ڪتاب جو نالو: يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز بابت لکڻيون)
مصنف: طارق عزيز شيخ
ڇپائيندڙ: برکا پبليڪيشن، حيدرآباد
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 11 نومبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 439 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 62 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن بابت لکڻين تي مشتمل آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ طارق عزيز شيخ آھي. مھيش ڪمار لکي ٿو:
”شيخ عزيز سنڌي صحافت جي استاد صحافي طور مڃيو ويندو هو. هن جا تربيت ورتل ڪيترا ئي اخباري ڪارڪن پنهنجي وقت جا ڪامياب صحافي بڻيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نالي وارين شخصيتن ۾ سندس لائق شاگرد ڪامياب نظر آيا. سندس صحافتي ڪم فقط سنڌي اخبارن لاءِ يادگار ناهي، بلڪه اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ به سندس خدمتون هميشه ياد رکڻ جهڙيون آهن. هن سدائين سنڌ جي حق ۾ ڪيس کي اڳتي وڌايو. عوامي، سياسي، تاريخي توڙي ثقافتي حوالي سان پاڻ هزارين مضمون پڻ لکيائين. شيخ عزيز سنڌ جو سرمايو هو. هن جي لکڻين سان ايوانن کان وٺي مختلف کاتن ۾ هلچل مچي ويندي هئي. سنڌي صحافت جي ھن روشن ستاري کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ
  • مهاڳ
  • شيخ عزيز جي زندگيءَ جو پروفائل : طارق عزيز شيخ
  • شيخ عزيز انسائيڪلوپيڊيا جھڙو شخص : يوسف شاھين
  • شيخ عزيز جي نانءِ : مھتاب اڪبر راشدي
  • يادن جي نگار خاني مان : نصير مرزا
  • شيخ عزيز عالَمي سطح جو صحافي ھو : قاضي اسد عابد
  • Shaikh Aziz By: Nasir Ali Panhwar
  • شيخ عزيز سنڌ جو ڏاھو ۽ عظيم انسان : پير مظھرالحق
  • شيخ عزيز جي مرتئي تي لکيل تاريخ جو ھڪ پَنو : نصير اعجاز
  • شيخ عزيز سنڌ جو اثاثو : شوڪت حُسين شورو
  • شيخ عزيز صحافت، علم ۽ ادب جو پارکو : امداد علي اوڍو
  • No alternate to Shaikh Aziz: A memoir
  • شيخ عزيز جديد سنڌي صحافت جو باني ڪار : ھمسفر گاڏھي
  • ڀلوڙ صحافي شيخ عزيز جي ياد ۾ : محمد حيات بلوچ
  • شيخ عزيز سنڌ جي گھڻ رخي شخصيت : نور سنڌي
  • شيخ عزيز ڪڏھن به نه وسرندو : حميده گھانگھرو
  • شيخ عزيز سڀني جو عزيز : مير اعظم علي ٽالپُر
  • صحافت جو ھڪ اصُولي باب پُورو ٿيو : زرار پيرزادو
  • ويا سي وينجهار: شيخ عزيز : ميرزا ڪاظم رضا بيگ
  • شيخ عزيز ھڪ بي باڪ قلم ڪار : دُرِ شھوار مرزا
  • شيخ عزيز صحافت جو روشن ستارو: جاويد مرزا
  • صحافت، ادب ۽ موسيقيءَ جو پارکو: شيخ عزيز : رمضان نومڙيو
  • مان جو ئي آھيان سو ئي آھيان: طارق عزيز شيخ
  • شيخ عزيز جي گھڻ پاسائين شخصيت: سرويچ حيدر اوڍو
  • آھه! شيخ عزيز جو لاڏاڻو!
  • ایک لیجنڈری صحافی کی موت : حسن مجتبیٰ
  • شیخ عزیز: صحافت کے قابل فخر دور کا صحافی : ظہیر احمد
  • شیخ عزیز ہمہ گیر شخصیت کے حامل: رفیق شیخ
  • "ڪراچي پريس ڪلب پاران شيخ عزيز جي وفات تي تعزيتي تقريب"
  • ’صحافي دوست گروپ‘ پاران جديد سنڌي صحافت جي باني شيخ عزيز جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، ڀيٽا پيش
  • هيپي برٿ ڊي شيخ عزيز صاحب : جاويد مهر
  • سنڌ ادبي ميلي ۾ شيخ عزيز جي آتم ڪھاڻي ’دارون ۽ ڪارون‘ جي رونمائيءَ جو ڪارڊ
  • صحافت ۾ گھاريل عمر جون ساروڻيون: منوج ڪمار
  • دل ڇھندڙ آتم ڪٿا (دارون ۽ ڪارون)

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: يادون ۽ ڳالھيون
    موضوع: شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن بابت لکڻيون
    سھيڙيندڙ ۽ ڪمپوزنگ: طارق عزيز شيخ
    ڪتابن جو ڳاڻيٽو: ١٠٠٠
    ڇاپو: پھريون، آگسٽ 2019ع
    ڇپائيندڙ: برکا پبليڪيشن، حيدرآباد
    ڇپيندڙ:
    مُلھه: ٣٠٠ رپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر

    Book Name: Yadoon Ain Galhyoon
    Topic: (Articles on Sheikh Aziz’s literary & Journalism’s Services)
    Compyled & Composed by: Tariq Aziz Sheikh
    Edition: First, August 2019
    Publisher: Barkha Publications Hyderabad, Sindh.

    Price: 300/-


    ارپنا

    انھن صحافين جي نالي
    جيڪي لالچ ۽ خوشامد کي ٿُڏي
    سچائي ۽ ديانتداريءَ سان
    پنهنجي قلم کي استعمال ڪن ٿا


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”يادون ۽ ڳالھيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن بابت لکڻين تي مشتمل آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ طارق عزيز شيخ آھي. مھيش ڪمار لکي ٿو:

    ”شيخ عزيز سنڌي صحافت جي استاد صحافي طور مڃيو ويندو هو. هن جا تربيت ورتل ڪيترا ئي اخباري ڪارڪن پنهنجي وقت جا ڪامياب صحافي بڻيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نالي وارين شخصيتن ۾ سندس لائق شاگرد ڪامياب نظر آيا. سندس صحافتي ڪم فقط سنڌي اخبارن لاءِ يادگار ناهي، بلڪه اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ به سندس خدمتون هميشه ياد رکڻ جهڙيون آهن. هن سدائين سنڌ جي حق ۾ ڪيس کي اڳتي وڌايو. عوامي، سياسي، تاريخي توڙي ثقافتي حوالي سان پاڻ هزارين مضمون پڻ لکيائين. شيخ عزيز سنڌ جو سرمايو هو. هن جي لکڻين سان ايوانن کان وٺي مختلف کاتن ۾ هلچل مچي ويندي هئي. سنڌي صحافت جي ھن روشن ستاري کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.“

    هي ڪتاب برکا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران آگسٽ 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون محترم طارق عزيز شيخ َ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    7 آڪٽوبر 2018ع آچر جي ڏينهن منھنجي والد صاحب آغا خان اسپتال جي آئي سي يو ۾ صبح جو ساڍي ستين وڳي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. هي منهنجي زندگيءَ جي ڏکين گهڙين وارو وقت هو. ڄڻ منهنجي مٿي تان ڇانو هٽي وئي هجي، ڄڻ ڪو ڳرو بار اچي ڪلهن تي پئجي ويو. بابا جي حياتيءَ ۾ اهڙي پرواھ ڪانه رهندي هئي ته ڪجھ به ٿيو ته سندس ڏڍ تي ماري مڃائينداسين پر سندس وڇوڙي کان پوءِ ڳالھ سڌي سنئين سمجھ ۾ آئي. وڏڙن جو وجود واقعي ننڍن کي سگهارو بڻائيندو آهي.
    بابا پنهنجي ڪم سان نهايت سچو ۽ ايماندار رهيو. اها ڳالھ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ صحافي چڱيءَ ريت ڄاڻيند هئا. پاڻ ڪڏهن به پنهنجي موقف تان ڪونه هٽيو. هن جي زندگيءَ ۾ لالچ، ڪوڙ ۽ ڌمڪيون ڪا حيثيت ڪونه رکنديون هيون. سڄي ڄمار حق ۽ سچ لکي انهيءَ تان هٿ نه کنيائين. سندس خوبين ۾ اها ڳالھ به واضع هئي ته هر حڪومت جي اُوڻاين ۽ ڪمزورين تي بي رحم تنقيد لکندو هو. سنڌ سان زيادتي هن کي تڪليف ڏيندڙ ڳالھ لڳندي هئي ۽ انهيءَ دور ۾ وري اقتدار ۾ سنڌي حڪمران هجن ته معاملو برداشت کان ٻاهر نڪري ويندو هئس. سندس ڪالم ۾ سختيء ۽ سگھ جو سبب به اهو ئي هوندو هو.
    هن سنڌ جي لوڪ فنڪارن کان وٺي، اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن تائين آبيچيوري جي روايت وڌي. آبيچيوري ڪنهن شخصيت جي وفات ٿيڻ تي سوانحي خاڪو هوندو آهي پر مختصر ۽ جامع. ڪيتريون ئي آبيچيوريز لکيائين ۽ اهي پرڏيھ ۾ رهندڙ سنڌين پڙهي کيس ساراهيو. سندس پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ ڏينهن سينيئر صحافي اختر بلوچ کي ٻڌايائين ته ”اڄ آئون پنهنجي آبيچيوري لکي آيو آهيان.“ اختر بلوچ چيو ”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ چيائين ”اسان صحافت ۾ ڏٺو آهي ماڻهو مرڻ کان پوء ڪُوڙ ٺوڪيندي دير نه ٿا ڪن، ڪهڙي خبر منهنجي لاءِ غلط لکي ڇڏين“ ۽ حيرت جي ڳالھ هيءَ آھي ته بابا جي هٿ اکر لکيل ساڳئي آبيچيوري سندس وفات واري ڏينهن، جيڪي جيڪي صحافي دوست مون کان سوانح پڇندا رهيا، انهيءَ مان پڙهندو انگ اکر ٻڌائيندو رهيس. اهڙيءَ طرح سندس لکيل آبيچيوري سندس وفات جي خبر بڻجي شايع ٿي.
    منهنجي والد صاحب جو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي پريس ڪلبن سان تمام اهم تعلق رهيو. حيدرآباد پريس ڪلب کي ٺاهڻ وارن باني ميمبرن مان هو. انهيءَ کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب سان به خاص تعلق رهيس، ڄڻ سندس ٻيو گهر هجي. جنهن کي به ملاقات ڪرڻي هوندي هئي کيس ڪلب جو ٽائيم ڏيندو هو. اخباري دفتر ۾ ڪنهن سان ملڻ پسند نه ڪندو هو جو ڪم ۾ رخنو پوندو هئس. ڪير فون تي رابطو ڪندو هئس ته ڏکيائيءَ سان فون تي ڳالهائڻ جو وقت ڪڍندو هو، اهو به اُجلت واري انداز ۾. هن جي ڪچهريءَ جو هنڌ پريس ڪلب رهيو. سندس وفات کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب پاران تعزيتي ريفرينس ٿيو، جنهن ۾ مهتاب اڪبر راشدي، يوسف شاهين، پروفيسر سليم ميمڻ، آغا رفيق، اختر بلوچ، همسفر گاڏهي، سعيد سربازي، حبيب خان غوري، خورشيد تنوير ۽ ڪجھ ٻيون نامياريون شخصيتون شريڪ ٿيون. ھُنن تقريرون ڪيون جيڪي رپورٽ جي صورت ۾ ئي آهن.
    انهيءَ کان پوءِ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافي دوست گروپ پاران تعزيتي ميڙاڪو ٿيو. انھيءَ ميڙاڪي کي پير مظهرالحق، قاضي خادم، مجاهد بريلوي، جي اين مغل، آغا رفيق، نصير مرزا، فاروق سومرو، ظهير احمد، ظهير ميراڻي، منٺار مڱريو، عبدالله سروهي، ذوالفقار علي قريشي ۽ مهيش ڪمار مخاطب ٿيا. هن تقريب جون تقريرون به رپورٽن جي صورت ۾ پيش ڪيون ويون آهن.
    بابا جي وفات کان پوء سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ناميارين شخصيتن پاران آرٽيڪل لکيا ويا، جيڪي ساڻن واسطي جو ثبوت ھُئا. ٽي وي ۽ ريڊيو چئنلز تي رپورٽون ۽ خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويا. سوشل ميڊيا تي هزارين تعزيت ناما مليا، جيڪي ڏيھ پرڏيھ مان شيئر ٿيل هئا. فون ڪالون ۽ ايس ايم ايس انھن کان علاوه موصول ٿيا. مختلف سياسي پارٽين ۽ وزيرن جون پريس رليزون پڻ تعزيتن ۾ شامل رهيون. تعزيتن جو ڊگهو سلسلو ٻڌل رهيو. جيڪي مضمون محفوظ ڪري سگهيس، سي مون سهيڙيا آهن باقي سوشل ميڊيا ۽ اخباري رپورٽون ڪجھ چونڊ ڪري رکيون اٿم.
    بابا جي وفات کان پوءِ سندس شيف مان سندس آتم ڪهاڻيءَ تي مشتمل ڪتاب ’دارون ۽ ڪارون‘ ڪمپوزڊ صورت ۾ هٿ آيو، جيڪو پياري دوست جي توسط سان پيڪاڪ پرنٽرز شايع ڪرايو. بعد ۾ انهيءَ جي به رونمائي سنڌ لٽريچر فيسٽيول 2019ع ۾ ٿي. اها رپورٽ ۽ ڪتاب تي ٿيل تبصرو به شامل ڪرڻ لازمي سمجهيم.
    هي ڪتاب ’يادون ۽ ڳالهيون‘ بابا جي وڇوڙي جي ياد ۾ سندس حوالي سان ٿيل ڳالهين تي آڌاريل آھي، جن کي ڪتابي صورت ڏيڻ سان کيس پيش ڪيل ڀيٽا هميشه لاء محفوظ ٿي ويندي. هن ڪم ۾ مون سان مهيش ڪمار ڀرپور سهڪار ڪيو آهي، جنهن کي منهنجو والد صاحب پنهنجن ٻچن جيان ڀائيندو هو. هن ’سنڌ‘ اخبار ۾ ڀرپور ڪوريج ڏني. هن جو نهايت ٿورائتو آهيان. پاڻ صحافي دوست گروپ پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ به تعزيتي پروگرام ڪرايو هئائين، جڏهن ته اهو فرض پريس ڪلب انتظاميا جو هو. ان کان علاوه قاضي اسد عابد جو به ٿورائتو رهندس، جنهن ’عبرت‘ اخبار جو بابا جي چاليهي تي خاص رنگين ايڊيشن جاري ڪيو.

    ’عوامي آواز‘ اخبار ته نظرياتي طور منهنجي والد جي پاليسي رکندڙ اخبار رهي آهي، جنهن پڻ خبرن، مضمونن ۽ سنڊي ميگزين کان علاوه عوامي آواز ٽي ويءَ جو خاص تعزيتي پروگرام به ڪيو. اهڙيءَ ريت سائين امداد اوڍي به سٺو ساٿ نڀايو. ريڊيو وائس آف سنڌ تان خبرون ۽ رپورٽون هلايائين، جنهن سان پرڏيھ ۾ رهندڙ سنڌين وٽان موچاري موٽ ملي. انھيءَ سموري سنگت کي به سلام ھجي، جنهن هن ڏکوئيندڙ گهڙيءَ ۾ مون کي اڪيلو رهڻ نه ڏنو. انهن لاءِ ايترو ڪافي آهي ته ’ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.‘

    سنڌ سلامت، ساٿ سلامت

    طارق عزيز شيخ
    ڪراچي.
    آگسٽ 2019ع


    مهاڳ

    مهاڳ

    سنڌي صحافت کي جدت بخشيندڙ شيخ عزيز اسان کان هڪ سال اڳ وڇڙي ويو. سندس صحافتي ڪم فقط سنڌي اخبارن لاءِ يادگار ناهي، بلڪه اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ به سندس خدمتون هميشه ياد رکڻ جهڙيون آهن. شيخ عزيز جي قابليت انهيءَ ڳالھ مان پرکي سگهجي ٿي ته جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ پرڏيھ مان جرنلزم جي ڊگري حاصل ڪري آيو هو، تڏهن سنڌ جو هي پهريون صحافي هو جيڪو پرڏيھ مان مڪمل تعليم ۽ تربيت وٺي آيو هو. هن جي سچائي اها هئي جو ان زماني ۾ کيس ملڪ جي وڏي انگريزي اخبار ۽ پرڏيهي ريڊيو جي نيوز سيڪشن مان آڇون اچڻ باوجود پاڻ جديد عالمي صحافتي تجربا سنڌي اخبار لاءِ استعمال ڪيائين ۽ سنڌي اخبار ’عبرت‘ کي صحافت جي عالمي انداز ۾ ٺاهيائين.
    شيخ عزيز پنهنجي زندگيءَ جو وڌيڪ وقت صحافت کي ڏنو. ڌارين ٻولين جي اخبارن ۾ جڏهن ميگزين ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر، ايڊيشن انچارج ۽ ايڊيٽر جهڙن عهدن تي رهيو تڏهن سمورن ڪارڪنن نيوز ڊيسڪ، رپورٽرن ۽ ٽيڪنيڪل عملي کي هر ڏينهن ايمرجنسيءَ واري حالت جيان ڪم ۾ جنبيل رکيائين. وقتائتو ۽ ٻرندڙ اشو وائکو ڪرڻ هن جو مقصد رهيو. نئين ڏينهن سان نئون جذبو کڻي منجهند کان اڌ رات تائين بهتر کان بهتر ڪري، وڌيڪ معلوماتي مواد شامل ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ رهندو هو. ايستائين ڪم ۾ مصروف رهندو هو جيستائين ڪاپي ڊائون نه ٿئي. سندس هر اخبار ۾ گذاريل وقت ڪامياب ترين رهيو ۽ تڏهن اها اخبار سڀ کان وڌيڪ سرڪيوليشن واري اخبار رهي. عبرت، جنگ، حريت ۽ ڊان اخبارن جي مٿي چڙھڻ ۾ شيخ عزيز جو به هٿ رهيو. هن سدائين سنڌ جي حق ۾ ڪيس کي اڳتي وڌايو. عوامي، سياسي، تاريخي توڙي ثقافتي حوالي سان پاڻ هزارين مضمون پڻ لکيائين. اها گهٽ ماڻهن ۾ خدائي ڏات رهي آهي ته جنهن ڏينهن ڪو وڏو واقعو رونما ٿيو آهي انهيءَ ڏينهن انهيءَ واقعي يا گذاري ويل اهم شخصيت تي بر وقت مضمون اچي وڃي. اها خوبي شيخ عزيز ۾ هئي.
    شيخ عزيز سنڌ جو سرمايو هو. هن جي لکڻين سان ايوانن کان وٺي مختلف کاتن ۾ هلچل مچي ويندي هئي. سنڌي صحافت جي ھن روشن ستاري کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو. اسان شيخ عزيز جي ڪيل صحافتي خدمتن کي ڪڏهن به نه وسارينداسين ۽ سندس ياد ۾ پروگرام ڪرائي ڀيٽا پيش ڪندا رهنداسين. شيخ صاحب صحافت سان نڀايو ۽ اسان اڄ اهو وچن ٿا ڪريون ته سنڌ جي صحافين کي سندس تعليمات مان فيضياب ڪندا رهنداسين. سنڌ جي حوالي سان پرڏيھ انگريزي ٻوليءَ ۾ سنڌ جي نمائيندگي ڪندڙ شيخ عزيز هو. هن عالمي سطح تي سنڌ جي تاريخ، علم، ادب، ثقافت ۽ سياست کي پنهنجي قلم جي طاقت سان بيان ڪيو.
    شيخ عزيز سنڌي صحافت جي استاد صحافي طور مڃيو ويندو هو. هن جا تربيت ورتل ڪيترا ئي اخباري ڪارڪن پنهنجي وقت جا ڪامياب صحافي بڻيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نالي وارين شخصيتن ۾ سندس لائق شاگرد ڪامياب نظر آيا. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جرنلزم شعبي جو وزيٽنگ پروفيسر پڻ رهيو ۽ سندس صحافتي ٽيڪنڪ تي لکيل ڪتاب ’عملي صحافت‘ آھي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو به پهريون صحافتي ٽيڪنڪ جو ڪتاب آهي، يونيورسٽين ۾ ڪورس جو حصو بڻيل آهي. هيءُ ڪتاب عالمي انداز ۾ ائين لکيل آهي جو صحافت جي وضاحت، تاريخ، ڄاڻ، طريقو ۽ صحافتي قانون قاعدا سادي انداز ۾ ڏنل آهن. جرنلزم جي جنھن شاگرد ’عملي صحافت‘ ڪتاب نه پڙھيو ڄڻ صحافت جي ٿيوريءَ کان رهجي ويو.
    شيخ عزيز جا باقي ڪتاب پڻ سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ سياسي، تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي لکيل آهن، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اسان شيخ عزيز جي ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به نه ٿا وساري سگهون. هن جي تحريرن ۾ سندس وجود محسوس ڪريون ٿا. انهيءَ حوالي سان هو هميشه اسان سان گڏ رهندو. شيخ صاحب نظرياتي فڪر ۽ فهم رکندڙ شخص هو. سندس نظرئي موجب اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن پنهنجي ڪردار ۽ عمل ۾ سنڌ کي ساڻ رکيو آهي ۽ سنڌ به پنهنجي سپوت کي ڪڏهن نه وساريندي. شيخ صاحب جي وڇوڙي کان پوءِ سندس ياد ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪيترا ئي مضمون لکيا ويا، جيڪي سندس فرزند طارق عزيز شيخ سهيڙيا آهن. شيخ عزيز جي يادن تي ٻڌل ھيءُ مجموعو ساڻس محبت ۽ عقيدت جو ثبوت به آهي. اميد ٿي ڪجي ته هن گل دستي جي مهڪ پڙهندڙن کي پسند ايندي.

    سنڌ سلامت.

    مهيش ڪمار
    ايڊيٽر
    روزاني سنڌ حيدرآباد


    شيخ عزيز جي زندگيءَ جو پروفائل : طارق عزيز شيخ

    شيخ عزيز جي زندگيءَ جو پروفائل : طارق عزيز شيخ

    پورو نالو: عبدالعزيز شيخ
    والد جو نالو: احمد شيخ
    ادبي نالو: شيخ عزيز
    گهر واريء جو نالو: حميده عزيز
    اولاد: ٻه پٽ, ٻه ڌيئرون
    ولادت جي تاريخ: ۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع، گاڏي کاتو، حيدرآباد
    ابتدائي تعليم حيدرآباد جي سرڪاري اسڪولن مان پرائي، صحافتي ذميواري نڀائيندي لنڊن جي نامياري صحافتي اداري ٿامس ڪاليج آف جرنلزم مان ۱۹۶۸ع ۾ صحافت ۾ گريجوئيشن ڪيائين.


    صحافتي سفر جي شروعات ۱۹۵۷ع کان روزانه ’ڪاروان‘ حيدرآباد مان سب ايڊيٽر طور ڪئي.
    روزاني عبرت حيدرآباد، سب ايڊيٽر، ۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۱
    روزانه عبرت حيدرآباد، سينيئر سب ايڊيٽر، ۱۹۶۱ع کان ۱۹۶۵ع
    روزانه عبرت حيدرآباد، اسسٽنٽ ايڊيٽر، ۱۹۶۵ع کان ۱۹۷۵ع
    روزانه عبرت حيدرآباد، اسسثنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيٽر، ۱۹۶۶ع کان ۱۹۷۶ع
    هفتي وار سنڌ آبزرور (انگريزي)، حيدرآباد، ايڊيٽر، ۱۹۷۶ع کان ۱۹۸۰ع
    روزانه سنڌ نيوز، حيدرآباد، ايڊيٽر، ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۰ع
    روزانه جنگ (اردو) ڪراچي، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيٽر، ۱۹۸۰ع کان۱۹۸۲ع
    روزانه حريت (اردو) ڪراچي، ميگزين ايڊيٽر، ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۷ع
    روزانه حريت (اردو) ڪراچي، نيوز ايڊيٽر، ۱۹۸۷ع کان ۱۹۸۹ع
    روزانه ڊان (انگريزي) ڪراچي، سينيئرسب ايڊيٽر، ۱۹۸۹ع کان ۱۹۹۰ع
    روزانه ڊان (انگريزي) ڪراچي، ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ ايڊيٽر، ۱۹۸۹ع کان ۲۰۰۸ع
    سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، وائس چيئرمين، ۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۰ع
    سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ آرٽيڪلز لکيائين، جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي ۽ حالات حاضره جي موضوعن تي آهن. سندس هڪ مقالو ”عالمي غلاميءَ“ جي عنوان سان سال ۲۰۰۳ع ۾ جوهانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو جيڪو بعد ۾ اقوام متحده پنهنجي سرڪاري رڪارڊ جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ ۾ ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين وزٽنگ پروفيسر رهيو. تحقيق جي حوالي سان شاھه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران ۱۹۹۳ع ۾ ”تحقيق جو طريقه ڪار“ جي موضوع تي ورڪشاپ ۾ ”تحقيق ڪيئن ڪجي“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنائين جنهن کي بعد ۾ مقالي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. ساڳئي اداي پاران ۱۹۹۳ع ۾ ”شاھه لطيف تي تحقيق“ جي عنوان سان ٿيل ورڪشاپ ۾ پڻ اهم ليڪچر ڏنو هئائين جيڪو بعد ۾ مقالي طور شايع ٿيو.
    وفاقي حڪومت جي ۱۹۶۰ع ۾ تيار ٿيندڙ سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي ڊڪشنرين ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ملينيم سال جي موقعي تي سندس پاڪستاني موسيقيءَ تي لکيل مقالو ”دي ٽريڊيشز گوز آن“ اداري پنهنجي يادگار ڪتسب ۾ شايع ڪرايو جڏهن ته مختلف وقتن ۾ هلندڙ پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪندو رهيو.
    پاڪستان جو پهريون صحافي هو جنهن صحافتي دنيا ۾ ”اوبيچيوري“ (ڪنهن به نامياري شخصيت جي وفات تي بر وقت سوانحي خاڪو لکڻ ) جو ڪلچر متعارف ڪرايو. اخباري ميگزين وارو اڄوڪو لاڙو شيخ عزيز سنڌي صحافت ۾ پهريون ڀيرو ۱۹۷۲ع ۾ ”سنڊي عبرت“ جي نالي سان شروع ڪيو. هي سنڌ جو مقبول ترين هفتي وار ميگزين هو.

    اردو اخبار جنگ ۾ ميگزين ايڊيٽر طور ”مهراڻ رنگ“ جي نالي سان صفحو شروع ڪيائين جنهن ۾ سنڌ جي حوالي سان تحريرون شايع ٿينديون هيون.
    سندس لکيل ڪتاب هي آهن.
    ۱ . سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون (سچيون ڪهاڻيون) ۱۹۶۰ع
    ۲ . الحمرا جا داستان (ترجمو، واشنگٽن ارونگ) ۱۹۶۱ع
    ۳ . نقش لطيف، مضمون، مرتب ۽ ايڊيٽنگ ڪيل، ۱۹۶۴ع
    ۴ . عملي صحافت، صحافتي ٽيڪنڪ تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب، ۱۹۷۵ع، ۱۹۷۸ع ۽ ۱۹۹۵ع ۾ واڌاري سان
    ۵ . مون لينن جو ڏيھه ڏٺو، روس جو سفرنامو، ۱۹۷۶ع
    ۶ . ملھه، سنڌ جي قومي راند تي ڪتاب، ۱۹۷۸ع
    ۷. دي ٽربيوٽ، (سنڌ جي ناميارين شخصيتن جا انگريزيءَ ۾ سوانحي خاڪا) ۲۰۰۷ع
    ۸. تقسيم کان تقسيم تائين، (سياسي تاريخ، ڀاڱو پهريون) ۲۰۰۸ع
    ۹. دي اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ، (انگريزيءَ ۾ سنڌي موسيقيءَ تي تحقيق) ۲۰۰۸ع
    ۱۰. اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر (انگريزي) سنڌ جي ادبي تاريخ ۲۰۰۸ع
    ۱۱. سنڌ ڪي محلاتي داستانين، ( اردو) سنڌ جي تاريخ ۲۰۰۹ع
    ۱۲. نوٽس آن سنڌ (انگريزي) سنڌ جي تاريخ ۲۰۰۹ع
    ۱۳. ميوزيڪل نوٽس (انگريزي) موسيقيءَ تي مقالا، ۲۰۰۹ع
    ۱۴. ڀُٽي کان ضياءَ تائين، (سياسي تاريخ، ٻيو حصو) ۲۰۱۰ع
    ۱۵. پيليشل ٽيلس فرام سنڌ (انگريزي )۲۰۱۲ع
    ۱۶. کيرٿر، انگريزي، ايڊيٽنگ، ۲۰۰۶ع
    ۱۷. ائن السٽريٽڊ ائٽلس آف سومرا رولس ان سنڌ، (انگريزي) ايم ايڇ پنهور، ايڊيٽنگ، ۲۰۰۴ع
    ۱۸. ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ، (ايڊيٽنگ)۲۰۰۷ع
    ۱۹. راڳ ساگر، مهاڳ، ۲۰۰۴ع
    ۲۰. ڀٽو، يادگيريون، (ترجمو) ۱۹۹۳ع
    ايندڙ ڪتابن ۾ ”دارون ۽ ڪارون (آتم ڪهاڻي)“ ۽ ”چنگ“ (انگريزيءَ ۾ سنڌ جي قديم ساز تي ڪتاب) شامل آهن.
    وفات، ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع،
    آخري آرامگاھه، پهلوان ڳوٺ، ڪراچي.

    (روزاني عبرت حيدرآباد، 27 نومبر 2018ع)


    شيخ عزيز انسائيڪلوپيڊيا جھڙو شخص : يوسف شاھين

    شيخ عزيز انسائيڪلوپيڊيا جھڙو شخص : يوسف شاھين

    شيخ عزيز ڏاڍو ڏکيو ماڻهو هو. هن زندگيءَ ۾ آرام گهٽ ۽ ڪم گهڻو ڪيو. شيخ صاحب زندگي گذارڻ ۾ به اصول رکيو. سنڌ جو پهريون ماڻهو هو جيڪو لنڊن مان صحافت ۾ ٽرينڊ ٿي آيو هو. هن مون کي برسات مئگزين ڊزائين ڪري ڏنو هو. سندس ٽائيم لائين پرفيڪٽ هوندي هئي. سٺ ستر جي ڏهاڪي ۾ هن ايتري محنت ڪئي جو ان وقت جي صحافين ۾ پاڻ مڃائي ويو.
    مون جيڪو ڪُجھه لکيو آهي ان کان پهريان شيخ عزيز کان پڇيو آهي. هن صحافت ۾ به رهبري ڪئي آهي ۽ باقي ڪُجھه لکڻ ۾ به رهبري ڪئي آهي، ان جو ڪريڊٽ سڄو سارو شيخ صاحب کي ٿو وڃي. آئون اهو ڪريڊٽ ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ لاء تيار ناهيان، نه شيخ اياز، پليجو ۽ ٻيا ڪيترا ئي دوست منهنجي ويجها رهيا آهن، توڙي جو ايم سيد به منهنجو دوست رهيو جيتوڻيڪ اهو ڄمار ۾ مون کان ڪافي وڏو هو پر تعلق هم عصرن جهڙو رهيو.
    شيخ عزيز کي مون شروع کان آخر تائين هڪڙي طريقي ۾ ڏٺو، هن ماڻهو هميشه ڪم ڪرڻ تي زور ڀريو. چوندو رهندو هو زندگي ٿوري آهي ڪم وڌيڪ آهي. منهنجي شيخ صاحب سان ايتري نيازمندي هئي جو سندس اندر جون ڳالهيون پڇندو هومانس. هن پنجويھه ڇويھه ڪتاب لکيا پر ڪنهن ڪتاب کي به ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ڊيڊيڪيٽ ڪيائين فقط هڪڙو ڪتاب تقسيم کان تقسيم وارو پنهنجي گهر واريءَ جي نالي ڪيائين. اهو انهيءَ ڪري جو چيائين مون جهڙي اڻ گهڙئي ڪاٺ کي سڄي عمر برداشت ڪيائين.
    مون شيخ صاحب ۾ هڪڙي خوبي اها به ڏٺي ته هو لالچي ڪونه هو. ٻيا ڪيترا ئي ماڻهو زماني جا ڏٺاسين ۽ سڃاتاسين. زندگيءَ جا لاها چاڙها سڀني تي اچن ٿا پر شيخ عزيز صابرين انسان هو. تمام وڏو ماڻهو هو.
    هن کي مون ڏٺو ته اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ جتي ڌارين جي اجاراداري هوندي هئي اتي هن پنهنجي ڄاڻ ۽ قابليت جي بنياد تي ڪمانڊ ڪئي. انهن ادارن ۾ ويهي قلم ذريعي اڪيلي سر سنڌ جو ڪيس وڙهيائين. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون شخص ڏٺو جنهن کي ڪير ٽوڙي نه سگهيو، نه ته ماڻهو وڪامجندي ويرم ڪونهي. زندگيءَ جي پريشانين ۾ به کيس پريشان نه ڏٺم.
    مون جڏهن برسات اخبار پئي ڪڍي ان سڄي کي شيخ صاحب سيٽ ڪري ڏنو. ان جو ايڊيٽر شيخ اياز هو. هو سنڌ جا مسئلا سمجهندو هو، سنڌي ماڻهوء جي نفسيات کان واقف هو. مون کيس مڃيو ته هو ذهانت ۾ واقعي اڳتي هو. هو انسائيڪلوپيڊيا جهڙو شخص هو جنهن کان هر موضوع جو سوال ڪري معلومات وٺي سگهبي هئي. هو هر ڪنهن جي ڄاڻ رکندو هو ”دي ٽربيوٽ“ سندس ڪتاب ان جو وڏو ثبوت آهي. شيخ عزيز تي اسان کي تمام گهڻو لکڻ کپي. هن جي زندگيءَ جا ڪيئي رخ آهن مٿس ٿورو لکيو ويو آهي.

    (روزاني عبرت حيدرآباد، 27 نومبر 2018ع)


    شيخ عزيز جي نانءِ : مھتاب اڪبر راشدي

    شيخ عزيز جي نانءِ : مھتاب اڪبر راشدي

    ڏاڍو ڏکيو آهي، ڪنهن پنهنجي ويجهي ترين وڇڙيل ويل لاءِ لکڻ. سچ ته هيءُ آهي ته ادا عزيز شيخ تي لکڻ لاءِ دل سان گڏ اکين کي به سمجهائڻو پئي پيو. جتي دل ڀرجي پئي آئي، اتي اکيون لڙڪ هارڻ لاءِ تيار پئي ٿيون. يادگيرين جو هڪ هجوم آهي، جنهن اندر ۾ هڪ آنڌ مانڌ مچائي ڇڏي آهي. حيدرآباد جو مٺڙو شهر ۽ شهر جو مشهور حيدر چوڪ گاڏي کاتي جي دل، ڪنڊ تي اسان جو گهر، جنهن جي ٻي ڪنڊ تي عبرت اخبار ڏانهن ويندڙ گهٽي جنهن جي ڪنڊ تي وري ڪلو پڪوڙائي ويهندو هو، ان جي پڪوڙن جو مٽ ته ڪٿي به ڪو نه لڀيو اٿم، شايد ننڍپڻ يا عمر جي اوائلي دور جا سڀ ذائقا ذهن ۾ دائمي رهجي ويندا آهن، بلڪه ايئن جيئن پراڻا تعلق، سڃاڻپون ۽ دوستيون به وقت گذرڻ سان گهريون ٿينديون وينديون آهن ۽ اهو تعلق اڳتي هلي ٻئي نسل تائين منتقل ٿي ويندو آهي.
    ادا عزيز سان به اسان جو اهڙو ئي تعلق هو، اندازو ئي ڪو نه ٿيندو هو ته ادي زيب شيخ جو ڀاءُ ادا اسماعيل شيخ جهڙي ٻوليءَ جي ماهر ۽ محقق ۽ ابراهيم شيخ براڊ ڪاسٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي مشهور پروڊيوسر جو ننڍو ڀاءُ ۽ ڪڪي (زمرد) جو مامو عزيز شيخ پاڻ کان عمر ۾ گهڻو گهٽ، مهر، مهتاب ۽ آفتاب سان انهن جي ذهني سطح تائين لهي کين وڏيون وڏيون ڳالهيون سولائيءَ سان ڪيئن سمجهائي ويندو هو؟ صحافت ڇا ٿيندي آهي ۽ ان جا تقاضا ڇا ٿيندا آهن. ان جو پهريون سبق به شايد عزيز شيخ ئي اسان کي پڙهايو هو. سندن گهر جو ماحول محبت جي مٽيءَ سان ڳوهيل هو، ڀينرون ۽ ڀائر، ڌاڳي ۾ پوئيل مڻين وانگر هڪ ٻئي سان جڙهيل هوندا هئا، ماما ڀاڻيجا ۽ ڀاڻيجيون، ڀينرون ۽ ڀائر ۽ ڀاڄايون، هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا هوندا هئا. سندن سک به گڏ هئا، ڏک به، ڪنهن گهٽ وڌائي جي خبر ته اوڙي پاڙي تائين به نه پڄندي هئي. ها البته اوڙي پاڙي وارا کين پنهنجو سمجهي ٿوري ٿڪي تي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڀاءُ تائين پهچڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا ۽ اڳيان به شيخ خاندان انهن جي مسئلي کي پنهنجو سمجهي حل ڪرڻ ۾ جنبي ويندو هو.
    ادا اسماعيل شيخ ۽ ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ تحقيقي ڪم، لغت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪم جي هر مرحلي ۾ هن جا ساٿي رهيا، سندن ساٿ نه رڳو پيشي جي حد تائين هو بلڪ سندن تعلق ڪم کان وٺي خاندانن تائين پهتل هو، جيڪو اڄ به هڪ نسل کان ٻئي ۽ ٽئين تائين منتقل ٿي چڪو آهي.
    اسان جي گهر ۾ ادي زيب شيخ، جيڪا ان خاندان جي وڏ-ور نياڻي هئي ۽ پنهنجن ڀائرن جي ساٿ سان علمي ۽ ادبي ذوق رکندي هئي، سا سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ اخبار ۾ عورتن جو صفحو سنڀاليندي هئي. اسان جي گهر ۾ سڀ کان وڌ اچڻ وڃڻ، ادي زيب، ڪڪي (زمرد) ۽ ادا عزيز شيخ جو ئي ٿيندو هيو.
    منهنجو مٺڙو ڀاءُ آفتاب اسان جي ته اکين جو ٺار هوندو ئي هو پر ادا عزيز شيخ جو به دل گهريو هو، بلڪل پنهنجي اولاد وانگر، آفتاب جي بي وقت وڇوڙي تي هو ڪيترو دل گرفتار هو، تنهن جو احوال حميده (ادا عزيز جي گهر واري) اڄ به ٻڌائيندي روئي پوندي آهي.
    مان ادا عزيز شيخ جون ڳالهيون ڪندي پنهنجي ذاتي تعلق ۾ هن جي پيشيوراڻي مهارت کي وسارڻ نه چاهيندس. شيخ عزيز بلاشبه سنڌي صحافت جو وڏو بلڪه صف اول ۾ رکڻ جهڙو نالو آهي. هن جي پنهنجي پيشي سان محبت ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جا پنهنجا پيمانا وضح ڪيل هئا، سهيل سانگيءَ جهڙو سينيئر صحافي به شيخ عزيز کي پنهنجو رول ماڊل تصور ڪري ٿو. هو ان کي چنڊ آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن اهڙن صحافين ۾ شمار ٿو ڪري، جيڪي پنهنجي دور ۾ دنيا ۾ رائج جديد صحافتي رجحانن کان مڪمل واقفيت رکندو هو. صحافت هن لاءِ رڳو ڊيسڪ تي ويهي رپورٽون ۽ ايڊيٽوريل لکڻ جو نانءُ ڪو نه هو، بلڪ هن جو چوڻ اهو هو ته ”هڪ سٺي صحافيءَ لاءِ (ان وقت جي ضرورت مطابق) هٿ سان اکر جوڙڻ ”پليٽ ٺاهڻ“ ۽ فلم ٺاهڻ جي طريقي ڪار کان واقفيت تمام ضروري هئي، ڇو ته ان زماني ۾ اڃا پري پري تائين ڪمپيوٽر جو نالو نشان ئي ڪو نه هو ۽ اخبارون مٿي ٻڌايل طريقي ڪار ڄاڻڻ سان ئي ڇپائيءَ جي مرحلن مان گذرنديون هيون. هن وٽ صحافت جي ڊگري ته ڪو نه هئي پر سنڌ يونيورسٽي ۾ جڏهن ”ماس ڪميونيڪيشن“ جو شعبو کليو ته اتي شيخ عزيز ”مهمان استاد“ طور ليڪچر ڏيندو رهيو.
    اهو ۱۹۷۰ع وارو ڏهاڪو هو ۽ ان ئي زماني ۾ هن صحافت تي هڪ ڪتاب لکيو جيڪو هنن جي نصاب ۾ اڄ به شامل آهي. شيخ عزيز وٽ رڳو اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ جو ذاتي تجربو ئي نه هو بلڪه هن ۱۹۶۸ع ۾ لنڊن جي ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت جي ڊپلوما به حاصل ڪئي هئي.
    زندگيءَ جو هڪ وڏو عرصو هن حيدرآباد ۾ گذاريو، اٽڪل ٽيهه سال هن سنڌي صحافت کي ڏنا، عبرت اخبار ۾ هن گهڻو عرصو صرف ڪيو، اتي هن جا نائب ۽ هن جي سرپرستي ۾ ڪم ڪرڻ وارا اڄ ”سينيئر صحافي“ بڻجي چڪا آهن. هن جو مزاج ارڏو ضرور هو پر اوترو ئي هو سڀني جو مددگار به هو، ڪم سيکارڻ ۽ راهه ڏيکارڻ ۾ دل جو ڪشادو ۽ هر وقت مدد ڪرڻ لاءِ تيار، عجيب ڳالهه هئي ته هن جو شوق رڳو صحافت تائين ته محدود هيو ئي نه. هو سنڌ جي انهن عاشقن مان هو جيڪي سنڌ، سنڌ جا نعرا هڻڻ بجاءِ عملي ڪم ڪرڻ ۾ يقين رکندو هو. هن جي ڄاڻ رڳو صحافت سان لاڳاپيل نه هئي پر هن جي سوچ ۽ شوق جي اڏام سنڌ، پاڪستان ۽ بين الاقوامي معاملن تائين پهتل هئي. سنڌ ۾ ٿيندڙ هر ميلي ۾ وڃڻ ۽ ملاکڙي ڏسڻ جو شوق هو. ملهه جا داءَ پيچ ته ڪو شيخ عزيز کان پڇي. ملهه وڙهندڙ ڪهڙو پهلوان مشهور آهي ۽ ڇو آهي ان جا سبب به ادا عزيز کي معلوم هئا، هن جا انداز ڪي ورلي ئي صحيح نه نڪرندا هوندا، سنڌ جي پراڻن ۽ اصلوڪن سازن متعلق معلومات جو به هن وٽ وڏو ذخيرو هو. هن سال ئي جون، جولاءِ ڌاري مون کي فون تي ٻڌايائين ته سنڌ جي سازن متعلق هڪ ڪتاب لکيو اٿم، ان جو ڇا ڪجي؟ مون کيس چيو ته ڪنهن سان ڳالهايان ٿي.
    ادا مدد علي سنڌيءَ ان سلسلي ۾ مدد ڪئي ۽ مهرباني ڪري ادا عزيز شيخ جي گهر وڃي کانئس مسودو وٺي آيو، ڇو ته ان مهل حڪومت جو مدو پورو پئي ٿيو، ان ڪري ڪتاب ته ڇپجي نه سگهين. اميد اٿم ته سنڌ حڪُومت جو ثقافت کاتو، شيخ عزيز کي مان ڏيندي اهو ڪتاب ضرور ڇپرائيندو.
    شيخ عزيز جي دسترس رڳو سنڌ سان متعلق معاملن تي ئي نه هئي پر پاڪستان جي تاريخ ۽ سياست ۽ بين الاقوامي معاملات ئي به هن جي گهري نظر هئي اسان وٽ اهڙي قابليت ۽ اهليت رکندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي رهجي ويا آهن. سنڌي اخبارن ۽ صحافت سان سلهاڙيل صحافي ته پنهنجي ئي برادريءَ کان بَه مشڪل داد وصول ڪري سگهندا آهن، ڇو ته اڄ ڪلهه صحافي ٿيڻ بنهه سولو آهي ۽ اهڙن صحافين لاءِ صحافتي آداب، قدر ۽ عام هئڻ ضروري نه ٿو سمجهيو وڃي.شيخ عزيز جي سامهون پنهنجي اڳئين نسل جا باوقار صحافي به هئا ته سندس هم عصر پڻ. هن سڀني جي تجربن مان به سکيو ۽ پاڻ پورهيو ڪري پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ هڪ مثال بڻجي ويو.
    سياسي معاملن تي هن جا متوازن تجزين ۽ اڻ ڌري صحافت جي پيڙهه وڌي، پاڪستان جي سياسي تاريخ تي سندس ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب ”تقسيم کان تقسيم تائين“ کي اسان جي ملڪي تاريخ جو انتهائي مستند ڪتاب چئي سگهجي ٿو. ان ڪتاب جي پهرين جلد جي مهاڳ ۾ شيخ صاحب انهن ڳالهين کي به واضح ڪيو آهي. جيڪي پاڪستان جي تاريخ کي اڻ ڌريو، ايماندارانه طريقي سان لکڻ ۾ رڪاوٽ بڻيا رهيا. هن جي خيال مطابق ”تاريخ نويسيءَ جي جديد نظريي جهڙيءَ طرح قومن ۾ شعور پيدا ڪيو آهي، سو اسان ۾ ناپيد آهي، اسان اڃا تائين بادشاهن جي فتوحات جي ڳالهين کي پڙهي پاڻ کي تاريخ جا شاگرد چورايون ٿا، يا وري چچ نامي جهڙي ڪتاب کي تاريخ جو هڪ وڏو ماخذ سمجهي ان کي ساراهڻ ۾ لڳا پيا آهيون. اسان جا ڏاها مورخ اڃا تائين سنڌ جي ڪا مستند تاريخ مرتب ڪري نه سگهيا آهيون. سنڌ ڇا پوري ملڪ جا تاريخي ماخذات اڃا تائين مستشرقين جي حوالن تي رکيا ويٺا آهن. حد ته اها آهي ته سنڌيءَ جي صوتيات تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اسان کي يورپي ۽ آمريڪي اسڪالرس جي رهنمائي وٺڻي ٿي پئي. شيخ عزيز صاحب جو هي ڪتاب پاڪستان جي وجود کان وٺي مشرقي پاڪستان جي بنگلا ديش ٿي وڃڻ تائين جو هڪ اهم دستاويز آهي، جنهن ۾ اهي سڀئي محرڪات درج آهن، جن جي ڪري هي ملڪ نه حقيقي جمهوريت کان آشنا ٿي سگهيو ۽ نه ئي وري ملڪ سان محبت ڪرڻ وارا بي لوث عناصر ان جي سياست ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهيا.
    شيخ عزيز کي خون ۾ ذهانت سان گڏ محنت جي سُتي به پيل هئي، هن کي هو پنهنجي پيشي سان جنون جي حد تائين عشق هو، ان ۾ وري سندس مطالعي جي ذوق وڌيڪ گهرائي ۽ مستند معلومات قلم بند ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪئي. ان کان علاوه سنڌيءَ سان گڏوگڏ اردو ۽ انگريزي زبانن تي عبور مٿس سنڌي کان علاوه اردو ۽ انگريزي اخبارن جا دروازا به کولي ڇڏيا. پنهنجي صحافي زندگي جو سفر حيدرآباد کان شروع ڪرڻ واري شيخ عزيز ۱۹۵۷ع کان وٺي ۱۹۸۰ع تائين انهي ٿڌڙين هوائن واري شهر کي ارپيا ۽ پوءِ جڏهن سنڌ جي راڄ ڌاني ڪراچيءَ ۾ آيو ته روزناما ”جنگ“ جي ميگزين کي به سنواريائين ته ۱۹۸۷ع ۾ ”حريت“ جي نيوز ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين. ۱۹۹۰ع ڌاري انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر ٿيو ۽ ۲۰۰۸ع ۾ اتان ايڊيشن انچارج طور رٽائر ٿيو. ڊان اخبار ۾ هن جا سنڌ جي معتبر ماڻهن تي لکيل خاڪا، نهايت مستند ۽ ادبي تاريخي اهميت جا حامل آهن.
    ۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۱ع تائين شيخ عزيز صاحب سنڌي ادبي بورڊ ۾ وائيس چيئرمين طور به ڪم ڪيو. اهو منصب شايد سندس پيشيوراڻي زندگيءَ جو آخري منصب هو. هن جي صحافتي خدمتن جي حوالي سان سندس خدمتن جي اعتراف طور ۲۰۰۱ع ۾ هن کي ترقي پسند ادبي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ۲۰۰۰ع ۾ صحافت ۾ ايڪسلنس ايوارڊ به کيس ڏنو ويو. هو حيدرآباد پريس ڪلب جو ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۶ع تائين صدر پڻ رهيو، ۱۹۷۴ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدارت به ماڻيائين.
    هن جي قلم مان ڪيترا ئي ڪتاب تحرير ٿيا آهن، جن مان ڪجهه هي آهن، پوليٽيڪل هسٽري آف پاڪستان، ڀٽو ميمورائيس اينڊ رميمبرينسز، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ سنڌي موسيقيءَ جي ابتدا ۽ ارتقا. سندس لکيل ڪتابن جي عنوان مان ئي توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته هو متنوع موضوعات تي طبع آزمائي ڪندو رهيو آهي. اسان ان کي رڳو صحافت تائين محدود نه ٿا رکي سگهون. تاريخ، ادب، موسيقي، ثقافت، سياست ۽ صحافت هن جا موضوع رهيا آهن. اسان هن کي سندس من گهرئي پيشي صحافت جو ناميارو ۽ صف اول جو صحافي تسليم ڪندي، کيس مورخ ۽ ناميارو اديب تسليم ڪرڻ کان به انڪار نه ٿا ڪري سگهون.
    پنھنجن ٻن لائق پٽن طارق ۽ خرم ۽ قابل نياڻين ڊاڪٽر شهلا ۽ منيزه جو ناميارو پيءُ ان لحاظ کان خوش قسمت هو ته هن خود دار شخص ڏاڍي عزت ۽ مان سان پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم يافتا ٿيندي ۽ سٺا عهدا ماڻيندي ۽ خوشگوار ازدواجي زندگي گذاريندي اکين سان ڏٺو. سندس بيماريءَ ۾ سندس خاندان پاران سنڌ حڪُومت جي ثقافت کاتي کي ”سار نه لهڻ“ جو ڏوراپو به نه ڏنو ويو. هو جيتري وڏي انا وارو خوددار، باعزت ۽ معتبر ماڻهو هو ۽ اوترو ئي شان مان سان هيءَ دنيا به ڇڏيائين ۽ ساڳي طرح عزت ۽ شان سان پنهنجي سادي پر شاندار زندگي به گذاريائين.
    سندس شادي به ياد اٿم، جڏهن هڪ ڀولي ڀالي گهٽ عمر واري متوسط گهراڻي جي ڇوڪري حميده سندس زندگيءَ ۾ آئي، جنهن کي هن اڳتي پڙهڻ لاءِ همٿايو ۽ هوءَ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج مان پروفيسر ٿي رٽائر ٿي. حميده جو شيخ عزيز جهڙي ارڏي شخص سان زندگي گذارڻ، سندس ٻارن کي سٺي تربيت ڏيڻ، سندس خاندان ۽ دوستن سان ناتا رکڻ ۽ نڀائڻ وري هڪ ٻي ڪهاڻي آهي. حميده ته ادا عزيز تي بس اڪن ڇڪن ۽ گهور ويندي رهي آهي. عشق ڇا ٿيندو آهي ۽ ڏکين حالتن ۾ محبوب سان هم قدم ٿي زندگي ڪيئن گذاربي آهي، حميده عزيز شيخ ان جو جيئرو جاڳندو مثال آهي. اهو ئي سبب آهي جو ادا عزيز پنهنجي ڪتاب ”تقسيم کان تقسيم تائين“ جو انتساب سندس نالي ڪندي لکيو آهي ”حميده جي نالي جنهن مون جهڙي اڻ گهڙيي ڪاٺ مان مجسمو ٺاهڻ لاءِ سڄي ڄمار ڳاري ڇڏي.“ حميده لاءِ ته باقي زندگيءَ جو سفر اڻانگو ٿيندو پر منهنجو ارڏو، البيلو ۽ مٺڙو ادا عزيز شيخ پنهنجو وارو وڄائي ويو. منهنجي ڀاءُ آفتاب کي هنج ۾ ويهاري آڱر پڪڙي هلائڻ ۽ عبرت اخبار جي دفتر ۾ ادا جاني (پير مظهر) سان ڪچهريون ڪندي کيس زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کان واقف ڪندو رهيو. آفتاب جي دنيا مان اوچتي لڏي وڃڻ تي هو به اوترو ئي لڇيو هيو جيترو اسان پئي تڙپياسين. پر زندگي اها ئي آهي، آخر فنا! ۽ پوئتي رهجي وڃڻ وارن لاءِ بس... جدائي، امتحان ۽ آزمائش! ادا عزيز توهان وڇڙي ته ويا آهيو پر ياد ڏاڍا ايندئو.


    (روزاني عوامي آواز ڪراچي، آچر 14 آڪٽوبر 2018 ع)


    يادن جي نگار خاني مان : نصير مرزا

    آچر ستين آڪٽوبر 2018ع، صبح جا ست، هر دل عزيز استاد محترم شيخ عزيز سدائين لاء، اسان کان وڇڙي چڪا هئا. جيئن هر ڄاتل سڃاتل شخص جي پويان بطور رهبر رهنما ڪونه ڪو استاد ضرور ۽ منهنجي لاء منزل جو نشان ۽ آئيڊيل شيخ عزيز صاحب، جنهن جي نقش قدمن کي اکين ۾ رکي، مون ڪا نه ڪا منزل ماڻي ضرور، سندن شخصيت ۾ اسان شاگردن جي لاء ڇا ته عجيب طلسم هو، ڪلاس روم هجي يا آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊار ۾ ڪرسين تي ويهي هلندڙ ڪچهري، هر هنڌ شيخ عزيز صاحب سراپا ڄاڻ جي کاڻ ۽ اڄ مُڙي ٿو ڏسان ته ساڻس گڏ گذاريل، هر هڪ گھڙي، ڄڻ ياد جي آسمان تي انڊلٺ ريکا، صحافت، ادب، آرٽ، موسيقي، ٿئيٽر، حسن سان موھ، عشق، جنون، رويي ۾ شفقت، لهجي ۾ نرمي ۽ اهڙا سارا گُڻ شيخ عزيز مان ئي اسان پرايا.
    بيشڪ جديد سنڌي صحافت ۾ سراج الحق ميمڻ صاحب جو وڏو نالو هو پر خبر جي ڊسپلي، لي آئوٽ ۽ ان جي ادبي چاشني ڀري ڏيکارڻ ۾ شيخ عزيز صاحب جهڙي ايڊيٽر ۽ سکيا ڪار کي ڪيئن آئون وساريان ! 1978ع کان 1980ع تائين پور ٽي ورهيه ، سنڌ يونيورسٽي ۾ شعبه صحافت کان ڪوھ نور چاڙھي لڳ، سنڌ نيوز اخبار جي دفتر تائين پاڻ مرڪندڙ گلاب جي گل مثل ۽ روشن شمع. هي آئون، آغا رفيق، آفتاب پٺاڻ، ظھير شيخ، نور احمد چنڙ، عبدالخالق جوڻيجو، جئه رام ائين سندن ارد گرد جهڙا پتنگ ۽ پروانا.
    پاڻ بابت ڇا لکان، منهنجي زندگيءَ جو ڪو بهترين دور ته بس اهو ئي هو، جيڪو سندن قدمن ۾ مون گذاريو. سندن وصال جي دکدائڪ خبر جيئن ادا مدد علي سنڌي ۽ نور چشم طارق عزيز شيخ (جنهن کي شيخ صاحب پيار مان سدائين راڻو سڏيندا هئا) کان ٻڌم ته ساڻس گڏ گذاريل وقت جون سوين ساروڻيون، ڪُجھه ڌنڌليون، ته ڪُجھه چٽيون چوطرف کان ڦرڻ لڳيون. اجھو تصور ۾ پهرين تصوير اڀري آئي آهي. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ جي فرسٽ فلور تي شيخ صاحب ڪلاس روم ۾ بليڪ بورڊ جي ڀر سان بيٺل آهي ۽ ان نئين شروع ٿيندڙ شعبي ۾ ٻڌايائون پئي خبر، اخبار، صحافت جي نفسيات......
    "ماڻهو صبح جو اخبار ان لاء پڙھندو ۽ ريڊيو، ٽي وي ان لاء کوليندو آهي ته ڏسان آئون جي بچي ويو آهيان ته باقي دنيا ڇا پئي ڪري!" پوء انهيءَ شام سنڌ نيوز ۾ پريڪٽيڪل.... اتي به شيخ صاحب جا شاگرد پروانا موجود، سهيل سانگي، امداد چانڊيو، اسرار شام ۽ فور مئن استاد گل بابا.
    زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پتو پيو اتي، ڪو کاٻي ڌر، ته ڪو ساڄي ڌر جو. گڏو گڏ آئوٽ ڊور اسٽڊي ٽوئرز، جيڪي شاندار ايراني آرام ده بدڍس ۾،.... ۽ انهن ۾ مهتاب آپا گڏ ۽ ان جي بي مثل مُرڪ....
    شيخ صاحب جي ساري سنڌ ۾ ايڊيٽر طور پي آر شپ زبردست. هاڻي موهن جو دڙو وڃون، سکر بئراج، رني ڪوٽ، پي ٽي وي، ريڊيو ڪراچي، حيدرآباد، هر هنڌ ضيافتون، گڏو گڏ سيد صالح محمد شاھه، عابده پروين، زرينه بلوچ سان ملاقاتون، جنهن سبب ئي مون کي ريڊيو پروڊيوسر ٿيڻ جو شوق ٿيو، ايئن شيخ صاحب جي ايتري صحبت ملي جو آئون ريڊيو ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ٿي ويس. پاڻ مون کي فيڪلٽي ٽاپ جو اعزاز ڏياريائون، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن پڻ.
    اجهو ياد جو هي منظر اوجهل ته، سنڌ نيوز ۾، يونيورسٽيءَ مان موٽڻ وقت شيخ صاحب جي ٽئبل تي لنچ وارا ٽفن باڪس، جيڪي کلندا هئا ته مڇي، پلي، سلاد ۽ اسٽائيل سان ڪپيل ليمن جي خوشبو ۽ شامي ڪباب، چاپون، جيڪي سڀ ڀاڄائي حميده شيخ عزيز جي هٿن جون ٺاهيل، ڀاڄائي حميده کي اسين سڀ شاگرد شيخ صاحب سان والهاڻي پيار سبب، احترام ۾ امڙ حميده ڪري سڏيندا هئاسين. هوءَ شيخ صاحب کان ڄمار ۾ ڪافي ننڍي ۽ خوبصورت شخصيت واري شفيق خاتون آهي. اجهو لنچ وارين ڊشز، انهن جي خوشبو ۽ ذائقي واري ياد ۾ گم ۽ سامهون اُڀري آئي آهي هي تصوير: منهنجي ذاتي لائبريري جو شيلف، جنهن ۾ شيخ صاحب جا سنڌي، اردو ۽ انگريزيء ۾ لکيل ڪتاب، عملي صحافت، سنڌ جون پر اسرار ڪهاڻيون، الحمرا جا داستان، نقش لطيف، مون لينن جو ڏيھه ڏٺو، تقسيم کان تقسيم تائين، سنڌ ڪي محلاتي سازشين، ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ، راڳ ساگر، بر صغير ۾ موسيقي لکڻ جي روايت ۽ ڀٽو کان ضياءَ تائين وغيره گڏو گڏ ننڍي کنڊ جي ٽاپ موسٽ مرحوم راڳين، اداڪارن، اديبن، صداڪارن ۽ سازڪارن بابت لکيل تعزيت نامن جون ڪلپنگس....
    اکين اڳيان اهي منظر به اوجهل ته، امڙ حميده سان شيخ صاحب جي گفتگوء جي تصوير سامهون..... سندس چوڻ ته شيخ صاحب، جنهن جو سمهڻ وارو ڪمرو اهڙو جو، ان جي چوء طرف آڊيو ويڊيو ڪئسٽس جا انبار، ڪلاسيڪل فلمون، سمفنيز جون سي ڊيز، پنهنجي پسنديده راڳي بڙي غلام علي خان، منور علي خان، رضا علي خان، زاهده سلطانه، نورجهان، فريده خانم، اقبال بانو، مهدي حسن ۽ ڪنن ۾ باک ڦٽيء تائين اکين آڏو ڪمپيوٽر ۽ ڪي بورڊ تي آڱريون هلندڙ..... دوران مصروفيت چانھن ۽ ٿورا بسڪيٽ.
    اجهو هي منظر به اوجهل ته ان جي جاء تي نئين تصوير اُڀري آئي آهي: " تون وقت ڪڍ، مون وٽ نويد بنگلوز، گلستان جوهر اچ، مون وٽ جيڪو آڊيو ويڊيو مٽيريل آهي، ان جو ڪئٽلاگ گڏجي ٺاهيون "پوء ٻڌائڻ لڳا ته " پنهنجي آٽو بائيو گرافي مون لکي آهي، توکي ان ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل لکڻو آهي" سيل فون تي هي عظيم استاد پنهنجي ادنيّّ شاگرد کي ڇا اعزاز بخشي رهيا هئا ۽ هيڏانهن حالت منهنجي هيء جو خلا ۾ اڏامڻ ٿو لڳان. ياد جي نگار خاني مان سک ڇنڀ ۾ اها تصوير به گم- ۽ جيڪو منظر سامهون، اهو هي.... نيشنل ميوزم ڪراچيء جو شمشيرالحيدري هال وارو آڊيٽوريم، جتي ڪجھه مهينا اڳ عبدالقادر منگي صاحب جي آتم ڪٿا "مان جوئي آهيان سوئي آهيان" جي مهورت شيخ عزيز صاحب ۽ امڙ حميده فرنٽ سيٽ تي موجود. شيخ صاحب شديد ڪمزور، سندن پيرن ۾ ويهي رهيس. "اڙي بابا، اڙي بابا" هميشه جيان اهو پنهنجو تڪيه ڪلام دهرائين ٿا. " ٺيڪ ته آهيو نه " ڳڻتيء مان پڇيو. " اڙي بابا ڇا ٿيو آهي مون کي ٺيڪ ته آهيان هلان ڦران پيو، موج به ڪريان پيو ۽ لکان به پيو "
    اجهو اهو منظر به اکين کان الوپ....هاڻي امڙ حميده جو ڳڻتي واري آواز ۾ فون ٿو اچي : " نصير، پنهنجي استاد سان تڪڙا تڪڙا ملو، شيخ صاحب بابا ٺيڪ ناهن. توهان کي ياد ڪري روئيندا به آهن "
    ياد آيم ٻه ورهيه اڳ روزاني ڪاوش حيدرآباد جي صفحن ۾ سندن سالگره جي ڏينهن تي ڪالم لکيم، پسند ڪيائون ۽ داد طور چار لڙڪ به آڇيائون.
    اوچتو اها تصوير به گم ۽ هي آچر ستين آڪٽوبر 2018ع . صبح سان لڙڪن ڀنل آواز ۾ ٻئي پار کان طارق عزيز شيخ ٻڌائڻ ٿو لڳي ته ڇنڇر تي دل جي تڪليف سبب لمس حيدرآباد پئي آياسين اتي ڊاڪٽر ڏٺو ته مايوسي ڏيکاريائون، تڏهن موٽي ڪراچيء جي هڪ وڏي خانگي اسپتال پهتاسين. اُتي دل جو آپريشن ڪامياب ٿيو، دل جي شرياني ۾ اسٽنٽ رکيو ويو ۽ رت روان ٿي ويو، پر اوچتو ان کان اڳ طارق عزيز زار و قطار روئڻ لڳو ۽ اها تصوير به اوچتو ڌنڌلي.
    ۽ اکين سامهون جيڪا تصوير، اها گلستان جوهر بلاڪ سترنهن نويد بنگلوز جي مسجد جي جتي پاڻ ڏولي ۾ آرامي پيا آهن، جتان اسان جي شيخ صاحب جو آخري سفر شروع. تڏهن سندن صحافت واري ڪامياب سفر جون يادون به سامهون اينديون رهيون. روزانه ڪاروان، عبرت، سنڌ آبزرور، سنڌ نيوز، حريت، ڊان، ادبي بورڊ جي وائس چيئرمينن شپ، ڪيترن ئي ادارن جي مشاورت ۾ شراڪت. ٿامس ڪاليج آف جرنلزم، لنڊن ۾ صحافت جي تعليم ۽ ڪسنڌين جي انهيءَ قافلي ۾ جيڪو پهلوان ڳوٺ واري قبرستان ڏانهن وٺي ويندڙ، ڪير ڪير نمايان، ڪلهي ڪانڌيء پروفيسر محمد سليم ميمڻ، مدد علي سنڌي، الھه ڏتو وگهيو، ذوالفقار شيخ، آغا رفيق، ڪرم الاهي چنا، اختر مرزا، جاويد مرزا، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڪرم علي شاھه، فقير محمد ڏاهري، حافظ احمد الدين انڍڙ، سڪندر شاھه ۽ تربت ۾ لاهڻ وقت طارق عزيز شخ ۽ خرم عزيز شيخ.
    ۽ هي اٺين آگسٽ 2018ع جي منجهند 9 ڊسمبر 1938ع تي امڙ بختاور شيخ ۽ والد احمد شيخ جي هيء امانت سدائين لاء مٽيء ماء جي هنج ۾ لهي وئي.
    مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زنده آباد.

    (ڪاوش دنيا مئگزين، آچر 14 آڪٽوبر 2018ع)


    شيخ عزيز عالَمي سطح جو صحافي ھو : قاضي اسد عابد

    شيخ عزيز جهڙا صحافي سنڌ ۾ صحافت جي روايتي جمود ٽوڙڻ ۾ شروعات ڪئي، پهريون ڀيرو سنڌي اخبارن ۾ هفتيوار ميگزين به شيخ عزيز عبرت جو جاري ڪيو جيڪو عوام جو پسنديده بنجي ويو ۽ ماڻهن ورهين جا ورهيه ان جا پرچا سانڍي رکي. انهي کان پوء ٻين اخبارن هفتيوار ميگزين شروع ڪيا. شيخ عزيز ڪيترا ئي مختلف دلچسپين وارا سلسلا پڻ جاري ڪيا جيڪي عوام ۾ مقبوليت ماڻي ويا. انهي کان اڳ ڪوبه صحافي اهڙو ڪونه هو جنهن سنڌي صحافت ۾ جدت آندي هجي ۽ اها ابتدا عبرت کان ٿي جيڪا سنڌي اخبارن ۾ هر نواڻ آڻيندڙ اخبار بڻجي اڀري.
    شيخ عزيز سنڌ جي علم، ادب، آرٽ ۽ ڪلچر جو اهم اڳواڻ هو. هن پنهنجي سڄي زندگي صحافت ۽ سنڌ جي عوام لاء جدوجهد ۾ گذاري. بلاشڪ شيخ صاحب جو شمار سنڌ جي انهن شخصيتن ۾ ڪري سگهجي ٿو جيڪي ملڪ ۽ عالمي سطح تي ڀيٽي سگهجن ٿيون. پاڻ هميشه تحقيقي ۽ منفرد مضمون ۽ عنوان سامهون آندائون جنهن سان پڙهندڙ کي بهتر کان بهتر ڄاڻ ملي. هڪ جاکوڙي صحافي ڇا هوندو آهي انهي جو سٺو مثال ڏيڻو هجي ته انهي لاء شيخ عزيز جو نالو چونڊي سگهجي ٿو. اخبار سان لاڳاپيل سمورن شعبن جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ اهڙو صحافي هو جيڪو وقت تي اخبار ڪڍڻ جو ماهر هوندو هو اهو به سمورين اسٽورين سان.
    شيخ صاحب کي اهو اعزاز به حاصل هو ته هن کي راڳ ۽ راڳ جي استعمال ٿيندڙ اوزارن بابت مڪمل دسترس حاصل هئي. پاڻ سنڌي موسيقيءَ تي تحقيق ڪيائين. ڪافي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيائين.
    سنڌي صحافت هجي يا انگريزي ۽ اردو، هو هڪ ئي وقت انهيءَ کيتر ۾ نه فقط اهم مقام رکندڙ هو پر رهنما ڪردار ادا ڪيائين. سندن صحافتي ڪيريئر ۾ سڀ کان ڊگهو وقت عبرت اخبار ۾ ملي ٿو جيڪو عبرت لاء پڻ اعزاز آهي. هن جي پوري زندگي محنت ۾ گذري، پنهنجي ڪم سان مخلص رهندو آيو. شيخ صاحب جو وڇوڙو سنڌ جو وڏو نقصان آهي جنهن جو پورائو ڪيترن ئي سالن تائين به نه ٿي سگهندو. رب سائين شيخ عزيز کي جنت ۾ جاء ڏيندو ۽ سندس پونيرن ۽ سڄي سنڌ جي نوجوانن کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق ڏيندو، آمين.

    (روزاني عبرت حيدرآباد)


    Shaikh Aziz By: Nasir Ali Panhwar

    EMINENT journalist and writer Shaikh Aziz passed away last week. His demise has put an end to an era. He was an encyclopedic personality with in-depth knowledge of history, literature, music, politics and socio-economic conditions of the country.
    Born in 1938 in Hyderabad, Aziz was an eyewitness to major political changes in the country. He played a pivotal role in promoting journalism and education.
    In the late 70s, Shaikh Aziz joined hands with Dr Khan Mohammad Panhwar, the founder of the media and communication studies department at the University of Sindh, Jamshoro, and remained visiting faculty in the department along with Johar Hussain. He authored the first Sindhi book on journalism, which is a part of the syllabus of the mass communications department.
    During his association with Dawn, he wrote Pakistan’s history in a weekly column in Dawn magazine. It lasted nearly four years
    One will be hard put to find a person of his calibre. May his soul rest in peace. (daily Dawn, October 12th, 2018)



    Bilawal Bhutto Zardari expresses deep grief and sorrow over the sad demise of renowned journalist Shaikh Aziz
    MediaCellPPP.
    KARACHI, October 7: Chairman Pakistan Peoples Party Bilawal Bhutto Zardari has expressed deep grief and sorrow over the sad demise of renowned journalist Shaikh Aziz who passed away on Sunday.
    In a condolence message to his son Tariq Aziz Shaikh, the PPP Chairman said that late Shaikh Aziz was a professional and outstanding personality whose dedicated services in the fields of journalism, literature and history will remain an asset for the future generations.
    Bilawal Bhutto Zardari prayed to Almighty Allah to rest the departed soul in eternal peace and grant courage and fortitude to the members of bereaved family to bear this irreparable loss with equanimity.


    شيخ عزيز سنڌ جو ڏاھو ۽ عظيم انسان : پير مظھرالحق

    منهنجو شيخ عزيز سان واسطو تڏهن کان وٺي رهيو جڏهن مان اڃا مس سورهن ورهين جو هوندس. مان عبرت اخبار ۾ هن وٽ صحافت سکڻ آيو هئس. شيخ صاحب مون کي صحافت سيکارڻ سان گڏوگڏ منهنجين صلاحيتن کي سڃاتو ۽ اهي اڀارڻ ۾ به مدد ڪيائين. هن مون کي اهو احساس ڏياريو ته مون ۾ صحافت کان وڌيڪ معاشري جي ڀلائي وارن ڪمن ڪارين جو جذبو آهي، انهي ڪري مون سياسي ۽ سماجي طور ڪاميابيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو.
    شيخ صاحب مون کي عبرت اخبار ۾ ٻارن جي هفتيوار صفحي ٻارن جي ٻاريءَ جو انچارج بڻايو ۽ ان کان پوء مان ’ماما موجي‘ جي نالي سان سڃاتو ويس. شيخ صاحب هن صفحي کي وڌيڪ دلچسپ بنائڻ لاء سهڻيون صلاحون ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ هن مون کي ٻارن جو ميلو لڳائڻ جو به مشورو ڏنو هو ۽ مون ائين ئي ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ ميلو ڪامياب ٿيو ۽ پوءِ هر سال اهو سنڌ ٻالڪ ميلو لڳندو رهيو جيستائين مان عبرت ۾ هئس.
    منهنجي نظر ۾ شيخ عزيز سنڌ جو ڏاهو، منفرد ليکڪ ۽ عظيم شخص هو. جڏهن مان سنڌي ادبي بورڊ جو چئرمين هئس ته مون هن کي وائس چئرمين بنايو ۽ مٿس اعتماد ڪري پنهنجا سمورا اختيار هن کي ڏئي ڇڏيا هئا جيڪا ڳالھ بورڊ آف گورنرس جي منظوري سان ٿي هئي. مون کي يقين هو ته هو پنهنجون ذميواريون ڀرپور نموني نڀائيندو ۽ اهو هن ثابت ڪيو. شيخ عزيز وڏو ذهين انسان هو. هن کان سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي پريس کي بهتر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ورتي هئي.

    (روزاني عبرت حيدرآباد، 27 نومبر 2018ع)


    شيخ عزيز جي مرتئي تي لکيل تاريخ جو ھڪ پَنو : نصير اعجاز

    ستٽيھه سال اڳ ۱۹۸۱ع جي ابتدائي مھينن مان ڪو ھڪ مھينو ھو جڏھن ڪراچيءَ ۾ سنڌ اطلاعات کاتي جي آفيس ٻاھران مرحوم خان محمد پنھور ملي ويو ۽ ملندي ئي چيائين: ”ويھه ڪار ۾ ته خيرپور ھلون، سچل جي ميلي ۾. ھيءَ ڪار ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ موڪلي آھي ته جيئن ڪراچيءَ مان ڪجھه دوستن کي ادبي ڪانفرنس لاءِ وٺي اچان.“ مان تن ڏينھن ۾ ھيس ته واندو جو ھلالِ پاڪستان اخبار مان ۳۵ ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف ھلچل ھلائڻ تي مان به نوڪري وڃائي ويٺو ھئس، پر نه گھر وارن کي ڪو اطلاع، نه ڪو اضافي لٽو ڪپڙو، سو گھڻو ئي نٽايم پر دوست جي زور آڏو ھڪ نه ھلي. ڪار ۾ چڙھي پھرين ته اورنگي ٽائون وڃي ڪجھه ڪپڙا کنيم جنھن کانپوءِ ڪار ناظم آباد واري پاسي ھلڻ لڳي ته تڏھن خان محمد پنھور ٻڌايو ته شيخ عزيز به اسان جو ھم سفر ھوندو.
    شيخ عزيز سان ڪجھه ورھين کان نيازمندي ھئي، پر ساڻس سفر ۽ ڪچھريءَ جو اھو پھريون موقعو ھو. سفر ڊگھو ھو پر اسان ٽئي ڪچھريءَ جا ڪوڏيا، سو سفر جي ڊيگھه جي خبر ئي ڪا نه پئي، پر ان سفر جي خاص ڳالھه ھئي سنگيت بابت شيخ عزيز جي ڄاڻ. سندس ئي پسند تي ڪار ۾ استاد منظور علي خان جا ڪلام ھلڻ شروع ٿيا ته ھن اسان کي ھر راڳ ۽ سُر بابت به ٻڌائڻ شروع ڪيو. استاد منظور علي خان جو ھڪ ڪلام ته اھڙو ھو جنھن کي ٻُڌڻ سان اسان روحاني طور ڄڻ ته ڪنھن ريگستان ۾ اُٺن جي قافلن سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئاسين جتي رات جي سانت ۾ رُڳو اُٺن جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽَلين وڄڻ جا آواز گونججي رھيا ھئا. شيخ عزيز جي فرمائش تي اھو ڪلام ورجائي ھلايو ويو ۽ پوءِ اسان اھو سمورو وقت ان راڳ جي سحر ۾ گُم رھياسين. انھيءَ ڏينھن خبر پئي ته شيخ عزيز رُڳو صحافي ڪونه ھو پر کيس سنگيت جي علم تي به دسترس حاصل ھئي. ان يادگار سفر کانپوءِ اسان جون ٻيون به گھڻيون ئي ڪچھريون ٿيون جيڪي رات جو دير تائين مڌ ماٽيون خالي ٿيڻ تائين جاري رھنديون ھيون.
    شيخ عزيز مون کان گھڻو سينيئر، بلڪه منھنجي سينيئرس جو به اُستاد ھو، پر ھو کِلڻو، نماڻو ۽ ميٺ محبت وارو انسان ھو جنھن ۾ سينيئر ھجڻ وارو ھٺ ڪڏھن محسوس ڪو نه ٿيو. صحافت جي رڻ ۾ ھن وڏو ڊگھو سفر ڪيو ۽ جيئن ته ھن ۱۹۳۸ ۾ جنم ورتو ھو، تنھنڪري پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن ملڪ اندر جيڪا سياسي اُٿل پٿل ٿي، تنھن جو ھُو ڄڻ ته اکين ڏٺو شاھد ھو. سال ۱۹۶۰ واري ڏھاڪي کان حيدرآباد جي اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ دوران کيس ۱۹۶۸ع ۾ لنڊن جي ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪرڻ جو به موقعو مليو ۽ انھيءَ حساب سان شيخ عزيز سنڌ جو پھريون صحافي ھو جنھن پرڏيھي يونيورسٽيءَ مان صحافت جي ڊگري حاصل ڪئي. حيدرآباد ۾ ھن پنھنجي جوانيءَ جا ڀرپور ڏينھن گھاريا. جڏھن ۱۹۶۳ ۽ ۱۹۶۶۾ ھُو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر به رھيو ته ۱۹۷۴ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدارت به ماڻيائين. صحافت ۾ لنڊن مان ڊپلوما ڪرڻ کان پوءِ شيخ عزيز صاحب صحافت بابت ھڪ ڪتاب به لکيو، جيڪو سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي صحافت واري شعبي ۾ شاگردن کي به پڙھايو ويندو ھو.
    جڏھن ۱۹۸۱ ۾ اسان گڏ سچل واري ادبي ڪانفرنس لاءِ سفر ڪيو، تنھن کان ڪجھ ورھيه اڳ ئي شيخ عزيز حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچيءَ منتقل ٿي چُڪو ھو جتي ھن اردو اخبارن حُريت ۽ جنگ ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ ۱۹۸۹ کان انگريزي اخبار ڊان ۾ صحافت شروع ڪيائين جتان ۲۰۰۸ م رٽائر ٿيو پر پوءِ به ھن ڊان لاءِ لکڻ جاري رکيو ـ وڏي ڄمار ھوندي به ھو ماٺ ڪري ڪونه ويٺو ۽ ايتري قدر جو گھر ۾ ھوندي به ھُو ڪم ڪندو رھيو.
    شيخ عزيز جا ڪيترا ئي تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ پوليٽيڪل ھسٽري آف پاڪستان Political History of Pakistan اِلسٽرٽيڊ ھسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگڊم آف سنڌIllustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh ڀُٽو- ميمائرس اينڊ رميمبرنسBhutto – Memoirs and Remembrance ، ھسٽري آف سنڌي لٽريچرHistory of Sindhi Literature ۽ دي اوريجن اينڊ اِوولوشن آف سنڌي ميوزڪThe Origin and Evolution of Sindhi Music شامل آھن.
    صحافتي دنيا ۾ سندس قدآور شخصيت ھجڻ ڪري کيس اھو اعزاز به حاصل رھيو ته ۱۹۹۸ کان ۲۰۰۴ تائين کيس آل پاڪستان نيوزپيپرس سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي جج طور طور به مقرر ڪيو ويو جڏھن ته حياتيءَ جي آخري ورھين ۾ ھن سنڌي ادبي بورڊ جي وائيس چيئرمن جو عھدو به سنڀاليو.
    شيخ عزيز پنھنجي سنگت ۾ اينسائڪلوپيڊيا طور مشھور ھو. ڪھڙو به موضوع ھجي، وٽس ڄاڻ جو خزانو ھوندو ھو. مٿي ذڪر ڪيل سندس ڪتاب ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آھن، پر جيڪڏھن ڊان توڙي ٻين اخبارن ۾ ڇپيل مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪن، ملڪي ۽ عالمي صورتحال توڙي ادب ۽ ثقافت تي مضمون گڏ ڪري ڇپرايا وڃن ته ڪيترائي ڪتاب تيار ٿي ويندا. شيخ عزيز پنھنجي حياتيءَ جي آخري ڪجھ ورھين ۾ نھايت ئي اھم ڪم شروع ڪيو ھو ۽ اھو ھو پاڪستان جي سياسي تاريخ تي ڊان ۾ سندس مضمون جيڪي ھُو A leaf From History جي عنوان سان لکندو ھو. انھن مضمونن ۾ صدر غلام اسحاق خان ھٿان محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو، پاڪستان ۽ دولتِ مشترڪه، بينظير ڀٽو حڪومت خلاف سازشون، وفاقي شريعت عدالت پاران زرعي سُڌارن کي غير اسلامي قرار ڏيڻ، سنڌ ۾ نسلي فساد، سياچن تڪرار، اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراھه حميد گل جون سياسي سرگرميون، بينظير حڪومت کي ڊاھڻ ۾ حميد گل ۽ اسلامي جمھوري اتحاد جو ڪردار، پاڪستان جو ائٽمي پروگرام، سياست ۾ ڪوڙ، بينظير حڪومت دوران سينيٽ ۾ پ پ پ جي شڪست، جھاز جي حادثي ۾ آمر جنرل ضياءَ جي موت بعد ملڪ جي صورتحال ۾ آيل تبديليون، انھيءَ کان اڳ ۱۹۸۵ ۾ جنرل ضياءَ جون ڪرايل غيرسياسي چونڊون، محمد خان جوڻيجي جو وزيراعظم ٿيڻ ۽ پوءِ ضياءَ ھٿان ئي برطرف ٿيڻ، اوجھڙي ڪئمپ وارا ڌماڪا، ملڪ ۾ ٺھندڙ سياسي اتحادن پٺيان لڪل ڪھاڻيون ۽ اھڙا ٻيا انيڪ موضوع شامل آھن جن کي پڙھڻ سان معلوم ٿيندو ته ملڪ جي سياسي حالتن ۽ انھن پٺيان لڪل عوامل تي شيخ عزيز جي ڪيتري ڳُوڙھي نظر ھئي. منھنجي خيال ۾ پاڪستان جي سياسي تاريخ تي جيترو ڳُوڙھي نظر سان شيخ عزيز لکيو آھي، شايد ئي ٻئي ڪنھن لکيو ھجي. جيڪڏھن سندس اھي تحريرون ڪتابي شڪل ۾ اچي وڃن ته ھڪ وڏو اھم تاريخي دستاويز ثابت ٿيندو جيڪو موجوده توڙي ايندڙ وقت جي سياست جي شاگردن لاءِ مطالعي جوڳو ھوندو.
    شيخ عزيز سان منھنجي آخري ملاقات ڪجھه مھينا اڳ اسان جي ھڪ ٻئي دوست يوسف شاھين جي آفيس ۾ ٿي ھئي جتي ھو ڪڏھن ڪڏھن ساڻس ڪچھريءَ لاءِ ايندو ھو. ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته تاريخ جا پنا لکندي لکندي شيخ عزيز پاڻ به تاريخ جو ھڪ پنو ٿي ويندو ۽ پوئتي ھڪ وڏو خال ڇڏي ويندو.

    (روزاني سنڌ حيدرآباد، 9 آڪٽوبر، 2018ع)


    شيخ عزيز سنڌ جو اثاثو : شوڪت حُسين شورو

    شيخ عزيز سنڌ جي صحافين ۾ ھڪ يگاني حيثيت رکندڙ ھو. جيتوڻيڪ صحافت ھن جو روزگار ھو، پر ھو فقط ھڪ صحافي ڪونہ ھو بلڪہ گھڻ رخي، غير معمولي شخصيت ھو. ھن کي ٻين علمن تي عبور حاصل ھو، جن ۾ موسيقي، ادب، تحقيق، تاريخ، ثقافت، آثار قديمھ شامل آھن. انھن علمن جي مختلف موضوعن تي سنڌي, اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ لکيل سندس مضمون توڙي ڪتاب مستند ۽ معياري ھجڻ سبب مڃتا ماڻي چڪا آھن. ھن وٽ ڄاڻ جو ھڪ وڏو خزانو ھو جيڪو سنڌ جي لاء ڪنھن عالي شان اثاثي کان گھٽ نه ھو. اهڙو ڄاڻو صحافي ورلي ڪو تاريخ ۾ ملندو جنهن کي هر موضوع تي معلومات هجي. ان ڪري ئي ھن جي لاڏاڻي جو نقصان ڪنھن به ريت ڀرجڻ جو ڪونھي. (روزاني عبرت حيدرآباد)


    شيخ عزيز صحافت، علم ۽ ادب جو پارکو : امداد علي اوڍو

    شيخ عزيز صحافت، علم ۽ ادب جو پارکو : امداد علي اوڍو

    هيءَ ڳالهه جنوري 1974 جي آهي جڏهن مان هڪ رات حيدرآباد ۾ سليم قاضيءَ (علي قاضيءَ جي وڏي ڀاءُ) جو مهمان ٿي رهيس. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي. سنڌ ۾ ممتاز ڀٽو وڏو وزير هيو. حڪومت بنگلا ديش کان 2 لک بهارين کي پاڪستان آڻڻ جو فيصلو ڪيو . انهي فيصلي تي سنڌين کي خدشو هو ته اهي سڀ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندا. بهارين خلاف سنڌ يونيورسٽي ۾ سمورين شاگرد تنظيمن جي گڏيل اتحاد هيٺ زبردست تحريڪ هلي. تحريڪ دوران مون کي 21 سپٽمبر 1973 تي وڏي وزير بهارين جي مسئلي تي ڳالهين لاءِ گھرائي سڻڀي نوڪري جي آڇ ڪئي، جيڪا مون پاڻ کي وڪڻڻ جي برابر سمجهي ٺڪرائي ڇڏي (جيڪڏهن ان وقت نوڪري جي آفر قبول ڪيان ها ته 22 هين گريڊ تائين پهچي رٽايرڊ ٿيان ها) ان وقت ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ٻيا اڳواڻ جيلن ۾ هيا ۽ مان سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قائم مقام مرڪزي صدر هيس، حڪومت مون کي خريد ڪري بهارين خلاف هلندڙ تحريڪ کي ڌڪ پهچائڻ چاهي پئي، انڪار ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻن هفتن کان پوءِ مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پنجن سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. (ان دور ۾ سيد غلام مصظفيٰ شاهه وائيس چانسلر هيو) ڊفينس پاڪستان رولز (ڊي پي آر) ۽ 13 ڊيءَ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا. (اسان جي بهارين خلاف هلايل تحريڪ جو نتيجو اهو نڪتو جو ٻن لکن جي بجاءِ 50 هزار بهاري اچي سگھيا. وڌيڪ بهارين کي ذوالفقارعلي ڀٽي سنڌ ۾ شاگردن جي سخت احتجاج سبب وٺڻ کان انڪار ڪيو. ڀٽي صاحب کي اهو يقين ڏياريو ويو ته بهارين کي قبولڻ جي صورت ۾ اهي ڦري گھري سنڌ جي شهري علائقن خصوصن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اچي ديرو ڄمائيندا ۽ حڪومت جي اهڙي عمل ڪري سنڌ ۾ پارٽي جي مخافت وڌي ويندي) روپوشيءَ دوران منهنجي غير موجودگيءَ ۾ 20 آڪٽوبر 1973ع تي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي ڪنوينشن جيڪب آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ مون کي صدر ۽ شهيد نذير عباسيءَ کي جنرل سيڪريٽري، نائب صدر خير محمد جوڻو ۽ آصفه رضوي، جوائنٽ سيڪريٽري سهيل سانگيءَ کي يڪ راءِ چونڊيو ويو. حالانڪ مون دوستن کي چيو هو ته مان ورڪر ٿي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو. توهان ڀلي ڪنهن ٻئي دوست کي صدر جو عهدو ڏيو پر دوستن جي گڏيل صلاح ڪري مون فيصلو قبول ڪيو. انهيءَ فيصلي تي گھر وارا سخت ناراض هيا. انهن جو چوڻ هيو ته تو کي سرڪار سڻڀي نوڪري ڏئي پئي سا قبول ڪري پاڻ عيش ڪرين ها ۽ خاندان کي به فائدو ٿئي ها اهو ته تون نه ڪيو، وري شاگردن تو کي صدر چونڊي تنهنجي لاءِ ۽ خاندان لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪيا آهن. (ان وقت منهنجي گرفتاريءَ لاءِ اڪثر منھنجن ڀائرن کي پوليس تنگ ڪندي رهندي هئي ۽ گھرائي ٿاڻي تي ويهاريو ويندو هيو ۽ پوءِ اسان جو چاچو نبي بخش خان اوڍو ايس پي پوليس تائين پهچي ڀائرن کي انهيءَ آسري تي ڇڏائيندو هيو ته انهن کي ڇڏيو ته هو توهان کي امداد هٿ ڪري توهان تائين پهچائيندا) مرڪزي صدر جي حيثيت ۾ خدا بخش جماليءَ جي فرضي نالي ۽ ڏاڙهيءَ سان سموري سنڌ ۾ انڊر گرائونڊ سرگرميون جاري رکيون. انڊر گرائونڊ سرگرمين کي جاري رکڻ لاءِ پوسٽ ڪارڊ وسيلي ايس اين ايس ايف جي برانچن کي آگاھه ڪيو ويندو هيو. خط جي عبارت خفيه هوندي هئي جنهن ۾ لکيو ويندو هيو ته مولوي صاحب فلاڻي تاريخ تي تبليغ جي سلسلي ۾ توهان جي شهر جي فلاڻي علائقي جي مسجد پهچندو. ائين حيدرآباد جي دوستن کي به منهنجي دوري جي پروگرام کان پوسٽ ڪارڊ لکي آگاهه ڪيو ويو. جڏهن مان مقرر تاريخ تي ٻڌايل مسجد وٽ پهتس ته وٺڻ وارو ڪير به نه هيو. مون ڪافي انتظار کان پوءِ سليم قاضيءَ کي فون ڪري آگاه ڪيو. هو اچي مون کي پنهنجي گھر وٺي ويو. (سيلم قاضي ايس اين ايس ايف جي ٿنڪ ٽينڪ جو ميمبر هيو) هن جي گھر تي ترسڻ دوران تقريبن سموري رات ڪچهري ٿي. ڪچهريءَ دوران هن ٻڌايو ته هو سنجيدگيءَ سان سنڌ دوست روزاني اخبار ڪڍڻ جي پلاننگ ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان هو صحافت جي شروعات انگريزي ويڪلي ميگ ”سنڌ آبزرور“ سان ڪري رهيو آهي. ان جو ايڊيٽر شيخ عزيز کي مقرر ڪري چڪو آهي. جيڪو اڳتي هلي روزاني اخبار ”سنڌ نيوز“ جو به پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو. صبح جو ناشتي جي ميز تي قاضي سليم جي والد قاضي اڪبر سان به ڪچهري ٿي، جنهن سان منهنجو تعارف خدا بخش جمالي شاگرد ڪوئيٽا يونيورسٽيءَ جي حيثيت ۾ ڪرايو ويو.
    14 مارچ 1976ع تي سليم قاضيءَ جو خط پهتو ته مئي مهيني جي پهرين هفتي کان روزاني سنڌ نيوز ڪڍي رهيا آهيون جنهن ۾ توهان کي هر اها شيءِ ملندي جنهن جي سنڌي اخبارن ۾ کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي. هن اخبار ۾ اسين سنڌ جي اڀرندڙ مسئلن ۽ عام ماڻهن جي مسئلن کڻڻ سان گڏو گڏ سنڌ جي نئين نسل جي امنگن ۽ جذبن جي ترجماني ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن اخبار ۾ ممتاز سياسي اڳواڻن جا تبصرا، انٽرويو، ٻارڙن، عورتن، شاگردن جا صفحا، ادبي ايڊيشن، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي خاص مضمون هوندا. ان سلسلي ۾ اسين سنڌ جي دوستن سان ملڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا آهيون، جيڪب آباد به اچبو. وڌيڪ روبرو ڪچهري ڪبي. اوهان جي معلومات لاءِ ٻڌائيندو هلان ته ان وقت ڪراچيءَ مان سرڪار جي نگراني هيٺ روزاني هلال پاڪستان نڪرندي هئي ۽ ٻي حيدرآباد مان روزاني عبرت نڪرندي هئي. 30 مارچ 1976ع تي سليم قاضي، شيخ عزيز، اخبار جو سول ايجنٽ ۽ باقي سنگت جيڪب آباد پهتي ۽ اخبار متعلق تفصيلي ڪچهري ٿي. شيخ عزيز سان هيءَ پهرين ملاقات هئي. هو سنڌ نيوز بابت جيڪب آباد جي سنگت کي تفصيل ٻڌائي رهيو هو. مون کي ياد آهي ته شيخ صاحب سماج ۾ صحتمند تبديليءَ لاءِ سگھاري صحافت بابت دليلن سان دوستن سان ڪچهري ڪري رهيو هيو. انهن ڏينهن ۾ مان تعليم مڪمل ڪري جيڪب آباد ۾ مهراڻ پرنٽنگ پريس قائم ڪري چڪو هيس ۽ هفتي وار سنڌ سجاڳ جي ڊڪلريشن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هيس. اهو ٻڌائيندو هلان ته اُن وقت اخبار جو ڊڪلريشن وزيراعظم جي منظوريءَ سان ملندو هيو. اُن وقت مير هزار خان بجاراڻي اطلاعات کاتي جو صوبائي وزير هيو. اڳتي هلي سنڌ سجاڳ جو اجراءُ مون آگسٽ 1977ع ۾ ڪيو.
    شيخ عزيز جي ڪچهريءَ کان سنگت ڏاڍو متاثر ٿي، شيخ عزيز جي اسرار تي مون سنڌ نيوز ضلعي جيڪب آباد جي نمائندي قبول ڪئي. اهڙي طرح سڄي سنڌ ۾ ايس اين ايس ايف جي اڳوڻن شاگرد اڳواڻن مان اڪثر نمائندا مقرر ڪيا ويا، جيئن نواب شاه لاءِ صالح بلو، خيرپور لاءِ غلام قادر ميراڻي (منصور ميراڻي) وغيره. سنڌ نيوز کي جاري ڪرڻ لاءِ وڏي جوش ۽ جذبي سان تياريون جاري هيون. جرمنيءَ مان جديد پرنٽنگ جون مشينون گھرايون ويون. جرمن انجنيئر مشينون فٽ ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ترسيل هيو. مشينن جي فٽنگ کان پوءِ قاضي سليم جرمن انجنيئر کي جرمنيءَ روانو ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ پئي ويو ته سپر هاءِ وي تي حادثي دوران قاضي سليم اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. هي نقصان قاضي فيمليءَ سان گڏ کاٻي ڌر جو به ٿيو ۽ سنڌ هڪ لائق ۽ صحافت وسيلي سنڌ جي تقدير بدلائڻ واري نوجوان کان محروم ٿي وئي. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن قاضي سليم ۽ شيخ عزيز جي رهنمائيءَ ۾ سنڌ نيوز نڪري ها ته اسان کي عوامي آواز ڪڍڻ جي ضرورت ڪونه ٿئي ها. هي سموري ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جديد صحافت ۾ شيخ عزيز جي جيڪا اهميت ۽ حيثيت هئي اها سليم قاضي پرکي ورتي ۽ جديد صحافت وسيلي سنڌ ۾ جيڪا تبديلي آڻي سگھجي پئي ان لاءِ هن شيخ عزيز جو انتخاب ڪيو.
    سليم قاضيءَ جي خواب جي پورائي ۽ سنڌ ۾ جديد صحافت جي حوالي سان اخبار جي ضرورت هئي. ان مقصد خاطر مون 1988ع جي آخر ۾ ڪراچيءَ مان روزاني عوامي آواز جو ڊڪلريشن حاصل ڪيو ۽ جنوري 1989 کان تجرباتي بنيادن تي اخبار پنهنجي گھران لياريءَ مان شروع ڪئي. ڇهن مهينن جي لڳاتار ڪوششن کان پوءِ دوستن جي مدد سان مون جولاءِ 1989ع ۾ باقاعدگيءَ سان پهرين ڪمپيوٽرائيز اخبار ڪراچيءَ مان جاري ڪئي. اخبار جي شروعات ۾ مون شيخ عزيز سان ڪافي ملاقاتون ڪيون ۽ هن جي مفيد صلاحن سان اخبار جاري ڪئي. اهڙي طرح علم، ادب ، صحافت ۽ قومي جذبي سان سرشار ساٿين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏائي عوامي آواز جي شروعات ڪئي انهن ۾ انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري، سهيل سانگي، عبدالرحمان نڪاش، محمد خان سولنگي، صالح بلو، منصور ميراڻي، فتح چند ڪارڙا سميت سموري سنڌ ۾ ايس اين ايس ايف جي دوستن جي ٽيم جن اخبار کي پنهنجي ڪاوشن ۽ محنتن سان ڪاميابين جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. سنڌ جي هي واحد اخبار هئي جيڪا ڪنهن وڏي سرمائي کان سواءِ جاري ڪئي وئي. عوامي آواز سنڌ جي اصل ڌڻين جي قومي ۽ معاشي مسئلن جي حل بابت هڪ انقلابي تحريڪ هئي. عوامي آواز صحافت ۾ نوان گس ۽ ٽرينڊ متعارف ڪرايا ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ نئين انداز سان صحافت وسيلي جدوجهد ڪئي. انهيءَ مشن ۾ قومي جذبي سان سرشار نوجوان اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيندا ويا. عوامي آواز ڄڻ ته صحافت جي سکيا جو وڏو مرڪز بنجي وئي. قومي اداري جي حيثيت ۾ وڏي پاٻوھه مان نوجوانن کي سکيا ڏني ويندي هئي. ائين نوجوان سکيا وٺي مختلف اردو، سنڌي ۽ انگريزي ميڊيا ۾ پنهنجي صلاحيتن سان ڪم ڪرڻ لڳا. ائين چئجي ته عوامي آواز جتي صحافت ۾ نوان ٽرينڊ ڏنا اتي نرسريءَ وارو ڪردار به ادا ڪيو. عوامي آواز جي شروعاتي دور ۾ ڪامريڊ منصور ميراڻيءَ جو ڀاڻيجو اڄ جي صحافت جو وڏو نالو ظهير ميراڻي مامي جو خط کڻي مون وٽ آيو ۽ مون ڪامريڊ جو خط اکين تي رکي ظهير ميراڻيءَ کي عوامي آواز ۾ جاءِ ڏني. هن پنهنجي محنت ۽ لگن سان عوامي آواز ۾ نيوز ايڊيٽر واري جاءِ حاصل ڪئي ۽ اڳتي هلي جڏهن مون روزاني سوڀ ڪراچي جاري ڪئي ته مون وري پنهنجي اعتماد واري نوجوان ظهير ميراڻيءَ کي ايڊيٽر مقرر ڪيو. انهيءَ کان سواءِ عبدالرزاق سروهي، عبدالله سروهي، همسفر گاڏهي، صادق بڙدي، خادم ملغاڻي ۽ ڪافي ٻيا نوجوان پنهنجين صلاحيتن ڪري ڪاميابين جي بلندين تي پهتا آهن ۽ اڄ مختلف پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اهم ذميواريون سر انجام ڏئي رهيا آهن. ظهير ميراڻي ڌرتي ميڊيا گروپ قائم ڪري صحافت ۾ هڪ اهم مقام ماڻي چڪو آهي. عبدالرزاق سروهي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾، عبدالله سروهي اي پي پيءَ ۾ اهم حيثيت سان ۽ هم سفر گاڏهي ماھه وار سنڌ سجاڳ ۽ پوءِ افيئر جي ايڊيٽر طورڪم ڪري رهيا آهن. خادم ملغاڻي به مختلف اخبارن جي ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. منهنجي دعا آهي ته جنهن جديد صحافت جو بنياد مون وڌو هيو هي نوجوان ان جي پوئواري ڪندي سنڌي خلق جن مسئلن ۽ پريشانين جو شڪار آهي انهن کي نجات ڏيارڻ ۾ پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪندا.
    اسان جنهن مقصد سان صحافت جا بنياد رکيا هيا انهن جي وضاحت مان مٿي ڪري چڪو آهيان پر اڄ صحافت کي انڊسٽري، ڌنڌو ۽ دولت ڪمائڻ جو ذريعو بنايو ويو آهي. ان جا نتيجا به سڀ جي آڏو آهن. قوم مسئلن جي حوالي سان ڪٿي بيٺي آهي، هاڻي ميڊيا جو ڪهڙو ڪارج رهيو آهي، هر طرف مسئلن جا انبار آهن. ورڪر جيڪي ميڊيا جو اصل روح آهن انهن جي ڪهڙي حالت آهي اهي علاج، روزگار جي ضمانت ۽ ٻين سهولتن کان محروم آهن، شيخ عزيز وقت به وقت انهي جي نشاندهي ڪندو هيو ته جيستائين ميڊيا ۾ خصوصن سنڌي ميڊيا ۾ ورڪرن کي سکيو ستابو نه رکيو ويندو، انهن جي حقن جو تحفظ نه ڪيو ويندو اوستائين مالڪ ته سکيا ٿي ويندا، پر سنڌي صحافت سماج ۾ پنهنجو اصلي مقام حاصل نه ڪري سگھندي. اهو ئي سبب هيو ته شيخ صاحب سنڌ نيوز کان پوءِ اردو ۽ انگريزي ميڊيا ۾ پاڻ کي ذهني طرح مطمعن سمجهندو هيو، آخري وقت تائين انهن سان ئي واڳيل رهيو. مون جڏهن عوامي آواز شروع پئي ڪئي ته شيخ عزيز کي به اڳواڻيءَ لاءِ سٿ ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي هئي پر شيخ صاحب معذرت ڪئي، هن پنهنجي طرفان مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو هيو، ڳچ وقت تائين شيخ صاحب روزاني جي بنياد تي اخبار بابت سمري ٺاهي موڪليندو هيو ته اخبار کي اڃان ڪيئن بهتر بنايو وڃي ۽ ان جي صلاحن تي ڪوشش ڪري عمل ڪيو ويندو هيو. شيخ صاحب عوامي آواز جي ڪاميابيءَ کي هڪ معجزي کان گھٽ نه سمجهندو هيو.
    شيخ عزيز جديد صحافت ۾ گريجوئيشن ٽامس ڪاليج آف جرنلزم انگلينڊ مان ڪيائون. نئين نسل جي ڄاڻ ۽ تربيت لاءِ صحافت جي تعليم لاءِ ڪتاب ”عملي صحافت 1975ع ۽ ٻيو چاپو 1978ع ۾ لکيو. پاڻ صحافت سان گڏ ادب جي کيتر ۾ به وڏو ڪم ڪيائون. هن ڪافي ڪتاب ۽ مختلف اخبارن ۾ ليک لکيا. ڪتابن ۾ مون لينن جو ڏيهه ڏٺو (سفر نامو 1975ع) سنڌ جا پر اسرار داستان، سنڌ جي تاريخ ۽ انگريزيءَ ۾ A History of Sindhi Literature شامل آهن.
    شيخ عزيز عملي صحافت جي ابتدا 1957 ۾ روزاني اخبار ڪاروان سان ڪئي. روزاني عبرت ۾ سب ايديٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيتر طور ڪم ڪيائون. روزاني سنڌ نيوز جو پايو وجهندڙ ايڊيٽر 1976 کان 1980. روزاني جنگ ۾ ميگزين ايڊيٽر 1980 کان 1982 ميگزين ايڊيتر روزاني حريت 1982 کان 1987 ۽ نيوز ايڊيٽر حريت 1987 کان 1989. سب ايڊيٽر ڊان 1990 کان 1993. ڊان ميگزين انچارج 1993 کان آخر تائين. پاڻ صحافت جي شعبي ۾ عملي تعليم ڏيڻ لاءِ وزيٽنگ پروفيسر طور ڊپارٽمنٽ آف جنرنلزم سنڌ يونيورسٽي ۾ 1978 کان 1980 تائين خدمتون سر انجام ڏنائون. شيخ عزيز ۾ اها صلاحيت هئي جو صحافت ۾ هن کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هيو. هن جون اردو توڙي انگريزي ۾ لکيل مواد کي ڏسبو ته سندس صلاحيتن تي فخر ٿيندو. موقعي جو فائدو وٺندي اها گذارش ڪندس ته شيخ عزيز جي اڻ چپيل سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ لکيل ايڊيٽوريل، آرٽيڪل ۽ ٻي مواد کي محفوظ ڪجي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪُومت جي ثقافت کاتي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻولي اختياري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ سنڌيڪا کي اڳتي اچڻ گھرجي. شيخ عزيز پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪو سرمايو ٺاهيو، اهو ان جو علمي پورهيو ۽ ذخيرو آهي ان کي هر صورت ۾ محفوظ ڪرڻ گھرجي. هي هڪ تاريخ آهي ۽ هي سنڌ جو آئيندو آهي. انهيءَ مواد مان اسان جي نئين نسل کي رهنمائي حاصل ٿي سگھندي.
    شيخ عزيز سان جڏهن به ڪچهري ٿيندي هئي ته هن علم جي ڀنڊار مان گھڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هيس. مون کي چڱي طرح ياد آهي هڪ دفعو شيخ صاحب کان پڇيو هو ته سنڌي صحافت جديد دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي توهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو، پاڻ وراڻيائون ته ظاهري طرح ته صحافت جديد دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ هر شيءَ ۾ جديديت اچي وئي آهي پر فڪري طرح اڃان گھڻي ڪم جي ضرورت آهي. صحافت جيئن ته انڊسٽري ٿي وئي آهي هڪڙن نظرياتي ۽ پنهنجن سياسي خيالن جي پکيڙ لاءِ اخبارون ڪڍيون آهن ٻيا اهي آهن جيڪي هن کي ڪاروباري مقصدن جي پورائي لاءِ هٿيار طور استعمال ڪن ٿا. ٽيون ۽ اصل حقيقي رخ اهو آهي ته صحافت کي ڪميونٽي ۾ بنا ڪنهن فرق جي عوام جي مسئلن جي حل، صاف سٿري سماج لاءِ انهن جي تربيت ڪجي. سرڪار تائين مسئلن کي اهڙي طرح پيش ڪجي جيئن انهن جي حل لاءِ ڪي رستا نڪري سگھن. پر ان مد ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪميونٽي جو جيڪو توهان تي حق آهي اهو ضرور ادا ڪرڻ گھرجي. خاص ڪري جيڪي فيلڊ ۾ ڪم ڪن ٿا. ڪن جا پنهنجا مفاد آهن ۽ مالڪن کي مفت ۾ ماڻهو ملي وڃن ٿا. خلق جي مسئلن کي جنهن طريقي سان کڻڻ گھرجي ائين نه پيو ٿئي. اخبارون جيستائين ادارن جي شڪل اختيار نه ٿيون ڪن اوستائين اڻڌريو ڪم ممڪن ڪونه آهي. اخباري مالڪ اخبارن کي صرف مال ميڙڻ ۽ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا. ان ڪري ميڊيا به ٻين ادارن وانگر عوام يا سماج کي اهو ڪجهه نه پيا ڏئي سگھن جنهن جي ڪميونٽي يا عوام کي ضرورت آهي. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي ته ون يونٽ واري تحريڪ ايتري ته زوردار هئي جنهن اخباري مالڪن کي مجبور ڪيو ته هو عوام جي ڳالهه ڪن ۽ تحريڪ جون خبرون شايع ڪن. ان حوالي سان مان پاڻ شيخ صاحب جي ڳالهه سان سهمت آهيان ته قومي جدوجهد دوران اسان جي خبرن کي اهميت ڪونه ڏني ويندي هئي، اسان وٽ جيڪب آباد ۾ جڏهن به تحريڪن دوران وڏا وڏا جلسا ٿيندا هيا يا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف موضوعن تي پروگرام ٿيندا هيا اسان جون اخبارون انهن کي گھٽ اهميت ڏينديون هيون. جڏهن ته ايس ايڇ او کي پٽ ڄمڻ تي مبارڪ باد جون خبرون فرنٽ پيج تي شايع ڪيون وينديون هيون.
    انهيءَ کان سواءِ شيخ عزيز هميشه صحافتي تربيت ۽ ٻوليءَ جي درست استعمال تي زور ڏيندو هيو. جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته سنڌي اخبارن جي ٻولي ۽ خبرن جي ڪنسٽرڪشن بابت تفصيلي ڳالهائيندو هيو. اها حقيقت به آهي سنڌي اخبارن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ٿئي پئي ڄڻ ته ٻوليءَ جو بگاڙ آهي. عام ماڻهو جيڪو روز اخبار پڙهي ٿو اها ٻولي هن کي متاثر ڪري ٿي. جڏهن اسان عوامي آواز شروع ڪئي هئي ته ان وقت اخبار ڪڍڻ جيترا سکيا ورتل ورڪر ڪونه هيا. اسان وٽ ڪافي مسئلا هيا پر ٽرينڊ ورڪر سڀ کان وڏو مسئلو هيو. وقتي طرح ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هلال پاڪستان مان چند ڪلاڪن لاءِ دوست ايندا هيا انهن ۾ هدايت منگي، بدر ابڙو ۽ ٻيا دوست شامل هيا. اسان کي سموري سنڌ ۾ ايس اين ايس ايف جا ساٿي وڏي ڪم جا ثابت ٿيا. جيئن ته هنن کي تحريڪن دوران باقاعدگيءَ سان پريس رليز لکڻ جو تجربو هيو ۽ نظرياتي ساٿي هيا، انهن مختلف وقتن تي تحريڪن دوران قربانيون ڏنيون ۽ جيل ڏٺا. مون کي ياد آهي ته اسان هڪ دفعو عبرت جي دفتر ۾ خبر ڏيڻ ويا هياسون ته اتي اسان کي چيو ويو ته اسان توهان جون خبرون شايع به ڪونه ٿا ڪريون پوءِ به روزانو خبرون کڻي اچو ٿا. اسان انهن کي چوندا هياسون اسان پنهنجو فرض نڀايون ٿا شايد توهان کي به احساس ٿئي ته اسان ته پنهنجي قوم جي جياپي لاءِ جاکوڙيون ٿا. هو اسان کي ٻڌائيندا هيا ته توهان جي خبرن لاءِ مٿان کان منع ٿيل آهي. عوامي آواز پنهنجي ابتدائي دور کان وٺي نوجوانن کي ٽريني سب ايڊيٽر ڪري رکيو ويندو هو. ڪم ۾ ڀڙ ٿيڻ کان پوءِ انهن کي مستقل ڪم سان لڳايو ويندو هيو يا هو سکيا کان پوءِ ٻين اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا هيا.
    شيخ عزيز پنهنجي پر ۾ هڪ ادارو هيو. هن پنهنجي سموري ڄمار قلم وسيلي سماج ۾ صحتمند تبديليءَ لاءِ وقف ڪئي. اڄ جي دور ۾ سڀ کي خبر آهي ته پرنٽ توڙي الڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ ڪيئن ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن. شيخ عزيز ته ٽنهي زبانن جي اهم اخبارن ۾ اهم عهدن تي رهيو ۽ مال ٺاهڻ جي هر گر کان ڀليءَ ڀَت واقف هيو. هن وٽ جڏهن خبر ايندي هئي ته خبر پاڻ پنهنجي اصليت ٻڌائيندي هئي. ان جي باوجود هن ڪڏهن به زرد صحافت نه ڪئي ۽ نه وري مال ميڙڻ وارو ڪڌو ڪم ڪيو، هن قلم جو تقدس هر ڏکي دور ۾ برقرار رکيو. شيخ عزيز کي توهان ڪنهن به ٻولي يا طبقي جو صحافي نه ٿا چئي سگھو، هو پيڙهيل طبقي جو نمائندو هيو ۽ صحافت وسيلي هن جي خواهش هئي ته خوبصورت سماج جوڙي سگھجي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي عزت ۽ مان سان رهڻ جو حق حاصل هجي. شيخ عزيز جون لکڻيون ۽ هن جا آدرش هن کي هميشه زندھه رکندا ۽ اسان جو نئون نسل هن جي آدرشن مان لاڀ حاصل ڪندو رهندو. اسان قومي جدوجهد يا صحافت دوران جيڪو سکيو انهيءَ جو اصل مول مقصد اهو هو ته پنهنجي قوم جي خوشحاليءَ لاءِ پتوڙيون، انهي جي ڏکن سورن جو خاتمو آڻيون. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ڏينهن رات جاکوڙ ڪئي، هي ڪم عشق واري جذبي سان ڪيو ۽ اڄ به اهو مشن جاري آهي. اڄ جڏهن ميڊيا جا عام رپورٽر به دبئي، مليشيا گھمڻ وڃن ٿا. مون پنهنجي صحافتي سموري دور ۾ جيڪو 40 سالن تي ٻڌل آهي مون نه ڪا ملڪيت ٺاهي نه وري ڪنهن ملڪ جو سير ڪيو. 1997ع ۾ وزير اعظم نواز شريف سان سرڪاري وفد ۾ ترڪيءَ ۽ ايران ويس. انهيءَ دوري دوران نواز شريف جي ڪالا باغ ڊيم واري مهم جي حمايت نه ڪرڻ ڪري سموري ٽوئر ۾ هو مون کان لاتعلق رهيو.
    منهنجو سمورو وقت اخباري معاملن ۾ گذري ويندو هيو. سنڌ سجاڳ، عوامي آواز ۽ سوڀ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سمورو وقت پنهنجي پروفيشنل ڪمن ۾ گذري ويندو هيو. منهنجي وقت ۾ عوام جي چٽي موقف کي ڇاپڻ ڪري حڪومتن پاران اسان جا اشتهار اڪثر بند ڪيا ويندا هيا. اسان مالي پريشانين جو شڪار رهندا هيا سون. انھن مسئلن ڪري اسان ورڪرن جون پگھارون وقت تي نه ڏئي سگھندا هياسون. هي سمورا مسئلا اسان جي عوام دوست موقف جي ڪري پيدا ٿيندا هيا جن جو ورڪرن کي به احساس ٿيندو هيو. اڄ ميڊيا هائوسز جا سرڪار دوست پاليسين ڪري اشتهار جام آهن. مالڪ سکيا ستابا ٿي ويا آهن پر ورڪر غير يقينيءَ واري صورتحال جو شڪار آهن. سنڌي ميڊيا هائوسز انتهائي خوشحال هجڻ جي باوجود ورڪرن کي اُردو ۽ انگريزي ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن جيتريون سهولتون حاصل ڪونه آهن. سنڌ ۾ اڄ جيڪي مسئلا ڪر کنيون بيٺا آهن اُنهن جي حل لاءِ سنڌي ميڊيا ايتري سنجيده ڪونه آهي. ائين لڳي ٿو ته صحافت به مال ميڙڻ جو ذريعو بنجي وئي آهي جيئن سماج ۾ ٻيون ڌريون پنهنجي فرضن کان نابري واري مال ميڙڻ جي ڪڍ آهن صحافت کي هيٺ کان مٿي تائين ڏسو ته ڇا ٿي رهيو آهي. مالڪ ته ٺهيو پر ننڍڙن شهرن جي نمائندن جي مالي حالت ڪهڙي آهي؟ اهي سڀ ڳالهيون عوام جي آڏو آهن. جيڪڏهن سنڌ کي خوشحال بنائڻو آهي ته سڀني کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو خصوصن صحافت کي درست ڪرڻو پوندو ڇو ته صحافت سماج جي اک هوندي آهي ۽ صحافت ئي سماج ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين کي درست ڪرڻ لاءِ رهنمائي وارو ڪردار نڀائڻو پوندو. مون 1976 کان وٺي 2008 تائين اخبارن جي مالڪ ۽ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو اهو توهان جي آڏو آهي ۽ مان اڄ به احتساب لاءِ تيار آهيان ته صحافت کي صرف ۽ صرف پنهنجي عوام جي حالت بهتر بنائڻ لاءِ استعمال ڪيو. 2012ع کان هن وقت تائين پنهنجي هڙان لنڊن مان ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن شروع ڪيو آهي جيڪو سنڌي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ اڻ ڌريو ٿي ڪم ڪري رهيو آهي. تازو ويب ٽي وي به شروع ڪئي وئي آهي. منهنجي ڪوشش آهي ته سنڌ دوست ڌرين ۽ فردن جي سهڪار سان لنڊن مان سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل شروع ڪريان جيڪو دنيا آڏو سنڌ جي اصل صورتحال کي پيش ڪري سگھي. اها منھنجي خواهش آهي ۽ سنڌي قوم جي ضرورت آهي. اڄ جي صورت حال ۾ ميڊيا جو مورچو مضبُوط هجڻ لازمي آهي جتان اسان دنيا آڏو سنڌ جي ماضي حال ۽ مستقبل بابت اصل صورت حال پيش ڪري سگھون. اها ئي شيخ عزيز ۽ سنڌ جي گھڻگھرن جي دلي خواهش هئي جيڪا اسان سڀني کي گڏجي پوري ڪرڻي آهي. (هي ليک نالي واري صحافي، اديب ۽ موسقيءَ جي پارکو شيخ عزيز جي چاليهي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ لکيو ويو.
    (روزاني ڌرتي ڪراچي، 28 نومبر 2018ع)
    امداد اوڍي صاحب وٽ جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ بيورو واري زماني جو سانڍي رکيل يادگار ڪارڊ، جيڪو شيخ عزيز بطور ايڊيٽر روزاني ’سنڌ نيوز‘ حيدرآباد، پنهنجي هٿ اکر ٺاهي ڏنو هو.


    No alternate to Shaikh Aziz: A memoir

    No alternate to Shaikh Aziz: A memoir
    By Shahid Shah

    Shaikh Aziz, an scholar and veteran journalist, passed away last Sunday, October 7, 2018 in Karachi due to heart attack. He was 79.
    His son and my friend Tariq Aziz said Mr. Aziz had suffered a heart attack while travelling to Hyderabad but was taken back to Karachi after finding no proper treatment in Hyderabad. He was admitted in a Karachi hospital but could not recover.
    I became familiar with Shaikh Aziz in 1997, soon after starting my career as a journalist, when I read his book on techniques of practical journalism in Sindhi; “Amali Sahafat” (Practical Journalism). Indeed, it was the only book on practical journalism I ever read by any journalist from Pakistan. Perhaps, one can find several books on journalists’ movements but not on journalism techniques.
    He was born in Hyderabad on December 9, 1938 and started his journalism career as a sub-editor in Daily Karwan, Hyderabad. He remained associated with then leading Sindhi daily Ibrat for around seven years at various positions and moved to Karachi in 1980. He also worked for several other newspapers but his association with English daily DAWN and Sindhi daily Ibrat took benefit from his skills for many years.
    Mr. Aziz authored around 22 books and research papers in English, Urdu and Sindhi languages. He also has several awards on his shoulders.
    I met him for the first time at Karachi Press Club around two decades ago. I was associated with Sindhi daily Ibrat and used to write for DAWN as a freelancer when Shaikh Aziz remained associated with DAWN as its Edition In-charge. He always gave me positive feedback of my writings and encouraged, which led me towards switching to the English journalism.
    Becoming Edition In-charge of DAWN, the leading credible newspaper of Pakistan, is one of the top job in print journalism career in Pakistan. It requires the highest level of skills and knowledge to edit at this position. I have closely been looking at DAWN for around two decades. Of which, Shaikh Aziz remained its Edition In-charge for several years. I don’t remember a single mistake on pages, he handled. Other newspapers committed several blunders during this time.
    Whenever any prominent personality in Pakistan in general and Sindh in particular, passed away, he was the one and only person who wrote the obituary. He wrote on writers, poets, politicians, journalists, artists and what not. His knowledge and writing skills remain second to none.
    I had been planning to interview Mr. Aziz on issues related to Sindhi media for quite some time. Few months back, I met him last time at KPC. Unfortunately, my laziness made me unable to record the precious information he possessed.
    With the sad demise of Shaikh Aziz, I am deeply grieved, not because of my admiration for him or association with his son Tariq Aziz. I am worried that I don’t see any other person, who will remember writers, poets, journalists and artists the way, Mr. Aziz did. There is no alternate to him. (The News, Oct. 14th 2018)


    شيخ عزيز جديد سنڌي صحافت جو باني ڪار : ھمسفر گاڏھي

    شيخ عزيز جديد سنڌي صحافت جو باني ڪار : ھمسفر گاڏھي

    ۸۰ع جي ڏهاڪي جا پڇاڙڪا سال جڏهن اڃا مون کي مُڇن جي ساوَل به مَس هئي تڏهن حيدرآباد جي ٽنڊو آغا کان واقف ٿيس. ٿيو ايئن جو ۸۸ع - ۸۹ع ۾ پهريون ڀيرو وڏو ڀاءُ بشير احمد چيچ مان وٺي ڪراچي گهمائڻ آيو، پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران منهنجي شناسائي شيخ عزيز جي موڀي پُٽ طارق عزيز سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي اهڙي ته گهاٽي سنگت ۾ تبديل ٿي وئي جو اسان هڪٻئي جا گهرڀاتي ٿي وياسين. طارق وارن جو ڪراچيءَ کان سواءِ حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ پڻ گهر آهي. حيدرآباد ايندي ويندي منهنجو ٿاڪ وڃي طارق وارن جو گهر بڻيو. ٽنڊو آغا دراصل آغا اسماعيل شاهه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جيڪو ايران جي شهر اصفهان ۾ لڏي اچي هتي آباد ٿيو هو، آغا اسماعيل شاهه منهنجي نهايت دلبر دوست آغا ڪرم علي شاهه جي وڏڙن مان هڪ هو. ٽنڊو آغا جيڪو پنهنجي دور جي قدآور، علم ۽ ادب دوست شخصيتن جو آستان رهيو آهي. خاص طور تي ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، احسن ڪربلائي، ابن حيات پنهور، مشتاق مغل، منظور مراد، آغا عبدالعلي شاهه، لسانيات، علم، ادب ۽ موسيقي جو ڄاڻو شيخ محمد اسماعيل ۽ شيخ عزيز صاحب جو بنيادي تعلق به ٽنڊي آغا سان ئي هو. سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ميل ملاقاتون ته جام هيون پر پهريون ڀيرو علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت سان واڳيل بزرگ مهربانن سان منهنجون ملاقاتون هتي ئي ٿيون. شيخ محمد اسماعيل، شيخ عزيز جو وڏو ڀاءُ هو. ساڻس ٽنڊي آغا ۾ ڪيئي ڪچهريون ٿينديون رهيون. چاچا شيخ عزيز سان حيدرآباد ۽ ڪراچي ٻنهي هنڌن تي وقفي وقفي سان قرب ڪچهريون پيون ٿينديون هيون ۽ کانئس سکڻ جو موقعو پيو ملندو هو.
    شيخ عزيز گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، پوءِ ورهاڱي وقت سندس وڏڙا اچي ٽنڊي آغا ۾ آباد ٿيا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات به اُتان ئي “عبرت” اخبار کان ڪئي جنهن جي آفيس تڏهن به گاڏي کاتي ۾ هئي ۽ هاڻي به اُتي ئي آهي. هن جوانيءَ ۾ ئي صحافت ۾ پير پاتو، پوءِ اسڪالر شپ تي انگلينڊ به ويو پر آخر تائين صحافت سان خوب نڀايائين. هو هڪ ڪميٽيڊ، کرو ۽ ترقي پسند صحافي هو. ان ڪري جتي به رهيو اوچي ڳاٽ سان رهيو. ترقي پسند خيال رکڻ سبب پورهيتن سان کيس خاص اُنسيت رهي، پوءِ اهي پورهيت اخبار جا هجن يا فيڪٽرين جا. هن اڳتي هلي کاٻي ڌر جي هڪ ٻئي ڪامريڊ سليم قاضي جي اخبار سنڌو ۾ پڻ ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايون. ڪيترا ئي ترقي پسند فڪر سان واڳيل سياسي ڪارڪن سهيل سانگي، سيف ٻنوي، صالح بلو، منصور ميراڻي، جاويد مرزا ۽ ٻيا ساڻس ساٿ ۾ رهيا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته شيخ عزيز سندن فڪري ۽ صحافتي استاد هيو ته وڌاءُ نه ٿيندو.
    اسان وٽ عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته جديد سنڌي صحافت جا بانيڪار انور پيرزادو ۽ ف _ م لاشاري آهن، يقيني طور تي انهن ٻنهي سر موڙ صحافين جو جديد سنڌي صحافت ۾ تمام وڏو ڪردار آهي. اهي ٻئي محترم صحافي منهنجا ته صحافتي استاد به رهيا، ف – م لاشاري بهترين ايڊيٽوريل لکڻ ۽ کري صحافي هجڻ جي حوالي سان شهرت رکندو هو ته انور پيرزادو هڪ ڪميٽيڊ ۽ پروفيشنل صحافي طور سڃاتو ويندو هو. حقيقت ۾ هر ماڻهوءَ جو پنهنجو قلمي ۽ علمي پورهيو هجي ٿو، ڪنهن جي ڪنهن سان ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي. باقي ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته شيخ عزيز سنڌي صحافت جو بانيڪار هو. هن پراڻ پسند سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، نه رڳو اهو پر هن پروفيشنلزم کي پڻ هٿي وٺرائي. سندس اردو ۽ انگريزي صحافت ڏانهن منتقلي کان پوءِ جيڪي به صحافي آيا اُنهن اُن جدت ۽ پروفيشنلزم کي اڳتي وڌايو. شيخ عزيز جي صحافتي پورهئي کي مانُ ڏيندي ناميارو صحافي حسن مجتبيٰ لکي ٿو: ”اهو درست ناهي ته جديد سنڌي صحافت جو دور سوويت يونين ٽٽڻ سان يا سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ شروع ٿيو جڏهن پڙهيل لکيل نوجوانن ۽ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياسي ڪارڪنن جي وڏي انگ شوق ۽ جنون ۾ سنڌي اخبارن جو رخ ڪيو. منهنجي خيال ۾ جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار شيخ عزيز ئي سمجهيو ويندو، جنهن جي اصل شروعات سليم قاضيءَ جي خواب کان ٿئي ٿي، جڏهن سنڌ جي ڪجهه باغين ۽ بي چين روحن کي سليم اڪبر قاضي پنهنجي اخبار جي آفيس جي هڪ ئي ڇت هيٺان شيخ عزيز جي ادارت ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جاءِ جي ويجهو جتي گاڏي کاتي وارو ٽانگا اسٽينڊ هو.“
    شيخ عزيز جنگ اخبار جي ”مهراڻ رنگ“ ايڊيشن سنڀالڻ کان وٺي مختلف اردو اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ کان ويندي انگريزي اخبار’ڊان‘ تائين ڪميٽيڊ صحافت ڪئي، هميشه سچ جي پاسي بيٺو رهيو. سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران هن سڄي سنڌ جهاڳي، ان تحريڪ دوران ماڻهن سان ٿيندڙ بيداد ۽ ظلم کي رپورٽ ڪيو، 83ع ۽ 86ع جي ”ڊان“ جا اهي پرچا يقيني طور تي يادگار آهن جن ۾ شيخ عزيز تاريخ وار واقعا رپورٽ ڪندو رهيو هو. هن اڳتي هلي ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌ جي عوام سان ٿيل ظلم ۽ بيداد جي حوالي سان اکين ڏٺي احوال تي ٻڌل سنڌي ۾ هڪ ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو نهايت اهم دستاويز آهي پر بنا نالي جي ڇپيل آهي. مون سندس حال حيات هوندي کانئس جڏهن ان جو سبب پڇيو تڏهن سندس جواب ڪجهه هن ريت هو: ”در اصل ايم آر ڊيءَ کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ مون کي ’ڊان‘ وارن موڪليو هو، ان لحاظ کان اهو مواد ان اداري جي ملڪيت آهي، ان ڪارڻ مون نالو ناهي ڏنو.“ شيخ عزيز صاحب جو اهو پروفيشنل عذر پنهنجي جاءِ تي ليڪن منهنجي خيال ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي اها واقعاتي تاريخ ڏاڍي اهم ۽ تاريخي دستاويز آهي جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر سندس ئي نالي سان ڇپجڻ گهرجي، جنهن لاءِ جيڪڏهن ڪو پبلشر همت ڪري ته مواد هٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهجي ٿي.
    شيخ عزيز جو سنڌي علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت ۾ تمام وڏو ڪنٽريبيوشن رهيو. هن ”عملي صحافت“ نالي ڪتاب لکيو جيڪو سنڌ يونيورسٽي ماس اينڊ ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهايو پڻ وڃي ٿو، جنهن جا هينئر تائين ٽي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، اهو ڪتاب ايندڙ ڪيترن ئي نسلن لاءِ سونهون رهندو. ان کانسواءِ ”تقسيم کان تقسيم تائين“ پاڪستان جي سياسي صورتحال جي پس منظر ۾ لکيائين. ان جو ٻيون ڀاڱو ”ڀٽي کان ضياءَ تائين“ جي عنوان هيٺ پڌرو ٿيو، جڏهن ته انهيءَ سيريز جو ٽيون ڪتاب ’آمريت کان آمريت تائين‘ اڻ ڇپيل آهي. ”ملهه سنڌ جي قومي راند“ ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ روس جو سفر نامو، ”نقش لطيف“The Tribute، موسيقيءَ تي ڪجهه انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين. هن سندس آٽو بايو گرافي به مڪمل ڪري ورتي هئي جيڪا اڻ ڇپيل آهي. سندس آخري علمي پورهيو ”چنگ“ ساز تي لکيل ڪتاب آهي، جيڪو پڻ ڇپجي نه سگهيو. نهايت ٻاجهاري ۽ نماڻي هن شخص منهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويوءَ“ جي ٻئي ايڊيشن جو مهاڳ پڻ لکيو جيڪو ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز طرفان شايع ڪيو پيو وڃي ۽ ترت توهان جي هٿن ۾ هوندو.
    شيخ عزيز ”ڊان“ اخبار ۾ ڊگهي عرصي تائين نوڪري ڪرڻ کان پوءِ هاڻي رٽائرمينٽ واري زندگي گذاري رهيو هو. اڪثر ماڻهو رٽائرمينٽ کان پوءِ غير سرگرم ٿي ڪا ڪُنڊ وٺي ويهي رهندا آهن پر شيخ عزيز صاحب مختلف ماڻهو هو. هو آخري لمحي تائين قلم ۽ ڪاغذ سان سلهاڙيل رهيو. سنڌ جي ڪنهن به فنڪار، ڪلاڪار، سياسي اڳواڻ يا علمي، شخص، لسانيات جي ماهر جي لاڏاڻي تي ’ڊان‘ ۾ کين ٽربيوٽ پيش ڪرڻ جو سلسلو هُن آخر تائين جاري رکيو. سنڌ جو واحد صحافي هو جنهن جو ڌاڙيلن تي به تمام گهڻو ڪم ٿيل هو، جيڪو اڄ به سندس لائبريري ۾ محفوط آهي. سندس لائبريري هڪ علمي خزانو آهي جنهن ۾ موسيقي، آرٽ، سياست، لسانيات، لطيفيات تي نه رڳو علمي نسخا بلڪه آڊيو ۽ وڊيو جي صورت ۾ پڻ وڏو خزانو موجود آهي. ان ڪري علمي ۽ ادبي سرڪاري ادارن کي ڍنگرن تي اٽو هارڻ بدران هڪ اهڙي علمي، ادبي، ڏاهي صحافي جي علمي پورهئي کي يڪجا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن، جنهن مان ايندڙ ڪيئي نسل فيضياب ٿي سگهن ٿا. انهي سلسلي ۾ لاڳاپيل علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن کي گهربل سهڪار پڻ مهيا ڪيو ويندو.
    شيخ عزيز سنڌ جو جيڏو وڏو صحافي ۽ لکاري هو ان جي جيڪڏهن علاج ۾ ڪوتاهي نه ٿئي ها ته شايد هو اڄ به اسان جي ساٿ جي سرواڻي ڪندو هجي ها. ليڪن ٿيو ان جي ابتڙ، نوري آباد ۾ دل جو دورو پوڻ کان پوءِ جڏهن کيس NICVD حيدرآباد نيو ويو ته اُتي به ڪاريءَ وارا ڪک هئا، مجبور ٿي کيس NICVD جناح اسپتال ڪراچي آندو ويو، جتي ايمرجنسيءَ ۾ مريض داخل ڪرڻ جي گنجائش ئي نه هئي. ايئن پوءِ کيس آغا خان نيو ويو، دل جي خطرناڪ دوري پوڻ کان پوءِ مريض جا ڇهه ڪلاڪ ضايع ڪيا ويا، جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ها ته شايد سندس حياتي بچي پوي ها. جيتوڻيڪ NICVDڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اشتهارن جي حد تائين ته واهه واهه لڳي پئي آهي پر عملي صورت حال اها آهي ته جناح ۾ دل جا مريض فوٽ پاٿ تي پيا آهن، کين داخلا به نه ٿي ملي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي انهي پاسي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به انسان جي زندگي لاپرواهي ۽ علاج جي سهولتن جي کوٽ جي ور چڙهڻ کان بچي سگهي.
    بهر حال شيخ عزيز پنهنجي دور جو غير معمولي، ڪميٽيڊ صحافي ۽ ليکڪ هو، سندس علمي، صحافتي ۽ فڪري پورهيو ورهين تائين ياد رهندو ۽ نئين نسل لاءِ سونهون رهندو. (پندرھن وار افيئر نيوز مئگزين، ڪراچي، نومبر 2018ع)


    ڀلوڙ صحافي شيخ عزيز جي ياد ۾ : محمد حيات بلوچ

    ڀلوڙ صحافي شيخ عزيز جي ياد ۾ : محمد حيات بلوچ

    شيخ عزيز جو نالو مون ستين درجي ۾ انگريزيءَ ۾ ٻُڌو هو، اسڪول مان واپسيءَ تي اڪثر هوٽل يا دڪان تي ويٺل ماڻهو سڏي چوندا هئا ته بابا هي اخبار ته پڙهي ٻڌاءِ، ان زماني ۾ معلومات جو ذريعو واحد اخبار هوندي هئي، ريڊيو عام نه ٿيو هو، ٽي وي جو ته نالو نشان ئي نه هو، اخبار به گهڻو ڪري ”عبرت“ هوندي هئي ۽ ان ۾ اڪثر شيخ عزيز جي نالي سان مضمون شايع ٿيندا هئا، اتفاق سان اسان جي اسڪول ۾ هڪ نئون هيڊ ماستر بدلي ٿي آيو، نالو هئس شيخ عزيز، شاعر به هو، مشاعرن ۾ ترنم سان پنهنجا شعر ٻڌائيندو هو، سوچيم شاعر سان گڏ اديب به هوندو ۽ اهو ئي اخبار وارو شيخ عزيز ٿي سگهي ٿو، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري روزگار جي تلاش شروع ڪئي، نصيب ۾ شايد روزگار به عبرت اخبار ۾ ئي لکيل هو، سو وڃي اتي پهتس، سو هاڻ عبرت ۾ حقيقي شيخ عزيز وٽ اچي پڳس، تعليم هن جي به مئٽرڪ منهنجي به مئٽرڪ پر انگريزيءَ جي حوالي سان اسان ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق هو، هو انگريزي سٺي ڳالهائيندو هو. ڳالهائيندو آئون به هوس پر يس ۽ نو جي حد تائين، ڪيڏي مهل زبان مان جي به نڪري ويندو هو، شيخ عزيز انگريزي مان سنڌي ۾ رواني سان ترجمو ڪري ويندو هو، ترجمو آئون به ڪري ويندو هوس پر ڳيتون ڏئي ڏئي، پوءِ به درستي عزيز صاحب کي ئي ڪرڻي پوندي هئي، حالانڪه مئٽرڪ ۾ انگريزي جيڪا مون پڙهي عزيز صاحب به اها پڙهي يعني انگريزي زبان جي ابي شيڪسپيئر جي فائيو ٽيلس آف شيڪسپيئر، دي ٽيمپيسٽ، مچ اڊو ابائوٽ نٿنگ، ونٽرس ٽيل، ايز يو لائڪ اٽ وغيره، لڳي ٿو ته عزيز صاحب اها انگريزي هينئن سان هنڊائڻ تحت پڙهي ۽ مون امتحان پاس ڪرڻ لاءِ، جيئن ته محسوس ٿيو ته اخباري نوڪري يا ڊيوٽيءَ ۾ انگريزي ضروري آهي، ڇا ڪاڻ ته گهڻيون خبرون انگريزي مان ترجمو ڪرڻيون پونديون هيون، ان ڪري مون وڃي سچل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ شيخ عزيز کي به چيوسون تون به مٿي داخلا وٺ، چيائين تعليم کاتي ۾ جاهل ويٺا آهن، مون کي پنهنجو وقت برباد ناهي ڪرڻو، پوءِ خبر نه آهي ڇا ٿيس جو وڃي داخلا ورتائين، ميڊيم انگريزي کنيائين. اسان کي پڪ هئي ته امتحان ۾ شروعاتي نمبرن ۾ نه به آيو ته به فرسٽ ڪلاس ۾ ضرور پاس ٿيندو، کيس به اها پڪ هئي، نتيجو آيو نمبر سيڪنڊ ڪلاس ۾ هو، اسان تي ڪاوڙجي پيو چيائين ته مون توهان کي چيو هو نه ته هتي جاهل ويٺا آهن، اهي منهنجي انگريزي سمجهي ئي ڪونه سگهيا، بس ائين ئي مارڪون ڏيندا ويا، اڳتي هو ڪونه پڙهيو پر سندس لکيل ڪتاب اڄ به ايم اي جرنلزم جي شاگردن لاءِ مشعل راهه بنيل آهي، خدا جي ڪرڻي جو برطانيا جي هڪ اخباري اداري سان تعلق رکندڙ فرم کيس ڊپلوما لاءِ اسڪالرشپ آڇي ۽ هو لنڊن روانو ٿي ويو، هوائي اڏي تي اسان کيس رخصت ڪيو، ڪورس ٽن مهينن جو هو يا ڇهن مهينن جو شيخ عزيز اتان پنهنجي انگريزي وڌيڪ سون بنائي واپس پهتو، اداري ۾ ڊيوٽي دوران سينيئر يا جونيئر جو تفاوت نه هوندو هو، هڪٻئي سان کِل مذاق هوندي هئي ۽ ڪم به پيو ڪبو هو، ائين هڪڙي ڏينهن ٽپال ۾ منهنجي لاءِ هڪ ايئر ميل لفافو آيو، کوليم جيڪو منهنجي ڪلاس فيلو الطاف شيخ موڪليو هو، الطاف شيخ انگريزي جا چار درجا مون سان گڏ پڙهيا، پوءِ وڌيڪ تعليم هن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ حاصل ڪئي، اتان فارغ ٿي اهو مرچنٽ نيوي سان منسلڪ ٿي ويو، شايد کيس اطلاع ملي چڪو هو ته مون وارو ڄٽ ڪلاس ميٽ صحافي ٿي ويو آهي، تنهن ڪري خوش به ٿيو ۽ خط ۾ الائي ڇا ڇا تفصيل لکي موڪليائين، مون اهو خط پڙهي کيسي ۾ ٿي وڌو ته سامهون ويٺل شيخ عزيز چيو ڪهڙي ملڪ مان خط آيو اٿئي، چيومانس ته منهنجي ڪلاس ميٽ الطاف شيخ خط موڪليو آهي ۽ جيڪو لکيو اٿس اهو مون کي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي، عزيز مون کي چيو خط مون کي ڏي ڏسان، خط ڏنومانس. پڙهي چيائين ته هي ته زبردست سفر نامو آهي. اهو پاڻ اخبار ۾ شايع ڪنداسين، اهو ئي هو منهنجي ۽ هُن جي سوچ جو فرق! عبرت ۾ سنڊي ايڊيشن الڳ نڪرندو هو جنهن ۾ سچيون ڪهاڻيون شايع ڪبيون هيون، الطاف شيخ جو سفرنامو به ان ۾ شايع ڪيو ويو، الطاف کي به شايد اطلاع مليو ته عبرت ۾ تنهنجو سفر نامو شروع ٿي ويو آهي پوءِ هو ائين سفر ناما موڪليندو رهيو، اسان شايع ڪندا رهياسين، سندس سفرنامن جو پهريون ڪتاب عبرت ۾ شايع ٿيل سفرنامن جو مجموعو هو، هاڻ ته الطاف سفر نامن جي ذري گهٽ سينچري اچي مڪمل ڪئي آهي، اسڪول مان هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ الطاف سان ڏهه ٻارنهن سال پهرين فقط هڪ ڀيرو عبرت آفيس ۾ ئي ملاقات ٿي هئي، ڪئميرا هٿ ۾ هئس، همراهه به گڏ هئس، ڏاڍا فوٽو گڏ ڪڍرايائين، چيائين حيات تنهنجا ته وار اڄ به گهاٽا آهن، آئون ته صفا گنجو ٿي ويو آهيان.
    شيخ صاحب کي پهريون فرزند ٿيو، نالو رکيائينس طارق، اسان کي چيائين منهنجو پٽ طارق اڳتي هلي فوج جو سربراهه ٿيندو، خدا جي ڪرڻي طارق فوجي ته نه بڻيو پر هوش سنڀالڻ سان قلم هٿ ۾ کنيائين، آرٽيڪل لکيائين، اخبارن ۾ شايع ٿيا ته والد سندس همت افزائي ڪئي ۽ مضمون نويسيء ۾ پٽ جي تربيت ڪيائين، محنت ڪري ڪتاب لکيائين، پيءُ وٽ آيو، چيائين ڪتاب لکيو اٿم ڇپرائي ڏيو، شيخ عزيز ٺپ جواب ڏنائينس ته تون ڄاڻ تنهنجو ڪتاب ڄاڻي، طارق همٿ نه هاري ڪتاب ڇپرائي ورتائين، والد کي ڏيکاريائين ته نهايت خوش ٿيو ۽ پٽ کي شابس ڏنائين. هاڻ معاملو آيو رونمائي تقريب جو، دل ۾ سوچيائين بابا جا وڏا وڏا اديب دوست آهن، انهن کي فون ڪندو ته هو خوشيءَ سان اچي شريڪ ٿيندا، نالن جي لسٽ کڻي پنهنجي والد وٽ آيو، چيائينس ته انهن کي فون اوهان ڪريو ڪارڊ آئون ٿو موڪليان ته جيئن تقريب شاندار ٿي وڃي، شيخ عزيز جو ساڳيو جواب ته بابا آئون ڪنهن کي به فون ڪونه ڪندس تون ڄاڻ تنهنجو ڪم، باقي ٽائيم هوندو ته تقريب ۾ شرڪت ضرور ڪندس. پر پوء ساڻس مڪمل مدد ڪيائين ڪراچي پريس ڪلب ۾ شاندار نموني سان رونمائي تقريب ٿي ۽ وڏي پئماني تي، شيخ عزيز جو مقصد اهو ئي هو ته جيڪڏهن آئون ڪا مدد ڪندوسانس ته هن ۾ خود اعتمادي پيدا ٿي نه سگهندي ۽ هميشه ٻين جي مشورن تي ڀاڙيندو رهندو. ڪي سينيئر پوئتي ٿي جونيئر کي اڳتي وڌڻ لاء خود اعتمادي پيدا ڪندا آهن شيخ عزيز اهڙن ماڻهمن مان هو. اهڙو ئي سلسلو مون سان به ٿيو عبرت اخبار ۾ ڪجهه تبديليون آيون، ايڊيٽر شيخ علي محمد اداري کان الڳ ٿي ويو، سينيئر ٽي هئا، شيخ عزيز، خيرمحمد کوکر، مقبول صديقي، مالڪ فيصلو ڪري ڪونه سگهيا، ٽنهي جو نالو ايڊيٽوريل بورڊ ۾ هلندو هو، اهو سلسلو شايد سال ٻه هليو نيٺ مالڪن کي ڪنهن کي نه ڪنهن کي ايڊيٽر مقرر ڪرڻو ئي پيو، مقابلي ۾ ٻه ڄڻا هئا ٻنهي پنهنجو حق پئي سمجهيو اهي هئا شيخ عزيز ۽ خيرمحمد کوکر، قاضي سعيد اڪبر جو لاڙو شيخ عزيز ڏانهن هو جڏهن ته سندس والد قاضي محمد اڪبر جي چوائس خيرمحمد کوکر هئي، سو خيرمحمد کوکر نئون ايڊيٽر ٿي ويو، بهر حال کيس انهيءَ تي راضي ڪيو ويو ته جيسين ڪو نئون نيوز ايڊيٽر مقرر ٿئي تيسين ايڊيٽر واري ذميواري سان گڏ هو رات جو نيوز ايڊيٽر جا فرض به سر انجام ڏئي، ڪجهه وقت اهو سلسلو جاري رهيو، اڳتي هلي خيرمحمد کوکر رات واري ڊيوٽي کان جواب ڏئي ڇڏيو، مجبوري ۾ شيخ عزيز کي ڊبل ڊيوٽي ڪرڻي پئجي وئي، رات جي ڊيوٽي ۾ جيئن آئون خير محمد کوکر جو اسسٽنٽ هيس تيئن شيخ عزيز جو به اسسٽنٽ رهيس، شيخ عزيز مون کي هيڪانديون خبرون ترجمي ۽ ٺاهڻ لاءِ ڏيندو هو، ويهن پنجويهن ڏينهن کان پوءِ شيخ عزيز مون کي چيو ابا ڪرسي سنڀال مون نه ڪئي، چيائين پاڻ ۾ خوداعتمادي پيدا ڪر، ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي ۽ تون بلڪل ذميواري سنڀالي سگهين ٿو، مون به بسم الله ڪئي ۽ پوءِ وري پوئتي مڙي نه ڏٺو، ايڊيٽر نه ٿيڻ جي باوجود شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي سان سچو رهيو، ايڊيشن به پاڻ ئي ڪڍندو هو، ان دوران قاضي خاندان جو هڪ نوجوان فرد قاضي سليم اڪبر اخباري دنيا ۾ آيو، انگريزي اخبار آبزرور شروع ڪيائين ۽ ڪو وقت شام جي اخبار طور نڪرندڙ سنڌ نيوز اخبار کي روزاني اخبار ڪري مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو پروگرام جوڙيائين، شيخ عزيز کي پاڻ ڏانهن وٺي ويو، سڀ تياريون مڪمل ٿي چڪيون هيون، پريس لاءِ مشينري اچي وئي، آفيس قائم ٿي وئي قدرت خدا جي قاضي محمد اڪبر جو هي نوجوان فرزند قاضي سليم اڪبر سپر هاءِ وي تي ڪراچي ويندي روڊ حادثي ۾ گذاري ويو، بهرحال شيخ عزيز پنهنجو وچن نڀايو اخبار مارڪيٽ ۾ آندي، افتتاحي تقريب ۾ ان وقت جو وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي شريڪ ٿيو، جيئن ته اصل دلچسپي رکندڙ فرد هي جهان ڇڏي چڪو هو، ان ڪري باقي ٻين جي دلچسپي آهستي آهستي گهٽجندي وئي، اهڙي طرح شيخ عزيز به اداري کي خيرباد چئي ڪراچي منتقل ٿي ويو، هيري جي ڄاڻ جوهري کي هوندي آهي سو جيئن ئي شيخ عزيز ڪراچيءَ ۾ سيٽل ٿيو ماتري کيس پنهنجي اخبار حريت ۾ ڇڪي ويو ايڊيشن سندس حوالي ٿيا ان ۾ به هن سنڌ کي ئي اوليت ڏني، مير خليل الرحمان ڪنهن به اردو اخبار کي پاڻ کان وڌڻ ڪونه ڏيندو هو، هي جو حريت سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳي ته هڪ دم شيخ عزيز کي ڇڪي پاڻ ڏانهن جنگ گروپ ۾ کڻي آيو، اتي به هن پنهنجو فرض ايمانداري سان نڀايو، ڪجهه وقت کان پوءِ حميد هارون به ڪوشش ڪئي ته کيس پنهنجي اخبار ڊان ۾ وٺي ويو، اها ان جي آخري اخبار هئي، وچ ۾ پير مظهرالحق وزير تعليم جي حيثيت ۾ شيخ عزيز کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ڪري رکيو ۽ پرواني ڀٽي کي به ان ئي اداري ۾ نوڪري ڏنائين.
    شيخ عزيز صحافت جي ٽنهي شعبن سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ پاڻ مڃايو ۽ پنهنجو نالو ڪڍيو، سنڌي هو سنڌ سان محبت هيس، سنڌ جي ريتن رسمن کي مضمونن جي صورت ۾ اخبارن جي زينت بنايائين.
    بهر حال شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪندو هو، تصور اهو ئي هوندو هو ته ڄڻ هو ڪو پنهنجو فرض ادا ڪري رهيو آهي، بيماري ۾ به موڪل نه ڪندو هو، هي مثال هن کان وڌيڪ ٻيو ٿي نٿو سگهي ته شيخ عزيز جي امڙ گذاري وئي، قبرستان ۾ پنهنجي هٿن سان پنهنجي امڙ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري قبرستان کان سڌو عبرت آفيس ۾ اچي پنهنجي ڊيوٽي تي ويٺو، اهو هو شيخ عزيز، جيڪو ورلي ملندو.

    (روزاني عبرت حيدرآباد، 27 نومبر 2018ع)


    شيخ عزيز سنڌ جي گھڻ رخي شخصيت : نور سنڌي

    شيخ عزيز سنڌ جي گھڻ رخي شخصيت : نور سنڌي

    آئون اڃان جڏھن ۹ درجي جو شاگرد ھئس ته صحافت جو شوق ٿيو. صحافتي زندگي جو آغاز ته عاجز منگي جي معرفت ٽه روزه الفقراءُ سانگھڙ کان ڪيو ان بعد جڏھن روزنامه اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو. شوق ٿيو ته آئون عبرت پھتس ۽ اخبار جي مالڪ قاضي عبدالمجيد عابد سان ملاقات ڪئي پاڻ ڏاڍي شفقت سان مليو حال احوال ورتو ۽ پاڻ مونکي اھو مشورو ڏنو ته بابا ھي عمر اوھان جي تعليم حاصل ڪرڻ جي آھي صحافت، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڪجان ان بعد آئون ان دور ۾ حيدرآباد ۾ ريشم گلي وٽان روزنامه سنڌ نيوز پھتس ان وقٿ سنڌ نيوز جو ايڊيٽر مشھور صحافي شيخ عزيز ھو. آئون جڏھن ان سان مليس ته ڏاڍي پاٻوھ سان مليو ۽ حال احوال ورتو ان بعد پاڻ به قاضي عبدالمجيد عابد صاحب واري ڳالھ ڪئي جڏھن دل جي خواھش پوري نه ٿي ته آئون روئاڻڪو ٿي ويس منھنجي اھا حالت ڏسي اندر جو آواز محسوس ڪندي شيخ عزيز مونکي پنھنجي ڪنھن وڏي وانگر سمجھايو ليڪن مونکي ان وقت صحافت جو جنون ذھن تي سوار ھو منھنجي اھا حالت ڏسي مون کي چيو اوھان پنھنجي ڳوٺ ملدسي جون خبرون ڀلي موڪليو اوھان سمجھو سنڌ نيوز جا اعزازي نمائينده آھيو. اھو دور شايد ۷۸ع جو ھو ان بعد ملدسي مان جيڪي خبرون موڪليندو ھئس اھي شايع ٿينديون ھيون جڏھن ته مون نه صرف ملدسي ۽ آسپاس پر تعلقي شھدادپور ھالا جي ڳوٺن تي ”سنڌڙي تنھنجا شھر وسن ڳوٺ وسن“ جي سري ھيٺ مختلف ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال حل طلب مسئلن تي مضمون موڪلڻ شروع ڪيا جيڪي باقاعده شايع ٿيڻ لڳا.جنھن جي شيخ عزيز نه صرف ساراھ ڪندو هو پر اصلاح به ڪندو هو. هن پاڻ ھڪ دفعي چيو نور ھن عمر ۾ تنهنجا ليک پڙھي اندازو ٿئي ٿو ته اڳتي ھلي تون سٺو صحافي سٺو ليکڪ ثابت ٿي سگھين ٿو آئون جڏھن ساڻس ملندو ھئس ته ادب وچان کين دعا لاءِ چوندو ھئس پاڻ مرڪي چوندا ھئا الله سائين توکي زندگي ۾ ڪاميابيون عطا ڪري. چند سالن بعد جڏھن پاڻ سنڌ نيوز مان ڇڏي جنگ ۾ ويو ته آئون به سنڌ نيوز کي ڇڏي روزنامه آفتاب حيدرآباد جو رپورٽر وڃي ٿئس.
    شيخ عزيز ۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع ۾ حيدرآباد جي مشھور علائقي گاڏي کاتي ۾ ھڪ استاد ھڪ علمي شخصيت احمد شيخ جي گھر ۾ جنم ورتو. احمد شيخ ملڪ جي آزاديءَ واري جدوجھد ۾ به حصو ورتو ۽ قائد اعظم جو مداح هو. شيخ عزيز، مشھور اديب، لطيف جي پارکو، آثار قديمه جي ماھر ۽ پ ٽ الف جي باني اڳواڻ شيخ محمد اسماعيل ۽ ريڊيو پاڪستان جي نامياري پروڊيوسر شيخ محمد ابراھيم جو ڀاءُ ھو. انھن جي تربيت ۾ رھڻ ڪري ننڍي ھوندي کان علم ادب موسيقيءَ سان سندس چاھه رھيو. پاڻ تعليم پرائمري تعليم گاڏي کاتي جي ھڪ پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ نورمحمد ھاء اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين. سڄي سنڌ ۾ ٽاپ پوزيشن اچڻ ڪري، اسڪالرشپ تي پڙھڻ لاءِ پرڏيھه مان صحافت ۾ ڊپلوما جي ڊگري لنڊن جي ٿامس ڪاليج آف جرنلزم مان حاصل ڪئي. شاگردي دور کان صحافت ۾ اچي مثالي صحافي بنجڻ جو شوق رکندو ھو. پاڻ صحافت جي شروعات روزاني ڪاروان حيدرآباد ۾ تقريبن ۵۷ع ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي، جڏھن ته روزنامه عبرت جي ايڊيٽر شيخ علي محمد ھن کي عبرت ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر آندو. بھترين ڪارڪردگي ڪري ايڊيشن انچارج ٿيو. ان بعد اسسٽنٽ ايڊيٽر رھيو تقريبن ۷۶ع ۾ عبرت کي خير باد ڪري انگريزي اخبار ھفتي وار سنڌ آبزرور حيدآباد جو ايڊيٽر ٿيو. ۷۷ع ۾ روزنامه سنڌ نيوز حيدرآباد جو پهريون ايڊيٽر ٿيو، ۸۰ع ۾ جنگ اخبار ۾َ سب ايڊيٽر ٿي ويو جتي مختلف حيثيث ۾َ ڪم ڪيو. بعد ۾ جنگ ميگزين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. ۸۲ع ۾ روزنامه حريت ۾ ميگزين ايڊيٽر ٿيو. ۸۹ع ۾ ملڪ جي مشھور انگريزي اخبار روزنامه ڊان ۾ سب ايڊيٽر ٿيو. بعد ۾ ڊان ۾ ايڊيشن انچارج ٿيو ۽ ڊان مان ئي پنجٽيھه سال ڪم ڪرڻ بعد رٽائيرڊ ٿيو پر ان بعد به ھڪ ڪالمسٽ ۽ فيچر رائيٽر طور ڊان لاءِ مستقل طور آرٽيڪل لکندو رھيو. شيخ عزيز بھترين صحافي ليکڪ موسيقي جو ڄاڻو ھو، سندس لکڻين ۾ وڏي ڄاڻ ھوندي ھئي. پاڻ ھر موضوع تي سياست، شخصيات، سماجيات، لطيفيات، ادب، فن، ثقافت، تاريخ، ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل موسيقي، سنڌ جا ساز، ماڳ مڪان، ھنر ۽ ھنر مندن، ملھه پهلوانن، ڌاڙيلن کان وٺي ھر موضوع تي لکيو. جيئن لطيف سائين عام طبقي ۽ مثالي ڪردارن کي پنھنجي شاعري ۾ آڻي امر بنائي ڇڏيو اھڙي ريت شيخ عزيز به سنڌ جي عام ۽ منفرد ڪردارن تي لکي انھن کي امر بنائي ڇڏيو. ھن اهڙن موضوعن کي وڌيڪ ترجيح ڏني جن تي تمام گھٽ يا بلڪل نه لکيو ويو آھي سندس فنڪارن سگھڙن سازيندن، ھنر مندن سان محبت به ھوندي ھئي، ھن جن موضوعن جن ڪردارن تي لکيو انھن تي لکڻ ايترو آسان نه ھو اھي موضوع ٽيبل اسٽوري وانگر نه ھئا، اھو تحقيقي ڪم ھو ان لاءِ شيخ عزيز محنت ڪئي قلم ذريعي سندس پورهيو شاندار رھيو. ھن مختلف اردو، سنڌي، انگريزي اخبارن ۾ ھزارين ڪالم، فيچر، آرٽيڪل لکيا، سيمينارن ۾ مقالا پڙھيا، ريڊيو ٽي وي جا اسڪرپٽ لکيا، خاص طور ڊان ۾ ادب، فن، ثقافت، تاريخ منفرد پُراسرار ڪردارن تي لکي ان بابت دنيا کي ڄاڻ ڏني.
    شيخ عزيز جو اھو ڪردار به سنڌ جي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو ته ھن ملڪ جي جمھوري تحريڪن خاص طور ايم آرڊي تحريڪ ۾ ھڪ صحافي ليکڪ طور قلم ذريعي شاندار ڪردار ادا ڪيو. پاڻ حيدرآباد پريس ڪلب، يونين آف جنرلسٽس جو صدر، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽيءَ جو جج، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم مرزا قليچ بيگ چيئر جو بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رھيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي صحافت واري شعبي ۾ ڪافي وقت وزٽنگ پروفيسر به رهيو. شيخ عزيز جو اھو به ڪردار رھيو ته ھن سنڌ ۾ بھتر صحافي پئدا ڪيا. ھن صحافين کي تربيت به ڏني. شيخ عزيز کي سنڌ جي تاريخ ڊراما ٿيٽر، موسيقي، ڪلاسيڪل ادب پراسرار ۽ منفرد ڪردارن، آرٽ سان شوق رھيو. پاڻ حساس طبيت جو هو، هر معاملي تي گھري نظر رکندو ھو. جڏھن ڪراچي ۾ جنگ کان وٺي ڊان ۾ رھيو ته گھڻو ڪري جڏھن به ڪراچي وڃڻ ٿيندو ھو ته ڪوشش رھندي ھئي ته وٽن حاضري ڀرجي، ڪجھه سکجي. سندس شھداد پور جي سياسي شخصيت فقير محمد بخش خاصخيليءَ سان دوستي ھوندي ھئي. ڪافي دفعا وٽس شھداد پور به آيا. ڪراچيءَ واري فليٽ تي به ايندا ھئا. اتي به ساڻن ملاقاتون رھيون.
    پاڻ ھيڏي پائي جو صحافي ليکڪ ھئڻ جي باوجود سادو انسان ھو، سندس ڳالھائيڻ جو انداز منفرد ھوندو ھو مختصر پر بھترين ڳالھائيندو ھو، سندس ادب ۽ صحافت ۾ خدمتن عيوض ڪافي ايوارڊ مليا جن ۾ ٻين ايوارڊ کان سواءِ ايڪسيلنس ايوارڊ آف جرنلزم ۲۰۰۰ع، لٽريسي ايوارڊ ۲۰۰۱ع به آھن.
    پاڻ ۲۰۱۱ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چئرمئن به رھيو. پاڻ صحافت، سياست، سماجيات، علم، ادب، تاريخ سميت منفرد ڪردارن ۽ ٻئن موضوعن تي تقريبن ۲۵ کان وڌيڪ انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيائين، جن ۾ ٻئن ڪتابن کان سواءِ سنڌ جون پر اسرار ڪھاڻيون، الحمرا جا داستان، عملي صحافت، مون لينن جو ڏيھه ڏٺو، تقسيم کان تقسيم تائين، کير ٿر، سنڌ جي تاريخ، سنڌي موسيقي، ننڍي کنڊ جي ڊرامن جي تاريخ، ڀٽو جون يادگيريون، ڀٽو کان ضياء تائين، پاڪستان جي سياسي تاريخ، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن جڏھن ته اڻ ڇپيل ڪتابن جو وڏو تعداد ڇڏي ويا آھن.
    سنڌ جي مشھور ساز چنگ تي لکيل ڪتاب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڇپائڻ لاءِ ثقافت کاتي کي ڏنو. اميد ته اھو ڪتاب ثقافت کاتو جلد ڇپائي پڌرو ڪندو.
    شيخ عزيز نه صرف موسيقيءَ مان وڏي ڄاڻ رکندو ھو، پر پاڻ کي ستار وڄائڻ جي مهارت پڻ هوندي هئس. جڏھن موڊ ۾ ھوندو ھو ته خود به جھونگاريندو ھو. سندس وڌيڪ پسند جي فنڪارن ۾ استاد منظور علي خان، روشن آرا بيگم، اقبال بانو، استاد امانت علي خان، فريده خانم، بسم الله خان شھنائي نواز، ذاڪر طبلي نواز ھئا. استاد منظور علي خان سان سندس ھجت پڻ ھوندي ھئي. پاڻ جڏھن سٺي موڊ ۾ ھوندو ھو ته استاد منظور علي خان جو ڳايل ڪلام ”ويندس يار مري او مري، تنھنجي درد فراق ۾“ ڳائيندو ھو.
    شيخ عزيز ڪچھرين جو ڪوڏيو ھوندو ھو. جڏھن ڪنھن به موضوع تي ڳالھائيندو ھو ته ٻڌندڙن ۾ خاموشي ڇائنجي ويندي ھئي. لطيف سائين سان وڏي عقيدت رکندو ھو. لطيف سائين جي فڪر تي جڏھن فلسفانه انداز بجاء سادن لفظن ۾ ڳالھائيندو ھو ته اديب، دانشور، مفڪر حيران ٿي ويندا ھئا. ھن ڀٽ ڌڻيءَ جي راڳ تي تحقيقي مقالا به لکيا. لطيف جي راڳ تي وڏي تحقيق ڪئي، ڪيترا ئي غير ملڪي اسڪالر، محقق جيڪي لطيف سائين جي تحقيق ڪندا ھئا اھي شيخ عزيز سان ملي رھنمائي ۽ ڄاڻ وٺندا ھئا. مشھور اسڪالر محقق خاتون پي لنگ جڏھن سنڌ اچي لطيف سائين جي فڪر، ڪلام تي ڪم ڪيو ته ھوءَ ڪيترا ئي ڀيرا شيخ عزيز سان ملي ھئي. ان پنھنجي مقالي لطيف جي راڳ تي لکيل مقالي ۾ اھڙو ذڪر ڪيو آھي.
    پاڻ ۶ آڪٽوبر تي ڪراچيءَ کان حيدرآباد گھر وارن سان گڏ شاديءَ جي ھڪ تقريب ۾ وڃي رھيو ھو رستي ۾ کيس دل ۾ سور ٿيو. فوري طبي امداد لاءِ حيدرآباد جي اين آئي سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتان کيس فائدو نه ٿيو ته ڪراچي موڪليو ويو جتي آغا خان اسپتال ۾ سندس دل جو آپريشن ٿيو ۽ سندس صحت سڌري رھي ھئي ليڪن وري سندس طبيت اچانڪ خراب ٿي وئي ۽ پاڻ ۷ آڪٽوبر تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس پھلوان ڳوٺ واري قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو ويو. سندس فرزند طارق عزيز شيخ صحافي ۽ ليکڪ آھي. والد جي تربيت ڪري بھترين لکي ٿو. شيخ عزيز سنڌ جي ادب، فن، ثقافت، تاريخ، صحافت، سماجيات جو ھڪ اثاثو ھو. سندس مختلف شعبن ۾ ڪيل خدمتون اڻ وسرندڙ ۽ قابل تعريف آھن.

    (روزاني سوڀ حيدرآباد، ۱۵ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع)


    شيخ عزيز ڪڏھن به نه وسرندو : حميده گھانگھرو

    اهي ماڻهو جن جو حوصلو هماليا کان به اوچو، پهاڙ کان به مضبوط، ڪارونجهر جي قيمتي هيرن وانگر سندن سوچ فڪر ۾ ادبي سرمايو سانڍيل هو، انهيءَ اهم قطار مان هڪ هو شيخ عزيز. شيخ عزيز ڪير نه سڃاڻي ۽ جيڪڏهن ڪير اهو چوي ته شيخ صاحب کي نه سڃاڻيون ته سمجهو انهن صحافت، ادب، آرٽ جي سڃاڻپ کان انڪار ڪيو. شيخ عزيز صحافت جو سرمايو آهي، جنهن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ پنهنجي فرض ادا ڪرڻ کان سواءِ ڪيترن صحافين کي آگاهي ڏني ۽ لکڻ جي فن ۾ ماهر ڪيو.
    شيخ عزيز بغير موڪلاڻيءَ جي وڇڙي ويو ڪن انسانن جي وڇوڙي جي اچانڪ خبر پوي ته موت کي به ميار ڏيڻ تي دل چوندي. اي موت تون ايڏو جلد ڇو آئين، ڪن ماڻهن جون زندگيون اهڙيون قيمتي هونديون آهن جن جي جيئڻ لاءِ هميشه دعائون گهربيون، شيخ عزيز به انهن مان هڪ هو. صحافت، علم، ادب، آرٽ سڀني جو سنگم. شيخ عزيز پهريون دفعو ڏسو ته بلڪل نه محسوس ٿيندو ته هي ماڻهو ايڏو نرم نازڪ ۽ دل ۾ ٻين جي محبتن جذبن کي سانڍڻ وارو سچو کرو بيباڪ صحافي اديب، دانشور ۽ سڀ کان وڌيڪ نظرياتي سوچ جو ارڏو انسان، ڪڏهن به آڻ نه مڃڻ بلڪل صاف گو مصلحت ۽ خود پسنديءَ کان هزارين ميل ڏور رهڻ وارو، محفل جي مجموعي ۾ خوش رهڻ پسند ڪندو هو. هي تمام حساس دل به هو.
    مون کي ياد آهي نذير عباسيءَ سان شادي ٿئي پئي، نذير هول ٽائمر ڪامريڊ هئو، هن وٽ سامان وٺڻ لاءِ پئسا نه هئا ۽ سهيل سانگي، شيخ عزيز، قاضي سليم ريشم گلي وٺي وڃي ڪجهه پائڻ جا ڪپڙا سامان ۽ بيگ وٺي نذير کي ڏني ته کڻي وڃ، هو ڪامريڊ به هو ته ڪامريڊن جو خيال به ڪندو هو. سندس صحافتي سفر ته عبرت اخبار کان شروع ٿيو، پر جڏهن سنڌ نيوز شايع ٿيڻ لڳي ته سندس صحافتي ڪردار ڪافي نکرجي سامهون آيو ۽ خاص طور سنڌي پڙهندڙ سندس لکڻين کي ساراهيندا هئا. ايڊيٽوريل پڙهڻ جهڙا هئا، سندس لکڻين جي ڏات دل کي ڇهي ڄڻ ماڻهوءَ جي حساس جذبن سان ڳالهائيندو هو، سنڌ نيوز اخبار شروع ٿيڻ کان اڳ سنڌ نيوز جي ٽيم قاضي سليم، شيخ عزيز، سهيل سانگي پوري سنڌ جو دورو ڪيو، ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪچهريون ڪيون. اخبارن جو معيار تمام بلند ٿيڻ لڳو، قاضي سليم ۽ شيخ عزيز سهيل سانگيءَ کان دير سان واندا ٿي اسان جي گهر آيا، امان کي چيائون ته ڪامريڊ جي گهر واري امڙ جي هٿ جي چانهن پيئنداسون. اُن وقت سيءُ به تمام گهڻو هو، پنهنجائپ وارو خلوص ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.
    سنڌ نيوز جي اعزازي ڪاپي اسان جي گهر ايندي هئي ۽ اسين سڀ ڀينر ڀائر ڏاڍي شوق سان پڙهندا هئاسين. سال ۱۹۷۵ع ۾ ڪاليج جي مطالبي ۽ احتجاج دوران هاءِ اسڪول جا شاگرد گرفتار ڪيا ويا جن ۾ مان ادي زبيده ۽ منهنجو بابا به انهيءَ ڏوهه ۾ گرفتار ڪيا وياسين ته ڪاليج لاءِ احتجاج ڇو ڪيو. بابا کي نواب شاهه جيل ۽ اسان ٻنهي ڀينرن کي نارا جيل ۾ رکيو ويو. بيگم نسيم ولي خان بيان ڏنو ته ڇا پاڪستان ڪنهن چئن پلرن تي بيٺل آهي جنهن کي اسڪول جون ننڍيون شاگردياڻيون ڪيرا ئي ڇڏين ها. مون کي ياد آهي ته آزادي کان پوءِ جڏهن اسين حيدرآباد گاڏي کاتي ٽريڊ يونين آفيس آيوسين ته شيخ عزيز صاحب ۽ قاصي سليم خاص طور همت حوصلي تي داد ڏيڻ آيا. قاضي سليم ۽ شيخ عزيز ۾ ڪا وڏائي نه هئي يا وري اهو سوچڻ ته مزدورن جي آفيس ۾ ماني ڪيئن کائون.
    نذير عباسي، تاج مري مزدور اڳواڻ بشير ڀائي حيدر چوڪ تان پڪوڙا ماني ۽ نهاري گهرائي جيڪا اسان سڀني گڏجي کاڌي ۽ پوءِ قاضي سليم کي سنڌ آبزرور لاءِ ڪجهه تاثرات وٺڻا هئا، ان کان پوءِ جيل جون ڳالهيون ڪندي مون شيخ عزيز صاحب کي ٻڌايو ته ڪنڊيارو شنوائي کان پوءِ ٻيهر نارا جيل وٺي پيا وڃن ته جيل جي ماڙي تي تلاشي ورتي ويندي آهي، مون وٽ شيخ صاحب جو ڪتاب هو، جيل سپرينٽڊنٽ کي اعتراض ٿيو ته توهان جيل اندر هي ڪتاب نٿا کڻي وڃي سگهو. جيلر حئي قريشي هيو، تنهن چيو هي ڳاڙها ڪتاب آهن جيل ۾ اجازت ناهي.مون هڪدم ڪتاب جو ٽائٽل پنو ڦاڙيو جنهن تي ڳاڙهن اکرن ۾ لکيل هو ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ ۽ چيو ته هاڻي ته ڳاڙهو ڪتاب ناهي. حئي قريشيءَ کي منهنجي ان سياڻپ ۽ جرئت تي حيراني ٿي ۽ هلڪي مسڪراهٽ ۾ چيائين خير آ هاڻي ڦاٽل پراڻو ڪتاب ٿي ويو. دراصل آزاد ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته حيي قريشي ڪنهن زماني ۾ شاگرد يونين ۾ به رهيو هو.
    بهر حال هنن جي نظر ۾ هي ڦاٽل ڪتاب جيل ۾اسان جي ٽٽندڙ اعتماد ۽ مايوسي کان بچائڻ لاءِ ڏاڍو قيمتي ۽ ڪارگر ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ جو هن ۾ ۱۹۱۷ع بالشويڪ انقلاب کان پوءِ جون سڄون حقيقي حالتون ۽ منظر هئو.
    شيخ عزيز صاحب هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته مون ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي هارين جي حالتن کي ڏسڻ چاهيو ته ڏاڍي خوشي ٿي اتان جو هاري به بلڪل خوشحال آهي ۽ هر هلائڻ، لاباري جي تڪليف واري صورتحال ناهي بلڪه ٽريڪٽر ۽ ٿريشر استعمال ڪري هاري محنت کي سولو ڪري ڇڏيو آهي. شايد اهو ئي سبب هئو جو اسان وٽ سستي قيمت ۾ روسي ٽريڪٽر ۽ ٿريشر عام وڪامجڻ لڳو پر هتان جي آب هوا جي ڪري شايد هي مشينري ايترو ڪامياب نه وئي.
    ان کان پوءِ هڪ جاءِ تي لکيو اٿائين ته ”آئون تاشقند گهمڻ ويس ۽ سوچيم ته ڀلا هتي ڪميونسٽ انقلاب آيل آهي، مسلمانن جا ڪهڙا حال هوندا، مون کي مسجدون بلڪل صاف سٿريون خوبصورت نظر آيون، ڪنهن به مذهب جي ڪا توهين ناهي، هر ماڻهو پنهنجي آزاديءَ سان رهي ٿو. ڪامريڊ لينن جو نظريو ڪنهن مذهب جي خلاف ناهي پر طبقاتي فرسوده نظام جي خلاف ۽ انساني بنيادن تي هر ڪنهن کي حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. مان ڏاڍو خوش ٿي مسجد ۾ اندر داخل ٿيس وضو ڪرڻ ويٺس ته نلڪي جي ٽوٽي غائب هئي، خير وري ٻاهر آيس ته دروازي تي ماڻهو شور پيا ڪن. ڪو ماڻهومنهنجي نئين جتي کڻي پراڻي جتي رکي ويو هو. مون سوچيو ته واهه، مسلمان جتي به هوندو حسب عادت نلڪي جي ٽوٽي ۽ جتي چورائڻ واري رسم کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو“. شيخ صاحب بلڪل سچ ۽ کرو سچ لکيو آهي جنهن جاءِ تي تنقيد هئي تنقيد به ڪئي آهي جنهن جاءِ تي بالشويڪ انقلاب جا سٺا اثر هئا اهي به بيان ڪيا آهن.
    مون کي حيرت ان ڳالهه تي آهي ته آخر هن ۾ ڳاڙهي ڪتاب واري ڪهڙي نشاني هئي؟ ها جيڪڏهن ڳاڙهي ڪتاب جي نشاندهي هئي ته اهو هڪ انقلابي ڏيهه جي اکين ڏٺل احوال هو، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين هضم نه ٿو ٿي سگهي. شيخ اياز چيو آهي ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ سو شيخ عزيز جهڙا بي باڪ ڪردار سچ لکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندا هئا. توڻي جو کڻي انهيءَ ادب تي به ۱۴۴ جو قلم لاڳو ڪري اديب گرفتار ۽ ادب اسٽورن حوالي ڪيو ويندو هو پر اها خبر نه هين ته قلم ۽ سچو اديب ڪڏهن به قيد ناهي ٿيندو.
    شيخ عزيز به ڪڏهن قلم ۽ سوچ کي قيد ڪرڻ نه ڏنو بلڪه ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين سچائي ايمانداري ۽ بيباڪيءَ جي سوچ کي پاڻ وٽ قيد ڪيو، اڄ هو اسان کان وڇڙي ويو آهي پر سندس علمي ڪتابن جو ذخيرو يادن جو در کولي هڪ هڪ کي سڏ ڏينديون ان وقت سڀني کي شيخ عزيز وڇڙيل نه پر محفل جو مور ٿي اڳيان ايندو. اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ناهن وڇڙندا جن جي تاريخ قلم سان لکيل هجي. هي ڪنهن هڪ ڏينهن تي ديڳ جو ڀت کارائي ڪٺو ڪري ياد نه ڪيو ويندو پر جڏهن به صحافت، علم، ادب آرٽ، فن جو ذڪر ٿيندو ته شيخ عزيز زنده نظر ايندو.

    (عوامي آواز سنڊي مئگزين، 14آڪٽبر 2018ع)


    شيخ عزيز سڀني جو عزيز : مير اعظم علي ٽالپُر

    شيخ عزيز سڀني جو عزيز : مير اعظم علي ٽالپُر

    هن جو پورو نالو شيخ عبدالعزيز هو، پر هو اخباري دنيا ۾ شيخ عزيز جي نالي سان مشهور هو. هن جو جنم حيدرآباد ۾ ۱۹۳۸ع دوران ٿيو پر سندس جوانيءَ کان هر ڳالهه ۾ سڃاڻپ اخبارون ۽ صحافت جو ميدان آهي. منهنجي سڃاڻپ ۽ واقفيت سائين شيخ عزيز سان (تاريخ ياد نه آهي) غالبن ۱۹۶۹ع کان ان وقت ٿي هئي، جڏهن کان عبرت ۾ اچڻ وڃڻ ۽ لکڻ جو سلسلو ٻارن جي صفحي ٻارڙن جي ٻاريءَ کان شروع ڪيو هو. ان بعد عبرت جي فلمي صفحي ۽ ان بعد فلم ايڊيشن ۾ لکندي ملاقاتون ٿينديون هيون. سائين شيخ عزيز سنڊي ايڊيشن لاءِ به مضمون لکيا، جنهن ۾ خاص ڪري آچر ۲ ڊسمبر ۱۹۷۳ع وارو آرٽيڪل ”ڊبلن جو اغوا“ بهتر هو، شيخ عزيز تي عبرت اخبار لاءِ فلمي صفحو ڪڍڻ لاءِ سائين شهزادي گلفام کي آماده ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ شهزادي گلفام جو عبرت جو فلمي صفحو فلم ايڊيشن بڻجي ويو ۽ عبرت جي واکاڻ لاهور ۽ ڪراچي فلم انڊسٽري تائين ٿيڻ لڳي هئي. شيخ عزيز کي مَلهه راند سان ڏاڍي دلچسپي هئي، ان لاءِ هو اڪثر محرم سان ملي ملهه ڪرائڻ ۽ ان تي لکڻ پسند ڪندو هو، ان ڪري شير سنڌ مير بحر ۽ ملهه تي عبرت ۾ گهڻو ڪجهه وقت به وقت شايع ٿيندو رهندو هو. ان سلسلي ۾ پروانو ڀٽي به ملهه راند سان شوق رکندو هو.
    شيخ عزيز عبرت اخبار ۾ ان وقت ڪم ڪيو، جڏهن ڪنهن اخبار کي مواد پهچائڻ لاءِ اڄ جهڙي آسان ٽيڪنالاجيءَ واري سهولت ميسر نه هئي، مواد لاءِ ٽپال يا هٿ سان پهچائڻ جو رستو هو. ان جي باوجود شيخ عزيز عبرت اخبار ۾۷۰ع جي ڏهاڪي ۾ شاندار صحافت ڪندي اخبار کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڇو ته هي هڪ طرف ايماندار صحافت ڪندڙ هو ته ٻئي طرف نواڻ پسند هو، ان زماني ۾ اخبار کي خبرون ا پ پ (سرڪاري ايجنسي) ڏيندي هئي، پر شيخ عزيز ٿامس ڪاليج لنڊن مان ڊپلوما واري تجربي ۽ علم کي سنڌي صحافت ۾ ڪم آندو. حالانڪه شيخ صاحب پنهنجي سڄي ڄمار ۾ سرڪاري نوڪريءَ کي اوليت نه ڏني ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيو، جيئن ڪاروان ۾ ۱۹۵۸ع ان بعد عبرت ۾ سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽر به ڪم ڪيو ۽ ايڊيشن جو انچارج هو. ان کان سواءِ اسسٽنٽ پرنٽر طور به ڪم ڪيو.
    شيخ عزيز ۱۹۷۶ع کان سنڌ نيوز جو ايڊيٽر ٿيو، جتي راقم کي به گڏ وٺي ويو ۽ فلم ايڊيشن شروع ڪيو، هن سنڌي اردو ڊڪشنري لاءِ حڪومت پاران هلندڙ اسڪيم ۾ لغت لاءِ ڪم ڪيو. ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ فوڪ نور ڪليڪشن پروجيڪٽ ۾ ۱۹۵۷ع کان ۱۹۶۰ع تائين مشغول رهيو. هن بطور اعزازي استاد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس ورتا.
    ڪي ٿورا ماڻهو قدرتي ڏات جو ڀرپور اظهار ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن ۾ شيخ صاحب جو نانءُ نمايان آهي. هُن نه فقط افسانا لکيا، پر صحافت بابت به خوب لکيو. اُن کان علاوه سفرنامو پڻ لکيو. شيخ عزيز جي مختلف ڪتابن ۾ بهترين ڪتاب پراسرار ڪهاڻيون آهي، جيتوڻيڪ سندس ٻين ڪتابن ۾ مختصر ڪهاڻيون، عمل صحافت، مون لينن جو ڏيهه ڏٺو، تقسيم کان تقسيم تائين.
    شيخ عزيز کي موسيقيءَ جي فن سان به شوق هو ۽ هن هڪ ڪتاب سنڌ جي ساز ”چنگ“ تي تحرير ڪيو آهي، جيڪو سنڌ ثقافت کاتي وٽ اٺن مهينن کان امانت پيل آهي، خبر نه آهي اهو ڪتاب ڪڏهن ڇپبو؟ ان لاءِ سائين سردار شاهه وزير ثقافت کي جلدي ”چارڻ چوريو چنگ“ چورڻ ۽ شيخ عزيز جو اهو چنگ تي ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ گهرجي.
    بهر حال اڳ عبرت ۾ سڀني جو عزيز هوندو هو شيخ عزيز، جيڪو آخر ۾ جنگ اردو، ان بعد حريت ۽ آخر ۾ ڊان ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ خوب نالو ڪمايو. ”جهان ڀي گئي داستان ڇوڙ آئي“ ۽ سدائين صحافت جي ميدان ۾ بطور استاد سندس نالو زنده رهندو. ڇو ته هو سڀني جو عزيز هو ۽ عبرت اخبار ۾ ڪم ڪندي به بيمار هو کيس روزانا انجيڪشن لڳندي هئي ۽ سندس ڀاءُ شيخ ابراهيم ڪراچي ريڊيو تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد جلدي گذاري ويو هو.

    (روزاني عبرت حيدرآباد، 10 آڪٽوبر 2018ع)


    صحافت جو ھڪ اصُولي باب پُورو ٿيو : زرار پيرزادو

    سال ۲۰۱۸ع ۾ جيڪي تمام وڏيون شخصيتون لاڏاڻو ڪري ويون آهن تن مان شيخ عزيز صاحب به هڪ آهي. ڄام ساقي، منو ڀائي، رسول بخش پليجو، عاصمه جهانگير، عبدالحڪيم ارشد ۽ هاڻي شيخ عزيز پنهنجن پنهنجن شعبن جا ليجنڊ هيا. ليجنڊ اسان انهن کي چوندا آهيون جن پنهنجي شعبي کي نئون لاڙو، نئون دور ڏنو هجي.
    شيخ عزيز صاحب هونئن ته گهڻ رخي شخصيت هيا، ادب، سياست، تاريخ ۽ موسيقي سندن لکڻين جا وڏا حوالا هيا پر ”صحافت“ ۾ سندن قد ڪاٺ ”استاد“ ۽ رول ماڊل وارو هو. هو انهن صحافين مان هڪ هو جن جي صحافت کي ڏسي ڪيترن ماڻهن ”صحافت“ کي پيشي ۽ ڪيريئر طور استعمال ڪيو. هو پنهنجي جوهر ۾ ”صحافتي ادارو“ هجي ۽ ان سنڌي صحافت تي هڪ ڪتاب به لکيو جنهن کي نصابي حيثيت مليل آهي.
    هو رڳو سنڌي صحافين جو ئي رول ماڊل نه هو پر انگريزي ۽ اردو ميڊيا جي صحافين جو پڻ استاد هو. شيخ عزيز صاحب کان متاثر ٿي سندس گهر مان به هڪ صحافي ۽ محقق پيدا ٿيو، جنهن جو نالو آهي ”طارق عزيز شيخ“.
    طارق جنهن جي سڃاڻپ جو پهريون ۽ وڏو حوالو سندس والد ”شيخ عزيز“ هو، سو هاڻي شيخ عزيز جي ورثي جو وارث بڻجي آڏو آيو آهي ۽ شيخ عزيز کيس پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي اهو ورثو سنڀالڻ جو ڏانءُ اڻ سڌي طرح يعني روڊل ماڊل بڻجي سيکاري ويو ۽ شيخ عزيز صاحب کيس پنهنجي ان علمي، ادبي، صحافتي ۽ تحقيق واري دڳ تي هلندي به ڏٺو.
    ”صحافت“ جي جيڪڏهن ڪا اخلاقيات آهي ڪو اصول ۽ نظريو آهي ته اها شيخ عزيز جي صحافت هئي. خبر ڪئين لکجي، فيچر ڪيئن لکجي، ايڊيٽوريل، ڪالم ڪيئن لکجي، شيخ عزيز صاحب وٽ سڀ ڏانءَ ۽ ”قالب“ موجود هيا.
    شيخ عزيز صاحب جو انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ يادگار ڪم سندن لکيل پروفائيل هيا، جيڪي هو لاڏاڻو ڪري ويل شخصيتن تي فوري طور اخباري ضرورت موجب لکندو هو.
    شيخ عزيز صاحب ۲۰۰۸ع ۾ اهو ڪم جتي ڇڏيو سو وري ڪير به اونئن نه ڪري سگهيو. شيخ عزيز صاحب جي انهن لکيل پروفائيلن تي ٻڌل ڪتاب ڇپجي سگهجي ٿو.
    جيئن انور پيرزادو صاحب جو ڊان اخبار ۾ هليل سلسلو ”سنڌي پريس ڊائجسٽ“ جنهن جو هو بانيڪار هو سو وري ان معيار جو ڪير نه لکي سگهيو ۽ هاڻي اهو بند ٿي چڪو آهي.
    ڪالهه ڊان اخبار ۾ اسان جي سنڌي صحافي امتياز عليءَ جو شيخ عزيز صاحب جي لاڏاڻي تي لکيل پروفائيل ڏسي شيخ عزيز صاحب ياد اچي ويو، جنهن جي زمين ۾ ئي امتياز اهو پروفائيل لکيو.
    شيخ عزيز صاحب جو جنم ويهين صديءَ ۾ ٿيو هو ۽ ان ايڪويهين صديءَ جي ۱۸هين سال ۾ لاڏاڻو ڪيو آهي. ايئن هن ۲۰هين صديءَ جي صحافتي قدرن ۽ اخلاقيات کي ۲۱هين صديءَ ۾ منتقل ڪيو آهي.
    صحافي ٿيڻ ته سولو آهي پر صحافتي اصولن، نظرين ۽ ان جي اخلاقيات تي هلڻ ڏکيو آهي. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته شيخ عزيز صاحب جي شڪل ۾ اصولي، نظرياتي ۽ اخلاقي صحافت جو هڪ باب پورو ٿي تاريخ ۾ درج ٿي ويو آهي.

    (روزاني عوامي آواز, ڪراچي, 9 آڪٽوبر 2018ع)


    ويا سي وينجهار: شيخ عزيز : ميرزا ڪاظم رضا بيگ

    ويا سي وينجهار: شيخ عزيز : ميرزا ڪاظم رضا بيگ

    انتهائي الميي، ڏک ۽ صدمي سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي مربي، محسن، ڀر جھلي ۽ ساٿ ڌڻي سرواڻ شيخ عزيز اسان کان 7 آڪٽوبر 2018ع تي موڪلائي راھ رباني ورتي, جنهن ڏانهن اسان سڀني کي هلڻو آهي.
    شيخ عزيز جي علمي مقام، مرتبي ۽ عظمت جي باري ۾ ڇا لکي لکجي؟ شيخ عزيز جهڙا نادر گوهر, املھ ماڻڪ, ڏاها ۽ بينا هن ڌرتيء تي اڳ به پيدا ڪيا آهن ۽ انشاءَ الله تعاليٰ اڳتي به پيدا ڪندي رهندي ۽ انهن ئي مان هڪ سندس فرزند طارق عزيز شيخ به آهي جيڪو پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلي تاريخ ۽ ادب ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو پيو اچي. پر شيخ عزيز جهڙي منفرد ۽ يڪتا هستي پنهنجو مٽ پاڻ هئي. هي مرد دانا، صحافي ۽ محقق پنهنجي دور جي انهن ڳاڻ ڳڻين شخصيتن مان هڪ هو، جن سنڌي ٻوليءَ جي چمن جي آبياري پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جوئي وغيره کان پوء اهڙي طرح ڪئي جو علم، ادب، تاريخ، لوڪ ادب، لغت نويسي، لطيف شناسي، سنڌ شناسي ۽ صحافت جي ميدان ۾ اهڙا ته معرڪا سر ڪيا آهن جو پاڪستان ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ سنڌ سنڌي تهذيب و ثقافت ۽ سنڌي ٻولي بين الاقوامي سطح تي باقاعدي مڃتا حاصل ڪري پاڪستان ۾ هڪ شانائتو درجو حاصل ڪري پاڻ ملهايو آهي.
    شيخ عزيز پنهنجن مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن ۾ سنڌ جي قديم تاريخ ۽ سڀيتا جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي جيڪي پنهنجي وقت ۾ ملڪ ۽ غير ملڪي مايه ناز اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهئا ته ان وقت جي عالم، صحافين، اديبن ۽ ڏاهن ان ۾ پيش ڪيل تحقيق کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ سرهائي جو اظهار ڪندا هئا. اهي مضمون، مقالا، ڪالم يا ڪتاب شيخ صاحب مرحوم (جنهن کي مرحوم لکندي دل کي صدمو رسي ٿو) جي علمي پورهئي جي معراج آهن.
    شيخ صاحب جي علمي ڪاوشن ۽ تحقيقي ثمرات جي اصلي خزاني مان انيڪ اعلي و ارفع خوبين سان نوازيو، جن جو شمار ڪرڻ لاءِ به تمام گهڻو وقت درڪار آهي. خاص طور تي پاڻ حلم و مرنجان مرنجي , نهٺائي ۽ نوڙت, خلوص و صداقت جو پيڪر هو. ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي پڏائڻ پسند ڪونه ڪندو هو ۽ پنهنجي عميق علمي مطالعي ۽ دقيق فلسفياڻن نڪتن کي علم قاري تي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش اجائي غير ضروري ۽ دانشورانه موشگافين کان پاڪ ۽ صاف هوندي هئي. سندس نثر ٺيٺ، تُز ۽ عوامي لهجي ۾ هوندو هو ۽ سندس گفتار به روزمره جي عام فهم سنڌي ٻولي ۾ هوندي هئي. مون کي يقين آهي ته شيخ صاحب جي ڪتابن , مقالن ۽ ڪالمن کي پڙهڻ کان پوءِ اسان جا نوجوان محقق، وڌيڪ انهن علمي ادبي کيتر ۾ داخل ٿي اڃا به وڌيڪ ريسرچ ڪري اهڙن سوالن جا جواب ڳوليندا , جيڪي شايد لائق مصنف پنهنجين لکڻين ۾ اٿاريا آهن. ثقافت کاتي کي گهرجي ته هو بعد از مرگ شيخ صاحب جا اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ مقالا شايع ڪن ۽ اهڙي ڀيٽا خراج عقيدت طور پيش ڪن، جنهن سان سندس خاندان وارن، گهڻگهرن، صحافين، ادبي هم عصرن ۽ شاگردن کي قبول پوي. ڇو ته شيخ صاحب ۽ سندس وڏي ڀاء لوڪ ادب ماهر ۽ لطيف شناس شيخ محمد اسماعيل جا سنڌ واسين تي ايترا ته احسان آهن جو اهي اسين ڪڏهن به لاهي ڪونه سگهنداسين پر جيئن ته سنڌ جي پراڻي روايت آهي هميشه ڳائيندا رهنداسين. الله سائين شيخ صاحب کي جنت ۾ جڳھ عطا ڪري. آمين


    شيخ عزيز ھڪ بي باڪ قلم ڪار : دُرِ شھوار مرزا

    شيخ عزيز ھڪ بي باڪ قلم ڪار : دُرِ شھوار مرزا

    ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي صحافت جيڪي ذھين شخصيتون پيدا ڪيون، ناميارو صحافي، قلمڪار ۽ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ، شيخ عزيز انھن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. پاڻ ٽنڊو آغا علي آباد حيدرآباد ۾ ماني مڇيءَ واري تعليم يافته خاندان ۾ جنم ورتو. ھڪ اھڙي گھر ۾ جتي وڏي ڀاءُ جي صورت ۾ ھڪ پاسي ادب ۽ سنڌي آّثار قديمه جي ماھر شيخ محمد اسماعيل جي تربيت ته ٻي پاسي، سندن ٻيو ڀاءُ شيخ محمد ابراھيم ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر ھئا. اھڙي ئي تربيت سبب شيخ عزيز ادب ۽ صحافت ۾ به نالو ڪڍيو.
    ننڍي ڄمار ۾ ئي نه فقط شيخ عزيز صاحب جو لاڙو صحافت ڏانھن ھئو پر گڏو گڏ سنڌ جي تاريخ، ننڍي کنڊ جي موسيقي، ڊرامن، ٿيٽر ۽ شاھڪار ڪلاسيڪل ادب سان والھاڻو لڳاءُ پيدا ٿي ويو. شيخ عزيز صاحب اڃان نو عمر ئي ھئا، ته لکڻ پڙھڻ جي شوق سبب کين ان وقت جي سڀ کان وڏي اخبار روزاني”عبرت“ ۾ شموليت جو موقعو ملي ويو. ھي اھو دور ھو جڏھن سنڌ جي صحافت ۾ ھن اخبار جي ڀل ڀلان ھئي ۽ ان جا مالڪ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جھڙا ناميار انسان ھئا، اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب ھئا، شيخ عزيز صاحب ان اخبار ۾ سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون.
    پاڻ جيئن ته نوجوان، نئين ذھن جا مالڪ ۽ دنيا جي جديد اخبار نويسي جو گھرو مطالعو ڪندڙ ھئا ان ڪري نھايت جلد سنڌ ۾ جديد طرز جي صحافت متعارف ڪرائڻ ۾ پاڻ ملھائيندا رھيا. ان دوران ستر واري ڏھاڪي ۾ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي سليم اڪبر، گاڏي کاتي حيدرآباد مان ”سنڌ نيوز“ اخبار جاري ڪئي ته شيخ عزيز کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. شيخ عزيز صاحب نھايت ٿوري وقت اندر پنھنجن جونيئر ساٿين سھيل سانگيءَ ۽ امداد چانڊيي جي محنتن سان ھن اخبار کي سڄي سنڌ ۾ مقبول اخبار بنايو. پاڻ ان اخبار ۾ لاءِ فقط وقتائتا اداريا لکيا، پر سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۽ تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ به زبردست آواز اٿاريندا رھيا. ھيءُ دور دنيا ۾ جديد صحافت جو دور ٿي اڀري رھيو ھئو ۽ صحافت جي فروغ لاءِ پنجاب ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ صحافت جي سلسلي جا شعبا قائم ٿي چڪا ھئا. ھن جو مقصد ھئو ته نوجوانن کي عملي صحافت سان گڏ جديد صحافت جا آداب به پڙھايا وڃن. ان ڏس ۾ شيخ عزيز سنڌ جو اھو پھريون سڄاڻ صحافي ثابت ٿيو جنھن سنڌ ۽ صحافت سان دلچسپي رکندڙ يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ ڪتاب تحرير ڪيو.
    جڏهن ۱۹۷۸ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو ويو ته ان جي لاءِ خان محمد پنھور کي شعبي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ شيخ عزيز صاحب سنڌ يونيورسٽي اخبار لاءِ خدمتون سر انجام ڏيڻ سان گڏو گڏ ھن شعبي لاءِ وزيٽنگ پروفيسر جون خدمتون سر انجام ڏيندا رھيا. ۱۹۷۸ع ڌاري شروع ٿيندڙ ان شعبي ۾ ھي به سندن ئي تربيت جو اثر ھئو جو سنڌ کي جيڪي تربيت يافته صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر ۽ انفرميشن آفيسر ميسر ٿيا انھن ۾ ڪجھه نمايان نالا آھن؛ آغا رفيق، سريش ماکيجاڻي، آفتاب پٺاڻ، محترما رعنا ٽالپر ۽ نصير مرزا شيخ عزيز صاحب جي تربيت ھيٺ رھي چڱو نالو ڪڍيو. سنڌ نيوز اخبار جي بند ٿيڻ بعد شيخ عزيز صاحب ڪراچي شفٽ ٿيا ۽ روزاني جنگ اخبار جي ثقافت صفحي ۽ پوءِ مڊويڪ جنگ ميگزين جا انچارج ٿيا. اتي سندن وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اھو ظاھر ٿيو ته پاڻ پھريون ڀيرو اُردوءَ ۾ سنڌ جي ثقافت، لوڪ ڪھاڻين، سنڌ جي موسيقيءَ ۽ فنڪارن جي باري ۾ زبردست مضمون ۽ فيچر لکيا. سندن اھي سڀ تحريرون ڪنھن ڪتاب ۾ مرتب ٿيڻ لاءِ اڃا منتظر آھي.
    جنگ اخبار کان پوءِ شيخ صاحب روزاني ڊان اخبار سان وابسته ٿيا ۽ سنڌي، اردوءَ کان پوءِ انگريزي صحافت ۾ به پنھنجو پاڻ مڃرايائون. ان اخبار لاءِ سندن وڏو ڪم ھو به ھئو ته پاڻ سنڌ جي تاريخ بابت شاندار مضمون لکيا، گڏو گڏ سنڌ جي نامور علمي ادبي ۽ فني شخصيتن جا خاڪا انگريزيءَ ۾ لکيا. ان کان پھرين ڪنھن به سنڌي صحافي اھڙي خدمت نه ڪئي ھئي. شيخ صاحب جي بي بھا علمي ادبي ۽ صحافت لاءِ ڪيل خدمتن آڌار، کين ڪجھ وقت لاءِ سنڌي ادبي بورڊ اداري ۾ وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ انگريزي لکي چڪا آھن. زندگيءَ ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪري چڪا آھن، سڀ کان اول ته پاڻ لنڊن ويا جتان ۱۹۶۵ ڌاري پاڻ جرنلزم جي سند حاصل ڪيائون.
    پاڻ ڀارت، سعودي عرب، آمريڪا، جاپان، ٿائيلينڊ، سنگاپور، سريلنڪا، ڪوريا، جرمني، فرانس، ايران، عراق ملڪ گھمي چڪا آھن. روس جي سياحت بعد شان دار سفر نامو لکيائون. ”مون لينن جو ڏيھه ڏٺو“ شيخ عزيز صاحب بلاشبه سنڌ جي اھڙي معتبر ۽ نامور ھستي آھن؛ جن جي ذڪر کان سنڌي صحافت جي تاريخ اڌوري ھوندي.


    شيخ عزيز صحافت جو روشن ستارو: جاويد مرزا

    شيخ عزيز صحافت جو روشن ستارو: جاويد مرزا

    منجهند جا تقريبن ۱۲ ٿيا هئا ته طارق عزيز جو فون آيو ته بابا گذاري ويو آهي. ڇا ٿيو چاچا کي مون پريشاني مان پڇيو. حيدرآباد ۾ ڪٿي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو هو رستي ۾ طبيعت خراب ٿي پئي پوءِ حيدرآباد سول اسپتال ۾ خرم وٺي ويو پر اُتي طبيعت بهتر نه ٿي، اُن کانپوءِ آغا خان اسپتال ڪراچي وٺي آياسين ۽ اُتي پاڻ دم ڌڻي حوالي ڪيو. طارق ٻڌايو ته آئون فورن پنهنجي گهرواري گُلبدن سان گاڏي ۾ ڪراچي روانو ٿيس، رستي ۾ مون طارق سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته شهلا (چاچا جي وڏي نياڻي) لنڊن ۾ آهي، هو ٻئي ڏينهن ڪراچي پهچندي، اُن ڪري تدفين ٻئي ڏينهن ٿيندي. گاڏي هلندي رهي ۽ آئون سوچيندو رهيس اها شخصيت اسان کان اڄ جدا ٿي وئي آهي، جيڪو سنڌي انگريزي توڙي اردو صحافت ۾ وڏو نالو هو، جنهن جا ڪيترائي شاگرد مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ نمايان ڪاميابيون ماڻي چڪا آهن، چاچا عزيز جي وڏي ڀاءُ چاچا شيخ محمد اسماعيل سان منهنجي والد ممتاز مرزا سان دوستي نه پر برادري وارو رشتو هو، مطلب ته اسان جو هڪڙو ئي ڪٽنب هو، جڏهن چاچا عزيز جي فيملي گاڏي کاتي کان اسان جي پاڙي ٽنڊو آغا ۾ لڏي آئي ته منهنجو سندس گهر ۾ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ رهندو هو، چاچا عزيز اُن وقت عبرت اخبار ۾ ڪم ڪندو هو، ٻڌائيندو هو ته آفيس ۾ گهڻو ڪم هوندو آهي، چاچا عزيز پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکندو هو، ڪمپوزنگ جي ڪم کان وٺي ڇپائيءَ تائين هر ڪم جو ڄاڻو هو، هو پنهنجو ڪم ايمانداري ۽ ذميواريءَ سان ڪندو هو، جيستائين ڪم مڪمل نه ٿيندو هو تيستائين ويٺو رهندو هو، پوءِ ڀلي هن کي رات ڇو نه ٿي ويندي هئي پر هو پنهنجو ڪم مڪمل ڪري پوءِ ايندو هو، ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو هو، صرف پنهنجي ڪم سان سچو هوندو هو، جيڪا ڳالهه دل ۾ هوندي هئس اها چئي ڏيندو هو، چاهي ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، هو اُن جي پرواهه نه ڪندو هو، هن جو رويو ساڻس ڪم ڪندڙن سان تمام سٺو هوندو هو پر جيڪڏهن ڪنهن غلطي ڪئي ته سختيءَ سان سمجهائيندو هو، جيئن اهو اڳتي اهڙي ڪا به غلطي نه ڪري. چاچا عزيز يارن جو يار هو، سندس آفيس ۾ ڪيترا ئي دوست ايندا رهندا هئا ۽ ڪڏهن به اُنهن کي ماني کارائڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو هو ۽ جيڪو به ڪم هوندو اهو ڪرائي ڏيندو هو، چاچا عزيز راڳ جو ڄاڻو هو، هو بانسري وڄائيندو هو ته دل چاهيندي هئي ته ويٺو ٻڌجي، هو ٻيا ساز به وڄائي ڄاڻندو هو. ملهه جو شوقين هوندو هو، مشهور پهلوان سندس آفيس ۾ ايندا رهندا هئا، پاڻ ملاکڙا ڏسڻ لاءِ به ويندو هو ۽ ملهه پهلوانن جي هر ممڪن مدد ڪندو رهندو هو. اوچتو چاچا عزيز سخت بيمار ٿي پيو، کيس قلعي تي آپا امينا اشرف (قاضي محمد اڪبر صاحب جي صاحبزادي) جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس اهليه چاچي حميده ۽ آئون ساڻس گڏ هئاسين، چاچا جي طبيعت ڏاڍي خراب هئي ۽ پاڻ تمام ڪمزور ٿي ويا هئا پر پاڻ همت نه هاري ۽ بهادري سان ان بيماري جو مقابلو ڪيو ۽ صحتياب ٿي گهر آيو. چاچا عزيز ڪافي وقت اسپتال ۾ رهيو، قاضي محمد اڪبر سندس عيادت ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست عيادت ڪرڻ لاءِ اسپتال ۾ ايندا رهندا هئا. چاچي حميده چاچا عزيز جي هر ڏکي ۽ سکي مرحلي ۾ گڏ هوندي هئي، خاص طور تي چاچا کي وقت تي دوا ڏيڻ، سندن ڪپڙن، کاڌي پيتي جو خيال رکڻ ۽ لکڻ دوران چاچا کي پرسڪون ماحول مهيا ڪرڻ، مطلب ته سندس هر قسم جو خيال رکندي هئي. ايتري قدر جو تقريبن ۾ به چاچا سان گڏ گڏ هوندي هئي، چاچا آفيس ۾ هوندو ته چاچي وقت تي پاڻ دوائون کڻي ويندي هئي ۽ کيس کارائيندي هئي. چاچي جي عظمت کي سلام هجي جو هن پاڻ کي پوئتي رکي چاچا جي وڏي خدمت ڪئي، چاچا کي ڪامياب شخصيت بڻائڻ ۾ به چاچي جو وڏو ڪردار هو، ڌڻي تعاليٰ کيس پنهنجي ٻارن طارق، خرم، شهلا ۽ مونا سان هميشه خوش ۽ آباد رکي. جڏهن چاچا جي طبيعت ڪجهه ٺيڪ ٿي ته روزانه سنڌ نيوز جو افتتاح ٿيو، قاضي محمد اڪبر ان وقت جي وڏي وزير رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي کان افتتاح ڪرايو، چاچا عزيز اُن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، آئون ساڻس گڏ ايندو هئس ۽ سندس کاڌي پيتي ۽ دوائن جو خيال رکڻ منهنجي ذميواري هوندي هئي، جو چاچي مون کي سمجهائيندي هئي ته ڪهڙي دوا ڪهڙي وقت ڏيڻي آهي، چاچا عزيز جي نگراني ۾ مون صحافت جي تربيت ورتي، پاڻ منهنجو رهنما ۽ اُستاد هو، ڪجهه وقت کانپوءِ اخبار جون حالتون صحيح نه رهيون ۽ پوءِ چاچا حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچي هليو ويو ۽ آخري عمر تائين اُتي ئي رهيو، پاڻ روزانه جنگ ۾ آخر ۾ روزانه ڊان سان وابسته رهيو، جتي هن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سندس ڪتاب ۽ لکڻيون اڄ به نمايان حيثيت رکن ٿيون، جيڪي هميشه کيس زندهه رکنديون، پاڻ اسان کان جسماني طور تي جدا ٿي ويو آهي پر پنهنجي لکڻين ۾ اسان وٽ هميشه زندهه رهندو.

    (روزاني عبرت حيدرآباد، 27 آڪثوبر 2018ع)


    صحافت، ادب ۽ موسيقيءَ جو پارکو: شيخ عزيز : رمضان نومڙيو

    صحافت، ادب ۽ موسيقيءَ جو پارکو: شيخ عزيز : رمضان نومڙيو

    2018ع جو سال ان حوالي سان انتهائي ڳرو آهي جو هن سال سنڌ ۽ ملڪ جون اهم شخصيتون اسان کان وڇڙي ويون، سال جي شروع ٿيندي ئي انساني حقن جي علمبردار ۽ مسڪينن ۽ غريبن جو آواز عاصمه جهانگير اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن خبر پڻ هن ملڪ جي پوئتي پيل غريب عوام کي وڏو ڌچڪو پهچايو، سنڌ جي حوالي سان سينيئر سياستدان ۽ سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ ملهائيندڙ رسول بخش پليجي جو وڇوڙو به سنڌ جي لاءِ وڏو الميو آهي، جنهن جي وڇوڙي سنڌ جي حقن جي سياست ۽ ڊيمن خلاف اٿندڙ آواز کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، اڄ جيڪڏهن پليجو صاحب زندهه هجي ها ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ چيف جسٽس جي ڊيمن خلاف هلندڙ مهم کي چڱي ريت جواب ڏي ها، ڇا ڪاڻ ته هو هڪ ناميارو ۽ سينيئر وڪيل به هو، جيڪو وڌيڪ قانون کي ڄاڻندڙ هو ۽ سنڌؤ درياهه جو جهڙي نموني هو ڪيس وڙهيو، اهو اڄ ٻيو ڪو نه وڙهي سگهي ها، ساڳي طرح سنڌ جي هڪ ٻئي به قوم پرست شخصيت ۽ سنڌ جي سياست ۽ جمهوريت جو موڙ ڄام ساقي به هن سال لاڏاڻو ڪري سنڌ کي ننڌڻڪو ڪري ويو.
    07 آڪٽوبر 2018ع تي به سنڌ لاءِ ڄڻ ته هڪ خبر آسماني بجلي ٿي ڪري، جڏهن سنڌ جو سينيئر ترين صحافي، دانشور ۽ اديب سائين شيخ عزيز لاڏاڻو ڪري ويو، شيخ صاحب جديد صحافت جو ته ابو سڏجي ٿو پر سندس قلم جهڙيءَ طرح جمهوريت، استعماري قوتن ۽ آمرن خلاف جنگ جوٽي ان جو مثال ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڪجهه سال اڳ منهنجو انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ ڪنهن ڪم سانگي وڃڻ ٿيو، اتي منهنجي دوست زوار مرزا مون کي چيو ته مون سان گڏ هل ته توکي شيخ صاحب سان ملائي اچان، جيئن ته آئون نئين ٽهي جو صحافي هئس ۽ مون کي شيخ صاحب کي ”ڊان“ اخبار ۾ لکيل مضمونن ۽ خبرن تمام گهڻو متاثر ڪيو هو ۽ ساڻس ملاقات لاءِ تڪڙا تڪڙا پير ڀري سندس ڪمري ۾ پهتاسين، شيخ صاحب ڪمپيوٽر تي پنهنجي ڪنهن خبر يا مضمون جي ڪمپوزنگ ۾ مصروف هو ۽ مون کي ڏسي ڪمپيوٽر تي سندس هٿ بيهي رهيا، پاڻ اٿي تمام پاٻوهه سان مون سان مليو ۽ مون کيس چيو ته آئون حيدرآباد مان آيو آهيان ۽ توهان جي فرزند طارق عزيز شيخ جو ڪلاس فيلو به رهيو آهيان ۽ صحافت سان به واڳيل آهيان، شيخ صاحب مون کي نهايت ئي کل جهڙي انداز ۾ ڀليڪار چئي ۽ ڪجهه گهڙيون ساڻس ڪچهري به ڪئي، مون سندس ڳالهين مان ائين محسوس ڪيو ته هي پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ ماڻهو آهي ۽ سندس ڳالهين ۽ سندس سوچ مان اندازو لڳايم ته هي انتهائي وڏو ماڻهو آهي، بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ وري به منهنجي دوست طارق عزيز سان ملڻ دوران گهر ۾ ساڻس هڪ ٻه دفعا ملاقات به ٿي، ان ۾ به شيخ صاحب مون سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو هو، پر هڪ خاص ڳالهه جيڪا مون شيخ صاحب ۾ نوٽ ڪئي سا اها ته هو پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مشغول ۽ مصروف هوندو هو جو هڪ ته گهٽ ڳالهائيندو هو ۽ گهڻو وقت پنهنجي ڪم طرف ڌيان ڏيندو هو.
    تازو شيخ صاحب جون ڪيتريون ئي قسطون مون ”ڊان“ جي سنڊي پيج ۾ لڳاتار پڙهي وڏي معلومات حاصل ڪئي، جنهن ۾ هن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي عروج ۽ زوال کي نهايت ئي ناول واري طريقي سان لکيو ۽ سمجھايو، سندس ان ڪالم ۾ جنرل ضياءَ الحق جون ارهه زورايون، مارشل لا جون ڪاريون راتيون ۽ ظلم نهايت ئي تسلسل سان پڙهڻ لاءِ مليا، شيخ صاحب ان سڄي ڪهاڻيءَ کي (الف) کان (ي) تائين اهڙي ته نموني قسط وار سمجھايو جو نه رڳو هن ملڪ جو سياسي شعور رکندڙ ماڻهو ملڪ جي ماضي جي سياسي صورتحال کان واقف ٿيو پر اڄ جي شاگرد طبقي کي به ان جي ڪالم وڏي معلومات حاصل ٿي. ان کانسواءِ شيخ صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ سياست، سماجيات، علم، ادب ۽ موسيقيءَ جي سوين موضوعن تي به هزارين مضمون پڻ لکيا ۽ ان سان گڏ هن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا، جن ۾ پوليٽيڪل هسٽري آف پاڪستان، هسٽاريڪلر ايٽلس آف سومرا ڪنگڊم آف سنڌ، ڀُٽو- ميموريز ۽ ريمبرنس، اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر، اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ سميت عملي صحافي نالي ڪتاب شامل آهن، شيخ عزيز صاحب هڪ گهري نظر رکندڙ صحافي سان گڏ موسيقي جو وسيع ڄاڻ پڻ رکندو هو، شيخ صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمين پڻ مقرر ٿيو، مرحوم حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر، حيدرآباد يونين آف جرنلس جو صدر ۽ آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائيٽيءَ جو جج پڻ رهيو، 09 ڊسمبر 1938ع ۾ حيدرآباد جي علائقي ٽنڊو آغا علي آباد ۾ جنم وٺندڙ شيخ عزيز صاحب 07 آڪٽوبر 2018ع تي 79 سالن جي ڄمار ۾ اسان کان وسري ويو، شيخ صاحب نه رڳو اخبار ڊان پر روزاني حريت، روزاني جنگ ۽ هفتي وار آبزرور ۾ پڻ ڪم ڪيو، هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو ڳچ عرصو روزاني جنگ ڪراچيءَ ۾ به پنهنجيون صحافي ذميواريون سر انجام ڏيندي گذاريون، بعد ۾ 1989ع کان 2008ع تائين هو ڊان سان منسلڪ رهيو ۽ رٽائرڊ ٿيو، ان کانپوءِ به شيخ صاحب آخري گهڙيءَ تائين ڊان ۾ ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي ڪم ڪندو رهيو ۽ آخري دم تائين ڊان سان ئي سندس قلم بند ٿيو، اسان لاءِ شيخ صاحب مشعلِ راهه آهي، جنهن سنڌي صحافت ۽ هڪ سنڌي صحافي هجڻ جي ناتي جيڪي صحافت جا وڏا پنڌ ڪيا، اهي شايد شيخ صاحب جي ئي ورثي ۾ آيا، سندس صحافتي، ادبي ۽ موسيقي لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن.

    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي

    ( روزاني سوڀ حيدرآباد، 15 آڪٽوبر 2018ع )


    مان جو ئي آھيان سو ئي آھيان: طارق عزيز شيخ

    مان جو ئي آھيان سو ئي آھيان: طارق عزيز شيخ

    ٻالڪپڻي واري ڄمار ۾ ياد اٿم ته اسان جي گهر جو هڪڙو ڪمرو اهم هوندو هو جنهن ۾ عام جام طريقي سان نه وڃي سگهندا هئاسين ۽ اهو ڪمرو منهنجي والد جو هو. هن جو لائيف اسٽائيل پنهنجو هو. پڙھڻ لکڻ کان سواء هر ڪم جو ٽائيم ٽيبل مقرر هو. نيرن صبح ساڍي ستين وڳي، ڏينهن جي ماني منجهند هڪ وڳي ۽ رات جي ماني عام طور تي دير سان. ماني تمام ٿوري کائيندو هو پر مخصوص کاڌو هوندو هو جنهن ۾ سلاد ۽ آچار لازمي هوندو هو. موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. پنهنجي ميزڪ لائبريري ٺاهيل هئس جنهن ۾ سڄي دنيا جي ميوزڪ جي ڪليڪشن موجود هئي، خاص طور تي پڪي راڳ جي اهڙي چونڊ گڏ ڪيل هئس جو شايد ئي ڪنهن وٽ هجي.
    گهر ۾ شروع کان وٺي اخبارن جا ڍڳ ڏسندا هئاسين. عام طور تي گهرن ۾ اخبار پڙھڻ کان پوء رديءَ جي ڍير تي اڇلائي ڇڏبي آهي پر اسان وٽ اخبار تاريخ گذري وڃڻ بعد به پيل رهندي هئي جيستائين بابا ان جي خبرن ۽ آرٽيڪلز کي ڪٽي ڇانٽي فائيل ۾ نه لڳائيندو هو. اهي فائيل سبجيڪٽ وائيز سنڌ، ملھ، ملڪي سياست، عالمي سياست، شخصيتون، ثقافت، موسيقي، زراعت، ڪرائيم، تاريخ، ادب، ماڳ مڪان ۽ ڪيترا ئي الڳ الڳ موضوع جا ٺاهيندو هو.
    هن جي زندگي صحافت سان عشق ۾ گذري آهي، هو سنڌي اخبارن جو حليو درست ڪرڻ لاء ڪن اخبارن جي مالڪن کي پڻ صلاحون ڏيندو هو۽ فڪرمند رهندو هو. سنڌي اخبارن جي سٺين خبرن، مضمونن ۽ اشوز کي ساراهيندو به تمام گهڻو هو پر ساڳئي وقت انهن جي لي آئوٽ کان وٺي ايڊيٽوريل پيج تي روز تنقيد به ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته اڃا به هڪ اهڙي سٺي اخبار جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي جيڪا مڪمل هجي.
    دنيا جي سمورن ملڪن جي سياست ۽ ملڪي حالتن کان مڪمل باخبر رهندڙ بابا جو مزاج اڄ اسان جي گهر جي روايت بڻيل آهي، سمورا گهر ڀاتي هر ڪلاڪ وارين خبرن کان آگاھه رهن ٿا. منهنجي والد صاحب جا هزارن جي انگ ۾ لکيل مضمون جيڪي مختلف موضوعن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ آهن، انهن کي وقت سر گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ارادو آهي.
    ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي سندس لاڏاڻو ٿيو. ان کان پوء سندس شيلف مان مڪمل ڪتاب مليو جيڪا هن جي آتم ڪهاڻي هئي. هي ڪتاب ”دارون ۽ ڪارون“ جي نالي سان لکيل آتم ڪهاڻي آهي جيڪا هن ۲۰۱۱ع ۾ لکي پوري ڪئي. هيءَ آتم ڪهاڻي عام ليکڪن جي آتم ڪهاڻيءَ کان قطعي تبديل آهي جيئن ڪو ليکڪ پنهنجي ٻالڪپڻي کان زندگيءَ جي شام ٿيڻ تائين فقط پنهنجي ذات تائين محدود هوندو آهي. هيءَ آتم ڪهاڻي انهن عام رواجي انداز کان بنھه تبديل آهي. ڪجھه عرصي ۾ هي ڪتاب منظر عام تي اچي ويندو.
    بابا جي هر تحرير جو انداز هونئن به منفرد رهيو آهي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ زماني کي ڪيئن ڏٺو سو بيان ٿيل آهي. بابا ملڪ جي نمبر ون رهندڙ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن عبرت، سنڌ نيوز، جنگ، حريت ۽ ڊان ۾ هميشه ڪي پوسٽن تي رهيو پر ڪڏهن به ڪنهن جو ٿورو نه کنيائين نه وري ڪو فائدو ورتائين. اهو اسان کي فخر آهي. هو نه ڪڏهن بليڪ ميل ٿيو ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن کي بليڪ ميل ڪيائين. هو بي باڪ ليکڪ هو، سچ لکڻ ۾ دير نه ڪندو هو ڀلي اهڙي سچ چوڻ سان ڪو ڪاوڙجي وڃي يا پاڻ کنڀجي وڃي. هن آخر تائين قلم ۾ ڪوڙ جي مس ڪونه ڀري. مون کي سچل سرمست جي هوبهو هن سٽ مثل لڳو ’ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، مان جو ئي آهيان سو ئي آهيان.‘

    (روزاني عبرت حيدرآباد، 27 نومبر 2018ع)


    شيخ عزيز جي گھڻ پاسائين شخصيت: سرويچ حيدر اوڍو

    شيخ عزيز جي گھڻ پاسائين شخصيت: سرويچ حيدر اوڍو

    صحافي دوست گروپ پاران پريس ڪلب حيدرآباد ۾ جديد صحافت جي بانيڪار ۽ موسقيءَ جي ڄاڻو شيخ عزيز جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس ٿي گذريو. انهيءَ موقعي تي شيخ عزيز جي گھڻگھرن، دوستن ۽ ان شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آيل مهمانن جي آجيان ڪندي سنڌ ايڪسپريس جي ايڊيٽر فاروق سومري چيو ته اڄوڪي ميڙاڪي ۾ صحافتي ڏاهي، هڪ وڏي اسڪالر شيخ عزيز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اسان گڏ ٿيا آهيون. شيخ عزيز صحافت کي ترقي پسند رخ ڏنو. شيخ صاحب ۱۹۶۳ ۽ ۱۹۶۶ ۾ پريس ڪلب حيدرآباد جو صدر رهيو ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جو به صدر رهيو. صحافي سنگت فيصلو ڪيو آهي ته هن سال وانگر هر سال شيخ عزيز ايوارڊ ڏنا ويندا جيئن ان جي يادگيري به رهي ۽ ايوارڊ ماڻيندڙ شيخ صاحب جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي به ڪوشش ڪن. هن سال لائيف اچيومنٽ ايوارڊ سينيئر صحافي جي اين مغل کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ جن ٻين کي اڄوڪي پروگرام ۾ ايوارڊ ڏنا ويندا اُنهن ۾ سنڌ ايڪسپريس جو سينيئر رپورٽر اسحاق مڱريو، ڊان گروپ سان واڳيل صحافي محمد حسين خان، جنگ جو رپورٽر محمد قاسم هالي پوٽو، ڪاوش جي رپورٽر عظمت ڪنڀر، ابتڪ ٽي ويءَ جو رپورٽر حفيظ مگسي ۽ ايڪسپريس جو رپورٽر دانش نفيس شامل آهن. ان موقعي تي شيخ عزيز جي فرزند طارق شيخ عزيز چيو ته شيخ عزيز نه صرف اسان جو پر سڄي سنڌي صحافت جو اثاثو هيو. هو پنهنجي شخصيت ۾ ادارو هيو، صبح کان رات تائين جستجوءَ ۾ هوندو هيو ته نيوز جي دنيا ۾ ڇا پيو هلي. هن کان توهان ڪنهن به وقت ڪهڙي به موضوع تي ڳالهرائي يا لکرائي سگھو ٿا. هن کي موسقيءَ سان وڏو لڳاءُ هيو. هن ۱۹۶۲ ۾ عبرت ميگزين جو بنياد رکيو. هن صحافت جي ابتدا ۱۹۵۶ ۾ ڪئي ۽ ۱۹۵۸ ۾ عبرت جوائن ڪيائين ۽ ۱۹۷۶ تائين عبرت سان واڳيل رهيو. عبرت ۾ نيوز، ميگزين ۽ ايڊيٽوريل پيج سميت هر شعبي ۾ جديديت روشناس ڪرايائون. هن جي شاگردن صحافت ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. پاڻ جڏهن روزاني جنگ جوائن ڪيائون ته مهراڻ رنگ جي نالي سان صفحو شروع ڪيائون جنهن ۾ سنڌ جا سمورا رنگ شامل هوندا هيا. اهڙي طرح جنگ جي معرفت سنڌ جي هر پهلوءَ کي اجاگر ڪيائون. اڳتي هلي روزاني ڊان جوائين ڪيائون. اتي سنڌ بابت ڪالم لکندا هيا. اهڙي طرح جنگ ۽ ڊان معرفت سموري دنيا ۾ سنڌي ڪلچر، ٻولي ۽ تاريخ بابت ڄاڻ ڏنائون بقول يوسف شاهين جي ته شيخ عزيز علم جو انسائيڪلوپيڊيا هيا. هن جو سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل جھجھي انگ ۾ يادگار ۽ تاريخي مواد اسان وٽ پيل آهي. روزاني مهراڻ جي ايڊيٽر فقير منٺار مڱريو چيو ته شيخ عزيز سنڌي ٻولي ۽ صحافت جي جيڪا خدمت ڪئي آهي مان ان تي کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. روزاني ڌرتيءَ جي ايڊيٽر ظهير ميراڻيءَ چيو ته شيخ عزيز جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. منهنجي صحافت جي ابتدائي ڏينهن ۾ جڏهن شيخ صاحب سان ملاقات ٿي ته مان ان کان ڏاڍو متاثر ٿيس. عوامي آواز ۽ سنڌ سجاڳ ميگزين لاءِ شيخ صاحب کان انٽرويو وٺڻ واري ٽيم ۾ مان به شامل هيس. شيخ صاحب سنڌي صحافت سان گڏ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به وڏو نالو ڪمايو. پاڻ سنڌي قوم جو اثاثو آهن. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي انچارج امداد چانڊئي تقرير ڪندي چيو ته منهنجي زندگيءَ جو ڳچ حصو سياست ۾ گذريو ۽ ايترو ئي وري استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون مان خوشنصيب آهيان ته مون صحافت جي ابتدا شيخ عزيز جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار سان ڪئي.
    ان زماني ۾ مون شيخ صاحب جي پائي جو يا ان جو مٽ ڪو صحافي ڪونه ڏٺو. هو وڏو پڙهيل لکيل ماڻهو هيو. هن اسان کي سيکاريو ته عملن صحافت ڪيئن ڪبي آهي هن صحافت کي ڊرائينگ روم مان ڪڍي عوام تائين پهچايو.
    اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته با صلاحيت صحافي پيدا ڪريون جيڪي شيخ عزيز جي نقش قدم تي هلن. روزاني سنڌ جي ايڊيٽر ڪامريڊ مهيش ڪمار چيو ته مان جڏهن ساٿي ٻارڙا سنگت جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هيس ته ان وقت شيخ عزيز مون سان ملڻ ڳوٺ آيو هيو. ۲۰۱۰ ۾ جڏهن مان حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر ٿيس ته شيخ صاحب اڪثر ڪلب ايندو هيو. ان جي صلاحن سان اسان پريس ڪلب ۾ هڪ فارمولي تحت ڀائيچاري وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسون. شيخ صاحب اڪثر چوندو هيو ته صحافي کي پروفيشنل هجڻ گھرجي تڏهن ئي ايمانداريءَ سان اڻڌري صحافت ڪري سگھجي ٿي. هن چيو ته مان پنهنجي طرفان منهنجي نياڻي برکا جي نالي تي قائم پبليڪيشن پاران شيخ صاحب جو هڪ ڪتاب شايع ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو ۽ ڪلچر کاتي سميت ٻين اشاعتي ادارن کي اپيل ڪندس ته شيخ صاحب جو سنڌي، اردو ۽ انگريزي وارو اهم ۽ سانڊڻ جهڙو مواد پيل آهي ان کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان کي نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ ڪتاب شايع ڪيا وڃن. شيخ عزيز جي شاگرد آغا رفيق چيو ته شيخ صاحب اسان کي ٻه شيون سيکاريون ته هڪڙا اهي هوندا آهن جيڪي پئسي جي ڪڍ مرندا آهن. ٻيا اهي هوندا آهن جيڪي مقصد لاءِ مرندا آهن. هن صحافت جو بنيادي اصول سيکاريو ته صحافت هڪ مشن آهي صحافت ڌنڌو ناهي هوندو. اسان جڏهن اخبار جي آفيس ۾ ڪم ڪندا هياسون ته اسان کي خبرون ٺاهڻ لاءِ ملنديون هيون ته هن جي نصيحت هوندي هئي ته پنهنجي ضمير موجب ڪم ڪيو، جيڪا شي سمجهو ته جائز ۽ حق تي آهي پوءِ ان تي بيھجي وڃو، ان تي ڪمپرومائيز نه ڪريو، ڪنهن جو به خيال نه ڪيو، اها ئي اصولن واري صحافت آهي ۽ توهان تاريخ دان آهيو ان ڪري اهو ڪجهه لکو جيڪو توهان جو ضمير چوي ٿو ڇو ته جڏهن تحقيق ٿيندي ته توهان جون لکيل شيون رفرنس طور ڪم اينديون ان ڪري سچ لکو ۽ ان تي بيهي رهو. پروفيسر ذوالفقار قريشي چيو ته منهنجو خاندان ستن پيڙهين کان گائڪيءَ سان واڳيل رهيو آهي. مون شيخ عزيز جي صحبت کان گھڻو ڪجهه سکيو. هن مون کي وائي ۽ ڪافيءَ ۾ فرق سمجهايو ۽ ڌنون ڪيئن خوبصورت بنائي سگھجن ٿيون. اهو به مون شيخ صاحب کان سکيو. سماج سڌارڪ اڳواڻ سليمان جي ابڙي چيو ته شيخ عزيز صحافت ۾ نوان گس ۽ موڙ ڏنا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته اسان اسلام آباد ۾ ڪچهري ۾ ويٺل هياسون. اتي آغا رفيق ٻڌايو ته شيخ عزيز جا سنڌي موسقي ۽ ڪلچر بابت ڊان اخبار ۾ اهڙا ته تحقيقي ۽ معلوماتي ليک اچن ٿا اسان ان مان ڪافي پرايون ٿا ۽ اهي اسان جي وڏي ڪم جا ثابت ٿين ٿا. ان ان وقت شيخ عزيز جي شخصيت بابت معلوم ٿيو ته هو ڪيڏو نه وڏو ماڻهو هيو. هن جو اهو ڪارائتو مواد شايع ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ گھرجي جيئن ان مان اسان جو نئون نسل مستفيض ٿي سگھي. رفيق شيخ چيو ته ۳۸ سالن جون يادون تازيون ٿي ويون آهن شيخ صاحب جيترو وڏو صحافي هيو اوترو ئي سٺو دوست هوندو هيو. هو پنهنجي آمدنيءَ جو وڏو حصو دوستن تي ۽ ڪچهرين ۾ خرچ ڪندو هيو. جڏهن پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ هوندو هيو ته سڄو ڏينهن چانهه پيٽيس جو سلسلو پيو هلندو هيو. سينيئر صحافي جي اين مغل چيو ته شيخ عزيز صحافت جو وڏو اثاثو هيو. هن چيو ته جيڪا صحافت اخلاقيات تي مبني ناهي ان کي صحافت نه ٿو سمجهان. شيخ عزيز صحافتي اصولن جي سهڻي نموني پاسداري ڪئي. قاضي خادم چيو ته شيخ عزيز جي پائي جا ماڻهو مون گھٽ ڏٺا آهن. بيباڪ صحافي، دوستن جو دوست، پڙهڻ ۽ موسقي جو شوقين. هن ڪلچر، تاريخ ۽ ميوزڪ تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ گھڻو لکيو. هن جي اها خوبي هئي ته هو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي هڪ جهڙو عبور رکندو هيو. هن ٽنهي ٻولين جي وڏين اخبارن ۾ ڪم ڪيو. هن پريس ڪلب انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته هن هال جو نالو شيخ عزيز هال رکيو وڃي. اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق چيو ته شيخ عزيز اصولن واري صحافت ڪئي. پاڻ خوددار شخصيت جو مالڪ هيو. هن زندگيءَ ۾ مسلسل نواڻ ۽ تحقيق تي ڪم ڪيو. هن صحافي دوست گروپ جي دوستن کي ساراهيو جو انهن شيخ صاحب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هي پروگرام رکيو آهي. هن چيو ته اسان مرده قوم آهيون. جيئري شيخ صاحب کي خراج پيش ڪيو وڃي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها. هن چيو ته شيخ صاحب ۾ جيتريون خوبيون ۽ صلاحيتون هيون هو اوترو ئي نوڙت ۽ سادگيءَ سان زندگي گذاريندو هيو. انهيءَ موقعي تي عبدالحفيظ عابد، ظهير احمد جن تقريرون ڪيون. پروگرام جي آخر ۾ تقريب ۾ آيل مهمانن شيخ صاحب جي تصوير آڏو گلن جي ورکا ڪري ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا ڏني. اهڙي طرح سنڌ جي هن انمول هيري کي ڀيٽا ڏيڻ وارو پروگرام پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. مان هڪ دفعو وري صحافي دوست گروپ جي دوستن کي واڌايون ڏيندس جو انهن شيخ عزيز کي ياد ڪيو ۽ ان کي ڀيٽا پيش ڪئي. اهڙي طرح اها ڪوشش جاري رهڻ گھرجي. صحافت جي ميدان ۾ کوڙ سارا ڪردار موجود آهن جن اصولن جي صحافت ڪئي. اهو ضروري به آهي ته اسان جي نئين نسل کي صحافت جي کيتر ۾ ڪم ڪندڙن جي زندگين بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگھي.

    (روزاني سنڌ حيدرآباد، 28 جنوري 2019ع)


    آھه! شيخ عزيز جو لاڏاڻو!

    آھه! شيخ عزيز جو لاڏاڻو!

    سنڌ جو ناميارو صحافي شيخ عزيز لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڪالهه سپر هاءِ وي تي نوري آباد وٽ دل جو دورو پيو. فوري علاج لاءِ حيدرآباد نيو ويو پر اُتي علاج جون مناسب سهولتون نه هجڻ ڪري کيس فوري طور آغا خان اسپتال ڪراچيءَ آندو ويو جتي سندس دل جي اينجيوپلاسي ٿي. اينجيوپلاسيءَ بعد سندس طبعيت ۾ سڌارو اچڻ لڳو پر ڏينهن گذرڻ دوران اوچتو ئي اوچتو سندس دل هلڻ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب هو هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. رب الڪريم کيس پنهنجي ٻاجهه ۾ رکي. شيخ عزيز ۷۹ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، سندس جنم ۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع تي حيدرآباد ٽنڊو آغا علي آباد حيدرآباد جي هڪ خوش پوش ۽ تعليم يافته خاندان ۾ ٿيو هو.
    ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي صحافت جي شعبي ۾ جيڪي نامياريون شخصيتون پيدا ٿيون آهن اُنهن ۾ ناميارو صحافي، قلمڪار ۽ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ شيخ عزيز نمايان حيثيت رکي ٿو. سندس وڏو ڀاءُ شيخ محمد اسماعيل ادب ۽ سنڌ جي قديم آثارن جو ماهر هيو ۽ ٻيو ڀاءُ شيخ محمد ابراهيم ريڊيو پاڪستان جو پروڊيوسر هيو. ٻنهي ڀائرن جي تربيت جو مٿس انتهائي گهرو اثر هو پر شيخ صاحب پاڻ به ذهني طور تي سڄاڻ ۽ سجاڳ انسان هيو. سندن طبعيت ۾ ننڍي هوندي کان ئي علم، ادب ۽ آرٽ طرف لاڙو نمايان هوندو هو جڏهن ته ان سان گڏو گڏ سنڌ جي تاريخ، ننڍي کنڊ جي موسيقي، ڊراما، ٿيٽر ۽ شاھڪار ڪلاسيڪل ادب طرف به سندس لڳاءُ والهانا هيو.
    شيخ عزيز پنهنجي شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هُن عملي صحافت لاءِ پنهنجي تعليم ٿامس ڪاليج آف جنرنلزم لنڊن مان صحافت ۾ ڊپلوما حاصل ڪري مڪمل ڪئي، ان بعد پنهنجي عملي صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين؛ ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ جي شوق ڪري کيس ان وقت سنڌ جي سڀ کان وڏي اخبار روزاني”عبرت“ ۾ شموليت جو موقعو مليو. اُن وقت اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب هيو، شيخ عزيز صاحب پهريان سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون پر عملي صحافت جي شروعات هُن پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ئي حيدرآباد مان روزاني عبرت، روزاني سنڌ نيوز ۽ روزاني ڪاروان ۾ ڪم ڪري ڪيو، بعد ۾ هُن روزاني حُريت، روزاني جنگ ۽ هفتي وار آبزرور ۾ پڻ ڪم ڪيو. هُن پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو ڳچ عرصو روزاني جنگ ڪراچيءَ ۾ پنهنجيون صحافتي ذميواريون سر انجام ڏيندي گذاريو. ان بعد هُن انگريزي اخبار روزاني ڊان ۾ نوڪريءَ جو آغاز ڪيو، روزاني ڊان ۾ هُن پنهنجي زندگيءَ جو تمام وڏو عرصو ڪم ڪيو تان جو ۲۰۰۸ع ۾ رٽائر ڪيائين. هُو روزاني ڊان سان ۱۹۸۹ع کان منسلڪ ٿيو هو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ڪم ڪندو رهيو، رٽائر ٿيڻ بعد به هو روزاني ڊان ۾ لکندو رهيو.
    مرحوم ۽ مغفور شيخ عزيز پنهنجي زندگيءَ ۾ عملي صحافت سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو صدر ۽ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽيءَ جو جج پڻ رهيو. هُن پنهنجي زندگيءَ ۾ سياست، سماجيات، علم، ادب ۽ موسيقيءَ جي سوين موضوعن تي هزارين مضمون پڻ لکيا ۽ ان سان گڏ هُن ڪيئي ڪتاب پڻ لکيا جن ۾ پوليٽيڪل هسٽري آف پاڪستان، هسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگ ڊم آف سنڌ، ڀٽو- ميموريز ۽ ريمبرينس، اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر، اوريجن اينڊ اوليوشن آف سنڌي ميوزڪ سميت عملي صحافت نالي ڪتاب شامل آهن. شيخ عزيز صاحب هڪ عميق ۽ گهري نظر رکندڙ صحافيءَ سان گڏ موسيقيءَ جي وسيع ڄاڻ پڻ رکندو هو. شيخ عزيز سنڌي ادبي بورڊ جو وائس چيئرمين پڻ مقرر ٿيو. سنڌ جي صحافتي تاريخ ۾ جيڪي به شخصيتون پيدا ٿيون آهن انهن مان شيخ عزيز جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي جو هو هڪ صحافي هوندي ڄڻ ته پنهنجي وجود ۾ هڪ جامع ادارو هو، جنهن سنڌي صحافت جي شروعاتي ايام ڪاريءَ ۾ ڪيئي سنڌي اخبارن جا نه صرف بنياد رکيا پر انهن کي ڏينهن رات جاکوڙ ڪري ادارن جي صورت ڏني، ڪيئي اخباري ادارن جي قيام ۽ نه فقط بنيادي ڪردار ادا ڪيائين پر ان سان گڏ ڪيئي صحافين جي تربيت پڻ ڪيائين جيڪي اڳتي هلي صحافتي ۽ قومي زندگيءَ جي اعلى معيار کي رسيا.
    شيخ عزيز صاحب جو لاڏاڻو اسين سمجهو ٿا ته نه صرف سندس ڪٽنب لاءِ هڪ وڏي ڏک جو سبب بڻيو آهي پر ان سان گڏو گڏ سندس لاڏاڻو پوري سنڌي سماج لاءِ انتهائي ڏک ۽ افسوس جو سبب پڻ بنيو آهي، سماج ۾ هر انسان جو پنهنجو پنهنجو ڪردار، اهميت ۽ اثر هوندو آهي، سماج ۾ هر انسان جي پنهنجي سوچ ۽ فڪر هوندو آهي جنهن تحت ئي ان جي زندگي گذرندي آهي، پر اهي انسان جيڪي پنهنجي عملي زندگيءَ جي عرصي ۾ جيڪڏهن ڪنهن سماج تي پنهنجو اثر ڇڏي وڃن ٿا، سماج جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي کي ڪو نئون موڙ، ڪا نيئن زندگي، ڪو نئن فڪر يا عمل ڏئي وڃن ٿا ۽ سندن اهڙين ئي ڪوششن ڪري سماج ترقيءَ جي هڪ وک اڳتي وڌائي ٿو ته سمجهبو ته ان ماڻهوءَ جو هن دنيا ۾ اچڻ سڪارتو ٿيو، نه ته هر روز لکين انسان جنم وٺن ٿا ۽ لکين مرن ٿا، سڀني کي نه ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي انهن جي لاڏاڻي تي ڪو سمورو سماج ڏکوئتو ٿئي ٿو، سماج فقط انهن ماڻهن کي ياد ڪري ٿو ۽ انهن جي وڇڙي وڃڻ تي ڏک ۽ الم ڪري ٿو جيڪي سماج جا اڏيندڙ ٿين ٿا.
    شيخ عزيز صاحب سنڌي سماج جي انهن اڻ ڳڻين شخصيتن ۾ شامل آهي جن جي ڪوششن سان سنڌي سماج، سماجن جي تاريخ ۾ پنهنجو ڪو مان ۽ مرتبو ڳڻائي سگهي ٿو، اهو درست آهي ته سماجن کي ادارا جوڙيندا آهن، پر اهو به غلط ناهي ته ادارن کي وري شخصيتون جوڙينديون آهن، جيڪي قومن کي جوڙيندا ۽ جياريندا آهن. شيخ عزيز صاحب جو شمار اهڙن ئي انسانن ۾ ٿئي ٿو جن قومن ۽ سماجن جي تعمير ڪرڻ لاءِ ڪيئي ادارن کي جنم ڏنو، شيخ عزيز صاحب هميشه سنڌي سماج جي ساڃاهه، شعور ۽ فڪر ۾ جيئرو رهندو. سنڌ کي وري به ڪنهن ٻئي شيخ عزيز جي سخت ضرورت آهي.

    (ايڊيٽوريل، روزاني عوامي آواز ڪراچي، سومر ۸ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع، ۲۷ محرم الحرام ۱۴۴۰ هه)


    ایک لیجنڈری صحافی کی موت : حسن مجتبیٰ

    بہت دنوں کی بات ہے حیدرآباد سندھ شہر کے سول لائنز میں ایک انقلابی پیدا ہوا تھا۔ اس انقلابی کا نام سلیم اکبر قاضی تھا۔ اس انقلابی کا والد ہر حکومت وقت کے ساتھ اور یہ نوجوان کامریڈ۔ وہ ذوالفقار علی بھٹو کا زمانہ تھا۔ اس نوجوان کا والد پہلے پرتگال میں سفیر اور پھر ذوالفقار علی بھٹو کی حکومت کے ہاتھوں چالیس سے زائد اخبارات، کتب و رسائل پر پابندی کے خلاف اپیلیں سننے والے اسپیشل ٹربیونل کا سربراہ۔ اور بندش شدہ مذکورہ مطبوعات میں سے کئی اب بھی زیر بندش ہیں یہ اک الگ کہانی ہے۔
    یہ وہ دن تھے جب کبھی ٹھٹھہ شہر میں آگ لگانے والے پرتگالی مداخلت کار انگولا سے شکست کھا کر نکلے تھے تو سندھی شاعر شیخ ایاز نے اس پر ایک نظم کچھ اس طرح لکھی تھی:
    پرتگال میں رہنے والو
    جوئے خون میں بہنے والو
    صدیاں بیتی تم نے جب
    ٹھٹھہ میں آگ لگائی تھی
    اور میرے لب پہ دہائی تھی
    ہاں انہی دنوںپرتگال میں پاکستان کے سفیر کا یہ بیٹا اپنے سول لائنز والے گھر میں بھٹو حکومت کو مطلوب باغی انقلابی نوجوان چھپا کر ٹھہراتا تھا جن میں معروف انقلابی نوجوان نذیر عباسی بھی ہوا کرتاتھا۔ اگرچہ منہ میں سونے کا چمچہ لیکر پیدا ہونیوالے اس انقلابی نوجوان کا ایک آبائی پیشہ اخبار کی اشاعت بھی تھا۔ لیکن روایتی اشتہاری اخبار جو ایک اشتہار کی خاطر انفارمیشن افسر سے بھی بنا کر رکھتا تھا۔ اب اس نوجوان انقلابی نے سندھی اخبارمیں ایک غیر روایتی لیکن عملی صحافت کی داغ بیل ڈالنے کی ٹھانی۔ ایک اخباری خواب دیکھا۔ اس اخبار کا نام تھا ’’سندھ نیوز‘‘۔ سندھ میں اس نئے اخبار کیلئے اس کے بانی نے پہلا مدیر سندھ کے منجھے ہوئے صحافی شیخ عزیز کو مقرر کیا۔ شیخ عزیز سندھ کا ایک وکھرے ٹائپ کا جدید صحافی اور ترقی پسند انسان،اعلیٰ ادبی و تہذیبی ذوق اور تاریخ کا انتہائی ادراک رکھنے والا صحافی۔شیخ عزیز کی سندھ نیوزٹیم میں اکثر پڑھے لکھے تخلیقی اور انقلابی ذہن، بائیں بازو کے نوجوان ادارتی عملے، نیوز روم اور رپورٹر رکھے گئے تھے۔ اس اخبار کی کہانی ستر اورا سی کی دہائیوں کی ہندی آرٹ فلموں کی طرح شروع ہوتی اور ختم ہوتی ہے۔ یہیں سے سلیم قاضی کی کہانی ختم اور شیخ عزیز اور سلیم قاضی کے کامریڈوں کی بطور اخباری شروع ہوتی ہے۔ سہیل سانگی، سیف بنوی، جاوید مرزا، امداد چانڈیو، زاہد مخدوم (سندھ آبزرور)، صالح بلو، منصور میرانی، آفتاب نظامانی ( جسے انیس سو اٹھاسی میں لسانی فسادات میں کرفیو کے دوران لطیف آباد میں اسوقت قتل کیا گیا جب وہ اپنے ایک ساتھی کو اسکے گھر تک چھوڑنے گیا تھا)، شمشیر خاصخیلی، محب علی ( جسے ان دنوں اسکے محلے ٹنڈو ٹھوڑو کے کچھ منچلے نوجوان پڑوسی بینظیر بھٹو سے تشبیہ دیتے کہ اس نوجوان کے بالوں کا اسٹائل اور چہرہ اسوقت کی بینظیر سے کافی مشابہت رکھتا تھا)، استاد گل ( یہ زمانہ اخباری دفاتر مین مشین مینوں کمپوزروں اور کاتبوں کا تھا ۔
    قاضی سلیم نے اپنے اس اخبار کیلئے پرنٹنگ مشین شاید جرمنی سے درآمد کی اور جب یہ مشین وہ کراچی سے لیکر براستہ سپرہائی وے حیدرآباد آرہا تھا تو کار حادثے کا شکار ہوکر ہلاک ہوگیا لیکن قاضی سلیم کے کئی ساتھی اور خاندان والے اسے آج بھی حادثہ ماننے کو تیار نہیں۔ چہ جائیکہ اس خونی شاہراہ اور دیگر سڑکوں نے سندھ اور ملک کے ہزاروں گھروں کے چراغ بجھا دئیے ہیں۔ سلیم قاضی جیسے سینکڑوں ذہنی اثاثے چھینے ہیں۔ پہیوں کی دہشت گردی۔ لیکن قاضی سلیم کے اس خواب کا سفر جاری رہا۔ شیخ عزیز کی مدیری میں۔
    یہ بات زیادہ درست نہیں کہ جدید سندھی صحافت کا دورسوویت یونین کے ٹوٹنے سے یا سندھ میں ایم آر ڈی تحریک کے بعدسے شروع ہوا جب پڑھے لکھے نوجوانوں اور بائیں بازو کے سیاسی کارکنوں کی ایک بڑی تعداد نے روزگار اور شوق و جنوں میں سندھی اخبارات کا رخ کیا۔ میں کہتا ہوں کہ جدید سندھی صحافت کے بانی شیخ عزیز ہی گردانے جائیں گے جسکی اصل شروعات سلیم قاضی کے خواب سے ہوتی ہے۔ کہ جب سندھ کی کچھ باغی اور بے چین روحوں کو سلیم اکبر قاضی نے اپنے اخبار کے دفتر کی ایک ہی چھت کے نیچےشیخ عزیز کی زیر ادارت جمع کرنے کی کوشش کی۔اس جگہ کے قریب جہاں گاڑی کھاتے کا تانگہ ا سٹینڈ تھا۔
    سندھی اخبار میں اداریہ لکھنا شیخ عزیز نے باقاعدہ ایک ایونٹ بنایا۔ کاندھوںتک بڑے لہراتے بال، آستینیں چڑھی ہوئیں، قلم ہر وقت حرکت پذیر اور کوٹ کرسی پر لٹکا ہوا، ہر وقت ٹائی میں ملبوس۔ میں نے ایسا شیخ عزیز دیکھا جو ساقی ایڈیٹر لگتا تھا؟ اسلام ایڈیٹر۔ شیخ عزیز سے پہلی بار میں نے وکٹر ہیوگو کا نام اور کام سنا۔ اور تم جو گھر سے نکل کر باہر جاکر جو بھی دیکھتے ہو گھر واپس آکر وہ پوری دیانتداری اور معروضیت پسندی سے لکھو تو وہی خبر بنتی ہے۔ شیخ عزیز نے بتلایا۔
    شیخ عزیز کی کتاب ’’سندھی عملی صحافت‘‘ جدید سندھی صحافت میں سندھی صحافیوں اور رپورٹروں کی کئی نسلوں کے لئے ایک رہنما کتاب بنی رہے گی۔ شیخ عزیز نے پاکستان میں سندھی، اردو اور انگریزی صحافیوں کی نسلیں تیار کیں۔ سندھ میں ایم آر ڈی کی مارشل لا مخالف تحریک کے دوران شیخ عزیز نے تمام سندھ کا دورہ کیا۔ا یم آرڈی کی تحریک کوانگریزی زبان میں قلمبند کیا جو کہ ابتک مسودے کی صورت اہم تاریخی دستاویز ہے۔
    وہ بھٹو کے دنوں میں روس کے دورے پر گئے اور واپسی پر ایک سفرنامہ ’’لینن کے دیس میں‘‘ سندھی زبان میں لکھا ،شیخ عزیز کا تعلق سندھ کے دل حیدرآباد کے ٹنڈو آغا سے،جہاں مراد علی مرزا اور ممتاز مر زا جیسے صاحب طرز ادیب، ابن حیات پنوہر جیسے انقلابی ور انتھک مترجم لکھاری سیاسی کارکن، مرزا بڈھل جیسے مرثیہ نگار، آغا عبدالعلی شاہ جیسے صاحبان منبر، کئی ہنرمند و صناع گر خود شیخ عزیز کے بڑے بھائی شیخ اسماعیل جیسے ماہر لسانیات، اساتذہ اور موسیقی کے ماہرسے تھا۔ شیخ عزیز خود بھی برصغیر کی موسیقی پر بڑی دسترس رکھتے تھے۔ جہاں حسین شاہ بخاری جیسے یگانہ سیاسی کردار رہتے تھے، جہاں کے مرثیہ خواں ان دنوں ایک نوحہ پڑہا کرتے تھے
    قافلہ جاتا ہے
    اور قافلہ جاتا ہے۔

    (روزنامہ جنگ کراچی، 18 اکتوبر 2018ء)


    شیخ عزیز: صحافت کے قابل فخر دور کا صحافی : ظہیر احمد

    شیخ عزیز: صحافت کے قابل فخر دور کا صحافی : ظہیر احمد

    شیخ عزیز ان معدودے چند لوگوں میں سر فہرست تھے جن کی مادری زبان سندھی ہونے کے باوجود جنہوں نے سندھی، اردو اور انگریزی صحافت کے قابل فخر دور کی اہم شخصیت کا درجہ پایا۔ 9 دسمبر 1938 کو پیدا ہونے والے منفرد طرز کے اس مثالی صحافی کا سفر زندگی 7 اکتوبر 2018 کو اختتام پذیر ہوا۔ 1968 میں لندن سے جرنلزم میں ڈپلومہ کرنے والے شیخ عزیز اپنے دور کے پہلے سندھی صحافی تھے جو لندن سے صحافت کی تعلیم حاصل کرکے آئے تھے۔ انہوں نے حصول تعلیم کے بعد جون 1957 میں روزنامہ "کارواں" حیدرآباد سے اپنے کیریئر کا آغاز کیا لیکن پھر ایک سال بعد ہی روزنامہ "عبرت" حیدرآباد سے وابستہ ہوگئے اور وہی ان کی مستحکم شناخت بنا۔ شیخ عزیز نے اپنی زندگی کے 80 برس میں سے نصف صدی کا عرصہ صحافت کو دیا۔ شیخ عزیز میرے دوست اس لئے نہیں ہوسکتے تھے کہ وہ مجھ سے بہت سینئر تھے لیکن ان کی صلاحیت اور اسٹائل کا میں معترف رہا۔ بس میرے لئے یہی بات قابل اطمینان ہے کہ میں نے شیخ عزیزز جیسے حقیقی صحافی کا قابل فخر دور دیکھا، شیخ عزیز سے ملاقاتیں رہیں اور ہم ایک ساتھ حیدرآباد پریس کلب کے ممبر رہے۔ 5 جولائی 1977 کو پیپلز پارٹی کیی حکومت ختم ہونے کے بعد جب ذوالفقار علی بھٹو مقدمہ قتل میں گرفتار کر کے جیل پہچا دیئے گئے تھے تو بے نظیر بھٹو صاحبہ نے سیاست میں قدم رکھا تھا۔ اس مرحلے پر وہ اپنے اسیر والد کی پارٹی کو مایوسی سے بچانے اور متحرک کرنے کے لئے 16 فروری 1978 کو حیدرآباد پریس کلب "میٹ دی پریس" پروگرام سے خطاب کے لئے تشریف لائیں تو بہ حیثیت جنرل سیکریٹری مجھے خیر مقدمی تقریر کرنے اور ان کے ساتھ بیٹھنے کا موقع ملا۔ شیخ عزیز بھی میرے ساتھ بائیں طرف پہلی نشست پر بیٹھے تھے اور کلب کی پرانی عمارت کے ہال میں میں ، میرے اور شیخ عزیز کے درمیان تکون میز پر بے نظیر بھٹو صاحبہ کے اس وقت کے سیکریٹری کو جگہ ملی تھی۔ یہ یادگار تصویر شیخ عزیز کے بیٹے خرم عزیز نے اپنے واٹس ایپ میں محفوظ کی ہوئی ہے۔ اس وقت شیخ عزیز "سندھ نیوز" کے ایڈیٹر تھے۔ انہوں نے بھٹو صاحب کے دور ہی میں 1975 کے دوران "عبرت" کو چھوڑ دیا تھا جس کے ساتھ ان کی 1958 سے 17 سال وابستگی رہی۔ جب 1976 میں قاضی محمد اکبر نے انگریزی ہفت روزہ "سندھ آبزرور" کا اجراء کیا اور ان کے ہونہار بیٹے سلیم اکبر قاضی نے انگریزی جریدے کے ساتھ سندھی روزنامہ "سندھ نیوز" کے اجراء کی منصوبہ بندی کی تو شیخ عزیز کو ایڈیٹر کی حیثیت سے منتخب کیا گیا لیکن افسوس کہ سلیم اکبر قاضی کی زندگی نے وفا نہ کی اور وہ صرف انگریزی جریدے کے اجراء کے بعد جس کا عارضی دفتر یونیورسل بک ڈپو بالمقابل سینٹ میری اسکول کی نو تعمیر شدہ عمار ت میں قائم ہوا تھا، سپر ہائی وے پر ٹریفک حادثے میں جاں بحق ہوگئے۔ بعد ازاں گاڑی کھاتہ میں ریشم بازار جانے والے راستے کے قریب رونامہ "سندھ نیوز" کا افتتاح اس وقت کے وزیر اعلیٰ غلام مصطفیٰ جتوئی نے کیا۔ قاضی اکبر جب 1970 سے قبل روزنامہ "عبرت" کے ایڈیٹر ان چیف (مالک مدیر) ہوا کرتے تھے تو "عبرت" کو سندھی کے "جنگ" کا درجہ حاصل تھا۔ پھر 1970 کے بعد "عبرت کے ایڈیٹر ان چیف قاضی عبد المجید عابد بن گئے جبکہ قاضی محمد اکبر نے پیپلز پارٹی میں شمولیت کے بعد پرتگال میں اسی طرح سفیر بننا قبول کرلیا جس طرح ممتار دولتانہ نے برطانیہ میں سفیر بننا قبول کرکے سیاست ترک کردی تھی۔ قاضی محمد اکبر نے پرتگال سے واپس آکر بائیں بازو کے خیالات رکھنے والے اپنے بیٹے سلیم اکبر قاضی کے خوابوں کی تکمیل کے لئے اپنے تجربات کو صحافت میں بروئے کار لانے کا فیصلہ کیا تو "سندھ آبزرور" اور "سندھ نیوز" کے لئے شیخ عزیز کا نام بطور ایڈیٹر منتخب کیا جو سلیم اکبر قاضی کی طرح ہی بائیں بازو کے خیالات رکھنے والے پروگریسو جرنلسٹ کی حیثیت سے با صلاحیت ہونے کی شناخت رکھتے تھے۔ "سندھ نیوز" قاضی محمد اکبر کے نام اور شیخ عزیز کی مسلمہ صلاحیتوں کے باوجود صحیح معنوں میں جگہ نہ بنا سکا اور "عبرت" نے اپنا مقام برقرار رکھا، لیکن جب شیخ عزیز 1980 میں "سندھ نیوز" کے ساتھ ساتھ حیدررآباد کو بھی چھوڑ کر کراچی چلے گئے تو سلیم اکبر قاضی کے بھائیوں (محمد علی قاضی اور اسلم اکبر قاضی) نے سندھی روزنامہ "کاوش" کا اجراء کیا ور اسے اشاعت کے اعتبار سے بہت بڑا اخبار بنا دیا۔ "کاوش" کی کامیابی اور "سندھ نیوز" جس کے بطن سے "کاوش" کا جنم ہوا ، کی ناکامی میں بنیادی فرق کس بات کا تھا یہ ایک الگ بحث طلب موضوع ہے۔ شیخ عزیز نے کراچی میں روزنامہ "جنگ" سے وابستگی کے بعد 1980 سے 1982 تک اسسٹنٹ ایڈیٹر میگزین کے فرائض ادا کئے۔ پھر وہ "ڈان" گروپ کے زیر انتظام شائع ہونے والے اپنے وقت کے مشہور اردو اخبار "حریت" کے 1982 سے 1987 تک میگزین ایڈیٹر رہے۔ بعد ازاں دو سال تک اسی اخبار کے نیوز ایڈیٹر رہنے کے بعد اپریل 1989 میں "ڈان" میں سب ایڈیٹر کے فرائض ادا کرنے لگے اور جولائی 2000 سے جولائی 2008 تک ایڈیشن انچارج کی حیثیت سے کام کیا۔ "ڈان" میں اپنے فرائض کی ادئیگی کے دوران ایک بار انہیں کسی خبر پر ریاستی ادارے کے جبر اور صعوبت کا سامنا بھی کرنا پڑا تھا۔ چونکہ سابق وزیر تعلیم پیر مظہر الحق سے شیخ عزیز کے مراسم "عبرت" کے زمانے سے مثالی رہے تھے۔ جب پیر مظہر الحق زیر تعلیم تھے اور اپنے نانا قاضی محمد اکبر کے اخبار "عبرت" میں صحافت سے جزوی طور پر وابستہ ہو گئے تھے، لہٰذا شیخ عزیز کو "ڈان" سے ریٹائرمنٹ کے بعد پیر مظہر الحق کے سبب سندھی ادبی بورڈ جامشورو میں 2008 سے 2011 تک بہ حیثیت وائس چیئر مین کام کرنے کا موقع ملا۔ صحافت کی دنیا میں آنے سے قبل بھی شیخ عزیز نے 1956 اور 1957 کے دوران سندھی ادبی بورڈ میں ریسرچ اسسٹنٹ کی حیثیت سے کام کیا تھا اور صحافت میں قدم رکھنے کے بعد وہ جز وقتی طور پر 1960 تک تین سال ریسرچ اسسٹنٹ رہے جبکہ "سندھ آبزرور" اور "سندھ نیوز" سے وابستگی کے دوران 1978 سے 1980 تک سندھ یونیورسٹی جامشورو کے جرنلزم ڈپارٹمنٹ میں وزیٹنگ پروفیسر کی ذمہ داری نبھائی۔ جب آغا رفیق جرنلزم ڈپارٹمنٹ کے چیئرمین بنے تو انہوں نے ڈپارٹمنٹ کی لائبریری کو شیخ عزیز کے نام سے منسوب کردیا تھا۔ شیخ عزیز کو 1963 اور 1966 میں حیدرآباد پریس کلب اور 1974 میں حیدرآباد یونین آف جرنلسٹ کا صدر بننے کا اعزاز حاصل تھا۔
    جب 25 جولائی 1974 کو مولانا کوثر نیازی وفاقی وزیر اطلاعات کی حیثیت سے حیدرآباد پریس کلب آئے تو میں نے نائب صدر پریس کلب کی حیثیت سے کچھ دیگر صحافیوں کے ساتھ چائے کی میز پر مولانا کوثر نیازی سے شیخ عزیز کے سلسلے میں بات کی اور یہ درخواست کرنے والوں میں میرا بھی حصہ تھا کہ شیخ عزیز کو ماسکو کے دورے کی دعوت پر حکومت پاکستان قدغن نہ لگائے اور اجازت دے دی جائے۔
    ایک دلچسپ واقعہ بھٹو صاحب ہی کے دور کا مجھے کبھی نہیں بھول سکتا۔ جناب اشتیاق اظہر (بعد ازاں ایم کیو ایم کے ٹکٹ پر سینیٹر ہوئے) کو بھٹو حکومت نے دیگر سرکاری افسروں کی طرح جبری طور پر برطرف کرکے بے روزگار کردیاتھا۔ وہ حیدرآباد میں محکمہ اطلاعات سندھ کے دبنگ ڈائریکٹر تھے اور بہت قابل افسروں میں شمار ہوتے تھے۔ اشتیاق اظہر نے ملازمت سے فارغ کئے جانے پر روس کے قونصل خانے میں جو طارق روڈ سے ملحقہ سڑک پر قائم تھا ان کے رسالے "طلوع" کے حوالے سے ملازمت کرلی۔ بھٹو حکومت کے آخری مہینوں میں ایک روزوہ روسی قونصل جنرل کو لے کر حیدرآباد آئے تو پریس کلب میں وزٹ کے دوران انہوں نے مجھے اور نثار چنا کو بہ حیثیت عہدیدار (جنرل سیکریٹری اور صدر) سارڈینیا ہوٹل (سابقہ اورینٹ ہوٹل) میں ڈنر کی دعوت دی اور ساتھ شیخ عزیز، سید نایاب حسین اور رشید نیاز سے بھی شریک ہونے کو کہا۔ سید نایاب حسین "انڈس ٹائمز" کے ایڈیٹر رہ چکے تھے جو اپنے وقت کا حیدرآباد سے شائع ہونے والا بہت عمدہ اور مکمل اخبار تھا، لیکن "انڈس ٹائمز" کو ایک عشرے سے زیادہ جارے رکھنے کے بعد اس کے مالک نے خود ہی اسے بند کردیا تھا، چنانچہ نایاب حسین اور رشید نیاز سمیت بہت سے نامور صحافی بے روزگار ہونے والوں میں شامل تھے۔ نایاب حسین نے ایک عرصہ تک ریڈیو پاکستان کے ذریعہ جیب خرچ کا راستہ نکالا، پھر وہ ملک سے باہر چلے گئے جبکہ رشید نیاز کو طویل عرصے بے روزگار رہنے کے بعد "ڈان" میں سب ایڈیٹر کی ملازمت مل گئی تو وہ کراچی منتقل ہوگئے۔
    سید نایاب حسین انگریزی پر عبور رکھنے والے نابغہ روزگار مثالی شخص تھے اور شیخ عزیز سے ان کی قربت کی ایک وجہ انگریزی دانی بھی تھی۔ اشتیاق اظہر صاحب نے میرے ساتھ رشید نیاز کو بھی ڈنر پر اس لئے مدعو کیا کہ وہ، میں اور رشید نیاز علیحدہ بیٹھ کر گفتگو کرتے رہیں گے جبکہ روس کے قونصل سے نثار چنا، نایاب حسین اور شیخ عزیز "شہد" کے موضوع پر گفتگو کر چکیں گے تو پھر ہم سب ڈنر کر لیں گے۔ لیکن "شہد" نے فوری اثر دکھایا تو شیخ عزیز اور نایاب حسین دونوں کی ترقی پسندی یکایک رخصت ہوگئی اور انہوں نے انگریزی کے ساتھ اردو اور سندھی میں بھی قونصل جنرل کو لتاڑنا شروع کردیا کہ "تم باسٹرڈ روسی ہمارے گرم پانی کے سمندر تک آنے کے لئے بیتاب ہو"۔ اشتیاق اظہر صاحب نے یہ منظر دیکھا تو کانپتے ہوئے مجھے اور نثار چنا کو رشید نیاز کے ساتھ کمرے سے باہر لاکر التجا کی کہ مہربانی کر کے انہیں لے جاؤ ورنہ میری نوکری ختم ہوجائے گی، قونصلر اردو بھی سمجھتا ہے اور سندھی بھی، جبکہ نایاب حسین اور شیخ عزیز اسے ہر زبان میں لعن طعن کر رہے ہیں۔ اشتیاق اظہر کی نوکری بچانے کے لئے ہم نے ڈنر پر "فاتحہ" پڑھی اور طے پایا کہ نثار چنا اپنی ویسپا پر شیخ عزیز کو ان کے گھر تک (تالاب نمبر 3 کا علاقہ) پہچائیں گے اور میں نایاب حسین کو لطیف آباد ان کے گھر تک لے جاؤں گا جبکہ رشید بھائی پیدل اپنے گھر جائیں گے۔ شیخ عزیز بلاشبہ بائیں بازو کے نظریات رکھنے والے جانے پہچانے شخص تھے اور نایاب حسین بھی کھدر پوش یا سفید کرتا پاجامہ پہننے والے لبرل ترقی پسند تھے، مگر دونوںن اپنے ملک کے حوالے سے من کے سچے اور اجلے تھےجس کا ثبوت مذکورہ واقعہ ہے۔ یہاں یہ ذکر بھی ہو جائے کہ اشتیاق اظہر روسی قونصلر کو لے کر اگلے روز تھرپارکر گئے تو بھٹو حکومت نے اسے "ناپسندیدہ" قرار دیکر ملک چھوڑنے کا حکم دے دیا جبکہ اشتیاق اظہر کو بھی مقدمے کا سامنا کرنا پڑا۔ بعد ازاں اشتیاق اظہر "جنگ" اور "نوائے وقت" سے وابستہ ہوئے اور جب ایم کیو ایم بنی تو کچھ عرصے بعد اس کی پہلی صف میں ہونے کے باوجود زیادہ عرصے ساتھ نہ چل سکے اور کنارہ کش ہوگئے۔ شیخ عزیز کی شادی 8 نومبر 1969 کو اس وقت ہوئی تھی جب وہ لندن سے جرنلزم میں ڈپلومہ کرکے وطن واپس آئے تھے۔ ان کی اولاد میں دو بیٹے اور دو بیٹیاں ہیں۔ طارق عزیز شیخ (جنہیں وہ پیار سے شاھ لطیف کی شاعری کے استعارے کے تعلق سے رانو کہہ کر پکارتے تھے) نے تدریس کا پیشہ اپنایا، تاہم مضمون نگاری بھی کرتے ہیں، وہ نیشنل کالج کراچی میں اسسٹنٹ پروفیسر ہیں۔ ڈاکٹر شہلا عزیز ان دنوں انگلینڈ میں ہیں جبکہ قبل ازیں جناح ہسپتال اینڈ یونیورسٹی کراچی سے وابستہ تھیں۔ خرم عزیز شیخ سندھ اریگیشن اینڈ ڈرینج اتھارٹی (سیڈا) کے سیکریٹریٹ بیراج کالونی حیدرآباد میں سیکریٹری "سیڈا" کے اہم منصب پر فائز ہیں اور منیزہ عزیز شیخ بیکن ہاؤس کراچی کی ریجنل کوآرڈینیٹر ہیں ۔ شیخ عزیز اس لحاظ سے خوش قسمت رہے کہ ان کے چاروں بچوں نے اعلیٰ تعلیم پائی، ان کی شادیاں ہو گئیں اور شیخ عزیز نے دادا اور نانا بننے کا لطف بھی اٹھایا۔ شیخ عزیز کے گھرانے کا تعلیم و تدریس سے رشتہ نیا نہیں ہے۔ شیخ عزیز کے بڑے بھائی شیخ اسماعیل پرائمری ٹیچر ایسوسی ایشن سندھ کے عہدیدار کی حیثیت سے معروف تھے۔ شیخ عزیز نے بھی ریسرچ اور تصنیف وتالیف سے ناطہ سحافت کی شب و روز مصروفیات کے باوجود قائم رکھا اور مختلف کتابوں کے مصنف اور مرتب ٹہرے۔
    شیخ عزیز کے انتقال پر میں نے خرم عزیز شیخ سے تعزیت کے بعد ایک نشست میں ان کے سفر آخرت پر گفتگو کی تو بہت افسوس ہوا کہ جب ایسے نامور لوگوں کو سندھ میں علاج معالجہ کی اچھی سہولت نہیں مل سکتی تو پھر غریبوں اور گمنام لوگوں پر کیا گذرتی ہوگی۔ خرم عزیز شیخ نے بتایا کہ بابا کی طبیعت اتوار 7 اکتوبر کو سپر ہائی وے پر نوری آباد کے نزدیک خراب ہوئی تھی اور انہوں نے دل کی شدید تکلیف محسوس کی تو ہم کراچی کے بجائے انہیں حیدرآباد میں نو تعمیر "این آئی سی وی ڈی" لے آئے۔ یہاں ڈاکٹر احسان کی ٹیم موجود تھی لیکن ہمارے اصرار کے باوجود انہوںن نے انجیوپلاسٹی سے انکار کردیا اور ہمارے انتہائی قیمتی دو گھنٹے ضائع کردئے، چنانچہ ہم بابا کو "این آئی سی وی ڈی" کراچی لے گئے لیکن وہاں بھی حیدرآباد سے زیادہ صوتحال خراب دیکھی، کئی مریض اسٹریچر پر تڑپتے رہے اور اسٹریچر فرش پر رکھے تھے۔ کوئی نہیں تھا کہ ان مریضوں کو بستر پر منتقل کرکے ابتدائی علاج شروع کرے۔ ہمارے سامنے ہی چار مریضوں نے دم توڑا۔ ہمیں بابا کے ہارٹ اٹیک پر معلوم ہوا کہ علاج کی بہترین سہولتوں کے دعوے کے تعلق سے سب جھوٹ بولا جارہا ہے کہ ہم نے یہ کردیا، وہ کردیا۔ کچھ نہیں ہے۔ پورے صفحہ کے رنگین اخباری اشتہارات کی سرخی ہوتی تھی "علاج کی جدید سہولیات، ہر فرد کا حق، ہر فرد تک" اور یہ دعویٰ کسی بھی دوسرے صوبے سے بڑھ کر سندھ بھر میں علاج کی جدید، معیاری اور مفت سہولیات ، لیکن حیدرآباد سے کراچی تک برا حال دیکھ کراور کئی گھنٹے ضائع کرنے کے بعد ہم آغا خان ہسپتال گئے جہاں بابا کی انجیوپلاسٹی تو ہوئی لیکن تھوڑی دیر بعد ہی دم توڑ گئے۔ کاش ہم انہیں پہلے مرحلے میں آغا خان یا طبہ ہسپتال لے گئے ہوتے تو شاید ان کی جان بچ جاتی۔ جب خرم عزیز مجھے یہ افسوس ناک روداد سنا رہے تھے تو میں نے بہت کرب کے ساتھ صرف اتنا کہا کہ اگر شیخ عزیز کو اتنی خدمات کے بعد بھی ہمارا سماج مناسب علاج کی سہولت نہں دے سکا تو پھر کسی غریب اور پسماندہ شخص کا تحفظ کیا کرے گا۔ اس موقع پر مجھے ریڈیو پاکستان کے سابق اسٹیشن ڈائریکٹر، مثالی صداکار اور قلم کار نصیر مرزا کا 14 اکتوبر کو شیخ عزیز کے انتقال پر "کاوش" میگزین میں چھپنے والا مضمون یاد آیا کہ کس طرح و جد اور عقیدت کے ساتھ انہوں نے شیخ عزیز کا تذکرہ کیا ہے اور یادوں کے دیپ جلائے ہیں ، حالانکہ وہ شخص بقول فیض "تاریک راہوں میں" جاں سے گزر گیا۔ نصیر مرزا نے لکھا، "جیسا کہ ہر جانے پہچانے شخص کے پیچھے بطور رہبر و رہنما کوئی نہ کوئی استاد ضرور ہوتا ہے، اسی طرح میرے لئے منزل کا نشان اور آئیڈیل شیخ عزیز صاحب تھے، جن کے نقش قدم آنکھوں میں رکھ کر میں نے کوئی نہ کوئی منزل پائی"۔ نصیر مرزا نے مزید لکھا، "بے شک جدید سندھی صحافت میں سراج الحق میمن صاحب (بطور ایڈیٹڑ "ہلال پاکستان") کا بڑا نام تھا لیکن خبر کے ڈسپلے، لے آؤٹ اور اس میں ادبی چاشنی بھر کر دکھانے میں شیخ عزیز صاحب جیسے ایڈیٹر اور سکھانے والے کو بھلادوں؟ 1978 سے 1980 تک پورے تین برس سندھ یونیورسٹی کے شعبہ صحافت سے کوہ نور چاڑی (گاڑی کھاتہ) کے قریب "سندھ نیوز" کے دفتر تک خود بخود مہکنے والے گلاب کے پھول کی طرح روشن شمع کی مانند شخص جس کے گرد ہم ۔۔۔ پتنگ اور پروانے" نصیر مرزا نے شیخ عزیز کو بہترین الفاظ اور انداز میں یاد کرکے مضمون نہیں بلکہ ان کی جدائی پر نوحہ قلمبند کیا ہے۔ کاش انہیں اہل صحافت ، ارباب اختیار اور سوداگران سیاست نے بھی نصیر مرزا کی نگاہوں سے دیکھا اور پرکھا ہوتا۔

    ( تحریر و تصویر میگزین, حيدرآباد جنوري 2019)


    شیخ عزیز ہمہ گیر شخصیت کے حامل: رفیق شیخ

    شیخ عزیز ہمہ گیر شخصیت کے حامل: رفیق شیخ

    استاد محترم، اڑتیس سال پہلے کا منظر سندھ یونیورسٹی شعبہ صحافت اور آج کا منظرحیدرآباد پریس کلب کا بالائی ہال، اڑتیس سال پہلے استاد محترم شعبہ صحافت کے کلاس روم میں لیکچر دے رہے ہیں اور آج حیدرآباد پریس کلب کے ہال میں استاد محترم کی تصویر پھولوں کے درمیاں ہے اور ان سے محبت کرنے والے اور عقیدت رکھنے والے ان کی شخصیت پراظہار خیال کررہے ہیں۔ مہیش کمار نے یہ اڑتیس سال ایک فلم کی مانند بندآنکھوں سے دماغ کے پردے پر چلا دیے کچھ کثر باقی رہی تو آغارفیق اور نصیرمرزانےپوری کردی۔پیرمظہر،مجاہد بریلوی، قاضی خادم، ظہیر احمد نے کچھ اور مناظرسے پردہ اٹھایا۔ اس کے باوجود اس فلم کے کئی مناظر اوجھل رہے۔ واقعی استاد محترم شیخ عزیزکی شخصیت کے کئی پہلو ہنوزاوجھل ہیں جتنے بڑے وہ صحافی تھے استاد تھے سیاسی، سماجی اور ثقافتی دانشور تھے،موسیقار تھے، مصنف تھے اس قدر ہم انھیں خراج عقئدت پیش نہیں کر سکے۔
    کثیرالجہتی شخصیت کے مالک شیخ عزیزتقریباّ اسّی برس کی عمر میں گزشتہ اکتوبر میں جہان فانی سے کوچ کر گئے نصف زندگی انھوں نے اپنے آبائی شہر حیدرآباد اور نصف زندگی کراچی میں گزاری۔ جنم لیا حیدرآباد میں اور دفن ہوئے کراچی میں۔ یہ اس بات کی علامت بھی ہے کہ شیخ عزیز نے دیہی سندھ سے علمی، صحافتی، ثقافتی اور تحریر سے رشتے کاجو سفرشروع کیا تھا وہ شہری سندھ تک کسی تعصب اور غرض کے بغیرانجام کو پہنچا اور ثبوت کے طور دہی سندھ کے وجود کوشہری سندھ کے حوالے کرگئے۔ حیدرآباد کی صحافتی برادری کہ کچھ دوستوں نے انھیں خراج عقیدت پیش کرنے کے لیے حیدرآباد پریس کلب میں ،،شیخ عزیز تعزیتی ریفرنس،، رکھا حیدرآباد پریس کلب کے سابق صدر سینئر صحافی مہیش کمارنے اپنے دوستوں فاروق سومرو،امدادچانڈیواور دیگر کے ساتھ صحافی دوست گروپ کے پلیٹ فارم سے اس تعزیتی ریفرنس کا انعقاد کیا،ریفرنس میں حیدرآباد سے جہاں ان کے دوست احباب شاگرد شریک ہوئےوہیں کراچی سے سینئر صحافی اور اینکر مجاہد بریلوی جن کا شیخ عزیز کے ساتھ برسوں کا تعلق رہا جی این مغل حیدرآباد اور کراچی میں شیخ صاحب ساتھی رہے، سابق صدر کراچی پریس کلب طاہرحسن خان جنھیں شیخ عزیز کے ساتھ ایک کمرے میں ساتھ کام کرنے کا اعزاز حاصل رہا ہے اور میں،جو دو فیض حاصل کرنے والوں شامل رہا یعنی سندھ یونیورسٹی کے جرنلزم ڈیپارٹمنٹ میں شیخ عزیز سے باقاعدہ صحافت کی تعلیم حاصل کی اور کراچی میں عملی صحافت کے دورمیں ان سے راہنمائی لیتا رہا پیر مظہرالحق گزشتہ تیس سال سے پارلیمانی سیاست کا اہم کردار رہے کئی انتخابات جیتے صوبے کے وزیربنے انھوں نے بھی اپنی عملی زندگی صحافت سے شروع کی اور شیخ عزیز کے بستہ بند شاگرد بنے۔وہ بھی ناسازی طبع کے باوجود استاد محترم کو خراج عقیدت پیش کرنے پہنچے۔سینئر صحافی اور حیدرآباد پریس کلب کے سابق سیکریٹری ظہیر احمد، سینئر صحافی اور سابق سیکریٹری حفیظ عابد ،سینئرصحافی فاروق سومرو،صحافی اور انسانی حقوق کے سرگرم راہنما امداد چانڈیو نے بھی اپنے سینئر ساتھی اور استاد کو اپنی یادوں کے حوالے خراج عقیدت پیش کیا آغا رفیق جو سندھ یونیورسٹی ماس کمیونیکشن ڈیپارٹمنٹ کے چئرمین رہے اور نصیرمرزا جوریڈیوپاکستان کے ریجنل ڈائریکٹر رہے، میری طرح شیخ صاحب کے یونیورسٹی میں شاگرد تھے یہ ان شاگردوں میں تھے بقول آغا رفیق جنھیں شیخ صاحب کے اس کمرے تک رسائی حاصل تھی جہاں ان کے بچے بھی نہیں جاسکتے تھے یعنی چہیتے،لاڈلے ۔۔ان کا کہنا تھا کہ شیخ صاحب نے انھیں جو تعلیم دی جس طرح تربیت کی اس کے نتیجے میں ان سمیت شیخ صاحب کے کئی شاگرد جس بھی پروفیشن میں گئے اس کی ٹاپ پوزیشن تک پہنچے پروفیسر قاضی خادم حسین جوسندھ یونیورسٹی کے سندھی شعبہ کے استاد ہونے کے ساتھ صحافت سےبھی دہائیوں سے وابستہ رہے انھوں نے بھی اپنے ساتھی کو دل کی گہرائیوں سے خران تحسین پیش کیا۔تعزیتی ریفرنس میں شیخ عزیز کے صاحبزادگان طارق عزیز شیخ اور خرم شیخ بھی شریک تھے جنھوں نے اپنے والد کے ساتھ گزری یادوں کو حاضرین کے ساتھ شئرکیا،۔شیخ عزیز تاریخ،سیاست،صحافت اورموسیقی کی کئی کتابوں کے مصنف ہونے کے ساتھ ساتھ ایک متحرک عملی صحافی بھی رہے َ۔انّیس سوپچاس کی دہائی کے آخر میں سندھی صحافت سے آغاز کیا روزنامہ عبرت اور سندہ نیوز حیدرآباد سے طویل عرصہ وابستہ رہے پھر روزنامہ جنگ کراچی بعد ازاں روزنامہ حرّیت کراچی سے وابستہ ہوکراردوصحافت میں نام کمایا ڈیلی ڈان کراچی سے بھی وابستگی آخری دم تک رہی یوں انگریزی صحافت میں بھی نمایاں مقام حاصل کیا۔شیخ عزیز حیدرآباد پریس کلب کے سیکریٹری بھی رہے سندھی ادبی ہورڈ کے بھی وائس چئرمین رہے۔شیخ عزیز تمام عمر ایک متحرک صحافی کے طور پر کام کرتے رہے ۔حیدرآباد کے صحافیوں نے انھیں خراج عقیدت پیش کرنے کے لیےتعزیتی ریفرنس کے ساتھ ساتھ شیخ عزیز ایوارڈ کا اجرا بھی کیا یہ ایوارڈ ہر سال جونئر،سینئر صحفیوں کو دیے جائیں گے۔شیخ عزیز کو خراج عقیدت پیش کرنے لیے حیدرآباد پریس کلب اس ہال کو جہاں تعزیتی ریفرنس ہوا شیخ عزیز کے نام سے منسوب کردیا جائے۔

    ( روزنامہ سندھ حيدرآباد، 28 جنوری 2019ء)


    "ڪراچي پريس ڪلب پاران شيخ عزيز جي وفات تي تعزيتي تقريب"

    "ڪراچي پريس ڪلب پاران شيخ عزيز جي وفات تي تعزيتي تقريب"

    شيخ عزيز سنڌ جي انسائيڪلو پيڊيا قرار، سندس اڻ ڇپيل ڪتاب شايع ڪرايا وڃن: صحافي دانشور

    ڪراچي (رپورٽر ) سينيئر صحافين چيو آهي ته شيخ عزيز پراڻي سنڌي صحافت کي جديد بڻايو. سنڌي، اردو ۽ انگلش سان گڏ فارسي ٻوليءَ تي کيس عبور هو. اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه صحافين ۽ قلمڪارن ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌ جي عظيم صحافي شيخ عزيز ۽ عامر احمد ملڪ جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي تاريخ دان ۽ صحافي يوسف شاهين چيو ته شيخ عزيز اهو ماڻهو جيڪو صرف ڪم ڪندو هو. هو آرام بدران ڪم ڪرڻ جو عادي هو. جنهن ڪري هن 27 ڪتاب لکيا. انهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جا اڻ ڇپيل ڪتاب شايع ڪرايا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته شيخ اياز به ائين هو. جڏهن فوت ٿيو ته هتي ڪراچي ۾ رڳو 9 ماڻهو گڏ ٿيا هئا. گهڻا ماڻهو گڏ ٿيڻ وڏي ڳالهه ناهي ڪم جا ماڻهو گڏ ٿيڻ وڏي ڳالهه آهي. مهتاب اڪبر راشدي چيو ته صحافي سنڌي يا پنجابي ناهي ٿيندو. صحافي رڳو صحافي ئي هوندو آهي. گهڻي ورهاست ٿي وئي، هاڻي ورهاست بند ٿيڻ گهرجي. هن سنڌي صحافت سان شروعات ڪئي، اردو ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ انگلش جي چونڊ ڪئي. شيخ عزيز ان ماحول ۾ رهيو جتان مرزا قليچ بيگ جنم ورتو هو. هو صحافي سان گڏ تمام وڏو تاريخ دان ۽ موسيقار به هو. هن جا صحافت ۾ هزارين شاگرد آهن. حيدرآباد جي گهٽي گهٽي تي هن جي قدمن جا نشان آهن. پريس ڪلب جي صدر احمد ملڪ چيو ته شيخ عزيز سنڌ جي انسائيڪلوپيڊيا هو. عامر ملڪ بهترين رپورٽر ۽ ان کان پوءِ مارڪيٽنگ جو بهترين ماڻهو ثابت ٿيو. پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري مقصود احمد يوسفي چيو ته اسان پنهنجي سينيئر ساٿين کي سدائين ياد ڪندا رهنداسين. اهي اسان جو اثاثو آهن. صحافي اي اين ايڇ خانزاده چيو ته شيخ عزيز ۽ عامر ملڪ جو صحافت ۾ تمام وڏو ڪردار آهي. شيخ عزيز مون تي تمام گهڻو مهربان هو. صحافي سعيد سربازي چيو ته شيخ عزيز جي لاڏاڻي سان سنڌ هڪ عظيم سپوت کان محروم ٿي وئي آهي. صحافي شهربانو چيو ته عامر ملڪ وٽ لفظن جا انبار هئا. هو سدائين مسڪرائيندو رهندو هو. ڪڏهن به ڪنهن تڪليف سبب پريشان نه ٿيو. صحافي همسفر گاڏهي چيو ته شيخ عزيز پراڻي سنڌي صحافت کي جديد بڻايو. صحافي اختر بلوچ چيو ته هو سنڌي، اردو ۽ انگلش سان گڏ فارسي تي به دسترس رکندو هو. هن سان ويهي لڳندو هو ته واقعي ئي زندگي خوبصورت آهي. صحافي حبيب غوري چيو ته شيخ عزيز تمام وڏو ماڻهو عام ماڻهو واري زندگي گذاري. هو صحافت جو تمام وڏو نالو آهي. ليکڪ آغا رفيق چيو ته اسان جو استاد هو، هو رڳو صحافي نه پر عظيم موسيقار به هو. ستار وڄائيندو هو، پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته ڪم سان ايترو سچو ماڻهو مون ٻيو ڪو ناهي ڏٺو. هن سان ان وقت ملاقات ٿي جڏهن حيدرآباد جي اخبار ۾ ڪم ڪندو هو. شيخ عزيز جي پٽ طارق عزيز شيخ چيو ته هن گهر ۾ به جمهوريت برقرار رکي. هن جي دل ۾ جيڪا ڳالهه هوندي هئي چئي ڏيندو هو، ڀلي اڳيان ڪير به هجي. منافقت نه ڪندو هو. هن پنهنجي سوانح عمري لکي آهي. جيڪا هڪ تاريخ آهي. ان کي جلد شايع ڪرائينداسين. تقريب ۾شيخ عزيز جي گهرواري حميده عزيز ۽ سنڌي, اردو ۽ انگريزي اخبارن سان لاڳاپيل صحافي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا.

    (روزاني عوامي آواز, ڪراچي, 28 آڪٽوبر 2018ع)


    ’صحافي دوست گروپ‘ پاران جديد سنڌي صحافت جي باني شيخ عزيز جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، ڀيٽا پيش

    ’صحافي دوست گروپ‘ پاران جديد سنڌي صحافت جي باني شيخ عزيز جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، ڀيٽا پيش

    آچر 27 جنوري 2019ع تي دوست گروپ پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪرايو ويو. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق ڳالهائيندي چيو ته شيخ عزيز گهڻ رخي ۽ گهڻ پهلو وارو شخص هو، پر شيخ عزيز ڏکيو ماڻهو به هو. اهو سوچڻ گهرجي ته هو ڏکيو، ڪنهن لاءِ هو، شيخ عزيز نه حڪمران ۽ نه سرمائيدار هو. هو فقير منش هو، هيڏي علم ۽ ڄاڻ جي باوجود انتهائي نهٺائي وارو هو، آئون پنهنجي دوستن کي چوندو آهيان، ايڏو وڏو ماڻهو هوندي به نهٺائي سان هلڻ سکڻ گهرجي.
    هن چيو ته مون کي سچ ڳالهائڻ جي سزا پارٽي ۽ دوستن وٽان به ملي رهي آهي، پر مون سچ ڳالهائڻ شيخ عزيز کان سکيو، مالي طور ڏکي حالتن سبب مون ننڍي عمر ۾ عبرت اخبار ۾ نوڪري ڪئي، شيخ عزيز جي سربراهي ۾ 16 سالن جي عمر ۾ 90 رپيا في مهيني تي عبرت اخبار ۾ پروف ريڊر طور ڪم ڪيو، اسان اڻ گهڙئي ڪاٺ کي شيخ عزيز گهڙي ماڻهو بڻايو، ٽي ٽي ڀيرا پروف ڏسڻا پوندا هئا. شيخ عزيز ۽ شيخ علي محمد جي نظرداري ۾ ڪم ڪرڻ ڪو سولو نه هو. مٿان قاضي اڪبر خصوصي طور تي چيو منهنجو ڏوهٽو نه سمجهو، پر هن کان ڪم وٺو. هن ٻڌايو ته شيخ عزيز مونکي ٻارن جي ٻاري واري صفحي جو انچارج ماما موجي جي نالي سان مقرر ڪيو. هن شاگردن، زراعت، خواتين جا صفحا پڻ شروع ڪيا، ٻارڙن جي ٻاري واري صفحي جي بنياد تي 1964 ۾ ڪل سنڌ ٻالڪ ڪنوينشن ڪوٺايو، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا شاگرد ۽ انهن جا مائٽ حيدرآباد ۾ گڏ ٿيا هئا. پ پ جو اڃا وجود به نه هو. ان زماني ۾ مون سڄي سنڌ ۾ ٻارڙن جي ٻاري جون شاخون ٺاهيون.
    هن چيو ته شيخ عزيز هڪ ادارو هو. هن ٻڌايو ته آئون تعليم جي وزير طور شيخ عزيز وٽ ويس ته ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمين طور مقرري قبول ڪري. هن قائم مقام چئرمين طور پنهنجا اختيار استعمال ڪيا. ثقافت واري وزير جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته مون هڪڙي وزير کي شيخ عزيز جو ثقافت ۽ موسيقي بابت لکيل ڪتاب ڇپجڻ لاءِ چيو، پر هن اهو ڪتاب نه ڇاپيو. هن چيو ته سنڌي ۾ سکڻي ڪني اڀامي گهڻي واري ڳالهه وانگر ان وزير جون ڳالهيون گهڻيون ٿيون هلن، پر ايڏي وڏي ماڻهوءِ جو ڪتاب نه ڇاپيو. هن چيو ته شيخ عزيز سان جيئري حيدرآباد پريس ڪلب ۾ شام ملهائڻ گهرجي هان، پنهنجي چڱي ۽ مٺي کي مان ڏيڻ گهرجي. پريس ڪلب پاران شيخ عزيز جو پروگرام نه ڪرڻ تي اسان کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته شيخ عزيز منهنجو گاڊ فادر هو، يونيورسٽي، پريس ڪلبن ۽ ٻين ادارن ۾ شيخ عزيز بابت پروگرام ڪري نوجوانن کي آگاهي ڏيڻ گهرجي.
    سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن مجاهد بريلويءَ چيو ته شيخ عزيز ڊان اخبار ۾ سنڌ جي صحافين، فنڪارن ۽ سياستدانن جون آبيچوريون لکيون. پريس ڪلب ۾ جنهن وقت ذهره جبين واريون محفلون ٿينديون هيون، ان محفل ۾ شيخ عزيز پنهنجي اسٽائيل ۾ ٿيندڙ ڪچهري ۾ ڀرپور انداز ۾ داد ڏيندو هو. هن چيو ته شيخ عزيز جو صحافين ۾ دانشور ۽ عالمن وارو انداز هوندو هو. شيخ عزيز سنڌي ادب، موسيقي، گائڪي ۽ اهم نوعيت جون آبيچوريون لکيون. پر سوال آهي ته شيخ عزيز جي آبچوري ڪنهن لکي، پروفيسر قاضي خادم چيو ته خادم وطن ۾ پروف ريڊر هوندو هوس ۽ چوائيندو سب ايڊيٽر هوس. ان دور ۾ شيخ عزيز سان گڏ ڪم ڪيو. شيخ عزيز سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ٽيبل ٽينس جا مقابلا ڪندا هئاسين. پير مظهر پنهنجي وزارت ۾ جيڪي سٺو ڪم ڪيو، ان شيخ عزيز کي سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمين مقرر ڪرائڻ هو. شيخ عزيز جا هن پريس ڪلب ۾ وک وک تي قدم آهن. ان ڪري پريس ڪلب جي هال کي شيخ عزيز سان منسوب ڪرڻ جي گهر ڪئي.
    سينيئر صحافي جي اين مغل چيو ته شيخ عزيز سنڌ جو وڏو ورثو هو. هن سيکاريو ته صحافت اخلاقي اصول کان ٻاهر نه ٿيندي آهي. هو سنجيده انداز وارو صحافي هو. هن آخري گهڙي تائين پنهنجا اصول نه ڇڏيا، هو سنڌ جي صحافت جي قدآور شخصيت هئي. اسان جي نوجوان صحافين کي شيخ عزيز جي شخصيت کي پنهنجو مثال بنائڻ گهرجي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن جي اڳوڻي سربراهه آغا رفيق چيو ته شيخ عزيز اسان جو نه رڳو استاد هو، پر مرشد واري حيثيت رکندڙ هو. هن اسان کي آڱر کان وٺي هلڻ سيکاريو. مونکي فخر آهي ته اسان شيخ صاحب جي خاص شاگرد مان هئاسين، جيڪو رڳو ڪلاس روم تائين محدود نه هو. هن پئسي جي ڪڍ بدران مقصد جي ڪڍ هلڻ سيکاريو.
    شيخ عزيز باڪمال سِتار نواز هو. هن جون آڱريون ستار وڄائيندي ڪٽجي وينديون هيون. هو جنون جي حد تائين ميوزڪ لور هو، شيخ صاحب اسان کي سيکاريو هو ته صحافي پنهنجي دور جو تاريخ دان به هوندو آهي. هو سيکاريندو هو ته ڳالهه ائين ڪجي جو ناگ به مري ۽ لٺ به بچي. هو چوندو هو ته مون وٽ وقت گهٽ آهي ۽ ڪم گهڻو آهي. روزاني مهراڻ اخبار جي چيف ايڊيٽر منٺار فقير مڱرئي چيو ته شيخ عزيز مهراڻ اخبار جي واڌ ويجهه لاءِ وڏو مددگار رهيو ۽ پير پاڳاري سان مختلف گڏجاڻيون ڪري صلاحون ڏنيون.
    روزاني ڌرتي اخبار جي ايڊيٽر ظهير ميراڻيءَ چيو ته هي پروگرام ان کان اڳم ٿيڻ گهرجي ها. شيخ صاحب جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. شيخ صاحب کي ڏسي اسين صحافت ڏانهن آياسين. اسان شيخ صاحب کان انٽرويوورتو، پر هن ڇپجڻ جي پڪ وٺي پوءِ انٽرويو ڏنو. شيخ صاحب رڳو سنڌي صحافت ۾ نه پر اردو ۽ انگريزيءَ ۾ وڏو نالو ڪمايو. نصير مرزا چيو ته شيخ عزيز کي موسيقيءَ سان بي انتها محبت هئي، مون کي چيو هئائين ته مون وٽ موجود ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل موسيقي جو ڪيٽلاگ ٺاهه هو رڳو ايڊيٽر نه هو، پر هن جي شخصيت گهڻ طرفي آهي.
    شيخ عزيز جو ڪٽنب ۾ محقق شيخ اسماعيل، براڊڪاسٽر شيخ ابراهيم پڻ آهي. هو ماس ڪميونيڪشن واري شعبي جو وزيٽنگ پروفيسر رهيو. هو تعصب کان هٽي صحافت ڪندڙ هو. سينيئر صحافي عبدالحفيظ عابد چيو ته شيخ عزيز جي ٽنهي ٻولين ۾ ڪيل ڪم تي صحافتي طور تي تاريخ ۾ زندهه رهندو. اڄ اسان صحافت جي بدترين دور مان گذري رهيا آهيون. حڪمران ميڊيا جي مقابلي ۾ فريق بڻجي بيٺا آهن. ڪيترن ئي صحافين کي نوڪرين مان خارج ڪيو ويو آهي. سياسي ۽ سماجي ڌرين کي صحافين جي مسئلي ۾ دلچسپي وٺي صحافين جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
    سينيئر صحافي ظهير احمد چيو ته افسوس ان ڳالهه جو آهي ته پريس ڪلب پاران سندس وفات وارن ڏينهن ۾ آڪٽوبر ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيڻ گهرجي هان ۽ اهو پريس ڪلب پاران ٿيڻ گهرجي هان، شيخ عزيز اردو، سنڌي ۽ انگريزي ڄاڻڻ وارو اڪيلو صحافي هو. امداد چانڊئي چيو ته مون ٿورو وقت صحافت ۾ گذاري ۽ شيخ عزيز جي ايڊيٽري ۾ سکيس. شيخ عزيز سنڌي صحافت ۾ گهڻ پڙهيو هو. هن لسانيت جي بدران صحافت جو علم ۽ آبجيڪٽو صحافت سيکاري هئي. هن سنڌي صحافت کي نئين انداز سان متعارف ڪرايو. سنڌ نيوز اخبار جي ذريعي صحافت جو جديد انداز پيش ڪيو.
    هو اڪيڊمڪ، دانشور، ثقافت جو ڄاڻو به هو. هن رڳو سنڌي ۾ صحافت ڪرڻ تائين پاڻ کي محدود نه رکيو. هن اردو ۽ انگريزي ۾ صحافت ڪئي. سنڌي نوجوانن کي سنڌيءَ کان سواءِ ٻين ٻولين به صحافت ڪرڻ گهرجي. صحافي گروپ جي چيئرمين فاروق سومري ڳالهائيندي چيو ته اسين اڄ صحافي ڏاهي ۽ وڏي اسڪالر شيخ عزيز کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. شيخ عزيز سنڌي صحافت کي محلن مان ڪڍي عام ماڻهن سان ڳنڍيو. سنڌي صحافت کي نئون گس ڏيڻ جي ڳالهه آهي. اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اڄ جي صحافت ڪٿي بيٺي آهي. شيخ اياز ٻه ڀيرا حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر رهيو.
    حيدرآباد پريس ڪلب کي انساني حقن لاءِ بنياد فراهم ڪيو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هتي پريس ڪلب ۾ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪندڙ پوليس آفيسرن کي سونا تاج پارايا وڃن ٿا، پر شيخ عزيز جو تعزيتي رفرنس به نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان شيخ عزيز جي نالي سان صحافتي ايوارڊ جاري ڪيو آهي. صحافي دوست گروپ جي اڳواڻ مهيش ڪمار چيو ته آئون ساٿي ٻارڙا سنگت ۾ هوس، ته شيخ عزيز اسان سان گهوٽڪي ملڻ لاءِ آيو هو.
    حيدرآباد ۾ ڀائيچاري واري فضا پيدا ڪرڻ ۾ پريس ڪلب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. شيخ عزيز جو چوڻ هيو ته صحافي جي ڪا به ٻولي ۽ ذات نه هوندي آهي. هن گهر ڪئي ته حيدرآباد پريس ڪلب ۾ يادگار طور شيخ عزيز ڪارنر قائم ڪيو وڃي. طارق عزيز شيخ ڳالهائيندي چيو ته صحافي دوست گروپ جو شڪر گذار آهيان، هنن شيخ عزيز جو تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو آهي. شيخ عزيز رڳو منهنجو پيءُ نه هيو، پر هو سنڌ جو ورثو هيو. بابا کي موسيقي سان وڏو چاهه هيو. بابا موسيقي جي جدول کان واقف هيو.بابا عبرت ۾ سنڊي ميگزين جي شروعات ڪئي. 57 کان صحافت ڪئي. ڪيترن ئي صحافين جي تربيت ڪئي. بابا جنگ ۾ مهراڻ رنگ ۾ سنڌ جي ڌاڙيلن کان وٺي سنڌ جي ثقافت تي لکيو. ڊان ۾ آبيچوري جو رواج وڌو، ٻين اخبارن پوءِ آبيچوريون لکيون.
    هو هر وقت جدت سان رهڻ جو قائل هيو.يوسف شاهين کيس علم جو انسائڪلوپيڊيا سڏيندو هو. هن ٻڌايو ته هن وقت به ٽنهي ٻولين ۾ شيخ عزيز جا سنڌ جي ثقافت، موسيقي، صحافت ۽ ٻين موضوعن تي آرٽيڪل موجود آهن. صحافي شيخ رفيق چيو ته شيخ عزيز کي جيتري رقم يونيورسٽي مان ملندي هئي، اها هو اسان شاگردن تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو.هو جيڏو وڏو صحافي هيو، ايڏوئي وڏو انسان به هيو.شيخ عزيز جوصحافتي ڪتاب عملي صحافت اڄ به اسان جي لاءِ مددگار آهي. سماجي اڳواڻ سليمان ابڙي چيو ته سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪندي ڊان ۽ جنگ ۾ لکيو.
    شيخ عزيز وڏو ڪم ڪيو. سنڌي موسيقي ۽ ثقافت جي تاريخ بابت شيخ عزيز جهڙيءَ ريت مواد سهيڙيو آهي، سو نرالو آھي. ان ڪيل ڪم کي ثقافت کاتي کي سنڀالڻ گهرجي. نامياري راڳي ذولفقار قريشي چيو ته شيخ عزيز مونکي ميوزڪ لاجي ۾ لفظن کي وضو ڪرڻ سيکاريو. هن مون کي ڌنن کي ايڊيٽ ڪرڻ سيکاريو. پروگرام جي شروعات نامياري راڳي ذوالفقار شيخ شاهه لطيف جي وائيءَ سان ڪئي. جڏهن ته حامد راڄپر استاد محمد جمن جي ڳايل وائي ڪارون وس ڪيام ڳائي. پروگرام ۾ قل پڙهي شيخ عزيز جي پٽن طارق عزيز ۽ خرم عزيز سان تعزيت ڪئي وئي.

    (آن لائين انڊس نيوز رپورٽ, حيدرآباد, 27 جنوري 2019ع)


    هيپي برٿ ڊي شيخ عزيز صاحب : جاويد مهر

    هيپي برٿ ڊي شيخ عزيز صاحب : جاويد مهر

    ڪراچي: سنڌ جو نالي وارو صحافي شيخ عزيز صاحب اڄ اسان وچ ۾ موجود ناهي، پر سندس ڪتاب ڪيترن ئي ڪتب خانن، ادارن، شاعرن، اديبن ۽ دانشورن وٽ موجود آھن. ڪجهه عرصو اڳ مان پنھنجي دوست نصرالله جماليءَ سان گڏجي ساڻس ملاقات ڪري کيس درخواست ڪئي ھُئي ته سنڌ پبلڪ لائبريري توهان کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء تقريب ڪرڻ چاهي ٿي. اچو، پر سائين طبعيت ناساز هجڻ جو عذر پيش ڪري معذرت ڪئي. ان هوندي به هن چيو ته رمضان جو مهينو گذري پوءِ ڏسنداسين، پر ھلندڙ سال 7 آڪٽوبر تي خبر پئي ته شيخ عزيز صاحب لاڏاڻو ڪري ويو.
    اڄ سندس فرزند ۽ منهنجو پراڻو دوست طارق عزيز منهنجي هڪ ٻئي محترم دوست ۽ سينيئر صحافي ڪرم علي شاهه سان گڏ سنڌ پبلڪ لائبريريءَ پهتو. ان موقعي هن سائين شيخ عزيز جا ڪجهه ڪتاب ڏنا ۽ چيو ته 9 ڊسمبر تي لائبريري اچڻ جي ان ڪري چونڊ ڪئي جو اها سندس بابا جي سالگرھ جي تاريخ آھي، جنهن تي ڏاڍي خوشي ٿي، ”هيپي برٿ ڊي شخ عزيز صاحب" ملاقات ۾ مون سان گڏ سنڌ پبلڪ لائبريريءَ جو ايڊمنسٽريٽر انور مهراڻوي ۽ طارق مشتاق پڻ موجود هئا.

    (فيس بُڪ جي ٿورن سان، 9 ڊسمبر 2018ع)


    سنڌ ادبي ميلي ۾ شيخ عزيز جي آتم ڪھاڻي ’دارون ۽ ڪارون‘ جي رونمائيءَ جو ڪارڊ

    سنڌ ادبي ميلي ۾ شيخ عزيز جي آتم ڪھاڻي ’دارون ۽ ڪارون‘ جي رونمائيءَ جو ڪارڊ
    شيخ عزيز جي آتم ڪهاڻي ’دارون ۽ ڪارون‘ جي رونمائي

    شيخ عزيز پنهنجي ڪم سان مخلص هو. سندس آتم ڪهاڻي هڪ دور جي تاريخ آهي. اهڙو اظهار ريڊيو، ٽي وي، تعليم ۽ سياست جي نامياري شخصيت مهتاب اڪبر راشدي سنڌ لٽريچر فيسٽيول جي آخري ڏهاڙي تي ملڪ جي مشهور صحافي شيخ عزيز جي آتم ڪهاڻي "دارون ۽ ڪارون" جي رونمائي واري سيشن ۾ ڪيو. هن چيو ته ڏٺو ويو آهي ته آتم ڪهاڻي پاڻ سان گذريل وقت بابت لکيل هوندي آهي پر هيءَ آتم ڪهاڻي ان طرح ناهي بلڪه پنهنجي زماني جي تاريخ آهي. هيءُ ڏاڍو دلچسپ ڪتاب آهي, جنهن ۾ مختلف موضوعن تي لکڻيون ملن ٿيون. شيخ عزيز سچو ۽ کرو ليکڪ هو. سندس آتم ڪهاڻي به ان جو عڪس آهي. اسان کي اهڙو ڪتاب پڙهڻ گهرجي. شيخ عزيز جي پُٽ طارق عزيز شيخ چيو ته ڌارين ٻولين ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ليکڪ هو جنهن آبيچيوري جي روايت وڌي, سندس لکڻين سان غريب بي پهچ فنڪارن کي حق مليا ۽ گذاري ويلن جو سوانحي خاڪو ڏيھ پرڏيھ ۾ ڄاڻ جو ذريعو بڻيو. هن هميشه زرد صحافت جي مخالفت ڪئي. ان موقعي تي شيخ عزيز جي ڪتاب جو مهورت پڻ ڪيو ويو.

    (روزاني عبرت, حيدرآباد, 25 فيبروري 2019ع)


    صحافت ۾ گھاريل عمر جون ساروڻيون: منوج ڪمار

    صحافت ۾ گھاريل عمر جون ساروڻيون: منوج ڪمار

    اسان جي چوگرد واريون ھاڻ سڀ شيون ڊھنديون پيون وڃن. اھي سڀ جڳھيون جيڪي اسان جي يادن جون مڪين ھيون ۽ جن سان اسان جي ھيءَ دنيا نشانبر ٿيندي ھئي تن جا وجود ھاڻ ختم ٿي رھيا آھن. مون کي خبر ڪونھي ته انھن ماڳن، مڪانن، رستن، بيٺڪن ۽ آستانن کان سواءِ اسان پنھنجي چوگرد دنيا کي ڪيئن سڃاڻنداسين. اھي جايون ته شھرن جي چھرن جا خد و خال آھن بنان انھن خد و خال جي اھي شھر ٻين کان ڪيئن الڳ ڪري سگھبا ۽ پنھنجا شھر سڃاڻي ڪيئن سگھبا؟ سڀاڻي فاران ھوٽل نه ھوندي ته آئون حيدرآباد کي ڪيئن سڃاڻي سگھندس؟ اھا فاران ھوٽل جتي اسان دوستن ڪيئي بيٺڪون ڪيون ھونديونسين. جتي آئون حليم بروھيءَ کي ڪچھريءَ لاءِ وٺي آيو ھئس ته حليم ٻڌايو ھو ته سندس گھر کان فقط چند قدمن جي فاصلي تي واقع ھن ھوٽل ۾ ھو ٽيھن سالن کان پوءِ آيو ھو. منھنجي حيرت کي ڏسي ٻڌايو ھئائين ته اھا ھوٽل سندس مامي جي آھي ۽ اختلافن سبب ھُو انھيءَ ھوٽل ۾ ڪونه ايندو ھو. اتي ويٺل سندس ماروٽ اسان کان بل وٺڻ کان انڪار ڪيو ھو. حليم شايد مون سان انھيءَ ھوٽل ۾ آخري دفعو آيو ھو. ھاڻ ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته اھا ھوٽل ڊاھي اتي ڪو پلازا پيا ٺاھين. ساڳي طرح رڳو شھر جا ماڳ ۽ مڪان نه پر اھي ڪردار به ختم پيا ٿين جيڪي شھرن کي رنگ ۽ آواز ڏيندا آھن. اڃان به تڪليف جي ڳالھ ته اھي روايتون، اھي لقاءَ ۽ اھي ادارا به ختم پيا ٿين جن سان شھرن جا مزاج جڙندا آھن. رڳو ياد آھي جتي اھي سڀ شيون موجود آھن پر ياد به ويسارپ جي خلاف ويڙھ ھارائي وٺندي.
    شايد ڪتابن ۾ اھي شيون محفوظ ڪري ڇڏجن جو جيڪڏھن ڪو وري ھن شھر کي وري انھيءَ اصلي صورت ۾ ٺاھڻ چاھي ته وٽس ڪو نقشو ھجي. انھيءَ سلسلي ۾ شيخ عزيز جي تازي ڇپيل آتم ڪٿا ’دارون ۽ ڪارون‘ وڏي مدد ڪندو.
    جيڪي ماڻھو شيخ عزيز کان واقف ھئا تن کي خبر ھوندي ته ھُو ڪيڏو منفرد ماڻھو ھو. اڌ صدي صحافت کي ارپيندڙ شيخ عزيز جديد سنڌي صحافت جي بانين مان ھڪ ھو جنھن سنڌي صحافت ۾ خبر کان وٺي لي آئوٽ ۽ مواد کان وٺي پبليڪيشن ۾ نوان لاڙا آندا. ھُن نه فقط سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تنھن وقت نئين قائم ڪيل شعبي ۾ پڙھايو پر ان جو نصاب به ترتيب ڏنائين ۽ شايد صحافت جي فن تي پھريون سنڌي ڪتاب به لکيائين. سنڌي صحافت سان گڏ شيخ عزيز اردو ۽ انگريزي صحافت ۾ وڏو وقت ڏنو ۽ آخر ۾ انگريزي اخبار ڊان مان سينيئر پوزيشن تان رٽائر ڪيائين. انگريزي اخبارن ۾ سنڌ جي حوالي سان سندس مضمون ۽ گذاري ويندڙ شخصيتن تي تعزيت ناما به سندس سڃاڻپ ھوندا ھئا. شيخ عزيز ھڪڙو عالم ماڻھو ھو جنھن تاريخ ۽ ادب تي به ڪافي ڪتاب لکيا. سنڌي ادب جي تاريخ تي سندس انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب پڙھڻ جھڙو ھو. موسيقيءَ جو شوقين ھو ۽ ان تي کيس گھري ڄاڻ ھئي. ھُن سنڌي موسيقيءَ جي ارتقا تي به ڪتاب لکيو ۽ سندس ايندڙ ڪتابن ۾ چنگ جھڙي ساز تي به ڪتاب آھي. شيخ عزيز ملھ سان به گھرو شغف رکندو ھو ۽ ان تي ڪتاب لکيائين، پر انھن سڀني ڳالھين کان وڌيڪ شيخ عزيز سنڌ جو مني صديءَ تائين گھرائي ۾ مشاھدو ڪيو ۽ ان جي ثقافت، صحافت، سياست، سماج، ادب سميت ھر موضوع تي انسائيڪلوپيڊيائي ڄاڻ ھئي. گذريل سال سندس مرتيي کان پوءِ سندس ڪاغذن مان سندس لکيل آتم ڪٿا ھٿ آئي جنھن کي سندس پٽ طارق عزيز شيخ تازو ڇپرائي آندو آھي.
    شيخ عزيز جون اھي ساروڻيون سڀني لاءِ پڙھڻ جھڙيون آھن. اسان پارا جيڪي حيدرآباد جي رومانس ۾ رھيا آھن انھن لاءِ ته شيخ عزيز، حيدرآباد جي سڀني حسناڪين کي وري وقت جي تھن مان کوٽي کڻي آيو آھي. شيخ عزيز حيدرآباد ڄائو ھو ۽ حيدرآباد جي شھر سان ان جو انس ھو. ھن حيدرآباد جي ھر گھٽي، رستي، مڪان، ھوٽل، سينيما، شراب خاني، باغ، اسڪول، پاڙي بازار سميت ھر جڳھ جو ايئن ته ذڪر ڪيو آھي جو اھي سڀ جڳھيون سامھون اچي بيھي ٿيون رھن. رڳو شھر جي ٻاھرين جاگرافي ڪونھي جيڪا ھن بيان ڪئي آھي. ھر شئي جي ھڪڙي اندرين جاگرافي به ھوندي آھي جيڪا ان جي روايتن، رسمن، واقعن، مزاجن ۽ ڪيفيتن ۾ ھوندي آھي. شيخ عزيز شھر جي اھا اندر جي جاگرافي به بيان ڪئي آھي. شھر جي تاريخ ۽ پيش ايندڙ واقعن کي به اوتري سادگيءَ سان بيان ڪيو آھي ڄڻ ته پاڻ سان پيش ايندڙ واقعن کي پنھنجي گھر ڀاتين سان پيو ونڊي. شھر جا منفرد ڪردار، اديب، موسيقار ۽ سياستدانن سان سندس ساروڻيون آباد آھن.
    شيخ عزيز جي اھو ساروڻيون صحافت سان لڳاپيل ماڻھن لاءِ پڙھڻ ته بنھ ضروري آھن ته ڏسن ته صحافتي قدر ڪيئن تبديل ٿيا آھن. ھي جيڪو دور آھي اھو ميڊيا جي حوالي سان ھڪ عجيب دور آھي جنھن ۾ ڪلاسيڪي ۽ روايتي ميڊيا جي سامھون سوشل ميڊيا اچي بيٺو آھي. انھيءَ سوشل ميڊيا ۾ خبر جي حرمت جي اھميت ته پھرين ڌڪ سان تين وال ٿي وئي آھي. ھن دور ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي سرحد ڊھي وئي آھي. ھاڻ واري دور ۾ جيڪر ڪوڙ ۾ ماڻھو اعتبار ڪن ٿا ته اھو ئي سچ آھي. پر شيخ عزيز پراڻي دور جو صحافي ھو جنھن وٽ خبر جي حرمت ھئي. شايد ھُو واحد سنڌي صحافي ھو جنھن لنڊن جي ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪئي ھئي، کيس نه رڳو خبر جي ٽيڪنيڪي پاسن کان واقف ھو پر ھُو خبر جي اثر کان واقف ھو.
    شيخ عزيز جون اھي ساروڻيون ملڪ جي سياسي تاريخ تي به تبصرو آھن ته مختلف اھم شخصيتن جا خاڪا به آھن. ھن ۾ سندس سفر جا احوال به آھن ته سندس تجربن جا بيان به آھن، پر ڪتاب جي باري ۾ ھڪڙي شڪايت آئون سندس پٽ طارق ۽ ڪتاب جي پبلشر سان ضرور ڪندس ته شيخ عزيز ھڪڙو باڪمال ايڊيٽر ھو جنھن سدائين متن جي صحيح ۽ سٿري ھئڻ تي زور ڏنو. جيڪر ڪتاب جا پروف ٿورو غور سان ڏسجن ھان ته شيخ عزيز جو روح وڌيڪ خوش ٿئي ھان.

    (روزاني ڪاوش حيدرآباد، 30 اپريل 2019ع)


    دل ڇھندڙ آتم ڪٿا (دارون ۽ ڪارون)

    دل ڇھندڙ آتم ڪٿا (دارون ۽ ڪارون)
    ليکڪ: شيخ عزيز، تبصرو: سرمد کوسو

    منهنجي سامھون جڏھن به ڪو آتم ڪٿا جو ڪتاب ايندو آهي ته ان وقت مون کي علامہ آء آء قاضي صاحب جي اھا ڳالھ ذھن تي تري ايندي آهي ته ھر شخص کي پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ گھرجي. ان سان ادب ۽ ٻوليءَ ۾ به واڌارو ٿيندو ۽ اھي ڳالهيون تاريخ جو به حصو ٿي وينديون. جيڪي اڳتي هلي اسان جي ايندڙ نسلن لاء رھنمائي، اتساھ ۽ دلچسپيءَ جو سبب بڻجنديون. تنهن ڪري مان مختلف وقتن تي مختلف دوستن سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪندو رھندو آھيان ته پنھنجن يادن کي لکت جي صورت ۾ محفوظ ڪندا رھو، جيئن اُھي وقت سر ڪم اچي سگھن. ھونئن به يادون زندگيءَ جو قيمتي سرمايو ھونديون آھن.
    ھن وقت منهنجي ھٿن ۾ به ھڪ يادگار ۽ دل ڇھندڙ آتم ڪھاڻيءَ جو ڪتاب آھي، جيڪو صحافت جي تمام وڏي نالي شيخ عزيز صاحب جو آھي. "دارون ۽ ڪارون" جي نالي سان ھي آتم ڪھاڻي پيڪاڪ پبلشرز پاران شايع ڪئي وئي آھي. افسوس ته ھي آتم ڪھاڻي شيخ عزيز صاحب جي زندگيءَ ۾ ڇپجي نه سگھي. سندس ڪھاڻي، سندس وفات جي ڪجهه مھينن کان پوء شايع ٿي، پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھتي آهي.
    ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ شيخ عزيز صاحب نھايت ئي دلچسپ انداز ۽ وڏي بي باڪيءَ جو مظاھرو ڪندي، ڪافي حقيقتون سامھون آنديون آھن. ان حوالي ھو پاڻ به لکي ٿو ته مون جيڪي ڳالهيون جيئن آھن، تيئن لکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ان ۾ ڪو به وڌاءُ ناھي ڪيو.
    شيخ عزيز صاحب پنهنجي ڪھاڻيءَ جي شروعات روايتي انداز وانگر ننڍپڻ کان نه ٿو ڪري پر ھي پنهنجي ڪھاڻي حيدرآباد شھر جي يادن سان شروع ٿو ڪري. ان ۾ ھي ورھاڱي دوران آزادي ۽ لڏ پلاڻ تي به لکي ٿو. ھي جڏهن حيدرآباد جي مختلف جڳھن ۽ انهن جي تاريخي پس منظر بابت لکي ٿو ته ائين ٿو محسوس ٿئي ته ھن کي حيدرآباد جي شھر سان وڏي انسيت آھي.
    ان سان گڏو گڏ پاڻ پنهنجي صحافتي ڪم جي حوالي سان تمام گهڻو لکيو اٿس، جنھن ۾ عبرت اخبار جي شروعاتي دور کان ويندي انگريزي اخبار ڊان ۾ پنهنجي صحافتي ڪم ۽ لاھن چاڙھن جو ذڪر ڪري ٿو.
    سندس ڳالھين ۽ بيان ڪيل قصن مان ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪري سگھجي ٿو ته کيس صحافت ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق جنون جي حد تائين ھو. ان دوران سندس ٻولي ۽ لکڻين ٻين صحافين ۽ ليکارين لاء گائيڊ طور ڪم اچن ٿيون.
    پاڻ ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ جرنلزم جو استاد به رھيو. اُن وقت جي يادن کي به تمام سھڻي نموني پنهنجي ڪھاڻيءَ جو حصو بڻايو اٿس. ان مان لڳي ٿو ته پاڻ سُٺو اُستاد پڻ ھو.
    مزي جي ڳالهه ته شيخ عزيز صاحب صاحب کي موسيقيءَ سان نه رڳو بي حد لڳاءُ ھو پر پاڻ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو به ھو. پنهنجي ڪھاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته موسيقيءَ جي ڄاڻ ھجڻ ڪري ساڻس رئيس ڪريم نظاماڻي ملڻ آيو ۽ ان کان پوء ھنن جي وچ ۾ تمام گھڻا ڪچھرين ۽ پيئڻ جا دور ھلندا ھئا. انھن ڪچھرين دوران ڳالهين جي اھميت کي سمجھندي شيخ عزيز ڪريم بخش نظاماڻي صاحب کي آتم ڪٿا لکڻ جو چيو. نظاماڻي صاحب ان دوستاڻي ھجت جي موٽ "ڪيئي ڪتاب" جي صورت ۾ ڏني، جيڪا ھڪ شاھڪار آتم ڪٿا آھي. ڏسجي ته ان عظيم ڪم پويان به شيخ عزيز جي اھا صلاح ھئي جنهن تي عمل ڪري نظاماڻي صاحب اھا ڪٿا لکي.
    ھن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل مھتاب اڪبر راشديءَ لکيو آهي. جنهن ۾ ھوءَ لکي ٿي ته "سندس زندگي به کليل ڪتاب جيان ھئي، جيڪا ڪنهن کان به ڍڪيل ڪو نه ھئي. ان جي باوجود به ھن شخص سچائيءَ سان پنهنجي آتم ڪھاڻي لکي زندگيءَ جي حالات کي کولي پڌرو ڪيو آھي؛ جيڪا تمام دليريءَ جي ڳالهه آهي. شيخ عزيز جو ھي ڪتاب فقط آتم ڪھاڻي ناھي بلڪه ڪيترن ئي موضوعن تي مشتمل ھڪ دور جي سياسي، سماجي ۽ صحافتي تاريخ پڻ آھي، جنهن جي اھميت الڳ آھي.“
    ھي ڪتاب پڙھندي مون کي ھڪ ڳالهه جو افسوس ٿيو ته ھن ڪتاب ۾ پروف جون تمام گھڻيون غلطيون آھن، جيڪي درست ڪيون وڃن ھا ته بھتر ھو، ڇو ته شيخ عزيز صاحب پاڻ ڪمال جو ايڊيٽر ھو ۽ ھو ٻوليءَ جي سونهن جو تمام گھڻو خيال رکندو رھو.
    ھيءُ ڪتاب شيخ عزيز صاحب جي فرزند طارق عزيز ڇپرايو آھي. ھن ڪتاب جي حوالي سان ان جو ليک به ڪتاب جو حصو آهي. ھن ڪتاب جو مھاڳ نالي واري صحافي ھم سفر گاڏھيءَ لکيو آھي، جيڪو "زندگي ڏک آھي" جي عنوان سان ھن ڪتاب ۾ شامل آھي. ان ۾ ھي لکي ٿو ته "سچ ته شيخ عزيز جي ھي آٽو بايوگرافي سڄي زندگيءَ جي پيار جو پورھيو آھي، جنھن ۾ ھن بنا ڪنهن ملاوٽ جي واقعن ۽ مشاھدن کي بيان ڪيو آھي. ليکڪ درياھ نه بلڪه سمنڊ کي ڪمال مھارت سان ڪوزي ۾ بند ڪري ڏيکاريو آهي. ھڪ لحاظ کان ھي ڪتاب سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ پڻ آھي، جنھن مان اُميد ته پڙھندڙن کي تمام گھڻو لاڀ ملندو."
    ھن خوبصورت آتم ڪھاڻي ڪتاب جي قيمت 500 رپيا رکي ويئي آھي. مون کي يقين آھي ته ھي ڪتاب توهان جي لائبريريءَ جي سونهن ۾ واڌارو ڪندو.

    (3 جولاءِ 2019ع، روزاني عبرت، حيدرآباد)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 870
    ڪتابن جو مشاهدو: 2450947
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 627212
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ