين من رکندڙ ماڻهوءَ ٻي ماڻهوءَ جي زباني زهر ۾ سموري حياتي تڙپندو رهيو، جيئندو رهيو، بي موت مرندو رهيو، پر کيس ڪير به انسان جي ڏنل ذهني ۽ نفسياتي عذاب مان بچائي نه سگهيو. انسان پاران انسان کي عطا ڪيل عذاب، معاشري کي شاندار شعوري سگهه ارپڻ بجاءِ ذهني مريض بڻائي ڇڏيو. سماج ۾ محبت ۽ ماڻهپي جي ڏڪار ڪر کنيو، نفسياتي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جو تعداد آخري حد کي پار ڪري ويو، چرين جون اسپتالون انسانن سان سٿجي ويون، نفسياتي اسپتالن ۾ ذهني مريضن جي گنجائش ختم ٿي وئي، نفسياتي ماهر ڊاڪٽرن جو تعداد به فيس سان گڏ ٻيڻو ٿيندو ويو. اسٽورن تي مصنوعي ننڊ (غشي) جون گوريون بليڪ تي وڪامڻ لڳيون. رشتن تان اعتمادن جو سج لهي ويو، رشتن ۽ روين جا “اڌ مئا ڪيل” ماڻهو گورين، دوائن، نفسياتي ماهر ڊاڪٽرن،ٽوڻن، ڦيڻن، فقيرن، ڀوپن، درگاهن ۾ زندگيءَ جي سڪون جي ڳولا ۾ ڀٽڪن ٿا، سڪون جي ڳولا جا اهي پنڌ جڏهن بي لاڀ بڻبا آهن تڏهن جيون سان نفرت ۽ موت ڏانهن وڌڻ وارو انتها پسنداڻو خيال بار بار حسين حياتيءَ جي ڀر ڏيئي پيو گذرندو آهي، نيٺ کسي جهپي ويندو آهي. خودڪشيون ڪندڙ ماڻهو جيون ساگر جي مسئلن جو حل “خودڪشي” ۾ سمجهي، هميشه لاءِ حياتيءَ جو خوبصورت ۽ روشن ڏيئو اُجهائي، پنهنجن پيارن کي دردن جي انڌيرن ۾ ڌِڪي ڇڏيندا آهن. پر دنيا جي هڪڙي حقيقت هي به آهي ته سماجي روين هٿان زخمي ٿيل نفسياتي ۽ ذهني مريض ماڻهن کي علاج سان گڏ قرب، محبت، پيار ۽ پنهنجائپ جي حسين روين جي ضرورت هوندي آهي. جيڪي رويا ڪشمڪش ۽ ذهني ڪشيدگيءَ جي حياتيءَ ۾ آٿتون ارپين ٿا، محبتن جا جذبا جاڳائين ٿا ۽ زندگي سان پيار سيکارين ٿا. محبتن جو عظيم ۽ نازڪ جذبو زندگي جي اهميت سمجهائي ٿو. ڇو ته خودڪشين کان فقط محبت ڪندڙ رويا ئي انسان کي بچائي سگهن ٿا. جيڪي مايوسين ۾ به من مهڪائن ٿا.

    خودڪشي :مقدس رشتن جي لاتعلقي
    دنياداريءَ ۾ انسانن جو پاڻ ۾ رشتن جي ڏور ۾ ڳنڍجي وڃڻ، هڪڙو فطري عمل به آهي، ته معاشري جا ٻيا ڪيترائي لڳ، لڳاپا، ناتا، رشتا ۽ واسطا ماڻهو خود به جوڙيندو آهي، انفراديت ۾ جوڙيل رشتا اجتماعيت ۾ بدلجي ويندا آهن. يعني ڪنهن هڪ فرد سان رشتي ۾ لاڳاپجي وڃڻ بعد ان جو ٻين خانداني ۽ قبيلي جي رشتيدارن سان ناتو ٿي ويندو آهي. ائين اهو رشتو ٻن فردن جي وچ مان نڪري سماج جي گھڻن ماڻهن تائين پکڙجي ويندو آهي. پر ان کان علاوه هن ڪائنات ۾ رت جو رشتو وڏي اهميت رکي ٿو. جنهن رشتي کي مهذب دنيا جا ماڻهو مقدس ڪوٺين ٿا. ان ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ جي ڪا ذري به گنجائش ناهي، واقعي دنيا ۾ ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ، ڏاڏو، ڏاڏي، زال، مڙس، نانو، ناني وغيره جا رشتا عظيم ۽ مقدس آهن. پر ڪل جڳ جو زمانو نهايت ئي ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگيءَ جي صورتحال کي پيدا ڪندڙ آهي. جيون ساگر جا سُک ۽ آسائشون حاصل ڪرڻ جو جنون، مايا جو موهه، لوڀ ۽ لالچ مقدس رشتن جي عظمت کي ناس ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. رشتا بازار جو “واپار” بڻجي ويا. دنيا جي عالمي هٽ تي مقدس رشتن جو اگهه ڪري ويو، محبوب رشتا سماج جي ساهميءَ ۾ تورجي، تڪجي ۽ وڪجي پڌرا ٿي پيا، هٿ ٺوڪيي مهذبپڻي جي عالمي منڊي ۾ انسانيت جو قدر مسلسل مندي جو شڪار آهي. ڪائنات جي هڪ معصوم انسان جو مقدس رشتن تان اعتماد کڄي وڃڻ هن ڪائنات جو عظيم سانحو آهي. رت جي رشتن کان لاتعلقي جو عمل به ماڻهو جي ذهن ۾ ويڳاڻپ جا خيال برپا ڪندو رهي ٿو. مسلسل مقدس رشتن جي بيوفائي، نظرانداز ڪرڻ، ڌوکيبازي ۽ دولاب، اڻبرابري، اهميت نه ملڻ، حق تلفي ٿيڻ، شفقت ۽ رهنمائيءَ جي روين جي کوٽ ماڻهو جي مزاج ۾ تنگدلي، جذباتيت، ذهني ۽ نفسياتي ڇڪتاڻ کي جنم ڏي ٿي. جتان من اندر ۾ نفرتن جا زهريلا ٻج ڇٽجي ويندا آهن ۽ نفرتن جا ٿوهر حساس دلين جي ڌرتيءَ تي وڌي ويندا آهن ته ماڻهپي جا پاڪ ۽ پويتر گُل سُرخ گلابن جي موسم ۾ ڪاراٺجي ويندا آهن ۽ ماڻهو جي نازڪ من ۾ احساس محرومي جا خيال مقدس ناتن لاءِ لاتعلقي جو اشتعار بڻجي ويندا آهن. “مقدس رشتن جي لاتعلقي” جو عمل خودڪشين جي شرح وڌائڻ ۾ به اهم سبب سمجهڻ گھرجي.هن ڪائنات ۾ ڪيترن ئي اهم انسانن جي “آتم هتيا” ذريعي ٿيل دردناڪ غيرفطري موت جا سبب رشتن جي بي قدرائي، ويڳاڻپ ۽ محبوب سٻنڌن جا آلوده رويا آهن، جيڪي ساهن ۾ زهر ڦوڪيو وڃن.

    محبت ۾ ناڪامي سبب ٿيندڙ خودڪشيون
    محبت جو جذبو دنيا جي ڪنهن به خول ۾ نٿو لڪائي سگهجي، اهو حسين جذبو “نانگن” ۾ به پڌرو ٿيو پوي. انسان ته وري به اشرف المخلوقات آهي. تنهنڪري ماڻهو لکن سالن بعد وحشت ۽ درندگيءَ جي ڪيفيت مان نڪري جڏهن ماڻهپي جي دائري ۾ داخل ٿي پنهنجي ٺاهيل معاشرتي معذبپڻي ڏانهن وکون کڻڻ لڳو ۽ جڏهن ڪائنات کي انسانيت جي اک سان ڏٺس تڏهن ماڻهو هن دنيا جون ڪروڙين حُسناڪيون پسيون. انسان پنهنجي ماحول ۾ شڪار، قتل و غارت، رت وهائڻ جي راند کانسواءِ روح کي راحت ڏيندڙ رشتا، دل ڌوڏيندڙ اکيون، انتظار جي آگ ۾ ساڙيندڙ بيقراريءَ جي باهه جهڙا لمحا، ڏک،سور، درد جي اڙانگن پيچرن تي “مرد ۽ عورت” هڪٻئي لاءِ آٿت بڻجي ويا. عورت ماءُ جي روپ ۾ کيس جنم ڏنو، عورت ڀيڻ جي روپ ۾ مقدس پيار ڏنو، عورت محبوبه جي روپ ۾ محبتون ڏنائين، عورت زال جي روپ ۾ دنيا جي گرمين سردين ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺي ۽ پاڻ ارپيائين. بلڪل “مرد” به عورت لاءِ ڀاءُ بڻجي ڀرجهلو ٿيو ، پيءَ بڻجي شفقت ارپيائين ۽ محبوب بڻجي پيار ڏنائين.
    انسان وحشياڻي وارتائن مان فرست ملندي ئي پيار، محبت ۽ قرب جي احساساتي جذبن جي شديد کوٽ محسوس ڪئي، جنهن لاءِ کيس خالص ۽ نج محبت ڀرين احساسن سان ٽمٽار، ٻي انسان جي ضرورت پئي. انهي عمل عورت ۽ مرد کي هڪٻئي جي ويجهو آندو. محبت ۽ عشق ۾ هڪٻئي کي ماڻڻ جي آرزو انتها جون حدون پار ڪري وئي. محبت ۾ “حاصلات” ئي سندس منزل هوندي آهي. برابر دنيا ۾ “ناممڪن” به ڪا شئي ناهي پر سڀ شيون انسان جي وس ۾ به ناهن. تنهنڪري “حاصلات” جي “جنون” ۾ مبتلا “انسان” کي جڏهن “ناڪامي” جو تصور اکين اڳيان آيو تڏهن سندس هوش خطا ٿي ويا. محبت جي ڪمال جو اهو زوال وارو منظر سندس اکين قبولڻ کان “انڪار” ڪيو. ان انڪار ئي کيس جيئڻ بجاءِ “آتم هتيا” لاءِ اتساهيو. عشق ۾ ناڪام ٿي خودڪشي ڪرڻ جا هتي ڪيترائي مثال موجود آهن.ڪيتريون ئي خبرون ميڊيا جي زينت بڻجن ٿيون. ان واقعن سان لاڳاپيل ڪيتريون خبرون به ميڊيائي منظر عام تي اچڻ کان اڳ ئي قتل ڪيون وينديون آهن.خودڪشي ڪندڙ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اهي خيال گردش ڪندا آهن ته “هتي سندس قدر ناهي هن جي مرڻ بعد لاڳاپيل رشتيدارن کي سندس وڏو قدر ٿيندو، سندس وڇوڙي بعد انهن جو گذارو ممڪن نه ٿيندو” ٻي طرف وري هي خيال به سندس ذهن ۾ ايندا آهن ته “خودڪشيءَ جي رڳو ڪوشش ڪيان ٿو، رت جا رشتيدار گھرڀاتي پاڻهي بچائي وٺندا، اهڙي ڪوشش بعد سندن وڏو قدر ڪيو ويندو” پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙي احتجاجي چتاءَ ڏيڻ لاءِ ڪيل خودڪشيءَ جي آزمائشي ڪوشش، جڏهن حقيقت ڏانهن وڌندي محسوس ٿيندي آهي، (مون خود به ڪافي دفعا اهڙا منظر پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن) جنهن دوران خودڪشي ڪندڙ ماڻهن کي زندگي بچائڻ لاءِ رڙيون ڪندي،ٻاڏائيندي ۽ ٻاڪاريندي ۽ منٿون ڪندي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.

    بيمارين مان مايوس ماڻهو به جيون جو انت آڻين ٿا
    انسان پنهنجي قوت برداشت ۾ هڪ پاسي پٿر کان به ڏاڍو آهي ته ٻي پاسي گلابي گلن جي پنکڙين کان به نازڪ آهي. سمنڊ جهاڳڻ، پهاڙ پرزا ڪرڻ، دنيا جا سمورا مشڪل ڪم پنهنجي همت، عقل ۽ پورهئي سان ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيندڙ رُڪ جهڙو مضبوط ماڻهو به جڏهن همت هاريندو آهي ۽ سندس حوصلو خطا ٿي ويندا آهن، ان لمحي ۾ ننڍن ۽ معمولي مسئلن تي مايوسي کيس گھيري ويندي آهي. هن معاشري ۾ خوڪشين جا اهڙا ڪيترائي ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن ۾ بيمارين ۾ گھڻي علاج باوجود صحتياب نه ٿيڻ، يا وري جنسي ۽ جسماني معذوريءَ جي سبب به خودڪشين جا لاتعداد واقعا ٿيا آهن. پر ان سان گڏ بيماريءَ دوران مايوس ٿي خودڪشي ڪرڻ جو هڪ ٻيو اهم سبب “غربت” ۽ “بدحالي” پڻ آهي. مسلسل بيمارين ۾ ڀوڳڻ ڪري ماڻهو دل شڪستو پڻ ٿي پوندو آهي. همت، حوصلو ۽ جرُئت سندس ساٿ ڇڏي ويندي آهي. وقت جو مضبوط ماڻهو مايوسين جي ڪُن ۾ غوطا کائي زندگي جو انت پنهنجي هٿن سان آڻيندو آهي. پرسڪون حياتي لاءِ ۽ “صحت” جي بحالي خاطر پاڻ پتوڙڻ، علاج تي ڳرا خرچ ڪرڻ، علاج جا ڏکيا ۽ مشڪل مرحلا طئي ڪندڙ انسان به جڏهن ان سفر ۾ ڪاميابي بجاءِ ناڪامي پلئه پوڻ جا آثار محسوس ڪندو آهي ته حسين حياتي جي روشن ڏيئي کي اُجهائڻ لاءِ اهڙي ته تڪڙ ڪندو ڄڻ خودڪشي بعد به کيس ڪي گھڻا ڪم نبيرڻا آهن. پرانهن کي ڪهڙو پتو ته “خودڪشي” سان سڀ “ڪم” تمام ٿيو وڃن ٿا.خودڪشي ڪري هڪ قيمتي انساني زندگيءَ جو انت آڻڻ، فطرت سان هٿ چراند آهي، اهڙي هٿ چراند انسان کي نٿي جڳائي.


    ڪاروباري نقصان ۽ قرض جو بار



    دنيا ۾ “ڪيڙي کي ڪڻ، هاٿي کي مڻ” واري ڳالهه واري حقيقت به بنيادي طور جفاڪشيءَ سان لاڳاپيل آهي، يعني ڪيڙي کي ڪڻ لاءِ هاٿيءَ کي مڻ لاءِ به ڀٽڪڻو ۽ پتوڙڻو ته هر حال ۾ پوندو. “جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا” آهن. وڏن ماڻهن جا وڏا ڪاروبار فيڪٽريون، ملز، ڪارخانا، جاگيرون، ٽرانسپورٽ، پاڻيءَ جا ٻيڙا ۽ هوائي جهاز، وڏن ترقياتي پروجيڪٽن جون ٺيڪيداريون وغيره آهن جڏهن ته ننڍن ماڻهن جي پيٽ گُذر جا ننڍڙا ذريعا هوندا آهن، جنهن ۾ خاص طور پگهر جو پورهيو ۽ جسماني محنت جي سيڙپ ئي اهم آهي. پر وري به ڪيترائي لوئر ڪلاس جا ماڻهو سخت پورهيا ڪري مڊل ڪلاس ۾ پير پائيندا آهن، ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪندا آهن. وچولي طبقي جا ڪيترائي ماڻهو اهي ڪاروبار نهايت ئي ڪاميابيءَ سان هلائي تمام گھڻو ناڻو ڪمائي سگهندا آهن، ته ڪي وري مڪمل طور ڪاروبار ۾ نقصانن جي ور چڙهي تباهه ۽ برباد ٿي ويندا آهن. توڙي جو ڪاروبار ننڍو هجي يا وڏو هجي پر ان ۾ نفعو ۽ نقصان ٻه ضروري جز آهن. واپاري ماڻهن جي وڏن توڙي ننڍن طبقن ۾ ڪاروباري نقصان ۽ قرض ٿيڻ بعد مسلسل ناڪاميءَ کين سخت مايوسيءَ ۾ غرطان ڪري ڇڏيندي آهي، ڪاروباري نقصان ۽ قرض سميت وياج تي کنيل گردشي قرض جو دٻاءُ انهن ماڻهن کي ذهني ۽ نفسياتيءَ مريض بڻائي ڇڏيندو آهي. وڏن سرمائيدار سيٺن جا وڏا ڪاروبار ته انشورنس ٿيل هوندا آهن تنهنڪري اهي ڪاروباري نقصان جو پورائو ان قسم جي مختلف طريقن سان ڪري ويندا آهن، پر ننڍا واپاري ڪاروباري نقصان کان بچڻ ۾ گھڻو ڪامياب نه ٿيندا آهن. نتيجي ۾ ڪاروبار ۾ ٿيل نقصان کين ئي ڀرڻو پوي ٿو. جيڪو سندن وس کان مٿي هوندو آهي. ڪاروباري نقصان سان گڏ قرض جو دٻاءُ کين سخت ذهني پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي. جنهنڪري ڪيترائي ڪاروبار ۾ ٽُٽل ماڻهو نقصان ۽ قرض جي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ بجاءِ “خودڪشي” ڪري ڇڏيندا آهن. ننڍن واپارين جي انهن خودڪشين پويان ظالم سرمائيدار واپارين جون انيڪ سازشون شامل هونديون آهن. جيڪي کين ڪنهن به ريت ڪاروباري ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جي حق ۾ نه هوندا آهن. وڏيون مڇيون ننڍين مڇين جو شڪار ڪنديون آهن. بلڪل ائين وڏا سرمائيدار ننڍن واپارين جو ڪاروبار ۾ معاشي شڪار ڪري کين ڪنگال بڻائي ڇڏيندا آهن.

    ملڪيتن جي ورهاست ۾ اڻبرابري، انتقام ۾ آندل انت
    انساني زندگيءَ ۾ سُک ۽ آسائشن جي حاصلات جي پورائي لاءِ خواهشون جنم وٺن ٿيون، سڀ خواهشون پوريون ٿيڻ بادشاهن جي وس جي ڳالهه به نه هوندي آهي، تنهنڪري جيون ساگر ۾ اضافي “خواهشون” انسان کي “حوسي” بڻائي ڇڏينديون آهن ۽ حوس انسان کي حيوان بڻائي ڇڏيندي آهي. برابر سرمايو قانوني هجي يا غيرقانوني پر اها “ملڪيت” آسائشون به فراهم ڪري ٿي ته گڏوگڏ اها ملڪيت انسان جي ويري به بڻجي ويندي آهي. دنيا ۾ گھڻا قتل “ڌن” تان ٿيا آهن. مال، ملڪيت، ڌن، دولت، سون، ٻني، جاگيرون بئنڪ بيلنس، گاڏيون ته وڏن ماڻهن وٽ رهيون آهن، تنهنڪري اهڙي ملڪيت جي ورهاست تان تڪرار به سرمائيدار خاندانن ۾ ئي ٿين ٿا. انهن خاندانن ۾ ڪي شاتر ماڻهو پنهنجي حصي سان گڏ خاندان جي ڪنهن اٻوجهه ۽ نازڪ ماڻهو سان ورهاست ۾ دوکيبازي، دولاب ۽ ٺڳي سان پنهنجي ملڪيت ته وڌائي ويندا آهن. پر نتيجي ۾ رشتن جو ڀرم ٽُٽي ويندو آهي. هڪٻئي تان اعتماد کڄي ويندو آهي. انهن خاندانن جا گھڻا متاثر ماڻهو راڄوڻي توڙي قانوني جنگ جوٽي پنهنجو حق وٺي ويندا آهن، پر اهڙا به انسان آهن جيڪي پنهنجن مان ٿيل ناانصافي تي خاموشي سان گوشانشيني اختيار ڪري سڀ ڪجهه برداشت ڪندا آهن، توڙي جو ان ناانصافي جو سور سندن اندر کي اڌ پيو ڪندو آهي. ڪيترائي ماڻهو ملڪيت جي ورهاست ۾ ٿيل بي واجبي جو انتقام پاڻ کان وٺندا آهن. سندن سوچون “خودڪشي” ڏانهن مائل ٿي وينديون آهن. حقيقت ۾ اهڙي خودڪشي ناانصافي جي خلاف “احتجاج” هوندو آهي. ملڪيت جي ورهاست ۾ اڻبرابري ۽ حق تلفي ٿيڻ سبب سرندي وارن خاندانن ۾ اڪثر خودڪشي جا ڪيس ظاهر ٿيندا رهندا آهن. انهن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش به ٿيندي آهي. خانداني عزت، وقار ۽ ڪوڙي انا جي تسڪين خاطر ان موت کي “حادثاتي موت” قرار ڏيئي، يا وري ذهني مريض ۽ چريو قرار ڏيئي، معاملي کي اُتي ئي سماپت ڪري دٻايو ويندو آهي. بعد ۾ آتم هتيا ڪندڙ فرد جي ملڪيت تي وري به سماج جا اهي فرد پيا عياشيون ڪندا آهن جن کان تنگ ٿي متاثر ماڻهو پنهنجو انت آندو. ان سڄي وارتا ۾ “مايا” منش جي ويري ثابت ٿئي ٿي، جنهن سندن جيون ساگر کي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي ور چاڙهي، کيس مرت لوڪ ۾ پهچائي ڇڏيو.

    عشق جو راز کلي پوڻ جي ڊپ ۾ به خودڪشيون ٿين ٿيون
    محبت جو حسين جذبو زندگيءَ سان چاهت وڌائي ٿو، ان جذبي کان خلق جي اڪثريت خالي ناهي، پر جذبي جي اظهار ۽ حاصلات لاءِ “سماج” پاران پرمپرائن جا اڏيل بند رڪاوٽون بڻجي محبتن کي مات ڏين ٿا. لاتعداد مشڪلاتن باوجود هن معاشري ۾ ڪي محبت ڪندڙ جوڙا بغاوت ڪري وڃي عشق جون شاديون رچائيندا آهن. پر ڪيترائي جوڙا اهڙي جُرئت نه ڪري سگهندا آهن. نتيجي طور سندن ازدواجي زندگيءَ جا فيصلا سندن هٿ ۾ نه رهندا آهن. محبت جي کٿوري جهڙي جذبي کي لڪائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، پر ڪنهن سماجي ناتي ۽ رشتي کانسواءِ “ملڻ” جو اهو عمل “شڪ” کي جنم ڏي ٿو ۽ شڪ موت کي دعوت ڏيندو رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان جو معاشرو خود ساخته طور “ڪاروڪاري” کي پنهنجي پنهنجين پرامن، حسين ريتن، رواجن ۽ رسمن تي ٿاڦڻ لاءِ سرگرم عمل هوندو آهي. پر “ڪاري” ٿيڻ کان اڳ اڪثر ڇوڪريون جڏهن سمجهنديون آهن ته سندس محبت جو راز کُلي پيو آهي، لڪي ڇپي ملڻ جي خبر سندن گھرڀاتين کي پئجي وئي آهي، ۽ ڪهاڙي سندس ڪڍ لڳل آهي. ان ڊپ، خوف، حراس ۽ شرمساري ۾ به ڪيتريون ڇوڪريون “خودڪشي” ڪري ڇڏينديون آهن. ان خودڪشي جو سماج ۾ ظاهري سبب “ذهني توازن خراب هجڻ” بيان ڪيو ويندو آهي. پر ان “آتم هتيا”پويان حقيقي سبب فقط محبت جي راز کُلڻ جو خوف هوندو آهي. توڙي جو اهڙن حالاتن تحت ٿيل خودڪشيون هن سماج ۾ ٿينديون رهنديون آهن، پر هن سماج ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته اهڙي قِسم جون خودڪشيون رازداري ۾ رکيون وينديون آهن.

    زندگيءَ جون مجموعي ناڪاميون ۽ خودڪشي جا خيال
    امتحان ۾ فيل ٿيڻ، ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيسٽ ۾ چند مارڪن تان رهجي وڃڻ، غربت سبب فيس نه ڀري سگهڻ، پسند جو شعبو نه ملڻ، پسند جي شادي نه ٿيڻ، محبت جي ناڪامي، حادثي ۾ ذهني ۽ جسماني معذوري، ڪا ننڍي وڏي خواهش پوري نه ٿيڻ، زندگي ۾ ڪيل گناهه جو پڇتاءُ، غربت، بک، بيروزگاري، بيوسي، لاچاري، اڻبرابري، احساس ڪمتري ۽ مايوسي جهڙين حالتن ۾ دل شڪستو ٿي حياتي جي بازي ۾ اڻ اعلانيل طور هارجي وڃڻ بعد ڌرتيءَ جو اُتم جيو (اعلى ساهه وارو)منش “آتم هتيا” لاءِ انتهائي قدم کڻي پنهنجو انت آڻي ٿو.
    “حياتي” جي فلسفي کي سمجهندي “موت” ڏانهن وڌيل ماڻهو فقط زندگي جي ڪاميابين سان پيار ڪن ٿا، پر کين اهو به پتو هئڻ گھرجي، ڪاميابين جا گس ناڪامين جي نگري مان گُذرن ٿا. هزارين ناڪاميون حياتي ۾ ڪاميابين جو سبق ڏين ٿيون. حياتيءَ ۾ لاتعداد ناڪامين بعد ڪاميابين جو سرور ڪيڏو وڻندڙ ۽ پيارو هوندو آهي. پر انسان پنهنجي مزاج ۾“سڪونت پسندي” جو عادي ٿيڻ بعد تِري تي بهشت ملڻ جي اميد سان جيون کي سڦل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ شامل هوندو آهي. تنهنڪري حياتيءَ ۾ “ناڪامي” جو لفظ کيس ڏڪائي وجهندو آهي. اها ئي ڪيفيت ماڻهو جي مزاج ۾ مايوسي، بي وسي، هيڻائي، تنگدلي، تنهائي پسندي، جذباتيت، ناڪاري سوچن جو گھيرو، احساسِ محرومي جهڙي خطرناڪ نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي. انساني سوچن جو انتهاپسندي جي حدن کي پار ڪرڻ بعد “زندگي” سان تعلق اڌورو رهجي ويندو آهي. ماڻهو جي دماغ جي اهڙي صورتحال پڻ پاڻ مارڻ جهڙن خطرناڪ خيالن کي جنم ڏي ٿي. انساني زندگي ۾ عدم دلچسپي جهڙو رويو ظاهر ٿيڻ جي شروعات ئي حقيقت ۾ حياتي جي نفي آهي. انساني سماج ۾ اهڙي گھٽ ۽ ٻوسٽ واري صورتحال ۾ ڦاٿل ماڻهو پاڻ سان منسلڪ مسئلن جو آخري حل“خودڪشي” ۾ سمجهي ٿو. اهڙين ناڪاري سوچن جي ڄار ۾ جڪڙيل ماڻهو هڪ پل به پنهنجو منصفاڻو احتساب نه ڪيو ته سندس “جيون” ۾ پيدا ٿيل مسئلن جو هو خود ڪيترو ذميوار هو؟ ناممڪن کي ممڪن بڻائيندڙ ماڻهو انهن مسئلن جي حل لاءِ زميني حقيقتن کي مدنظر رکي ڪهڙا اپاءُ ورتا؟ ان فرد پنهنجي شاندار ذهني ۽ جسماني صلاحيتن جو ڪيتري ايمانداري سان هاڪاري استعمال ڪيو؟ اهو فرد پنهنجي حياتي ۾ پاڻ ڪيترو انصاف پسند ۽ حقيقت پسند رهيو؟ معاشري جو ماڻهو زندگي ۾ پيش آيل اتفاقي توڙي حادثاتي مسئلن ۽ ٻين پاران ٿيل ناانصافين خلاف ورتل “خودڪشي” واري واٽ کي ئي درست سمجهيو هو، پر ڇا دنيا ۾ مسئلن جو حل فقط “آپگهات” ئي آهي؟ اهو ضروري ناهي ته خودڪشي ڪندڙ فرد “مظلوم” به هجي يا خودڪشي ڪرڻ جي ڪري به کيس مظلوم سمجهيو وڃي، ڇو ته آپگهات ته هٽلر به ڪيو هو، جنهن کي دنيا جي ظالم ترين ماڻهو هجڻ جو خطاب حاصل آهي. ڪيترائي اهڙا واقعا آهن جنهن ۾ ماڻهو ٻين سان ظلم ۽ زيادتيون ڪري بعد ۾ قانون جي پڪڙ يا پلاند جي خوف کان خودڪشيون ڪري ڇڏيندا آهن. تنهنڪري هر خودڪشي ڪندڙ فرد بي ڏوهي ۽ مظلوم نٿو ٿي سگهي. هن سماج اندر زندگي جي ناڪامين ۽ مايوسين جي بُلندين تي پهتل فرد پاڻ سان پيش آيل مسئلا يا ٻين پاران ارپيل مسئلا حل نه ڪرڻ جي صورت ۾ خود کي ته بي وقتائتي ۽ غيرفطري موت جي حوالي ڪري پاڻ سان گڏ مسئلن جو انت آڻي ٿو پر گڏوگڏ ان فرد سان لاڳاپيل رت جا رشتا به ته سندس پاران ڪيل ناانصافي جهڙو عذاب ڀوڳين ٿا. سندس معصوم يتيمي جو ڪرب، زال بيواهي جو عذاب ۽ ماءُ، پيءَ، ڀائر ۽ ڀيڻون سموري حياتي وڇوڙي جا درد ڀوڳي پنهنجا ڏينهن پورا ڪن ٿا.

    “زوري زنا” جو شڪار ٿيل فرد به دل شڪسته ٿي “آتم هتيا” ڪن ٿا.
    هن دنيا ۾ جتي امن پسند، حسين من ۽ خيال رکندڙ عظيم انساني قدرن جا علمبردار ماڻهو موجود آهن ته اُتي دنيا جي امن کي تيلي ڏيندڙ انسانيت جا ازلي ويري، وحشي، درنده ۽ جنسي بگهڙ به موجود آهن، جيڪي پنهنجي حوس جي آگ اُجهائڻ خاطر معصوم انسانن جو جيون تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا آهن. دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن سان گڏ خاص طور ايشين ملڪن ۾ زوري زنا (ريپ ڪيس) جا واقعا تمام گھڻا وڌي ويا آهن. جيڪي روز به روز ميڊيا تي پڌرا ٿيندا رهن ٿا. ان وحشت جو شڪار ڪيترائي معصوم ٻار پڻ ٿين ٿا. زنا بعد ٻارڙن کي قتل ڪرڻ جون وارداتون ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ سانحا دنيا جي نازڪ مزاج ۽ پوپٽ جي پرن جهڙو حسين من رکندڙ ماڻهن جي اکين کي روئاڙين ٿا ۽ دلين کي ڏارين ٿا.اهڙن سانحن بعد ماحول تي سوڳواري فضا ڇائنجي ويندي آهي. جيئن ڏک ڏکن ۽ مسئلا مسئلن کي ڄڻين ٿا، تيئن هتي هڪڙا سانحا ٻين سانحن کي جنم ڏين ٿا. هن معاشري ۾ ذاتي دشمنيون پاريندي جنسي بگهڙن جي حوس جي ور چڙهيل معصوم انسانن سان زوري زنا جا واقعا رڳو اهو درد ارپي انتم نٿا ٿين پر وڌي وڻ ٿيڻ سان گڏ زمانن تائين انسانيت جي اُجري وجود تي ڪاراٺ بڻيل هوندا آهن. وحشتن جو نشانو بڻيل متاثر ماڻهن جي اڪثريت هن سماج ۾ پاڻ کي جيئڻ لائق نه سمجهندي “آپگهات” کي ترجيح ڏي ٿي. ان وارتائن ۾ “عدم انصاف” پڻ اهم حقيقت آهي.

    سماجي ناانصافين جا ستايل ماڻهو به خودڪشيون ڪن ٿا.
    سماج جو سرجڻهار توڙي جو انسان آهي پر ان ئي سماج ۾ جڏهن ساڻس ناانصافيون ٿين ٿيون ته سندس حوصلا ۽ همتون جواب ڏيئي وينديون آهن، ڪائنات ۾ پرامن طريقي سان ڪاميابيءَ ڏانهن وڌڻ جي خواهشمند ماڻهو مهذبپڻي ڏانهن وکون وڌائي سڀيتائون ۽ سماج جوڙيا، انهن سماجن کي هلائڻ خاطر سماجي قانون ٺاهيائين، جڏهن سماجن تي ڏاڍن ماڻهن جو قبضو ٿي ويو ته انهن پنهنجي مفاد خاطر پنهنجي پسند جا سماجي مول متا ۽ قانون جوڙي ماڻهن کي پنهنجي وس ڪرڻ لاءِ انساني قدرن جي به کُلي لتاڙ ڪئي. سموري تاريخ انساني قدرن جي لتاڙ سان ڀري پئي آهي. سماجي اڻبرابري ۽ جبر خلاف وقت به وقت بغاوتون به ٿيون، پر ان سڄي افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ وارتائن ۾ سماج جي پرامن انسان تمام گھڻو ڀوڳيو آهي. لکين سالن کان سماجي ناانصافين جا عذاب ڀوڳيندڙ انسان زندگي جي ڊوڙ ۾ ٿڪي، ٽٽي ساڻو ٿي ڪري پيو، ذهني ۽ نفسياتي ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگيءَ جي لاوارثي ۽ مايوسيءَ واري عالم ۾ زندگي مان بيزار ٿيل ماڻهوءَ کي سنڌ جي محبوب شاعر استاد بخاري جي شاعري هيئن حوصلو ارپي ٿي،
    او اٽل آدمي!
    ڪن جڳن کان وٺي،
    انڌ سان، ڌند سان، پنڌ سان،
    مُنهن ڏيئي تون پيو آن ٿڪي،
    دل شڪستو نه ٿي! دل شڪستو نه ٿي!
    ٿورڙو دم پٽي،،سگهه ساري گڏي،،پير پختا ڪري،
    ڏند ڪُرٽي اٿي.
    عاشقيءَ ۾ اچي دل شڪستو نه ٿي!
    ڏانگ ڦيري ته ڏس،
    نانگ نوڙي اٿئي،
    پير ٻوڙي ته ڏس،
    باهه پاڻي اٿئي،
    ڪنڌ پڪڙي ته ڏس!
    شينهن ٻڪري اٿئي،
    ڳالهه چوري ته ڏس!
    ساٿ جاڳيو اٿئي،
    ڳاٽ موڙي ته ڏس!
    سنڌ ساري اٿئي.
    او اٽل آدمي!
    دل شڪستو نه ٿي! دل شڪستو نه ٿي!


    خودڪشيءَ جهڙيون ريتون ۽ رسمون



    ڌرتيءَ جو گولو ڪائنات جي ٻين گرهن کان تمام گھڻو ننڍڙو آهي، وري ان ئي ڳوٺ جيڏي ننڍڙي ڌرتيءَ تي انسانن جا ڪيترا نسل ۽ پيڙهيون ڀُري ختم ٿي ويون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جا نسل وڌڻ ويجهڻ سان گڏ زندهه ۽ سلامت آهن. لاتعداد انساني نسل هن وقت به ڌرتيءَ تي قابض قوت بڻيل آهن ته ڪيترائي انساني نسل ته اڄ به خطرناڪ غلامي جا عذاب ڀوڳي رهيا آهن ۽ ڪجهه انساني نسل فقط پنهنجي وجود جي بقاءَ جي جنگ لڙي رهيا آهن. ننڍڙي سمجهي ويندڙ ڌرتيءَ جا سڏ پنڌ تي ئي رنگ، موسمون، فصل، ذائقا، تهذيبون، ٻوليون، لهجا، مزاج بدلجيو وڃن ٿا. پرٿوي جا مختلف انساني نسل گرم ريگستاني علائقن، برفاني علائقن،آباد سرزمينن سميت سخت سوڪڙي ۽ ڏڪار سٽيل علائقن جا واسي هئڻ ڪري انهن علائقن جون موسمون ۽ زميني حالتن جا اثر سندن رنگ، نسل، قد، بُت، ذهني ۽ جسماني صلاحيتن، وقت کان اڳ جنسي بالغپڻو ۽ ذهني نابالغي، ڪاهلي ۽ چُستي، امن پسند ۽ ويڙهاڪ هجڻ، جسم، جذبن، خيالن، عادتن ۽ ڪيفيتن تي اثرانداز ٿيڻ فطري عمل آهي. اهي سموريون جدا جدا فطري حالتون انهن انسانن جي رڳ رڳ ۾ رچي وينديون آهن. انساني زندگي جي انهن سمورين بدليل، الڳ ٿلڳ ۽ منفرد حالتن جي باوجود دنيا جي عظيم انساني قدرن موجب هر انسان هن دنيا ۾ هر لحاظ کان هڪجهڙا انساني حق رکي ٿو، کين جيئڻ جا برابر حق حاصل آهن. مستقبل ۾ باشعور ۽ سگهارن سماجن ۾ عورت ۽ مرد جو صنفي فرق انساني حقن ۽ قدرن کي شايد متاثر نه به ڪري سگهي! ۽ سڌريل ملڪن جي ترقي يافته معاشرن ۾ اهڙا نظام ممڪن بڻجي ٻين لاءِ مثال بڻيل آهن.توڙي جو هن وقت سڄي دنيا ۾ مضبوط مرداڻو سماج جُڙيل آهي پر ماضي ۾ دنيا جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ عورتاڻو سماج (مڌرشاهي نظام) رهيو آهي. هن وقت به شايد دنيا جي چند ملڪن جي ڏور علائقن، ٻيٽن، مشڪل جابلو علائقن ۾ ٿورڙي تعداد ۾ عورتن گڏجي خود ساخته طور عورتاڻي حق حاڪميت جو نظام روان دوان رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙيون خبرون ميڊيا ۾ پڻ تي آيل آهن. عورتن سان مرداڻو سماج (پڌرشاهي نظام) ڪيترو عدل ۽ انصاف ڪري سگهيو آهي؟ اها تاريخ هاڻ ڳجهي ناهي رهي. دنيا اندر آپگهات ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائيندڙ انسانن ۾ اڪثريت عورتن جي آهي. عورتن جي انهن خودڪشين پويان ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ دنيا جي گولي تي ارتقا کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سمورن ڏکن، تڪليفن، جنگي حالتن، قدرتي آفتن، طوفانن، ٻوڏن، بکن ۽ ڏڪارن ۾ عورت مرد سان ٻانهن ٻيلي بڻجي سندس ساٿ ڏنو آهي. ان جي باوجود به مرد زمانن کان مٿس ٺلهو اعتماد به بحال نه ڪري سگهيو آهي. فطري طور هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم رشتن ۾ صنفي اڻبرابري جو غيرانساني رويو ئي اهڙي عدم اعتمادي جي ڪشمڪش ۽ ڪشيدگيءَ جي صورتحال کي جنمي ٿو. اهڙي عذاب کي عورت صدين کان ڀوڳيو آهي. دنيا جون سموريون پيڙاهون ۽ تڪليفون عورت جي پانڌ ۾ گھڻيريون آيون آهن. جنهن جو عورتن نهايت ئي بهادريءَ سان مقابلو به ڪيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن همت هاري “آپگهات” کي به گلي لڳايو آهي.

    ماضي ۾ هندو سماج اندرعورتن کي خودڪشي لاءِ اتساهيندڙ “ستي” رسم
    هنڌو سماج ۾ عورت سمورو جيون پنهنجي پتي پرميشور جي پيار ۽ اعتماد جي حاصلات لاءِ “شيواداري” بڻيل رهي ٿي. پر اڄ ڏينهن تائين فقط ويد، پُراڻ، ڌارمڪ ڪتابن جي پنن ۽ ڳالهين جي حد تائين ته کيس “مهان” سمهجيو ويو آهي، پر حقيقت جي نگاهن سان ڏسبو ته اکين ۾ دردن جا طوفان اٿي پوندا، جيڪي ڪائنات جي نازڪ مزاج انسان دوست فردن کي ڪک پن ڪري ڇڏيندا. سماج جون ڪيتريون ناسور ريتون رسمون ۽ رواج جيڪي فقط “عورت” کي پنهنجي قيد ۾ قابو رکڻ خاطر ئي رچيل آهن. انهن ريتن جو نچوڙ فقط عورت کي مرد جي ازلي داسي، غلام ۽ نيچ ڏيکارڻ جو فلسفو آهي. زمانا اڳ عورت جي “پاڪ دامني” جون پرڪشائون “چرڀيلي” جهڙي رسمن تحت به ورتيون وينديون رهيون آهن پر ساڳي ريت ان ئي سماج ۾ “مرد” جو “ستو جتو” (پاڪ پويتر صاف دامن) هجڻ لاءِ ڪهڙو قانون رهيو آهي؟ پتنيءَ جي پرلوڪ پڌارڻ بعد يا سندس حياتي ۾ پتي پرميشور ته ڪيترائي دفعا شڀ لگن وهان رچائڻ جي ڌرمي آگيا رکي ٿو. پر پتي جي سرڳواسي ٿيڻ بعد عورت لاءِ “ستي” جي عذابي رسم به سماجي ريتن ۽ رسمن جو حصو رهي آهي. مڙس جي جنگ ۾ سرڳواسي ٿيڻ بعد وني لاءِ “آپگهات” جهڙي انسان دشمن رسم جا آثار تاريخ ۾ ملن ٿا. پتي جي مرڻ بعد پتني وٽ ستي بڻجي آتم هتيا ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هوندو هو. ان کي سرڳ جي آسري تي“ستي” ٿيڻ لاءِ وقت جا ويدوياسي ٺيڪيدار عورتن کي رٽيل سلوڪن سان اتساهي “خودڪشيون” ڪرائيندا هئا. ستي ٿيندڙ عورت کي ڪنوار جو وڳو، سون ۽ چاندي جي زيورن سميت سورنهن سينگار ڪرائي باهه جي مچ ۾ ساڙيو ويندو هو. سڙڻ جي سور ۽ عذاب کان ڀڄڻ يا مزاحمت ڪندڙ عورت کي نشو ڏيڻ ۽ بانس جي ڪاٺين ۾ ٻڌي سوگهو ڪيو ويندو هو. جيئن سڙڻ وقت ستي ڇڏائي ڀڄڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي. ستي کي ساڙڻ کانسواءِ مري ويل مڙس سان گڏ جيئري ئي قبر ۾ دفن پڻ ڪيو ويندو هو. پر جيڪڏهن مڙس ڪٿي ڏور پرديس ۾ پرلوڪ پڌاريو ۽ سندس لاش گهر پهچڻ جا امڪان نه هوندا هئا ته سندن پتني باهه جو وڏو مچ ٻارائي، آگ ۾ “ستي” ٿيڻ لاءِ ٽپي “خودڪشي” ڪندي هئي. اهو لڱ ڏڪائيندڙ ۽ دل ڏاريندڙ منظر اُتي موجود هزارين ماڻهو پنهنجي اکين سان اُڀي ڏسندا هئا. ٻيون عورتون وري ان “ستي” ٿي آتم هتيا ڪندڙ عورت لاءِ رخصتيءَ جا گيت ڳائينديون هيون. “ستي” جي رسم پويان اهو تصور هو ته مرڻ بعد ٻئي پتي پتني ٻيهر گڏجي ويندا. بنگال ان رسم جي ضد ۾ رهيو آهي. سِک مذهب ۾ “ستي” جي رسم تي شروع کان ئي پابندي رهي آهي. پر هن رسم پويان عورت تي “بي اعتمادي” جي گھٽيا سوچ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪارڻ نظر نٿو اچي. وڏي ڄمار جا بادشاهه ۽ سرندي وارا پوڙها منش پنهنجي ڏاڍمڙسي ۽ ملڪيت جي آڌار تي ڪيترين ئي نوجوان حسين نارين سان شڀ لگن وهان ڪرڻ ۾ سڦل ويندا هئا. شاديءَ بعد سندن ذهن تي هر وقت اهو خوف ڇانيل هوندو هو ته “سندس سُنڌر ۽ جوان ڌرم پتني متان ڪنهن ڌارئين جوان آدمي کي پسند ڪري وجهي يا کيس مارڻ خاطر زهر ڏيڻ جو انديشو به سندن سوچن تي قابض هوندو هو” ان کان علاوه کين اهو به ڊپ هوندو هو ته “ملڪيت جي حاصلات، ڌن ۽ دولت جي وارثي ماڻڻ خاطرسندن پتني زهر ڏيئي ماري سگهي ٿي” ان خدشي کي ختم ڪرڻ لاءِ “ستي” جي رسم رواج وڌو ويو، جنهن بعد زالن تي بي اعتمادي ڪندڙ مردن جو ڊپ ختم ٿي ويو ڇو ته “جيڪڏهن سندس زال زهر ڏيئي ماريندي ته کيس به “ستي” جي رسم ذريعي ماريو ويندو” هندو سماج ۾ هيملاڪ جهڙي ذهنيت رکندڙ ماڻهن اهڙي عورت دشمن ريت ۽ رسم کي قانون جي شڪل ڏئي لاڳو ڪيو. جنهن سان هيستائين لکين عورتون “ستيون” ٿي خودڪشي ڪري موت جو شڪار ٿي ويون. راجائي حاصل ڪرڻ خاطر 1806ع ۾ نيپال جي راجا کي سندس ڀاءُ قتل ڪري ڇڏيو، سندس بيواه مهاراڻي راجيشوري ديوي کي 5 مئي 1806 ع تي سندس مرضيءَ جي خلاف زبردستي “ستي” ڪري ساڙي ماريو ويو. عورت کي “آپگهات” لاءِ اتسائيندڙ “ستي” جي رسم، هندستان جي راجپوتن ۾ به موجود رهي آهي. جنگ ۾ امڪاني هار يا گرفتار ٿيڻ جي خوف کان عورتون پنهنجن معصوم ٻارن ٻچن سميت خودڪشيون ڪري ڇڏينديون هيون. خودڪشي لاءِ باهه ۾ سڙڻ کان سواءِ زهر کائڻ يا کوهه ۾ ٽپو ڏيئي به انت آندو ويندو هو. سڪندر اعظم جڏهن هندستان ۾ پير پاتو ته مقامي هندن کي به پنهنجي فوج ۾ ڀرتي ڪيائين هڪ جنگ ۾ سڪندراعظم جي فوج جو هندو ڪمانڊر ششي گپت مارجي ويو ته ششي گپت جون ٻه ڌرم پتنيون پاڻ ۾ ان ڳالهه تان اٽڪي پيون ۽ هرهڪ ان ڳالهه تي بضد هُئي ته “ششي گپت جي چتا سان گڏ کيس ستي ٿي سڙي مرڻ ڏنو وڃي” يوناني فوجي اکين سان اهڙو لقاءَ ڏسي حيران ٿي ويا. ان وقت جي “انصاف پسند منصفن” سڙي خودڪشي ڪري مرڻ جو حق سندس هڪ پتني کي ڏنو ٻي پتني کي “ستي” ٿي خودڪشي ڪرڻ کان ان ڪري روڪيو ويو ته هو پيٽ حمل سان هئي.

    اجتماعي خودڪشي جهڙي “جوهر ۽ ساکا” جي رسم
    هندستان جي ماضيءَ ۾ عورتن کي سماجي رتين رسمن جي آڙ ۾ “خودڪشي” ڪرائي “ستي” جي نالي تي قتل ڪرڻ جي وحشيانا رسم سان گڏ هڪ ٻي به عورتن ۽ ٻارڙن جي اجتماعي خودڪشي جهڙي رسم “جوهر” به تاريخ جي ورقن ۾ ڏٺي وئي آهي. “جوهر” جي رسم جنگي گھيري جي صورت ۾ ادا ڪئي ويندي هئي، گھيري هيٺ آيل بادشاهي گھراڻي جون راڻيون ۽ مهاراڻيون لاڏين وارا ويس وڳا ۽ سون پائي برهمڻي منترن جي ورڌن هيٺ پاڻ کي پنهنجن ٻارڙن سميت رات جي اونڌاهي ۾“چتا” چاڙهي “خودڪشي” ڪري ڇڏينديون هيون، صبح جو “ستين” ۽ مري ويل ٻين گھرڀاتين جي راک کي سندن گھر جا مرد مٿي تي مَلي شاهي قلعي جي مُک دروازي مان ٻاهر نڪري دشمنن سان جنگ ڪندا هئا. اهڙي ريت مرڻندڙن کي “ساکا” جي رسم سان پڪاريو ويندو هو. تاريخ ۾ اهڙو مضبوط حوالو ۽ دليل ته نٿو ملي پر اها روايت سينا به سينا سفر ڪندي اچي هيستائين پهتي آهي ته علاؤ الدين خلجي جڏهن جيسلمير جو گھيرو سخت ڪيو هو ته ان وقت 24 هزار عورتن “جوهر” جي رسم ادا ڪندي “آتم هتيا” ڪئي هئي.

    انگريز سرڪار پاران “ستي” جي رسم تي پابندي وڌي وئي.
    “ستي”جي عورت دشمن رسم خلاف هندستان ۾ ڪيتريون ئي تحريڪون هليون، مغل حڪمرانن همايون، اڪبر ۽ شاهجهان به ان رسم جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون پر بادشاهه اورنگزيب سختيءَ سان عمل ڪرايو پر هي رسم مذهب جو حصو بڻجڻ ڪري ختم نه ٿي سگهي، بنگال جي اسڪالر راجا موهن راءِ “ستي” جي رسم خلاف ڪامياب تحريڪ هلائي. انگريز گورنر جنرل لارڊ بنٽنگ پاران “ستي” ذريعي عورتن کي خودڪشيون ڪرائي قتل ڪرڻ جي خطرناڪ رسم تي 1832ع ۾ پابندي هنئي. پر لڪ ڇپ ۾ ڀارت اندر شايد ڪٿي اها رسم اڄ مختلف طريقن سان ادا ٿيندي هوندي.

    اجتماعي خودڪشيون
    حياتيءَ کان بيزار ماڻهو پنهنجي جان وڃائڻ سان گڏ ٻين جو سِر کڻندي به دير نه ڪندا آهن. ڪنهن به سبب جي ڪري گھر جي ٻين ڀاتين کي مارڻ بعد قاتل پاران ڪيل خودڪشي کي اجتماعي خودڪشي نه سمجهڻ گھرجي، ان ۾ فقط قاتل خودڪشي ڪري ٿو باقي ٻيا بي گناهه ماڻهو قتل ڪيا وڃن ٿا. “اجتماعي خودڪشي” ان کي چئبو آهي جنهن ۾ اهي ماڻهو ڪنهن سبب جي ڪري خودڪشي ڪندي به هڪٻئي سان “خودڪشي” تي متفق آهن. اجتماعي خودڪشي جا واقعا عشقيا مامرن سان منسلڪ هوندا آهن. جهڏي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ پڻ ٻن پريمي جوڙن رسا ڳچين ۾ وجهي اجتماعي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. اهڙيون خودڪشيون ميڊيا تي اينديون رهنديون آهن.


    عقيدائي آتم هتيائون



    ڪائنات جي پُرامن انسان لاءِ “جياپو” وڏو مسئلو بڻيل رهيو آهي، انسان جيئڻ ڪارڻ وڏا ڪشالا ڪٽيا آهن، پنهنجي سلامتي ۽ نسل وڌائڻ خاطر ٻين جنگن سان گڏ کيس اصل ته“جياپي جي جنگ” جوٽڻي پئي، توڙي جو دنيا جون سموريون جنگون جيڪي ڌرتيءَ جي ڌڻيائپ، قومي وسيلن جي تحفظ، مال، ملڪيت، ڌن دولت، جاگيرن تي قبضن خاطر وڙهيون ويون، اهي سموريون جنگون انساني رت جي ريج کان خالي هرگز ناهن، جنگين جي تاريخ رهي آهي ته ڌرتيءَ تي هڪڙيون حملي آور ۽ قبضاگير قوتون ٻين امن پسند انسانن جي امن ۾ خلل وجهڻ خاطر جنگ لاءِ جواز ڳولي هلان ڪنديون رهيون ۽ انسانيت ڦٿڪندي رهي. توڙي جو جنگين پويان جابر ڌرين جا مخصوص “مفاد” رهيا آهن پر ڌرتيءَ جو امن پسند انسان فقط “جياپي” لاءِ ڀٽڪندو رهيو. يعني دنيا ۾ “جياپي جي جدل” جي فلسفي ۽ فن کان سواءِ حياتي گذارڻ تمام مشڪل ٿي پئي. دنيا جي امن کي بندوق جي نال مان ڏسندڙ ظالم ماڻهو موت جا سوداگر بڻجي خونريزي ڦهلائي بي سبب اڻ اعلانيل “جنگ” ٿاڦي ڇڏي. تڏهن ته جنگي فن جي ماهر سن زو کي ٻه هزار سال اڳ امن ۽ شانتي جو پيغام ڏيڻ بجاءِ “جنگ جو فن” ڪتاب لکڻو پيو. ڪائنات ۾ زندهه رهي پنهنجي وجود جي بقاءَ رکڻ لاءِ “جياپي جي جنگ” جو فن سکندي سکندي انسان هڪٻئي جو قاتل ويري ٿي پيو، پنهنجي حياتي جو ڏيئو ٻارڻ لاءِ ٻئي جي حياتي جو ڏيئو اجُهائڻ لازمي سمجهندي ڌرتيءَ جو پُرامن ماڻهو خطرناڪ جنگ ۾ ڦاسي پيو. جتان آجپو حاصل ڪرڻ سندس وس ۾ ناهي رهيو. جيون ساگر جي “يُڌ” لکين سالن کان وڙهندڙ منش ايترو ته ٿڪي پيو جو “جياپي جي جنگ” مان بيزار ٿي “خودڪشي” جهڙي غيرفطري موت لاءِ ذهني طور گھڻو اڳتي نڪرندي نظر اچي ٿو. دنيا ۾ خودڪشين جي انتهائي درجي تائين وڌي ويل شرح کي مدنظر رکي اهو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو ته جديد زماني جي باشعور ماڻهو وٽ حسين جيون جو ڪهڙو قدر ۽ اهميت باقي وڃي رهي آهي؟

    وهم، وسوسا مفلوج ذهنن ۾ “آتم هتيا” جي خيالن جي آبياري ڪن ٿا.
    ڌاڳا، ٽوڻا، ڦيڻا، وهم ۽ وسوسا بنيادي طور معاشري ۾ شاطر ڀوپن جو ڪارو ڪاروبار آهن. ان ڪُڌي ڌندي کي برقرار رکڻ لاءِ نفسياتي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي ذهنن تي قابض رهڻ خاطر جهالت جي ڄار ۾ ڦاٿل اٻوجهه انسانن جي ذهني صلاحيتن کي وهم ذريعي مفلوج ڪري سندن حياتي کي تباهين جي اوڙاهه ۾ ساڙيو وڃي ٿو. سماج ۾ وهم پرستيءَ جي وڪڙ ۾ نفسياتي مريض بڻيل معصوم ماڻهن جا زهر جهڙين سوچن، ويچارن ۽ خيالن مان آجپي جا سمورا گس ۽ اميدون ڀسم ٿي وينديون آهن. نفسياتي مريضن کي ڀوپن پاران ڏنل وهم ۽ وسوسن جي عذاب ۾ هر وقت ذهني خوف ۾ مبتلا رهڻ ڪري خطرناڪ ذهني ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگي حياتي جي حُسناڪين تان ارواهه کڻائي ڇڏيندي آهي. وهم ۽ وسوسن جي ور چڙهيل معاشري جي مايوس ماڻهن جي مزاج ۾ انتهاپسنداڻا رويا ۽ احساسِ محرومي، اجايو خوف ۽ حراس “خودڪشي” کي ويجهو آڻيندو آهي. سوچن تي هر وقت ڪارو علم، جادو، ڪامڻ، ويرمٺ جي ڊپ جي خيالن جو غلبو ذهنن تي قابض ٿيڻ سان تعميري سوچن جو انت اچي ويندو آهي. سماج جو هڪ ڪارائتو انسان مڪمل طور ناڪاره بڻجي هر وقت ٻين ماڻهن کي پنهنجو “دشمن” پيو سمجهندو آهي.
    اهو فرد ڪاروبار ۾ ناڪامي، ڊگهي بيماري يا پيش آيل اتفاقي حادثن سميت هرنقصان ڏيندڙ عمل کي پنهنجي خلاف “سازش” سمجهڻ جي ذهنيت جو شڪار ٿي ويندو آهي. وهم پرستي جي اهڙي خطرناڪ “ذهينيت” تنگدلي جي ڪيفيت کي جنم ڏي ٿي ۽ خودڪشي جي خيالن جي آبياري ڪري ٿي. جنهن جو انت آخر “آپگهات” ئي آهي. خودڪشي جا اهڙا ڪيترائي واقعا روز رڪارڊ ٿين ٿا. جن کي قانون ۾ “اتفاقي موت” جو نالو ڏيئي فقط روزنامچي ۾ شامل ڪري هميشه لاءِ دفن ڪيو ويندو آهي. چار ڏينهن جي سوڳ بعد گھر ڀاتين ۽ رت جي رشتن کان سواءِ کين ڪير به ياد ناهي ڪندو.
    هن معاشري ۾ ته زر، زمين ۽ زن جهڙن ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ چڱن ڀلن ۽ ڪارائتن ماڻهن کي “چريو” قرار ڏيئي ذهني مريض هجڻ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرائي مٿن ظلمتن جا پهاڙ ڪيريا ويندا آهن. محبوب رشتن جو تقدس پائمال ڪندڙ رويا هن معاشري ۾ محبتن بجاءِ “آپگهاتن” جي شرح وڌائي سگهن ٿا. معاشري ۾ وهم ۽ وسوسن جو ڪاروبار ڪري امن پسند تخليقڪار ذهنن کي نفسياتي مريض بڻائي “خودڪشين” لاءِ سنبرائيندڙ ماڻهن خلاف قانون ڪيترو سرگرم عمل آهي؟ وهم پرستي جي ور چڙهيل اهڙن ذهني مريضن جي سهائتا لاءِ اسان جي تهذيب يافته، مهذب ۽ باشعور معاشري ۾ ڪهڙا حل موجود آهن؟ نفسياتي مريضن جي علاج لاءِ وڏن شهرن کان علاوه ننڍن شهرن ۾ ڪيتريون نفسياتي اسپتالون ۽ نفسياتي ماهر ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهن؟ “خودڪشي” جي وڌندڙ شرح کي روڪڻ لاءِ سماج جا باشعور انسان، انساني حقن جا علمبردار بڻيل عالمي ادارا، سول سوسائٽي يا خود سرڪار ڪيترو سنجيده ڪردار ادا ڪيو آهي؟

    “سماڌي” جي رسم تي ڀارت ۾ هن وقت به پابندي عائد ٿيل آهي.
    “ماڻهو” حيوانيت جي دائري مان نڪرڻ لاءِ لکين سالن جو پيچيده، مشڪل ۽ ورن، وڪڙن، تجربن ۽ مشاهدن جو ڊگهو سفر طئي ڪندو اچي تهذيب يافته ۽ مهذب بڻيو. جنهن جي شروعات تهذيبن جي سرجڻ ۽ مذهبن جي وجود ۾ اچڻ سان ٿئي ٿي. سناتن ڌرم ڪائنات جو جهونو ڌرم آهي، ان ڌرم جون ڪيتريون ئي آڳاٽيون ڌرمي رسمون فطرت سان لاڳاپيل آهن، پرآرين جي آمد بعد هڪ فطرت پسند ڌرم جي حقيقي شڪل کي ڦيري برهمڻن پنهنجي مفادن وٽان جوڙيو.ڌرم جا آئين ۽ قانون پنهنجي مفادن وٽان جوڙيا، عجيب رسمن کي ٿاڦيو ويو، “سماڌي” جهڙيون ڪيتريون رسمون مقبول ٿيون. جن تي هن وقت ڀارتيءَ سرڪار پاران پابندي عائد ٿيل آهي.

    “سماڌي” ڇا آهي؟
    ڌرمي عبادت ۽ روحانيت جي رمزن ۾ پاڻ ارپڻ لاءِ انيڪ پوڄائون، پاٽ، چلا ڪاٽڻ ۽ عبادت ۾ انترڌيان (مُراقبو، Meditation) ڪرڻ تائين ڌرم ۾ عبادتن جا انيڪ عجيب طريقا موجود آهن، جيڪي اپنائبا رهيا آهن. پاڻ تياڳڻ جي رسم به آهي، جنهن ۾ دنياداريءَ جي سمورين خواهشن ۽ تمنائن کي تياڳي، ذاتي جيون کي ترڪ ڪري فقط برهمچاري بڻجي جيون گھاريو وڃي ٿو. پر هتي جنهن رسم جو ذڪر ڪرڻ ٿا چاهيون اها رسم“سماڌي” جي نالي سان پڪاري وڃي ٿي. ڪو پوڄاري سموري حياتي ڌرمي ڪيرتن ۾ گذاري بعد ۾ جيئري ئي پاڻ کي هڪ چورس کڏ ۾ دفن ڪرائيندو آهي. سندس چيلا وڏي اهتمام سان ڌرمي سلوڪ ۽ ڀڄنن جي سنگيت جي ارپنا ۽ گُلن جي ورکا سان جيئري ئي کوٽيل کڏ ۾ ويهاري مٿان ڪاٺين جو ڇپرو آڏي مٽي ڍڪي ڇڏيندا آهن. ان کي “سماڌي” چئبو آهي. پر هن وقت ان رسم تي هندستان ۾ سخت پابندي پيل آهي. تازو راجستان جي ڀيلواڙا ضلعي ۾ هڪ پوڄاري پاڻ کي “سماڌي” وٺڻ لاءِ وڏي اهتمام سان جيئري دفن ڪرائي چڪو هو پر سماڌي جي رسم ادا ڪرڻ دوران وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿيڻ ڪري پوليس کي پتو پئجي ويو. جنهن فوري طور تي ڪاروائي ڪندي سماڌي کي کوٽائي مهاتما کي بي هوشي جي حالت ۾ اسپتال پهچائي، طِبي امداد ڏيڻ بعد ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. هن دؤر ۾ جيئري “سماڌي” ذريعي غيرفطري موت تي سرڪار پاران پابندي هجڻ ڪري جيئري “سماڌي” جي رسم ختم ٿي چڪي آهي.
    جيئري سماڌي وٺڻ تي پابندي کانپوءِ ڪيترائي پوجاري اڄ به مرڻ بعد وصيت ڪري ويندا آهن ته کين قبر ۾ دفن ڪرڻ يا اگني سنڪار ڪرڻ بجاءِ “سماڌي” واري طريقي سان دفن ڪيو وڃي. مرڻ بعد “سماڌي” ذريعي دفن ٿيڻ جو طريقو ته ڪنهن حد تائين بهتر آهي پر فقط عقيدي تحت وقت کان اڳ هڪ قيمتي انساني زندگي غيرفطري موت جي ور چاڙهي ساهه جو سڳو ٽوڙڻ جي عمل کي دنيا جي باشعور سماجن ۾ ڪهڙي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو؟

    عقيدي ۽ وهم پرستي ۾ پاڻ کي “ٻَلي چاڙهڻ” به آتم هتيا آهي.
    ڌرتيءَ تي انسانن جي اڪثريت قديم زمانن کان هيستائين جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي جا قراقرم پار ڪندي به هڪ عجيب ذهني ۽ نفسياتي ٻڏتر جو شڪار رهي آهي. عقيدا، وهم ۽ وسوسا آزاد انسان کي گھيريو اچن. ان ٻڏتر جي نتيجي ۾ انسان ڪجهه اهڙا عمل پڻ اپنائي ٿو جيڪي خود فطرت جي نفي ڪن ٿا. ڪائنات ۾ عقل وارو جيو “اشرف المخلوقات” پنهنجي وجود جي بقاءَ سان گڏ وس آهر فطرت جي تحفظ جي ڳچ جهڙي ذميواري به سندس حصي ۾ اچي ٿي. پر ان اهم ذميواري بجاءِ انسان ته حسين حياتي جي اهميت جو انڪاري بڻجي، انڌن عقيدن جي ڄار ۾ جڪڙجي پنهنجي “ٻَلي” ڏيئي، جيون جو انت آڻي رهيو آهي.“ٻَلي” جي رسم پنهنجن ديوتائن کي راضي ڪرڻ جي عقيدي سان ادا ڪئي ويندي آهي. “ٻَلي” چاڙهڻ جي رسم لاءِ گھيٽا، ڇيلا، پاڏا “جهاٽڪن” جي ور چاڙهيا ويندا آهن. پر ڀارت جي گھڻين پسمانده رياستن اندر لڪ ڇپ ۾ ان رسم ۾ انسان کي “ٻَلي” چاڙهيو وڃي ٿو، عالمي انساني قانونن تحت عقيدي جي رسم خاطر ٻي معصوم انسان کي “ٻَلي” چاڙهي مارڻ قتل جي زمري ۾ اچي ٿو. يا اهو فرد خود به پنهنجي“ٻَلي” ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو، کلي، ڪُڏي، نچي، ڳائي، وڄائي ڪاتي هيٺان ڪنڌ رکي“ٻَلي” چڙهي “آتم هتيا” ڪري ٿو ته اهو به غيرقانوني عمل سمجهيو وڃي ٿو. قانون ۾ پابندي باوجود اڄ به “ٻَلي” جي رسم ڀارت مان مڪمل طور ختم نه ٿي سگهي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه اهڙا واقعا رڪارڊ ٿيا آهن. سال 2010ع ۾ ميرواهه گورچاڻي ۾ “ٻَلي” جو هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ هڪ همراهه ڪالي ماتا کي “ٻَلي” ڏيڻ لاءِ پنهنجي ٽن معصوم نياڻين کي ڪاتي سان ڪُهڻ بعد پاڻ به پنهنجي گلي تان ڪاتي ڦيري “ٻَلي” جي رسم ادا ڪندي خودڪشي ڪري ڇڏي. پنهنجي ٽن معصوم نياڻين سميت پنهنجي سِر جي ٻَلي ڏئي آپگهات ڪندڙ همراهه کي پختو يقين هو ته “ڪالي ماتا کيس ٻيهر زندهه ڪندي!” سندس اهڙي انڌي عقيدي جي نتيجي ۾ چار قيمتي انساني جانيون موت جي ور چڙهي ويون. جولاءِ 2011ع ۾ ميرپورخاص ۾ به اهڙو سانحو ٿيڻ کان ذري گھٽ بچي ويو، هڪ ڀوپي پاران پُٽ ڏيڻ واسطي ٽن معصوم نياڻين کي ذبح ڪري ٻَلي چاڙهڻ جو پروانو جاري ڪيو ويو هو، پر اهڙيون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ بعد قانون حرڪت ۾ اچي ويو. ڀوپي کي تُرم ياترا ڪرڻي پئي ۽ جنهن ڪري ٽي معصوم نياڻيون “ٻَلي” چڙهڻ کان بچي ويون. انڊيا جي ڏڪاريل رياستن مان برسات جي ديوتا کي راضي ڪرڻ خاطر پڻ اهڙيون رسمون ادا ڪيون وينديون آهن، جنهن ۾ انساني زندگيءَ جو ٻرندڙ ڏيئو اجهي ويندو آهي. ڀارت ۾ “ٻَلي” چڙهڻ جهڙي غيرفطري موت جو شڪار ٿيندڙن ۾ عورتن جي گھڻائي آهي.


    چکيا چڙهي ڪيل خودڪشيون

    “مومل ۽ راڻي” به چکيا چڙهي خودڪشي ڪئي.
    جڳ مشهور عشقيه داستان جنهن کي شاعرن جي سرتاج مرشد لطيف پورو سُر ارپيو آهي. توڙي جو مومل ۽ راڻي جي عشقيه داستان ۾ گھڻيون ڳالهيون ڏندڪٿائون به لڳن ٿيون، پر انهن جي عشق جي پڄاڻي “خودڪشي” تي ٿي. پندرهين صديءَ ۾ راجا نند گُجر ميرپور ماٿيلي جو راجا هو، راجا نند کي 9 نياڻين جو اولاد هو. هڪ ڏينهن سندس ملڪيت جي لڪيل خزاني جو راز مومل ڪنهن فقير جي حوالي ڪري ڇڏيو، اهو فقير راجا نند جو سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ لڪايل خزانو ٻهاري ويو. ڪنهن ڏينهن راجا نند خزاني جي سار لهڻ جي خيال سان مومل کان حال احوال ورتو، پر مومل ته اڻ ڄاڻائي ۾ خزاني جو راز فقير کي ڏيئي ڇڏيو هو، جنهن تي راجا نند مومل تي ڏمرجي پيو ۽ مارڻ لڳو، پر سومل پنهنجي پيءَ کي خزاني کان وڌيڪ دولت آڻي ڏيڻ جي ضمانت تي مومل جي جان ڇڏائي. جنهن بعد سومل پنهنجين ڀيڻن ۽ ٻانهين کي وٺي اچي جيسلمير وٽ لڊاڻي ۾ ڪاڪ محل جوڙايو، اتي شهزادن کي نازنين جي اکين ۾ قيد ڪرڻ خاطر طلسمي ٽڪساٽ ۾ ڪيترائي اڻڄاڻ ماڻهو پنهنجي جان وڃائي ويٺا،
    گُجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون،
    هڻي حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون،
    ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.
    پر راڻي مينڌري پنهنجي ڏاهپ ۽ عقل سان سومل پاران مومل کي ماڻڻ لاءِ رکيل شرط پورا ڪيا، طلسمي آزمائشن جا کُڻ پار ڪري وڃي مومل ماڻيائين. سندس ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڊگهو پنڌ ڪري راڻو مومل سان ملڻ ڪاڪ محل (لنڊاڻو) ويندو هو، روزانه ڪاڪ ڪاهڻ ڪري راڻو همير ڪاوڙجي پنهنجي ساليءَ راڻي ميندري کي قيد ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري راڻو مومل سان ملڻ کان رهجي ويو،
    ڪتنِ ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
    راڻو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي،
    کوءِ سا کاڻي راتڙي! پرين ري پيئي،
    مون کي ڏن ڏيئي، وڃي ڍولو ڍٽ قراريو.

    پويان مومل راڻي جي وڇوڙي ۽ درد فراق ۾ پنهنجي ڀيڻ سومل کي راڻي مينڌري جو ويس پهرائي پاڻ سان گڏ سمهاريندي هئي، جڏهن راڻو مينڌرو هميرسومري جي قيد مان ڇُٽي مومل سان ملڻ آيو ته مومل سان گڏ ٻيو مرد سُتل ڏسي ڪاوڙجي ويو، نشاني طور پنهنجو لڪڻ کٽ تي ڇڏي ويو، بعد ۾ مومل ڪئين نياپا اُماڻيا، آزيون نيازيون، معافيون، طلافيون ۽ وضاحتون ڪيون پر راڻي ميندري اڳيان هڪ به نه هليس. مومل جو من عشق جي آگ ۾ تپي، سڙي، ٻري ويو، سو نيٺ مجبور ٿي باهه جو اوڙاهه ٻارائي اُن ۾ ٽپو ڏئي “آپگهات” ڪري ڇڏيائين، جيئن ئي راڻي مينڌري تائين اُها خبر پهتي سو به مينهن واه ڪندو اچي پهتو، پر تيستائين سندس محبوبا مومل باهه ۾ جلي ڀسم ٿي چُڪي هُئي، اهو خطرناڪ منظر ڏسي راڻو به باهه ۾ ٽپي پيو ۽ خودڪشي ڪري انت آندائين. کن پل ۾ ٻئي راک بڻجي ويا.
    هتي “مومل راڻو” داستان لکڻ جو حاصل مقصد اهو آهي ته دنيا ۾ گھڻين خودڪشين جا سبب پيار، محبت ۽ عشق ۾ ناڪامي ئي معلوم ٿين ٿا. انتها درجي جي محبت جو جذبو ماڻهو ۾ جنونيت جي روين کي ظاهر ڪري ٿو. عشق جو انڌپڻ دنياداري جي بينائي وڃائي ٿو. نتيجي ۾ فقط “حاصلات” ئي اهم مقصد وڃي بچي ٿو. عشق جي جنون ۾ ورتل ماڻهو ٻي انسان جي جان وٺڻ ۽ پنهنجي جان ڏيڻ جي نفعي ۽ نقصان جي پرواهه ڪرڻ بنان قدم کڻندا آهن. اهو قدم ڇو نه خودڪشي جو هجي! پر ڪنهن به ريت ان عمل تان پوئتي هٽڻ جي سوچ سندن ذهن تي اچڻ جو ڪو سوال پيدا نه ٿيندو آهي. ڪيترائي عاشق پنهنجين محبوبائن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به “خودڪشي” ڪري ڇڏيندا آهن. مقامي توڙي قومي ميڊيا ۾ اهڙا ڪيس رڪارڊ ٿيندا رهيا آهن. هن معامري ۾ هڪ طرفي خودڪشي سان گڏ عشق جي جنون ۾ مبتلا عورت توڙي مرد ٻئي گڏجي به خودڪشي ڪن ٿا. حياتي تان هٿ ڌوئڻ جهڙو انتهاپسنداڻو قدم فقط ان وقت کنيو وينديو آهي، جڏهن هڪٻئي کي حاصل ڪرڻ جون سموريون اميدون نراس بڻجي وڃن. گڏجي جيئڻ جو ڪو به آسرو باقي نه بچندو آهي. ان صورتحال ۾ اڪثر هڪ طرفي خودڪشي جا واقعا ته تمام گھڻا رڪارڊ ٿيندا آهن.جنهن ۾ ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرين جو تعداد گھڻيرو هوندو آهي. پر ٻنهي ڄڻن مان ڪوبه هڪ بچي ويو ته ٿورن گھڻن ڏينهن ۾ پاڻ سنڀالي وري جيئڻ جو حوصلو حاصل ٿيڻ سان پٿر جهڙي ڳري بڻجي ويل زندگي جو گاڏو گهلجي گهلجي نيٺ وڃي پٽڙي تي چڙهندو آهي.
    عشق جي چوٽ لڳڻ بعد حاصلات جي پنڌ ۾ نراس بڻيل فرد ذهني طور جنونيت جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيڻ سبب پنهنجن حواسن کي وس ۾ رکڻ کان گھڻي حد تائين بيوس بڻجي ويندا آهن. جنهن بعد مايوسي جي ڪُن ۾ ٻڏندڙ ماڻهو جي عشق جي پُڄاڻي گھڻو ڪري“خودڪشي” تي ئي ٿئي ٿي. پر جي سندس هارجي ويل حياتي “آپگهات” کان بچي به وئي ته ان فرد جا پاڻ سنڀالڻ جهڙا آثار تمام گھٽ رهجي وڃن ٿا. محبت جي ميدان جا شڪست يافته فرد فراريت جي رڻ ۾ وڃائجي ويندا آهن. جتي سندن من تنهائي پسند بڻجي هن سماج کان ڏور ڀڄندو آهي، ان صورتحال ۾ ڪيترن ئي قيمتي ماڻهن کي خطرناڪ منشيات ۾ سهارو ڳوليندي نشي جو علتي عادي بڻجندي ڏٺو ويو آهي. فراريت کين هن معاشري کان جدا ڪري سندس مزاج ۾ چڙ ۽ جذباتيت تنگدليءَ جو زهر ڀري خوبصورت ۽ حسين زندگي کان باغي بڻائي ڇڏيندي آهي. ٻي طرف منشيات ته ان فرد کي ذهني ۽ جسماني طور ناڪاره بڻائڻ سان گڏ اڳتي هلي ڏوهاري پڻ بڻائي ڇڏيندي آهي. اهڙي زندگي جي شروعات (سلو پوائزن) موت ڏانهن سفر آهي. اهڙو عمل اپنائڻ بنيادي طور محبت ۾ ناڪامي جو پاڻ کان انتقام وٺڻ آهي. محبت ۾ هارجڻ بعد “خودڪشي” کان بچي ويل اهڙا ناڪاره بڻيل فرد هن سماج ۾ توهان کي آفيمي، چرسي، هيروئني جي روپ ۾ نظر ايندا. انهن عادي موالين جي اڪثريت جواني ۾ عشق جي ناڪامي جي صدمي کي برداش ڪرڻ لاءِ منشيات کي اپنايو پر نتيجو اهو نڪتو جو اهو ماڻهو عشق جي جذباتيت مان ته آجو ٿي ويو پر منشيات جي جڪڙ مان نڪري نه سگهيو. سندس حياتي جو مقصد مري ويو، خود به زنده لاش بڻجي هن سماج تي بار ثابت ٿيو. سندس اهڙي حياتي کي نيم موت جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو. موت ته هر جيو کي اچڻو آهي، فطري عمل جي ان اهم مرحلي مان زندگي کي اوس گذرڻو آهي. پر پنهنجي حياتي جي ناڪامين جو انتقام فطرت کان وٺي “آپگهات” ڪرڻ جو عمل هن حسين ڪائنات جو خطرناڪ الميو آهي. انهن الميي جو ذميوار هيءَ سماج به آهي ته خود “فرد” پاڻ به آهي.

    ٻيجل ۽ سورٺ به چکيا چڙهي آتم هتيا ڪئي.
    ڪائنات جي عظيم شاعر ڀٽائي سرڪار هن داستان تي مڪمل سُر “سورٺَ”سرجيو آهي. جهوناڳڙهه جي سخي راجا راءِ ڏياچ جي ڀيڻ کي پُٽ ڄائو، جنهن بابت پنڊتن پوٿيون پٽي اڳڪٿي ڪئي ته “اهو ٻار وڏو ٿي پنهنجي مامي راجا راءِ ڏياچ جو سِر کڻندو” جنهن بعد ان ٻار کي ڄمڻ وقت سسئي جيئن صندوق ۾ بند ڪري درياهه ۾ لوڙهيو ويو. اها صندوق لُڙهندي لُڙهندي وڃي راجا اُنيراءِ جي رياست مان نڪتي جتي ٻار جي اها صندوق هڪ چارڻ جي هٿ چڙهي جنهن صندوق مان ٻار ڪڍي نپايو، سندس نالو “ٻيجل” رکيائين. اهو ٻار وڏو ٿي جهنگ ۾ ٻڪريون چارڻ لڳو. هڪ ڏينهن سندن سماعتن تي هڪ سُريلي آواز جو پڙلاءُ پيو، جنهن تي ٻيجل اچرج ۾ پئجي ويو. ان آواز کي ڳوليندي وڃي هڪ وڻ تي نظر پيس، جتي ڪنهن ماڙهو هرڻ کي ماري ان جا آنڊا وڻ تي اُڇلائي ڇڏيا هئا، هرڻ جي سُڪي ٺوٺ ٿيل آنڊن مان هوا تي من موهيندڙ سُر نڪري رهيا هئا، سندس حيرانگي جي حد نه رهي، هن هرڻ جا آنڊا کڻي ساز تي چاڙهيا، ۽ سُرندو وڄائي مٺا سُر ڪڍڻ لڳو، سندس سرندو ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيڻ لڳو.
    ٻيجل جي پيدائش واري سال راجا اُنيراءِ کي به ايڪهٺين ڌيءَ جو جنم ٿيو، راجا ڪاوڙ مان ان نياڻي کي به صندوق ۾ بند ڪرائي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو، جيڪا اتفاق سان راءِ ڏياچ جي ملڪ مان وڃي نڪتي، جتي رتني ڪنڀر نالي همراهه کي اها ٻارڙي هٿ آئي، جنهن سندس نالو “سورٺ” رکيو. سورٺ جواني جي حدن کي پهچندي حسن جي پري ٿي پئي، سورٺ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي راجا اُنيراءِ سندس سڱ گھريو، اُنيراءِ کي پتو ئي نه هو ته “سورٺ” سندس ئي لوڙهيل ڌيءَ آهي. اها سڌ جڏهن راءِ ڏياچ کي پئي ته رتني کي گھرائي ملامت ڪيائين ۽ سورٺ کي پنهنجي حويلي ۾ رکيائين. اُنيراءِ ان ڳالهه تي ڪاوڙجي جهوناڳڙهه تي ڪاهه ڪئي، پر هڪ سال جي جنگ بعد به کيس فتح نصيب نه ٿيس. واپس پنهنجي وطن وڃي پڙهو گھمايائين ته “جيڪو کيس راءِ ڏياچ جو سِر آڻي ڏيندو ان کي امُلهه هيرن جو ٿالهه انعام ۾ ڏنو ويندو” ٻيجل جي پتني هيرن جو ٿالهه وٺي پاڻ وٽ رکيو ۽ واعدو ڪيائين ته سندس ور ٻيجل راءِ ڏياچ جو سِر وڍي ايندو، ٻيجل زال جي واعدي کي وفا ڪرڻ خاطر سُرندو سينگاري راءِ ڏياچ جي درٻار تي وڃي سُر ڇيڙيائين. سخي راءِ ڏياچ ٻيجل جي سُرن تي موهت ٿي پيو، کيس وڏا وڏا انعام ارپيائين، پر ٻيجل ته سندس سِر جو گھرجائو هو، تنهن راءِ ڏياچ کي چيو ته “مونکي انعام ۾ ڪجهه نه کپي، فقط توهان جو سِر کپي!”
    ٻيا در ڏيئي ٻين کي، آيس تنهنجي در،
    سونهارا سورٺ ور ! ڪا منهنجي ڪر،
    ڀلارا ! ڀيري ڀر، پالهو پاند پينار جو .

    سخي راءِ ڏياچ جي در تان ڪڏهن به سوالي خالي نه ويو هو، سو راءِ ڏياچ پنهنجو سِر ڪوري ڏنو.
    ڪي جي ٻيجل ٻوليو، ڀنيءَ ويهي ڀان،
    راجا رتولن ۾، سيباڻو سلطان،
    آءُ مٿاهون مڱڻا! مقابل ميدان،
    گھوريان لک لطيف چئي، تنهنجي قدمن تان قربان،
    مٿو هي مزمان ! هلي آءُ ته هت ڏينءِ !

    ٻيجل راءِ ڏياچ جو سِر کڻي اچي اُنيراءِ کي پيش ڪيو، اُنيراءِ کي هڪ سخيءَ جي اهڙي قرباني جو قدر ٿيو، جنهن پڻ پڇتائيندي ٻيجل کي سندس لالچ تي سخت ملامت ڪئي، جنهن ٻيجل کي ملڪ نيڪالي ڏني. جنهن بعد ٻيجل به سُرندو کڻي جهوناڳڙهه روانو ٿيو، جتي سورٺ مچ ٻارائي “ستي” بڻجي سڙي راک ٿي چُڪي هئي، ٻيجل به راڻي مينڌري جيئن باهه جي اوڙاهه ۾ ٽپي سڙي ساهه ڏنو. چکيا چڙهڻ به بنيادي طور “آتم هتيا” جو هڪڙو قسم آهي. هن ٻنهي داستانن کانسواءِ ٻيا به ڪجهه داستان آهن جن ۾ “چکيا چڙهي خودڪشي ڪرڻ جا احوال شامل آهن،”


    دنيا لاءِ دهشت جي علامت بڻيل ”هٽلر“ جي خودڪشي

    “آپگهات” (suicide) ڪري حياتيءَ جو انتم ڪندڙ ماڻهن، يا خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪندڙ ۽ ارادو رکندڙ ماڻهن لاءِ عام طور تي اها راءِ به جُڙيل هوندي آهي ته “اهو فرد منشيات جو عادي، شيزوفرينيا، ڊپريشن ۽ نفسياتي مرض ۾ مبتلا يا وري مايوسين جو ماريل ۽ زندگيءَ جي جاکوڙ ۾ هارجي ويل نهايت ئي بزدل، ڊڄڻو ۽ ناڪام ماڻهو آهي يا هو” پر ڪيترائي اهڙا مثال به موجود آهن. جنهن ۾ خودڪشيءَ ڪندڙ ماڻهن ڪاميابين جا ڪيترائي قراقرم پار ڪيا. سندن سموري حياتي ۾ ڪاميابين سندن قدم قدم تي آجيان ڪئي، پر آخر ۾ شڪست جي ڊپ کين “خودڪشي” تي مجبور ڪيو. حياتيءَ ۾ صرف ڪاميابين جو تصور ڪرڻ ۽ ناڪامين کان ڀڄڻ هڪ مڪمل حقيقت پسند ماڻهو جي مزاج، سوچن ۽ خيالن جي بلڪل ابتڙ عمل آهي.
    مال، ملڪيت، ڌن ۽ مايا جو موهه ۽ حوس ماڻهوءَ مان “ماڻهپو” ڪڍي انساني قدرن کان مڪمل آجو ۽ کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي. دنيا جو اهو ماڻهو “ذاتيات” جي لوڀ، هٺ، وڏائي، تڪبر ۽ انا ۾ نيٺ پاڻ به فنا ٿي لُڙهي وڃڻ سان گڏ دنيا جي حوسي ماڻهن لاءِ هڪ عبرتناڪ مثال بڻجي ويندو آهي. دنيا ۾ جرمن ڄائو ايڊلف هٽلر به اهڙو مثال بڻجي ويو. هٽلر جرمن قوم جو هيرو ڪيئن بڻيو؟ هٽلر چيو ته “جرمن عظيم قوم آهي، تنهنڪري دنيا تي حڪمراني سندن حق آهي” ان ڳالهه سان هٽلر کڻي جرمن قوم جو ته هيرو بڻجي ويو پر باقي سموري دنيا هٽلر کي جن لفظن ۾ ياد ڪري ٿي اهي “لفظ” باشعور سماجن جي اخلاقياتي دائري جي لکت جي ٻوليءَ ۾ اڃا نٿا لکي سگهجن. ڇو ته اڃان به “اخلاقيات” تهذيب يافته سماجن ۾ هڪ سبجيڪٽ طور پڙهائي وڃي ٿي. ڪائنات جي فطري قانون ۽ جدلي ماديت جي اصول تحت گھڙيو گھاٽ ڀڃي ڀور ڀور ٿيڻ لاءِ ٺهي ٿو. جيڪڏهن هٽلر غيرفطري موت قبولي “خودڪشي” نه به ڪري ها تڏهن به هرحال ۾ کيس مرڻو ته اوس هو. توڙي جو هُن پنهنجي انسان دشمن زهريلي جيون جو انت پاڻ پنهنجي هٿن سان آندو پر اهڙو عمل مجموعي طور دنيا جي پُرامن انسانن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو، دنيا تان ڏُرت ٽري پئي. سندس موت بعد جتي جرمن قوم سوڳ ملهايو اُتي دنيا ۾ امن جا اڇا پنڇي اڏاريندڙ ماڻهن کي خوشي محسوس ٿي. هڪ جنگي جنون رکندڙ ذهن پنهنجي منتقي انجام تي پهتو، پر اڃا “هٽلري ذهنيت” جو خاتمو نه آيو آهي، انسان جي ازلي ويري هٽلري سوچ اڃا تائين حسين دنيا جي مقدس وجود کي رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي.

    هٽلر جو عروج ۽ زولال
    دنيا کي خطرناڪ جنگ سان فتح ڪري “حڪمراني” جا خواب ڏسندڙ هٽلر، 20 اپريل 1889ع تي جرمنيءَ جي هڪ غريب موچي الوئس هٽلر جي گھر ۾ پيدا ٿيو. پندرهن سالن جي عمر ۾ هٽلر جا ماءُ ۽ پيءَ فوت ٿي ويا، هٽلر يتيم ٿي ويو. هٽلر پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ سٺو مصور ته هو پر اها جدا ڳالهه آهي ته آرٽس ڪاليج ۾ کيس داخلا جي لائق نه سمجهيو ويو. پهرين عالمي يُڌ ۾ رضاڪارانه طور حصو وٺندڙ هٽلر کي جرمن جي اعلى فوجي آفيسرن ان ڪري پروموشن نه ڏنو جو سندس شخصيت ۾ صلاحيتن جي کوٽ هُئي. اهو ناڪام شخص 1919ع ۾ جرمني جي ورڪرز پارٽي ۾ شامل ٿيو، اها پارٽي اڳتي هلي سموري دنيا ۾ نفرت جي نگاهه سان ڏٺي ويندڙ “نازي” جي نالي سان مشهور ٿي، هٽلر سال کن ۾ ان پارٽي جي اهم عهدي تي نامزد ٿي ويو، ايڊلف هٽلر ان پارٽي کي 1930ع جي چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي سان همڪنار ڪيو. 1933ع ۾ هٽلر جرمن جو اهم ليڊر بڻجي نروار ٿيو، هٽلر پاران 1939ع ۾ پولينڊ تي ڪاهه ئي ٻي عالمي جنگ جي شروعات هُئي، هٽلر وٽ تقرير سان لکين جرمن ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جو ڪمالِ فن هو. جنهن سان هو پنهنجي ڳالهه سگهاري انداز سان مڃائڻ ۾ ڪامياب ويندو هو.
    هٽلر جو جنگي جنون ڏسي برطانيا کي اهي پسڻ پئجي ويا هئا ته “نازي فوج” کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو ته فرانس سان گڏ خود برطانيا ۾ وڏي جنگي تباهي ايندي، ان ڪري ئي برطانيا ۽ فرانس پولينڊ سان گڏ رومانا ۽ بلقان جي تحفظ جي ذميواري کڻڻ جو اعلان ته ڪيو پر کين به سِر جي لڳل هئي. هٽلر به ان ڳالهه کي سمجهي ويو هو ته فرانس ۽ برطانيا جرمني کي نيست ۽ نابود ڪرڻ خاطر روس سان ڳجها ٺاهه ڪرڻ لاءِ پيش قدمي ڪري رهيا آهن. روس وري فرانس ۽ برطانيا سان ان ڪري اتحاد ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هو ته “لٽيا اسونيا، پولينڊ ۾ روسي فوج کي موڪلي هٽلر جي نازي فوج جي رستا روڪ ڪري سگهجي.” پر هٽلر جي فوج پولينڊ تي قبضي بعد 1940ع ۾ ناروي تي قبضو ڪري ورتو، 25 جون 1940ع تائين هٽلر هالينڊ، بيلجم، لکس برگ ۽ فرانس جي سلطنتن کي پنهنجي وس ڪري چڪو هو، برطانوي فوج کي ڀڄڻو پيو، 1940ع جي پڇاڙي ۾ برطانوي فوج اطالوي طرابلس تي چڙهائي شروع ڪئي، 1941ع ۾ هٽلر جي نازي فوج اطولين جي مدد لاءِ پهچي وئي، انهي سال هٽلر هنگري، رومانيا، يوگوسلاويا، بلغاريا ۽ يونان کي فتح ڪرڻ بعد روس تي حملو ڪيو. هٽلر جي فوج تمام ڦڙتي سان لينن گراڊ، ماسڪو، يوڪرين ۽ ڪريميا تائين پهچي وئي. 1943ع ۾ روسي ريڊ آرمي جوابي حملو ڪيو، 1944ع ۾ جرمني فوج کي بار بار شڪشتن ڪمزور ڪري ڇڏيو، هاڻ هٽلر جو بدترين زوال شروع ٿي چڪو هو، مسلسل شڪستن بعد هڪ دفعو هٽلر جي فوج پنهنجي سموري قوت کي ڪٺو ڪري سيگفريڊ لائن تي مخالف اتحادي فوج تي اهڙو ته منهن ٽوڙ جوابي حملو ڪيو جو مجبور ٿي کين ستر ميل پوئتي هٽڻو پيو. پر هاڻ سازشي نازي فوج جي طاقت اجهامندڙ ڏيئي جيئن آخري ڀڙڪو کائي پنهنجي انت ڏانهن وڌي رهي هئي، تهه خاني ۾ لڪل هٽلر کي روسين گھيري ۾ آڻي ڇڏيو هو، کيس پتو پئجي ويو هو ته هو جلد بدترين شڪست جي ويجهو پهچي چڪو آهي،اهو ٻي عالمي جنگ جو آخري ڏينهن هو. 20 اپريل 1945ع تي دنيا جي ظالم شخص هٽلر پنهنجي هڪ ڏينهن اڳ پرڻيل ڪنوار ايوا برائون کي پنهنجي پستول سان مارڻ بعد پاڻ به “خودڪشي” ڪري ڇڏي. دنيا اندر جنگي دهشت جي علامت بڻيل هٽلر پنهنجي آخري انجام تي وڃي پهتو، پُرامن ۽ حسين دنيا اندر جنگي جنون ۾ مبتلا ٻين ڊڪٽيٽر، معصوم انسانن جي قاتل، جابر ۽ ظالم ماڻهن لاءِ به هٽلر جو موت هڪ مثال بڻجي ويو، خوف ۽ حراس ۾ ورتل ماڻهن سک ۽ شانتي جو ساهه کنيو.
    ڪنهن جي وهم گمان ۾ هو ته لاتعداد بي گناهه انسانن کي قتل ڪري سموري دنيا تي پنهنجي جنگي جنون خاطر غيرقانوني قبضو ڪري حڪمرانيءَ جو خواب ڏسندڙ هٽلر “خودڪشي” ڪندو؟ ڇا سندس ڏاڍ مڙسي هميشه لاءِ برقرار رهي سگهي؟ دنيا جا پُرامن ماڻهو ۽ تاريخ کيس ڪهڙن لفظن ۾ ياد ڪندي؟ تاريخ ۾هڪ ڄٽ اسڪولي شاگرد، ناڪام ۽ نااهل فوجي جوان پنهنجي ملڪ جو ڪامياب سياستدان بڻجي جرمني جو حڪمران بڻيو ته ڇا اها ڪاميابي گھٽ هئي؟ جو کيس دهشت ذريعي ۽ جنگي جنون سان دنيا کي پنهنجي لٺ هيٺ هلائڻ ۽ مٿس قبضو ڪرڻ جو جنون جاڳيو هو؟ ڏنڊي جي زور تي دنيا تي حڪمراني جي حوس ذريعي ڌاڪو ڄمائڻ جي سوچ کيس بُري شڪست سان گڏ “آپگهات” جهڙي خطرناڪ غيرفطري موت جي ور چاڙهي ڇڏيو. هٽلر جي ذهن ۾ خودڪشي جو خيال جنگي جنون جي شڪست جو اعلان هو، جنهن جو اظهار هو فقط “آپگهات” جي ذريعي ئي ڪري سگهيو ٿي.

    جاسوسن جي خودڪشي
    تاريخ اهو ثابت ڪري چُڪي آهي ته“ستي” جي رسم پويان توڙي جو مردن جا مفاد آهن پر جيئن ته قديم هندستان ۾ جنگي شڪست جي صورت ۾ هارجي ويل راجائن جون راڻيون باهه جا مچ ٻارائي “ستيون” بڻجي “آپگهات” ڪري دشمنن جي هٿ چڙهڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. کين پتو هو ته جيڪڏهن هو دشمنن جي قيد ۾ قابو ٿي ويون ته ساڻن ڪهڙو حشر ڪيو ويندو ۽ باقي حياتي جا عذاب سندن زندگي کان ڪيترا ڳرا هوندا؟ فاتح دشمنن جو ورتاءُ ۽ عذابن جو تصور انهن “ڪنيائن” کي “ستي” جي رسم جي نالي تي “خودڪشي” ڪرائيندو هو. بلڪل جاسوسي ۾ فن جي مهارت ۽ ڪمال اهو ئي چئبو جنهن ۾ ڪنهن به ريت دشمن جي ور نه چڙهجي، پڪڙجڻ جي صورت ۾ موت ئي سندن خواهش هوندو آهي. “جاسوسي” دنيا جو اهم جوکائتو فن رهيو آهي، دنيا جون سموريون جنگون جاسوسي کان سواءِ وڙهڻ ممڪن نه آهن، “جاسوسي” جي “فن ۽ ڪمال” تي ٺهيل فلمون، ڊراما، ناول ۽ ڪهاڻين جي تجسس کان ٿورو ٻاهر نڪري حقيقت جي دنيا ۾ جهاتي پائبي تڏهن پتو پوندو ته پنهنجي ملڪ جي بقاءَ خاطر جاسوسي جي محاذ تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندي دشمن ملڪن ۾ پڪڙجي پوڻ بعد کين ڪهڙن عذابن مان گذرڻو پوي ٿو؟ جاسوسي ۾ مخبري ۽ جاسوسي سميت اهم جنگي محاذن تي ويل سپاهي جڏهن دشمنن هٿان پڪڙجي پوندا آهن ته پنهنجي ملڪ جا راز ڏيڻ جهڙي قومي غداري جي خواري جو داغ پنهنجي وطن ۽ پنهنجي سِر تي کڻڻ کان موت کي ترجيح ڏيندي پنهنجي کيسي ۾ پيل زهر جو ڪيپسول ڳڙڪائي “خودڪشي” ڪرڻ کي اهميت ڏين ٿا. توڙي جو اهو عمل به “خودڪشي” جي کاتي ۾ ته اچي ٿو پر پنهنجي وطن جي وجود جي سلامتي سان واڳيل اهڙي “خودڪشي” جي موت کي “شهادت” جو اعزاز به ارپيل آهي. زندهه پڪڙجي پيل جاسوس کي ڪيترن عذابن مان گذرڻو آهي؟ يعني پڪڙجي پيل هڪ جاسوس کي موت جو سامان به ميسر نه هوندو آهي، ته جيئن هو دشمن ملڪ جي ڏنل عذابن مان پنهنجي جند آجي ڪرائي آساني سان “خودڪشي” ڪري سگهي، دشمنن جي ورتاءُ جو اندازو کيس چڱي ريت هئڻ ڪري گرفتار ٿيڻ وقت زندگي کان وڌ کيس کيسي ۾ پيل زهر جو ڪيپسول وڻندو آهي. هن موضوع تي تاريخ کي هڪ ئي وقت ٻه طرفو موقف لکڻو پوندو آهي، “هڪ ئي وقت هڪڙي ملڪ جو غدار جاسوس ته ٻي ملڪ جو هيرو لکيو ويندو آهي” بلڪل اهڙي ريت هٽلر به جرمن قوم جو عظيم “هيرو” هجڻ جو خطاب کڻي “خودڪشي” ڪئي پر گڏوگڏ لکين ماڻهن جو قاتل به هو. جنهن کي ڊڪٽيٽر جو خطاب مليل آهي.


    عظيم آدرشن لاءِ احتجاجي آپگهات

    “جمهوريت” تي قابض غيرجمهوري ماڻهو جمهوريت کي کڻي ڪهڙي به معنى ڏين پرجمهوريت جي بنيادي معنى اهو آهي ته ملڪ تي نج عوامي راڄ هجي، جيڪو عوام جي مرضي سان عوام لاءِ منتخب ڪيل هجي، جنهن ۾ انساني حق آزاد هجن، هر ماڻهو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ قانوني جنگ سان گڏ جمهوري جدوجهد به جمهوريت جي دائري ۾ ڪري سگهي.دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجا حق وٺڻ لاءِ اعلى اختيارين آڏو ڌيان ڇڪائڻ خاطر “احتجاج” ڪري به پنهنجا مطالبا مڃايا ويندا آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن اعلى اختيار اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿيڻ ڪري احتجاج تي ڌيان ئي ڪونه ڏيندا آهن يا وري پنهنجي طاقت ۽ دهشت جي زور تي احتجاج کي دٻائڻ ۽ اڀريل احتجاجي تحريڪن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پُرامن احتجاج کي پُرتشدد بڻايو ويندو آهي. جيئن بدمست حڪمرانن پاران شڪاگو جي مزدورن تي سڌيون گوليون هلائي کين شهيد ڪيو ويو هو، اهڙن واقعن جي تمام ڊگهي، ڏکوئيندڙ ۽ رتهاڻي تاريخ آهي. پنهنجا جائز ۽ جمهوري حق وٺڻ لاءِ ڪيل احتجاج فقط دٻاءُ وجهڻ ۽ متوجه ڪرڻ جو اهم ذريعو آهي، احتجاج جا ڪيترائي طريقا پڻ آهن. جنهن ۾ بک هڙتال، مظاهرو، ريلي، جلوس، ڪم ڇڏ هڙتال ۽ جيل ڀريو تحريڪ وغيره آهن. پر انهن احتجاجن ۾ “بک هڙتال” احتجاج جو خاموش طريقيڪار آهي.پنهنجا مطالبا مڃائڻ لاءِ بک هڙتال تي ويٺل احتجاجي ماڻهو پنهنجو کاڌو پيتو بند ڪري “بک” تي ويهندا آهن. جيستائين سندن مطالبا نٿا مڃيا وڃن تيستائين احتجاجي ماڻهو بغير کائڻ پيئڻ جي بک هڙتال تي ويهي احتجاج ڪندا آهن. بک هڙتال ڪندي مرڻ يا پريس ڪلب اڳيان احتجاجي طور پاڻ ساڙي مارڻ جا ڪيترائي واقعا تاريخ ۾ موجود آهن.

    ڇا عظيم آدرشن لاءِ بک هڙتال تي مرڻ “خودڪشي” آهي؟
    عام طور “خودڪشي” جذباتي ڪيفيت جي خطرناڪ خيال جو نتيجو آهي. پر احتجاجن دوران بک هڙتال ڪري پنهنجو کاڌو پيتو بند ڪري مرڻ يا پاڻ ساڙي مرڻ جو عمل اپنائيندڙ هڪ عام ماڻهو ته جذباتيت جي وهڪري ۾ وهي ڪندو آهي، پر هڪ سياسي ورڪر ته اهڙو عمل غور، فڪر، سوچ ۽ ويچار بعد ئي ڪندو. پر بنيادي طور بيوسي جي انتها سان گڏ ذهني انتهاپسندي جي به آخري حد تي پهتل لاچار ۽ مايوس انسانن جي دانهن، ڪوڪ ٻڌڻ جا سڀ ذريعا ۽ وسيلا ختم ٿي وڃن تڏهن مسئلن جي گھيري ۾ ڦاٿل ماڻهو “موت” جي چتاءُ ۾ پنهنجو حل سمجهن ٿا. جمهوري معاشرن ۾ احتجاج ڪرڻ ته هر ماڻهو جو جمهوري حق آهي پر جمهوريت جي قانون ۾ احتجاج ڪندي پاڻ مارڻ جو عمل غيرقانوني آهي. دنيا ۾ هيستائين لکين احتجاج ٿيا آهن. جن ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجن مطالبن جي مڃتا ۾ ڪامياب به ويا ۽ ته ڪيترن جو نصيب ناڪامي پڻ بڻي آهي. پر ان سان گڏ لکين احتجاجي ماڻهو غيرجمهوري جابر قوتن جي ڊڪٽيٽري سوچ هٿان گولين جو کاڄ پڻ بڻجي ويا، ته ڪيترن ئي انسانن جون دانهون ۽ ڪوڪون انڌي، ٻوڙي، گونگي نظام ۾ دم ٽوڙي ويون، بيوس، لاچار ۽ هيڻن ماڻهن تي عدم انصافي جي رويي ظلمتن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا. پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي انسان دشمن ظالم، وحشيت پرست، انتهاپسند دهشتگرد، قبضاگير سرمائيدار سامراج خلاف زندهه رهي پُرامن جمهوري جدوجهد ڪجي يا احتجاجن پاڻ ماري زندگي جو ڏيئو اُجهائي دشمن قوتن لاءِ ميدان خالي ڇڏجي؟ “مقصد عظيم” جي پنڌ ۾ عوام جي قومي، جمهوري ۽ انساني حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙڻ جو طريقو ڪيترو به پُرامن ۽ جمهوري ڇو نه هجي پر اڪثرجابرقوتن پاران هٿ وٺي به عوام جي پُرامن احتجاج کي پُرتشدد بڻائڻ جون سازشون سٽيون وينديون آهن.
    پنهنجن جائز حقن لاءِ احتجاجي طور بک هڙتال تي کاڌو پيتو بند ڪرڻ يا پيٽرول هاري پاڻ ساڙي ماريندڙ ماڻهو توڙي جو پنهنجن عظيم آدرشن خاطر جان جي قرباني ڏيئي موت جو شڪار بڻجي ويندا آهن ۽ تاريخ ۾ کين اعلى مقام به مليو آهي، پر ڇا زندهه رهي سامراجي قوتن خلاف ڀرپور انداز سان “جاکوڙڻ” بجاءِ وقت کان اڳ احتجاجي طور غيرفطري “موت” جهڙو آپگهاتي عمل قومن ۾ ويڙهه ۽ مزاحمت جو جذبو پيدا ڪندو يا مايوسي جو ڪارڻ بڻبو؟ ان سوال تي سنجيدگي سان سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي.

    آئرلينڊ جي جمهوريت پسند اڳواڻن فرنيڪ اسٽينج ۽ بوبي سينڊس جو بک هڙتال تي ٿيل موت.
    جڏهن فيل مست برطانيا تي اقتدار جو سج اُڀريل ئي رهندو هو تڏهن رڳو برصغير جي عوام برطانيا جي قبضي هيٺ عذاب ڪونه ڀوڳيا هئا ۽ صرف هتي معصوم ماڻهن جو بي گناهه رت ڪونه وهيو هو پر دنيا جا ٻيا به پُرامن ملڪ برطانيا سامراج جي غيرقانوني قبضي هيٺ رهي غلامي جا عذاب ڀوڳيا. جنهن جو مثال آئرلينڊ به آهي.آئرلينڊ کي سن ارڙهن سئو عيسوي ۾ يونين ايڪٽ تحت زبردستي برطانيا سرڪار ۾ شامل ڪيو ويو هو.آئرلينڊ ۾ برطانيا سامراج جي غيرقانوني مداخلت وڌي وئي، اُتي جي مقامي باشندن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ لکين ڌاريان ٻاهران آڻي آئرلينڊ ۾ آباد ڪيا ويا. مقامي ماڻهن جي جمهوري ۽ انساني حقن تي ڌاڙو هنيو ويو. آزاد آئرش قوم کي غلام بڻايو ويو. ان ظلم خلاف آئرلينڊ جي آديواسين پاران آئرش ريپبلڪ آرميءَ جو بنياد وڌو ويو، قابض برطانيا سامراج خلاف زبردست بغاوت جي شروعات ٿي هئي، جيلون آئرش ريپبلڪ آرميءَ جي باغين سان ڀرجي ويون هيون، جيل اندر آئريش باغين جو مطالبو هو ته “برطانيا آئرلينڊ جي ڌرتيءَ تان قبضو ختم ڪري، آئرلينڊ جي عوام کي سياسي حق ڏنا وڃن ۽ جيلن ۾ قيد سياسي ورڪرن کي ڏوهاري بجاءِ “سياسي قيدي” تسليم ڪيو وڃي” 1976ع ۾ انهن مطالبن جي مڃتا ڪارڻ فرنيڪ اسٽينج نالي آئرش ريپبلڪ آرمي جي هڪ باندي ميمبر انگلينڊ جي واڪ فيلد جيل ۾ 62 ڏينهن جي بک هڙتال ڪندي مسلسل بک ۽ اڃ سبب فوت ٿي ويو. جنهن بعد بوبي سينڊس به ان ئي راهه جو راهي ٿيو. آئرلينڊ جي سرزمين تي جمهوريت خاطر مسلسل جدوجهد ڪندڙ آئرش ريپبلڪ آرميءَ جي اهم ڪردار بوبي سينڊس جي جدوجهد کي دنيا جي جمهوريت پسند ماڻهن پاران قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سندس احتجاجي موت ڪيترن ئي جابر قوتن جا عذاب ڀوڳيندڙ ماڻهن لاءِ جيندان بڻيو.
    آئرلينڊ ۾ ٿيل اليڪشن ۾ مخالف اميدوار کان پنجٽيهه هزار ووٽن جي برتري سان شڪست ڏيندڙ بوبي سينڊس کي جمهوريت جون ٺلهيون لٻاڙون هڻندڙ برطانيا سرڪار دهشتگري جي هٿ ٺوڪيي ڪيس ۾ 14 سال سزا ڏياري پارليامينٽ بجاءِ جيل پهچائي ڇڏيو. جيل ۾ برطانوي شهنشاهت جي ظالم انتظاميا کيس سياسي قيدي تسليم ڪرڻ ۽ ضمير جو قيدي مڃڻ بجاءِ ساڻس هڪ عام ڏوهاري قيدي وارو سلوڪ رکيو. اهڙي رويي خلاف بوبي سينڊس پنهنجي ساٿين سميت جيل ۾ پهرين مارچ 1981ع کان مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال شروع ڪئي بوبي سينڊس جا مطالبا جائز هوندي به برطانيا جي شهنشاهي سامراجي سرڪار سندن مطالبا پنهنجي انا سبب ان ڪري به تسليم نه ڪيا جو اهي مطالبا مڃڻ رڳو بوبي سينڊس ۽ جمهوريت پسندن آئرش عوام اڳيان سندن شڪست نه هئي پر ان وقت کين سڄي دنيا ۾ خوار ٿيڻ جو خوف هو. آئرش ريپبلڪ آرميءَ جي جيل ۾ بند قيدين کي برطانيا سرڪار سياسي قيدي ڪيئن تسليم ڪندي؟ سامراجي سوچ رکندڙ برطانوي شهنشاهي سامراجيت جي حامي حڪمرانن ته آئرلينڊ جي ماڻهن کي فقط “انسان” به نٿي تسليم ڪيو.برطانيا جي حڪومت کي چڱي ريت پتو هو ته ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ڀوڳي بک هڙتال تي ويٺل بوبي سينڊس جيل مان نڪري پارليامينٽ پهتو ته برطانوي سامراج جا ڪُڌا ڪرتوت پڌرا ٿي پوندا. جيل اندر بک هڙتال تي ويٺل بوبي سينڊس کان جبري طور استعفى وٺڻ لاءِ برطانوي سرڪار پاران ڪيترائي حيلا هلايا ويا پر هماليا جيڏا حوصلا رکندڙ بوبي سينڊس انهن اڳيان آڻ نه مڃيندي چيو ته“مان ايندڙ ٻه ٽي هفتا زندھه آهيان. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي حق تان هٿ نه کڻندس. مان ٻن ٽن هفتن لاءِ استعفيٰ نه ڏيندس، ٿي سگھي ٿو منهنجو موت به اوهان کي استعفيٰ نه ڏئي. منهنجو جيون يا موت پنهنجي حق تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندا” بوبي سينڊس پنهنجي عظيم مقصد خاطر احتجاجي طور “بک هڙتال” تي ويٺل رهيو. کيس ڊپ ۽ لالچون هڪ پل به لوڏي نه سگهيون. بنان کائڻ ۽ پيئڻ جي 66 ڏينهن مسلسل بک هڙتال ڪندڙ بوبي سينڊس 5 مئي 1981ع تي هي جهان ڇڏي ويو. جيل انتظاميا پاران جڏهن بوبي سينڊس اڳيان کاڌي جون شيون رکيون وينديون هيون تڏهن بوبي چوندو هو “منهنجي زندگيءَ جو مقصد آزادي آهي، ماني کائي جيئڻ نه، مان چاهيان ٿو ته جيڪا ماني منهنجي آڏو رکي ٿي وڃي اها منهنجي قوم جي ڏتڙيل ۽ بکين ماڻهن آڏو رکي وڃي ته بهتر ٿيندو.” بوبي سينڊس جيل ۾ بک هڙتال دوران ڊائري لکڻ سان گڏ مزاحمتي شاعري پڻ ڪئي.


    ٽنڊو بهاول سانحو : مائي جندو جي نياڻين پاران پاڻ ساڙي مرڻ

    خودڪشين جا ڪيترائي سبب هجن پر ڪجهه سبب ۽ واقعا ضرور حيران ڪندڙ ۽ نهايت ئي افسوسناڪ آهن. جن کي ساري اکيون آلايون ٿي وڃن ٿيون. اهي واقعا زمانن تائين ذهن ۾ تري اچڻ سان من اندر ۾ سوڳواري وار کولي وهندي آهي. ذاتي زندگي جا حل نه ٿيڻ جوڳا مونجهارا ڪائنات جي مضبوط ماڻهو کي به “آپگھات” ڪري مرڻ تي مجبور ڪن ٿا. پر اهڙي خودڪشي وري به ذاتي زندگي سان لاڳاپو رکي ٿي پر دنيا اندر اجتماعي حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج ڪندي “خودڪشي” جي موت مرڻ وارن ماڻهن جي ڪردار کي قومي ۽ اجتماعي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ قربان ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي. توڙي جو آپگھاتي موت کي ملڪي، معاشرتي نظام ۾ غيرقانوني ۽ مذهبن ۾ حرام تصور ڪيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو. ان هوندي به آئرلينڊ جي بوبي سينڊس جيئن پنهنجي قوم ۽ وطن لاءِ بک هڙتال تي ويهي نهايت ئي تڪليف ڏيندڙ ۽ ايذائيندڙ موت قبوليندڙ ماڻهو جي ان عمل کي تاريخ رائگان ڪرڻ جي جرئت نٿي ڪري سگهي. تاريخ ته ويٽنامي ڀِڪشو ٻوڌين جون قربانيون به ضايع نٿي ڪري سگهي، جيڪي “آمريڪا ويٽنام جي ڌرتيءَ خالي ڪري” جي مطالبي سان هنوئي جي چوڪ تي ٽي سئو ڏينهن تائين پنهنجي جان جو نذرانو ڏيندا رهيا.

    ٽنڊي بهاول سانحو
    هن سانحي کي ڊگھو عرصو گذري چڪو آهي، پر ان جا زخم اڄ به تازا آهن، ڪامريڊ ڏامري مل ميگهواڙ سان گڏجي جڏهن ان واقعي جا تفصيل ڳولياسين ته لڱ ڪانڊارجي ويا. نيڻ برسي پيا. اصل ۾ ٽنڊو بهاول واقعو زمين ۽ ملڪيت تي قبضو ڪري ڦٻائڻ لاءِ ڪرايو ويو هو. حيدرآباد ويجهو شيخ ڀرڪيو روڊ تي آباد ڳوٺ “ٽنڊو بهاول” تي 5 جون 1992ع جو ڪئپٽن ارشد جميل سانجهي ڌاري هلان ڪئي هئي، ان وقت سمورا پورهيت پورهيو ڪري پنهنجن اجهن ۾ واپس وريا هئا. انهن مسڪين ڏهه پورهيتن کي کنڀي کڻي وڃي درياهه جي بند تي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، 10 ڪٽنب تباهه ڪيا ويا. 9 بيواهن سميت 34 معصوم ٻارن کي به يتيمي پلئه پئي. ڪئپٽن پاران ڪيل ڪاهه ۾ 9 بي گناهه انسان ماريا ويا، هڪ ڳوٺاڻو محمد عثمان پٽ الهبچايو خاصخيلي عمر 55 سال سخت زخمي ڪيو ويو . ڪئپٽن جي رهزن ٽولي پاران ماريل ڳوٺاڻن جا نالا هن ريت آهن.1.منٺار پٽ محمد بخش چانڊيو عمر 22 سال (مائي جندو جو پُٽ) 2.بهادر پٽ محمد بخش چانڊيو عمر 30 سال (مائي جندو جو پُٽ) 3.حاجي اڪرم پٽ ڪمال چانڊيو عمر 45 سال (مائي جندو جو ناٺي) 4.ڪنڊو پٽ محمود خاصخيلي عمر 38 سال5.جاويد پٽ محمود خاصخيليءَ عمر 22 سال 6.غلام مصطفيٰ پٽ غلام محمد بروهي عمر 17 سال 7.شفيع محمد پٽ غلام علي ڀرڳڙي عمر 28 سال 8.هملو پٽ ڏُجهو ڪولهي عمر 38 سال9.ڌڻي بخش پٽ صوف خان ٻٻر ڳوٺ جاڙا ٻير عمر 40 سال.
    ٻن سالن بعد فوتي جاويد خاصخيلي جي بيواه ريحانه خاصخيلي به دل شڪسته ٿي 5 جون 1994ع تي پسٽل سان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. قاتل ڪئپٽن جي ان ڪاهه کي قانوني طور درست قرار ڏيڻ خاطر 6 جون 1992ع تي سرڪار پاران ڄامشوري ٿاڻي تي هڪ FIR نمبر 92/57 ڪٽي وئي، جنهن ۾ مارجي ويل پورهيتن کي دشمن ملڪ جا ايجنٽ قرار ڏيئي، مقابلي سان گڏ غيرملڪي هٿيار هٿ اچڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. 36 دستي بم، 36 ڊيٽونيٽرز، 12 مئگزين سميت 4 ڪلاشنڪوف، 4 گرنينڊ، 36 ڪلوگرام ڌماڪيدار مواد ۽ هڪ شارٽ گن وغيره ڄاڻائي ميڊيا آڏو ظاهر ڪيا ويا، مسڪين پورهيتن جي خون عيوض ان وقت جي اکين تي پٽي ٻڌل سرڪار پاران ڪئپٽن ارشد کي ترقي ڏيئي ميجر بڻايو ويو. پر جس لهي سنڌي ميڊيا سميت غيرملڪي ميڊيا جنهن پهرين ڏينهن کان هن معاملي جي اصل مقصد تان پردو چاڪ ڪرڻ شروع ڪيو هو، ان قهري ڪاروائي تي سنڌ جا باشعور سياسي، سماجي ماڻهو سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪري آواز بلند ڪرڻ لڳا، ڳالهه وڌندي وئي. جنهن بعد هڪ ٻي FIR نمبر 42/92، خميسي خان ڀرڳڙيءَ پاران 8 جون 1992ع رات 10 وڳي هوسڙي ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي. ان واقعي جي اصل حقيقن تان هاڻ پردو هٽي چڪو هو، ميجر ارشد جو اصل چهرو سامهو اچي چڪو هو. سڄي سنڌ جا ماڻهو ٽنڊوبهاول ۾ شهيدن جي تڏي تي اچڻ لڳا ۽ ساڻن ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪرڻ لڳا. نيٺ ڪيس هاءِ پروفائيل ٿيڻ بعد 15 جون 1992ع تي محترمه بينظير ڀٽو ٽنڊي بهاول پهچي شهيدن جي وارثن سان عذرخواهي ڪندي چيو ته “جن جا جگر، ڀائر، خاوند ۽ والد ماريا وڃن ٿا انهن جو ڏک آءُ خُوب ڄاڻان ٿي”
    جڏهن وزيراعظم نواز شريف تائين معامري جون اصل حقيقتون پهچڻ لڳيون تڏهن هو 24 جون 1992ع تي چيف آف آرمي اسٽاف سان جنرل هيڊڪوارٽر ۾ ملڻ ويو. ٽنڊوبهاول سانحي جي شهيدن جي وارثن پاران مسلسل احتجاج ٿيندو رهيو. لڳاتار احتجاج جي دٻاءُ تي ملڪي ڳجهن ادارن جي جانچ پڙتال شروع ڪئي وئي جنهن بعد ميجر ارشد جميل ۽ 14 ٻين سپاهين لاء چيف آف آرمي اسٽاف آصف نواز جنجوعا جي حڪم تي 24 جون 1992ع تي ڪورٽ مارشل جو فيصلو ڪيو ويو. 8 جولاءِ 1992ع تي آرمي ڪورٽ ۾ ميجر ارشد جميل سميت 14 ساٿين تي ڪيس هليو انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: 1.ڪئپٽن ارشد جميل اعواڻ 2.حوالدار محمد اقبال 3.حوالدار محمد اڪرم 4.حوالدار غلام محمد 5.نائڪ رحمان دين 6.نائڪ محمد رزاق 7.لائنس نائڪ پرويزاختر 8.لائنس نائڪ گل محمد9.لائنس نائڪ خضر حيات 10.لائنس نائڪ فلڪ شير 11.لائنس نائڪ نصرالله خان 12.لائنس نائڪ شير سمند خان 13.لائنس نائڪ محمد يونس14.لائنس نائڪ خالد حسين.
    هنن 14 جوابدارن تي هيٺين الزامن تحت ڪيس هليو؛
    * 2 جون 1992ع تي چوريءَ جي پڪ اپ ۾ پرڏيهي ملڪ جا هٿيار رکڻ.
    * هٿ ناٽ سان اهي هٿيار هٿين خالي ڳوٺاڻن تي زوري مڙهڻ.
    * 5 جون 1992ع تي ٽنڊو بهاول جي 9 بيگناهه ڳوٺاڻن کي گهرن ۾ گهڙي زوري اغوا ڪري مارڻ.
    اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيا ۽ هڪ ڳوٺاڻي زخمي عثمان خاصخيلي ميجر ارشد جميل کي سڃاتو ته “اهو ماڻهو پٺاڻ محي الدين ۽ سندس ڀيڻوئي غلام نبيءَ وٽ ٽنڊو بهاول ۾ ايندو رهندو هو.”
    30 جولاءِ 1992ع تي ميجر ارشد سميت 14 فوجين تي ڪيس جون شاهديون مڪمل ٿيون.
    29 آڪٽوبر 1992ع تي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ميجر ارشد جميل کي موت جي سزا ۽ 13 فوجي اهلڪارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي جڏهن ته ٻارهون نمبر ملزم لائنس نائڪ شير سمند خان بري ٿيو.
    ان ڪيس جو هڪ جوابدار غلام محي الدين پٺاڻ انويسٽيگيشن دواران 11 جون 1992ع تي پوليس تحويل ۾ دل بند ٿيڻ سبب مري ويو ۽ ان جوابدار جو ويجهو مائٽ غلام نبي افغاني افغانستان ڀڄي ويو. جڏهن ته مشتاق اعواڻ ۽ غلام نبي پٽ محي الدين کي سيشن ڪورٽ حيدرآباد 1995ع ۾ عمر قيد جي سزا ٻُڌائي جيڪا اپيل ۾ هاءِ ڪورٽ ساڳي سزا بحال رکي، مسلسل جدوجهد ڪري قاتلن کي قانوني طور سزائون ڏيارڻ بعد ان تي عمل نه ٿيڻ خلاف مائي جندو، فهميده قريشي، زيب النساءَ، صاحبزادي، تيجي ڪولهڻ سميت معصوم ٻار مسلسل احتجاج ڪندا رهيا. جوابدارن کي مليل سزائن تي عمل نه ٿيڻ خلاف 14 آگسٽ 1996ع تي مائي جندو جي ٻنهي نياڻين حاڪم زادي ۽ زيب النساءَ پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو ۽ 11 سيپٽمبر تي دهشتگردي ڪورٽ حيدرآباد اڳيان پاڻ تي پيٽرول هاري باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو. ان واقعي سان سموري سنڌ ۾ سوڳواري ڇائنجي وئي. مائي جندو پڻ قاتلن کي سزائون نه ڏيڻ خلاف پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري رياست کي ٿرٿلي ۾ آڻي ڇڏيو. نياڻين کي “خودڪشي” لاءِ اُڪسائڻ جي گناهه ۾ ۾ نياڻين جي امڙ مائي جندو يارهن مهينا جيل ڀوڳيو. سندس پٽ ممتاز چانڊيو، ڏوهٽو سجاد چانڊيو، نياڻي حاڪم زادي جو مڙس فيروز ڀٽي ۽ حيدر ڪڇي کي نارا جيل ۾ قيد ڪيو ويو. سنڌ قومي ساٿ جي سرواڻ محترمه فهميده قريشي به مائي جندو سان ڀرپور ساٿ نڀائيندي نه رڳو گڏ جيل جا عذاب ڀوڳيا، پر سندس ڀاءُ حفيظ قريشي به عتاب هيٺ رهيو، سندن عزيزن سميت تقريبن 250 هاري ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سندن آفيس پُڻ بلڊوز ڪئي ويئي، پر هو ٻئي ڀيڻ ڀاءُ متاثرين سان ٻانهن ٻيلي بڻيل رهيا.
    مائي جندو جي اندر ۾ اٿيل انتقام جي ٻرندڙ مچ کي ٿڌي ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون، پر مائي جندو جي اندر ۾ انتقام چڻنگ مان ڀڀڙ بڻجي ويو هو. اهڙي ريت پنج گھرڀاتين سميت ڳوٺ جي ٻين بي گناهه شهيد ٿيل ماڻهن جي قاتلن خلاف ڊگهي جدوجهد رنگ لاٿو، 28 آڪٽوبر 1996ع تي مُک جوابدار ميجر ارشد کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو، ان خوشي ۾ مائي جندو جهومڻ ۽ نچڻ لاءِ هٿ مٿي کڻندي ئي بيهوش ٿي ڪري پئي. ڪيس جا ٻيا جوابدار 2009ع ۾ جنم ٽيپ ڀوڳي آجا ٿيا. هن ڏکوئيندڙ وارتا ۾ مائي جندو چوڏهن سالن جو بنواس ڪاٽيو، ٽنڊي بهاول کان سڄي ملڪ جا مشڪل پنڌ ڪرڻا پيس، ان جاکوڙ دوران ڏک، سور، تڪليفون،وڇوڙي جا وڍ، غربت، تنگدستيءَ، بدحاليءَ جي بدترين حالاتن ۾ هڪ پٺتي پيل ديس جي ٻهراڙي جي عورت ڪيئن مقابلو ڪيو هوندو؟ سندس 2 ڪونڌر پٽ ۽ هڪ ناٺي شهيد ڪيا ويا. انصاف نه ملڻ تي ٻن نياڻين ڪورٽ اڳيان احتجاجن پاڻ ساڙي موت قبوليو. پر جهڪڻ ۽ وڪجڻ جي خيال هڪ پل به مائي جندو جي ذهن جي ڪينواس کي نه ڇهيو، هڪ طرف اعلى فوجي قوتون ٻي طرف سامهون هڪ مسڪين سنڌياڻي سينو ساهي ثابت قدمي سان بيٺل رهي، کيس لالچن نه لوڏيو، داٻن ۽ دڙڪن نه دٻايو، جيلن ۽ ٿاڻن نه جهڪايو. هن جي حياتي جو بس هڪڙو مقصد هو پنهنجي بي گناهه ٻچڙن جي خون جو انتقام وٺڻ، هن جون اکيون رڳو ان لاءِ ئي کليل رهجي ويون هيون ته جيئن پنهنجي بي گناهه قتل ٿيل ٻچڙن جي خونين کي ڦاهي چڙهندي ڏسي سگهن. هن جي سيني ۾ دل رڳو ان لاءِ ڌڙڪي رهي هئي ته جيئن هو دنيا کي ٻڌائي سگهي ته ٻچڙن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ هڪ زخمي شينهڻ ڪيئن ٿي مقابلو ڪري؟ مون جڏهن کيس پهريون دفعو ڏٺو هو ڪيتري ئي دير تائين اٿي بيهي سندس آجيان ۾ ڪنڌ جهڪائي بيٺل رهيس. سيني ۾ ايڏي قيامت کڻي هلندڙ عظيم عورت کي گھڻي دير تائين ڏسڻ جي جرئت نه ڪري سگهيس.
    هن سانحي ۾ انصاف خاطر ٻن ڀيڻن خودڪشي ڪري پاڻ جلائي دنيا کي ظلم، جبر، ڏاڍ، ناانصافي ۽ انياءَ جي دانهن ڏني، جنهن بعد تڪڙو انصاف فراهم ٿيو. پر تباهي جي مچ ۾ مڪمل گھيرجي وڃڻ بعد به “اشرف المخلوقات” جو عظيم درجو رکندڙ انسان کي پنهنجا سمورا حواس ۽ هوش خطا ڪرڻ بجاءِ وڏي همت ۽ حوصلي سان حالتن سان نبيرڻ جو سوچڻ گھرجي. ڪائنات ۾ زندهه رهي به جابر قوتن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به ريت “آپگهات” مسئلن جو آخري حل ناهي.


    ”خودڪشي“ ۽ انساني حقن جي ادارن جو غيرسنجيده رويو




    “خودڪشي” جي عمل کي دنيا جا سمورا مهذب مذهب، معاشرا ۽ قانون رد ڪن ٿا ۽ سمورا باشعور سماج ان عمل کي روڪڻ لاءِ ڪوشان آهن. پر ان جي باوجود “خودڪشي” زمانن کي دنيا جو وڏو مسئلو بڻيل رهيو آهي. خوشحال ملڪن جا آزاد سماج جتي قانون ۽ انصاف يقيني بڻيل آهي. جتي انساني قدرن جو تقدس پائمال نٿو ٿئي، جتي ماڻهپي جي احساس سان دليون ڌڙڪن ٿيون، جتي ماڻهو لاءِ ماني مسئلو بڻيل ناهي رهي، جتي ڀت جي گرهه لاءِ آدم ذات جون ڊگھيون قطارون نٿيون لڳن، جتي حق تلفي جو تصور ئي ناهي، انهن ملڪن ۾ برابر “آپگهات” جي شرح گھٽ آهي پر شديد غربت جو شڪار ملڪ جتي بک واڪا ڪري ٿي، جتي پيٽ پٺن سان لڳل آهن، جتي اَنَ جي خوشبوءَ ناياب بڻائي وئي آهي. جتي ماني جو ملهه ماڻهپي کان مهانگو آهي. جتي بک سبب ڏرا ڏنل اکيون ماني ملڻ جي اميد سان ٽمڪن ٿيون، جتي ڪاروڪاري رسم بڻيل هجي، جتي معصومن سان زنا ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو، جتي پورهيتن جا ننگ کڻي سندن لڄ ليڙون ليڙون ڪئي وڃي، جتي ڪنهن به مسڪين جي عزت محفوظ نه هجي، جتي چادر ۽ چوديواري ته ڇا پر رشتن جو تقدس به پائمال ٿيڻ روز جو معمول بڻيل هجي، ڏوهاري سرگرميون غريبن جا گھر لُٽي پاٿاريدارن جا پيٽ ڀرين. جتي عدل ۽ انصاف سپنو بڻيل هجي. ان ديس جا ماڻهو مسئلن ۽ مايوسين جي ڪُن ۾ ڦاٿل هئڻ ڪري “خودڪشي” ڪري ڏاڍي جي ٻن مٿن واري لٺ بڻيل سماج مان آجپو حاصل ڪن ٿا. ان ڪري ئي “خودڪشي” جي شرح افسوسناڪ حد تائين وڌيل آهي. هن دنيا ۾ هڪ ماڻهو جا مجموعي مسئلا ڪهڙا آهن؟ ملڪ جي پُرامن ماڻهن کي آشيانو، تحفظ، خوشحالي، روزگار، ماني، ڪپڙا، امن ۽ انصاف مهيا ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري ۾ شامل آهن؟ جيڪڏهن ماڻهو پنهنجن بنيادي ۽ انساني حقن کان محروم هوندو اهو فرد هن سماج جي تعليم ۽ ترقي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهندو؟ غربت جو شڪار ملڪن ۾ “خودڪشي” جا بنيادي ڪارڻ مٿي ذڪر ڪيل آهن. معاشي طور ڪمزور ملڪن ۾ اهڙي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيڻ بعد انساني حقن جي عالمي ادارن ڪهڙي سنجيدگي جي سوچ اختيار ڪئي آهي؟ خودڪشي جهڙي وڌي وڻ ٿيل مسئلي جي حل لاءِ زميني حقيقتن جي آڌار تي ڪهڙا سائنسي ۽ مفيد حل ڪڍيا ويا؟ يا هاڻ اهڙن ادارن جو ڪم فقط اهو وڃي بچيو آهي ته “آپگهات ڪندڙ ماڻهن جا انگ اکر هٿ ڪري ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ سيمينار ڪرائڻ ۽ موٽ ۾ فنڊ وٺڻ” ڇا انساني حقن جي عالمي ادارن وٽ انهن سيمنيارن، تقريرن ۽ بحث مباحثن کانسواءِ ٻيو ڪو حقيقي حل به موجود آهي؟ يا ماڻهن جو “آپگهات” ڪري مرڻ جهڙي اهم مسئلي سان سندن تعلق ناهي؟
    “خودڪشي”سڄي دنيا سان گڏ خاص طور ايشيائي ملڪن جو خطرناڪ مسئلو بڻيل آهي. انهن ملڪن ۾ وري خودڪشي جو مُک سبب بک، بيروزگاري ۽ بدحالي آهي. انهن مسئلن جو شڪار پورهيت طبقو آهي. جنهن طبقي جي پگهر جي پورهئي سان دنيا جي وڏن ماڻهن جا نسل پلجن ٿا، ماڙيون، محل، بنگلا پورهيت هٿن جي محنتن جو نتيجو آهن. جيڪڏهن اهي مزدور ماڻهو ڪمائڻ ڇڏي ڏين ته انهن سان گڏ اناج جي زخيراندوزي ڪندڙ وڏا سرمائيدار ماڻهو به ويلا ڪٽي سگهن ٿا. تنهنڪري انساني حقن جي عالمي ادارن کي غريب ملڪن جي مسڪين ماڻهن کي رڳو “خودڪشي” ڪري مرڻ جو انتظار ڪرڻ بجاءِ عملي طور اُپاءُ وٺڻ گھرجن. ته جيئن غريبن تان “آپگهات” جهڙي غيرفطري موت جو راڪاس ٽري وڃي. انسانن جون قيمتي حياتيون بچي وڃن. وڻن ۾ ٽنگيل انسانن جا لاش “انسانيت” تي چٿر نه بڻجي سگهن.

    اُتر پرديش: جتي لکين هارين خودڪشيون ڪيون.
    هزارين سالن کان ڀارت غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ مقتل گاهه رهيو آهي. اتي مظلوم ماڻهون هون به اوچ جاتين جي عتاب هيٺ رهي پنهنجي نسلن جون حياتيون ڳاري ڇڏيون آهن. پر اتي برهمڻ سامراج جي انساني اڻبرابري واري خطرناڪ سوچ ماڻهن لاءِ موت ثابت ٿي آهي. دنيا جي سمورن ظالم جاگيردار جي سوچ هارين لاءِ هڪجهڙي آهي، ڀارت ۾ هارين جي زندگي ڪهڙي آهي؟ ان لاءِ پاڻ هتي فقط ڀارتي رياست اُترپرديش جو مثال وٺنداسين. جتي هارين سان ظلم ۽ زيادتين جي انتها آهي. هاري بک ۽ قرضن سبب “خودڪشي” ڪري پنهنجي جيون جو انت آڻي رهيا آهن. هندستان ۾ “خودڪشي” ڪندڙن جي اڪثريت اوچ جاتين پاران اڇوت قرار ڏنل مسڪين دلت ماڻهن جي آهي. جن کي ڀارت ۾ اڃا تائين فقط انسان سمجهڻ جي جُرئت به نٿي ڪئي وڃي. انڊيا جي جمهوريت جو ظاهري ڏيک هڪڙو آهي ته سندس اندوروني روپ ۽ رنگ ٻيو آهي. ڀارت ۾ بک، بيروزگاري، بدحالي، پاڻيءَ جي کوٽ، سوڪهڙي جي شڪار رياستن ۾ پورهيت طبقي پاران آپگهات جي شرح به تمام گھڻي وڌيل آهي. هيستائين لاتعداد ماڻهن خودڪشيون ڪري زندگيءَ جو انت آندو آهي.

    اميتاڀ بچن 14 سئو هارين جو قرض ڀري کين خودڪشيءَ کان بچائي ورتو.
    ڀارت ۾ هاري طبقو وڏين مشڪلاتن جو شڪار آهي. سندن حياتي قرضن سبب زهر بڻيل آهي. ڀارتي هارين کي قرض کان ڇوٽڪاري جو حل “خودڪشي” کانسواءِ نظر نٿو اچي. پر انڊيا ۾ ڪجهه درد ڀري دل رکندڙ فلمي اداڪار نانا پاٽيڪر جهڙا سرندي وارا ماڻهو به آهن جيڪي هارين جو قرض ڀري سندن حياتيون “آتم هتيا” جي ڦاهي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تازو ڀارتي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن پڻ اُترپرديش جي 1400 سرڪار جي قرضي هارين جو 4 ڪروڙ کان مٿي قرض ڀري نه رڳو کين قرض جهڙي مرض کان آجپو ڏياريو پر انهن کي خودڪشين کان پڻ روڪي قيمتي انساني حياتيون بچائڻ ۾ اهم ۽ وقتائتو قدم کنيو. ميڊيائي رپورٽن موجب 1995 کان هيستائين قرضن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندڙ هارين جو تعداد 3 لک کان مٿي آهي. انهن ٽي لک هارين جي خودڪشيءَ سان رڳو اهي ٽي لک فرد متاثر نه ٿيا پر ٽي لک ڪٽنب به هڪ ڪمائي کارائيندڙ پورهيت انسان کان محروم ٿي ويا. قرض سبب “آپگهات” ڪندڙ فرد جا ماءُ، پيءَ، ڀائر،ڀيڻن، وني ۽ ٻچڙن سميت ٻيا به ڪيترائي لاڳاپيل انسان ان ڏک جو شڪار بڻجندا آهن. ڇا پورهيتن جا اهي مسئلا انساني حقن جي علمبردار بڻيل ادارن جي ذميواريءَ ۾ شامل ناهن!؟


    اهلِ علم ذهنن جون ”خودڪشيون“

    “آپگهات” جا گھڻا واقعا ڪٿي ٿين ٿا؟ خودسوزيءَ جا خيال پيدا ٿيڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ حياتي کي بار ڪٿي سمجهيو وڃي ٿو؟ حسين ۽ ڪونج جهڙين ڳچين ۾ رسا ڪٿي پون ٿا؟ توڙي جو “خودڪشي” جا اهي سانحا غربت، بک، بيروزگاري، بدحالي جو شڪار ذهني اٻوجهه، مسڪين، مظلوم، ظلمتن جو شڪار بکايل انسانن جي جهوپن ۾ روز جو معمول بڻيل آهن. پر ان سان گڏ ماڙين ۽ محلن ۾ به ذهني سڪون جو ڪل وقتي ڏڪار آيل آهي. ٿوهر جهڙا رويا اُوچين محلاتن جي سِر سِر ۾ محسوس ٿين ٿا. اُتي به ڌوکا ۽ دولاب جديد انداز سان ڏنا وڃن ٿا. اُتي رشتا ڪاروباري نوعيت جا هوندي به فطرت سان ٻکيل ته آهن، تنهنڪري مقدس رشتن جو تقدس پائمال اُتي به بدترين انداز سان ٿيندي پسيو ويو آهي. ڳچين ۾ رسا اتي به پون ٿا، پاڻ کي اوچين بلڊنگن تان اتي به اڇلايو وڃي ٿو، زهر جي گھرج اتي به محسوس ڪئي وڃي ٿي. تنهنڪري ائين به نه سمجهڻ گهرجي ته “آپگهات” جا واقعا رڳو غريبن جي گھرن ۾ ٿين ٿا پر اهو عذاب ارب پتي ماڻهن جي ڪٽنبن ۾ موجود آهي. شيون ۽ واقعا آبادي جي حساب سان نظر ايندا آهن. ائين به نه سمجهڻ گھرجي ته “خودڪشي” ڪندڙ ماڻهو سڀئي ذهني طور ايبنارمل آهن، اهي چريا ۽ پاگل آهن، اهي سڀ نفسياتي اسپتالن جي علاج هيٺ رهيا آهن، پر زندگي مان خفا ته دنيا جا عظيم ذهن به ٿيندي ڏٺا ويا، جن سموري حياتي “فطرت ۽ زندگي” جي اهميت ۽ عظمت تي تحريرون لکيون ۽ ليڪچر ڏنا. پر آخر ۾ پاڻ “آپگهات” جو موت مري ماڻهن کي منجهائي ويا. اهو واضح به نه ڪري سگهيا ته سندن حياتيءَ جو پهريون عمل درست هو يا آخري؟
    روسي شاعرماياڪو وسڪي، آمريڪي شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد ايڊگرايلن، ڀلوڙ ناول نگار ورجينا وولف، هيمنگوي جهڙن ماياناز عالمي سطح جي اديبن سميت دنيا جي ڪجهه اهم سائنسدانن ۽ سياستدانن پڻ “خودڪشي” ڪئي. آتم هتيا ڪندڙ اهي ذهن ڪي عام ذهن ته نه هئا؟ انهن يگانن ماڻهن جي خيالن جي وسعت، اُڏار، ذهني قابليت ۽ صلاحيتن جو ماپو ڪهڙو مقرر ڪري سگهجي ٿو؟ ڪائنات جي ارتقا کان ويندي انساني ارتقا تائين دنيا جي سمورن حالاتن ۽ واقعن کي پنهنجي اعلى علم، عقل ۽ شعور سان سمجهڻ وارن دماغن جو آخري عمل سندن نظرئي جي نفي نٿو ڪري؟ دنيا اندر ٺڳي، ڌوکو، اميري ۽ غريبي، ڏاڍي ۽ هيڻي هجڻ جا سبب ڳوليندڙ ڏاهن ماڻهن پنهنجي هٿن سان پنهنجو گلو ڇو گھٽيو؟ دنيا جي ڏکن سورن ۽ تڪليفن جا سبب ڳولي پنهنجي قلم ذريعي انهن جا حل پيش ڪري ويندڙ انهن باصلاحيت انسانن کي ڪهڙي لمحي شيطاني خيال “خودڪشي” ڪرائي؟ ڇا ڪائنات جا اهي عظيم ماڻهو پنهنجي فلسفي، نظريي ۽ فڪر تي پاڻ پورا لٿا؟ يا اڃا اهي راز فقط راز ئي بڻيل آهن، جن تان هيستائين پردو چاڪ نه ٿي سگهيو آهي؟ خودڪشي جهڙي مايوسي سندن ذهنن ۾ ڪيئن جاءِ جوڙي سگهي؟ سندن پاڇي کان ڀڄندڙ مايوسي کين ڪيئن گھيريو؟ سند دنيا بدلائڻ جي سوچن ۽ ويچارن تي “آپگهات” جهڙا غيرفطري خيال ڪيئن قابض ٿيا؟ بظاهر اهي ننڍڙيون نظر ايندڙ ڳالهيون ۽ واقعا اڻ لکا لڳن ٿا، پر حقيقت جي اک ڌاري باريڪ بيني سان ڏسبو تڏهن ئي پتو پئجي سگهندو ته ڌرتيءَ جا اٽل آدمي شڪست جي ور ڪيئن چڙهيا؟ وقت کان اڳ انهن پاڻ کي موت جي حوالي ڪهڙين اڻٽر سببن جي ڪري ڪيو؟ ڪهڙيون مجبوريون سندن حياتي جون دشمن بڻجي ويو هيون؟ سماج جا شاهڪار ذهن به شڪست قبولي ڪري غيرفطري طريقي سان موت کي گلي لڳائي سگهن ٿا.

    عظيم ليکڪ هيمنگوي جي خودڪشي
    آمريڪا ۾ جنم وٺندڙ دنيا جو عظيم ليکڪ هيمنگوي ارنيسٽ ملر، جنهن جي لکڻين جا ڪروڙين مداح آهن. سندس قلم مان سرجيل ادب دلين کي ڇهي ٿو. هن جيڪي زندگي جون شروعاتي ڪهاڻيون “اسان جي دؤر ۾” لکيون، انهن ڪهاڻين سندس سڃاڻپ ڪرائي، جنهن بعد هو مسلسل لکندو رهيو، هڪ ڀلوڙ ناول “سج اڀرندو به آهي” پڻ ادب جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائڻ جهڙي ناول طور نروار ٿيو، هن ناول دنيا جي عظيم قلم ڌڻيءَ ارنيسٽ ملر هيمنگوي کي شهرت جي بُلندين تي پهچايو. هڪ ناول“اسلحي کي الوداع” ڪهاڻين جو ڪتاب “عورت کانسواءِ مرد” “کٽندڙ ڪجهه به نٿا کڻن” “ڏاند سان ويڙهه” “وڏي شڪار” “گھنڊ ڪنهن لاءِ وڄي ٿو” سندس هن مشهور ناول تي فلم پڻ ٺهي. هڪ وڌيڪ شاهڪار ناول“پوڙهو ۽ سمنڊ” ان ناول کي 1954ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو.
    ڪائنات جي حسين رنگن جو عاشق هيمنگوي جنهن کي هن دنيا ۾ ڪهڙي ڪمي محسوس ٿي؟ ڪهڙن سببن جي ڪري مايوسي کيس گھيري وئي؟ پنهنجين لکڻين ۾ حياتي جي اهميت ۽ ان جا عظيم مقصد پيش ڪندڙ هيمنگوي 1954ع بعد مسلسل خاموشين ۾ گم ٿي ويو. دولت، شهرت،عزت جي باوجود هن جي زندگي مان دلچسپي ختم ٿي وئي، هيمنگوي 1964ع ۾ رائفل وات ۾ وجهي خودڪشي ڪري زندگي جو اختتام ڪيو. زندگي سان پيار ڪندڙ هڪ مايه ناز ۽ يگاني قلم ڌڻيءَ جي حياتي جو انت غيرفطري موت سان ٿيڻ ڪري دنيا جا باشعور ماڻهو افسوس سان گڏ حيرت ۾ به پئجي ويا. هيمنگوي به خودڪشي ڪري سگهي ٿو!؟ جنهن جون لکڻيون ۽ افسانن جو هڪ هڪ اکر ڳالهائيندو هجي، مخاطب ٿيندو هجي، ان شخص ڊگھي خاموشي اختيار ڪئي!

    آرٿر ڪوئسلر جي خودڪشي
    آرٿر ڪوئسلرهڪ جڳ مشهور صحافي ۽ ليکڪ طور سڃاتو وڃي ٿو، آرٿرڪوئسلر 1905ع ۾ بڊاپيسٽ ۾ پيدا ٿيو، ويانا يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي صحافت ۾ پير پاتائين، ان زماني ۾ پئرس، ماسڪو، ايشيا، اسپين جهڙن ملڪن ۾ پڻ پنهنجا فرائض سرنجام ڏنائين. ان دؤران کيس فوج گرفتار ڪري قيد ڪيو. آرٿرڪوئسلر کي موت جي سزا ٻڌائي وئي، پر هن همت نه هاري. نهايت ئي اوچن جذبن سان مقابلو ڪندو رهيو. هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ تائين جون دربدريون ڀوڳڻيون پيس. پر هن جي قلم جي جنبش معمولي به گھٽ نه ٿي. هو مرڻ تائين لکندو رهيو. آرٿرڪوئسلر جو هڪ ناول “منجهند جو اوندهه” جنهن کيس سموري دنيا ۾ شهرت جي بلندين تي پهچايو. سندس لکيل ناول بالشيوڪ جي حالاتن کي منظرعام تي آندو. آرٿر ڪوئسلر پندرهن کن ڪتاب لکيا، جن ادب جي ميدان ۾ شاندار مشهوري ماڻي. سندس لکڻين دلچسپي سان پڙهندڙ پرستارن جو تمام وڏو حلقو کيس مليو. آرٿر ڪوئسلر ادب جي دنيا جو روشن ستارو هو پر سندس نجي حياتي ڪهڙن مسئلن جو شڪار هئي؟ اهو هڪ جدا سوال آهي، ان بابت هن جا لکيل خط گھڻو ڪجهه پڌرو ڪن ٿا. هن 1951ع ۾ پنهنجي زال مئمين کان طلاق وٺڻ جي باوجود به ان سان هر هفتي ملاقاتن جو سلسلو ختم نه ڪيو. بلڪه گھر به طلاقيل زال مئمين جي گھر جي پاسي ۾ ورتائين. ان وقت جي ظالم پوليس جي سخت ٽارچر هيٺ رهڻ واري هڪ عظيم ليکڪ آرٿر ڪوئسلر 4 مئي 1983ع تي هن دنيا مان مايوس ٿي خودڪشي ڪري حياتي جو انت آڻي ڇڏيو. پنهنجين لکڻين ۾ هڪ مضبوط شخص جيڪو ظاهري زندگي ۾ هماليا جيڏا حوصلا رکندڙ ماڻهو سمجهيو ويندو هو .پر سندس خودڪشي بعد ڪيترائي جوابن جا مُتلاشي سوال پيدا ٿي پيا.

    جڳ مشهور مصور وان گوگ جي خودڪشي
    من جا رنگ پينٽنگ ۾ اُتاري دنيا جي منظرڪشي ڪندڙ جڳ مشهور مصور وان گوگ ته هڪ دفعي ڪاوڙ ۾ پنهنجو ڪن به ڪپي ڇڏيو هو. اهڙي جذباتي ڪيفيت ۾ مبتلا شخص جي ٺاهيل تصويرن سان توڙي جو رنگن جا قدردان ماڻهو وڏو چاهه رکندا هئا پردنيا جي هڪ ماياناز مصور وان گوگ کي سندس پيءَ گھران ڪڍي ڇڏيو هو. ان جي خودڪشي تي فراق هاليپوٽي جو نظم کيس ڀيٽا ٿيل آهي؛

    امن جي فاخته جا پر
    رت ۾ ڳاڙها ٿي چڪا آهن
    هوءَ هڪ سوڙهي پڃري ۾
    پنهنجي زندگيءَ جا آخري پل جي رهي آهي
    پڪاسو سگريٽ جو آخري ڪش هڻي رهيو آهي
    ۽ فتاح منگي چپن چپن ۾
    ڀڻڪي چئي رهيو هو ته
    وان گوگ تو ڇو خودڪشي ڪئي!
    خودڪشي ته پڪاسو کي ڪرڻ گھرجي ها.
    وان گوگ آخري تصوير we fields with crows| ٺاهي. هن مصور جون 1890ع ۾ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڪنهن به مصور جي نه ڏات چوري ٿي سگهي ٿي نه ئي نه پورهيو رائگان ٿي سگهي ٿو. وان گوگ جي خودڪشي کان پوءِ به سندس چٽيل رنگ ميرا نه ٿيا آهن، اهي رنگ ماڻهن جي دلين ۾ چٽيل آهن. اهي رنگ پوپٽ جي پرن جا رنگ آهن، اهي رنگ مورن جي کنڀن جا رنگ آهن. اهي رنگ محبوب جي اکين جا رنگ آهن.

    علامه آءِ آءِ قاضي جي خودڪشي
    ڪائنات ۾ لکين ماڻهو ڄايا ۽ مئا، پئسي جا پرور،حاڪم، وزير، بادشاهه، ڏاڍا، جابر ماڻهو جيڪي چوندا هئا ته دنيا سندن بغير مشڪل هلي سگهي! پر اهي ماڻهو مٽي کائي وئي. تاريخ جي پنن ۾ وڃي اهي ماڻهو زندهه بچيا جيڪي انسان جاتي جي ڀلائي جي عظيم مقصد خاطر زندهه رهيا. علم ۽ شعور جو ڦهلاءُ، ترقي، امن ۽ انسانيت جو آجپو انهن جي حياتي جو آخري ۽ اهم مقصد عظيم هو. ان مقصد کي ماڻن خاطر انهن جي قربانين سان تاريخ ڀري پئي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي قيام کي عملي جامو پارائيندڙ عظيم انسان علامه آءِ آءِ قاضي جهڙو يگانو ماڻهو به سنڌ جي مقدس مٽي تي جنم ورتو. سندس رڳن ۾ ماءُ جي کير سان گڏ سنڌو ماتا جو پويتر پاڻي به گردش ڪندو هو. جنهن ڪري وطن سان حُب جي جذبي سان سرشار سندس شخصيت پنهنجي محبوب وطن کي علمي ميدان ۾ اڳڀرو ڪرڻ خاطر ڪيترو سوچيو ۽ لوچيو تاريخ ان جاکوڙ جي سلطاني گواهه بڻيل آهي. سنڌ جي عظيم مفڪر، دانشور ، اهل علم، عالم ۽ فاضل علامه آءِ آءِ قاضي جي ڏکوئيندڙ مرتئي تي اميد خيرپوري جون هي سٽون ڪيڏيون وزنائتيون لڳن ٿيون.
    جڏهن هڪ موت عالِمَ جو عالَمَ جي لئه آهي،
    تڏهن آ درد هـر همـدرد جـي دل ۾ جڳهه جوڙي،
    مرڻ جن کي کپي سي موت کان لڪندا رهيا آهن
    جيئڻ وارا الائي ڇو وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙي!
    سنڌ جي خمير مان 9 اپريل 1889ع تي حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ علامه آءِ آءِ قاضي هڪ ماهر قانوندان ۽ نهايت ئي گھڻ پڙهيو شخص هو. جنهن سنڌ جي تاريخ سان گڏ عالمي ادب جو پڻ گھرائيءَ سان مطالعو ڪيو هو هُن شخص رڳو پڙهيو نه هو پروڙيو به هو. علامه صاحب حيدرآباد ضلعي ۾ جڏهن مئجسٽريٽ مقرر ٿيو بعد ۾ خيرپور ۾ سيشن جج ٿيو ۽ گھرو وزير جي حيثيت ۾ پڻ ڪم ڪيائين. پاڪستان ٺهڻ بعد علامه قاضي لنڊن ۾ رهڻ لڳو هو. ڪجهه سالن بعد دوستن جي گھڻي اصرار تي واپس وطن وريو هو. پنهنجين صلاحيتن کي وطن واسين لاءِ ڪتب آڻيندي سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي حيثيت سان شاندار تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. جنهن تي سنڌ کيس اڄ به عقيدت ۽ احترام جي نگاهه سان خراج تحسين پيش ڪري ٿي. لطيف سرڪار جي رسالي تي سندس ترتيب ڏنل ادبي ڪم کي اڄ به ٻين کان منفرد ۽ اهم حيثيت حاصل آهي.
    علامه آءِ آءِ قاضي محبت جي شادي انگريز گوري سان ڪئي هئي، جنهن کي سنڌ ۾ امڙ ايلسا قاضي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان محبت سندس من کي وڌيڪ منور ڪري ڇڏيو هو. ڄڻ سندس حياتي جون سموريون حاصلاتون مڪمل ٿي ويو هيون. کيس ڪا تمنا باقي نه رهي هئي. ان حقيقت کان منهن هرگز نٿو موڙي سگهجي ته محبت ۾حاصلات ڀاڳن وارن جي نصيب ۾ هوندي آهي. اهو به وري پنهنجي ڌرتيءَ کان ڪوهين ڏور عالمي اسٽينڊر جي معيار جا خيال رکندڙ انگريزن ۾ سندس اکيون وڃي اٽڪيون جتي محبتن جي جذبن کي فقط مفادن جي راند سمجهيو وڃي ٿو. پر هن شخص جي بي بها صلاحيتن، قابليت، سچائي ۽ ايمانداري انگريزياڻي نينگري ايلسا کي به گھڻو متاثر ڪيو. جنهن ساڻس حياتي جا پيچ پاتا. ايلسا جي هي جهان ڇڏڻ بعد قاضي صاحب ويڳاڻپ جو شڪار رهندو هو. ايلسا کانسواءِ زندگي هن لاءِ بلڪل بي مقصد ۽ بار بڻجي وئي هئي، سندس ڀٽڪندڙ من کي ڪٿي به شانتي نصيب نه ٿي، مسلسل اهڙي ڪشمڪش ۽ ذهني ڪشيدگي جي صورتحال ۾ مضبوط ارادن جو ماڻهو بلڪل ڀڄي ڀور ڀور ٿي پيو هو. 13 اپريل 1968ع ۾ محبت جي تنهائي کيس سنڌو درياهه جي حوالي ڪيو. سندس موت تي اڄ ڏينهن تائين خودڪشي ۽ اتفاقي حادثي جهڙا ٻه رايا اڄ به قائم آهن. پر بحرحال ماڻهن جي اڪثريت جو خيال آهي ته قاضي صاحب پنهنجي محبت جي وڇوڙي بعد دل شڪسته ٿي “خودڪشي” ڪئي. جڏهن سندس زندگي ۽ ڪردار تي نظر ڦيرويون ٿا ته ذهن اهو قطعي قبولڻ لاءِ تيار ناهي ته ڇا علامه آءِ آءِ قاضي جهڙا ماڻهو جيڪي خود سماج اڏيندڙ ذهن هئا، سي به “آپگهات” ڪري غيرفطري موت کي گلي لڳائي سگهن ٿا؟ ڇا لطيف سرڪار جو عاشق اعلى ذهن جو مالڪ ماڻهو فطرت جو انڪاري ٿي “خودڪشي” ڪري سگهي ٿو؟ زمانن سان جهيڙيندڙ شخص فقط محبت جي ڪامياب حاصلات بعد ڀرپور حياتي گهارڻ کان پوءِ به موت جي امر کي مڃڻ بجاءِ “آتم هتيا” کي اهميت ڏيئي زندگي تان دستبردار ٿيڻ واري ڳالهه مبهم بڻيل ضرور آهي. ڇا اهڙا اعلى ذهن به غيرفطري موت کي قبولي پنهنجي قوم جي ايندڙ نسلن لاءِ ڪهڙو پيغام ڇڏيو آهي؟ ڏک پڻ جيون جو حصو آهن رڳو سکن جي تصور سان زندگي گھارڻ جي سوچ تي دنيا جا حقيقت پسند ماڻهو متفق نه آهن.

    شاعره ساره شگفته جي “آتم هتيا”
    ساره شگفته پنجابي ۽ اردوءَ ٻوليءَ جي نامياري شاعره ٿي گذري آهي، شاعري جي نرالي ۽ منفرد اسلوب سبب کيس پڙهندڙن جي وسيع حلقي ۾ شاندار موٽ ملي، ساره شهرت جي بلندين کي ڇهيو، ساره شگفته 14 آڪٽوبر1954ع تي گوجرانوالا ،پنجاب ۾ پيدا ٿي. نوجوان نسل ۾ ساره جي شاعري سان لڳاءَ ۽ محبت جي اها حد رهي آهي جو اڪثر ماڻهن کي ساره جي پابند شاعري سان گڏ نثري ٽڪرا پڻ حفظ ٿيل هوندا هئا. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ساره جي ڇپيل شاعري کي سندس مداح سيني ۾ سانڍي رکندا هئا. معاشري جي روايتن جو شڪار ساره جا رت جا رشتيدار به ناراض هوندا هئا. ان باوجود به ساره لکڻ بند نه ڪيو. ساره شگفته مخالفت باوجود به پنهنجي ڏات سان نيهن نڀائيندي رهي، سندس عزيز قريب شاعري سان گڏ نوڪري ۾ به ناخوش هئا جنهن ڪري ساره کي وقت به وقت پريشان ڪيو ويندو هو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ ساره شگفته کي هڪ اڻ پڙهيل عزيز سان پرڻايو ويو، جنهن هڪ نازڪ مزاج شاعره تي ظلمتن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا هئا. هر وقت کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو. وڏي مصيبت جا ڏينهن گذاريندي ساره پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي پر شادي ٽٽي وئي. هڪ حساس دل رکندڙ شاعره کي ذاتي زندگي ۾ مليل شڪست تمام گھڻو ڏکويو، سندس دل تي غمن جو گھاڻو گھمندو رهيو، پيڙاهن جي ان صورتحال ۾ هڪ شاعر کيس شادي لاءِ راضي ڪيو، پر اهو ڏات ڌڻي به هڪ عظيم شاعره زال کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ذليل ڪندو هو. جنهن بعد ساره کي ذاتي زندگي ۾ عورت جي زرخريد غلام هجڻ واري احساس مايوس ڪيو. سندس ٽي شادي به بدترين طريقي سان ناڪام ثابت ٿي. شاعري جي ميدان جي هڪ ڪامياب ڏات ڌڃاڻي ازدواجي زندگي ۾ بُري طرح ناڪامين سان همڪنار ثابت ٿي. سڪرات ۾ پيل سندس امڙ جي مرضي رکندي هڪ سرندي واري ماڻهو سان چوٿين شادي ڪئي، ساره جي ان مڙس به مٿس ڏاڍ ۽ جبر ڪندي سختيون ڪيون. نتيجو طلاق تي ختم ٿيو. هڪ نامياري شاعره ڏکن، تڪليفن، بي وفائن جا ڊگھا داستان، ناانصافين جون ورتائون کڻي ڪراچي ۾ پهتي هئي. جتي رستن تان عدم اعتمادي جا خيال سندس سوچن تي حياتي ڀر حاوي ٿي ويا هئا. ڪراچي ۾ احمد سعيد نالي هڪ ماڻهو کيس وفا جو يقين ڏياريو پر ساره شگفته پنهنجي من اندر ۾ ڀڄي ڀور ٿي چُڪي هئي. تنهن ڀروسو ڪري شادي ڪرڻ بجاءِ رهيل حياتي تنهائي ۾ گذارڻ کي اهميت ڏني. ساره جي دوستي جي ڌاڳي ۾ ٻڌل جڳ مشهور ليکڪا امرتا پريتم کي هڪ پتر ۾ لکيائين ته سموري حياتي ۾ کيس هڪ باوفا شخص احمد سعيد مليو هو جنهن محبتن سان سندس دل ۾ جاءِ جوڙي هئي، جنهن بعد 12 مهينا احمد سعيد سان سندس ملاقات نه ٿي. جنهن بعد 4 جون 1984ع تي ڪراچيءَ جي ريلوي ٽريڪ تي سارا شگفته جو رت ۾ لت پت لاش مليو ، اهڙي حادثي پويان زندگي جون هزارين رسوايون هئڻ ڪري “آپگهات” جو چٽو شڪ پڌرو ٿيو. “خودڪشي” جي خيال شاعري کي آپگهات ڪرائي ڇڏيو. شاعري جي هڪ شاهڪار ڏات “آتم هتيا” ڪري ڇڏي، مرداڻي سماج هٿان هڪ مضبوط عورت شڪست کائي وئي، سندس حياتي ۽ ڪردار امرتاپريتم جو شاهڪار ناول “ايڪ ٿي سارا” پڻ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي. مورڙي جي ماڳ ڪراچي جي سرزمين تي سارا شگفته جي آخري آرامگاهه آهي .سندس شاعريءَ جا ڪتاب “بَلدي اکر” “مين ننگي چنگي” “آنکين” جهڙو شاهڪار قلمي پورهيو سرجيندڙ تخليقڪار شاعره جو موت دربدري جي حالاتن ۾ ٿيڻ هن دنيا جو وڏو الميو آهي. جنهن شاعره هن دنيا کي محبوب غزل ارپيا، حسين نظمن سان نوازيو، جنهن جي ڏات امن ۽ انسانيت جا گيت تخليق ڪيا، جنهن هن دنيا جي سمورن مزاجن کي پنهنجي من جي اکين سان سان پسيو، ۽ پيش ڪيو، انهن سمورن لقائن کي شاعري جا حسين جذبا ڀيٽيا، موٽ ۾ کيس ڇا پلئه پيو؟ هڪ ڀلوڙ شاعره لاءِ هن ڌرتيءَ تي “خودڪشي” کانسواءِ ٻيو ڪهڙو بندوبست ٿي سگهيو؟

    چاند کا قرض
    ہمارے آنسووں کی آنکھیں بنائی گیئں
    ہم نے اپنے طلاطم سے رسہ کشی کی
    اور اپنا اپنا بین ہوئے
    ستاروں کی پکار آسمان سے زیادہ زمین سنتی ہے
    میں نے موت کے بال کھولے
    اور جھوٹ پہ دراز ہوئی
    نیند آنکھوں کے کنچے کھیلتی رہی
    شام دوغلے رنگ سہتی رہی
    آسمانوں پر میرا چاند قرض ہے
    میں موت کے ہاتھ میں ایک چراغ ہوں
    جنم کے پہیئے پر موت دیکھ رہی ہوں
    زمینوں میں میرا انسان دفن ہے
    موت میری گود میں ایک بچہ چھوڑ گئی ہے

    هڪ شاعره جو بي وقتائتو غيرفطري دردناڪ موت مهذبپڻي جون ٺلهيون حامون هڻندڙ هن سماج لاءِ ڪاراٺ آهي. جيڪو سماج پاڻ تي سرمائيدار سامراج کي بي وجه ٿاڦي فخر محسوس پيو ڪندو آهي، اهو ئي سماج هڪ شاعره جو جيئڻ جنجال ڪري ٿو، تهذيب يافته مهذبپڻي جو اهو ٻٽو رويو آهي. جنهن جي پت زمانا اڳ پڌري ٿي چُڪي آهي.

    نوجوان شاعر ماٺيڻي اوٺي جي خودڪشي
    ٿرجي نازڪ ۽ نرم واري جهڙو مزاج رکندڙ ماٺيڻو رڳو پنهنجي نالي ۾ ماٺيڻو ڪونه هو پر اُن نالي جو اثر سندس مزاج ۾ شامل هو. مورن جي کنڀن جهڙو خوبصورت من رکندڙ ماٺيڻو ڄامشوري جي پٿريلي پٽ تي ٿاٻڙجي پيو، سندس من زخمي ٿي پيو، سندس دل جُهري پئي، محبتن ۾ سچايون ارپيندڙ ماٺيڻي کي دلين جي سوداگر شهر جي هوائن پنهنجي ضد ۾ آڻي ڇڏيو، هو ڪک پن ٿي ويو، وکري ويل ماٺيڻو وري سميٽجي نه سگهيو. هن کي ڄامشوري جون نخريليون هوائون راس نه آيو. خودڪشي ڪندڙ شاعر جي محبوب قوم جي دادلي درياهه “سنڌو” کيس به علامه آءِ آءِ قاضي جيئن ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو. هن ڪارين راتين ۾ پرين ساريا، هن جي اوجاڳيل اکين ۾ دلرُبا ادائن جي جهلڪ پسڻ جي اميد هئي، جنهن اميد تي هو ساهه کڻي رهيو هو، جڏهن اها اميد ئي ختم ٿي وئي ته ماٺيڻو پاڻ به اختتام پذير ٿيو.

    رات پوئينءَ جو پرينءَ جا پيار ايندا ياد ويا،
    دلربا جا دل مٿي ديدار ايندا ياد ويا،

    ري خنجر خالي هٿين قهري، نگاهن هو ڪُٺو،
    تن نشيلين جا نظر نروار ايندا ياد ويا.

    ياد “ماٺيڻا” مٺي محبوب جي ماريو ڇڏي،
    قرب جا اقرار ۽ انڪار ايندا ياد ويا.

    علم، شعور ۽ عقل، همت ۽ حوصلي جا درس ڏيندڙ معاشري جا بُردبار ۽ باشعور ماڻهو جڏهن مايوسين جي ڪُن ۾ گھيرجي، مقابلي بجاءِ “آپگهات” جهڙي عمل کي ترجيح ڏيندا آهن ته سماجن جي ذهني اوسر ۽ترقي اڳيان رڪاوٽون بڻيل قوتون وڌي وڻ ٿي وينديون آهن. معاشرتي ترقي بجاءِ نفسياتي اسپتالن ۾ اضافو ٿيندو آهي. ڀوپا ڪلچر سماج کي پنهنجي جڳاڙي نفسيات جي اشارن تي آڏو ابتو ڪري هلائيندو آهي. ماٺيڻو اوٺي جهڙو باشعور ۽ وطن دوست ڏات ڌڻي جيڪو خود هن سماج لاءِ هڪ شاندار مثال بڻجي اڀريو هو سو ڪيئن پاڻ هن معاشري ۾ جالي نه سگهيو؟ هڪ شاعر جي اکين انقلاب جو خواب ڏٺو هو سي اکيون سرخ گلابن جي موسم کان اڳ ڇو پورجي ويون؟ جنهن ذهن ۾ هن سماج کي ڊاهي نئون انسان دوست ۽ آزاد سماج آڏڻ جي آس ۽ اميدون هيون، اهي سوچون “سرد خاني” تي ڪيئن پهتيون؟ ماٺيڻي جي شعر ۾ سندس جذبن کي پسي سگهجي ٿو؛

    دم دم در در حق جي هر هر، جيڏا جوت جلايان ٿو،
    هن ڌرتيءَ جو عاشق آهيان، ازلي نغما ڳايان ٿو.

    زردارن کي زير ڪبو، هت جيئڻ لاءِ جُنون کپي،
    ننڊ وِهوڙيون نازڪ دلڙيون، جوڳي ٿي جاڳايان ٿو.

    ڪانئر جا ڪل ڪوٽَ ڪنبايان، ڪارونجهر جيئن اوچو قد
    سِر جو سانگو لاهي، سهڻا سوريءَ کي سرچايان ٿو.

    ٿر جي ڳوٺ خانور اوٺا ۾ 1954ع ۾ علي محمد اوٺي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي نج ٿري ٻهراڙي جو ٻار جڏهن حيدرآباد جي هوائن ۾ پهتو ته سندس گھر سميت تر جي ماڻهن کي به مٿس فخر ٿيندو هو. اٻوجهه سماج جون ساڻس ڪيتريون اميدون وابسطا هيون، پر الئه ته ڇو سموريون آسون نراس بڻجي ويون. هو زندگي سان جھيڙڻ بجاءِ پاڻ کي غيرفطري موت حوالي ڪري پنهنجي پيارن ۽ سنڌ وارن تي ڏکن جون ويرون وهائي ويو، سندس جذبن جو اظهار، مزاج جي پرک، خيالن جي خبرچار، وطن دوستي جو وزن سندس شاعري جي ڪتاب “روح رُنو اڌ رات” ۾ پسي سگهجي ٿو. هماليا جيڏا حوصلا رکندڙ ماٺيڻي جهڙي مضبوط ماڻهو تي “آپگهات” جهڙو غيرفطري خيال ڪيئن حاوي ٿيو؟ جو هُن 15 فيبروري 1981ع تي پاڻ کي درياهه حوالي ڪري ڇڏيو. سِڪ، اڪير ۽ پيار جي شاعر ماٺيڻي اوٺي جي اڻ مُندائتي ۽ غيرفطري موت سنڌ کي سوڳواري ارپي ڇڏي.

    قومي ڪارڪن ۽ اڳواڻ عرفان مهدي جي “خودڪشي”
    “سياست” بنيادي طور آهي ته ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ حق وٺڻ جي جدوجهد جو نالو پر دنيا جي ڪيترن ئي ناڪاري سوچ رکندڙ ماڻهن هن مقدس عمل کي پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري ڪراهت لائق بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي آهي. سياست کي ذريعو بڻايو ويو مال، ملڪيت، بنگلا ۽ زمينون ٺاهڻ جو، سياست کي ذاتيات جي جنگ ۾ ايترو ته گھليو ويو جو هي عبادت لائق عمل رڳو وڃي ڏاڍن جي “وندر” خاطر بچيو آهي. پر ان سڄي ڪاروهنوار ۾ عرفان مهدي جهڙا ماڻهو به تاريخ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي ويا، جن سياست فقط عبادت سمجهي ڪئي. “جيميسٽ” فڪر هتي ايترو آسان ان ڏينهن کان ناهي رهيو جڏهن کان جي ايم سيد آزاد سنڌو ديش جو نعرو هنيو. ان نظريي جي سياست سان لاڳاپيل مڪمل سچائي ۽ ايمانداري سان پاڻ ارپيندڙ ڪارڪن ته ڄڻ ڪنڊن جي سيج تي هوندو آهي. 31 جولاءِ 1967ع تي هالا پُراڻا ۾ مهدي ميمڻ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ عرفان مهدي پڻ جي ايم سيد جي فڪر جو هڪ باقائده نظرياتي ڪميٽيڊ ورڪر هو. وطن جي جدوجهدن ۾ پاڻ ارپڻ جو جذبو رکندڙ عرفان مهدي هڪ باشعور انسان، سياسي سماجي ساڃاهه رکندڙ هن معاشري جو مڪمل ذميوار فرد هو. سترهن سالن جي ڄمار ۾ ليفٽ جي سياست کان شروعات ڪندڙ هن نوجوان ٿورڙي ۽ مختصر عرصي ۾ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي. اها مقبوليت هڪ مخصوص ذهنيت کان هضم نه ٿي سگهي. اها سوچ عرفان جي اڳتي وڌڻ جي پهرين ڏينهن کان مخالف بڻيل هئي، علم، ادب، شعور ۽ شاعري سان ذوق ۽ شوق رکندڙ عرفان مهدي پنهنجي طبعيت ۽ مزاج ۾ نهايت ئي دلربا ۽ محبوب ماڻهو هو. سنڌ ۽ سيد سان جنون جي حد تائين عشق رکندڙ هي سياسي ورڪر همت ۽ حوصلن جو اعلى مثال بڻجي اُڀريو هو. لطيف سائين جو رسالو حفظ ڪندڙ عرفان مهدي سنڌ جي سياسي تاريخ جو نه وسرندڙ ڪردار آهي. 1986ع ۾ باضابطا طور شاگرد ونگ جو پريس سيڪريٽري چونڊيو ويو. جنهن بعد هن پاڻ تي اڃان به وڌيڪ ذميواري محسوس ڪندي سرگرمي ڪئي، ان جدوجهد ۾ هن ساري سنڌ پرين جو پاڇو بڻجي پنڌ ڪيا. سنڌ جي واهڻ وستين ۾ هن سجاڳي جا سڏ ڏنا. موٽ ۾ سنڌ به کيس اڻ ڳڻين محبتن سان نوازيو. هو پروگرامن ۾ لطيف جا بيت رواني سان پڙهي تقريرون ڪندي ماڻهن کي منڊي ڇڏيندو هو. سندس ڪاميابيون ڪجهه اناپرست ۽ مفادن لاءِ سياست ۾ پير پائيندڙ ڪُنڌ ذهن رکندڙ ٽولي کان برداشت ڪونه ٿيون. جيڪي کيس پٺ ۾ ڇرو هڻڻ خاطر هر وقت تاڙ ۾ هوندا هئا. عرفان خلاف سازشن جا ڄار وڇائڻ جون ڪيتريون ڪوششون ٿينديون هيون، جنهن کي هو پنهنجي سمجهه ۽ عقل سان منهن ڏيندو اڳتي وڌندو ويو. پر شايد سندس برداشت جون حدون لبريز ٿيڻ شروع ٿي چُڪيون هيون. جيڪي کيس مايوسين جي رڻ ۾ رولينديون ويون. 1990ع ۾ عرفان مهدي سياسي طور سرگرم رهيو، ان کانپوءِ 1991ع جي شاگرد ونگ جي مرڪزي باڊي جي چونڊن ۾ پڻ منظر تان هٽيل رهيو. انهن پريشانين کيس سياسي سرگرمين کان گھڻو ڏور ڪري ڇڏيو هو. ماٺيڻي اوٺي بعد هن وطن دوست اهل علم انسان به 4 آگسٽ 1991ع تي پاڻ کي سنڌو جي حوالي ڪيو. سنڌ جي نصيب ۾ هڪ وڌيڪ “آپگهات” آيو. سنڌ لاءِ سوچ سوچيندڙ، عملي جدوجهدن ذريعي وطن لاءِ لوچيندڙ، ديس تي انقلاب جو اُجرو سورج اُڀرڻ جا خواب نيڻن ۾سجائي هلندڙ هڪ آدرشي انسان پاڻ کي آتم هتيا ڪري هٿيار ڦٽا ڪري ويو. زهر جهڙي خاموشي گذري وڃي سنڌو جي لهرن سان ٻکيو، جيڪي لهرون آگسٽ ۾ تار وهندڙ درياهه بادشاهه جي سمنڊ تائين ٿيندڙ سنگم سان نيهن نڀائينديون آهن. عرفان مهديءَ جو من به پونم رات ۾ سمنڊ جي لهرن جيئن اڇلون کائيندو هو.

    ذهين شاگرد نريندر ڪمار ميگهواڙ جي خودڪشي،
    سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور سان تعلق رکندڙ هڪ سکئي ستابي گھراڻي جي نوجوان نريندڙ ميگهواڙ جي خودڪشي سنڌ کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو هو، ڪيترن ئي ڏينهن تائين سنڌ جي فضا ۾ سوڳواري ڇانيل هئي. شاگرد نريندر ميگهواڙ جي ڪٽنب ۾ تقريبن نوجوان پڙهيل، لکيل، سنجيده ۽ اعلى تعليم يافته هئڻ سان گڏ محنت ڪش ۽ هنرمند آهن. نريندر جي تربيت به ان ماحول ۾ ٿيڻ ڪري هو به پنهنجي پڙهائي ۾ سخت محنت ڪندي اڳتي وڌي رهيو هو. توڙي جو هو اڃان بالغ پڻي جي حدن کي نه پهتو هو پر الئه ڇو هن نوجوان پاڻ کي وقت کان اڳ ذهني مريض جي سوچن جهڙي هن سماج ۾ پاڻ کي ذميوار ۽ ذهني طور بالغ ٿيڻ جي جرئت ڪئي هئي، پنهنجي مسڪين ڀائرن سان ٿيل ناانصافين تي هو تڙپي اٿيو هو، هن فقط انصاف ٿي چاهيو، هن چاهيو ٿي ته ڪير به ڪنهن جو حق غضب نه ڪري، هن چاهيو ٿي ته هن معاشري جا ڏاڍا مڙس جيڪي سندن قبرستان تي قبضو ڪري چُڪا هئا. (جنهن ڪري هنن کي پنهنجن پيارن جا لاش دفنائڻ ۾ مشڪلات پيش اچي رهي هئي) هن فقط ايترو چاهيو ٿي ته قبضي هيٺ آيل قبرستان تان قبضو ختم ڪيو وڃي، ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ سوگهو ڪيو وڃي، پر ڪرپشن جي ور چڙهيل قانون کي بازياب ڪيئن ڪرائجي؟ ان نظام کي چيلينج ڪيئن ڪجي؟ ان جمود کي ڪيئن ٽوڙبو؟ ان زهريلي سوچ خلاف جدوجهد ڪيئن ڪجي؟ انهن پيچيده ڳالهين کان اڃان نوجوان نريندر اڻ واقف هو. جنهن ڪري کيس پنهنجي وڏڙن جي قبرستان تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ سندس ڪچڙي ۽ ٻاراڻي ذهن ۾ بس هڪڙو ئي خيال آيو ته “خودڪشي ڪجي” آتم هتيا ئي انتقام آهي، جنهن بعد نوجوان نريندر ميگهواڙ آتم هتيا جي خيال کي حقيقت جو روپ ڏيئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. سندس جيون سان نريندر جي پيارن جون هزارين اميدون نراس بڻجي ويون. انهن جي دلين ۾ بس ڏک جون لهرون ۽ دردن جا طوفان هئا. هڪ حسين ۽ ذهين نوجوان جو بي وقتائتو ۽ غيرفطري موت انتهائي ڏکوئيندڙ ثابت ٿيو. پر انصاف وٺڻ جو سندس طريقي ڪار ڪنهن به ريت مناسب نه هو. هن سماج جي ذليل روايتن سان نبرڻ لاءِ هماليا جيڏن حوصلن ۽ همتن جي ضرورت هوندي آهي، “انتم” يعني خاتمو ته دشمن چاهيندو آهي، پر جيڪڏهن دشمن جي خواهش موجب اسان پاڻ پنهنجو انت آڻي دشمن جو ڪم آسان ڪري ڇڏيون ته پوءِ ته ظالم قوتن کي غريبن تي ظلمتن جا پهاڙ ڪيرائڻ ۾ آساني ٿيندي، ناانصافيون وڌي وينديون، هيڻن طبقن ۾ جدوجهد بجاءِ خودڪشيءَ جا خيال پيدا ٿيندا.

    سماجي ورڪر مٺو ميگهواڙ جي خودڪشي
    ظالم ۽ مظلوم طبقن ۾ تضاد فطري عمل آهي. اهو عمل ايترو ئي پُراڻو آهي جيتري انسان جي حياتيءَ جي تاريخ جھوني آهي. ڇاڇري تعلقي جو سماجي اڳواڻ مٺو مل ميگهواڙ به ظالم وڏيراشاهي جي ڏاڍ ۽ جبر جو ستايل انسان هو. جنهن ظلم خلاف پنهنجي وس آهر تمام گھڻو آواز اٿاريو پر سندس رڙين کي اعلى ايوانن ۾ ويٺل موٽن ماڻهن اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. خودڪشي ڪندڙ فوتي مٺو خلاف بااثر ڀوتارن رڻ ٻاري ڏنو، سندن حياتي وهه بڻائي وئي، انتقامي ڪارواين جو سلسلو تيز ڪيو ويو، سندن ٻنين،گھٽين، رستن، گئوچرن تي وڏيرن جون اکيون پئجي ويون. سندس ٻچن جي روزي کسڻ جون سازشون ڪيون ويون، انهن بي واجبين خلاف مٺو هر فورم تي آواز بلند ڪيو پر انصاف نه مليس. شديد مايوسي ۽ بيوسي جي صورتحال ۾ مٺو ميگهواڙ هڪ ڏينهن جهنگ منهن ڪيو، جتي وڻ ۾ رسو ٻڌي “خودڪشي” ڪري ڇڏيائين. يعني وڏيراشاهي سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيائين. اهو اشو چند ڏينهن ميڊيا جي زينت بڻجڻ بعد خاموشين ۾ دفن ٿي ويو. اڄ شايد مٺو ڪنهن کي ياد به نه هجي!
    پر هڪڙي ڳالهه جيڪا دل ۾ هُري ٿي سا هيءَ آهي ته مٺو جهڙو ڀلوڙ سماجي ورڪر نوجوانن همت هاري وڃي، دل شڪستو ٿي وڃي، هار مڃي، شڪست قبولي وٺي ۽ آڻ مڃي پنهنجو انت آڻي پنهنجن معصوم ٻچن، ڌرم پتني، ڀائرن، جوان ڀيڻن، پيرسن والدين کي خونخوار دشمنن جي آزار ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ جو ڪيئن سوچي سگهي ٿو؟ سندس بعد انهن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ شايد اهڙي تصور سندس ذهن جي ڪينواس کي ڪونه ڇهيو هوندو؟ يا ظالم وڏيراشاهي جي ظلمتن جي طوفان سندس ذهن کي مڪمل طور گهيري ورتو هو؟ جنهن ڪري وٽس انتهاپسندي جو آخري رستو “آتم هتيا” ئي وڃي بچيو هو، جنهن تي مٺو عمل ڪري پنهنجي ساهه جو سڳو ٽوڙي ڇڏيو. سندس ان قدم سان کيس ته حياتي تان هٿ ڌوئڻو پيو پر سندس دشمنن کي ڪهڙو نقصان پهتو؟ هڪ غريب ڪٽنب جو سماجي ورڪر شخص جيڪو ان ڪٽنب لاءِ ڇپر ۽ ڇانءَ بڻيل هجي، سندس ڏڍ ۽ آسري تي باقي ماڻهن جون همتون ۽ جذبا واڳيل هجن اهو ناکئو جيڪڏهن وچ سير ۾ لهرن ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي ڊپ کان گھٻرائي اونهي عميق ۾ ٽپي “خودڪشي” ڪري ڇڏي ته سندس ان عمل کي ڇا سمجهڻ گهرجي؟ ٻنهي صورتن ۾ هو موت کي انتهائي ويجهو هو، پر وري به زندگي لاءِ کيس وچ سير ۾ ٽپڻ کان ڪناري تي پهچڻ جي جستجو ڪرڻ گھرجي ها. اهو ئي حياتي جو عظيم مقصد هجڻ گهرجي.

    (نوٽ خودڪشيون ڪندڙ عالمي اديب، شاعر،مفڪر،دانشور، موسيقار ۽ سائينسدانن بابت تفصيلي احوال ڪتاب جي ٻي ڀاڱي ۾ شايع ڪيو ويندو. ليکڪ)


    سنڌ ۾ ٿيندڙ ”ڌرتيءَ ڌڻي“ پورهيتن جون خودڪشيون




    سنڌ ۾ خودڪشين جي شرح جن برادرين ۾ خطرناڪ حد تائين وڌيل آهي انهن ۾ ڪولهي، ڀيل ۽ ميگهواڙن سميت ۾ ڪيتريون ئي پورهيت برادريون شامل آهن. ظالم قوتن پاران زمانن کان ظلمتن جو عبرتناڪ نشانو بڻائي اڇوت قرار ڏنل انسانن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي آرين اچي غلام بڻايو، برهمڻن سامراج جي ڪمال کان وٺي زوال جي زمانن تائين ڌرتيءَ ڌڻي سخت عتاب ۽ مصيبتن هيٺ ئي رهيا پر افسوس جو آرين بعد آيل ٻين ٻاهرين حملاآور قوتن پڻ اصل ڌرتيءَ ڌڻين کي پنهنجي وس آهر چِپڻ ۽ نپوڙڻ جون ڀرپور ڪوششون اڄ تائين جاري رکيون. ڏاڍ ۽ جبر جو اهو تاريخي سلسلو روان دوان رهيو، ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙ موت جهڙي حياتي جي گاڏي کي ڳرين وکن سان گهليندا رهيا. سندن حياتي جي حالاتن کي ٻاهرين نظر سان ڏسندڙ قلمڪارن کين ڪيترائي عجيب لقب ڏيندا رهيا آهن، وطن جي وارث ۽ سنڌو تهذيب جي سرڻجهارن کي “ڌڻيءَ” بجاءِ ڀٽڪندڙ نسل، رول، لاڏائو، خانه بدوش، اڇوت، نيچ، ڍيڍ، پليد، دئيت،چنڊال چيو ويو. موئن جي دڙي جهڙي تهذيب سرجيندڙ ماڻهن جي جيون کي زهر بڻايو ويو. ڌرم جي نالي تي منوسمرتي جهڙا ڪوڙا ڪتاب لکي سندن خلاف انسانيت کان ڪريل قانون پاس ڪري ان تي سختي سان عمل ڪيو ويو.
    دنيا ۾ ترقي جون پهريون وکون سنڌ ڌرتيءَ جي اصل وارث دراوڙن کنيون هيون، ترقي جو پهريون ڏاڪو “ڦيٿو” اڄ کان پنج هزار سال اڳ ۾ دراوڙن ئي ايجاد ڪيو هو، ڍڳا گاڏي هن تهذيب جي آثارن مان ملي، هنن ئي ڪپڙو اڻيو هو، هنن ئي کيتي ڪري زراعت کي هٿي ڏني، هنن ئي لکڻ ۽ پڙهڻ جي شروعات ڪئي هئي، هنن ئي رڇ ۽ ٻيڙيون جوڙيون هيون، پڪا گھر، اوطاقون، واش روم، پڪا کوهه جوڙي مهذبپڻي ۽ جدت ڏانهن سفر لاءِ گس جوڙيندڙ آڳاٽا ماڻهو سنڌ جا دراوڙ ئي هئا، موئن جي دڙي مان هٿ آيل انساني هڏڙين جا سنڌ جا اصلوڪا رهواسي دراوڙ ئي حقيقي وارث آهن. موئن جي دڙي جي عظيم تهذيب جي آثارن مان سمبارا جو مجسمو مليو آهي. ڌرتيءَ جي انهن مهذب ماڻهن کي وقت ۽ حالاتن غيرمهذب بڻائي ڇڏيو. دراوڙن جي تهذيب موئن جي دڙي جي مٽي مان ڪنهن به قِسم جي هٿيار جو نه ملڻ ئي سندن پرامن مزاج جي گواهي جو اعلى مثال آهي، شايد سندن “حد کان وڌيڪ پُرامن” هجڻ ڪري “مزاحمت” جو مادو سندن مزاج ۾ ماٺو رهيو، اهو ئي عمل سندن غلامي جو سبب بڻجي ويو. ٻيو ته وطن جي وارثي جون واڳون هٿ ۾ هجڻ جو اقتداري نشو به سُستي،ڪاهلي ۽ لاپرواهي کي جنم ڏي ٿو، جنهن سان قومن جو موڳو ۽ اٻوجهه بڻجڻ فطري عمل بڻجي ويندو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي اصل فطري وارث دراوڙن جي “غلامي” جا ڪهڙا به سبب هجن پر ساڻن ٿيل حشر جي وارتائن جي ڊگهي ۽ ڏکوئيندڙ تاريخ کانپوءِ به هن ڌرتيءَ تي هنن جي وجود جي لکن جي تعداد ۾ موجودگي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڌرتيءَ جي هڪ مڪمل قوم کي ست هزار سالن جي ظلمتن کانپوءِ به ختم ڪرڻ غاصب قوتن جي وس جي ڳالهه ناهي، ستايل ماڻهو پنهنجي رفتار سان اڳتي وڌندا ۽ ڌرتيءَ تي انقلاب جو روشن سج اُڀرندو جتي ڪوبه منش بکئي پيٽ سبب آتم هتيا نه ڪندو، ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا قانون ڌوڙ ٿي ويندا، انسان ازل کان آجو آهي ۽ آجو رهندو.
    بک، بيروزگاري، بدحالي، بيوسي، لاچاري عدم تحفظ، ننڌڻڪائپ ۽ لاورثي جي حالاتن سبب “خودڪشي” جي شرح دراوڙ لوڪن ۾ تمام گھڻي افسوسناڪ حد تائين وڌي چُڪي آهي. سندن “خودڪشي” جو وڏو ڪارڻ فقط “بک” آهي. غربت سبب بک سندن پيڇو نٿي ڇڏي، رات ڏينهن پگهر جو پورهيو ڪرڻ جي باوجود جيڪڏهن پورهيتن جا ٻچا ويلا ڪاٽي لنگهڻ سمهن ۽ اڪثر سندن چلهه ٿڌي رهي، ڪروڙين ٽن اناج پيدا ڪندڙ ماڻهن جي پهچ ۾ رڳو اٽي جو سير به نه هجي، ماني ڳڀي لاءِ کين بار بار مرڻو ۽ جيڻو پوي، جڏهن هو پنهنجن ٻچن جو پيٽ نه ڀري سگهن، خوراڪ جي ڪمي ۽ بيمارين ۾ وقتائتو ۽ گھربل علاج به نه ڪرائي سگهن، ۽ پنهنجي مستقبل کي پنهنجين اکين اڳيان تڙپندي تڙپندي موت جي حوالي ٿيندي ڏسندا رهجي وڃن ۽ بيوسي سبب ڪجهه ڪري به نه سگهن ته ڇا اهڙي صورتحال ۾ هينئون ڏري نه پوندو؟ ڇا اهي بيوسي جا ڏکوئيندڙ منظر موت کان گھٽ آهن؟ اهو ئي دنيا جو وڏو غم به آهي ته الميو به آهي. غريبن ۾ اهو ئي “خودڪشين” جو وڏو سبب آهي.
    هن دنيا ۾ مسڪينن جا ڪهڙا ڪهڙا سور اکين پسيا آهن، انهن ڀوڳنائن جي احوالن کي هڪڙو نازڪ من رکندڙ قلمڪار ڪيئن ٿو بيان ڪري سگهي؟ اها ڳالهه سمجهه کان مٿڀري آهي، بک، بيوسي ۽ غربت ۾ ٻچڙن کي بازار ۾ وڪرو ڪرڻ جا “هوڪا” هن دنيا جي “مهذپڻي” تي ڪاراٺ ملين ٿا. پورهيت دشمن سامراج جو “ضمير” ڪوٺن ۾ وڇايل چادرن تي ستو پيو آهي. انهن جي اندر جو ماڻهو مري ويو آهي. غريبن جو رت چوسي ڪارو ناڻو ڪمائيندڙ سرمائيدار فقط غريبن کي عذاب ڏيندڙ انسان دشمن شيطاني روبوٽ بڻيل آهن. روبوٽن کي حسين احساس نه هوندا آهن، روبوٽن کي ڪهڙو پتو ته “ماڻهپو” ڇا آهي؟ انسانيت جي عظمت ڪهڙي ٿيندي آهي؟ تنهنڪري سموري دنيا جي مسڪين، مزدور ۽ پورهيتن کي رات ڏينهن پگهر جو پورهيو ڪرائڻ باوجود انهن جي “ماني” تي ڌاڙو هڻندڙ فقط هڪڙي ئي عالمي قوت “ظالم سرمائيدار” آهن. جيڪي ڪروڙين مسڪينن کي بک ماري “آتم هتيا” جو سبب پيدا ڪن ٿا. مسڪينن جي موت جو سامان ميسر ڪن ٿا ڪنهن ڏاهي ماڻهو چيو آهي ته “بک جو ڪو مذهب ڪونهي” سو برابر سڄي دنيا ۾ بک جو سور ۽ پيڙاهه جيئن ساڳيو ئي ذائقو آهي. سڄي دنيا جي “بک” جي ڊي اين اي ڪندو تڏهن به بک جو نسل هڪڙو ئي ظاهر ٿيندو، بک بيماري به آهي ته بڇڙو ٽول به آهي. پر بک جي ڪا ويڪسين نه هوندي به هن جو علاج سڄي دنيا ۾ فقط ماني ئي آهي. “ماني” ماڙهو جو پيٽ به ڀريو آهي ته “ماني” هيڻن ماڻهن جي موت جو سبب به بڻي آهي ته “ماني” مصيبت به بڻي آهي، ماني تزليل جو ڪارڻ به بڻي آهي، ماني عتابن ۽ عذابن کي آندو آهي، ماني غلامي جو گهنڊ وڄايو آهي، ماني ٻچا وڪڻايا آهن، ماني جي بک انهن جون حياتيون ڳاريون آهن، ماني انهن کان حياتيون کسيون به آهن. ماني مقدس مائرن ۽ نياڻين کي به ڪوٺن جي ڪهاڻين جو ڪراهت لائق ڪردار هن معاشري ذليل ڪيو هوندو، فقط ماني ئي چڪلن جو اسٽاڪ ايڪسچينج به هيٺ مٿي ڪندي آهي، ماني انهن لاءِ سهڻو سپنو به رهي آهي. پر ماني جي حاصلات انهن لاءِ چنڊ جهڙو دلاسو رهي آهي. ماني جو فلسفو ڪهڙو آهي؟ ماني ۽ ماڻهپي ۾ ڪهڙو بنيادي فرق آهي؟ جدلي ماديت مادي جي جنگ به آهي ته ماني جي جنگ به آهي، انسانيت ۽ اٽي جو ڪهڙو تعلق آهي؟ ڳڀي جي ڳولا جو پنڌ ڌرمي ياترائن کان ڪيترو مقدس آهي؟ اهڙا ڪيترا ئي سوال هن ڪائنات ۾ پڇڻ “بکين جي بغاوت” تصور ڪيا وڃن ٿا، پر ان جي باوجود ماني جو بحث ته پيٽ ڀرجڻ سان ختم ٿيندو. بک لڳائڻ جون دوائون ۽ ڦڪيون کڻي لقمان حڪيم ۽ ان جا ٻالڪا ايجاد ڪري ويا آهن پر انهن شاهه ڪاريگر طبيبن کي به“بک نه لڳڻ” جو نسخو هٿ نه آيو. سو ماني “خودڪشي” جو اهم سبب پڻ بڻيل رهي آهي. سوشل ميڊيا تان ڪنهن نامعلوم ماڻهو جون هي سٽون ماني جي منجهيل فلسفي کي سلجهائڻ جي حال سارو نشاندهي ڪن ٿيون. “بک” ڪائنات جي هڪ بکايل انسان کي خودڪشي تي مجبور ڪري ٿي.
    بکايل کي فلسفو نه ، “ماني” کپي
    مرڻ کان اڳ مون کيس خودڪشيءَ کان گهڻو روڪيو
    هن چيو ، “کائڻ لاءِ ڪجھه آندو اٿئي؟”
    وراڻيم ، “زندگيءَ کان هارائڻ بزدلي آهي”
    چيائين ، “ منهنجا ٻچا ڪيترن ڏينهنِ کان بکيا آهن”
    چيم ، “مانيءَ جو ضامن الله آهي!”
    چيائين ، “الله ڪٿي آهي؟ ماني آندي اٿائين؟”
    چيم ، “هو صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي”
    پڇيائين ، “ڇا بکايل سان به گڏ هوندو آهي؟”
    چيم ، “زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي”
    چيائين،“ جنهن مهل بکين ٻارن جون رڙيون ڪنين پون ٿيون ته زندگي ڏائڻ ٿي پوندي آهي”
    مون کيس چيو ، “ڏس خودڪشي حرام آهي”
    هن چيو ، “جڏهن زندگي حرام ٿي وڃي ته خودڪشي حلال ٿي وڃي ٿي”
    ۽ هوءَ لڙڪي رهي هئي .....
    مونکي مارڪس ياد اچي ويو جنهن مطابق: “جڏهن پيٽ خالي هجي ته زندگيءَ جو ڪوبه فلسفو اثر نه ڪندو آهي”
    ڪنهن بکايل ڏانهن ڪنهن مانيءَ وارو هٿ وڌايو ته انهيءَ بکايل چيو هو ،
    “ تون رازق آهين؟”

    ٿر ۾ قرض ڏيندڙ وياجي اين جي اوز جي ڪري ٿيندڙ خودڪشيون.
    ٿرپارڪر جاگرافيائي طور سنڌ جو پسمانده ريگستاني علائقو آهي، جتي ڪارونجهر جي جبلن ۽ رڻ کانسواءِ هر طرف واري جون وڏيون ڀِٽون آهن، وسيع وارياسي پٽ تي ٿري ماروئڙن جو پيٽ گذر برساتن تي ٿئي ٿو. وسڪارو سٺو ٿيو ته فصل به ڀلا ٿيندا چوپائي مال لاءِ سال کن جو گاهه پٺو به ٿيو وڃي، پر جي مينهن مُنهن موڙي ويا ته ڏڪار ڪر کڻي ٿو. پر ڪڏهن ڪڏهن ته مسلسل ٽي کان چار سالن تائين به بارشون نٿيون وسن، جنهن ڪري ٿر ۾ سخت ڪارو ڏڪار منهن ڪڍندو آهي، اهڙي سوڪهڙي واري صورتحال ۾ ٿري آبادي جو وڏو حصو لڏپلاڻ ڪري سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ پنهنجي روزي روٽي ۽ مال جي چاري پويان دربدري جا ڊگها پنڌ ڪري ٿو. خانه بدوشي جون مصيبتون ڀوڳيندڙ ٿرين ۾ اڪثريت ڪولهين ۽ ڀيلن جي هوندي آهي. ٻيا سرندي وارا ٿريا ڏڪارن ۾ به فقط پنهنجو چوپايو مال چاري خاطر سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ اُماڻين باقي پاڻ ٿر ۾ ويڙها وسايو ويٺا هوندا آهن. جڏهن ته ٿر جي ميگهواڙ برادري تعليم يافته هئڻ ڪري کين سرڪاري نوڪريون وڏي تعداد ۾ مليل آهن، سرڪاري ملازمن کان علاوه هُنر جي ميدان ۾ ميگهواڙ برادري تمام گھڻو اڳتي نڪري چُڪي آهي، ميگهواڙ قبيلي جا پورهيت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي گارمينٽس سميت ٻين مِلن، ڪارخانن ۽ فيڪٽرين اندر وڏي تعداد ۾ روزگار ڪن ٿا. پر ٿر ۾ ڏڪار دوران سارين ۽ ڪڻڪ جو لابارو، ڪمند جي ڇِلي سميت ٻيون زرعي مزدوريون ڪرڻ ۽ چوپائي مال کي چارڻ لاءِ ذلالتن جا عذاب ڪولهين ۽ ڀيلن جي پانڌ پون ٿا. تعليم جي کوٽ، اٻوجهائپ ۽ هُنر کان وانجهيل هئڻ ڪري هتي ڀيلن ۽ ڪولهين کانسواءِ اوڏ، جوڳي، سامين سميت ٻيون ڪيتريون ئي غريب برادريون نهايت ئي ڏُکي حياتي گھاري رهيون آهن.نان گورنمينٽ آرگنائيزيشن (اين جي او) هون ته مسڪين ماڻهن جي “غريبي ۽ نندڻڪائي” تي اربين روپين جا پروجيڪٽ حاصل ڪري پنهنجو پيٽ پاليندڙ ادارا آهن، پر سرمائيدارن جو پيٽ ڀريندڙ اهي نجي ادارا غريبن جي مجبورين کي وياج تي خريد ڪري پنهنجي جڪڙ ۾ سوگهو ڪندا آهن، ٿر جا مسڪين مارو ماڻهو مينهن ڪڙين تي آبادي جي آسري سميت مرڻي، پرڻي ۽ بيمارين جهڙين مجبورين ۾ انهن نجي ادارن، جنهن ۾ خاص طور ٿرديپ، فسٽ مائڪرو فنانس، خوشحالي بئنڪ، آسا پاڪستان، اين آر ايس پي وغيره کان پنجويهه کان پنجٽيهه سيڪڙو وياج عيوض ان آسري تي قرض کڻن ٿا ته “فصل لٿي مان ڏينداسون” پر وڌيڪ برساتون نه وسڻ ڪري ٻنين تي کيڙي ۽ ٻج لاءِ وياج تي کنيل قرض به وري نه سگهندو آهي. سندن سموريون اميدون نراس بڻجي وينديون آهن. ٿري مسڪين مارو قرضن جي ڪوڙهه ۾ غرطان ٿي ويندا آهن، جنهن بعد قرض ڏيندڙ ادارن جي آفيسرن جا ڳوٺن ۾ لامارا هوندا آهن. سرمائيدارن جا اهي نوڪر ماروئڙن کي ست سُريون ٻڌائي سندن بي عزتيون ڪندا رهندا آهن.
    ٿر ۾ ڪاري ڏڪار جي ڪر کڻڻ سان لکين ٿرواسي دربدر ٿي پريشانين ۾ ڀٽڪندا آهن. انهن مسڪين ماروئڙن جا مالي حالات ڏڪار سبب انتهائي درجي جي حد تائين خراب ٿيڻ ڪري اهي پنهنجي ٻچن جي کاڌ، خوراڪ ۽ اٽي لٽي جو پورائو به نه ڪري سگهندا آهن ته وياجي اين جي او کي کنيل قرض ڪيئن واپس ڪن؟ قرضي اين جي اوز وارا ورڪر ٿرواسين جي گھرن تي ڌرڻا هڻي سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏين ٿا، جنهنڪري انهن ادارن جا قرضي ماروئڙا سخت پريشاني جو شڪار ٿي پنهنجا مال، متاع وڪڻي، زيور، ٻنيون کپائي، معصوم ٻچڙن کي کٿن ۽ قالينن جي کُڏين تي گروي ڪرائي به کين کنيل قرض ڳري وياج سميت ڀري ڏيندا آهن.پر انيڪ اهڙا مسڪين ۽ غريب ماڻهو به آهن جن وٽ ڪابه شئي وڪڻڻ لاءِ يا گروي رکڻ لاءِ باقي نه هوندي آهي، بکون ڪاٽيندڙ ماڻهو قرض واپس ڪيئن ڪن؟ نتيجي ۾ اهڙا ڪيترائي ڪيس سوشل ميڊيا جي اک ۾ آيا آهن جن ۾ غربت جو شڪار قرضي ٿري مردن ۽ عورتن اين جي اوز جي پريشان ڪندڙ روين سبب “خودڪشي” ڪري حياتي جو ڏيئو اُجهائڻ جا واقعا منظرعام تي اچن ٿا ته ڪي اهڙا واقعا وري ونگارو صحافي لڪايو ڇڏين. اهو ته نٿو چئي سگهجي ته ٿر ۾ ٿيندڙ سمورين خودڪشين جو سبب صرف قرض ڏيندڙ وياجي اين جي اوز آهن پر پوءِ به گھڻين خودڪشين جو ڪارڻ اهي ناسور ادارا ضرور بڻيا آهن، جنهنڪري سرڪار انهن وياجي اين جي اوز ادارن کي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ کان پڻ روڪي ڇڏيو آهي. انهن خودڪشين جا ٻيا به ڪيترائي ذاتي ڪارڻ پڻ آهن. جن تي هن ڪتاب ۾ تفصيل سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر عام طور ان ڳالهه تي بحث هلندڙ آهي ته “ٿر ۾ ٿيندڙ خودڪشين پويان وياجي اين جي اوز جي قرض جي قسطن واري وصولي ۽ انهن جا غيرانساني رويا پڻ آهن” ان حقيقت کي رد نٿو ڪري سگهجي ته اڪثر خودڪشيون ٿينديون ئي زهريلن روين جي ڪري آهن. ٿر جا مسڪين مارو مجبورين ۾ قرض کڻي وياج جي ڄار ۾ مڪمل ڦاسي وڃڻ بعد چوکُنڀا جڪڙجي ويندا آهن. انهن ۾ ڪيترائي نازڪ مزاج ۽ حساس من رکندڙ معصوم ماروئڙا روز پنهنجن گهرن اڳيان گلا ڏيڻ آيل اين جي اوزي ڪارندن جي لٺ ۽ چٺ ڏيکارڻ وارن حربن، داٻن ۽ دڙڪن جو وٽن خالي کيسي ڪهڙو حل ٿي سگهي ٿو؟ روز روز جي جُٺ سهڻ بجاءِ اهڙا ماڻهو “خودڪشيون” ڪن ٿا. جنهن ڪري انهن خودڪشين جو ذميوار ڪير آهي؟ اهو سوال هاڻ لڪل ناهي

    وياج خور سيٺيا
    مذهبن وياج کي سختي سان نه رڳو رد ڪيو آهي پر ان کي حرام پڻ قرار ڏنو آهي. جنهن ۾ جديد مذهب اسلام سرفهرست آهي. جنهن ۾ وياجي ماڻهو سان گڏ کائڻ پيئڻ به جائز نه آهي پر ان جي گھر جي پاڇي ۾ ويهڻ کان به روڪيو ويو آهي. ان جي باوجود سموريون بئنڪون، نجي ادارا، اين جي اوز مختلف نالن سان “وياج” جو ڪارو ۽ ڪُڌو ڪم سري عام ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه ڪجهه پئسي وارا سيٺيا مذهبن ۽ انسانيت جي اصولن ۽ پابندين کان پاڻ کي مڪمل آجا سمجهي وياج جي ڄار ۾ مجبور ماڻهن کي ڦاسائي، انهن جو رت ست چوسي پنهنجن ٻچن جو ڪاري ڌن سان پيٽ پالي رهيا آهن. هنڌو ازم ۾ وري وياج ۽ شراب تي ڪجهه هٿ هلڪو هئڻ ڪري برهمڻ سامراجي سيٺيا “وياج” کي ڌرم جي اُتم خدمت سمجهي پنهنجي ڌرمي غريب ڀائرن جي اُبتي کل لاهين ٿا. وياج خور ڌرمي ڀائرن جي ضمير جي قيمت چڪلن ۾ استعمال ٿيندڙ ساٿي ڦوڪڻن جيتري به ناهي، هڪ هزار روپين پويان اٺن نسلن کان وياج وٺندڙ وياجي سيٺيا حقيقت ۾ هڪ وحشي، درندي، حيوان، آدم خور کان به وڌيڪ بدترين آهن. سندن خيالن ۾ هروقت گٽرن جا آبشار وهن ٿا. انهن وياجين پاران مجبور ماڻهن جي بيوسي کي خريد ڪري ان جو ناجائز فائدو ورتو ويندو آهي. جنهن ڪري ڪيترن ئي غريب انسانن جون حياتيون وياج جي ڳري چڪي ۾ پيسجي ويون. پر انهن تان وياج جو ڪال چڪر ختم نه ٿيو، انهن وياجين جي ڏنل عذابن سبب به ماڻهن مجبور ٿي خودڪشيون ڪيون آهن. وياج وڏي لعنت آهي، ماڻهو سمهن ٿا پر وياج جاڳي ٿو، وياج خور مافيا وٽ سماج جي اڪثريت گروي هوندي آهي، جنهن ڪري قانون ۾ پابندي باوجود به وياجي گروهه غريبن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ لاءِ سرگرم عمل هوندا آهن. “آتم هتيا” ڪندڙ هن معاشري جا ڪيترائي مسڪين ماڻهو وياج خورن جي وڪڙ ۾ اچي پنهنجي زندگين جا روشن ڏيئا اُجهائي ڇڏيندا آهن. اهڙا ڪيترائي ڪيس هن سماج ۾ ميڊيا تي اچڻ کان اڳ ئي دفن ڪيا ويندا آهن. جيڪڏهن انساني حقن جا ادارا وياجي سيٺين جي ظلمتن جي داستانن تي ڪا سروي ڪن ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. مفلسين ۽ مجبوريون مسڪين ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. وياج جو واپار ڪندڙ سيٺيا غريبن جون مجبوريون سود تي گروي رکڻ جوڪاروبار ڪن ٿا.

    “خودڪشيون” ڪيئن روڪجن؟
    سماجي مسئلا بنيادي طور انسان جي ذهنيت جي پيداوار آهن، تنهنڪري انهن جا حل به بهتر نموني سان انسان ئي ڪڍي سگهي ٿو. دنيا ۾ انسان پنهنجين لازوال علمي اهليت، شاهڪار ذهني صلاحيتن ۽ ماياناز قابليتن سان “ناممڪن” کي ممڪن ڪري ڏيکاريو آهي، تنهنڪري “خودڪشي” توڙي جو هن دنيا جو وڏو مسئلو آهي، پر ائين ته ناهي جو خودڪشي جهڙي مسئلي کي حل ڪرڻ انسان لاءِ ناممڪن ۽ پيچيده هئڻ سان گڏ سندس وس کان ٻاهر آهي؟ انسان “آتم هتيا” ۾ پاڻ کي مارڻ بجاءِ پاڻ ۾ موجود مقابلي وارين قوتن کي سچائي ۽ ايمانداري سان اُجاگر ڪري، “خودڪشي” جهڙي خطرناڪ الميي تي فقط سنجيدگي سان سوچڻ ۽ غور ويچار ڪري مسئلن جي جڙ تائين پهچي سگهي ٿو مسئلن جا زميني حقيقتن جي آڌار تي سائينسي حل ڪڍيا وڃن ته دنيا ۾ ڪابه خودڪشي نه ٿيندي، دنيا ۾ ڪوبه ماڻهو پاڻ کي مارڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. سياسي، سماجي ورڪر، سياسي ليڊرشپ، اديب، شاعر ۽ دانشور لڏو، انساني حقن جا ذميوار فرد ۽ ادارا، سول سوسائٽي ۽ سرڪار هن مسئلي تي حقيقي طور سنجيدگي سان سوچن، سجاڳي ۽ جاڳرتا مهم هلائي ماڻهن تائين پهچي سندن ڏک سور ونڊين، سندن وياج ۽ قرض جهڙن مسئلن کي فوري طور حل ڪرائن، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ڪيا وڃن،خودڪشي جي اصل جڙ “غربت” کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي رٿابندي ڪئي وڃي، ذهني ۽ نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جو علاج مفت ۾ ڪرڻ لاءِ سرڪار پاران هر شهر ۾ نفسياتي اسپتال کولي دوائون ۽ نفسياتي ڊاڪٽر ميسر ڪيا وڃن. قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، غريبن سان ٿيل ڏاڍ ۽ جبر جو سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪيو وڃي، اقرباپروري ۽ ڪرپشن مڪمل طور ختم ڪيو وڃي.


    خودڪشي لاءِ استعمال ٿيندڙ طريقا



    موت هڪ حقيقت
    ڪائنات ۾ “اشرف المخلوقات” جو اُتم درجو رکندڙ انسان توڙي جو حياتيءَ جي اهميت کان چڱي ريت واقف هوندي به “آتم هتيا” ڪري خود ئي حياتيءَ جي حسين حقيقتن ۽ فطرت جو مُنڪر بڻيو آهي. جڏهن سندس ذهن ۾ خودڪشيءَ جو خلل پيو ته ماڻهو پنهنجي جيون جي انت لاءِ ڪڏهن آسان حل ڪڍيو آهي ته ڪڏهن نهايت ئي عبرتناڪ طريقو استعمال ڪري خودڪشيءَ ڪئي آهي. “موت” فطري عمل آهي، جنهن مان هر ساهواري کي گذرڻو آهي، يعني زندگي کي موت اچڻ جي حقيقت کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي.گھڙيو گھاٽ ڊهندو.
    “زندگي ۽ موت” هڪ ئي وقت هڪٻئي کان فاصلو به رکن ٿا، ته هڪٻئي کي وار کان به ويجها آهن. پر نيٺ آخر زندگي هار کائي ٿي، موت فتح حاصل ڪري ٿو.پر موت جا سبب ڪهڙا آهن؟ موت زندگي کي چوطرف گردش ڪري ٿو، ساهوارن جي سموري جاکوڙ ۽ جفاڪشي زندهه رهڻ لاءِ آهي، پر اها جاکوڙ موت سان پُڄاڻي تي پهچندي آهي. زندگي کي موت ڪيئن ايندو آهي؟ ڄمندي ئي مرڻ، بيمارين ۾ مرڻ، حادثن ۾ مرڻ، يا ڄمار پوري ڪري فطري موت (فزيڪل ڊيٿ) مرڻ سميت موت جي مختلف سبب جي ڪري زندگي هارائي ويندي آهي، پر ڪائنات ۾ هيستائين لکين انسان پنهنجي هٿن سان غيرفطري موت “خودڪشي” ڪري مري چڪا آهن. اهڙي غيرفطري موت مرڻ لاءِ انسان ڪهڙا ڪهڙا وحشيانه طريقا استعمال ڪيا آهن، موت جي انهن طريقن تي نظر گھمائڻ سان پتو پوندو ته انسان پنهنجي حسين حياتي کي انتم ڪرڻ خاطر جڏهن جنونيت جي سوچ جي ور چڙهندو آهي ته پنهنجو پاڻ سان ڪهڙو حشر ڪندو آهي؟

    رسي سان پاڻ کي ڦاهي ڏيئي خودڪشي ڪرڻ
    رسي سان ساهه ڪڍڻ وارو هي طريقو ڦاهي جي سزا يافته قيدي تي پڻ استعمال ٿيندو آهي. پر هتي رسي ذريعي “خودڪشي” ڪرڻ جا واقعا سموري دنيا ۾ ڏٺا ويا آهن، پر پسمانده ملڪن ۾ هي طريقو عام رهيو آهي. سنڌ ۾ خودڪشين جا گھڻا واقعا ٿين ٿا. جنهن ۾ خاص طور سنڌ جا ضلعا ٿرپارڪر، ميرپورخاص، بدين، ٺٺو، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ٽنڊوالهيار، حيدرآباد شامل آهن. رسي ذريعي خودڪشي جو هي طريقو ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تمام گھڻو استعمال ڪندي ڏٺو ويو آهي. خودڪشي ڪندڙ عورتون گھرن جي ڇت ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪن ٿيون ته مرد جهنگ منهن ڪري وڻن ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪن ٿا. رسي ڳچي ۾ وجهي لڙڪي پوڻ سان ڪنڌ جو مڻڪو به ٽُٽي پوڻ سان گڏ ساهه جي نلي بند ٿيڻ ڪري چند لمحن ۾ موت واقعي ٿي ويندو آهي. رسي ذريعي خودڪشي ڪندڙ ماڻهو جي زبان وات کان فوري طور ٻاهر نڪري ايندي آهي. رت جو دورو (بلڊ سرڪيوليشن) بند ٿيڻ ڪري زبان جو رنگ واڳڻائي ٿي ويندو آهي. خودڪشي ڪندڙ فوتي جو ميڊيڪل ٿيڻ دوران گھڻو ڪري ظاهري حالتن جو جائزو ورتو ويندو آهي. پوسٽ مارٽم (لاش جي چيرڦاڙ) نه ٿيندي آهي. قانوني ڪاروائي ۾ فقط “اتفاقي موت” لکيو ويندو آهي. لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو آهي. پوسٽ مارٽم ان صورت ۾ ٿيندو آهي جڏهن ان جو مطالبو ڪيو ويو هجيءَ يا پوليس کي قتل جو شڪ هجي.

    زهر پي آتم هتيا ڪرڻ
    “زهر” پي مرڻ خودڪشي جو خطرناڪ طريقو آهي، هن طريقي ۾ اڄڪلهه استعمال ٿيندڙ زهر زرعي دوائون آهن. جنهن ڪري خودڪشي جو هي طريقو به عام طور ٻهراڙين ۾ استعمال ٿئي ٿو، جتي فصل جي ڦوهاري لاءِ جيت مار زرعي دوائن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ خودڪشين جي واقعن ۾ زرعي دوائن جو واهپو ان ڪري گھڻو آهي جو اهو زرعي زهر اتي آساني سان دستياب آهي. ٻهراڙي جا هاري ماڻهو فصل تي ڦوهاري لاءِ دوائون گهرن، اوطاقن، لوڙهن، گاهه، ڊڀن سميت ٻنين تي قائم عارضي جھوپڙين ۾ رکندا آهن. جتي ٿوري گھڻي ڳولا سان زرعي زهر آساني سان مليو وڃي. هون عام طور ته سمورا زهر (پوائزن) خطرناڪ ۽ تڪڙو موت ڏيندڙ آهن پر ان ۾ ڪجهه خاص ڪوالٽي جون زهريليون دوائون آهن. جن ۾ ڪيواڪران، ٿايوڊان، ٽالسٽار، ڪلوروپائري فاسٽ، سائپرميٿرين، ڊيلٽاميٿرين، ڪراٽي، اميڊاڪلوپرڊ (پائوڊر) وغيره انتهائي خطرناڪ زهر آهن. جيڪي خودڪشيون ڪندڙ ماڻهو موت لاءِ استعمال ڪندا آهن. زهر پيئندڙ ماڻهو مرڻ تائين وڏي عذاب مان گذرن ٿا. ڪيترن ئي ماڻهن کي فوري طور الٽي ۽ جلاب به ٿي ويندا آهن. پر ان جي باوجود زهر معدي مان ٿي رت ۾ شامل ٿيڻ سان بلڊپريشر کي گھٽائڻ سان گڏ دل جي دڙڪن کي ختم ڪندو آهي. جنهن بعد اکين جي نظر، دماغ ۽ ساهه جون نليون سخت متاثر ٿيڻ ڪري موت جلدي ٿي ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن خودڪشي ڪندڙ ماڻهو کي وقت سر ڪنهن قابل ڊاڪٽر تائين پهچايو ويندو آهي ته زهر جو اثر ختم ڪندڙ دوائن سان معدو صاف (واش) ڪرڻ سان گڏ لاڳاپيل علاج ترت ڪرڻ سبب زندگي بچي ويندي آهي. پر ائين تمام گھٽ ٿيندو آهي.

    نشي آور گوريون کائي مرڻ
    نشي آور گورين ڊائزي پام، ايٽي وان، زينيڪس، ايلپ وڏي تعداد ۾ کائي خودڪشي ڪرڻ جا واقعا شهري علائقن جي نوجوان طبقي ۾ گھڻا رڪارڊ ٿيندا آهن. مرڻ لاءِ استعمال ٿيل هن طريقي جو علاج به فوري طور ٿيڻ ۽ الٽي ذريعي گوريون ضايع ڪرڻ ذريعي ئي زندگي کي بچائي سگهجي ٿو. ٻي صورت ۾ موت گھڻو ڏور نه هوندو آهي. خودڪشي جي خيال سان نشي آور گورين جو وڏو تعداد ۾ استعمال معدي کي سخت متاثر ڪندو آهي.

    گھڻو شراب پي مرڻ
    شراب عام طور نشي ڪارڻ پيتو وڃي ٿو، پر خودڪشي جي ٻين ڪوششن مان بچي ويل ماڻهو به موت جي تلاش ۾ وسڪي سميت ڪچو ٺرو گھڻي مقدار ۾ واپرائي غيرفطري موت مري خودڪشي ڪن ٿا. نشي جي صورت ۾ دُت ۽ خطا ٿيڻ، بتالي جي حالت ۾ بي هوش ٿيندڙ ڪيترائي ماڻهو گلين، رستن، چوڪن ۽ گھٽين ۾ نظر اچن ٿا.جيڪي ڪڏهن ڪڏهن لاوارث حالت ۾ مئل ڏٺا وڃن ٿا، اسان جي اردگرد ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿيندا رهن ٿا. پر انهن تي گھڻو ڌيان نه ڏنو ويندو آهي.

    ڪارو پٿر کائي خودسوزي ڪرڻ
    ڪاري پٿر جو نالو گذريل ڪجهه عرصي کان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، بنيادي طور “ڪارو پٿر” وارن جي اڇاڻ کي ڪارو ڪرڻ جي ڪم اچي ٿو. يعني ڪارو رنگ ڪندڙ هڪ ڪيميڪل آهي. جيڪو پنساري جي دڪانن تان پندرهن ويهه روپين ۾ آساني سان مليو وڃي، ڪجهه عرصي کان ميڊيا ۾ ڪارو پٿر کائي “خودڪشي ” ڪرڻ جا ڪيترائي ڪيس منظرعام تي آيا آهن. “ڪارو پٿر” کائي خودڪشي ڪندڙن ۾ پنجانوي سيڪڙو عورتن جو انگ شامل آهي. ڪارو پٿر کائي خودڪشي ڪندڙ ماڻهو جو سڀ کان پهرين گلو متاثر ٿئي ٿو. ڪارو پٿر سڀ کان پهرين ساهه جي نلين ۾ ڳري پکڙجي ويندو آهي. جنهن بعد فوري طور ساهه جون نليون مڪمل طور بند ٿي وينديون آهن. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪارو پٿر کائي خودڪشي ڪندڙ ماڻهن جي زندگي بچڻ جي اميد تمام گھٽ هوندي آهي. اسپتالن تي پهچڻ کان اڳ اهي ماڻهو موت جي ور چڙهي ويندا آهن.

    پاڻي ۾ ٻڏي مرڻ
    خودڪشي لاءِ پاڻي ۾ ٻڏي مرڻ جو هي طريقو به گھڻو استعمال ٿئي ٿو. زندگي مان بيزار ماڻهو پاڻ کي اونهي پاڻي ۾ اڇلائي مريو وڃن، نامياري اديب علامه آءِ آءِ قاضي پڻ پاڻ کي سنڌو درياهه جي حوالي ڪيو، ڀلوڙ نوجوان شاعر ماٺيڻي اوٺي ۽ قومي ڪارڪن عرفان مهدي کان ويندي تائين ڪيترن ئي نالي وارن ماڻهن پڻ پاڻي ۾ ٻڏي انت آندو. ورجينا وولف پنهنجي ڪوٽ جي کيسن کي پٿرن سان ڀري پاڻ کي پاڻي ۾ اڇلائي خودڪشي ڪئي. ٿر ۾ ٿيندڙ اڪثر خودڪشيون پاڻي جي اونهن کوهن ۾ ٽپي ڪيون وڃن ٿيون، جنهن ۾ عورتن جو انگ مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نظر اچي ٿو، ٻڏي مرندڙ ماڻهو پاڻي جي کوهن، تلائن، کاڻ، واهن، ڪينالن، ڍنڊن، درياهن ۾ پاڻ کي اڇلائي خودڪشي ڪن ٿا. هن طريقي سان خودڪشي ڪندڙ ماڻهو چند منٽن ۾ موت جي ور چڙهيو وڃن، پاڻي ساهه جي نلين مان ٿيندو ڦڦڙن ۾ ڀرجي ويندو آهي، جنهن بعد پيٽ پڻ پاڻي سان ڀرجي ويندو آهي. پاڻي ۾ ٻڏندڙ ماڻهو کي فوري طور ماهر ڊاڪٽرن تائين پهچائي گھربل علاج ٿيڻ سان زندگي بچائي سگهجي ٿي، پر دير ٿيڻ ڪري انساني زندگي ضايع ٿي ويندي آهي. جيسين ساهه هوندو آهي ته پاڻي ۾ ٻڏندڙ ماڻهو بلڪل هيٺ تر ۾ هوندو آهي، پر جڏهن ساهه جو سڳو ٽٽي ويندو آهي ته خودڪشي ڪندڙ ماڻهو جو لاش تري پاڻي جي مٿين سطح تي ايندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن لاش گھڻن ڏينهن بعد هٿ اچڻ ڪري سڄُي، ڳري، سڙي آبي جيتن جڻن جي کاڌ خوراڪ ٿيڻ ڪري انتهائي ڀوائتو ۽ عبرتناڪ بڻجي ويندو آهي.

    بجلي ۾ هٿ هڻي مرڻ
    دنيا ۾خودڪشيون ڪندڙ لاتعداد ماڻهو بجلي ۾ هٿ وجهي شاٽ ذريعي به مرن ٿا. بجلي ذريعي شاٽ لڳڻ سان مرندڙ ماڻهو بجلي جي پول تي چڙهي هاءِ پاور تارن ۾ هٿ وجهي يا گھرن ۾ استعمال ٿيندڙ بجلي جي آلاتن ۾ هٿ وجهي به خودڪشي ڪن ٿا. هن طريقي سان مرندڙ ماڻهو سيڪينڊن ۾ مري ويندا آهن. زوردار شاڪ جي جهٽڪي سان فوري طور دل بند ٿي ويندي آهي، جسم به سڙي ويندو آهي، بجلي جي هاءِ پاور جي شاٽ مان بچڻ جا تمام گھٽ چانس هوندا آهن. شهري علائقن ۾ خودڪشي جا هن قسم جا واقعا ٿيندا رهن ٿا. اهڙن مامرن کي گھڻو ڪري اتفاقي موت جو نالو ڏيئي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو آهي.

    اوچائي تان پاڻ کي اُڇلائي آتم هتيا ڪرڻ
    خودڪشي لاءِ پاڻ کي اوچين عمارتن، پهاڙن ۽ پولن تان اُڇلايو ويندو آهي، جنهن سبب ماڻهن جا عضوا ٽُٽي پوندا آهن. دماغ يا ٻين نازڪ عضون ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري پڻ موت واقعي ٿئي ٿو. هن طريقي سان خودڪشي ڪندڙ ماڻهن کي فوري طور اسپتالن ۾ پهچائي طبي گھرجون پوريون ڪيون وڃن ته حياتي بچي ويندي آهي. پر زخم گھڻا لڳڻ ۽ گھڻو رت وهڻ ڪري موت جو راڪاس تمام ويجهو ٿي ويندو آهي.

    گاڏي يا ٽرين هيٺيان اچي مرڻ
    نامياري شاعره ساره شگفته پڻ پاڻ کي ڪراچي ۾ هڪ ٽرين اڳيان اڇلائي خودڪشي ڪئي، ڪيترائي خودڪشيون ڪندڙ ماڻهو پاڻ کي مارڻ خاطر ٽرينن ۽ گاڏين اڳيان اڇلائيندا آهن. اهڙي خطرناڪ موت ذريعي مرندڙ ماڻهن جو ڪڏهن ڪڏهن لاش به سلامت نه ملندو آهي. اهڙي عبرتناڪ موت تي نازڪ مزاج من رکندڙ ماڻهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن. هلندڙ ٽرين يا ڪنهن گاڏي مان جهمپ ڏيئي پاڻ کي ڦٽو ڪري به خودڪشيون ڪيون ويون آهن. اهڙا ڪيس شهري علائقن ۾ ظاهر ٿيندا آهن. جن ي عمر جي حد سورنهن سالن کان چاليهه سالن تائين نوٽ ڪئي وئي آهي.

    تيز ڌار اوزار سان گلو ڪپي مرڻ
    خودڪشي ڪندڙ ماڻهو جڏهن مرڻ جو ارادو پڪو ڪندا آهن ته ته پوءِ اهو قطئي ڪونه سوچيندا آهن ته موت جو طريقو ڪيترو خطرناڪ ۽ ايذائيندڙ آهي! تيز ڌار ڇُرين، ڪاتين ۽ ٻين اوزارن سان پنهنجو گلو ڪپي، يا ساهه واري نلي ڪٽي پاڻ کي ماريو وڃي ٿو. هن طريقي سان رت گھڻو وهڻ به موت جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ڪيتريون عورتون ۽ مرد هن طرح مرڻ کان اڳ پنهنجن ٻارن کي يا هڪٻئي کي به ماري ڇڏيندا آهن. ميرواهه گورچاڻي ۽ حيدرآباد ۾ به اهڙا واقعا ٿيا هئا. ميرواهه ۾ هڪ ڀوپي پنهنجين ٽن نياڻين کي مبينا طور تيز ڇُري سان ڪهڻ بعد پنهنجو انت آڻي ڇڏيو،

    پسٽل، رائفل يا بندوق سان فائر ڪري مرڻ
    خودڪشي جو هي طريقو سموري دنيا ۾ استعمال ڪن ڪيو وڃي ٿو، پسٽل، بندوق يا ٻي ڪنهن گولي يا ڪارتوس واري هٿيار سان آتم هتيا جو طريقو به ايترو ئي پُراڻو آهي جيترو اهي هٿيار پراڻا آهن. هن طريقي سان خودڪشي ڪندڙ ماڻهو دماغ، وات، سينو، پيٽ،ڦڦڙ، دل تي هٿيار رکي فائر ڪن ٿا، جنهن بعد ڪيتري به ڪوشش ڪجي پر پرحياتي بچائڻ ناممڪن بڻجي ويندي آهي. خودڪشي جو هي انتهائي خطرناڪ طريقو آهي.جڳ مشهور ناول نگار ارنيسٽ هيمنگوي به پنهنجي وات ۾ رائفل سان فائر ڪري خودڪشي ڪئي اهڙي ريت هن طريقي سان خودڪشي جا انيڪ واقعا دنيا ۾ ٿي چڪا آهن، هي موت جو کيل چند سيڪنڊن جو هوندو آهي، گھڻو ڪري ته خودڪشي ڪندڙ ماڻهو اسپتال تائين پهچڻ کان اڳ موت جو شڪار ٿي ويندو آهي، هن طريقي سان ڪيل خودڪشي ۾ بچڻ جا چانس به نه هجڻ جي برابر آهن.


    خودڪشي بابت مذهبن جو موقف

    “مذهب” هن معاشري ۾ مهذبپڻي لاءِ وجود ۾ آيا، پر هتي مفادپرست ماڻهن مذهبن کي پنهنجي فائدن خاطر ڪيترائي رخ ڏنا اٿن. اُن جي باوجود به “خودڪشي” جهڙن ڪيترن ئي ناسور مسئلن تي مذهبن جو موقف صفا چٽو ۽ زبردست آهي. مذهب اسلام، سناتن ڌرم، مسيحت، ٻڌمت، جين مت، بهائي، سِک، پارسي، ڪنفيوشس وغيره جو فڪر ۽ فلسفو مڪمل طور خودڪشي کي رد ڪري ٿو. خودڪشي بابت قطئي ڪٿي ذري به گنجائش ناهي. ان ۾ خاص طور اسلام دنيا جو جديد ۽ وڏن مذهبن مان هڪ آهي. جنهن ۾ مايوسي کي ڪفر ۽ خودڪشي کي مڪمل طور حرام قرار ڏنو ويو آهي. بلڪه خودڪشي ڪندڙ شخص جي جنازي نماز به جائز نه آهي. ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندڙ شخص اهو مرد هجي چاهي عورت پر خودڪشي جي خيالن جي گھيري ۾ هئڻ وقت سندس ذهني ڪشيدگي ۽ ڇڪتاڻ واري جذباتي ڪيفيت انتهائي درجي تي پهتل هوندي آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي لاڳاپيل مذهب جي خودڪشي بابت چٽي موقف، فڪر ۽ فلسفي کان وڌ مرڻ لاءِ فڪرمند هوندو آهي. خودڪشي جهڙو انتهائي قدم کڻڻ جو فيصلو ٿيندو ئي جذباتيت جي ڪيفيت ۾ آهي. جڏهن انساني حواس خطا ٿي ويندا آهن. ته ان کي سمورا روحاني عقيدا، مذهبي قانون ۽ آئين ياد ئي نه رهندا آهن. ياد رهندو آهي ته فقط غيرفطري، غيرشرعي، غيرمذهبي، غيرمهذبي، غيرانساني ۽ غيرقانوني “موت” ئي ياد رهندو آهي، اهو انتهاپسنداڻو خيال سندس جان وٺڻ تائين سندس ذهن تي غالب رهندو آهي.


    پُراڻ پبليڪيشن جهڏو جا شايع ٿيل ڪتاب

    1. آسن جو آسمان (شاعري) قادر سيال جهڏائي
    2. جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون) مُحب ڀيل
    3. مون مارو مڃيا (مضمون) شمس منڱريو
    4. موندانيا (مضمون) محمد ايوب ڀنڀرو ڪڇي
    5. ناياب نگر (شاعري) نياز پتافي
    6. پسي مچ م موٽ (مضمون) عبدالقيوم ٽالپر
    7. ديوان غمدل (شاعري) غلام حيدر“غمدل” سيال
    8. ڪوڙهه (ڪهاڻيون) سجاد اختر ٽالپر
    9. دراوڙ جاڳ ۾ آهن (مضمون) مُحب ڀيل
    10. اثر جي دائري هيٺ(فڪريءَ جائزو) آدرش سنتوش گوماڻي
    11. اُگھي ڪير ڳوڙها (شاعري) اياز رضوي
    12 اهڙا جن اهڃاڻ (شخصيت ۽ سوانح) مُرتب فقيرسليمان لغاري
    13 جامد ۽ متحرڪ تخليقي قدر( مضمون) فراق هاليپوٽو
    14 سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا (تحقيق) عثمان راهوڪڙو
    15 ريٽو، روپو سج اُڀرندو، (شاعري) گل هيسباڻي
    16 وچ صحرا ۾ (شاعري) سائينداد هنڱورجو.
    17 چڱي نه خودڪشي هُئي (مضمون) محب ڀيل


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 814
    ڪتابن جو مشاهدو: 1755769
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 485090
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ