ڪتاب جو نالو: منهنجي مٺڙي سنڌ
مصنف: ڪرشن کٽواڻي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 26 مارچ 2020 ع
پڙهيو ويو: 867 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 394 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”هيءُ ناول ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ جي بيڪ گرائونڊ ۾ لکيو ويو آهي ۽ انهيءَ جي پکيڙ ورهاڱي ٿيڻ تي پوري ٿئي ٿي، جڏهن ناول جو هيرو شيام سنڌ ڇڏي، ڀارت جي شهر بمبئي ڏانهن وڃي ٿو، ۽ بمبئي ويندي به کيس وري سنڌ ورڻ جي خواهش جاڳي ٿي.
سنڌ جي ماحول يا سنڌيت تي ڀارت جي ٻين ليکڪن به ڪافي ناول لکيا آهن، جن ۾ گوبند مالهيءَ جو نالو سڀ کان مٿڀرو آهي. هُنَ پنهنجي ناول ‘شرم ٻوٽي’ ۾ قاضي فيض محمد کي هيرو بڻائي پيش ڪيو هو ۽ ڪرشن کٽواڻي پنهنجي هن ناول ۾ سنڌ جي ڏاهي سوڀي گيانچنداڻيءَ کي سندر جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
ڪرشن کٽواڻي ٽئگور جي شانتي نڪيتن ۾ پڙهيو آهي. انهيءَ ڪري سندس لکڻين ۾ سنگيت به نظر ايندو، چترڪاري به نظر ايندي، سندس ڪردار گنڀير به هوندا، سٺو سڀاءُ به هوندو، لهجو به نرم هوندو ۽ هنن جي آڏو، ڪو اهم مقصد به هوندو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • مهاڳ
  • ڳوٺ

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • شهر

  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • دنيا

  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17

  • ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو : منهنجي مٺڙي سنڌ (ناول)
    ليکڪ: ڪرشن کٽواڻي
    پهريون ڇاپو: 1991ع
    ٻيون ڇاپو: 2016ع
    لي آئوٽ: امان الله ڀٽي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 200 رپيا
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    Muhnjee Mithri Sindh (Novel)
    (My Lovely Sindh)
    Written: Kirshin Khatwani
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، اقراءَ سينٽر، جي پي او روڊ، لاڙڪاڻو فون: 0331-3480039
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- افضل بوڪ اسٽال، ماروئڙا ڳوٺ ڪراچي 03333509236 ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شير يزدان بوڪ شاپ،درگاهه ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، فون:0306-3665563، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ،
    ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل:sindhicaacademy@gmail.com

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”منھنجي مٺڙي سنڌ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري مصور، ڪهاڻيڪار، ڪوتاڪار، ناٽڪ نگار ۽ ناول نگار ڪرشڻ کٽواڻي جو لکيل آھي، جنھن جو پسمنظر ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ۽ ھندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ آھي. طارق اشرف لکي ٿو:
    ”هيءُ ناول ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ جي بيڪ گرائونڊ ۾ لکيو ويو آهي ۽ انهيءَ جي پکيڙ ورهاڱي ٿيڻ تي پوري ٿئي ٿي، جڏهن ناول جو هيرو شيام سنڌ ڇڏي، ڀارت جي شهر بمبئي ڏانهن وڃي ٿو، ۽ بمبئي ويندي به کيس وري سنڌ ورڻ جي خواهش جاڳي ٿي.
    سنڌ جي ماحول يا سنڌيت تي ڀارت جي ٻين ليکڪن به ڪافي ناول لکيا آهن، جن ۾ گوبند مالهيءَ جو نالو سڀ کان مٿڀرو آهي. هُنَ پنهنجي ناول ‘شرم ٻوٽي’ ۾ قاضي فيض محمد کي هيرو بڻائي پيش ڪيو هو ۽ ڪرشن کٽواڻي پنهنجي هن ناول ۾ سنڌ جي ڏاهي سوڀي گيانچنداڻيءَ کي سندر جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
    ڪرشن کٽواڻي ٽئگور جي شانتي نڪيتن ۾ پڙهيو آهي. انهيءَ ڪري سندس لکڻين ۾ سنگيت به نظر ايندو، چترڪاري به نظر ايندي، سندس ڪردار گنڀير به هوندا، سٺو سڀاءُ به هوندو، لهجو به نرم هوندو ۽ هنن جي آڏو، ڪو اهم مقصد به هوندو.“
    ھي ڪتاب 1962ع ۾ ھندستان ۾ ڇپيو. سنڌ ۾ 1991ع ۾ ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    ابوالڪلام آزاد چيو هو ته: ”جيڪڏهن آسمان جي بلندين تان هڪ فرشتو لهندي ڏسان، جيڪو آزاديءَ جو پروانو هٿ ۾ جهلي چوي ته اوهان کي آزادي چوويهن ڪلاڪن جي اندر ملي ويندي، صرف هندو مسلم اتحاد تان هٿ کڻي وڃو ته آءُ وراڻيندس ته، (انهيءَ شرط تي) آزادي نه کپي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن آزادي ملڻ ۾ دير ٿي ته اهو هندستان جو نقصان آهي، پر جيڪڏهن هندو مسلم اتحاد ٽٽو ته اهو انسانيت جو نقصان آهي، جيڪو برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.“
    هندستان جي ورهاست جي نتيجي ۾ ننڍي کنڊ ۾ انسانيت جي نقصان جا ڪيڏا منظر سامهون آيا، اهي انساني تاريخ جو هڪ وڏو الميو آهن. هتي نئين سنڌ جي اڏڻ لاءِ جيڪي سپنا شهيد الله بخش سومري جي لڏي ڏٺا هئا سي انسانيت جي ان وڏي نقصان جي ور چڙهي ويا.
    هي ناول انهي ساڳئي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪرشن کٽواڻي نئين سنڌ کي اڏڻ ۽ مدي خارج نظام کي بدلائڻ جو اتساهه سنڌ جي نوجوانن ۾ ڇولين جيان ڇلڪايو آهي. بقول طارق اشرف ته ”ورهاڱي کان اڳ شيام ۽ سندر نئين سنڌ جي اڏڻ جا جيڪي سپنا ڏٺا هئا، اهڙا سپنا هميشه سنڌ جي ضرورت رهيا آهن. اسان کي نئين سنڌ اڏڻ لاءِ انهن سپنن کي سچو ثابت ڪرڻو پوندو.“
    ‘منهنجي مٺڙي سنڌ’ سنڌيڪا جي اشاعتي سلسلي جو ٽيون ۽ فڪشن تي پهريون ڪتاب آهي. پروفن پڙهڻ ۽ هندي لفظن کي سنڌي قالب ڏيڻ جو ڪم نوجوان ليکڪ ۽ ٻوليءَ جي پارکو محترم آفتاب ابڙي ڪيو جنهن لاءِ سندس ٿورائتا آهيون.


    نور احمد ميمڻ
    چيئرمين
    سنڌيڪا اڪيڊمي


    مهاڳ

    ڪرشن کٽواڻيءَ جو نالو ذهن ۾ ايندي ئي، هڪ سٻاجهو، گهٽ ڳالهائو ۽ قرب وارو شخص اکين آڏو اُڀريو اچي. اهو مان انهيءَ ڪري چئي سگهان ٿو، ڇو ته سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن پاران ڪرايل ‘سچل ڪانفرنس’ ۾، جڏهن ڪرشن کٽواڻي ڀارت کان آيو هو، ته منهنجيون به ساڻس ٽي ملاقاتون ٿيون هيون، جيتوڻيڪ اهي ملاقاتون انتهائي مختصر هيون، پر انهن مختصر ملاقاتن جو منهنجي ذهنَ ۽ دل تي ايڏو گهرو اثر ٿيو، جو اهو هميشه قائم رهندو.
    خود ڪرشن کٽواڻي سنڌ مان اهڙيون وڻندڙ يادون کڻي ويو آهي، جو هاڻ کيس انهيءَ ڳالهه جو ارمان پيو ٿئي ته هو چاليهه سال سنڌ ۾ ڇو نه آيو. اهڙو ذڪر هن مون سان ڪيترن ئي خطن ۾ ڪيو آهي. سنڌ مان موٽي ڀارت وڃي، هن سنڌ تي ٻه ڪهاڻيون، جن مان هڪ طويل ڪهاڻي آهي، لکيون آهن. انهيءَ کان علاوه هن سنڌ جو سفر نامو پڻ لکيو آهي، جنهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته پورو سفر نامو شعرن ۾ آهي. ۽ شايد سنڌيءَ ۾ اهڙي قسم جو پهريون سفر نامو آهي.
    ڪرشن کٽواڻيءَ جي دل ۾ سنڌ لاءِ محبت، سنڌ مان ٻيهر ٿي وڃڻ کان پوءِ نه جاڳي آهي، بلڪه سنڌ سان محبت، ڪرشن جي دل مان ڪڏهن به نه نڪتي آهي، سنڌ سان محبت سندس رڳَ رڳَ ۾ سمايل آهي. هو سدائين پنهنجي وطن کي ياد ڪندو رهيو آهي، جنهن جو ثبوت سندس ناول ‘منهنجي مٺڙي سنڌ’ آهي. هُنَ ڀارت وڃڻ کان پوءِ، سٺ جي شروعات ۾ اهو ناول لکيو، جيڪو 1962ع ۾ ڇپيو. سنڌ سان سندس محبت جو اندازو هن ناول جي نالي مان به لڳائي سگهجي ٿو، ‘منهنجي مٺڙي سنڌ’ ڪيڏو نه پيار ۽ اُتساهه ظاهر ٿئي ٿو. اهو ناول جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اٽڪل پندرنهن سالن کان پوءِ هيءُ ناول لکيو ويو آهي. پر ايترن سالن کان پوءِ به پنهنجي ڌرتي کي ڇڏڻ جي ڏک جو احساس، اهڙيءَ ريت چٽيل آهي، لڳي ٿو، ڄڻ جنهن ڏينهن ڪرشن کٽواڻي سنڌ ڇڏي آهي، انهيءَ وقت جنهن پيڙا مان هو گذريو آهي، انهيءَ جو اظهار ، انهيءَ وقت ڪاغذن تي اوتيو اٿس.
    مون کي جڏهن چيو ويو ته ڪرشن کٽواڻِيءَ جي ناول تي مهاڳ لک، ته منهنجي لاءِ اهو اعزاز بيشڪ هو، پر ساڳي وقت منهنجي لاءِ اِها مشڪل ڳالهه به هئي، ڇاڪاڻ ته ڪرشن کٽواڻي تمام سينيئر رائيٽر آهي. مان جڏهن ننڍڙو، هوس، تڏهن ڪرشن کٽواڻي لکڻ شروع ڪيو، يعني 1942ع ۾.
    ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ناول تمام گهٽ لکيا ويا آهن. آغا سليم ۽ سراج ٽي چار ناول لکيا آهن. هڪڙو ناول طارق عالم ابڙي لکيو آهي ٿي سگهي ٿو ڪن ٻين به لکيا هجن، پر اُهي شايد ڪي اهم نه هجن.
    ورهاڱي کان گهڻو اڳ سنڌ ۾، ناول لکڻ جي شروعات ٿي چُڪي هئي ۽ اها شروعات مرزا قليچ بيگ ڪئي هئي. هن دلارام (1888) ۽ زينت (1890) ۾ لکيو. انهيءَ کان پوءِ 1892ع ۾ ديوان پريتمداس حڪمت راءِ هڪ ناول لکيو ‘عجيب ڀيٽ’. کانئس پوءِ ڀيرو مل، عبدالرزاق، پرسرام شهاڻي، شيوڪ ڀوڄراج ۽ ٻين ڪيترن ناول لکيا. 1941 کان 1947ع تائين جيڪي نوان ناول نگار آيا، انهن ۾ چندو لعل جئسنگهاڻي، گلي سدارنگاڻي، نرمل جيوتاڻي، نهچل واسواڻي، نرملداس، فتحچند شامل آهن، پر خاص ڪري رام پنجواڻي، جنهن جا ناول-چانديءَ جو چمڪو، اسان جو گهر، قيدي ۽ شرميلا ڏاڍا مشهور ٿيا. ۽ نارائڻ داس ڀمڀاڻي، جنهن جا ناول ‘مالهڻ’، ‘وڌوا’ ۽ ‘غريبن جو ورثو’ ڏاڍا سُٺا ناول هئا ۽ ڏاڍا مشهور به ٿيا.
    ورهاڱي کان اڳ جن مسلمان ليکڪن ناول لکيا هئا، انهن مان ڪي ته گذاري ويا ۽ ٻين لکڻ ڇڏي ڏنو. پر ورهاڱي کان پوءِ جيڪي سنڌي ڀارت لڏي ويا، انهن مان ڪن ليکڪن اُتي ڪافي ناول لکيا، جن ۾ چندو لعل جئسنگهاڻي ۽ گوبند مالهيءَ جا نالا اهم آهن. انهن کان علاوه به جن ٻين تمام سٺا ناول لکيا، انهن مان هڪ وڏو نالو موهن ڪلپنا جو آهي، جنهن ‘آواره’ ‘زندگي’ ۽ ‘رڃ ۽ پاڇا’ جهڙا ناول لکيا. گني سامتاڻيءَ جو ناول ‘واپسي’ به هڪ سٺو ناول هو. سندري اُتمچنداڻي ٻه ناول لکيا. انهن کان علاوه گلي سدا رنگاڻي، تارا مير چنداڻي، پوپٽي هيراننداڻي، هري همٿاڻي ۽ هري موٽواڻي پڻ ٻه سٺا ناول لکيا ‘ابو’ ۽ ‘اجهو’.
    ڪرشن کٽواڻي پنج ناول لکيا آهن- ‘امر پريم’ (1961)، ‘منهنجي مٺڙي سنڌ’ (1962)، ‘ياد هڪ پيار جي’ (1978)، ‘وئرٿ زندگيون’ (1978) ۽ ‘ست ڏينهن’ (1985). پر ‘امر پريم ۽ ست ڏينهن’ کي ناول جي بدران ناوليٽ چوڻ گهرجي.
    ڪرشن کٽواڻي ادب جي گهڻي ڀاڱي هر صنف تي لکيو آهي، سٺو لکيو آهي، پر سندس اصلي سڃاڻپ ڪهاڻي آهي. ڪرشن کٽواڻي 1942ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، ۽ 1944ع ۾ ئي سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪهاڻي ڪتاب ‘ٽٽل تارون’ شايع ٿيو هو، ۽ هڪ ڪتاب ‘سياسي مدبر’ نالي سان پڻ ساڳي سال شايع ٿيو هو.
    ڪرشن کٽواڻي جو فقط اِهو ناول ئي سنڌ ۾ نه ڇپيو آهي، بلڪه سندس ناول ‘اَمر پريم’ ۽ ‘ياد هڪ پيار جي’ به سنڌ ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس ناول ‘ياد هڪ پيار جي’ تي ڀارت جي ساهيته اڪيڊمي انعام به ڏنو آهي. سندس اِهو ناول ۽ ٻيو ‘امر پريم’ هندي ۽ گجراتيءَ ۾ به ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن.
    هيءُ ناول ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ جي بيڪ گرائونڊ ۾ لکيو ويو آهي ۽ انهيءَ جي پکيڙ ورهاڱي ٿيڻ تي پوري ٿئي ٿي، جڏهن ناول جو هيرو شيام سنڌ ڇڏي، ڀارت جي شهر بمبئي ڏانهن وڃي ٿو، ۽ بمبئي ويندي به کيس وري سنڌ ورڻ جي خواهش جاڳي ٿي.
    سنڌ جي ماحول يا سنڌيت تي ڀارت جي ٻين ليکڪن به ڪافي ناول لکيا آهن، جن ۾ گوبند مالهيءَ جو نالو سڀ کان مٿڀرو آهي. هُنَ پنهنجي ناول ‘شرم ٻوٽي’ ۾ قاضي فيض محمد کي هيرو بڻائي پيش ڪيو هو ۽ ڪرشن کٽواڻي پنهنجي هن ناول ۾ سنڌ جي ڏاهي سوڀي گيانچنداڻيءَ کي سندر جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
    ڪرشن کٽواڻي جي پنجن ناولن مان سنڌ تي سندس اهو هڪڙو ئي ناول آهي. هن ناول کي پڙهڻ کان پوءِ ورهاڱي کان پهرين جي سنڌ جي حالتن جي چڱي ڄاڻ ملي ٿي. ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ جن ليکڪن اتي سنڌ جي بيڪ گرائونڊ تي ناول لکيا آهن، هي ناول انهن ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. موضوعءَ جي لحاظ کان ناول ڪافي پکڙيل آهي، ۽ ڪردار به ڪافي آهن. پر ڪرشن جي گرفت ناول تي مضبوط آهي. ورهاڱي کان اڳ هلايل آزادي واري تحريڪ انهيءَ وقت ماڻهن جي سوچ، ماڻهن جا مسئلا، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ سوچ جو فرق، ڪرشن کٽواڻي سڀني تي روشني وڌي آهي ۽ سٺو نباهيو اٿس.
    جيڪي ورهاڱي وقت ننڍا هئا، يا پوءِ ڄاوا، هن ناول پڙهڻ کان پوءِ انهن جي اکين آڏو انهيءَ وقت جي سنڌ اچي ويندي. ناول جو هيرو شيام هڪ آئيڊل قسم جو ڪردار آهي، جيڪو شاعر آهي ۽ ڳوٺ جي ماستر نور الله جي صحبت ڪري منجهس انقلابي ۽ آزاد خياليءَ جي سوچ پيدا ٿئي ٿي ۽ جڏهن هو شهر ۾ اچي ٿو ته پنهنجا هم خيال دوست ڳولهي ٿو وٺي، خاص ڪري سندر جيڪو ڪميونسٽ آهي. هو سندر سان گڏ ادبي ڪچهرين ۾ وڃي ٿو، مزدورن جي وستين ۾ وڃي ٿو. سندر هُنَ ۾ نئين سنڌ جي اڏڻ لاءِ اُتساهه جاڳائي ٿو ۽ نئين سنڌ کي اڏڻ ۽ فرسوده نظام کي بدلائڻ جون ڳالهيون سمجهائي ٿو ۽ هي ٻئي پنهنجا اهي سهڻا خيال کڻي ماڻهن وٽ وڃن ٿا ۽ انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا.
    ٻولي ۽ اظهار جو پاڻ ۾ گهرو تعلق هوندو آهي. جيڪڏهن ٻولي اهڙي ڪم آڻجي، جنهن مان چيل ڳالهه جو اظهار پوريءَ ريت نه ٿيندو هجي، يا ليکڪ جنهن ڳالهه جو اظهار ڪرڻ گُهري ٿو، جيڪو ڪجهه پڙهندڙن کي محسوس ڪرائڻ چاهي ٿو، اُهو پڙهندڙ کي پوريءَ ريت محسوس نه ڪرائي سگهي ته ليکڪ جي ناڪامي چئبي. پر ڪرشن کٽواڻيءَ جي خوبي اها آهي ته هو، جيڪو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، جيڪو محسوس ڪرائڻ گهري ٿو، اُهو هُنَ اهڙي انداز سان لکيو آهي، جو پڙهندڙ اُهو پوري شدت سان محسوس ڪري ٿو، بلڪه ڪرشن کٽواڻي پڙهندڙ جي ذهن تي ايڏو گهرو اثر ڇڏي ٿو جو ورهين تائين اهو اثر پڙهندڙن جي ذهنن تي قائم رهي ٿو، ۽ اها ئي فنڪاري آهي. ڪٿي ڪٿي سندس نثر ۾ شعر جو ميٺاج به محسوس ٿئي ٿو. هن جيڪڏهن هندي لفظ ڪم آندا آهن ته ساڳئي وقت عربي ۽ فارسي لفظ به ڪم آندا آهن. پر ڪٿي ڪٿي غلط لفظ به ڪم آڻي ويو آهي، پر ڪرشن کٽواڻي جي لکڻيءَ ۾ ايڏي رواني آهي جو اِها غلطي به وڻي ٿي.
    اڄ به، ايتري عرصي کان پوءِ به، جڏهن اهو ناول ڇپيو يعني اُڻٽيهه سال بعد هِنَ وقت به اِهو ناول پڙهجي ٿو ته پڙهندڙ پاڻ کي ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ ۾ مَحسوس ڪري ٿو. شيام، سندر يا ٻيا ڪردار هن کي ائين لڳن ٿا، ڄڻ اُهي هن جا ڏٺل آهن، ڄڻ هو به هنن سان گڏ رهيو هجي. ۽ اها هڪ ليکڪ جي خوبي آهي ته هو، پڙهندڙن کي ڪٿي ڪٿي ٿڌي هوا جو جهوٽو لڳندي محسوس ٿئي ٿو.
    ناول جو موضوع بامقصد ۽ شاندار آهي. ڪرشن کٽواڻي انهيءَ کي تمام سهڻي نموني نباهيو آهي. ناول پڙهڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته ڄڻ اِهو ناول اڄ جي دور تي لکيو ويو آهي. اڄ جي سنڌ تي لکيو ويو آهي. ورهاڱي وقت اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون هيون، جو شيام کي، جيڪو نئين سنڌ جي اڏڻ جا سپنا اکين ۾ کڻيو پي هليو، تنهن کي پنهنجي ڌرتي ماءُ ڇڏڻي پئي، چوئيتاليهن سالن کان پوءِ هڪ سازش تحت سنڌ مان وري هندئن کي لڏايو پيو وڃي. نه فقط سنڌي هُندئن کي هتان لڏايو پيو وڃي. پر هتي جي سنڌين لاءِ پڻ سندن ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي. اهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن، جو سنڌين جو پنهنجي ڌرتيءَ تي جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي.
    ورهاڱي کان اڳ شيام ۽ سندر نئين سنڌ اڏڻ جا سپنا ڏٺا هئا. اهڙا سپنا هميشه سنڌ جي ضرورت رهيا آهن. اسان کي نئين سنڌ اڏڻ لاءِ انهن سپنن کي سچو ثابت ڪرڻو ئي پوندو. نئين سنڌ کي اڏڻ لاءِ، جنهن خواهش جو اظهار ڪرشن کٽواڻي پنهنجي هِن ناول ۾ ڪيو آهي، انهيءَ جي ساڀيا لاءِ، سندس ئي هڪ ڪردار سندر، جيڪو سوڀي گيانچنداڻيءَ کان متاثر ٿي ڪرشن خلقيو هو، اِهو اڄ به انهيءَ جدوجهد ۾ رڌل آهي.
    ڪرشن کٽواڻيءَ ۾ وڏي خوبي اها آهي ته هن جي لکڻي يا بيان ڪيل ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿي به بناوٽ يا جڙتو ڳالهه نٿي لڳي. منظر نگاري به اهڙي ڪئي اٿس، جو حقيقت جو احساس ٿئي ٿو. پڙهندڙ ائين محسوس ڪري ٿو ته هو اِهو منظر پاڻ به پسي پيو. ڪردار نگاري ڪئي اٿس ته اهو ڪردار جيئرو جاڳندو، اکين آڏو بيٺل ڀائنجي ٿو. جيتوڻيڪ ڪرشن کٽواڻي هيٺين وچولي درجي مان ڪونهي پر انهيءَ ڪلاس مان هن جيڪي ڪردار کنيا آهن، يا انهن جي مسئلن لاءِ هن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، لڳي ٿو ته ڪرشن کٽواڻيءَ جو تعلق انهيءَ ڪلاس مان آهي. خود ڪرشن کٽواڻيءَ جو شمار ترقي پسند ليکڪن ۾ ڪونهي، پر هيءُ ناول پڙهڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته هو هڪ سچو ترقي پسند ليکڪ آهي.
    ڪرشن کٽواڻي ٽئگور جي شانتي نڪيتن ۾ پڙهيو آهي. انهيءَ ڪري سندس لکڻين ۾ سنگيت به نظر ايندو، چترڪاري به نظر ايندي، سندس ڪردار گنڀير به هوندا، سٺو سڀاءُ به هوندو، لهجو به نرم هوندو ۽ هنن جي آڏو، ڪو اهم مقصد به هوندو.
    ڪرشن کٽواڻي انهن ڪجهه ليکڪن مان آهي، جن ورهاڱي کان اڳ لکڻ شروع ڪيو ۽ اڄ تائين لکي رهيا آهن. ۽ بيشڪ ڪرشن کٽواڻيءَ جو شمار سنڌ جي انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي تاريخ ۾-‘وڏا ليکڪ’ ليکبا.


    طارق اشرف
    91-9-19
    ڪراچي


    ڳوٺ

    1

    ڌرتيءَ جي سڳنڌ چوطرف ڦهليل آهي. اوُءَ پهاڙن مٿان اُڏندي، فضا ۾ پاڻ وڪوڙي پيئي، مرڪي ته ڄڻ سمنڊ جي ڪناري اڪيلي ويٺي ڇولين سان ڳالهيون ڪري. ڌرتيءَ جي هيءَ سڳنڌ گل جي خوشبوءَ جيان تيز تَڪڙي نه آهي. هلڪي، هلڪي ۽ وڻندڙ هيءَ سڳنڌ اسان جي حواسن سان مليل آهي. اسان جي آشا هن سڳنڌ ۾ سنان ڪري پاڻ کي پوتر ڪندي آهي. سنسار جي اِبتدا کان هيءَ مهڪ چوطرف ڦهليل آهي ۽ انت تائين ائين ڦهليل رهندي.
    ڌرتي اسان جي ماتا آهي. سندس ڪُکِ مان اسين پيدا ٿيون ٿا. اسان کي هوءَ پالي پوشي وڏو ڪري ٿي ۽ جڏهن اسين ٿڪجي پئون ٿا ته هوءَ اسان کي ڇڪي، ڇاتيءَ لائي، پنهنجي گود ۾ سمهاري ڇڏي ٿي.
    ڌرتيءَ کي اسين پيار ڪريون ٿا.
    پر پيار ڪرڻ لاءِ اِنسان گهڻي کي ٿوري جو روپ ڏيندو آهي. اَٿاه ۾ ڪو ننڍو حصو ڳوليندو آهي ؛ اِنسانن جي هجوم ۾ هڪڙو اِنسان چونڊيندو آهي.
    زمين اٿاه آهي. حسابن جي دنيا ۾ اِنسان اُن جي ماپ ڪري سگهي ٿو، پر احساس ۽ ڪلپنا جي دنيا ۾ اُنجو ڪو انت ڪونهي. انسان هن ڌرتيءَ کي ملڪن ۾ ورهايو آهي ۽ اُنهن کي پنهنجا نالا ڏنا آهن. هر هڪ ملڪ جا ماڻهو پنهنجي ماحول ۾ پليا آهن ۽ هو پنهنجي ڌرتيءَ کي پيار ڪن ٿا.
    ڀارت جي اولهه ۾ سنڌو ندي ڌيميءَ چال سان وهندي، ميدانن ۽ برپٽن کي سجائيندي سمنڊ ڏانهن پيئي وڃي. مٽي ڳاڙهسري آهي، ٻوٽا ننڍڙا آهن، جبل نه، پر ٽڪريون آهن ۽ آڪاش صاف آهي ؛ ان ديس جو. اُن ديس کي چون ‘سنڌوديس.’
    سنڌو ديس جي مٽيءَ ۾ پليل اِنسانن جي هيءَ هڪ ڪهاڻي آهي.
    برسات اُتي گهٽ پوي، پر تڏهن به ملڪ سائو ستابو آهي. ننڍڙا ننڍڙا ٻيلا ٿوري ٿوري مفاصلي تي ٻنين جي ڪناري تي سانت ۾ آهن ۽ باغن جي وچ ۾ ملن ٿا ڳوٺڙا جن ۾ مٽيءَ جون ٺهيل جايون، ننڍڙيون گهٽيون ۽ انهن ۾ رهندڙ حُب ۽ سڪ وارا اِنسان.
    ”خدا بخش جو ڳوٺ“ به هڪ ڳوٺ ئي هو. زمانو ڪڏهن آلس وچان ڪر موڙيندو آهي ته ڪڏهن طوفان جيان دز اڏائيندو اڳتي وڌندو آهي. خدا بخش هڪ هٺيلو ۽ پٿر دل شخص هو. غريب گهر ۾ ڄائو هو؛ پر غريبيءَ کان نفرت هئس. سندس سڀاءَ کيس ڌاڙيلن جي ٽوليءَ ۾ آڻي پهچايو. هڪ ڏينهن ڌرتتيءَ ويلي هو اُڃ ۾ ساڻو، اُٺ تي چڙهيل هڪ ڳوٺ مان لنگهيو. ڳوٺ ٻاهران، پٿرائين زمين تي کيس هڪ کوه نظر آيو. اُتي پهچڻ سان سندس اکيون ڦاٽي پيون. هڪ جوان نينگريءَ ستارن ڀريل چولي ۽ ڇُريل چادر ۾ بيٺي، پاڻيءَ جو دلو ڀري رهي هئي. خدا بخش ٻنهي هٿن سان ٻڪ ٺاهيو. نينگري ڊني، هچڪي ۽ پوءِ دلو کڻي پاڻيءَ جي نيسر اوپري ماڻهو جي ٻڪ ڏانهن ڪيائين.
    اُس جي تپت ۾ ڇوڪريءَ جا ڳل ڳاڙها هئا. اکيون نيراڻ ڏي مائل، نڪ ڊگهو ۽ منهن سٻاجهو. خدا بخش اُڃ مٽائيندي اهو سڀ ڏٺو ۽ خيال کي ارادي جو روپ ڏنائين
    هن ٽپ ڏيئي ڇوڪريءَ جي منهن کي پٽڪي سان ٻڌو. ڇوڪري ڊپ ۾ بيهوش ٿي وئي. خدا بخش پنهنجين سگهارين ٻانهن ۾ اُن نازڪ بدن کي کنيو ۽ اُٺ کي ڊوڙايائين.
    جاگيردار جي حويليءَ ۾، اُن رات هڪ ڇوڪري خوب لڇي، ڦٿڪي، هن گهڻو ئي ليلايو، آزيون نيراريون ڪيون، پر ديواريون خاموش رهيون. جاگيردار شراب پي رهيو هو ۽ نينگر جي لڇڻ ڦٿڪڻ کي اِئين ڏسي رهيو هو جيئن هڪ ٻار ناچ ڪندڙ رانديڪي کي ڏسندو آهي.
    خدا بخش کي اِنعام ۾ مليو هڪ زمين ٽڪر. هو ڌاڙيل مان زميندار بڻيو ۽ جيڪو ڳوٺ اڏايائين اُن جو نالو رکيائين ”رئيس خدا بخش جو ڳوٺ“ هن خوب پئسو ڪٺو ڪيو، گهڻي معصومن جو ست ٽوڙيائين، پنهنجي حويلي اَڏايائين ۽ زمينداريءَ کي وڌائي ٻيڻو ٽيڻو ڪيائين.
    پر هڪ ڏينهن زمين کيس سڏ ڪيو ۽ هو انڪار ڪري نه سگهيو. جنهن مٽيءَ مان محل اَڏايو هو، سو خود مٽي ۾ گم ٿي ويو پر محل اڃا بيٺو هو. مٽيءَ جا پوتر آهي سا اِنسانن ۽ حيوانن ٻنهي کي پاڻ وٽ جڳهه ڏئي ٿي ۽ سندس خوشبوءِ سدا ڦهلجندي رهي ٿي.
    ڳوٺ وڌندو رهيو. آس پاس جي ڳوٺن مان ماڻهو لڏي اُتي اچي رهيا. جايون ۽ حويليون اُسرڻ لڳيون. ڳوٺ واپار جو مرڪز بڻجڻ لڳو. اسڪول کليو، اسپتال کلي، ٿاڻو آيو.
    اونهاري جي چانڊوڪي هئي. نرمل آڪاس، ڌرتي ۽ جايون بلڪل سانت، اڌ رات جو سمو. سيٺ ڄاڃيمل اوطاق تي ٽنگون ٽيڙي کٽولي تي سمهيو پيو هو. هو خواب ۾ قاسم کي ڏسي رهيو هو جو روئي رهيو هو. پر ڄاڃيمل جو من ڪين ڀنو، هو پاڻ خوش هو. ڄاڃيمل ڪاغذ اڳتي وڌايو ۽ قاسم کي ان تي آڱوٺو هڻڻو ئي پيو. قاسم جي زمين ڳوٺ ۾ ڀلي ۾ ڀلي هئي ۽ ڄاڃيمل سپني ۾ قاسم جي اِها زمين پائي ڏاڍو خوش ٿيو.
    اِتي ڄاڃيمل جو سپنو ٽٽي پيو. هو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ دکي ٿيو ۽ جيئن ئي اکيون کوليائين تيئن پنهنجي نوڪر ڦڳڻ کي سامهون بيٺل ڏٺائين.
    ”ڇا آهي، ڦڳڻ؟“ ڄاڃيمل ڪجهه غصي، ڪجهه اچرج وچان پڇيو.
    ”سائين جلد گهر هلو. سائين جن کي فرزند پيدا ٿيو آهي.“
    سپني ۾ محسوس ڪيل خوشيءَ جي ڀنگ ٿيڻ جو ارمان ڄاڃيمل کان وسري ويو. هو پنهنجي ڌوتي سنڀالي اُٿيو، پاسي ۾ اسٽول تي رکيل لوٽيءَ مان پاڻيءَ لپ ڀري منهن ڌوتائين ۽ نوڪر سان گڏ گهر ڏانهن هليو.
    گهر جا سڀ ڀاتي جاڳيل هئا. اوڙي پاڙي جون زالون-ڪي اندر، ڪي ٻاهر هيون. ڄاڃيمل کي آيل ڏسي هنن رَون يا چادرن سان منهن کڻي ڍڪيا ۽ سندن چلائڻ بند ٿي ويو.
    گنشي ڏاڏيءَ چادر مان اک ڪڍي چيو : ” ساوتريءَ پيءُ، واڌايون هجني. پٽ ڄائو ٿئي.“
    ڄاڃيمل هٿ جوڙي چيو: ”گروءَ جي ڪرپا آهي. هو سڀني تي مهربان آهي.“
    ساوتري ڄاڃيمل جي وڏي ڌيءَ جو نالو آهي ۽ نئين ڄاول ٻار جو نالو رکيائون: شيام.
    صبح جو سج اُڀرندو آهي ۽ رات جو اُلهندي طرف ٻڏي ويندو آهي، پر ڪير به اُن ڏانهن خيال ڪو نه ڏيندو آهي. ائين جڏهن نئون ٻار ڄمندو آهي ته اِنسان ان کي عام واقعو سمجهي ڌيان ڪو نه ڏيندا آهن. پر هڪ اِنسان جو هن دنيا ۾ اچڻ ڪيڏو نه وڏو واقعو آهي، اُن کي تمام ٿورا ماڻهو سمجهن ٿا.
    ننڍڙو اُسرندڙ ڳوٺ. ڄاڃيمل جو واپار وڌي رهيو هو. ٿورا سال اڳ جي ئي ڳالهه آهي.....هڪ ڄاڃي واڻئي ڳوٺ ۾ مودڪو هٽ کوليو هو. ڄاڃيءَ مان بدلجي هو ڄاڃيمل ٿيو ۽ پوءِ سيٺ ڄاڃيمل سڏجڻ لڳو. ڳالهه ڪالهه ڪالهوڻي آهي پر هئڙن واقعن کي ڪير به ياد ڪو نه ڪندو آهي. سڀ ڪو مٿي پهاڙ جي چوٽيءَ ڏي نهاريندو آهي، هيٺ پاڙ ڏي نهارڻ جي عادت اِنسان ۾ ڪو نه آهي.
    خدا بخش بعد الله بخش سندس پٽ زميندار بڻيو. هو عيش ۾ ڄائو، عيشن ۾ پليو ۽ وڏو عياشي بڻيو. خدا بخش جو ڪٺو ٿيل پئسو شراب ۾ لٽجڻ لڳو. نچڻيون ڇيڙ وجهنديون هيون، آس پاس جا زميندار شڪار لاءِ ايندا هئا، ٻڪرا ڪسبا هئا، ڪڪڙ ڪٽبا هئا، شراب جون بوتلون کلنديون هيون. الله بخش ڄاڃيمل کان اوڌر کڻڻ لڳو، پنهنجيون زمينون وڪڻڻ لڳو.
    زميندار کي پنهنجي چيچ ۾ ٻڌي ڄاڃيمل تڪ جي اڻپڙهيل ماڻهن کي لٽڻ جو پرانو حاصل ڪيو. ڳوٺ جي هندن جي پاڙي ۾ هڪ ڊگهي جاءِ سِسُ ڪڍڻ لڳي. ڄاڃيمل پنهنجي مٽيءَ جي جاءِ ڊهرائي پڪسري جاءِ ٺهرائي. زال جي ٻانهن کي سونن چوڙن سان سينگاريائين. درياه شاه جو شوالو ٺهرائڻ لاءِ پنج سؤ رپيا دان ڪيائين. هُو ڳوٺ جي هندن جو مکي چونڊيو.
    شيام ڳالهائڻ جيڏو ٿيو هو. هڪ ڏينهن پهرين ماڙ جي هڪ ڪمري ۾ سامهون ويٺل ساوتريءَ کي چيو : ”ساتلي، مون کي آکاڻي ٻڌاءِ.“
    ساوتري ننڍي ڀاءُ کي ڏاڍو ڀائيندي هئي. هن ڀاءُ کي گود ۾ وهاري چيو: ”هڪڙو هو راجا....“ ساوتري ڪڏهن ڪڏهن ڀر واري ڳوٺ ۾ ناناڻي ويندي هئي ۽ اُتان گهڻيئي ڪهاڻيون ٻڌي ايندي هئي. اهي هوءَ ڏاڍي چاهه سان شيام کي اچي ٻڌائيندي هئي.
    شيام شڪل جو سهڻو، بدن جو سنهو هو. سندس اکيون سدائين خوابن سان ڀريل هونديون هيون. ويڪرو نرڙ، نرم وار، جڏهن ساوتري گهر ۾ ڪا نه هوندي هئي ته هو کڏ تي ويٺو دور گگن ڏانهن نهاريندو رهندو هو. ڪانَو ڪان ڪان ڪندا، کُڏ جي ڀتين تي اچي ويهندا هئا. مئنا وڻ جي پنن ۾ پاڻ لڪائي آواز ڏيندي هئي. وڻ هوا تي وڃڻي وانگر جهولندا سوُن سوُن ڪندا هئا. سرشٽي سانت هئي پر خاموش نه، جيئن دل سانت ۾ ئي ڳالهيون ڪندي آهي، تيئن قدرت چپ رهندي به ڪهاڻيون ٻڌائيندي آهي.
    ٻالپڻ جا ڊگها ڏينهن ۽ ننڍيون راتيون ٻار جي پينگهي کي لوڏي لولي ڳائيندا آهن. نه دائيءَ کي خبر هوندي آهي ته ٻار ڪٿان ٿو اچي، نه ٻار کي خبر هوندي آهي ته مان ڇو آيو آهيان.
    هو وڌندو آهي جيئن ٻوٽو وڏو ٿيندو آهي. هو پنهنجي چوگرد دنيا کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو رئندو به آهي ڇاڪاڻ ته سندس دنيا هميشه سکي ڪا نه هوندي آهي.
    ڄاڃيمل ويجهڙائيءَ ۾ هڪ وڏو باغ ورتو هو. ان ۾ انبن، توتن ۽ زيتونن جا وڻ هئا. هڪڙو بادام جو وڻ هو ۽ ٻه ٽي گيدوئڙن جا. ساوتريءَ کي ان باغ ۾ وڃڻ تي بندش هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ وڏي ٿي چڪي هئي. شيام اُتي ويندو هو ۽ پنهنجا کيسا انبڙين سان ڀري ايندو هو. ڀاءُ ڀيڻ گڏجي، ڦارون ڪري اُنهن ۾ کنڊ وجهي، اُهي کائيندا هئا. شيام ڌيمي آواز ۾ باغ جون ڪهاڻيون ڀيڻ کي ٻڌائيندو هو ۽ ساوتري وات ڦاڙي ٻڌندي هئي. پوپٽن جو پر کولي اُڏامڻ، ڏيڏرن جي راند، ڏينڀن جي ڀونُ ڀونُ ۽ وڏن سهڻن انبن جو ٽارين مان لٽڪڻ.
    شيام جي ڳالهين جا موضوع اڪثر اهي هوندا هئا.
    شيام جي ٻڌائڻ جو ڍنگ ڏاڍو رسيلو هوندو هو. ڪڏهن ساوتري رشڪ کائيندي هئي ته هوءَ به ڇوڪرو هجي ها. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ڀاءُ تان ٻلهار ويندي هئي- جنهن ۾ ڪي اهڙا گڻ هئا جن کي هوءَ سمجهي ڪا نه سگهندي هئي، پر اُنهن کي پيار ضرور ڪندي هئي.
    شيام جي ماءُ هڪ سادي سودي عورت هئي. پرڀات جو اُٿي ڏڌ ولوڙڻ، اُن بعد ماني ڪرڻ ۽ گهر جي سهيڙ ڪرڻ. سندس سڄو ڏينهن ڪم ڪار ۾ هليو ويندو هو. ٻارن کي ماني ٽڪي وقت تي کارائيندي هئي- سندس خيال ۾ ٻارن ڏانهن سندس ايترو ئي فرض هو. سندس زندگي ڳوٺن ۾ عام عورتن وانگر هڪ مشين جيان هئي، جنهن ۾ خيال ۽ احساس کي ڪا به جڳهه ڪا نه هئي.
    *
    خوشيءَ جون شهنايون وڄڻ لڳيون. شهنائيءَ جي لرزندڙ، هيٺ مٿي لهندڙ چڙهندڙ آواز ۾ سڄو پاڙو ڄڻ جهومي رهيو هو. گهر کي سجايو ويو هو. انب جي پنن جان مالهائون درن تي لٽڪي رهيون هيون. اڱڻ ۾ ٽين مان مٺايون لاهي وڏا ٿالهه پئي ڀريا ويا. روهڙي مل جون نيون ۽ تکن رنگن جون سٿڻون، ڀرت ڀريل اڇا گگها ۽ وائل جا روا پائي زالو اچ وڃ ڪري رهيون هيون.
    اڄ ساوتريءَ جي شادي هئي. شيام جا ناناڻا، ڏاڏاڻا سڀ مٽ مائٽ آيا هئا. انهن ۾ اَسي سالن جا ٻڍا به هئا ته شيام جيڏا ٻار به. وڏا سڀ ڪم ۾ لڳل هئا ۽ ننڍڙا ٻاهر گهٽيءَ ۾ راند ڪري رهيا هئا. صرف شيام هو جنهن کي انهن ٻنهي ڳالهين لاءِ چاه نه هو ۽ اڪيلو، بنا ڪم ڪار جي هت هُت ڦري رهيو هو، عجب کائي رهيو هو، ڪجهه سوچي رهيو هو.
    هو پهرين ماڙ جي هڪ ڪمري ۾ پهتو. اُتي ساوتري ويٺي هئي، هڪ جيڏين سان گهيريل. سندس ساهيڙيون چرچا ڪري کلي خوش ٿي رهيون هيون، پر هوءَ پاڻ بيعني، بيسرت، موڳي موڳي لڳي رهي هئي. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون ۽ ڪجهه سڄيل هيون- شايد سڄي رات رنو هئائين. پوءِ به هوءَ سهڻي لڳي رهي هئي، ماڪ ۾ ڌوتل تازي گل جيان.
    شيام ڀاري دل کڻي هيٺ لهي آيو. بتيون ٻريون ته اوطاق تي مزمان اچڻ لڳا. ڳوٺ جا وڏيرا، قاضي، اسڪول جو هيڊ ماستر، سڀ ڏاڙهيون سنواري صاف اَڇا ڪپڙ ا پائي ڄاڃيمل سان ڀاڪر پائي ٿي مليا. پوءِ کٽن تي ويهي اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪرڻ ٿي لڳا.
    زالون گهر جي دالان ۾ ويٺيون لاڏا ڳائي رهيون هيون. ٻن ٽن هفتن کان شيام اهي راڳ ٻڌندو آيو هو. زالن ۾ هڪ نوورني، جنهن بابت ڪنهن کيس ٻڌايو هو ته سندس ماروٽ آهي، ڳائڻ ۽ نچڻ ۾ خاص طرح هوشيار هئي. هوءَ جڏهن حجاب لاهي ميدان ۾ ٽپي ٿي پيئي ته سڀني زالن کان واه واه نڪري ٿي ويئي، نين ڪنوارن جون دليون تڙپڻ ٿي لڳيون ۽ ڪنواريون ڇوڪريون لڄ ۾ لال ٿي ٿي ويئون.
    شيام ڌيري ڌيري چڪر ڏيندو، سڀ ڪجهه ڏسندو وري پنهنجي ڀيڻ جي ڪمري وٽ پهتو. نه معلوم ڪهڙو ڊپ سندس دل کي ويڙهي ويو هو. کيس ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هي گڏ ٿيل سڀ ماڻهو سندس ڀيڻ کي کانئس ڦرڻ آيا آهن. ڀيڻ جي سامهون وڃڻ جي کيس همٿ نه ٿي جو شايد روئڻ لڳي ها. هو ڀر واري ڪمري ۾ دريءَ وٽ ويهي رهيو، ڄڻ ڀيڻ مٿان پهرو ڏيئي رهيو هو.
    شهنايون تيز ٿيڻ لڳيون. گوڙ وڌڻ لڳو. ٻار خوش ٿي تاڙيون وڄائڻ لڳا. زالن ۾ سس پس ٿيڻ لڳي. ساوتريءَ جي ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريون ڊڪ پائي درين ڏانهن ڀڳيون.
    هڪڙي ساوتري ۽ ٻيو شيام- هو پنهنجين جڳهين تي ئي ويٺا رهيا، پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾. ساوتريءَ ڄڻ ڳچيءَ جيڏي ٿڌي پاڻيءَ منجهه بيٺي هئي ۽ ٿڌ وچان ڏڪي رهي هئي ۽ شيام پاڻ کي بيحد اڪيلو محسوس ڪري رهيو هو. هو دريءَ وٽ ويٺو هيٺيون نظارو ڏسي رهيو هو، سڀ آواز ٻڌي رهيو هو، ۽ الائي ڇو هن خوشيءَ جي موقعي تي به روئڻ ٿي چاهيو.
    جدا ٿيڻ جي گهڙي اچي ويئي، گهوٽ راجا ساوتريءَ جي سامهون بيٺو هو. سنهو ۽ خاص ڊگهو نه، خاص سهڻو نه ۽ نه ئي نرڙ ۽ اکين ۾ تيج هوس. هو هڪ رواجي ڇوڪرو هو ۽ شيام هڪ ڀيانڪ شخص جو جيڪو تصور ڪيو هو، اُن سان هو بلڪل ڪو نه ٿي ٺهڪيو. پر پوءِ به هو شيام کي ڪو نه وڻيو. سندس ڀيڻ جنهن جي دل هو سڃاڻندو هو، اُن اڳيان هو بلڪل خسيس پئي لڳو.
    شيام جي ماءُ گهوٽ ۽ ڪنوار کي مٺائي پئي کارائي. ساوتريءَ هٿ ڦهلايا ۽ شيام ڊڪ پائي سندس گود ۾ وڃي پيو. ٻئي روئڻ لڳا. ساوتريءَ جا گرم لڙڪ شيام جي ڳلن تي پيا. هن زور سان ڀيڻ کي ڀاڪر پاتو. شيام ماءُ جي اکين ۾ به لڙڪ آيا ۽ احساس آجو ڄاڃيمل به اکيون اگهڻ لڳو. ساوتريءَ جون ساهيڙيون به روئڻ لڳيون.
    اُن رات اڌ رات جو شيام سپنو ڏٺو. ڪير سندس ڀيڻ کي کانئس زوريءَ ڇني رهيو آهي. شيام وهاڻي کي چنبڙي پيو، ڄڻ هو ڀيڻ کي چنبڙيو هو. هو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. شيام جي ماسي آئي، جنهن شيام کي گود ۾ کڻي چيو: ”پٽ، هيئن روئبو آهي! ڀيڻين ته وڃي سکي ٿي. سڀڪو دنيا ۾ پنهنجي ماڳ ويندو آهي.“
    شيام ماسيءَ جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي رئڻ لڳو ۽ سندس ڪپڙا آلا ڪري ڇڏيائين. آخر ائين سسڪيون ڀريندي ماسيءَ جي گود ۾ کيس ننڊ اچي ويئي.
    ڀيڻ جي وڇڙڻ بعد شيام ڏاڍو اڪيلو ٿي پيو. پيءُ پئسن ڪمائڻ ۾ مشغول هو. صبح جو جاڳڻ سان هن کي دڪان واري ٽجوڙي نظر ايندي هئي. ڏندڻ ڪرڻ وقت هو ڪالهه ڪمايل پئسن جو تخمينو لڳائيندو هو. سنان ڪري گيتا جو پاٺ ڪرڻ کان اڳ هو فيصلو ڪري ڇڏيندو هو ته اڄ فلاڻي هاريءَ جي زمين قرض بلي ضبط ڪرائيندس. پوءِ سڄو ڏينهن هو دڪان تي گذاريندو هو. سانجهي اوطاق تي گپ شپ هڻڻ ۾ گذري ويندي هيس.
    ڳوٺن ۾ عورت لاءِ پورهئي جي ڪمي ڪانهي. شيام ماءُ صبح کان رات تائين پورهيو ڪندي رهندي هئي. ٿڪجي ٻه منٽ آرام ڪندي ته ڪو ڪم ياد پوندس. هن پهرين ماءُ کي ۽ پوءِ سس کي سڄو ڏينهن ائين پورهئي ۾ جهرندو ڏٺو هو ۽ هوءَ به ائين جهرندي رهي هئي. سندس خيال ۾ اها ئي عورت جي سچي ۽ سٺي زندگي هئي.
    پر شيام سدائين ڄڻ پنهنجن پورن ۾ غلطان رهندو هو. سندس هم عمر ٻيا ڇوڪرا گهٽين ۾ رانديون ڪري شور مچائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سندن رانديون اُگرو روپ به وٺنديون هيون. ڪڏهن ڪنهن گڏه کي ڦاسائي اُن جون ٽنگون ٻڌندا هئا ۽ پوءِ لڪڻ کڻي کيس ڊوڙائيندا هئا. ڪڏهن ڪنهن ڪتي جي پڇ ۾ گاسليٽ ٻڏل ڪپڙو ٻڌي اُن کي تيلي هڻندا هئا ۽ ڪتو ڪيڪون ڪرڻ لڳندو هو.
    شيام هيءُ ڏسندو هو ته سندس هنياءُ ڏرندو هو. انهن ڇوڪرن لاءِ سندس دل ۾ نفرت پيدا ٿيندي هئي، سندس ۽ ڳوٺ جي اهڙن ٻين ڇوڪرن وچ ۾ هڪ تمام وڏي دوري هئي جنهن کي صرف هن جي دل ڄاتو ٿي.
    هو اسڪول مان موٽندي سڌو باغ ڏانهن ويندو هو. ڪتابن جي ڳوٿري کوه وٽ رکي هو هٿ منهن ڌوئندو هو ۽ پوءِ باغ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو هو. جڏهن اڃا ڄاڃيمل هيءُ باغ ڪو نه ورتو هو، تنهن کان گهڻو اڳ ۾ قاسم هن باغ ۾ ڪم ڪندو آيو هو. سندس ڏاڙهي صفا اَڇي هئي. اکين مٿان ٿلهن وارن جي ليڪ به صفا اڇي هئس. هٿن ۽ ٻانهن تي به اڇا وار ڦهليل هئس. سندس چيلهه ڪجهه چٻي ٿي چڪي هئي. تڏهن به ٻانهن ۾ ست خوب هوس.
    شيام کي ڏسي هو کرپو رکي قميص سان پگهر اُگهي چوندو: ”ويهه ننڍا سيٺ. تو ايندي وقت ڏٺو، هن وڻ ۾ ايڏو انب ٿيو آهي جو سڄي ٽاري ئي هيٺ جهڪي آئي آهي. پر سندس کلَ ڏسجانءِ ڪهڙي نه سنهي آهي!“
    شيام ڏسُ پڇي ڊڪ پائي اوڏانهن ڀڄندو ۽ پنجن منٽن بعد هڪ وڏو انب گود ۾ کڻي اچي قاسم جي ڀر ۾ وهندو. قاسم انب پاڻيءَ ۾ پسائي ڏاٽي سان ان کي وڍي ڦارون ڪري شيام اڳيان رکندو هو. شيام جڏهن پهرين ڦار وات ۾ وجهندو هو ته کيس ساوتري ياد ايندي هئي ۽ هو هٿ کي روڪي خيالن جي سنسار ۾ ٻڏي ويندو هو. ساوتري هينئر ڇا ڪندي هوندي هاڻي سندس لاءِ انبڙيون ڪير پٽي ايندو هوندو؟ اهڙا عجيب سوال سندس من ۾ اُٿندا هئا، پر قاسم جون مڌر ڳالهيون جلد اهڙن سوالن کي دور ڀڄائي ڇڏينديون هيون.
    قاسم جي زندگيءَ ۾ ڪا خاص تبديلي ڪا نه ٿي هئي. هو هڪ جهوپڙيءَ ۾ ڄائو هو ۽ هن کي خبر هئي ته هڪ ڏينهن جهوپڙيءَ ۾ شانت ٿي ويندو. پر سندس زندگيءَ ۾ ٻه ٽي سال اهڙا آيا هئا، جنهن کي سندس زندگيءَ جو بهار چئي سگهي ٿو. تڏهن هو جوان هو ۽ سندس تازي شادي ٿي هئي. سمي سندس زال تمام سهڻي هئي. ڪيترن شاهوڪار نوجوانن جون منجهس نگاهون هيون. هوءَ کيس ڪيئن ملي اها به هڪ پرولي هئي، جنهن کي هو خود ڪيترو سوچڻ سان به سمجهي ڪو نه سگهيو. ”شايد نصيب جي ڳالهه آهي!“ آخر هو ان نتيجي تي ئي پهتو.
    شاديءَ بعد ڪجهه سال هن تمام خوش گذاريا، ڄڻ هو نشي ۾ هو ڌرتيءَ جو رنگ بدلجي ويو هو. آڪاس مان گرم اُس بدران ٿڌيون بوندون وسنديون هيون ڄڻ هن کان اڳ ٻئي ڪنهن کي سهڻي ڪنوار ملي ئي ڪا نه هئي. ان مدهوشيءَ ۽ بي خبريءَ ۾ ئي ٻنين ڏانهن ڌيان نه ڏيندي، هن ٻنيون وڃايون هيون. ٻنيون قرض عيوض زميندار جي هٿ ۾ اچي ويئون ۽ سڄي عمر هن کي ڀاڙي جو پورهيت ٿي رهڻو پيو.
    پر هن ڪڏهن به پڇتايو ڪو نه. محنت ڪرڻ اِنساني مرڪ آهي. ايماندار شخص کي محنت بنان جيئڻ سونهين ئي ڪو نه. هو دل سان محنت ڪندو آيو هو ۽ سڄي عمر محنت ڪندو آيو هو. پر کيس پڙ پيو ڇا هو؟ هڪ ننڍي جهوپڙي، ان ۾ ڇنل کٽولي ۽ ٺڪر جا ڪجهه ٿانءَ. اها جهوپڙي به سندس ملڪيت ڪا نه هئي ۽ سندس ٻڍي بدن جي پورهئي جو به ڪو قدر ڪو نه هو. قاسم باغ ۾ ڪم ڪندو هو ته سمي سندس زال ڄاڃيمل جي گهر ۾ جنڊ پيهڻ، ڪڻڪ ۽ جوئر سوئڻ ۽ ڄاڃيمل جي زال جي وارن مان جونُ ڪڍڻ جو ڪم ڪندي هئي ۽ جڏهن شيام ايندو هو ته ٽيئي گڏجي ويهي ڳالهيون ڪندا هئا.
    سهڻي تڏهن جوانيءَ ۽ ٻالپڻ جي وچ ۾ هئي، ۽ شيام کان ٻه ٽي ورهيه وڏي. هوءَ تمام سندر هئي. سندس منهن ۽ بدن مان رت پيو ڇڻندو هو. ماءُ پيءُ جو سڪيلڌو ٻار هئي، ان ڪري پيار تمام گهڻو مليو هوس پر بيحد سهڻي ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ هئڻ ڪري مٿس بندشون به هيون. جا آزادي عام طرح هارين جي ڪٽنبن جي ڇوڪرين کي هوندي آهي، اوتري کيس حاصل ڪا نه هئي. ان ڪري شيام جي صحبت حاصل ڪري هوءَ بيحد خوش ٿي.
    شيام ڪڏهن اُڏامندڙ پکيءَ کي لهي، پٽ تي ويهندو ڏسندو هو ته آڱر چپن تي رکي سهڻيءَ کي چپ رهڻ جو اشارو ڪندو هو. هو تمام چاه سان جاچڻ لڳندو هو ته ڪيئن پکي پر سميٽي رهيو آهي، پٽ مان داڻا چونڊي کائي رهيو آهي. ڌيري ڌيري پير پير ۾ پائي هو اڳتي وڌندو هو، پوءِ اوچتو آڪاس مان ڪنهن ساٿيءَ جو آواز ٻڌي پاڻ به ساڳي آواز ۾ جواب ڏيندو هو، ۽ پر ڦهلائي اُڏري ويندو هو.
    شيام خوشيءَ مان تاڙي وڄائي گد گد ٿي چوندو هو: ”ڏٺئي.“
    سهڻي عجب ۾ شيام جي لال چهري ڏانهن نهاريندي هئي ۽ عجب کائيندي هئي ته هئڙو رواجي نظارو شيام کي هيئن مگن ڇو ٿو ڪري.
    ڪڏهن شيام هوا ۾ لڏندڙ ٻوٽن ڏانهن نهاريندو هو. پوءِ سهڻيءَ ڏانهن منهن ڪري چوندو هو : ”تو ڪڏهن ناچ ڏٺو آهي، سهڻي؟“
    سهڻي ڪنڌ ڌوڻي نهنڪر ڪندي هئي. شيام ٿڌو ساه کڻي چوندو هو : ”هنن ٻوٽن جي ناچ ۾ ڪيترو نه مزو آهي! اسان کي ڪلاس ۾ ماستر ٻڌايو آهي ته جهنگلن ۾ رهندڙ ماڻهو روز شام جو ناچ ڪندا آهن. هو ڪيترا نه خوش هوندا.“
    سهڻي پڇندي هئي: ”ماستر توهان کي ٻيو ڇا ٻڌائيندو آهي؟“
    ”اسين ڪتابن ۾ ڪهاڻيون پڙهندا آهيون.“ پوءِ هو خود ئي چوڻ لڳندو هو: ”تو هوءَ ڪهاڻي ٻڌي آهي سهڻي...؟“
    ۽ هو ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳندو هو. سهڻيءَ جو انهن ٻاراڻين ڪهاڻين ۾ گهڻو چاه ڪو نه هو. هوءَ انهيءَ عمر کي پهچڻ تي هئي جڏهن اِنسان سپنن کي ڇڏي حقيقتن مان آنند پائڻ جي چاهت رکندو آهي، پر شيام جو ٻالو ڀولو منهن ۽ ان جي ڦرندڙ گهرندڙ تاثرن کي جاچڻ ۾ کيس ڏاڍو مزو ايندو هو. ڄڻ هڪڙي ڪهاڻي شيام زبان سان ٻڌائي رهيو هو، ته ٻي ڪهاڻي سندس منهن جا ڀاؤ ٻڌائي رهيا هئا.
    ڪڏهن ڪڏهن سهڻي ۽ شيام هٿ هٿ ۾ ڏيئي ڪسيءَ جي ڀر ۾ ويهي وهندڙ پاڻيءَ ڏانهن نهاريندا هئا. ڪيتري دير هو سانت ۾ ويٺا هوندا هئا، جو اوچتو سهڻي شيام جي هٿ کي دٻائي ٿڌو ساه کڻي چوندي هئي: ”شيام، اُٿ ته هلون.“
    شيام عجب ۾ سهڻيءَ ڏانهن نهاري چوندو هو: ”تون ائين اُڀا ساه ڇو کڻندي آهين، سهڻي؟ مون ٻڌو آهي ته ماڻهو ڊگها ساهه ڏک ۾ ئي کڻندا آهن.“
    سهڻي کلي ڏيندي هئي. ائين کلندي سندس منهن جي سونهن ٻيڻي بڻجي ويندي هئي ۽ سندس ساڄي ڳل ۾ هڪ کڏ ٺهي پوندي هئي. هوءَ شيام جي منهن تي هلڪي ٿپڪي هڻي چوندي هئي: ”تون تمام ڏنگو ٻار آهين. سڀني سوالن جا جواب نه ٿيندا آهن!“
    انهن ڏينهن ۾ ٻيو به هڪ رواجي واقعو ٿيو، پر شيام جي زندگيءَ ۾ ان تمام اهم جڳهه ورتي، شيام اسڪول ۾ امتحان ۾ پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو ۽ کيس ڪجهه ڪتاب انعام طور مليا. انهن ۾ ٻه ڪتاب هئا! ٽئگور جو ”ٻال چندرما“ ۽ ”ايسپ جون ڪهاڻيون“. ڪجهه ڏينهن لاءِ شيام انهن ڪتابن کي پڙهندي ٻي سڄي دنيا کي وساري ويٺو. کيس اسڪول مان موڪل هئي. گهر جي مٿين ڪمرن ۾ هو اڪيلو هو ۽ ٽئگور جا گيت پڙهندي هو هڪ ٻي دنيا خلقيندو هو، جنهن ۾ پاڻ نائڪ هو. انهن گيتن ۾ جيڪو ميٺاج هو، هو رات جو دير تائين اُن جو چشڪو وٺندو رهندو هو. گهر جا سڀ ڀاتي سمهي پوندا هئا تڏهن هو سوچيندو هو ته گهر ڇڏي جهنگل ڏانهن ڀڄي وڃي. اتي هو شينهن ۽ چيتن سان وڙهندو، پهاڙي نهر ۾ سنان ڪندو ۽ پوءِ هڪ پري آڪاس مان لهي هيٺ ايندي ۽ سندس سامهون بيهي چوندي : ” مان تنهنجي بهادريءَ تي خوش ٿي آهيان. گهر جيڪي گهرڻو هجيئي.“ هو سوچڻ لڳندو هو ته پاڻ کي ڇا گهرجي. آخر هو خيال ڪندو هو ته مان پريءَ کي چوندس: مون کي ٻيو ڪجهه نه کپي، تون کپين؛ اچ اسين ٻئي گڏجي راند ڪيون.
    ائين پريءَ سان راند ڪرڻ جو خيال اينديئي هن کي سهڻي ياد پوندي هئي. ته ڇا هوءَ به پري هئي؟ هوءَ لاشڪ پريءَ جهڙي سندر هئي. ليڪن پريون ته آڪاس ۾ محلاتن ۾ رهنديون آهن ۽ سهڻي باغ ۾ مٽيءَ جي هڪ ننڍي جهوپڙيءَ ۾ رهندي هئي.
    شيام جي من ۾ ڪروڻا جو ڀاؤ جاڳندو هو. شايد ستجڳ ۾ پريون محلاتن ۾ رهنديون هيون. ڪلجڳ ۾ هو غريب ٿي ويون آهن ۽ جهوپڙين ۾ ئي رهڻ لڳيون آهن. هوءَ! ليڪن ويچاري ڪيترو ڪم ڪندي آهي. کاڌو به گندو کائيندي آهي. سندس ڪپڙن کي ڪيتريون چتيون لڳل هونديون آهن.
    شيام ٻئي ڏينهن صبح ساڻ باغ ۾ پهچي ويو ۽ سهڻيءَ کي ڳولي لڌائين. هوءَ ڪنڊن ڀريل ٻوٽن مان گلاب جا گل پٽي رهي هئي. ”تون هيترا ڏينهن ڪٿي هئين؟“ سهڻيءَ شيام کي مٺي تنبيهه ڪندي چيو.
    ”پرين جي سنسار ۾.“ شيام کلي ڏنو. ”تون به هڪ پري آهين نه!“
    سهڻي عجب ۾ شيام کي مٿي کان پيرن تائين جاچيو. ”ڇا ٿو چوين؟ ننڊاکڙو آهين ڇا؟“
    شيام ويجهو اچي سهڻيءَ جي هٿ مان هڪ گل ڦري جهيڻي آواز ۾-ڄڻ هو سندس ڪن ۾ چئي رهيو هجي-چيو: ”ڪتابن ۾ پرين جو جيڪو بيان آهي تون هوبهو اهڙي آهين.“
    سهڻيءَ کلي ڏنو. هوءَ ايتري دير کلندي رهي جو سندس اکين ۾ لڙڪ مڙي آيا. شيام سمجهي نه سگهيو ته اهي دک جا هئا يا سک جا.
    ”پر هڪڙو فرق آهي. اڳي پريون محلاتن ۾ رهنديون هيون، تون جهوپڙيءَ ۾ رهندي آهين. ٻڌاءِ تون هيترو پورهيو ڇو ڪندي آهين؟ تون ڦاٽل ڪپڙا ڇو پائيندي آهين، سهڻي؟“
    سهڻي ڪجهه ويل شيام ڏانهن سانت ۾ نهاريندي رهي. پوءِ ڳنڀير نوع ۾ چيائين:”ڇاڪاڻ جو مان غريب آهيان.“
    ”تون غريب ڇو آهين، سهڻي؟“
    ”ڇاڪاڻ ته منهنجو بابا غريب آهي.“
    شيام ڪجهه ويل سانت ۾ سوچيندو رهيو. ”نه، نه سهڻي! مان تو کي اهي ڦاٽل ڪپڙا پائڻ نه ڏيندس. ماڻهو چوندا آهن منهنجي بابا وٽ گهڻا گهڻا پئسا آهن، مان بابا کان پئسا وٺي تو کي ڏيندس. تون نوان ڪپڙا پائجانءِ.“
    سهڻي کلڻ لڳي. ”تنهنجو بابا تو کي پئسا ڏيندو؟“
    ”ڇو نه ڏيندو. هو مون کي پيار ڪندو آهي.“
    سهڻي سانت ۾ گل پٽڻ لڳي. پوءِ هن شيام کي پاڻ ڏانهن ڇڪي سندس نرڙ تي چمي چيو: ”تون منهنجو ننڍو ڀاءُ ٿيندين؟ منهنجو چيو مڃيندين؟“
    شيام ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي.
    سهڻيءَ چيو: ”ته پوءِ تون بابا کان منهنجي لاءِ پئسا نه گهرجانءِ. مان جهڙي آهيان، تهڙي سٺي آهيان.“


    2

    صديون گذري وينديون آهن جو ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ ۾ ڪو ڦيرو ڪو نه ايندو آهي، ۽ هيءَ ته ڪن ٿورن سالن جي ڳالهه آهي. شيام جو قد وڌي رهيو هو. ڄاڃيمل وڌيڪ پئسو ميڙيو هو ۽ جيئن شرابي وڌيڪ شراب پيئندي وڌيڪ شراب جي گهر ڪندو آهي، تيئن هو به وڌيڪ لالچي ٿي پيو هو. زميندار جي حويليءَ جي هڪ حصي جي ڀت ڪري پيئي هئي پر کيس ايتري فرصت ڪا نه هئي جو اها ٺهرائي. هو عيش عشرت ۾ محو هو. شيام جي ماءُ ڪجهه ٿلهي ٿي ويئي هئي ۽ ڪجهه بيمار پڻ. وري هن ٻڌو ته ساوتريءَ جو گهوٽ سلهه ۾ مبتلا آهي تنهن کيس چنتا ۾ وجهي ڇڏيو هو، پر پوءِ هو وري پنهنجن ڪمن ۾ مشغول ٿي ويو هو. هو ان ڳالهه کي ڄڻ وساري ويٺو.
    شيام ٻالپڻ مان جوانيءَ ڏي تڪڙي وک کڻي وڌي رهيو هو. سندس مٺو ۽ نرم آواز کهرو ٿيڻ لڳو. چانڊوڪيءَ ۾ ترندڙ بادلن مثل سندس سپنا ڳنڀير خيالن جو روپ وٺڻ لڳا. هن ان وچ ۾ ڪيترا ڪتاب پڙهيا هئا. اسڪول جي لائبريري جا گهڻا سنڌي ڪتاب هو پڙهي چڪو هو ۽ دنيا جي اڻوڻندڙ حقيقتن کي ڪجهه ڪجهه پروڙڻ لڳو هو. هو هاڻي به هر رات جو کُڏِ تي اڪيلو ويٺو هوندو هو پر هاڻ هُنَ ۾ ٻالپڻ واري موج ۽ مستي ڪا نه هئي. هاڻي اُن ۾ تڙپ به شامل هئي. سندس بدن باروت جيان هو جنهن ۾ ٻرڻ ۽ ٻارڻ جي شڪتي هجي ۽ سندس ذهن ۾ هڪ عجيب تڙپ هئي. تارن ڏانهن نهاريندي هو چاهيندو هو ته سندس گهر به ڪنهن اهڙي تاري تي هجي. ٻنين جي ڪنارن وٽ بيهي سوچيندو هو ته دور دور هليو وڃي. پر ڪيڏانهن؟ ڪهڙي دنيا ۾؟ هنن ٻنين بعد ڇا هو؟ ان بعد ڪهڙي دنيا هئي؟
    سهڻيءَ سان به سندس ناتو گهرو ٿيو هو. هوءَ صرف باغ جو سهڻو گل نه هئي، پري نه هئي، پر جيئرو جاڳندو انسان هئي. هوءَ مٽيءَ لپ جيان هئي جنهن مان زندگي اُپجندي آهي.
    سهڻي هاڻ جوانيءَ ۾ هئي. سندس سونهن چوڏهين جي چنڊ کان به سرس هئي. هن جي سامهون بيهڻ سان ائين لڳندو هو ته سندس بدن بلور جيان پيو چمڪي ۽ اندران هڪ تيز روشني نڪري چوطرف پيئي ڦهلجي. سندس چمڙي اهڙي نفيس هئي، جو هن ڏانهن نهارڻ سان ائين محسوس ڪبو هو ته ان مان سندس ڳاڙهو رت پيو ڏسجي. ننڍڙيون گول ڇاتيون هئس ۽ هن جي اکين ۾ تلاءَ جهڙي شانتي نظر ايندي هئي.
    هوءَ ۽ شيام ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهندا هئا. هوءَ شيام کي ٻڌائيندي هئي ته اَن ڪيئن پوکبو آهي، ان مان سلا ڪڏهن نڪرندا آهن، ڪيئن اُنهن جي سنڀال ڪبي آهي. ڪانا وڏا ٿيندا آهن ته اناج جا سونا داڻا سورج جي روشنيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳندا آهن.
    شيام گد گد ٿي چوندو هو: ”سهڻي، توهين مهان آهيو. توهين ئي دنيا کي جيئرو رکي ويٺا آهيو.“
    سهڻي زور ڏيئي چوندي هئي: ”سڀ ڪوڙ. دنيا ۾ سچ هميشه پوريل رهندو آهي.“
    ”اهو ڪيئن؟“ شيام سهڻيءَ ڏانهن عجب وچان نهاريندي پڇيو.
    ”ڏس، ٻج جيڪو حقيقت آهي سو ڌرتيءَ ۾ پوريو پيو آهي ۽ گل هوا ۾ اُڏامي جهومي رهيا آهن. ڪڙمي جو اَن ۽ ميوا اُپائي ٿو، تنهن کي ان جي سواد جي به خبر نه آهي ۽ شاهوڪار جنهن کي خبر نه آهي ته اهي ڪيئن پوکبا آهن، تنهن کي اُن جي سواد جي پوري ڄاڻ آهي.“
    شيام سانت ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندو هو: ڇا هيءُ طعنو مٿس ته نه آهي؟
    پر نه، سهڻي اهڙي نه هئي. هن کي ڪنهن سان به حسد ڪو نه هو، ڪنهن لاءِ به شڪايت ڪا نه هئي. هن جون ڳالهيون ته خود شيام جي ڳالهين جو پڙاڏو هيون. نه ته هوءَ ويچاري ڇا ڄاڻي اهڙين ڳوڙهين ڳالهين مان!
    ليڪن زندگيءَ ۾ هڪڙو سچ آهي، جو انسان ڪتابن مان پائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ٻيو سچ آهي جو انسان مٽيءَ جي خوشبوءِ مان پائي ٿو. شيام پهرئين ستيه کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ سهڻيءَ ٻئي ستيه کي ڄاتو هو؛ ۽ جڏهن انهن ٻنهي جو ٽڪر ٿيندو هو ته سهڻيءَ جو سچ ئي سوڀ پائيندو هو.
    هڪ ڏينهن شيام باغ ۾ ويو ته سهڻي اُتي ڪا نه هئي. هو سڄو باغ ڳوليندو آخر جهوپڙيءَ ٻاهران پهتو. ٿوري دير بعد سهڻي ٻاهر آئي. سندس منهن سڄيل هو، اکيون ڳاڙهيون هئس- ڄڻ هن سڄي رات ننڊ ڪا نه ڪئي هئي ۽ رئندي رهي هئي.
    شيام عجب ۾ سهڻيءَ ڏانهن نهاريندو رهيو. ٿوري دير بعد ٻئي اچي انب جي پراڻي وڻ هيٺان ويٺا. ڪيتري دير سهڻي سڏڪا ڀريندي رهي. پوءِ چيائين: ”مان مرڻ ٿي چاهيان.“
    شيام سهڻيءَ جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”پڳلي ٿي آهين؟“
    ”مان مرڻ چاهيان ٿي، پر مرنديس ڪا نه“. سهڻيءَ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو. سندس وار پريشان ٿيل هئا.
    شيام ڪجهه جهنجهلائيندي چيو: ”آخر ڳالهه ڇا آهي، سهڻي؟“
    ”منهنجي شادي ٿيڻ واري آهي.“ سهڻيءَ پَلؤ سان پنهنجا لڙڪ اُگهندي چيو.
    ”پر شاديءَ تي ته ڇوڪريون خوش ٿينديون آهن! پاڳل، اُٿ؛ تو کي ته نچڻ کپي. کلڻ کپي!“
    پر سهڻي اٿي ڪا نه. هوءَ سانت ۾ ويٺي رهي. شيام مڌر آواز ۾ پڪاريو: ”سهڻي!“ سهڻيءَ رکي آواز ۾ چيو، ”تو زميندار کي ڏٺو آهي؟“ ”ڪئين ڀيرا.“
    ”سندس وار ۽ ڏاڙهي اَڇي آهي نه؟ سندس عمر گهڻي ٿيندي؟“
    شيام عجب ۾ چيو: ”مون کي ڪهڙي خبر، سهڻي. پر سندس ننڍو پٽ منهنجي ڪلاس ۾ پڙهندو آهي. وڏي پٽ جي ته اڳئين سال شادي ٿي هيس. ڇا تو کي ياد نه آهي؟“
    ”انهيءَ ٻڍي زميندار سان ئي منهنجي نڪاح جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.“
    اوچتو سهڻيءَ شيام جي ٻنهي ٻانهن کي زور سان پڪڙيندي چيو: ”ڇا مان تمام سهڻي آهيان، شيام؟ تمام سهڻي؟ هان وٺ، منهنجي ڳل کي اهڙو ته زور سان چڪ پاءِ جو نشان ٿي وڃي ۽ منهنجي سونهن ختم ٿي وڃي. منهنجي سونهن ئي منهنجي آڏو آئي آهي.“
    شيام عجب ۾ سهڻيءَ ڏانهن نهاريندو رهيو. پوءِ چيائين ”پر هيءَ شادي ڪا نه ٿيندي.“
    ”ڇو نه ٿيندي؟ ٻڌاءِ!“
    ”تون پنهنجي بابا کي چؤ ته هو زميندار کي انڪار ڪري.“
    سهڻيءَ جي مرضي ٿي ته هوءَ شيام کي چماٽ وهائي ڪڍي، پر هن پاڻ روڪي ورتو. ”هو زميندار آهي، ۽ بابا رواجي ڪڙمي. ڪير به زميندار کي انڪار ڪري نٿو سگهي.“
    ”ته زميندار ڪجهه به ڪري سگهي ٿو؟“
    ”ها، ڪجهه به.“
    ٻئي منجهائيندڙ سانت ۾ ڪيترو وقت ويٺا هئا. پوءِ سهڻيءَ چيو: ”تون وڃ، شيام.“
    شيام ويٺو رهيو ۽ ڪجهه سوچيندو رهيو.
    سهڻي وڌي آئي، شيام جو هٿ پڪڙي چيائين: ”مون کي ياد ڪندين؟“
    ٻنهي جون اکيون مليون. شيام ڏڪي ويو.
    سهڻيءَ مرڪي چيو: ”تو ئي ته هڪ ڏينهن چيو هو ته انسان مٽيءَ کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي.“
    شيام اُتي ئي بت بڻيو ويٺو رهيو. هن ائين محسوس ڪيو ڄڻ سهڻيءَ جو بدن چقمق جيان کيس جهلي بيٺو آهي. سهڻي سندس منهن جا ڀاوَ جاچي رهي هئي. هوءَ خود به بيمعنيٰ هئي. هن اڪيلو رهڻ ٿي چاهيو، بلڪل اڪيلو، پر شيام جي شڪل ڏسندي سندس دل چاهيو ته هو سندس پاسي ۾ ويٺو هجي. هن شيام جي دل کي ڄاتو ٿي. هن کي خبر هئي ته هن ننڍڙيءَ دل کيس پيار ڪيو ٿي.
    اوچتو سهڻيءَ سانت کي ٽوڙيندي چيو: ”شيام، اڄ چوڏهين جي رات آهي، هتي ٻنين ۾ ڏاڍو مزو لڳندو آهي. تون ايندين؟“
    شيام ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. سهڻيءَ چيو: ”تون اچجانءِ شيام!“
    ائين چئي سهڻيءَ وڃڻ لاءِ وڌي، پر وري بيهي رهي. ”ضرور اچجان شيام، چانڊوڪي رات دنيا جي سهڻي ۾ سهڻي پري اٿئي.“
    رات جو جڏهن سڀ گهر ۾ سمهي پيا ته شيام کٽ تان اُٿيو. هُو جيئن کٽ تي ليٽيو هو تيئن اکيون ڦاڙي آڪاس ڏانهن نهاري رهيو هو ڌيري ڌيري آڪاس روشن ٿيندو ويو، ڄڻ تپسويءَ جي دل ۾ ڌيري ڌير تيج وڌڻ لڳو. ان سندر آڪاس کي ڏسي سندس من لڇڻ لڳو.
    خاموش قدمن سان هو گهر کان ٻاهر آيو، ٻاهرين در وٽ هڪ نوڪر سمهيو پيو هو. شيام هن کي ڌونڌاڙي چيو: ”جيڪڏهن ڪير پڇيئي ته چئجانس مان باغ ۾ ويو آهيان. جلد ئي موٽي ايندس.“
    نوڪر ننڊاکڙو هو ۽ جلد ئي وري سمهي پيو.
    شيام ۽ سهڻي هٿ هٿ ۾ ڏيئي باغ مان هلندا رهيا. سڪل پنن مٿان هلڻ ڪري ائين ٿي لڳو ڄڻ ڌرتي سندن استقبال ۾ جهنجهڻو وڄائي رهي آهي. هو باغ ۾ ٺهيل هڪ ڪچي جاءِ جي کڏ تي اچي ويٺا. اُتان باغ کان ٻاهر دور دور تائين نظر پهچي ٿي سگهي. ٻنهي مان ڪنهن به حرف ڪو نه ٻوليو هو. شيام ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو پر سهڻيءَ جي منهن ڏانهن نهاريندي سانت ٿي ٿئي ويو.
    چنڊ چڱو مٿي چڙهي آيو هو. چوطرف بلڪل سانت هئي. صرف دور کان واه جي وهڻ جو ڪل ڪل جو ڌيمو آواز اچي رهيو هو. سهڻي شيام جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ مضبوطيءَ سان جهلي ويٺي هئي. اونهاري جي اِن سيتل رات ۾ رکي رکي شيام الائي ڇو ڏڪي ٿي اُٿيو. سهڻيءَ کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيندي چيو: ”تون ڏڪي رهيو آهين، شيام. تو کي ڇا جو ڀؤ آهي؟“
    شيام ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. هو چنڊ ڏانهن نهارڻ لڳو. ڪيترو دور آهي چنڊ، پر سندس چانڊوڪي ڪيتري نه ويجهي آهي! سهڻي به سندس لاءِ سدائين دور جي ستاري جيان رهي هئي، جنهن کي هو سمجهي ڪو نه سگهيو هو. ليڪن هن جو پيار سدائين کيس چاندنيءَ جيان گهيري ويٺو هو. آخر شيام وڌيڪ وقت سانت رهي نه سگهيو. هن محسوس ڪيو ته وڌيڪ دير سانت رهڻ سان هو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳندو.
    ”سهڻي، تون ڇا سوچي رهي آهين؟“
    سهڻيءَ ڇرڪ ڀريو. هن شيام ڏانهن نهاري مرڪي ڏنو. اها مرڪ بلڪل انوکي هئي. اهڙي مرڪ شيام هيل تائين ڪنهن به اِنسان ۾ ڪا نه ڏٺي هئي، سهڻيءَ ۾ به نه. سهڻيءَ هڪ ٻانهن ورائي شيام جي ڪلهي تي رکي.
    ”ننڍڙا ڀاءُ، مون سوچيو هو اڄ رات مان هڪڙو لفظ به نه ڳالهائينديس. هن دنيا کي چونديس: چئو جيڪي تو کي چوڻو آهي. تو کي چونديس، تون پنهنجون ڳالهيون ٻڌاءِ. ڪڏهن ڪڏهن صرف ٻڌڻ ۾ مزو آهي. مون هن ننڍي زندگيءَ ۾ ڪيڏو نه پيار ڪيو آهي چانڊوڪين راتين کي، هن باغ کي، وسيع آسمان کي، شايد تون به اهو سمجهي نه سگهين! اڄ سڄو ڏينهن مان سوچيندي رهيس ته هيءُ سنسار ڪيترو نه مڌر آهي....
    ”ها ڀاءُ، تون وچ ۾ نه ڳالهاءِ. ڳالهائڻ ڏي مون کي اڄ. مون کي جيڪي چوڻو آهي مون کي چوڻ ڏي. ڪڏهن ڪڏهن دل کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري اُڇلائڻ ۾ به مزو آهي.....
    ”ٻڌاءِ شيام، اگر منهنجي دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڌرتيءَ تي پيئي هجي ته تون ڇا اُن کي ڳنڍي سگهندين؟ نه، شيام نه. هيءَ دنيا به هڪ سپنو آهي...“
    شيام ڏٺو، سهڻي ڏڪي رهي هئي. سندس ڇاتي زر سان هيٺ مٿي ٿي رهي هئي. هن سهڻيءَ جي منهن ڏانهن نهاريو. جئن ڪنول جي پنن تي ماڪ جا ڦڙا لڏندا آهن، تيئن سندس منهن به لرزي رهيو هو. هن جي اکين ۾ اُلجهن هئي؛ پر سهڻيءَ پاڻ سنڀالي ورتو. سندس ڏڪڻ بند ٿي ويو ۽ سندس منهن تي مرڪ جي هلڪي ريکا آئي. هيءَ مرڪ اُها نه هئي جيڪا شيام ڪجهه دير اڳ ڏٺي هئي. پهرينءَ ۾ اُٿل پٿل هئي، ٻيءَ ۾ شانتي.
    ”هيءَ زندگي هڪ سپنو ئي آهي، شيام.... تون ڇا ٿو چوين. ڏس، چنڊ به ته صبح جو گم ٿي ويندو آهي. چمبيليءَ جو گل به ته مرجهائجي ويندو آهي. انب به رکئي رکئي بانس وارو ٿي ويندو آهي. سڀ شيون مرنديون آهن. صرف هيءَ هوا سدائين قائم آهي. خبر اٿيئي ڇو، شيام؟ ڇاڪاڻ ته هن کي بدن نه آهي. هن کي به اگر تو ۽ مون جهڙو بدن هجي ها ته هوءَ به مري وڃي ها!
    ”ڪيڏي نه وڏي آهي هيءَ عمر! ننڍڙو ننڍڙو ٻار، ڪٿي ڪيڏو نه ننڍو ٻار آهي. اگر زميندار مون کي ماءُ جي هنج ۾ ڏسي ها ته ڇا مون سان شادي ڪرڻ بابت سوچي ها. هن بدن کي ڇا ٿو ٿئي؟ هي بدن وڻ جان وڌي ٿو وڃي. وڻ ۾ ميوا ڇو ٿا ٿين؟ برسات بنان زمين سڪي ڇو ٿي وڃي؟
    ”مان پاڳل نه آهيان، شيام! مان پاڳل نه آهيان. پر الائي ڇو، مان اڄ سڄو ڏينهن ڪجهه نه ڪجهه سوچيندي رهي آهيان. ٻڌاءِ شيام، اگر هينئر هيءُ چنڊ گم ٿي وڃي، تارا گم ٿي وڃن، چو طرف اونده انڌڪار ٿي وڃي، دنيا جون سڀ بتيون، سڀ ڏيئا هميشه لاءِ گل ٿي وڃن، سورج ٻاهر نڪرڻ کان نابري واري ته پوءِ هيءَ دنيا ڪهڙي هوندي؟ هيءَ دنيا ئي ڪا نه رهندي نه! پوءِ زميندار منهنجي سونهن ڪيئن ڏسندو؟ منهنجي ماءُ منهنجو ڏک ڪيئن ڏسندي؟“
    سهڻي سانت ٿي ويئي. شيام جي دل نه معلوم ڪهڙي ڏک کان روئي رهي هئي- ڄڻ سچ پچ هيءُ چنڊ هميشه لاءِ گم ٿي ويو. پر هيءُ چنڊ لڪي ڪيڏانهن ويندو؟ هو رسي ڪهڙي ديس ويندو، جتي ماڻهو کيس پيار ڪن؟
    ڪيتري دير شانت هئي. سهڻي الائي ڇا سوچي رهي هئي ۽ شيام چنڊ ڏانهن نهاري رهيو هو. اوچتو سهڻيءَ منهن ورائي عجيب آواز ۾ پڇيو: ”پرين جو ديس ڪٿي آهي، شهزادا؟“
    شيام نگاهون چنڊ تان هٽائي سهڻيءَ طرف ڪيون. سندس منهن ۽ ڊگهي ڳچيءَ تي چانڊوڪي نچي رهي هئي. سهڻيءَ جا وار صبح وانگر اُلجهيل ڪو نه هئا پر سنواريل ۽ پٺيان ڊگهي چوٽيءَ ۾ مضبوط ٿيل هئا، ڄڻ اُهي ننڍڙا ٻار هئا جي هر هر لچائيءَ تي هريل هئا ۽ ماءُ هنن کي نوڙيءَ سان ٻڌي ڇڏيو هو. شيام سهڻيءَ جي نيرين اکين ڏانهن ۽ گول ڪلهن ڏانهن نهاريو. سندس سندر گگهي تي هڪ ڪلهي وٽ هڪ وڏي چتي لڳي هئي. سهڻيءَ مان هڪ پريءَ کي ان ڪري نيڪالي ڏني ويئي ڇاڪاڻ جو هوءَ غريب هئي.“
    شيام ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. هن جهنجهلائيندي چيو: ”سهڻي، تون اڄ ڪهڙيون ڳالهيون پيئي ڪرين!“
    ”ٺيڪ ته چوان ٿي، شيام، تنهنجي پرين جي ڪتاب ۾ ضرور اهڙي هڪ ڪهاڻي هوندي!“
    ”مون کي ڊپ ٿو ٿئي، سهڻي، اڄ مان تو کي اڪيلو مورڪين ڇڏيندس. مان تنهنجي پاسي ۾ ويٺو هوندس، صبح تائين.“
    سهڻي کلڻ لڳي. ”اگر تنهنجا ڪلها منهنجي ڪلهن کان ڪجهه مٿڀرا هجن ها، ته مان تنهنجو هٿ پڪڙي دور هلي هلان ها. هو رستو ڏسين ٿو، ان رستي تان. پوءِ تو کي ڪو به ڊپ ڪو نه ٿئي ها ۽ نه مان هي ڳالهيون ڪريان ها. پر شيام، پاڻيءَ جو وهڪرو به ڪڏهن بيٺو آهي؟ يا ٻه وڻ هڪ ٻئي سان گڏ اُسري سگهيا آهن؟ ها، لتا شايد وڻ تي سمهي سگهي ٿي.“ سهڻي کلڻ لڳي. هوءَ ڪپڙا ڇنڊي اُٿي کڙي ٿي ”شيام تون گهر وڃ. ڏاڍي دير ٿي ويئي آهي رات اڌ کان مٿي گذري چڪي آهي.“
    ”تون ڪيڏانهن ويندينءَ.“
    سهڻي وري کلڻ لڳي. ”پرينِ جي ديس ۾.“ پر جلدئي ڳنڀير ٿي چيائين، ”مان پنهنجي جهوپڙيءَ ڏي وينديس. تون پنهنجي گهر وڃ.“
    ”مان به تو سان گڏ هلندس.“
    سهڻيءَ ڪو به جواب ڪو نه ڏنو.
    هو هٿ هٿ ۾ ڏيئي هيٺ لٿا ۽ باغ مان ڌيري ڌيري هلندا جهوپڙيءَ ڏانهن وڌيا. چوطرف بلڪل سانت هئي. شيام ۽ سهڻي ٻنهي جي دل سسي رهي هئي. جهوپڙيءَ جي ڀرسان اچي سهڻي بيهي رهي، هن شيام ڏانهن نهاريو. پوءِ هن شيام جي مٿي تي هٿ رکي شيام جي اکين کي چميو ته ٻه لڙڪ اچي شيام جي ڳلن تي پيا. شيام روئندڙ دل کي مضبوط ڪري سهڻي جي ڪرائيءَ کي پڪڙڻ چاهيو ته سهڻيءَ جي ڪرائي ۾ پيل شيشي جي چوڙي ڀڄي پيئي. سهڻيءَ پاڻ ڇڏائي ورتو ۽ جهوپڙيءَ جو در کولي تڪڙي اندر هلي ويئي.
    شيام عجب ۾ چوطرف نهاريندو رهيو. ڄڻ هڪ پاڇو سندس پاسي مان تڪڙو تڪڙو لنگهي ويو هو. هو سڃاڻي ڪو نه سگهيو هو ته اُهو ڪنهن جو هو. هن چنڊ ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ انبن جي وڻن ڏانهن، جهوپڙي ڏانهن نهاريو- سڀ سانت هئا. سندس دل جي ڌڙڪڻ کان بيخبر؛ هن ڄڻ نشي ۾ مٽيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻي ڀڳل چوڙيءَ جا ٽڪرا ڳولهيا ۽ انهن کي کيسي ۾ وجهي گهر ڏانهن هليو.
    اُن رات چنڊ اهڙو ته سهڻو هو جو ڌرتي اُنتي عاشق بڻجي تڙپڻ لڳي.


    3

    صبح جو پهريون پهر گذرڻ تي هو. سج جي گرم روشني چوطرف ڦهليل هئي. اُن تي ئي شيام جون اکيون کليون ۽ هن هڪ جلن محسوس ڪئي. سندس مٿو به ڪجهه ڳؤرو هو. هو وري هنڌ ۾ ليٽي پيو. رات واريون يادگيريون ڌيري ڌيري کيس وري ويڙهڻ لڳيون. کيس سهڻيءَ جي ياد پيئي ۽ اهو به ياد آيس ته هو چوڙين جا ٽڪرا ميڙي کڻي آيو هو ۽ اُهي وهاڻي هيٺان اچي رکيا هئائين. هن وهاڻي هيٺان هٿ وڌو ۽ ٽڪريون ڪڍندي هڪ ٽڪر سندس آڱوٺي ۾ لڳو ۽ رت نڪرڻ لڳس. شيام کي هنڌ ڇڏڻو ئي پيو. آڱوٺي جو رت اُگهڻ لاءِ هو ماڙيءَ تان هيٺ لٿو ته ڪجهه آواز ٻڌائين. سندس ماءُ ۽ پاڙي جي هڪ ٻه زال سهڻي بابت ڳالهائي رهيون هيون.
    ”ڇا ٿيو آهي، امان؟“ شيام ماءُ وٽ پهچي چيو.
    ”سهڻيءَ رات زهر کائي آپگهات ڪيو آهي. هوءَ مري ويئي!“
    شيام اُتي ئي بت بڻجي بيٺو رهيو. سندس دل جي ڌڙڪن جنسي بند ٿي ويئي. آڱوٺي مان نڪرندڙ رت جي ڳالهه ئي وسري ويس. اوچتو ماڻس جي نظر شيام جي منهن تي پيئي. ”اڙي تو کي ڇا ٿيو آهي. ڳاڙهيون اکيون، پيلو چهرو...“
    شيام دروازي ڏانهن وڌندي چيو: ”اما، مان باغ مان ٿي اچان ٿو.“
    ماڻس پٺيان سڏ ڪندي رهي، پر شيام جنسي ڊڪ پائيندو باغ ڏانهن ويو. باغ ۾ پهچي هن ڏٺو ته اتي بلڪل سانت لڳي پيئي هئي. صرف هڪ پوليس وارو جهوپڙيءَ ٻاهران بيٺو هو. جهوپڙيءَ ۾ اندر ڪير ڪو نه هو.
    شيام جي پهچڻ تي پوليس واري ٻڌايس ته لاش کي چيرڻ لاءِ اسپتال کڻي ويا آهن ۽ سهڻي ءَ جي ماءُ ۽ پيءُ کي، ڌيءَ کي آپگهات ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ گرفتار ڪري ويا آهن.
    شيام جهوپڙيءَ اندر ويو. سهڻيءَ جي جيئري هو هن جهوپڙيءَ اندر ڪڏهن ڪو نه آيو هو. هڪ ڪنڊ کان ننڍڙي اڌ ڇنل پراڻي منجي پيئي هئي. ٻئي ڪنڊ ۾ مٽيءَ جي ٺهيل چلهه ڀرسان ٺڪر جا ٻه ٽي ٿانءَ پيا هئا. منجيءَ جي پاسي ۾ ٽين جي هڪ پراڻي ٽرنڪ پيئي هئي ۽ نوڙيءَ تي ٻه ٽي ڪپڙا ٽنگيل هئا. اُنهن ۾ سهڻيءَ جو هڪ پراڻو چولو به هو. شيام ان چولي کي سڃاتو ۽ جيئن ئي اهو چولو پهريل سهڻيءَ جو چتر کيس ياد آيو ته هو اوڇنگارن ۾ اچي پيو. پوليس وارو کيس هٿ کان جهلي ٻاهر وٺي آيو. شيام آلين اکين سان چوطرف نهاريو: ڪاڏي ويئي هئي اُها رات واري سونهن! چوطرف مٽي ۽ اُن مٿان سڪل پن ۽ ٽاريون پيل هئا. اَنبن جي وڻن ۾ به ڪا سونهن ڪا نه هئي، سندن سڪل ٻڍا ٿڙ ۽ مٽيءَ سان لٽيل پن به سونهن بنان هئا. شيام وڌي اچي ڪسيءَ جي پاسي ۾ هڪ دڙي تي ويٺو جتي اڪثر هو سهڻيءَ سان گڏ ويهندو هو. مٿو گوڏن تي رکي منهن ٻانهن ۾ لڪائي هو روئڻ لڳو- هو منجهند تائين اُتي ويٺو رهيو.
    ٻن پهرن بعد جڏهن شيام گهر پهتو ته ماڻس سندس حالت ڏسي ڊڄي ويئي. شيام بخار جي مؤ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو هو. ماڻس هنڌ وڇائي هن کي سمهاريو ۽ ڊاڪٽر کي ماڻهو موڪليو ويو.
    ٽن ڏينهن بعد شيام هلڻ چلڻ جهڙو ٿيو ۽ هو اسڪول ۾ به ويو.
    سڄي ڳوٺ ۾ ان ڳالهه جو چرچو هو. چونڪ ۾، دڪانن تي، ڀاڄي بازار ۾، شاگردن جي جُهنڊن ۾، اسڪولن ۾، ماسترن ۾ ان ڳالهه تي ئي چرچا هلي رهي هئي. شيام ٻڌو ته ڪيترا شاگرد سهڻيءَ جو مذاق اُڏائي رهيا هئا. ٻڍا ۽ دنيا وارا کيس بيوقوف ۽ ڇسيءَ جا لقب ڏيئي رهيا هئا: ”ٻڍو ٿيو ته ڇا ٿيو؟ هئي ته هڪ رواجي ڪڙميءَ جي ڌيءُ نه. حويليءَ ۾ وڃي عيش ڪري ها!“ ٻئي چيو: ؟پنهنجي سونهن جو نشو هوس.“ ٽئين ٻوليو: ضرور ڪنهن ٻئي هاريءَ سان ٺهيل هوندي، نه ته جان ڏيڻ ڇا اهڙي سولي ڳالهه آهي!“
    اِهو سڀ ٻڌي شيام جو رت ٽهڪڻ لڳو. پر هو بيوس هو. دنيا جا ٻوٿ به ڪڏهن بند ٿيا آهن!
    پوليس قاسم ۽ سندس زال سميءَ کي گرفتار ڪيو هو، انهيءَ ڏوهه هيٺ ته هنن سهڻيءَ کي آتم هتيا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي. هو ٻئي ويچارا اڳ ۾ ئي دک ۾ اڌ مئا ٿي پيا هئا ۽ مٿان وري هيءَ آفت.
    پوليس آفيسر کي پڻ هنن جي حالت تي قياس اچي رهيو هو. پر زميندار خود پوليس ڪمانيءَ سان ڳالهايو هو ۽ پوليس ڪمانيءَ جو حڪم هو ته قاسم کي ثابتيءَ يا بنا ثابتيءَ سزا ملڻ گهرجي. هن زميندار جي بيعزتي ڪئي هئي. ڇا اهو گهٽ جرم هو؟ قاسم پوليس حوالات ۾ هو ته ڄاڃيمل سندس زال کان زوريءَ جهوپڙي خالي ڪرائي.
    آخر شيام کان جڏهن وڌيڪ سٺو نه ويو ته هو پيءُ وٽ لنگهي ويو. پڻس پهرين ته سڀ کل چرچي ۾ اُڏائڻ چاهيو، پر جڏهن ڏٺائين ته شيام گنڀير نوع ۾ آهي ته ڪاوڙجي چيائينس، ”شيام، تون هيءُ ڳالهيون سمجهي نٿو سگهين. ڌنڌي ۾ رحم ۽ قياس کي ڪا به جڳهه نه آهي. اڄ زميندار کي ناراض ڪرڻ سان سڀاڻي مون کي گهڻو نقصان پهچي سگهي ٿو. ڇا تون ان جو خيال ڪري سگهين ٿو؟ تون اڃا ٻار آهين، دنيا کي سمجهڻ ۾ تو کي اڃا وقت لڳندو.“
    شيام ماٺ ٿي ويو. ليڪن سندس دل ماٺ نه ٿي: اها ٻيڻي رفتار سان ڌڙڪڻ لڳي. هو اڪثر سانت سانت رهڻ لڳو. شيام اسڪول جي ميدان تي وڃڻ بدران ٻنين ڏي نڪري ويندو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ دور اُفق ڏانهن نهاريندو رهندو هو. قدرت جي گود ۾ اَجهو وٺڻ سان هو ڪجهه شانتي پائيندو هو، پر ڳوٺ ۾ موٽڻ تي سڄي ڳوٺ لاءِ ڄڻ سندس من ۾ نفرت اُڀري ايندي هئي. هو سوچيندو هو: ”هن دنيا ۾ ڪيتري نه سونهن آهي! اُها چوطرف هيرن موتين جيان پکڙي پيئي آهي. پر هي انسان گند جا ڍير ميڙي ويٺا آهن. ڪهڙي نه بيڪار آهي اُنهن جي زندگي! جهڙي حالت ۾ ڄاوا آهن اهڙيءَ حالت ۾ ئي مري ويندا. مٽيءَ مان گلُ ٻن گهڙين لاءِ اُڀرندو آهي ته ڪيئن نه ٽڙندو آهي، سونهن سان ٻهڪندو آهي ۽ سرهاڻ ڦهلائيندو آهي! پر هيءُ صدين کان اُپجيل اِنسان بنا سونهن بنا سرهاڻ ڏيڻ جي مٽيءَ ۾ ملي ٿا وڃن! هو اڪثر هنن جي ڀيٽ سهڻيءَ سان ڪندو هو. ”ذلت ڀري زندگي گذارڻ کان مرڻ بهتر آهي.“ اهو ئي ته سبق هو سهڻيءَ جي زندگيءَ جو.
    جيترو وڌيڪ هو سوچيندو هو، اوترو وڌيڪ اڪيلو ٿيندو هو ۽ اوترو ئي هو پڙهڻ ۽ ٻين ڪمن ڪارين ڏي گهٽ ڌيان ڏيڻ لڳندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو اهڙي ساٿيءَ لاءِ تڙپي اُٿندو هو جنهن سان ويهي ٻه گهڙيون ڳالهيون ڪري دل جو حال واري، پر اهڙو ساٿي هن ڳوٺ ۾ ڪٿان اچي؟
    هڪ ڏينهن اسڪول ۾ رسيس وقت سنڌيءَ جي ماستر شيام کي سڏ ڪري چيو: ”شيام تو کي ٿي ڇا ويو آهي؟ مان تو کي ڪلاس جو سٺي ۾ سٺو شاگرد ڪري سمجهندو هوس. پر اڄ ڪالهه تون ڏاڍو بي پرواه ٿي پيو آهين.“
    شيام هڪ ڏوهاريءَ جيان ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺو رهيو. هن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو.
    ماستر شيام جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”شيام، مان تو کي ڪيترن سالن کان جاچيندو آيو آهيان. مون تنهنجي سنڌيءَ جي ڪاپيءَ ۾ تنهنجيون لکيل ڪويتائون به پڙهيون آهن. مان تو ۾ وڏي اُميد رکي ويٺو هوس. ٻڌاءِ شيام، تو کي ڪهڙو ڏک آهي؟“
    شيام جي دل ڀرجي آئي. هن ماستر لاءِ نه رڳو شيام کي، پر سڄي اسڪول جي سڀني شاگردن ۽ ماسترن کي خاص عزت هئي. سڀني ماسترن کان نيارو هو هيءُ ماستر. تمام سانتيڪو، پر ڪلاس ۾ پاڙهڻ وقت ڄڻ بود ۾ ڀرجي ويندو هو. پهاڙي نديءَ جي تيزيءَ جيان لفظ سندس وات مان نڪرندا هئا ۽ سڄو ڪلاس چپ چاپ اُن وهڪري ۾ وهي ويندو هو. خاص ڪري شاه پاڙهڻ وقت ته هو پاڻ وساري وهندو هو. ماستر ۽ شاگرد ٻئي شعرن جي مڌرتا ۽ گهرائيءَ ۾ گم ٿي ويندا هئا.
    ”مان.....مان ڏسان ٿو....“ شام هٽڪندي چيو: ”هن دنيا ۾ ظلم وڌيڪ آهي، انصاف گهٽ. گند گهڻو آهي، سونهن ٿوري.“
    ماستر عجب ۾ ٻه منٽ سانت رهيو. ”تون ڀليل آهين، شيام! تون جذبي ۾ وهي ويو آهين. ظلم جڏهن ٿيندو آهي ته ڏاڍي ڪڙڪي ۽ ڌڪاءَ سان ٿيندو آهي، ۽ انصاف ٿيندو آهي سانت ۾. خالي برتن گهڻو آواز ڪندو آهي ۽ ڀريل برتن ٿورو. دنيا ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي. ظالم مارڻ وقت به گوڙ ڪندو آهي ۽ شهيد مرڻ وقت به سانت رهندو آهي. هيءُ دنيا جو ٻاهريون ڍانچو ڏسي ڀلجي نه وڃ. دنيا سدائين اڳتي وڌندي رهي آهي، اهو ئي ثابت ٿو ڪري ته دنيا ۾ سٺائي گهڻي آهي ۽ خرابي ٿوري.“
    رسيس پوري ٿيڻ جو گهنڊ وڳو، اُن وقت ته ٻئي ڪلاسن ڏانهن ويا، ليڪن اُن ڏينهن هنن وچ ۾ جيڪو سٻنڌ جڙيو هو سو روز بروز گهرو ٿيندو ويو.
    موڪل ملڻ وقت اُن ماستر شيام کي سڏ ڪري چيو: ”جذبن وهيڻو ٿيڻ نه کپي. جذباتي بڻجي دنيا ۾ هلڻ ڏاڍو ڪٺن آهي. جيئن رڳي سمجهه دنيا ۾ وناش ڪري شڪتيون پيدا ڪرڻ لاءِ جوابدار آهي، تيئن رڳي جذبات اِنسان کي پورو ڏيک ڏيکاري نٿي سگهي.
    منهنجي زندگيءَ مون کي اهو ئي سيکاريو آهي ته صرف جذبا اِنسان کي گهڻو دور وٺي وڃي نٿا سگهن.“
    شيام سانت ۾ سڀ ڪجهه ٻڌندو رهيو.
    ”شيام، مان چاهيان ٿو ته تون اوچو ۽ اعليٰ بنجين. جيتوڻيڪ پهاڙ تي چڙهڻ لاءِ گهڻو ڪشالو ڪڍڻو پوندو آهي. ٻڌ، تون ڪڏهن ڪڏهن مونوٽ گهر اچ. مون وٽ اُڙدو ۽ انگريزيءَ جا گهڻيئي ڪتاب آهن جي شايد تو کي ڪجهه رستو ڏيکاري سگهن.“
    هن ماستر جو نالو هو نور الله. ڪجهه سال ٿيا جو هو هن ڳوٺ ۾ آيو هو. اُن کان اڳ هو ڪٿي هو سا ڪنهن کي خبر ڪا نه هئي. جڏهن هو آيو هو تڏهن تمام سنهو هو، ڄڻ بيماريءَ جي بستري تان اُٿي آيو هو. پر هاڻي ڪي قدر پاڻ کنيو هئائين.
    قد جو بندرو ۽ سنهو- رنگ ڪارو، اکيون وڏيون ۽ نڪ ڊگهو. هن کي دور کان ڏسڻ سان ئي لڳندو هو ته عام ماڻهو نه آهي. جڏهن آيو هو تڏهن گهڻو وقت سنڌ کان ٻاهر رهڻ ڪري پوري سنڌي به ڳالهائڻ ڪا نه ايندي هئس، پر ڪن مهينن اندر ئي اهڙي سنڌي سکي ويو جو شاه ۽ سچل کي سمجهڻ لاءِ اسڪول جو هيڊماستر به هن وٽ ويندو هو.
    هو رهندو ڳوٺ کان ڪجهه ٻاهر ڀرو هڪ جهوپڙيءَ ۾ هو جنهن جي چوڌاري ڪنڊن جو لوڙهو هو. سندس زال پنجابڻ هئي جا آس پاس جي گهرن ۾ تمام ٿورو ايندي ويندي هئي. ماستر جي گهر ۾ به تمام ٿورا ماڻهو آيا ويا هئا. ايندڙن ويندڙن کي ٻاهر جهنگلي ۾ هڪ ٻڪري ٻڌل ڏسڻ ۾ ايندي هئي. سانجهيءَ جو آرام ڪرسيءَ تي ويٺو نور الله ڪو ڪتاب پڙهندو رهندو هو ۽ فاطما سندس زال صندل تي ويٺي ڀاڄي وڍيندي هئي يا ٻي ڪا هاج ڪندي هئي. ان ڪري ڳوٺ ۾ جيترا هئا منهن، اوتريون هيون هن ماستر بابت ڳالهيون.
    ٻئي ڏينهن شيام جڏهن ماستر جي گهر ڏانهن اُسهيو ته اڃا ڍور جهنگ مان واپس ڪو نه آيا هئا، پر وڻن جا پاڇا ڊگها ٿي رهيا هئا. پکي جي ڌرتيءَ جو وڻن تي سانت ڪيو سمهي پيا هئا، سي وري جاڳيا هئا ۽ پنهنجون پنهنجون ٻوليون ٻولي رهيا هئا.
    شيام ڌيري ڌيري هلندو اچي لوڙهي وٽ پهتو. ماستر جي آرام ڪرسي ٻاهر خالي پيئي هئي ۽ فاطما صندل تي ويٺي ڪنهن پراڻي ڪپڙي کي ٽوپو ڏيئي رهي هئي، شيام کن پلڪ هٽڪيو، پوءِ ويجهو وڃي پڇيائين:”ماستر صاحب آهي؟“
    فاطما منهن مٿي کنيو. شيام کي جاچيندي اوچتو مرڪي ڏنائين. ”تون شيام آهين نه؟ اچ ويهه. تنهنجو ماستر اندر آهي. سڏ ڪيانس ٿي.“
    ايتري ۾ ماستر ڪمري مان ٻاهر نڪتو. کيس ڪوٽ پيل هو ۽ هٿ ۾ لڪڙي هئي جنهن مان ظاهر هو ته ڪٿي ٻاهر نڪرڻ جي تياري هيس. شيام کي ڏسي مرڪي چيائين: ”شيام. آهين! مان هينئر پنڌ ڪرڻ ٿي ويس. هل ته ٿورو پنڌ ڪري اچون.“
    ٻئي ميدان لتاڙي ٻنين جي وچ مان لنگهندا ڪيترو دور وڃي پهتا. ڪجهه پرڀرو شمشان هو. هتي هڪ دڙو ٺهيل هو جنهن جي ڀر ۾ هڪ وڏو بڙ جو وڻ هو. وڻ جون پاڙون دور تائين ڦهليل هيون. دڙي تي ٻه ٽي اَڻ گهڙيل پٿر رکيا هئا. جي ائين پيا هئا ڄڻ ڪرسيون ٺهيون رکيون هيون.
    ماستر هڪ پٿر تي ويهندي چيو: ”شيام، ويهه.“
    رستي تي ٻنهي مان ڪنهن به ڪو نه ڳالهايو هو. ٻئي سنجها جي ٿڌي هير ۾ پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪري رهيا هئا ۽ پکين جون لاتيون ٻڌندا پئي آيا.
    ”ڪيڏي نه سانت آهي هتي! هئڙي سانت ۾ اِنسانن جون آتمائون ننڊ مان جاڳي اُٿنديون آهن. چڱو، شيام ٻڌاءِ، تون شعر ڇو لکندو آهين؟“
    اهو سوال ماستر اڌ ساڀيا ۽ اڌ چرچي ۾ ڪيو. تڏهن به سوال هلڪڙائيءَ سان ڪيل ڪو نه هو، ان ڪري شيام ڪجهه منجهي پيو. ماستر چيو، ”شيام، هت اسين ٻه دوست ويٺا آهيون. مان تنهنجو ماستر نه آهيان. منهنجو عقيدو آهي ته پيءُ کي به پاڻ جيڏي قد واري پٽ کي دوست سمجهڻ گهرجي ۽ نه پٽ.“
    شيام ڪيتري دير چپ چاپ لهندڙ سج ڏانهن نهاريندو رهيو. سامهون وڻ جي ٿڙ جي هڪ پؤنر ۾ طوطن پنهنجو آکيڙو ٺاهيو هو، جتان هو هر هر منهن ڪڍي سانت ۾ ويٺل هنن ٻن جيون ڏانهن نهاري رهيا هئا.
    شيام چيو. ”ڪڏهن ڪڏهن مان من ۾ خوشي پائيندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيڙيندڙ ڏک. انهن ٻنهي حالتن ۾ مان پاڻ ظاهر ڪري ڏک سک ونڊڻ چاهيندو آهيان، پر ڪو ساٿي نزديڪ نه هئڻ ڪري قلم ذريعي دل جا اُڌما ظاهر ڪندو آهيان، ليڪن چين ڪٿي آهي! هڪ ڏک جي لهر بعد ٻي لهر اچي ٿي، ۽ من هندوري وانگر لڏندو رهي ٿو. مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جي اُڌما ۽ خيال منهنجي من ۾ ٽانڊو ناچ نچن ٿا، سي ڇا سڀني جي من ۾ اُٿندا آهن؟ پر ان جو خاطر خواه جواب پائي نه سگهندو آهيان.“
    ”شيام، دنيا ۾ دک سک سڀني جو در کڙڪائيندو آهي. ائين نه هجي ته عام ماڻهو ڪلاڪار جي ڪلا کي سمجهي نه سگهن. ليڪن انداز جو گهڻو فرق آهي، شيام! شاعر وٽ جذبات ٿئي ٿي ۽ تصور ٿئي ٿو ان ذريعي هو پنهنجي دک کي عالمي- ڏک جو روپ ڏئي ٿو. مثال طور گهر جي هڪ ڀاتيءَ جي موت تي عام انسان روئي هنج ڀري ٿو، هو محسوس ڪري ٿو ته هن ڪجهه وڃايو آهي. ليڪن ڪلاڪار لاءِ جڏهن هيءُ ڏک اچي ٿو ته هو صرف پنهنجي شخصي صدمي جو ڪو نه ٿو سوچي. هن کي خيال اچي ٿو ته هن دنيا مان سڀني کي هلڻو آهي. هن زندگيءَ جي ٻئي طرف موت آهي ۽ هو موت کي آرٽسٽڪ روپ ڏيئي زندگيءَ جو هڪ جزو بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.“
    شيام سانت ۾ رهيو. هو ڪجهه سوچي رهيو هو.
    ماستر وري چيو، ”ليڪن اِهو ڪلاڪار جو پهريون دؤر آهي. ان بعد ٻيو تمام ڏکيو دور هن لاءِ اچي ٿو. شيام هن دنيا ۾ خود غرضي چوطرف ڦهليل آهي. سڀ ڪو خود غرضيءَ ۾ ٽمٽار ۽ ’مان مان‘ جي گيت ڳائڻ ۾ پورو آهي. سچي ڪلاڪار جو پهريون اُصول آهي ته هو خود غرضي ۽ پاڻپڻو تياڳي- اُن بعد سندس من هڪ آرسيءَ جيان ٿيو پوي، جنهن مان سڄو سنسار پيو لياڪا پائي. ليڪن اهو تمام ڏکيو آهي، شيام، تمام ڏکيو. ٻالپڻ ۾ سڀ ڪو فرشتن جيان رهي ٿو. ليڪن جيئن وڏو ٿيندو وڃي ٿو تيئن خود غرضيءَ جي گپ ۾ ڦاسندو وڃي ٿو.
    ”۽ ڪلاڪار بڻجڻ لاءِ ڪيتري نه جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي! شعر چوڻ سولو آهي، پر اهو شعر چوڻ جنهن ۾ زندگيءَ جي ڌڙڪڻ ۽ تابش هجي سو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان لاءِ پاڻ جلائڻو پوي ٿو. باه جي کوري ۾ پاڻ پچائڻو پوي ٿو. جيئن ڏڌ کي ولوڙي مکڻ ڪڍبو آهي تيئن زندگيءَ کي ولوڙي ان مان ڪلا ڪڍجي ٿي. ڪلا زندگيءَ جو نچوڙ ۽ تت آهي.“
    شيام تڏهن به سانت ۾ ويٺو رهيو. لهندڙ سج جا ڪرڻا سندس منهن تي پئجي رهيا هئا.
    ”شيام، تون اُها جاکوڙ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندين؟“
    شيام جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو. ”چئي نٿو سگهان؛ ليڪن اِها خبر اٿم ته منهنجي من ۾ سمنڊ پيو ڇوليون ماري، جو مون کي سک سمهڻ ڪو نه ٿو ڏئي. ڪڏهن دل ٿيندي اَٿم ته زمين جي مٽيءَ سان پاڻ ملي مان به مٽي بڻجي پوان؛ يا هيءُ پيچرو وٺي هليو وڃان ۽ اُفق ۾ گم ٿي وڃان. پاڻ کي ناس ڪرڻ ۾ ئي مزو آهي. زندگيءَ مان ڪجهه سرجڻ ۾ ئي آنند آهي، اهو پتو اٿم، مان ڪجهه سندر سرجڻ چاهيان ٿو ۽ هن دنيا کي سندر ڏسڻ جي آس رکان ٿو.“
    ٻئي ڄڻا ڪيترو وقت سانت ۾ ويٺا رهيا. سج ٿورو ٿورو ٿي لڪندو ويو- ڄڻ اسٽيج تان نرتيه راڻي قدم کڻي پردي اندر لڪندي ٿي ويئي. اوڀر ۾ اونده پنهنجا پر ڦهلائڻ لڳي. هتان هتان ننڍڙا تارا جهاتيون پائڻ لڳا.
    ماستر چيو، ”هيءَ اسان جي سنڌ جي ڳاڙهي زمين، هيءُ کليل آسمان، ڪيترا نه سهڻا آهن! مان جڏهن سنڌ کان ٻاهر هوس ته هيءَ مون کي سدائين سڏيندي رهندي هئي. ڏاڍي پياري ٿئي ٿي پَڻي (مٽي) پنهنجي وطن جي . اها لکا تڏهن ئي پوي ٿي جڏهن وطن کان وڇڙجي ٿو. مان موٽي آيس پنهنجي وطن، پر هت به من ۾ ماٺ نه ٿي. هڪ لوڇ ۽ تڙڦ سدا تڙپائيندي رهي. ملڪ سائو آهي پر ماڻهو غريب. سڀ زميندار کنيو وڃن، سڀ واپاري ۽ سيٺيون ڦريو وڃن ۽ ان اُپائيندڙ هاريءَ کي پورو ويلو به پلئه نٿو پوي.“
    ”پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ شيام کي سهڻي ياد اچي رهي هئي.
    ”خبر نه اٿم.“ ماستر چيو: ”منهنجي دل ۾ درد آهي پر رستي جي پروڙ نه اٿم. شيام، مان ٿڪل انسان آهيان، بيحد ٿڪل! آرام ڪرڻ لاءِ مان پنهنجي ڳوٺ ۾ موٽي آيس، پر ڪن اِنسانن کي شايد ڪٿي به آرام نصيب نه ٿيندو آهي. مونکي سڀ کان وڌيڪ ڏک ان ڳالهه جو ٿيندو آهي ته جن شاگردن کي مان شاه، سچل ۽ سامي پڙهائيندو آهيان سي به وڏي هوندي هن چڪر ۾ ڦاسجي ويندا. ڪي ڌنڌي واپار ۾ ڌن ڪٺو ڪندا، ڪي منشي ٿي ڪاغذن تي جوڙون ۽ ڪٽون ڪندا، پر شيام تون هڪڙو ئي اگر جيون جي ڳجهه جي ڳولا ۾ پنڌ پئين ته مان پنهنجي ماستريءَ واري عرصي جي محنت سڦل سمجهندس.“
    ماستر اُٿي کڙو ٿيو ۽ شيام به. تارا آڪاس ۾ چوطرف ڦهلجي چڪا هئا. اونده زمين تي ليٽي ريڙهيون پائي رهي هئي، پيچري جي ٻنهي پاسي ٻنيون هيون. نالين ۾ ڏيڏر ٽان ٽان ڪري رهيا هئا. ماستر شايد پنهنجي ماضيءَ جي زندگيءَ بابت سوچي رهيو هو. ۽ شيام سوچي رهيو هو: ”هئڙي راتين ۾ سمهڻ پاڻ سان ڏوجهرو ڪرڻو آهي. چوطرف شانت جو گيت آهي ۽ اِن گيت ۾ ڪيتري نه شانتي آهي!“
    اُن وقت دور ڪنهن ٻنيءَ ۾ ڪو هاري گيت ڳائي رهيو هو:
    ملجانءِ ملجانءِ چوري چوري
    ڪنهن صوفي فقير جو گيت هو اهو. ڪڏهن ڪڏهن هنن جي قدمن جو آواز آيو ٿي ۽ وري سانت ٿي ٿئي ويئي.


    4

    ”تون هيءُ اڄ ڪالهه سڄو ڏينهن ڇا لکندو رهندو آهين، پٽ؟ ۽ ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير تائين ٻنين ۾ گهمڻ ۾ تو کي ڪهڙو مزو ٿو اچي؟“
    شيام اُن وقت ڪاپيءَ ۾ ڪجهه لکي رهيو هو. پيءُ جي سوال تي هن پنو ورائي ڇڏيو. پر پڻس کانئس ڪاپي وٺي پنا اُٿلايا.
    ”شعر ۽ ڪهاڻيون!“ پڻس کلي ڏنو، ڄڻ مٿانئس وڏو بوجو هٽي ويو. ”وندر ڀلي ڪر، پر گهڻو وقت انهن ۾ نه وڃاءِ. تو کي ته آخر پيءُ جو ڌنڌو سنڀالڻو آهي. هيڏي ساري جائيداد آهي، اُن کي سنڀالڻ ۽ وڌائڻ لاءِ حوصلو ۽ پورهيو کپي ۽ مون ٻڌو آهي ته تون اڄ ڪلهه هن ماستر نور الله سان گهڻو رلڻ ملڻ لڳو آهين. هن وٽ گهڻو نه وڃڻ کپي، شيام.“
    ”ڇو بابا؟“
    ”هن بابت ڪيئن ڳالهيون پييون ٻڌجن. ڪي چون ٿا ته ننڍي هوندي هو خطرناڪ انقلابي هو. اڃا تائين به پوليس جي مٿس ڪڙي نظر آهي. ائين نه ٿئي جو هن جي ڪري تون به ڪنهن آهيءَ ۾ اڙجي وڃين.“
    شيام ڪو به جواب ڪو نه ڏنو ۽ پڻس هليو ويو. پر ڪيترا لفظ شيام جي ڪنن ۾ ٻرندا رهيا: ”شعر لکڻ کي وندر ڪري سمجهڻ....ڌنڌو ڪري پئسو وڌائڻ....آهيءَ ۾ اڙجڻ کان بچڻ.“ هيءُ سڀ صلاحون سندس من جي آواز جي بلڪل اُبتڙ هيون. سندس من ته اهڙا گيت چوڻ ٿي چاهيا جن مان گرم گرم رت ٽپڪندو هجي. هن پئسي ميڙڻ کي زندگي برباد ڪرڻ ٿي سمجهيو ۽ هن جو عقيدو هو ته جيئڻ آهي؛ اُن سوڙهي پيچري تان هلڻ جنهن جي ٻنهي پاسي اونهي کاهي هجي.
    شيام مئٽرڪ ۾ پهچي چڪو هو، پر سندس گهڻو وقت لکڻ پڙهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ ئي ويندو هو. ڳوٺن ۾ منجهند جو ڄڻ راڪاس گهمي ويندو آهي. منجهند جي گرميءَ ۾ سڀ دڪان بند ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهو گهرن اندر دريون دروازا بند ڪري پٽ تي پاڻي ڇٽڪاري ننڊ ڪندا آهن. پکي به وڻن جي ٿڌڪار ۾ سمهي پوندا آهن ۽ جانور ڪا ٿڌڪار ڳوليندا آهن. اڪثر گهر جي ڪتي يا ٻليءَ کي دلن جي گهڙامجيءَ هيٺان هاريل پاڻيءَ تي سمهيل ڏسبو آهي.
    اهڙي وقت جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي ننڊ ۾ غافل هوندا هئا ته شيام اسڪول جو ڪتاب ڪڍي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ليڪن جلد ئي سندس خيال اسڪولي ڪتابن تان هٽي دور هليا ويندا هئا.
    ماستر نور الله جي سنگ ۾ شيام جي زندگيءَ ۾ عجيب ڦيرو آيو هو.
    قدرت جي کن کن ۾ بدلجندڙ سونهن کيس موهيو هو ۽ اڪيلائي ۾ ويٺي ويٺي هو خيالي قلعا ٺاهيندو هو. سهڻيءَ بابت سوچيندو هو. هوءَ سٻاجهي هئي، هڪ ننڍڙي سهڻي انبڙيءَ جيان هئي، جنهن کي ڪچڙي ئي ڪنهن پٽي دور ڦٽو ڪري ڇڏيو. هن واقعي سندس دل ۾ گهرو گهاءُ ڪيو هو ۽ سندس دل هڪ گهايل پکيءَ جيان پڪارڻ چاهيو ٿي.
    ليڪن ماستر جي سنگ ۾ هن ڄاتو ته قدرت کان وڌيڪ سونهن انسانن جي گونا گون سڀاون ۾ ملي ٿي. هن دنيا ۾ هڪڙي سهڻي نه آهي؛ هر ڳوٺ ۾، هر شهر ۾ اهڙيون ڪيئي سهڻيون آهن ۽ هر ڳوٺ ۾ هر شهر ۾ زميندار جهڙا عياشي آهن. سڄي دنيا ڌڙڪندڙ دلين سان ڀري پئي آهي ۽ اِهي دليون رئنديون به آهن ته کلنديون به آهن.
    شيام وڌيڪ ڄاتو ته لکڻ اهڙو سولو نه آهي. ليکڪ صرف پنهنجي تصور جي زور تي گهڻو دور وڃي نه ٿو سگهي. جيئن ڪنڀار يا واڍو پورهيو ڪندا آهن. تيئن ليکڪ کي به پورهيو ڪرڻو ٿو پوي. اِنسان جي من جي اونهن ۽ اونداهن تهه خانن جا ڪلف کولڻ سولو ڪم نه آهي. شيام ڪڏهن ٻنيءَ ڪناري بيٺو ڪڙميءَ کي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندو جاچيندو هو ته ڪڏهن پکين کي پاڻ ۾ راند ڪندو ڏسي هڪ عجيب لطف محسوس ڪندو هو. جڏهن به ڪو ماڻهو گڏبو هوس ته پهرين هن جي منهن ڏانهن نهاريندو هو ۽ سندس منهن تي ڦرندڙ ڀاوَن جو اڀياس ڪندو هو. اِهي ڀاوَ ڪهاڻين جيان سندس من کي ريجهائيندا هئا.
    چانڊوڪين راتين ۾ ته هو گهر اندر ويهي ڪو نه سگهندو هو. ڪير ڄڻ کيس سڏڙا پيو ڪندو هو ۽ هو نڪري ويندو هو ڳوٺ کان ٻاهر. ڪو خاص رستو خاص رستو ٻڌل ڪونه هوس- ڪڏهن ڪيڏانهن ته ڪڏهن ڪيڏانهن هليو ويندو هو. ان رات به هو پورنماسيءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ نڪري پيو هو. هلندو هندو هو واه جي ڪناري پهتو، جنهن جي مٿان رستي جي هن ڀر پهچڻ لاءِ ننڍي پل هئي. شيام اُن پل جي دڪيءَ تي ويهي هيٺ پاڻيءَ ۾ چنڊ جي راند کي ڏسڻ لڳو. پاڻي ڪل ڪل ڪري وهي رهيو هو. ٻئي ڪنارا ٿڪل ماءُ جيان سمهيا پيا هئا ۽ پاڻي ننڍي ٻار جيان راند ڪري رهيو هو.
    اوچتو شيام کي ڪجهه ياد پيو ۽ هن ڪنڌ مٿي ڪري سامهون نهاريو سامهون ئي سندن باغ هو، جنهن ۾ هن ڪيتريون گهڙيون سهڻيءَ سان گڏ گهاريون هيون. اڄ اها سهڻي هن سنسار ۾ ڪا نه هئي، پر باغ اڃا اتي قائم هو. هن سال ان باغ سندس پيءُ کي تمام گهڻو فائدو ڏنو هو، هن جيترو اڳ ۾ ڪڏهن ڪو نه ڏنو هئائين، ليڪن شيام هاڻي مشڪل سان اِن باغ ۾ ويندو هو. قاسم جيل ڪاٽي ٻاهر نڪتو پر پوءِ زميندار جي تنگ ڪرڻ تي هو ڳوٺ ڇڏي ويا هئا.
    شيام هيٺ نئڙي هٿ ۾ مٽيءَ جي هڪڙي لپ کنئي. چنڊ جي روشنيءَ ۾ کيس مٽي ڏاڍي سهڻي لڳي رهي هئي. ”او مٽي، سهڻي تو وٽ آهي، هوءَ تو ۾ سمايل آهي، ڪهڙي نه سهڻي هئي هوءَ! گلاب جي پنکڙين جيان نازڪ ننڍڙي گول ڇاتي، گلابي گول ڪرايون، ڊگهي بلوري ڳچي ۽ ويڪري نرڙ جي ٻنهي پاسي ڪارا نرم وار. ڪاڏي ويا اُهي سڀ؟ ماڻهن هن کي مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيو ۽ هوءَ مٽي بڻجي ويئي!“
    شيام جو بدن لڏڻ لڳو. هن پنهنجو منهن ٻنهي هٿن ۾ لڪايو ۽ سڏڪا ڀري رئڻ لڳو.
    ڪيتري دير هو رئندو رهيو . جڏهن هن اکيون کوليون ته چنڊ بادلن پٺيان لڪل هو. پاڻيءَ جي ڪلڪل ڌيمي پئجي ويئي هئي. وڻ سانت ۾ بيهي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئا. شيام لڙڪ اُگهيا. پريان رات جي راڻيءَ جي هلڪي سڳنڌ اچي رهي هئي. شيام اڪيلوئي مشڪڻ لڳو. کيس ائين لڳو ڄڻ سهڻي سندس من ۾ ويهي کيس ڪتڪتائي ڪري رهي هئي.
    ”ادي، دادا آهي؟“
    فاطما مرڪي چيو: ”ڇا صرف دادا ۾ ئي ڪم اٿيئي، اَدي تنهنجي ڪير ڪا نه ٿئي؟“
    هن ڏوراپي تي شيام ڪجهه منجهي پيو. پوءِ کلي چيائين: ”ڇو نه ٿئي، اسان جي سنڌ ته مهمان نوازيءَ کان مشهور آهي ۽ تون هيترو دور پنجاب کان هت آئي آهين.“
    فاطما ڪرسي سيڙهي ۽ شيام اُن تي ويهي رهيو. شيام هاڻي فاطما کي ادي ڪري سڏ ڪندو هو ۽ فاطما به کيس ننڍي ڀاءُ جيان ڀانئڻ لڳي هئي.
    فاطما چيو: ”تنهنجو ماستر ته تنهنجي ڏاڍي ساراه ڪندو آهي. چوندو آهي تون ڪنهن ڏينهن هن ڳوٺ جو نالو روشن ڪندين.“
    شيام جو چهرو لڄ وچان لال ٿي ويو.
    ”مونکي ڳالهه نه ڪرڻ کپندي هئي. تنهنجي ماستر جهليو به هو. هو چوندو آهي ته ڪنهن جي منهن تي گهڻي ساراه نه ڪجي. پر اسين استريون (زالون) ڳالهه گهڻو وقت دل ۾ سانڍي ڪونڍي ڪو نه سگهون.“
    شيام ڳالهه ڦيرائڻ لاءِ چيو: ”دادا ڪاڏي ويو آهي. اڄ ڪالهه شام جو هو گهمڻ به ڪو نه ايندو آهي.“
    فاطما چيو: ”ڪن ماڻهن جو من سندن وس ۾ نه هوندو آهي. تنهنجو ماستر به اُنهن مان آهي. ڀر واري ننڍي ڳوٺ ۾ بالغن لاءِ اسڪول کوليو اٿائين، جتي روز پاڙهڻ ويندو آهي. سندس بدن اڳيئي ڊٺل ۽ زور ٽي ميل پنڌ ڪري وڃي ۽ ٽي ميل پنڌ ڪري موٽي ۽ مون ٻڌو آهي ته اُتي پڙهڻ صرف ڏهه ٻارنهن ڄڻا ايندا آهن.“
    شيام ڪجهه سوچي رهيو هو.
    فاطما چيو: ”سندس خيال آهي ته سنڌ کي سوني بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته هتي جو هر هڪ باشندو تعليم يافته هجي. تعليم بنان ڪڙمي انڌا آهن ۽ هو ڦرجي ٿا وڃن.“
    شيام چيو، ”دادا سدائين سنڌ بابت ئي سوچيندو رهندو آهي.“
    ”ليڪن کيس پنهنجي تندرستيءَ جو به خيال رکڻ گهرجي. هو پنجاب ۾ به ائين مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پهتو هو. ان بعد ئي اسين سنڌ ۾ آياسين. اڃا به پاڻ ڪو نه کنيو اٿائين...“
    ”ادي، دادا پنجاب ۾ ڇا ڪندو هو؟“
    فاطما سانت ٿي ويئي. هوءَ ڪجهه دير شيام کي جاچيندي رهي. پوءِ چيائين: ”اهو سوال پنهنجي ماستر کان پڇج، مونکان نه.“


    5

    ڏينهن ماضيءَ ۾ گم ٿيندا وڃن ٿا. ٻئي ڪنهن کي روڪي سگهجي ٿو، ليڪن وقت بادشاه کي روڪڻ ممڪن نه آهي. اِنسان ٻار مان جوان ٿئي ٿو ۽ جوان مان ٻڍو-اِهي منزلون اِنسان کان موڪل وٺي ڪو نه اينديون آهن. اِنسان صرف ڏسندو رهندو آهي، محسوس ڪندو رهندو آهي، جيئن اِنسان ٽرين ۾ ويٺو هوندو آهي، پر گاڏي هلائڻ وارو پاڻ ڪو نه هوندو آهي ۽ دور اڻڏٺل ديسن جون مسافريون ڪندو رهندو آهي.
    شيام جا ڪيترا شعر ماستر سنواري اخبارن ۽ رسالن ۾ موڪليا. اُهي ڇپبا هئا ته شيام عجب کائيندو هو ته ڇا اهي سندس لکيل آهن! جن خيالن ۽ جذبن جي اثر هيٺ هن اُهي شعر لکيا هئا، اُهي ته ماضيءَ ۾ ملي ويا هئا. اِنڪري هن کي اهي شعر ڪجهه ڌاريا، ڪجهه دور تان ٻڌل سڏڪن يا ٽهڪن جيان لڳندا هئا. اُنهن کي پڙهڻ جي خوشي به عجيب هوندي هئي. سندس دل وري به جلڻ لڳندي هئي، تڙپندي هئي. من اُڏامڻ چاهيندو هو ۽ نوان خيال لفظن جو روپ وٺي، قطارون ٺاهي، اُڏامڻ جون ڪوششون ڪندا هئا.
    شيام جو مئٽرڪ جو امتحان به ٿي ويو. هو پاڻ کي ڪجهه بيچتو محسوس ڪري رهيو هو. گهر ۾ ائين طئه ٿيو هو ته ڪاليج هو ڪراچيءَ وڃي پڙهندو. هڪ طرف ڪراچيءَ يعني وسيع دنيا ۾ وڃڻ جي خوشي، ٻئي طرف ڳوٺ جي پياري ڀوميءَ کان وڇڙڻ. سچ ته هن ڳوٺ ڇڏڻ ئي چاهيو ٿي. هن ننڍڙيءَ دنيا ۾ سندس دل جو پکي پورو پرواز ڪري نٿي سگهيو. پر شهر ۾ وري هيءَ ڳوٺن جي زمين، ٻنيون ۽ کليل آڪاس ڪٿي ملندا. شيام اُنهن سان اهڙي دوستي ۽ گهرائپ ڳنڍي هئي. جو هر سندس دل ۾ پيهي ويا هئا. شيام پسگردائيءَ جي هر هڪ دڙي، هر هڪ وڻ کي سڃاڻندو هو.
    سَنجها جو وقت هو. کوهن تي گوڙ گهٽجي ويو هو. جهوپڙين ۾ ڏيئا ٻرڻ شروع ٿيا هئا. شيام ۽ ماستر پنڌ ڪندا اُن ساڳئي دڙي تي اچي ويٺا جنهن تي پهريون دفعو سندن ڳالهيون ٿيون هيون.
    ماستر چيو: ”تون هاڻي شهر ويندين، وڏو ماڻهو ٿيندين، ڳوٺ کي وساري ڇڏيندين پر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ- تون هن مٽيءَ جي ئي پيدائش آهين. تنهنجو بدن هن مٽيءَ جو ئي ٺهيل آهي- مٽي جيڪا پاڪ ۽ پوتر آهي. اسين وري هڪ ڏينهن مٽي بڻجي وينداسين.“
    ماستر ڪجهه پل سانت ٿي ويو.
    ”انسان جو مان اپمان سڀ ڪوڙ، پاڻيءَ جا بلبلا آهن. جيڪو انسان ساراه ۽ مشهوري پٺيان ڊڪي ٿو سو ڪڏهن به پنهنجي گهرائيءَ کي ڄاڻي نٿو سگهي. اسين ننڍڙا ڦڙا آهيون گهري درياه جا، اسان جي اهميت ئي ڪهڙي آهي!
    ”ليڪن وقت جي اڻڳڻيل گهڙين ۾ جيئن هڪ ننڍڙيءَ گهڙيءَ کي اهميت آهي تيئن اسان کي به اهميت آهي. جڏهن اسين گهڙيون زنده رهنداسين تڏهن ئي جيون ڀر زنده رهي سگهنداسين ۽ جڏهن اسان جي زندگيءَ ۾ سونهن ايندي تڏهن ئي زمانو به سهڻي باغ جيان ٻهڪندو.“
    شيام الائي ڇو روئڻ ٿي چاهيو اُن رات. سامهون مساڻ هو. صبح جو ڪير اُتي چکيا جلائي ويو هو. ڪجهه لڪڙيون هينئر به ٺڪ ٺڪ ڪري جلي رهيون هيون. زمين جو رنگ ڀورو ڪارو هو. وڻ سانت ۾ هئا، ڄڻ سمهي پيا هئا.
    شيام چيو، ”دادا، توهان چيو هو، ته توهان منهنجي اُسهڻ کان اڳي مون کي پنهنجي جيون ڪهاڻي ٻڌائيندا. مان توهان جا ڪهڙا ٿورا مڃان. مان ڏسان ٿو ته هن ڳوٺ جا سڀ انسان سمهيا پيا آهن. روز صبح جو سج اُڀري ٿو ۽ سانجهيءَ جو لهي وڃي ٿو پر هنن کي ڪا ٻوجهه ڪا نه ٿي پوي. توهان جيڪا باه منهنجي من ۾ دکائي آهي سان ڇا هنن ڳوٺاڻن جي دلين ۾ به دکائي نٿا سگهو؟ ٻڌايو دادا، هيءُ ڳوٺ ڪڏهن سجاڳ ٿيندو؟ ڪڏهن هيءُ ڳوٺاڻا ڪوڙين ريتن رسمن کي اکوڙي، سچ جي باغ ۾ سونهن وارا ٻوٽا پوکيندا.“
    ”اهو ڏينهن ضرور ايندو. ليڪن ڪيئن ۽ ڪڏهن سا خبر نه اٿم. ليڪن اِنسان اڳيان جي انڌڪار ۾ ڪافي وقت سمهيو آهي. هن کي هينئر جاڳڻ کپي، ضرور جاڳڻ کپي. هاريءَ کي هينئر خبر نه آهي ته هو هميشه لٽجي رهيو آهي. هو اهو محسوس نٿو ڪري ته هيءَ مٽي سندس به ماءُ آهي ۽ جنهن تي سڀني ٻارن جو حق آهي.
    ”ليڪن مان پاڻ منجهيل آهيان، شيام! مان تو کي هن باري ۾ ڪا راه ڏيکاري نٿو سگهان. تو مان کان هينئر منهنجي ماضيءَ بابت سوال پڇيو. مان تو کي اڄ اها ڪهاڻي ٻڌايان ٿو. تون ڏسندين ته انسان اٺسٺا گهڻا ٿو ڪري، ليڪن نتيجو سندس هٿ وس جي ڳالهه نه آهي ۽ ائين به هڪ ئي زندگيءَ ۾ پنهنجي پورهئي جو ڦل پائڻ ممڪن نه آهي. مالڪ جيڪو وڻ پوکي ٿو اُن جو ميوو سندس پويان کائيندا آهن. شيڪسپيئر کي پنهنجي زماني ۾ نه سڃاتو ويو، ليڪن اڄ سڄي دنيا کيس سڃاڻي ٿي؛ ڇاڪاڻ ته هنِ انسان پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ لاءِ هڪ وڏي آرسي ٺاهي هئي.“
    اوچتو هڪ چمڙو ڪٿان آواز ڪندو پر ڦڙڪائيندو مٿان لنگهي ويو. ٻنهي هڪڙو پل مٿي نهاريو.
    ”منهنجو جنم هن سنڌڙيءَ جي هڪ ننڍي واهڻ ۾ ٿيو هو. جيڪب آباد جي پاسي هو اِهو ننڍڙو ڳوٺ. منهنجو پيءُ واپاري هو. هو سنڌ جون اپايل شيون فغانستان بلوچستان پهچائيندو هو ۽ اُتان جو سڪو ميوو وغيره هتي آڻيندو هو. اِئين هير ڦير ڪندي هن خوب پئسو ڪمايو هو. اسان کي ڳوٺ جي جاءِ کانسواءِ ڪوئٽيا ۾ هڪ پڪسري وڏي جاءِ به هئي، جتي هيٺ تهخانن ۾ منهنجي پيءُ جا گدام هئا ۽ مٿي پهرين ماڙ تي سندس آفيس، ٻيءَ ماڙ تي ڪڏهن ڪڏهن اسين رهڻ ويندا هئاسين.
    ”مان اسڪول ۾ پڙهڻ ۾ هوشيار هوس پر ننڍي هوندي کان منهنجي من ۾ عجيب اُڻتڻ هئي. مان ننڍو هوس جو هڪ رمتي فقير سان ڳوٺ ڇڏي ڀڄي نڪتس. شڪر جو وقت تي مائٽن کي خبر پئجي ويئي. هو اچي مون کي وٺي ويا ۽ فقير کي خوب مار ڏنائون. اُن کان ڪجهه سال پوءِ وري هڪ ڏينهن ڀر واري هڪ پهاڙي نالي جو ڪنارو وٺي مان دور هليو ويس. پنڌ ڪندي پيرن ۾ لڦون پئجي ويم، بک به ڇتو ڪيم، آخر هڪ بستيءَ ٻاهران بيهوش ٿي ڪري پيس. مائٽن مون کي ڪيئن اچي ڳولي لڌو اُها خبر نه اٿم، ليڪن زندگي وري اڳي جيان گذرڻ لڳي.
    ”اسڪول ڳوٺ ۾ ڪو نه هو، ان ڪري مون کي ڪوئٽيا موڪليو ويو. مان اُتي پنهنجيءَ جاءِ ۾ اڪيلو رهندو هوس. ٻه ڪمرا منهنجي حوالي هئا، ۽ ٻي سڄي جاءِ خالي پيئي هئي. مون وٽ پئسو مئو هوندو هو، سو يارن دوستارن جي به ڪمي ڪا نه هئي. هيءُ شهر بارڊر تي هو، ان ڪري ٻين ملڪن جا ڪيترا رهواسي به اُتي ايندا هئا. ايران ۽ افغانستان جي ماڻهن سان هوٽلن ۾ ويهي ڳالهيون ڪرڻ ۾ مون کي ڏاڍو مزو ايندو هو. بدن جا مضبوط ۽ سگهارا، پر دل جا نرم ۽ ٻالا ڀولا. هو پنهنجي ملڪن جون ڪهاڻيون ائين ٻڌائيندا هئا جيئن ٻار پنهنجي بهادريءَ جي ڪهاڻي کڻندو آهي يا ٻُڍو پنهنجي پوٽي جي. ڪڏهن ڪڏهن مان کين پنهنجي ڪمري ۾ اچڻ لاءِ نينڍ ڏيندو هوس ۽ اسين سڄي رات ڳالهيون ڪندا رهندا هئاسين.
    ”هڪ ڏينهن مون کي اسڪول جي ماستر، جنهن کي مان چڱي عزت ڏيندو هوس، مون کي پاسيرو سڏي چيو: مون ٻڌو آهي ته تنهنجي گهر جا ڪجهه ڪمرا خالي پيا آهن ۽ تون اُتي اڪيلو رهندو آهين منهنجو هڪ دوست آهي جو بيمار آهي ۽ ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ ٿو چاهي.“
    مون بنا سوچ ويچار جي هائو ڪئي.
    ماستر چيو: ”پر هڪڙي ڳالهه، هن جي خبر ڪنهن کي به پوڻ نه کپي. خود تنهنجي مائٽن کي به نه ۽ هن جي کاڌي جو بندوبست به تو کي گهر اندر ئي ڪرڻو پوندو. بيماريءَ ڪري هو ڪيڏانهن ٻاهر نڪري نه سگهندو.“
    ”مقرر ڏينهن تي ماستر اُن مهمان کي وٺي آيو. هن بيمار کي ڏسي مان عجب ۾ پئجي ويس. هو بدن جو ڏٽو مٽو ۽ قد جو تمام ڊگهو هو. رنگ جو ڪارو، اکيون تمام ڳاڙهيون ڄڻ شراب پيتو هئائين. هو اُتر هندستان جو هو، پر ڪهڙي قبيلي جو هو سو چوڻ ڏاڍو ڏکيو هو. هندي ٽٽل ڦٽل ڳالهايائين پر انگريزي تمام سٺي. منهنجي جاءِ ۾ ٻه هفتا کن رهندي هو فارسي به سکي ويو. سندس وڃڻ بعد مون کي خبر پيئي ته هو بينگال جي چٽگانگ پاسي جو رهاڪو هو.“
    ”ٻئي ڏينهن مون کي معلوم ٿيو ته منهنجو مهمان سچ پچ بيمار هو. هو سڄو ڏينهن سمهيو پيو هوندو هو. پر رات جو مان پنهنجي ڪمري ۾ ليٽيل سندس اچ وڃ جو آواز ٻڌندو رهندو هوس. پنهنجي ڪمري جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي سؤ ڀيرا اچ وڃ ڪندو هو. سندس ڀاري قدمن جو آواز رات جي سناٽي ۾ تمام خوفناڪ ڀاسندو هو.“
    ”اسين پاڻ ۾ ڪيئن گهرا ٿياسين اهو ياد نه اٿم، ليڪن ڪن ڏينهن بعد جڏهن هن جو مون ۾ وشواس ڄمي ويو ته اسين رات جو ڪيتري دير تائين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهندا هئاسين. سندس اکين جو رنگ رات جو اهڙو ته ڳاڙهو ٿي ويندو هو جو اُهي شينهن جي اکين جيان ٻرڻ لڳنديون هيون. سندس بدن ۾ بيحد شڪتي هئي. سندس ساه اهڙو گرم ۽ زور دار هوندو هو ڄڻ ڪو ٿڪل جهنگلي جانور ساه کڻي رهيو آهي.
    ”هن پردو هٽائي مون کي هڪ اهڙي دنيا ڏيکاري جا گهڻن ماڻهن کان سدائين لڪل رهندي آهي. انقلابين جي دنيا- جنهن ۾ ڪيترا نوجوان سر تريءَ تي کنيو لڪي پيا گهمن. هنن نوجوانن کي پنهنجو تصور هو جنهن ۾ هنن سڀ ڪجهه قربان ڪيو هو پنهنجي جنم ڀوميءَ تان. هنن لاءِ زندگيءَ جو ڪو ملهه ڪو نه هو، نه پنهنجيءَ جو، نه ٻئي ڪنهن جيءَ جو. نه ماتا پتا، ڀيڻ ڀاءُ يا دوستيءَ جي ناتن ۾ هنن جو وشواس هو. بس هنن لاءِ هڪ ئي اُديش هو: ديس کي آزاد ڪرائڻ. ان لاءِ هو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هئا.
    ”شيام، اُهو زمانو ٻيو ۽ هيءُ زمانو ٻيو آهي. انهن ڏينهن ۾ عوام ۾ جاڳرتا ڪا نه آئي هئي. سڀ ڪو پنهنجي منهن هلندو هو. ليڪن هاڻي عوام سجاڳ آهي. هر هڪ هلچل کي هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته عوام کي پاڻ سان کڻجي. هنن جي مدد بنا ڪو به نتيجو نڪرڻ وارو نه آهي.“
    ”هن انقلابيءَ وٽ اهڙو ڪو جادو هو جو هن منهنجي من ۾ به آگ دکائي ڇڏي. ڪجهه ڪرڻ لاءِ مان اڳيئي آتو هوس. خطري ۾ ڄاڻي واڻي وڃڻ جي منهنجي ننڍي هوندي کان عادت هئي. مون منشيءَ کان ڪنهن بهاني هزار رپيا ورتا ۽ انقلابيءَ کي هٿ خرچ لاءِ پئسا ڏيئي هندستان جي بارڊر جي هن پار پهچائي آيس.“
    ”پوءِ مون کي خبر پيئي ته هو آمريڪا وڃي نڪتو. اُت هن خوب پئسو ڪمايو. هڪ آمريڪين عورت سان شادي ڪري پنج ڇهه ٻار پيدا ڪيائين ۽ ويجهڙائيءَ ۾ هو هڪ وڏو عيال ۽ وڏي جاگير ڇڏي گذاري ويو.“
    ”انقلابي ته ديس کان ٻاهر نڪري ويو، ليڪن مون تي ٻري آئي. پوليس کي سڻس ملي ويئي. مان ٻه ٽي ڏينهن ٿاڻي تي پيو هوس. منهنجي پيءُ خوب ڊڪ ڊوڙ ڪئي ۽ شايد پوليس کي به پوريون ثابتيون نه مليون، ان ڪري مان آزاد ڪيو ويس. ليڪن هزار رپين وڃڻ جو منهنجي پيءُ کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. هو منهنجي ڪند فهميءَ کي هر هر ٽوڪيندو هو جو مون هڪ اڻسڃاتل شخص کي هزار رپيا ڪڍي ڏنا هئا. اِهي ٽوڪون ڄڻ منهنجي من ۾ ٻريل باه ۾ تيل جو ڪم ڪنديون هيون.
    ”انقلابي وڃڻ کان اڳ مون کي ڪجهه پتا ڏيئي ويو هو ۽ جيئن ئي ڏينهن گذرڻ لڳا تيئن منهنجي دل ۾ ويساه پڪو ٿيندو ويو ته زندگي اُها ئي آهي جنهن ۾ ڪجهه ڪجي ٿو. باقي ٻي زندگي ته ڪتا ٻلا به جيئن ٿا. سو مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد مان پيءُ جا ڪجهه پئسا چورائي ڀڄي نڪتس ۽ وڃي پنجاب پهتس.“
    ماستر ڪجهه دير سانت ويٺو هو. پوءِ هن کلي چيو، ”مان اگر ائين نه ڪيان هان ته پڪ ئي پڪ هڪ وڏو واپاري هجان ها. هڪ ڳوٺ ته ڇا، سڄو تر منهنجي اڳيان عزت سان ڪنڌ نوائي ها ليڪن هن وقت مان ڇا آهيان؟ هڪ رواجي ماستر، جنهن کي پيٽ پالڻ لاءِ به پورو ڪو نه ٿو ملي!“ ماستر ڪجهه دير کلندو رهيو. پوءِ هن ڳنڀير ٿي چيو: ”ليڪن هن سماج جي اها ئي رسم ۽ رواج آهي- سماج جنهن ۾ پئس وارا ئي حڪمران آهن.“
    ماستر سانت ٿي ويو. شايد هو ٿڪجي پيو هو. شيام سوچي رهيو هو ته هو به ٻن ٽن ڏينهن ۾ شهر ويندو. پر ڪهڙي زندگي هوندي اُتي؟ هو اُتي ڪهڙو آزمودو پرائيندو؟
    ماستر ڄڻ ننڊ مان جاڳي چيو: ”پنجاب ۾ منهنجي نئين زندگي شروع ٿي ؛ مان انقلابي ٽوليءَ ۾ شامل ٿيس. اسان جي هڪڙي کيسي ۾ پستول هوندو هو ۽ ٻئي کيسي ۾ پنهنجي حياتي. رات ۽ ڏينهن ۾ ڪو فرق ڪو نه هوندو هو. پوليس کان بچڻ لاءِ روز جايون مٽائڻيون پونديون هيون، تنهن سان گڏ ڪپڙا ۽ آواز پڻ. ڪڏهن ڏاڙهي رکائبي هئي ته ڪڏهن پاڻ لڪائڻ لاءِ ٻيو ڪو سانگ ڪبو هو. ڪڏهن ڏينهن جا ڏينهن فاقا ڪڍڻا پوندا هئا. کيسي ۾ ڀڳڙا کڻي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ رلڻو پوندو هو. ڪيئن راتيون جهنگل ۾ گاه تي سمهڻو پوندو هو. بيمار پوڻ سان ڊاڪٽر وٽ وڃي نه سگهبو هو، ڪا پنهنجي آزمايل دوا ئي ڪم آڻبي هئي.
    ”پر هئڙي حياتي گهڻو وقت گهاري نٿي سگهجي. گهڻن لاءِ ته هڪ ئي گولي هن سرير جو خاتمو آڻي ڇڏيندي آهي ۽ اِنساني آتما به تنهن سان گڏ خاموش بڻجي ويندي آهي. باقي جيڪي بچندا آهن تن جو سرير به آهستي آهستي جهرڻ لڳندو آهي ۽ آخر نستو ٿي پئجي رهندو آهي.
    ”مان هڪڙي دفعي سخت بيمار ٿي ڳوٺ ۾ پهتس. ان ڳوٺ ۾ منهنجي هڪڙي ساٿيءَ جو ڪٽنب رهندو هو، جنهن جي اسان جي ڪم سان همدردي هئي. مون کي هنن وٽ اجهو ملي ويو.
    ”مون کي اُنوقت سخت بخار هو ۽ بخار دماغ تائين پهچي مون کي تڙپائي رهيو هو. اُن وقت فاطما، تنهنجي اَدي منهنجي پاسي ۾ ڏينهن رات ويٺي هوندي هئي ۽ منهنجي جيڪا سيوا ڪيائين تنهن جو ٿورو مان ڪڏهين لاهي نه سگهندس.
    ”شيام، اِنسان صرف وڏا ڪم ڪرڻ سان اوچو ڪو نه ٿو بڻجي، جيتري سونهن سمنڊ ۾ آهي، اوتري ئي سونهن ماڪ جي هڪ ڦڙي ۾ به آهي. نرس جڏهين مرڪي مريض اڳيان مدد جو هٿ ڊگهيڙي ٿي ته ڇا اها گهٽ سورهيائي آهي؟ ليڪن اسان جي سماج ۾ خبر نه آهي، اهڙن ڪمن کي نيچ نظر سان ڇو ٿو ڏٺو وڃي.“
    ”فاطما منهنجي سيوا ڪئي ۽ منهنجي ويجهو آئي. منهنجي دل هن جي دل جي تابش محسوس ڪئي. هڪ انقلابيءَ لاءِ اها ڳالهه روا نه آهي. ليڪن انقلابي به هڪ اِنسان آهي. ۽ اِنسان دلين جي ڏي وٺ ۾ جيڪا راحت پائي سگهي ٿو، سا ٻي ڏي وٺ ۾ نه آهي.
    ”شيام، تون اڃا ننڍو آهين. جڏهن وڏو ٿيندين تڏهن ڄاڻندين ته پيار اُها املهه شيءِ آهي، جنهن جو سنسار ۾ ثاني ڪونهي. پيار ئي اها شيءِ آهي، جنهن کي ورهائڻ سان اُها گهٽجي ڪا نه ٿي، پاڻ وڌي ٿي. جيڪو انسان پيار ڪرڻ جي قابل نه آهي، سو دنيا ۾ ڪو به سٺو ڪم ڪري نٿو سگهي.
    ”شيام، منهنجي ان بعد جي زندگيءَ بابت هينئر نه ٻڌين ته سٺو. جوانيءَ جي ڪهاڻين ۾ تابش ٿيندي آهي، جوش ٿيندو آهي، اُميدون ٿينديون آهن، پر ان بعد زمانو ايندو آهي جڏهن انسان جا جوانيءَ ۾ ٺهيل محل ۽ ماڙيون، ساز ۽ سر سڀ هڪ هڪ ٿي ٽٽڻ لڳندا آهن. سر، هڪ هڪ ٿي سانت ٿيڻ لڳندا آهن، باقي وڃي رهندي آهي هڪ ياد ۽ تڙڦ. ڪن جي زندگيءَ ۾ ته اها ياد به نه رهندي آهي. دنيا جي گوڙ شور ۾ پنهنجي دل جو آواز ٻڌي نه سگهندا آهن.
    ”هندوستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انقلابين کي ڦاسيءَ چاڙهيو ويو، انقلابي ڪنجهڻ ۽ ڪُرڪڻ بنا ن سوُريءَ تي چڙهندا ويا ۽ هڪڙو ئي منتر اُچاريندا رهيا. جيڪي بچيا هئا تن جو بدن سندن دل جي تابش نه سهي، ڳرڻ لڳو هو.
    ”ذرا سوچ شيام، ڪيڏي نه شڪتيءَ ۽ آتم وشواس سان ڀريل آهي اِنسان جي دل. دنيا جي تواريخ ان جي شاهد آهي. مها پرش ڪير آهن؟ اهي ئي اِنسان، جن جي آتما جسماني ٻنڌڻن کان نڪري چوطرف ڦهلجي وڃي ٿي ۽ انقلابين جي ڪچلڻ کي هار به ته نٿو چئي سگهجي. زماني ۾ هر طبقو پنهنجو فرض ادا ڪري نيستيءَ جي دونهين ۾ گم ٿي ٿو وڃي. پر اها انسان جي هار ته نه آهي. زنجير جي هڪ ڪڙي ٻن ڪڙين کي ملائڻ جو ذريعو آهي؛ انقلابي پڻ پنهنجو رول ادا ڪري، اُن کي ڪنهن حد تائين ڇڪي رستي جي دز ۾ گم ٿي ويا.
    ”منهنجو بدن ۽ آتما ئي ڏاڍا ٿڪل هئا، شيام! ڏاڍا ٿڪل. ڪڏهن ڪڏهن من چاهيندو هو ته ڪنهن ننڍڙي نديءَ جي ڀر ۾ گاه تي پيو هجان ۽ آسمان مان لنگهندڙ بادلن جا قافلا ڏسندو رهان. ليڪن آتما به بدن دوران ئي ٻولي ٿي. ۽ هن بدن جون ڪئين ضرورتون آهن. آخر مان فاطما کي وٺي سنڌ هليو آيس- پنهنجي پياري سنڌ جي هن مٽيءَ کي سلام ڪرڻ لاءِ، جنهن مون کي جنم ڏنو هو.“
    ماستر ڀر ۾ بيٺل هڪ ننڍي ٻوٽي ڏانهن نهاريو- اُن ۾ ننڍڙا گل هئا.
    ”هيءُ ننڍڙا ننڍڙا گل به اِنسانن جيان آهن. هو ڪيئن نه سانت ۾ اُڀرن ٿا ۽ سانت ۾ مٽيءَ ۾ ملي وڃن ٿا. پر اسان جا بي سمجهه اِنسان ڪيڏو گوڙ ڪن ٿا.... اِنسان جي ڄمڻ توڙي مرڻ وقت.“
    ماستر سانت ٿي ويو. چوطرف سانت هئي. اُن سانت ۾ پل گذرندا ٿي ويا. بنان آواز، بنان گوڙ شور ڪرڻ جي. شيام جي دل ۾ هڪ عجيب احساس اُڀري رهيو هو، پر هو اُن کي سمجهي نٿي سگهيو. سوين هزارين جيوَ هن زندگيءَ جي راهه تان گذرندا رهن ٿا، پر دل ڪڏهين اوچتو ٽپو ڏيئي ڪنهنجي قدمن ۾ پاڻ اُڇلڻ چاهيندي آهي ۽ ڪڏهين دل ڪنهن کي ڇڪي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري رهاڻيون ڪرڻ چاهيندي آهي. شيام جي به دل ٿي ته هو اُٿي ماستر جي پيرن جي پڻي کڻي پنهنجي نرڙ تي لڳائي.
    اُن وقت اوچتو ٻجهي ويل چتا ۾ ڪا لڪڙي ڀڙڪي ۽ هڪ شعاع اوچتو چوڌاري روشني ڦهلائي ڇڏي. اها روشني شيام ۽ ماستر تائين به اچي رهي هئي. شيام جيئن ماستر جي چهري ڏانهن نهاريو تيئن ڇرڪ ڀريائين. ڪجهه ڳوڙها ماستر جي اکين مان لڙي سندس ڳلن تي بيٺا هئا.
    شيام پنهنجن ڳوڙهن کي لڪائڻ لاءِ اُتان اُٿي دور وڃڻ چاهيو، ليڪن هو اُٿي وري ويهي رهيو. ”سائين!“ سندس وات مان صرف اهو هڪڙو ئي حرف نڪتو.
    ماستر ٿورو کلڻ جي ڪوشش ڪئي، ”اِنسان ٻالپڻ کان وٺي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو ايندو آهي، پر زندگيءَ جي آخر ۾ هو الائي ڇو ائين ئي سمجهندو آهي ته سندس زندگي ائين ختم ٿي ويئي. ڪو به اهڙو ڪم هو ڪري نه سگهيو هوندو آهي، جنهن کي هو سچ پچ ڪم چئي سگهي. تڏهين هو چاهيندو آهي ته اگر پاڻ ٻيو جنم وٺي ته پنهنجي زندگيءَ سڦل بڻائيندو. ليڪن مون کي پڪ آهي ته بار بار جنم وٺڻ بعد به اِنسان اُها زندگي گهاري نه سگهندو، جنهن جو هڪ هڪ پل هو سڪيار ٿو ڪري سگهي.“
    ماستر ڳوڙها اُگهيا ۽ اُٿي کڙو ٿيو. هن شيام جو هٿ پڪڙي چيو، ”شيام، تون زندگي جي راهه تي هلندو هل، پٺيان نه نهار. جيئڻ جيترو ئي سولو آهي، اوترو ئي ڏکيو پڻ آهي. هيءَ زندگي لڪ ڇپ جي راند آهي.“
    ٻنين وچ ۾ وهندڙ نالي جو پاڻي لپ لپ ڪري وهي رهيو هو. تارا ڪجهه موڳا موڳا هئا، هو ننڍو پيچرو وٺي پئي ويا جو نم جي وڻ تان ڪجهه نموريون سندن مٿان اچي پيون. نالي جي ڪنارن تي ڏيڏرن پنهنجي محفل لڳائي هئي.
    وچ رستي تي اوچتو شيام بيهي رهيو. ماستر اڳيان وڌي ويو هو سو واپس موٽي آيو. ”شيام، ڇا ٿيو؟“
    ”دل ئي نٿي ٿئي ته مان هتان هليو وڃان ۽ وڃي بستري ۾ اکيون بند ڪري سمهان. خاص ڪري جڏهن سوچيان ٿو ته ٿورن ڏينهن بعد مان هن ڳوٺ ۾ ئي نه هوندس ۽ پنهنجي ماءُ ڌرتي جي گود ۾ راند نه ڪندس. دل چوي ٿي، ”کول کول، دل جا سڀ در دريون کولي ڇڏ. ڀل ته هيءَ رات جي ٿڌي هوا اُتي چيڪليون پائي.“
    ماستر شيام جا ٻئي هٿ پڪڙي چيو: ”هن دنيا ۾ دنيا جي ماڻهن کان نرالو ٿيڻ سدائين دکدائي آهي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جا سڀ مها پرش (عظيم انسان) دک تي پليل آهن. جنهن خوشيءَ ۾ انسان مست ٿي جهونگارين ٿا، اُن خوشيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پڻ شاعر کاهوڙين ۽ جوڳي فقيرن جي پيڙا مان لنگهي ٿو. مها پرش سدائين ٻوٽن مان ڪنڊا پٽي پنهنجا جهول ڀريندا رهن ٿا، جيئن عام انسانن کي گل پٽڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.“
    ان رات جڏنهين شيام گهر موٽيو ته اڌ رات گذري چڪي هئي، پر ان بعد به شيام کي ننڊ ڪا نه آئي. هو ڪجهه سوچيندو رهيو، ڪو درد محسوس ڪندو رهيو ۽ سڄي رات جاڳيءَ دريءَ مان تارن طرف نهاريندو رهيو.


    شهر

    6

    شيام جي ڊائري مان ڪجهه ورق.....

    ”اڄ ساوتري وري اسان وٽ آئي آهي. مان کيس اسٽيشن تي وٺڻ ويس. هڪ ننڍڙو ٻار سندس گود ۾ هو. هن ننڍي ٻار کي مون گود ۾ کڻي خوب کيلايو، ڪڏايو. هو وات ڦاڙي کلڻ لڳو. سندس اکيون بلڪل ساوتريءَ جهڙيون آهن، پر سندس چپ، ڳل، نرڙ ساوتريءَ تي نه آهن.
    ”ساوتريءَ کي الائي ڇا ٿي ويو آهي؟ مون ڪيرو کيس کلائڻ ۽ ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ ڳنڀير جي گنڀير. ڪڏهين ڪڏهين هڪڙو کن پل هوءَ مرڪندي به آهي پر اُها مرڪ ايتري ته مختصر ۽ عجيب هوندي آهي جو اُها ڏسي مون کي خوشي نه، پر ڏک ٿيندو آهي.
    ”ڀيڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ مان باغ مان ڪچا انب پٽي آيس، پر ڀيڻ ڪا به خوشي ڪا نه ڏيکاري. هن جي من تان ٻالپڻ جون سڀ يادگيريون ڄڻ مٽجي ويون آهن. سال ٻن ۾ ڄڻ هوءَ ٻُڍي ٿي ويئي آهي. منهن جو رنگ پيلو پيلو، اکيون اندر پيل، بدن ڍلو ڍلو. منهنجي ڀيڻ، تو کي ڇا ٿيو؟
    ”چون ٿا، ساوتريءَ جي گهوٽ کي سلهه آهي ۽ سندس سس ڏاڍي تکي آهي. پر اُن ۾ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڀيڻ؟ تون ڇو ٿي سانجهيءَ جي گل جيان مرجهائجي وڃين؟ پر بابا، امان تنهنجي ڪنهن به طرح مدد ڪري نٿا سگهن. هو بيوس آهن. هو سمجهن ٿا تنهنجو نصيب ئي اهڙو هو.
    ”اڄ مون ڄاتو ته انسان جي عمر سندس جنم جي تاريخ سان گهڻو تعلق ڪو نه ٿي رکي. ڪي ٻڍا به جوان آهن ۽ ڪي جوان به ٻڍا.
    ”مون ساوتريءَ سان ڪيتريون ڳالهيون ڪرڻ چاهيون. مون کيس ڳوٺ جون سڀ خبرون ٻڌائڻ چاهيون، ڪتابن ۾ پڙهيل ڪهاڻيون ٻڌائڻ چاهيون، پر مان کيس اڳي جيان مگن بڻائي نه سگهيس. هوءَ ڪيترو وقت سانت ۾ مون ڏانهن نهاريندي رهي. پوءِ چيائين ڀائڙا، تون اهڙو جو اهڙو! مون کي اُميد هئي تون وڌي وڏو ٿيو هوندين ۽ دنيا جي ڳالهين کي سمجهڻ لڳو هوندين، پر تون ٻار جو ٻار!
    ”مون چيو: مان ته ٿيس ٻار، پر ڇا سڀ زالون شاديءَ بعد تو جيان گنڀير بڻجي پونديون آهن؟
    ساوتريءَ غصي ۾ چيو: ”تون ڪهڙيون نه بيهوديون ڳالهيون ڪري رهيو آهين!“
    ”مون کي اعتبار نه آيو ۽ مان اکيون ڦاڙي هن ڏانهن نهاريندو رهيس.
    ”ساوتريءَ ٻار کي گود ۾ کنيو ۽ ننڍيءَ ڏاڪڻ رستي هيٺ هلي ويئي.“ مان سوچڻ لڳس: ” ڇا هيءَ منهنجي ساڳي ڀيڻ آهي؟“
    ”ريل سيٽي وڄائي ۽ ٽرين ڌيري ڌيري پلئٽفارم کان ٻاهر نڪرڻ لڳي. مون آخرين دفعو نيڻ مٿي ڪري ڳوٺ طرف نهاريو. ڳوٺ جون ڪچيون ڀتيون پراڻن وڏن وڻن پٺيان لڪل هيون، ڪڏهين ڪن وڻن جي وٿين منجهان اُنهن درشن ڏنو ٿي ۽ وري هلندڙ ٽرين مان انهن جو درشن گم ٿي ٿئي ويو.“
    ”ٽرين تڪڙو هلڻ لڳي، ڳوٺ پٺيان رهجي ويو، منهنجي دل ڀرجي آئي. مون زوريءَ لڙڪن کي روڪيو.
    ”هيءَ ڳاڙهي ڀوري رنگ جي زمين، جنهن تي ڪٿي ڪٿي ٻوٽا بيٺا هئا، پري پري تائين ٻنيون هيون ۽ ڪن هنڌ ساوا باغ ائين بيٺا هئا ڄڻ ميلي تي ماڻهن جو ميڙاڪو بيٺو آهي- هن ڌرتيءَ مون کي سيني سان پاليو آهي، مون کي پالي وڏو ڪيو آهي، ۽ اڄ مان وڃي رهيو آهيان دور. دنيا ۾ مان ڪٿي ۽ ڪهڙو گهر ٺاهيندس سان پروڙ نه اٿم!“
    ”هيءَ ڳاڙهي ڀوري رنگ جي زمين، جنهن تي ڪٿي ڪٿي ٻوٽا بيٺا هئا، پري پري تائين ٻنيون هيون ۽ ڪن هنڌ ساوا باغ ائين بيٺا هئا ڄڻ ميلي تي ماڻهن جو ميڙاڪو بيٺو آهي. هن ڌرتيءَ مون کي سيني سان پاليو آهي، مون کي پالي وڏو ڪيو آهي، ۽ اڄ مان وڃي رهيو آهيان دور. دنيا ۾ مان ڪٿي ۽ ڪهڙو گهر ٺاهيندس سا پروڙ نه اٿم!“
    ”منهنجو من خالي خالي پيو لڳي. دل جي حالت اُن مڇيءَ جيان آهي، جا تانگهي مان گهري پاڻيءَ ۾ آئي هجي. مون ڪو ڪتاب ڪڍي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ ناول ڪڍيم، پر وري رکي ڇڏيم. ان بعد شعرن جو ڪتاب ڪڍيم، پر اُن ۾ به من نه لڳو ۽ پوءِ مون شاه جو رسالو ڪڍيو. سوچيم، شاه سدائين دل کي ڀاڪڙي پائي آٿت ڏيندو آهي. دک ۾ هوندو آهيان ته به شاه کوليندو آهيان. خوشي هوندي آهي تڏهين پڻ شاه جي ويجهو ويهڻ تي دل ٿيندي آهي. پر اڄ شاه جا ڪجهه بيت پڙهي وري رسالو رکي ڇڏيم. پٺيان ڊوڙندڙ پيلي زمين مون کي سڏي رهي هئي. هوءَ سانت هئي سچي پريتما جيان. پر سندس اکيون، ڪن، نڪ، هر هڪ عضوو ڪجهه نه ڪجهه چئي رهيو هو. پنهنجي خاموشي ٻوليءَ ۾ هوءَ ڪئين ڪهاڻيون، ڪئين راڳ ٻڌائي رهي هئي. مان دريءَ تي ٺونٺيون رکيون ۽ کاڏيءَ کي ٽرين جو سهارو ڏيئي ٻاهر نهارڻ لڳس.“
    ”مٽيءَ مان اُڀريل سائي گاه جي ننڍي سلي کي به ڪيڏي نه وڏي ڪهاڻي آهي. اسين روز هن کي پيرن هيٺان لتاڙيون ٿا، پر اُهو مري روز نئون جنم وٺي ٿو. او مٽيءَ جا دڙا! ڪنهن وقت سسئي شايد پيرين اُگهاڙي تنهنجي ئي سهاري اڳتي وڌي هئي. تنهن وقت تو بيدل انسان جيان پنهنجن ڦوڙهن کي ڪو نه لڪايو هو ۽ نه ئي پنهنجي تتل هنئين کي ٿڌو ڪري سسئيءَ کي آرام ڏنو. پر مان ڪيئن مڃان ته تو سسئيءَ کي پيار ڪو نه ڪيو. تون ته امڙ جيان پنهنجي هر اولاد کي ڀائيندو ۽ پيار ڪندو آهين.“
    ”ريل تمام تڪڙي وڃي رهي هئي. هوءَ شايد شراب پي آئي آهي. پاڳل استريءَ جيان دين دنيا جا ناتا توڙي پنهنجي پريتم ڏانهن ڀڄندي پئي وڃي. پر منهنجي دل هر جي گهوٻي جيان آهي، منهنجي دل جي ڇهاءُ سان ڌرتي پنهنجو هنيانءُ کولي ٿي ۽ منهنجي دل ۾ ڪتڪتائي ٿئي ٿي.“
    ”مان اڄ اهو سڀ ڇو ياد ڪري رهيو آهيان. منهنجو ماضي ريل جي ٻنهي طرف پکڙيل زمين ۾ پوريو پيو آهي. آڪاس ۾ ٽڙيل پکڙيل ننڍڙا بادل پڻ منهنجي ئي ماضيءَ جي ٻج جي ڳولها ۾ آهن.“
    ”ڪڏهن ڪڏهن کجيءَ جا وڻ اچن ٿا- جهڳٽن جا جهڳٽا. اُهي ڊگهين ڪارين ڇوڪرين جيان اُڀا آهن، جن پنهنجن ڪنن وٽ چوٽين ۾ پيليون ربينون ٻڌيون آهن. پيلا کارڪن جا جهڳٽا ربينن جي گلن جيان پيا لڳن.“
    ”ڪڏهن وري باغ اچن ٿا. باغن جي وڻن ۾ ڪچا ۽ پڪا انب لٽڪي رهيا آهن. ڪن ساون انبن تي پيلا نشان آهن. اهي ڏاڍا سهڻا لڳي رهيا آهن. ڪنهن ڪنهن وڻ ۾ انب ايترا ته گهڻا آهن. جو وڻ اُميدوار عورت جيان ڳؤرا پيا لڳن.“
    ”ڪٿي ڪٿي خالي ميدان پکڙيل آهن، خالي ڪاپين جيان جي آئيندي جي شاعري کي سڏ پيا ڪن ته اچي اُن تي گيت لک.“
    ”اڄ منهنجي زندگيءَ ۾ موڙ آيو آهي. مان شايد بدلجندس. جيڪا زندگي ڪنهن وقت مون سان هئي، سا هاڻ ماضيءَ جو هڪ انگ بڻجي چڪي آهي ۽ شايد اهڙو به وقت ايندو جڏهن منهنجي اُها ٻالپڻ هڪ رانديڪي جيان شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيل هوندي.“
    ”هڪ وڏو بنگلو، بنگلي جي چوڌاري باغ، باغ ۾ قسمين قسمين گل، گلن ۾ ننڍڙا سنهڙا ٻج. هوا ۾ وڻن جو لڏڻ، سان سان ڪري وري چپ ٿي وڃڻ. ڪڏهن گيت ڳائڻ، ڪڏهين روئڻ يا کلڻ. بنگلي جي مٿين ماڙ تي ڏائي پاسي هڪ ڪمرو ٻن طرفن کان کليل مون کي مليو آهي.“
    ”ڪراچيءَ ۽ خدا بخش جي ڳوٺ ۾ ڪيڏو نه فرق آهي. ڳوٺ ڌڌڙيل پيچري جيان هو ۽ هيءُ ڏامر جو شاهي رستو آهي. ڳوٺن ۾ سڀيتائون سمهيون پيون آهن، بيمار ۽ سست اِنسان جيان. شهر چست اِنسان جيان آهن. پر اُهي اِنسان مشين جيان آهن، جن جي اندر دل ڪو نه آهي. هڪ ئي ملڪ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪيترو نه فرق آهي! جيستائين ڳوٺن ۽ شهرن جو هيءُ ويڇو دوُر نه ٿيو آهي، تيستائين ملڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهندو.“
    ”بابا پنهنجي دوست ڏانهن هڪ خط لکيو هو. ٽرين ۾ جڏهين مون پيتيءَ مان هڪ ڪتاب ٿي ڪڍيو ته اهو خط هيٺ ڪري پيو. خط هٿ ۾ کڻڻ سان مان ان کي پڙهڻ جي ڇڪ کي دٻائي نه سگهيس. ان ۾ گهڻيون ئي ڳالهيون لکيل هيون، پر هڪ ڳالهه منهنجي من تي اڃا به تازي آهي.“
    ”بابا لکيو هو:......... ۽ ٻي ڳالهه ته شيام ڪجهه شاعراڻي ۽ لڄاري سڀاءَ جو آهي. سندس شعر پڙهي هيڊ ماستر چيو هو ته شيام ۾ سٺي شاعر بڻجڻ جون خصلتون آهن.“
    ”مان ته ٿيس هڪ ڳوٺاڻو، پر تون سنڌ جي مڃيل مدبرن مان هڪ آهين. تون ادب جي ڪٿ به ڪري سگهين ٿو، ۽ پڪ اَٿم ته شيام کي تو کان بهتر رهنما ملڻ مشڪل آهي. پر منهنجو اهو رايو آهي ته اِنسان کي شاعريءَ ۽ ٻين اهڙن شغلن ۾ صرف اُهو وقت ڏيڻ گهرجي جيڪو هو واندو هجي جيئن اِنسان وڌي لائق ٿئي تيئن کيس دُنيوي معاملا سنڀالڻ گهرجن. هن زماني ۾ پئسو ئي زندگيءَ جو آڌار ۽ کاڄ آهي.“
    ”مان اهو ٽڪرو پڙهي ڪيترو وقت ٽرين ۾ سوچيندو رهيس، الائي ڇو مون کي دُنيوي هوشياريءَ کان نفرت آهي. اُن مان خود مطلبيءَ جي بوءِ ايندي آهي ۽ مان سوچيندو آهيان ته خود مطلبيءَ جهڙي ٻي بيماري ڪانهي.“
    ”ماستر نور الله هڪ دفعي هڪ انگريزي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو هوم. ڪتاب جو نالو هو، ‘Ariel’ شيليءَ جي جيون ڪهاڻي هئي. جڏهن شيلي جوان هو ته ڪاليج جا ڇوڪرا سندس ڇوڪرين جهڙي روش ۽ شاعراڻو سڀاءُ ڏسي کيس تنگ ڪندا هئا. هو اڪيلو اڪيلو نديءَ جي ڪناري گهمندو هو ۽ ڪڏهن سندس دل ڏک ۾ ڀرجي ويندي هئي. هو روئندو ۽ ڳائڻ لڳندو هو...“
    ”مان واعدو ٿو ڪريان ته پنهنجي طاقت آهر مان سچار ۽ آزاد بڻبس. مان وچن ٿو ڪريان ته مان ڪڏهن به ظالمن، خود مطلبين ۽ طاقت وارن جو طرف نه وٺندس. مان وچن ٿو ڪريان ته پنهنجي سڄي زندگي سونهن جي سيوا ۽ خدمت ڪندس.“
    مان جڏهن وڪٽوريا ۾ سامان سان گڏ هن جي بنگلي تي پهتس ته بابا جو دوست گوبندرام گهر ۾ ڪو نه هو. مان دروازي وٽ نوڪر جي سامهون ٻڏتر ۾ بيٺو هوس جو هڪ زال اڳتي وڌي آئي. مون کي ڏسي چيائين: ”اڙي، شيام آهين. اندر اچ، هت دروازي تي ڇو بيٺو آهين؟“
    مان سنان پاڻي ڪري هيٺ لٿس ته نوڪر ٽيبل تي منهنجو کاڌو رکيو. ڀاڀي (گوبند رام جي زال) منهنجي سامهون ٿي ويٺي ۽ حال احوال وٺڻ لڳي. ان وقت هڪ ڇوڪري وڄ جيان ڪمري اندر گهڙي. مون کي ڏسي ڪجهه هٽڪي، پر پوءِ بي پرواهيءَ سان چيائين: ”مميءَ مان ڪلب ۾ ٿي وڃان.“
    ڀاڀيءَ مون ڏانهن اشارو ڪري چيو: ”هيءَ اٿيئي شيام جنهن بابت پڻهين رات ڳالهه ڪڍي هئي.“
    ڇوڪريءَ ٻه هٿ مٿي ڪري نمسڪار ڪيو، پر اهو نمسڪار مون کي نه هو، هوءَ ڄڻ هوا ۾ ڪنهن کي نمسڪار ڪري رهي هئي. پوءِ هوءَ جيئن وڄ جيان ڪمري ۾ آئي هئي، تيئن وڄ جيان ڪمري مان نڪري ويئي. مونڏي هن نهاريو به ڪو نه.
    رات جو دادا گوبند رام سان ڪلاڪ ڏيڍ ڳالهيون ٿيون. کاڌيءَ جا کير مثل ڌوتل ڪپڙا، مٿي تي اڇا ڇمڪندڙ وار، رت ۽ تندرستيءَ ڪنان لال منهن ۽ تازو توانو بدن، هو ديوتا جيان لڳي رهيو هو. ڳالهائڻ جو ڏاڍو مٺو، هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيئي ڳالهائي رهيو هو.
    بابا ڳوٺ ۾ اڪثر هن پراڻي ۽ جگري دوست بابت ڳالهائيندو هو. جنهن مشهوريءَ کي گوبند رام رسيو هو، اُها ڏسي بابا گوبندرام کي پنهنجو دوست سڏڻ ۾ فخر وٺندو هو. وٽس تر جا جيڪي به وڏا ماڻهو ايندا هئا تن سان اِن دوستيءَ جو ذڪر ڪندو هو.
    بابا ۽ گوبند رام ساڳئي ڳوٺ ۾ ساڳئي مڪتب ۾ گڏ پڙهيا هئا. ٻئي پڙهڻ جا ڪچا هئا اِن ڪري ٻنهي گڏ مُلي جون مارون کاڌيون هيون. بابا فائينل پاس ڪري وڃي ڌنڌي کي لڳو. گوبند رام جيئن تيئن مئٽرڪ تائين پهتو، پر ٻه دفعا ڪاه ڪرڻ بعد به هو مئٽرڪ جي امتحان کي جيتي، سرٽيفڪيٽ کي پنهنجي وني بڻائي نه سگهيو. آخر وڃي ڪنهن سرڪاري نوڪريءَ کي لڳو.
    جڏهن مهاتما گانڌي ڊانڊي مارچ تي نڪتو ۽ ستيا گره شروع ڪيائين تڏهن گوبند رام ستر روپئي پگهار تي سرڪاري نوڪر هو. سال ڏيڍ اڳ شادي ڪئي هئائين ۽ هڪ ڌيءُ هئس. هڪ ڏينهن اوچتو هو کاڌيءَ جا ڪپڙا وٺي آيو. زال کي مڃائي پيڪي روانو ڪيائين ۽ پاڻ ‘انقلاب زنده باد‘ جا نعرا هڻي ميدان ۾ ٽپي پيو.
    گوبند رام لاءِ جيل وڃڻ فائدي وارو ثابت ٿيو. اُتي هن سنڌ جي سڀني ليڊرن سان دوستي ڳنڍي ۽ بعد ۾ اِن دوستيءَ هن لاءِ ڏاڪڻ جو ڪم ڏنو، جنهن تان هو چڙهي چوٽيءَ تي وڃي پهتو. جيل مان آزاد ٿيڻ بعد هن ساهرن کان هزار رپيا اُڌارا وٺي ڌنڌو شروع ڪيو. قومي اڳواڻن جي آز مودي کيس چالاڪ بڻائي ڇڏيو هو ۽ هو واپار ۾ ڏاڍو ڪامياب ويو. هو هڪ طرف ڪانگريس کي راضي ڪندو آيو ۽ ٻئي طرف سرڪاري عملدارن کي. هن اُنهن ٻنهي وچ ۾ اهڙو ته ميزان رکيو جو هڪ طرف کيس ديش شيوڪ جا لقب ملڻ لڳا. ٻئي طرف سندس دڪان ڀرجڻ لڳا. هن ننڍو دڪان ڇڏي وڏو دڪان مسواڙ تي ڪيو. ريزڪي ڪم ڇڏي مال ولائت مان گهرائڻ لڳو ۽ ٻڌو واپار ڪرڻ لڳو. پهرين هڪ گدام هوس جن مان وڌي ٽي ٿيا. ايڪسٽينشن تي بنگلو ٺهرايائين. ڪار ورتائين ۽ ڪيترن وڏن ليڊرن جي ميزبان بڻجڻ ڪري سندس نالو سنڌ کان به ٻاهر مشهور ٿي ويو.
    هي سڀ ڳالهيون مان بابا جي واتان ڪئين دفعا ٻڌي چڪو هوس.بابا آخر ۾ ٿڌو ساه کڻي چوندو هو، ”ويچاري کي هڪ ئي ڪمي آهي ته پٽ ڪو نه اٿس، صرف هڪ ڌيءُ اٿس.“
    جڏهن مون گوبند رام سان ڳالهايو پئي ته هي سڀ ڳالهيون منهنجي من ۾ تازيون ٿي ويون. گوبند رام مون کان ڳوٺ ۽ بابا بابت ڪيترا سوال پڇيا ۽ منهنجي جواب بعد هن ڪنڌ لوڏي چيو ٿي: ”هائو، خبر اٿم.“
    اُن بعد هن مون بابت ڪجهه سوال پڇيا ۽ جواب پائي ڪجهه سوچيندو رهيو. سندس خاموشي، ۽ بنا تاثرات جي چهري کي ڏسي مون کي ويچار آيو ته مون کي به ڪي سوال پڇڻ کپن. مون سندس قومي ڪمن بابت هن کان ڪي سوال پڇيا. هن جي مک تي روشني اچي ويئي ۽ سندس اکيون چمڪڻ لڳيون. هو اُنهن سڀني ليڊرن جي لسٽ ٻڌائي ويو، جن سندس اڱڻ تي پير پاتو هو. اُن بعد هن اُنهن سڀني ڪمپنين جا نالا ٻڌايا جن ۾ سندس شيئر هئا. جڏهن مان اُٿيس ته هن منهنجي پٺي ٺپري چيو، ”شيام، تو سان ملي خوشي ٿي، تنهنجو سڀاءُ به وڻيم. هن گهر کي پنهنجو گهر ڪري سمجهه. حجاب نه ڪج. ۽ ها، پنهنجا ڪي چونڊ شعر ته ڪاپيءَ تي اُتاري مون کي ڏج.“


    7

    مون کي ائين پيو لڳي ته مان بدلجي رهيو آهيان. منهنجي اندر ۾ ڪا تبديلي اچي رهي آهي. هن تبديليءَ لاءِ مون ڪا به ڪوشش ڪا نه ڪئي آهي، ليڪن جيئن آبهوا ٻوٽي جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻيندي آهي، تيئن انسان به شايد پنهنجي وايو منڊل جي آڌر آهي.
    ڪراچيءَ ۾ پهريان هفتا مون ڏاڍي مزي ۾ گذاريا. پنهنجي ڪمري جي دريءَ وٽ ويٺو مان ڳوٺ بابت سوچيندو رهندو هوس. سهڻي ۽ ماستر ٻه جيوَ هئا جي هر هر مون وٽ ايندا هئا. مان هيٺ باغ ڏانهن نهاريندو هوس. نوڪر چانهه جي ٽري، ڪجهه بسڪيٽ ۽ پيسٽريون وغيره رکي ويندو هو. مان چانهه پيئندي شعر لکندو هوس.
    ٻن ٽن هفتن ۾ مون ڪيترا شعر لکيا. ۽ مان تمام خوش آهيان مون کي ائين پيو لڳي ته مون اڳيان هڪ وسيع دنيا کليل آهي. مان هڪ آزاد پکيءَ جيان هن دنيا ۾ خوب اُڏامندس، پنهنجي مرضيءَ مطابق خوب مٿي ويندس ۽ جڏهين ٿڪجي پوندس ته هيٺ لهي ايندس.
    ڳوٺ مان ماستر نور الله جا هڪ ٻه خط آيا آهن، پر هو ڳوٺ جو احوال تمام ٿورو ڏيندو آهي. اڪثر اها ئي صلاح ڏيندو آهي ته مان پنهنجي آئينده ٺاهڻ لاءِ محنت ڪندو رهان. ڳوٺ جو احوال هو ان ڪري به نه ڏيندو آهي جو شايد سمجهندو آهي ته متان اُهو منهنجي دل ۾ ڏک پيدا ڪري.
    سهڻيءَ منهنجي دل کي جيڪو زخم رسايو هو، سو ڌيري ڌيري مٽجي رهيو آهي . منهنجي دل محسوس ڪرڻ لڳي ته هن دنيا ۾ صرف ڏک نه آهي، سک جون گهڙيون به آهن. خاص ڪري جڏهن اسان کي پنهنجي آئيندي ۾ سوين اُميدون آهن، تڏهن ته هو مور جيان خوش ٿي نچڻ لڳندو آهي. مون کي ائين پيو لڳي ته مان دنيا ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهندس.
    دادا جي چوڻ موجب مون پنهنجي شعرن مان انتخاب ڪري هڪ ڪاپي ڀري هن کي ڏني. سندس چوڻ آهي ته ڪتاب مهيني ڏيڍ اندر شايع ٿي ويندو.
    مون کي ائين پيو لڳي ته هڪ نهر آهي، جنهن ۾ مان سنان ڪرڻ آيو آهيان ۽ مان پاڻيءَ ۾ چڱو اونهو هليو ويو آهيان. هن نهر جو تيز وهڪرو مون کي گهليندو ٿو وڃي. مان وهڪري سان لڙڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، ليڪن نهر جو پاڻي ڏاڍو وڻندڙ آهي. ڪجهه دير جي ڪوشش بعد مان پنهنجن عضون کي ڇڏي ٿو ڏيان-ڀل وٺي هلي جيڏانهن هن وهڪري کي وٺي هلڻو آهي.
    اڄ آر توار (آچر) آهي. ڀاڀيءَ ڳالهه ڪئي ته جنهن آرتوار تي دادا کي ڪنهن ميٽنگ وغيره ۾ شامل ٿيڻو نه هوندو آهي ته پاڻ پڪنڪ تي ويندا آهن. اڄ صبح ساڻ اسين ڪار ۾ چڙهي ملير وياسين.
    ملير ۾ هڪ باغ ۾ گاه تي فراس وڇائي اُن تي اسان پنهنجو آشيانو بڻايو. ڪجهه دير بعد گوبند رام چيو: ”شيام، ڪوشي ڌيءَ، توهين وڃي گهمي ڦري اچو ته اسين کاڌي وغيره جو بندوبست ڪريون ٿا.“
    کاڌي ٺاهڻ لاءِ نوڪر ساڻ هو، ان ڪري دادا جو هيءُ جملو معنيٰ کان خالي نه هو. هن کان اڳ به دادا اسان جي اڪيلائيءَ ۾ گڏجڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي. شايد ان ڪري ئي اسين ڪار ۾ گڏ ڪاليج موڪليا ويندا آهيون. پر گهڻو ڪري سدائين ڪوشليا جون ڪي ساهيڙيون ساڻ هونديون آهن ۽ هوءَ پنهنجي ساهيڙين سان ڳالهائڻ ۾ پوري هوندي آهي. ڪوشليا اهڙي الڙ نه آهي جو هن جملي جو مطلب سمجهي نه سگهي. اسان هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو.
    اسين ڪيترو وقت سانت ۾ هلندا رهياسين. سڄو وقت مان پاسي ۾ ڪنهن اجنبي جيو جي موجودگي محسوس ڪري رهيو هوس. ڪنهن زماني ۾ مون سهڻيءَ سان ڪئين ڪلاڪ گڏ گهاريا هئا. ليڪن ڪڏهن به من ۾ هچڪ ڪا نه آئي هئي. ليڪن اڄ سوچڻ سان به لفظ چپن تي اچڻ کان نابري واري ويٺا هئا.
    اوچتو ڪوشليا چيو، ”ڪيڏانهن هلون؟“
    مون هن ڏانهن نهاريو. اسان جون اکيون مليون. کن پل لاءِ مان پنهنجي نگاه هٽائي ڪو نه سگهيس. ڪوشليا جون اکيون تمام وڏيون آهن ۽ ڪجل پائڻ ڪري اُهي تمام سهڻيون لڳنديون آهن. اُن وقت ڀرسان هڪ اُٺ وارو لنگهيو ۽ ڪنهن گراهڪ پائڻ جي اُميد ۾ اسان ڏانهن نهاريائين. مون چيو، ”ڪوشي، اُٺ تي چڙهندينءَ؟“
    ڪوشيءَ کن پل لاءِ يڪ ٽڪ مون ڏانهن نهاريو. پوءِ ننڍڙو ٽهڪ ڏنائين. مون کي ڪوشيءَ جو اهو ٽهڪ وڻيو.
    منهنجي هٿ جو آسرو وٺي ڪوشي اُٺ تي اڳيان ويٺي ۽ مان پٺيان. اُٺ ڊوڙڻ لڳو ته جهوٻا اچڻ لڳا. ڪوشليا کلڻ لڳي. ”شيام، امان چوندي آهي ته اڳي نؤورنيون اُٺن تي چڙهي ساهري وينديون هيون. ويچارين جو ڪهڙو حال ٿيندو هوندو. مون کي ته پيٽ ۾ سور ٿو پوي.“
    مون چيو، ”تون پراڻي زماني جي نوَورني ڪا نه آهين، ڪوشليا. اڳي ڪنواريون منهن ڍڪينديون هيون ۽ ڪجهه به ڏسي نه سگهنديون هيون، اُٺ کي به نه. هوُ سامان جي ڳوڻين جيان اُٺن تي سٿيون وينديون هيون.“
    ڪوشليا معنيٰ ڀريل نگاهن سان مون ڏانهن نهاريو ۽ اسان جون اکيون وري مليون.
    مون چيو، ”ليڪن اُن وقت جيڪا ڪتڪتائي سندن دل ۾ ٿيندي هئي، ڇا اُن جو تون هلڪو ڇهاءُ به محسوس ڪري سگهين ٿي؟“
    ڪوشليا ترڇي نگاهن سان مون ڏانهن نهاريو ۽ منهن ڦيري ڇڏيائين.
    اُٺ شهر کان ٻاهر واري رستي تان هلڻ لڳو. ٻنهي پاسن کان ٻنيون هيون. منهنجي دل خوشيءَ ۾ نه سمائي. مون چيو، ”اڄ گهڻن ڏينهن کانپوءِ شهر کان ٻاهر قدم رکيو اٿم. هنن کليل ميدانن کي ڏسي منهنجي دل گل جيان ٽڙي پوندي آهي.“
    اسان اُٺ واري کي اُتي ڇڏيو ۽ هڪ باغ ۾ کوهه جي ڀر ۾ وڃي ويٺاسين. مون اڄ ڪوشليا کي چڱيءَ طرح ڏٺو. مضبوط ۽ سڊول بدن، گول ڪلها، عمر آهر وڏي ڇاتي، ڊگهن وارن جون ٻه وڏيون چوٽيون. ڪوشليا رنگ جي بلڪل گوري ڪا نه هئي پر سندس بدن جي بيهڪ تمام سڊؤل هئي. عام ڇوڪرين کان ڪجهه وڌيڪ ٿلهي، پر اها ٿولهه خراب ڪا نه ٿي لڳي؛ سندس بدن تندرست ٿي لڳو.
    اڄ پهريون دفعو اسان دل کولي ڳالهيون ڪيون ۽ جڏهن ڪلاڪ ڏيڍ بعد باغ ۾ واپس موٽياسين ۽ اسان جي ڳالهين ۾ ڪجهه پنهنجائي اچي ويئي هئي. ڪوشيءَ جو ڀر ۾ رهڻ منهنجي من ۾ هڪ خوشي ۽ تڙپ پيدا ڪر رهيو هو.
    هن گهر ۾ ٽي جيوَ آهن، پر ٽنهي جو سڀاءُ هڪ ٻئي کان نرالو آهي. گهر ۾ ٽي چار نوڪر آهن ۽ سڄي گهر جو ڪاروبار هوُ ئي هلائيندا آهن. دادا گوبند رام گهر جي سڀ خبر چار رکندو آهي، پر سندس من دوڪان تي ڌنڌي ۾ ۽ راڄنيتي ڪمن ڪارين ۾ هوندو آهي. هوُ رات جو گهر ۾ اچي آرام ڪندو آهي ۽ آرتوار جا ٻه چار ڪلاڪ گهر ۾ گهاريندو آهي. ڀاڀي مون کي ڏاڍي وڻندي آهي. شايد پنهنجو پٽ نه هئڻ جي حالت ۾ هوءَ پنهنجو سڄو پيار مون تي ئي اوتيندي آهي. سندس پيڪا وڏا زميندار آهن ۽ سندس دل به کيتن جيان وشال آهي. هوءَ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي قائل آهي. سندس وس پڄي ته گهر جي اولهه واري وايو منڊل کي ڦيري ڳوٺاڻو رنگ ڏئي، پر گهر ۾ سندس وس نه هلندو آهي. گوبند رام ٻاهرئين ٺاٺ کي وڏو وزن ڏيندو آهي ۽ ڪوشليا ته نئين رنگ ڍنگ ۾ پليل آهي. ڀاڀي گهر جي نوڪرن کي نوڪر ڪري نه سمجهندي آهي، پر جڏهن هوءَ گهر جي ڀاتين جي سک ۾ ڪا ڪمي محسوس ڪندي آهي ته نوڪر تي ڏاڍو ڪاوڙبي آهي.
    ڪوشليا! الائي ڇو، مان هن کي سمجهي نه سگهيو آهيان. هوءَ اُن وايو منڊل ۾ پلي آهي جنهن کي مان نه سڃاڻان، ان ڪري مون لاءِ هوءَ نئين دور جو ڪو جيو پيئي پاسي. هوءَ مون کان ننڍي آهي، پر مون سان گڏ ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهندي آهي. شايد مون کان وڌيڪ چالاڪ ۽ چتر به آهي. پهرين مان ائين سمجهندو هوس ته هوءَ مغرور آهي ۽ مون کي هڪ ڳوٺاڻو سمجهي مون کان منهن ئي موڙي، پر ائين نه آهي. شايد دنيا ۾ ڪي عورتون ڄايون ئي راڄ ڪرڻ لاءِ آهن. هوُ چاهينديون آهن ته سڀ سندن اڳيان سجدو ڪن. ڪوشليا مون کي ڪشش ڪرڻ لڳي آهي، ليڪن سندس ساهيڙيون مون کي ڏٺيون نه وڻنديون آهن. هوُ ڄڻ ٽان ٽان ڪندڙ پکي آهن، جي سڄو ڏينهن پيون زبان هلائين. هوُ گهر ۾ اينديون آهن ته سڄو گهر مٿي کڻي ڏينديون آهن. هڪڙو منٽ سانت ڪري ويهي ڪو نه سگهنديون ؛ ۽ سڄو وقت پنهنجي هار سينگار جو ئي اونو اٿن. هر هر پرس مان آرسي ڪڍي پاڻ کي جاچينديون ۽ پائوڊر سان پاڻ کي ٿڦڻ جو ڪم شروع ڪنديون. سندن زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ڪانهي، ڪو اُديش ڪونهي. هوُ Society Girls آهن، جي زندگيءَ ۾ صرف ناز نخري ۽ ڳالهين دوران ٻين جي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ سکيون آهن.
    شام جو هڪ ماستر ڪوشليا کي ڊانس سيکارڻ ايندو آهي. ان بعد هوءَ رئڪيٽ کڻي ڪلب ۾ ٽينس کيڏڻ ويندي آهي. گوبند رام مون کي به ڪلب جو ميمبر بڻجڻ لاءِ چيو، پر مون انڪار ڪيو.
    مان ڪڏهن ڪڏهن ڪوشليا جي ڦڙتيءَ ۽ خوش مزاجيءَ تي حسد ڪندو آهيان. گهر ۾ جيڪڏهن نوڪر ڊڄندا آهن ته هن کان ئي. هوءَ ئي ڄڻ بنگلي جي حاڪم آهي.


    8

    مان پاڻ ۾ هڪ تبديلي پيو محسوس ڪريان. ڇا اها سڀاويڪ آهي يا هن گهر جي وايو منڊل ڪري آئي آهي؟ ڪوشليا ۽ مان هڪ ٻئي جي ويجهو اچي رهيا آهيون. اڳي هوءَ مون ڏي ائين نهاريندي هئي ڄڻ مان ڪنهن دورديش جو رهواسي هوس. پر هاڻي اسين هڪ ٻئي جي سامهون ايندي ئي مرڪي ڏيندا آهيون.
    اڳي اسين پاڻ ۾ ڳالهائيندا هئاسين ته فقط ڪاليج جي شين بابت، پر هاڻي شخصي سوال جواب به ٿيندا آهن. جڏهن مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو پاسي واري ڪمري مان گنگهرن جي جهنڪار ٻڌندو آهيان ته منهنجا خيال به ٽٽل ڦٽل سُرن جيان ٽڙي پکڙي ويندا آهن. هڪڙا ٻه نچندڙ پير نچندا منهنجي سامهون ايندا آهن ۽ هاڻي جڏهن به ڪوشليا منهنجي ڀر ۾ ويٺي هوندي آهي ته ٻه نچندڙ پير جهن جهن ڪندا منهنجي چوڌاري ڦرڻ لڳندا آهن.
    مون ڪٿي پڙهيو آهي ته عورت جو سڊول ۽ سٻل سرير سدائين مرد لاءِ ڪشش جو باعث بڻبو آهي. الائي! ليڪن اهو سچ آهي ته ڪوشليا جو هيءُ سرير ڪڏهن ڪڏهن مون کي چقمق جيان ڇڪيندو آهي. سندس ويڪري منهن ۾ ڪجل پيل وڏيون اکيون ڏاڍيون سٺيون لڳنديون آهن. سندس وار گهرا ڪارا ۽ تمام گهاٽا آهن. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هوءَ ڪجهه نئڙيل هوندي آهي يا ٽيڪ ڏيئي وهندي آهي ته سندس ڇاتي تمام وڏي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سانجهي جو هوءَ ٽائيٽ اَڇو فراڪ پائي ٽينس راند ڪرڻ ويندي آهي ته سندس انگ انگ ڦڙتيءَ ۾ اچي ويندو آهي.
    اُن ڏينهن مون ڪمري ۾ ميز تي ويهي، ڇپجندڙ ڪتاب جا پروف ويٺي جاچيا. ڪوشليا ڪو ڪتاب کڻڻ لاءِ ڪمري ۾ لنگهي آئي. منهنجي هٿن مان پنا وٺي ڪجهه شعر پڙهيائين، پوءِ هڪ ڪرسي سوري اُن تي ويهي رهي. اُٻاسي ڏيندي چيائين ”تون هي شعر ڇو لکندو آهين؟ مون کي ته اِنهن جي معنيٰ به سمجهه ۾ ڪا نه ٿي اچي.“
    مون کلي چيو، ”چڱي طرح پڙهي ڏس، تو کي سمجهه ۾ اچن ٿا يا نه؟“
    ڪوشليا ٻي اُٻاسي ڏيئي چيو: ”مون کي ايترو وقت ڪٿي آهي؟“
    مون ڪوشليا ڏانهن نهاريو. هوءَ ڄڻ اڌ چرچي، اڌ ساڀيا ۾ ڳالهائي رهي هئي. سندس اکيون به اڌوريون بند هيون.
    ”تون ڪلاس ۾ جيڪي انگريزي ڪويتائون پڙهندي آهين، ڇا اُهي ڪا نه سمجهندي آهين؟“
    ”اُنهن جي ڳالهه نرالي آهي؛ اُهي وڏا شاعر هئا.“
    اوچتو هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي کڙي ٿي. منهنجي ڀرسان اچي چيائين، ”شيام، دل ۾ نه ڪج، مون هڪ ناول ۾ پڙهيو هو ته عورتون وڏن ماڻهن کان هميشه ڊڄنديون آهن. هو صرف پريتم کي سڃاڻن جو کين پيار ڏئي ۽ اولاد جي دل جي ڌڙڪن کي سمجهن، جن کي هو پيار ڏيئي سگهن. باقي ساڌو ۽ سنت، فيلسوف ۽ سائنسدان کان هو ڊڄڻ لڳنديون آهن. جڏهن مان تو کي شاعر جي روپ ۾ ڏسندي آهيان ته مان به تو کان ڊڄندي آهيان.“
    ڪوشليا هلي ويئي. هوءَ منهنجي ڀر ۾ آئي هئي ۽ پٺيان عطر جي هلڪي خوشبوءَ ڇڏي هلي ويئي هئي. هوءَ جڏهن به ساڙهي پائيندي آهي ته هلڪي خوشبوءِ وارو اُچو فرينچ عطر بلائوز وٽ هڻندي آهي.
    مون هڪ ڏينهن ڪوشليا کان پڇيو، ”جڏهن تون ڊانس مهل پاڻ وساريندي آهين ته ڇا پاڻ کي ٻيو اِنسان محسوس نه ڪندي آهين؟“
    ”ٿوريءَ دير لاءِ، پر مان جلد ئي پنهنجي دنيا ۾ واپس موٽي ايندي آهيان. پر تو اهو سوال ڇو پڇيو؟“
    مون هٽڪندي چيو، ”جڏهن تون ناچ ۾ محو هوندي آهين، تڏهن مون کي ڏاڍي وڻندي آهين،“
    ڪوشليا کن پل مون ڏانهن يڪ ٽڪ نهاريندي رهي. پوءِ اوچتو هڪ عجيب آواز ۾ چيائين، ”ڇا اهو سچ آهي ته شاعر هميشه پاڇي پٺيان ئي ڊڪندا رهن ٿا. حقيقت سندن لاءِ ڪا ڪشش ڪا نه ٿي رکي؟“
    ”الائي. پر هو شايد مڪمل روپ کي ئي ڏسڻ چاهين ٿا. هيءُ جيڪو اسان جي سامهون آهي، سو اڌورو آهي، اپورڻ آهي. انسان جا ڀاوَ ڪئميرا سان نڪتل فوٽي ۾ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ڪلاميه چتر ۾ ئي اُهي پوري ريت ظاهر ٿين ٿا.“
    ڪوشليا ذرا جهنجهلائيندي چيو، ” سدائين اهو بحث ته شاعر جي لاءِ هيءَ دنيا اڻمڪمل آهي. پر مان چوان ٿي جيڪي آهي سوئي آهي، هيءُ ئي سڀ ڪجهه آهي. هن ۾ ئي سڀ ڪجهه آهي. مان ڪوشليا آهيان. نچندڙ ناري نه.“
    سندس اکين ۾ ڪجهه غصو هو ۽ ناراضپو پڻ.
    مون ڪوشليا ۾ ڇا ڏسڻ ٿي چاهيو ۽ ڪوشليا مونکي ڇا ڏيکارڻ ۽ ڇا لڪائڻ ٿي چاهيو، سو مان پورو سمجهي نه سگهيو آهيان. پر منهنجا شعر لکڻ گهڻي قدر بند ٿي ويا آهن. ۽ مان هاڻي ڳوٺ بابت به گهڻو ڪو نه سوچيندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن اُتان خط ايندا آهن ۽ مان به ماستر کي خط لکندو آهيان. پر اُهي بلڪل مختصر هوندا آهن.
    شام جي چانهه ڪوشليا ۽ مان باغ ۾ گڏ ويهي پيئندا آهيون. هنکي اولهه جون سڀ شيون پسند آهن. هندوستاني تهذيب کي هوءَ اڻ سڌريلن جي سڀيتا ڪري سمجهندي آهي، ان ڪري چانهه سان گڏ سئنڊوچ ۽ پيسٽريون هونديون هن؛ هندستاني مٺائيءَ کي هوءَ ڇهندي به نه آهي. چانهه به سندس مرضيءَ مطابق ٺهندي آهي.
    منهنجن شعرن جو ڪتاب ڇپجي آيو ته هڪ رات هوءَ منهنجي ڪمري ۾ آئي. سندس هٿ ۾ اُهو ڪتاب هو . مون کي ڪتاب هٿ ۾ ڏيئي چيائين، ”تون شعر پڙهه، مان ٻڌنديس.“
    مان شعر پڙهڻ لڳس. هوءَ منهنجي پلنگ تي ليٽي پيئي. هڪ شعر مون سهڻيءَ کي مخاطب ٿي لکيو هو. اهو ٻڌندي اوچتو ڪوشليا مون کي اڌ ۾ روڪي چيو، ”سچ ٻڌائجانءِ، اهو شعر تو ڪنهن کي ڏسي لکيو هو؟“
    شعر پڙهڻ وقت سهڻي منهنجي اکين اڳيان ڦرڻ لڳي هئي. مون چيو، ”ڳوٺ ۾ هڪ ڇوڪري هئي. هوءَ مري ويئي.“
    ”ڇا هوءَ ڏاڍي سهڻي هئي؟“
    ”ها.“
    ڪوشليا وهاڻي تي مٿو رکي ليٽي پيئي هئي. اوچتو هن ڪنڌ مٿي کڻي چيو، ”تون جيڪر مون تي شعر لکي سگهين؟“
    ”ڇو نه. مون کي ائين پيو لڳي ته اِن شعر جو اڌ منهنجي دل ۾ اڳيئي رچجي چڪو آهي. جڏهن اهو مڪمل ٿيندو ته مان پني ته اُتاريندس.“
    پر ڪوشليا کي ان تي ڄڻ اعتبار ڪو نه آيو، هوءَ وري ليٽي پيئي. هن کي ڪيڏي مهل ننڊ کڻي ويئي اها پروڙ ئي ڪا نه پيم. مون ڪتاب بند ڪيو، اُن وقت اڌ رات ٿي ويئي هئي. مون ڪوشليا جي ڀر ۾ وڃي سندس ڪن وٽ وات آڻي آهستي سڏ ڪيو، ”ڪوشي!“ هن آهستي اکيون کوليون ۽ ڪجهه وقت مڌ ڀريل نگاهن سان مون ڏانهن نهاريندي رهي. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون، ڄڻ ڪو نشو پيتو هئائين. هن اشاري سان مون کي سهارو ڏيڻ لاءِ چيو. منهنجي ٻانهن جي سهاري هوءَ اُٿي ۽ ڪجهه وقت منهنجي ڇاتيءَ سان مٿو لڳائي ويٺي رهي. پوءِ ننڊ اکڙي آواز ۾ چيائين: ”گهڻو وقت ٿيو آهي؟“
    ”اڌ رات آهي.“
    هوءَ اُٿي کڙي ٿي. ”مون کي منهنجي ڪمري تائين نه ڇڏي ايندين!“ هن منهنجو هٿ پڪڙيو. مان کيس سندس ڪمري جي در تائين ڇڏي آيس.
    مون جو سمجهيو هو ته منهنجن شعرن جي ڪتاب ڇپجڻ سان سنڌي ساهتيه (ادب) ۾ ڪو ٿرٿلو مچي ويندو سو اهڙو ڪجهه ڪو نه ٿيو. مون هڪ ڪاپي ماستر نور الله کي به موڪلي.
    ائين نه هو ته مون پنهنجن شعرن کي ڪو تمام اوچي درجي جو سمجهيو هو . پر مون پنهنجن شعرن ۾ هڪ نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جا سنڌي شعر ۾ تمام گهٽ هئي. شاهه، سچل ۽ سامي اوچي درجي جا شاعر هئا ۽ شاه ته دنيا جي وڏن شاعرن مان هڪ آهي. پر اُن بعد سنڌي ساهتيه ۾ ڄڻ هڪ موڳائي اچي ويئي هئي. ڪشنچند ’بيوس‘ هڪ موڙ ڏيڻ چاهيو ۽ هو ڪنهن حد تائين سڦل به ٿيو، ليڪن بيوس لاءِ ڪي شخصي ۽ ڪي سماجڪ دائرا هئا، جنهن ڪري جيڪو ڪم هن شروع ڪيو هو سو پورو ڪري نه سگهيو هو. ساهتيه ۾ جيڪو انقلاب بنگاليءَ ۾ ٽئگور ۽ شرت ڏه سال اڳ آندو هو، سو سنڌي ساهتيه ۾ شروع ئي مس ٿيو هو.
    هڪ ٻن روزانين ۽ هفتيوار اخبارن ڪتاب تي تبصرو ڇپيو هو، ليڪن اُنکي تبصرو نه چئجي ته بهتر آهي. اخبار وارن جو ڪتابن ۾ چاه ايترو ته سطحي ٿيندو آهي جو هو صرف اهو ڏيکارڻ لاءِ ته هو ڪتابن ۾ چاه وٺندا آهن، تبصرو شاريع ڪن ٿا.
    ٻه ٽي خط پڙهندڙن وٽان به آيا هئا. هڪ خط تمام دل ڀڄائيندڙ هو. هڪ ننڍي ڳوٺ مان هڪ غريب ماستر خط لکيو هو، ”اسين سڀ هڪ ئي مقصد لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون- اهو آهي ’نئين سنڌ‘ اڏڻ. توهان جي شعرن ۾ مون کي سچائي نظر آئي. اسان جي ساهتيه ۾ اها وڏي ڪمزوري آهي، جو اسين دل جي سچن جذبن کي ظاهر ڪرڻ بدران ادبي روايتن کي وڌيڪ مان ڏيون ٿا. مون کي اُميد آهي ته هڪ ڏينهن هي مکڙيون گل بڻجي سرهاڻ ڦهلائينديون.“
    سائين نور الله هڪ لنبو خط لکيو هو، پر ان جو پڇاڙيءَ واريون سٽون مون ٻه ٽي دفعا پڙهيون. لکيو هئائين، ”ڀاءُ، شاعر ڇپيل شعرن جي ساک تي سانت ڪري ويهي نه ٿو سگهي. جو ڇپجي ظاهر ٿيو آهي ته عوام جي ملڪيت ٿي چڪي . شاعر اُهو آهي جنهن جي پل پل تي زماني جون تحريرون ڇاپ هڻن ٿيون ۽ هن جي دل صدائون ڪرڻ لڳي ٿي.
    ”مان هيءَ ڳالهه ان ڪري ٿو چوان جو تنهنجن پوين شعرن ۾ جيڪي تو ڪراچي ۾ لکيا آهن، تن ۾ مون کي هڪ خاموشي نظر آئي، عادت انوسار ۽ وزن قافيي تي ٻڌل شعر ته ڪيترا ٻڍاپي ۾ به لکندا آهن، پر اُن ۾ تڙپ گهٽ هوندي آهي ۽ صدا ڪا نه هوندي آهي. اها محنت اجائي آهي. ڇا ڪراچيءَ جو وايو منڊل تو کي لولي ڏيئي سمهاري ته نه رهيو آهي؟“
    شايد اهو سچ آهي ته منهنجو تڙپندڙ من خاموش ٿي رهيو آهي. مان ڪيترن ڏينهن کان شعر نه لکي سگهيو آهيان. ان ڪري پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مون پڪو ارادو ڪيو آهي ته مان روز پنهنجي ڊائري لکندس.
    ته ڇا ڪوشليا جو سنگ مون کي نشو پياري، سمهاري رهيو آهي؟ هڪ ڏينهن ڪوشليا چيو، ”تون به عجيب آهين. جيستائين تو دنيا ڏٺي ڪا نه آهي تيستائين تون سنسار جي اونهاين کي ظاهر ڪيئن ڪري سگهندين؟“
    شايد سچ ٿي چوي ڪوشليا. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ مون کي بلڪل بي هٿيار بڻائي ڇڏيندي آهي، پر بحث ڪرڻ کان کيس نفرت آهي. جڏهن به مان کيس ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته هوءَ منهنجي منهن ڏي نهاري کلي ڏيندي آهي يا ٽپ ڏيئي اُٿي چوندي آهي، ”اڙي مون کي ته اڃا ڪپڙا مٽائڻا آهن.“
    دادا هڪ ڏينهن مون کي سڏائي چيو، ”شيام، مون تنهنجي ڪتاب جي ڇپجڻ جي خوشيءَ ۾ آرتوار ڏينهن پارٽي ڏني آهي. اِن لاءِ مون ڪراچيءَ جي سڀني مشهور ليڊرن کي نينڍ ڏني آهي. ڪي اخبارن جا ايڊيٽر به ايندا. مان چاهيان ٿو ته تنهنجي ساڻن واقفيت وڌي؛ ههڙو موقعو هٿان نه وڃائج.“
    مان دادا جون ڳالهيون ڪجهه سمجهي سگهيس، ڪجهه نه. ليڪن مان اُن ڏينهن لاءِ چاه سان نهارڻ لڳس، جڏهن وڏا ليڊر منهنجي ڪتاب بابت رايو ڏيندا. هو ڪهڙو رايو ڏيندا. اهو ڄاڻڻ لاءِ منهنجي من ۾ اڻتڻ جاڳڻ لڳي. مقرر ڏينهن تي ڊائيننگ ۽ ڊرائنگ رومس کي سجايو ويو. ڊائيننگ روم ۾ به وڏيون ميزون گڏي اُنهن جي چ‍ؤڌاري پنجويهه ٽيهه ڪرسيون وڌيون ويون. ڀاڀي صبح کان وٺي ٻن نوڪرن سان گڏ رنڌڻي ۾ مشغول هئي. صبح جو مٺاين ۽ ميون سان ڪار ڀرجي آئي هئي.
    هڪ دفعو ڪوشي منهن سامهون گڏيم. مرڪي منهنجي اکين ۾ اکيون وڌائين، ”هيءُ سڀ تنهنجي لاءِ ٿي رهيو آهي، شاعر! ائين پيو لڳي ته بابو تو کي مون کان وڌيڪ ڀانئڻ لڳو آهي.“ ڪوشيءَ جي شرارت تي مون کي به کل اچي ويئي. مون کيس چيڙائڻ سانگي چيو،
    ”دادا چوندو آهي ته تنهنجي شاديءَ تي هو سڄي هندوستان جي ليڊرن کي گهرائيندو. شايد مهاتما گانڌي ۽ جواهر لال نهرو به اچن.“
    ڪوشيءَ معنيٰ ڀريل شوخ نگاهون مونڏانهن اُڇليون ۽ ڀڄي ويئي.
    سانجهيءَ ڌاري مزمان اچڻ لڳا. دادا ۽ مان سندن استقبال لاءِ ڊرائننگ روم جي در تي بيٺا هئاسين. جلد ئي سڄي گهٽي ڪارين سان ڀرجي ويئي. هنن مهمانن وچ ۾ مان پاڻ کي ڄڻ ٻلين وچ ۾ ڪوُئو سمجهڻ لڳس. اڇن، کير ڌوتل کاڌيءَ جي ڪپڙن ۾ گهڻو ڪري سڀ ٿلها متارا مڙس هئا؛ ڪو هڪ ٻه مزمان مون وانگر سنهو سپڪ هو.کاڌي جي روم ۾ دادا منهنجي واقفيت ڪرائيندي ٻه ٽي لفظ چيا، پنهنجي ساراه ٻڌي مان چاهڻ لڳس ته ڌرتيءَ اندر گم ٿي وڃان. ٻن ٽن ليڊرن منهنجي پٺي ٺپري ۽ حوصلي افزائيءَ جا ٻه ٽي لفظ چيائون. پوءِ کاڌو شروع ٿيو ۽ هو پنهنجن سياسي بحثن ۾ وڃي پيا. ڪڏهن ڪڏهن سوادي کاڌو کائيندي ڪنهن زور دار ٽهڪ ٿي ڏنا، ته ڪڏهن ڪنهن ليڊر جو ڪڙڪيدار آواز جوش سان ڀرجي ٿي ويو. هڪ ٻه ايڊيٽر، جن بابت مون سمجهيو هو ته هنن شايد منهنجو ڪتاب پڙهيو هوندو ۽ اُن بابت مون سان ڪجهه ڳالهائيندا، سي ليڊرن جي خوشامد ڪرڻ ۾ ئي مشغول هئا. مان ڪنڊ ۾ هڪ طرف اڪيلو رهجي ويس ۽ سانت ۾ کاڌو کائڻ لڳس. کاڌي جو سواد ته مون لاءِ اڳ ۾ ئي گم ٿي ويو هو. مان صرف هٿ هلائي رهيو هوس ۽ بيوقوفن جيان چ‍ؤڌاري نهاري رهيو هوس. هڪ ٻه دفعا دادا مون کي ڳالهين ۾ آڻڻ چاهيو، ليڪن شيئر مارڪيٽ ۽ راڄنيتي ڊراما جي گرين روم جون ڳالهيون مان ڪٿي ٿي سمجهي سگهيس. منهنجي منهن ۾ رت اچي رهيو هو ۽ تمام مشڪلات سان پنهنجي لڙڪن کي روڪي ويٺو هوس.
    جڏهن کاڌو پورو ٿيو ۽ مٺاين ۽ ميون جو وارو آيو ته مان موقعو پائي اُتان نڪري آيس. مون سوچيو ته ٻه منٽ ٻاهر رهي تازي هوا کائي مان اندر ويندس، ليڪن ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ سان اندر جا سڀ اُڌما اُٿلي ٻاهر آيا ۽ پنهنجي بي عزتيءَ ڪنان منهن لال ٿي ويم. مان پنهنجي ڪمري ۾ اچي منهن وهاڻي ۾ دٻائي ليٽي پيس.
    ڀاڀيءَ کي الائي ڪنهن وڃي اها خبر ڏني ۽ هوءَ ڊڪندي آئي. هن منهنجي نرڙ تي هٿ گهمائيندي چيو، ”ڇو شيام، طبيعت ته ٺيڪ اٿيئي نه؟“
    ڀاڀيءَ جو مٺو آواز ٻڌي مون پنهنجو مٿو سندس گوڏن تي ڪري رکيو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيم. ڀاڀي پيار سان منهنجي پٺيءَ تي هٿ ڦيرڻ لڳي.


    9

    ڪالهه صبح جو ڪوشيءَ مون کي گڏجڻ تي مرڪي چيو، ”مون ٻڌو آ ته ڪالهه تو مميءَ جي گود ۾ رنو هو.“
    منهنجو منهن لڄ کان لال ٿي ويو.
    ڪوشيءَ ترڇي نگاهن سان مونڏانهن نهاريندي چيو ”ڪالهه دادا پارٽي ڏني هئي، اڄ مان تو کي پارٽي ڏينديس. ڇا اڄ به روئندين؟“
    هونءَ به هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا اسين ڪار ۾ چڙهي گهمڻ ويندا آهيون. ڪار گهڻو ڪري هوءَ ئي هلائيندي آهي. ڪلب مان ٿيندا پهرين صدر ۾ ڪنهن وڏي ريسٽارنٽ ۾ ويندا آهيون. ڪو شيءَ کي چيني ۽ يورپي کاڌا ڏاڍا پسند آهن. مان ته انهن جا نالا به ياد ڪري نه سگهيو آهيان ۽ ريسٽورانٽ ۾ وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن ويٺل ۽ سگريٽ ڇڪيندڙ فئشنبل زالن ۽ چروٽ ڇڪيندڙ مردن ڏانهن نهاريندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ڪوشليا مون کي اِن لاءِ چيڙائيندي آهي.
    اُن ڏينهن ريسٽورانٽ ۾ اسان خوب کاڌو. ڪوشيءَ سلڪ جي اَڇي ساڙهي پاتي هئي ۽ هوءَ ڏاڍي لڀائيندڙ لڳي رهي هئي.
    ريسٽورانٽ مان نڪري هوءَ ڪار کي ڪلفٽن ڏانهن وٺي هلي.منهن اونداهي ٿي چڪي هئي ۽ ٿڌي گهميل هوا اسان جي بدن ۽ ڪپڙن سان راند ڪري رهي هئي. ڪوشليا ڄڻ نشو پيتو هو. سندس سڄو بدن خوشيءَ ۾ ڦولي رهيو هو. ڪار مکيه رستو لتاڙي چاڙهيءَ طرف هلڻ لڳي. تڪڙي هلندڙ ڪار کي هن اوچتو بريڪ ڏيئي هڪ واريءَ جي دڙي ڀرسان بيهاري ڇڏيو. اوچتي لوڏي اچڻ ڪري مون اُڇل کاڌي ۽ هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
    واريءَ جي اُنهن دڙن وٽ بلڪل سناٽو هو. ٻيون موٽرون سڀ پري بيٺيون هيون. ڪوشليا موٽر جون بتيون وسائي ڇڏيون. هوا گهوگهاٽ ڪري اسان جي وارن کي اُڏائڻ لڳي. پريان سمنڊ ڪڏهن ڄڻ روئي رهيو هو ته ڪڏهن کلي رهيو هو.
    ڪوشليا اسٽيئرنگ چڪر تي ڪنڌ رکي مون ڏانهن اونده ۾ نهاريندي چيو، ”ڏس هيءَ هوا ڪهڙي نه پاڳل آهي. ڪير هن هوا کي چوي ته تون نه اچ، تڏهن به هوءَ ايندي.“
    ”ڪڏهن ڪڏهن قدرت جون سڀ شيون پاڳل بڻجي پونديون آهن. انسان به ڪڏهن پاڳل بڻجڻ چاهيندا آهن.“
    ”۽ اڄ مان پاڳل بڻجڻ چاهيان ٿي.“ هوءَ ڪار مان لهي واريءَ جي دڙي تي بيهر ساڙهيءَ جو پلؤ هوا ۾ اُڏائڻ لڳي. پلؤ هوا ۾ جهنڊي جيان اُڏامڻ لڳو. ڪوشيءَ سڏ ڪندي چيو، ”اچ شيام، اچ نه اڄ هوا سان اُڏامي هلون.“
    مان دڙي ڏانهن وڌيس ته هن منهنجي هٿ کي پڪڙيو. منهنجا پير واريءَ ۾ ڦاٿل هئا ۽ شايد ڪوشيءَ جا به. ڪوشيءَ جي ساڙهيءَ جو پلاند منهنجي منهن تي اچي پيو ۽ اسين ٻئي هڪ ٻئي جي ڇڪ ۾ واريءَ تي ڪري پياسين. ڪوشليا اُٿڻ جي ڪا به ڪوشش ڪا نه ڪئي ۽ کلڻ لڳي. پوءِ چيائين، ”چؤ شاعر، سپنا سٺا آهن يا حقيقت؟“
    ”ڪڏهن ڪڏهن سپنا ۽ حقيقت ملي هڪ ٿي ويندا آهن!“
    ”اهو ڪيئن ؟“
    ”ڏس پيار کي سونهن ڪير ٿو ڏئي-سپنو. اگر تو پيار جو سپنو نه ڏٺو هجي ها ته ڪڏهن به پيار مان پورو آنند ماڻي نه سگهين ها.“
    ڪوشليا ڪجهه وقت سانت رهي. پوءِ چيائين، ”سپنن کي وساري ڇڏ. مان هڪ حقيقت آهيان ۽ تون به حقيقت بڻجي وڃ.“
    ڪيترو وقت بلڪل سانت رهي؛ صرف هوا گهوگهاٽ ڪري الائي ڪنهن کي سڏي رهي هئي. هوا ڄڻ وڌوا هئي ۽ روئي رهي هئي جو سمنڊ سندس گهوٽ کي دور گهلي ويو هو. ڪوشليا جون آڱريون منهنجي منهن تان واري هٽائي رهيون هيون. اوچتو مون محسوس ڪيو ته سندس هٿ ڏڪي رهيو آهي. هوءَ منهنجي ويجهو سري آئي ته هن جو سڄو بدن ڏڪي رهيو هو. سندس نڪ مان نڪتل گرم ساه منهنجي منهن کي ڇُهي رهيو هو. هن ڏڪندڙ آڱرين سان منهنجي مٿي کي جهليو. اسان جا ڳل هڪ ٻئي جي ويجهو هئا ۽ گرم ساه هڪ ٻئي جي منهن کي جلائي رهيا هئا. ڪوشيءَ جا چپ اڌورا کليل هئا ۽ اُهي ڏڪي رهيا هئا. سندس ڏڪندڙ هٿن جا نهن منهنجي ڳلن ۾ چڀڻ لڳا. اوچتو اسان جا چپ مليا. صرف هڪ سيڪنڊ لاءِ، پر مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ ڪا باه ڪو شيءَ جي چپن مان نڪري منهنجي چپن منجهان منهنجي اندر لنگهي ويئي. مون اونده ۾ ڪوشيءَ جي اکين ڏي نهاريو ته هن اکيون بند ڪري ڇڏيون. واري اُڏامي اسان جي منهن تي پئجي رهي هئي. هوءَ اکيون بند ڪري الائي ڪهڙي دنيا ۾ هلي ويئي ۽ ائين ڄڻ اِيام گذري ويا.
    ڪوشيءَ ڌيري ڌيري پنهنجون اکيون کوليون ۽ چوطرف نهاريو. هن جي بدن ۾ چرپر آئي. هوءَ اُٿي ويٺي ۽ مون ڏانهن نهارڻ لڳي. اسين ڪيتري دير هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا رهياسين؛ پوءِ هن آهستي مون ڏانهن ٻئي ٻانهون ڊگهيريون، ”مون کي اُٿار.“
    مون ٻنهي هٿن سان هن کي جهلي اُٿاريو. پنهنجي آڱرين سان هن جي وارن کي ڇنڊيم. رومال سان سندس منهن ۽ ڳچيءَ تان واري اُگهيم. پوءِ سانت ۾ سمنڊ ڏانهن نهاريندا رهياسين-مون کي ائين لڳو ته سمنڊ وڌي آيو هو ۽ پاڻيءَ اسان جا پير پئي ڇهيا.
    ٽيون ڏينهن جئن مان ڪاليج مان موٽيس تيئن ڀاڀيءَ مون کي سڏ ڪري چيو، ”شيام، اڄ سندر جيل مان آزاد ٿيندو ۽ سانجهيءَ جو هو هتي ايندو. مون تنهنجي پاسي وارو ڪمرو هن لاءِ صاف ڪرايو آهي.“
    ڀاڀيءَ جي منهن تي اَپار آنند کيلي رهيو هو. هيتري خوشي مون سندس منهن تي ڪڏهن ڪا نه ڏٺي هئي. سندس اکيون چمڪي رهيون هيون. آواز ۾ بيحد ميٺاج هوس.
    مون سان هن ڪيترا ڀيرا پنهنجي پياري ڀاءُ جون ڳالهيون ڪيون هيون. هوءَ جڏهن ڀاءُ جون ڳالهيون ڪرڻ ويهندي هئي ته سندس اکين ۾ چمڪ اچي ويندي هئي.
    ڀاڀي جڏهن ڏهن سالن جي هئي، تڏهن سندس ماءُ ڇهن مهنن جو سندر ڇڏي هن دنيا مان هلي ويئي هئي. هوءَ ٽن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هئي، اِن ڪري سندر جو پالڻ پوشڻ سندس ئي هٿن ۾ ٿيو. سندر اَٺن سالن جو هو، جو ڀاڀيءَ جي شادي ٿي. شاديءَ کان ڪن مهينن بعد هوءَ سندر کي پاڻ وٽ وٺي آئي ۽ گوبند رام جي نظر داريءَ هيٺ ئي هن اسڪولي تعليم ورتي. گوبند رام جي اثر هيٺ ئي هن کاڌي پائڻ شروع ڪئي ۽ ڪانگريسي خيالن جو بڻيو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد گوبند رام جي صلاح سان سندر شانتينڪيتن ۾ پڙهڻ ويو. ڀاڀيءَ جي پيءُ جي زمينداري سندس ٻه وڏا ڀائر سنڀالڻ لڳا هئا.
    گوبند رام شانتينڪيتن کي هڪ آدرشي ڪاليج سمجهي سندر کي اوڏانهن موڪليو، پر هو اُتان بدلجي آيو. هو انقلابي ۽ ڪميونسٽ خيالن کي پاڻ سان کڻي آيو. ڀاڀي چوندي هئي، ”هتي اچڻ سان شاگردن ۽ مزدورن ۾ ڪم شروع ڪيائين ۽ نتيجو اهو نڪتو آهي جو ڇهين ٻارهين مهيني هو جيل ۾ پيو آهي.“
    شام جو سندر سان منهنجي ملاقات ٿي. هو قد جو ڊگهو ۽ بدن جو جانٺو هو. ڪجهه ضعيف پئي لڳو. شايد جيل۾ گهاريل سالن ڪري سندس ڳلن جا هڏا ڪجهه ٻاهر نڪتل هئا ۽ جڏهن مرڪيائين ٿي ته سندس اکيون چمڪڻ ٿي لڳيون. ننڍڙا وار، ڊگها هٿ، سادي کاڌيءَ جو ڪڙتو ۽ پتلون- ڪڙتي جا ڇاتيءَ وٽ بٽڻ کليل.
    ڀاڀيءَ ساڻس منهنجي واقفيت ڪرائي ته هو مرڪيو ۽ منهنجا ٻئي هٿ پڪڙيائين. ”سڀاڻي ڳالهيون ڪنداسين.“ هن مرڪندي چيو. ان مرڪ ۾ مون کي پنهنجا ئي نظر آئي ۽ سندس منهن ۾ الائي ڪهڙو نور هو جو مان ڪيتري دير ڏانهس نهاريندو رهيس.
    شايد رات جو ٻارهن لڳا هوندا، جو اوچتو مون کي جاڳ ٿي.
    پاسي واري ڪمري مان مون ڀاڀيءَ جو آواز ٻڌو. هوءَ چئي رهي هئي. ”تون اڃا ڪو نه سمهيو آهين، سندر؟“
    سندر جو آواز آيو، ”اجهو دادي، باقي ٿورو ڪتاب آهي.“
    ”ساڍا ٻارهن ٿيا آهن. جيل جو هيترو ٿڪ، پهرين رات ته آرام ڪر.“
    ”تون سمهه دادي، مان به ڄاڻ سمهيس.“
    ڀاڀي ويئي هلي، پر اُن بعد به ڪيتري دير تائين هن جي بتي ٻرندي رهي. اڍائي سالن جي جيل بعد هو آزاد ٿيو هو- ڇا هو هڪڙي رات به چين جي ننڊ ڪري نه ٿي سگهيو.
    ٻئي ڏينهن مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو ڪجهه پڙهي رهيو هوس جو سندر دروازي وٽ اچي چيو، ”امان اندر اچي سگهان ٿو؟“
    مون تڙ تڪڙ ۾ ڪتاب رکي اُٿندي چيو، ”اچو، اچو، پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“
    ”مان پنهنجو انجام پالڻ آيو آهيان. سڀاڻي مان هتان هليو ويندس. سوچيم اڄ ڳالهيون ڪري وٺون.“ هن جي منهن تي اُهائي رات واري مرڪ هئي، جنهن مون کي موهيو هو.
    ”سڀاڻي توهين ڪيڏانهن ويندا؟“
    ”ڳوٺ؛ ۽ اُتان سڄي سنڌ جي دؤري تي نڪربو. ڪن سالن بعد جيل مان رهائي ٿي آهي. حالتن جو پورو اڀياس ڪرڻو پوندو، ساٿين سان ملڻو پوندو.“
    ”توهين زندگيءَ ۾ ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو؟“
    ”مان!“ هوُ کلڻ لڳو. کلڻ ڪري سندس اکين جي ڪنڊن وٽ ڪجهه گهنج پيا ۽ اکيون وري چمڪڻ لڳيون. ”انقلاب آڻڻ-اديءَ تو کي ائين ٻڌايو هوندو. هوءَ سڀني کي ائين ٻڌائيندي آهي، پر بلڪل غلط، مان پنهنجو جيون سجايو ڪرڻ ٿو چاهيان، ٻيو ڪجهه نه.“
    ”پر توهان جو ڪو ته مقصد هوندو؟
    ”مقصد آهي. مان پنهنجي ديش جي ڀائرن ۽ سڄي دنيا جي رهاڪن کي خوش ڏسڻ ٿو چاهيان. ٻارن جي منهن تي مرڪ، زالن جي بدن تي صاف ڪپڙا ڏسڻ ٿو چاهيان. پر هيءُ تمام وڏو مقصد آهي. هن بندي ۾ ڪهڙي طاقت آهي جو سنسار جي رٿ کي اڪيلو هلائي. مان ته مشين جو هڪ نٽ آهيان. مان هڪ ڪم ڪندڙ مزدور آهيان، مان دنيا کي بهتر بڻائڻ ۾ حصو وٺڻ چاهيان ٿو.“
    ”ادي چوندي آهي، توهين ڪانگريسي هئا ۽ هاڻي ڪميونسٽ-اها تبديلي ڪيئن آئي؟“
    ”زماني آندي. سڀ تبديليون وقت آڻيندو آهي، حالتن مطابق، جي زنده آهن، جي ڳوليندا رهن ٿا، سي بدلجندا رهن ٿا. پر جيڪي مردا آهن، جي پنهنجي ڪيتي تي راضي آهن، سي هڪ هنڌ بيٺل آهن.“
    سندر سانت ٿي ويو. هُو ڪجهه سوچي رهيو هو.
    اوچتو هن ڄڻ بي انت اونده مان روشنيءَ ۾ اچي چيو، ”رات مون تنهنجو ڪتاب پڙهيو.“
    مان ڏانهس نهاري رهيو هوس.
    ”مون کي ڪتاب وڻيو. تون ۾ سٺي ساهتڪار بڻجڻ جون خصلتون آهن، پر هيءَ تنهنجي شروعات سمجهان يا پڇاڙي؟“
    مان عجب ۾ ڏانهس نهارڻ لڳس.
    ”منهنجو مطلب آهي ته ڇا تون وڌيڪ جاکوڙ ڪندين؟“ مان خاموش رهيس.
    ”مثال طور ڪوشليا سٺي ڊانسر بڻجي سگهي ٿي، پر هوءَ بڻجندي ڪا نه، ڇاڪاڻ جو هوءَ جاکوڙ ڪرڻ نٿي چاهي.“
    مان تڏهين به ماٺ ۾ رهيس.
    ”جاکوڙ، پورهيو، ارپنا- ڏينهن رات پورهئي ڪرڻ جي ئي ضرورت آهي. پاڻ سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ دنيا کي سمجهڻ ان کان به وڌيڪ ڏکيو. ساهتڪار ڪيڏو نه وڏو بوجو سر تي کڻي ٿو. هو به هڪ ننڍو خلقڻهار آهي. هو هن دنيا ۾ ٻي دنيا اَڏي ٿو. ڇا اهو ايترو سولو آهي؟ بلڪل نه. جاسوسي ناول لکڻ سولا آهن، پر سچو ساهتيه، اُن لاءِ پنهنجي دل کي شمع جيان ٻارڻو پوندو آهي.
    ”چؤ طرف اونده آهي، بيحد اونده- هر ڪو انسان خود غرضيءَ وچان پنهنجي مطلب کي پائڻ لاءِ ڊوڙندو رهي ٿو. اهڙيءَ دنيا ۾ انسانيت کي ڳولڻ-ڳولي، ان جي ڌڙڪندڙ دل جو آواز ٻڌي ان کي وڏي واڪي ڳائڻ سولو نه آهي. ۽ ڪلا کي ظاهر ڪرڻ لاءِ تعليم کپي. مون ٻڌو آهي ته جپاني ۽ چيني چترڪار هڪ ليڪ پچائڻ تي سال لڳائيندا آهن.“
    هو ٿورو وقت سانت رهيو. پوءِ وري چيائين، ”شانتينڪيتن ۾ دوست هڪ ڳالهه ٻڌائيندا آهن. چتر ڪلا و ڀاڳ جي آچاريه نندل بوس هڪ شاگرد کي هڪ وڻ جو چتر چٽڻ لاءِ چيو. شاگرد پنجن منٽن ۾ وڻ جو هوبهو چتر ڪڍي آيو. گروءَ چتر ڏسي چيو: هيءُ ٺيڪ نه آهي، ٻيو ڪڍي اچ. شاگرد وڻ جو اڳي کان به وڌيڪ چٽو روپ چٽي آيو. پر گروءَ ڪنڌ ڌوڻي چيو: نه، نه.
    ائين سڄو ڏينهن شاگرد چتر چٽيندو رهيو ۽ گرو مٿو ڌوڻيندو رهيو. نيٺ ٿڪل شاگرد اُداس بڻجي وڻ ڏانهن نهاريندو رهيو ۽ وڻ هن ٿڪل انسان جي آتما ۾ گهڙي نئون جنم وٺڻ لڳو. چترڪار ان نئين وڻ کي ڪاغذ تي چٽيو، جنهن سندس دل ۾ جنم ورتو هو ۽ گروءَ خوش ٿي چيو: هيءُ ئي وڻ جو سچو چتر آهي. اڳ تون فوٽو گرافر هئين ۽ هاڻي چترڪار.
    ”تون ڳالهه کي سمجهيو؟“
    مون ڪنڌ ڌوڻي ’هائو‘ ڪئي.
    ڳالهائڻ وقت سندر جو سڄو بدن ڳالهائي رهيو هو. سندس اکيون، چپ، ڳل، نرڙ سڀ ڳالهائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن –هن هٿ مٿي هوا ۾ لوڏيو ٿي. مان هن ڏانهن ائين ڇڪجي ويس جيئن چقمق لوه کي ڇڪيندو آهي.
    ”هڪ ليکڪ لاءِ سٺي تعليم ڪهڙي آهي؟“
    ”تون خوب پڙهه، گهم ڦر ۽ سوچ. سدائين اندر جون اکيون کليل رک. هر هڪ انسان کي پنهنجو سچ پاڻ ڳولڻ کپي، ٻئي جو سچ سندس لاءِ ڪارگر نه آهي. انسان ڌرم ۾ انڌو تڏهن ٿيو، جڏهن سڀ هڪ ئي ڌرم کي مڃڻ لڳا. هر انسان کي پنهنجو ڌرم هئڻ گهرجي، هر انسان کي پنهنجي ڳولا ڪرڻ گهرجي.
    ”۽ پنهنجي دل کي به ڦولهه. تنهنجي دل ڇا ٿي چاهي، ڪيڏانهن وڃڻ ٿي چاهي، اهو ڄاڻڻ تمام ضروري آهي. ڪيترا مشهور انسان به سڄي عمر پاڻ کي دوکي ۾ رکندا ايندا آهن.“
    هوُ اُٿيو ، منهنجا ٻئي هٿ پڪڙي مرڪي چيائين، ”مان وڃان ٿو....گهڻو ڪم پيو اٿم. اسين وري گڏجنداسين. تون سوچج. پنهنجي دل کان پڇج.“
    هوُ هليو ويو.
    رات جو بتي وسائي جڏهن مان سمهيس، تڏهن منهنجي دل ور ور ڪري چوڻ لڳي: هوُ ڪير هو؟ سندس مرڪ ۾ ايترو جادو ڇو آهي؟ سندس اکين ۾ ايتري تڙپ ۽ گهرائي ڇو آهي؟ ڇو سندس بدن جو هر هڪ عضوو ڪجهه چوي ٿو؟ سندس بدن هڪ رانديگر جي بدن جيان مضبوط آهي، پر سندس دل ڪلاڪار جي آهي. سندس ڳالهائڻ هڪ راڄنيتڪ اڳواڻ جيان آهي، پر اُن پٺيان ڪنهن نظرئي جي جاکوڙ ۽ انسان جي آئنده ۾ ڀروسو آهي، هوُ دنيا جي اقتصادي حالتن کي ڦيرڻ چاهي ٿو، پر سندس دل شاعر جي آهي.
    ڀاڀي شايد گهڻن ڏينهن کان پيڪي ڪا نه ويئي هئي، سو ههڙو موقعو پائي هوءَ به سندر سان گڏ ويئي ڪوشليا کي ڳوٺ ۾مزو ڪو نه ايندو هو، پر ماءُ جي زور ڀرڻ تي هوءَ به هفتي کن لاءِ ناناڻي ويئي.
    دادا ڳچيءَ تائين پنهنجن ڪمن ۾ ٻڏل آهي. مون کي اڪيلو ڪلب ۾ وڃڻ نه پڄندو آهي، سو سڄو ڏينهن گهر ۾ اڪيلو پيو هوس. دريءَ وٽ ويهي مون شعر لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پنن تي لکي وري پنا ڦاڙيندو رهيس. مون کي ائين پيو لڳي ته منهنجي دل جي ستار جي ڪا تار ٽٽي پيئي آهي. سُر بيهي ئي نٿو.
    ائين ڪوشش ڪندي ڪندي دل ڀرجي آئي. دل روئڻ چاهيو، پر اکين مان ڳوڙها نه ڳڙيا. دريءَ تي مٿو رکي مان ٻاهر نهارڻ لڳس.ڳوٺ جا نظارا هڪ هڪ ٿي اکين اڳيان اچڻ لڳا. ياد آيم ته پيچري جي ڀر ۾ هڪ جهنگلي گل ڏسي دل ڪيئن ٽپا ڏنا هئا. ۽ اڄ هيٺ سڄو باغ قسمين قسمين سهڻن گلن سان سجايل هو، پر اُهي منهنجي من کي موهي نٿي سگهيا. ڇا منهنجي دل ٻڍي ٿي چڪي آهي؟
    آخر لڙڪ آيا ئي؛ منهنجون اکيون آليون ٿي ويون، دري پسي پيئي. اکين وٽ روڪيل لڙڪن ۾ سهڻي بيٺي هئي. پوءِ ماستر آيو، ڳوٺ جا ڪئين نظارا آيا، شمشان آيو، ان ۾ ٻرندڙ چتا جو آواز ٿيو، مان روئڻ لڳس.
    سندر جا لفظ منهنجن ڪنن وٽ لرزڻ لڳا. ”مان پنهنجو جيون سجايو ڪرڻ ٿو چاهيان، ٻيو ڪجهه نه. هر هڪ انسان کي پنهنجو سچ پاڻ ڳولڻ کپي، پنهنجو ڌرم پاڻ بنائڻ کپي.“
    ”ته منهنجو سچ ڪهڙو آهي؟ منهنجو ڌرم ڪهڙو آهي؟ منهنجي جيون جو مقصد ڇا آهي؟ مان هيءَ جيون ڪيئن سڪيار ٿي ڪريان...؟“ مان مٿي تي هٿ رکي سوچڻ لڳس.
    سندر پنهنجي ڪمري ۾ ڪي ڪتاب ڇڏي ويو هو ۽ هيٺ دادا جي لائبريري به ڪتابن سان ڀريل هئي. مون ڪيترا ڪتاب چونڊي اچي پنهنجي ميز تي رکيا. مان ڪجهه لکڻ ويهندو هوس ته دل ڪيئن سوال پڇندي هئي. سوچيندو هوس ته من ڪنڀر جي چَڪَ جيان ڦرڻ لڳندو هو، ان ڪري سڄو ڏينهن ڪتاب پڙهندو رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن اڪيلو پنڌ نڪري پوندو آهيان. هوا کي چيري اڳتي وڌڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو اٿم. ڪڏهن صدر واري سڃاتل ريسٽورانٽ ۾ وڃي ويهندو آهيان، پر اڃا پليٽ اڌ خالي ڪندو آهيان ته کاڌي تان ارواح اُٿي ويندو اٿم. چؤڌاري ويٺل فئشنبل جوڙڻ ۾ مان پاڻ کي ڌاريو سمجهندو آهيان ۽ بل جا پئسا ڏيئي مان ٻاهر نڪري ايندو آهيان.
    ڪڏهن سنيما تي به ويندو آهيان، پر انٽر ويل کان وڌيڪ ويهي نه سگهندو آهيان. انٽر ويل ۾ ٻاهر نڪرڻ بعد وري واپس اندر نه ويندو آهيان ۽ گهٽين ۾ چڪر ڏيندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته لياري ڪوارٽر ۽ اُنهيءَ پاسي مزدورن جي بستين ڏانهن نڪري ويندو آهيان. ائين ريل ڇيل گهمندي ڏاڍو مزو ايندو اٿم. ننڍڙا گدلا ٻار گند ڪچري ۾ ڪجهه ڳوليندا رهندا آهن. اڌ ننگيون عورتون جهوپڙين وٽ ڪنهن ڪرت ۾ مشغول هونديون آهن. ڪو مڪراني مزدور مٿي تي بوجو کنيو ويندو آهي. رستي تي ڪک ڪانا ميڙي ٻاريل باه مٿان ٺڪر جا ڪنا رکيا هوندا آهن. هيءُ ئي اسان جو هندوستان آهي، اها ئي ڪراچي آهي. فئشنبل بنگلن ۾ ته ٿورا ماڻهو رهن ٿا. گهڻا انسان ته هنن ٻارن جيان ئي پلجن ٿا ۽ اڌ بکيا رهي زندگي گذارين ٿا.
    ڪالهه جو نظارو مون کان ڪڏهن ڪو نه وسرندو. هاڻي به ياد ٿو اچيم ته دل ۾ سياٽا ٿا پون. مان هڪ رستي تان لنگهي رهيو هوس جو هڪ فقيرياڻي اچي منهنجي اڳيان بيٺي. ڇوڪري هئي، پر سندس ڪڇ ۾ هڪ ٻار هو. هوءَ ڪجهه گهرڻ لڳي. الائي ڇو مان فقيرن کي ڪجهه ڏيڻ نه چاهيندو آهيان. مان ڪن لاٽار ڪري اڳيان وڌڻ لڳس، جو فقيرياڻيءَ منهنجي پٺيان ايندي چيو، ”بابوجي، مين بهت بُوکي هون، اِس بچي پر ديا ڪرو.“ مان اڳيان وڌي ويس جو اوچتو هوءَ جهٽڪو ڏيئي منهنجو رستو روڪي بيهي رهي. هن ڇاتيءَ تان پراڻي چولي کولي ڇڏي، ”ديکو بابوجي، مين جوان هون، مين سڀ ڪجهه ڪرني ڪو تيار هون، مجهي روٽي چاهيئي.“
    منهنجون اکيون مٿي کڄيون. مون زندگي ۾ پهريون دفعو هڪ جوان استريءَ جا اُڀريل نشان ڏٺا. منهنجي اکين اڳيان انڌڪار ڇانئجي ويو. مون اکيون هٿن سان ڍڪي ڇڏيون ۽ کيسي ۾ جيڪي هٿ ۾ آيم اُهو فقيرياڻي اڳيان اُڇلي مان پويان پير ڪري تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳس.
    هيءَ فقيرياڻي اُن بعد مون وٽ جاڳ ۽ سپني ۾ ڪيترا دفعا آئي آهي ۽ ليلائي چوندي آهي، ”بابو جي مين بوکي هون، مجهي روٽي چاهيئي.“
    اڄ آرتوار آهي. صبح ساڻ دل ٿي چاهيو ڪيڏانهن دور هليو وڃان. ڪتاب ۽ ڪاپي کڻي مان نڪري پيس.
    جڏهن مان ڪلفٽن جي واريءَ جي دڙن تي پهتس ته سج چڱو مٿي چڙهي آيو هو. واري تپي ويئي هئي پر سمنڊ جي ٿڌي ۽ گهميل هير ۾ تتل واري به وڻي پئي. مان واريءَ تي ويهي سمنڊ ۾ اُٿندڙ ۽ لهندڙ لهرن ڏانهن نهارڻ لڳس. اُنهن لهرن ڏانهن نهاريندي منهنجي منهن تي مرڪ وري آئي. لهرون ڪهڙيون نه بي پرواه آهي-بس چڙهن لهن، ٻيو ڪو به ڪم ڪو نه اٿن! جهان ديده ماڻهو شايد کين چوي، ”اي بيوقوف لهرون، ڇو پيون پنهنجي طاقت اجائي ضايع ڪريو. ڌرتيءَ جي فتح ڪرڻ لاءِ اچو ته گڏ ٿيون پر هميشه موٽي ٿيون وڃو. هن بيوقوفيءَ جي راند مان توهان ڇا پرايو آهي؟ ڏسو، مان اِنسان آهيان؛ مان به ڏينهن رات محنت ڪريان ٿو، پر منهنجي محنت کي مقصد آهي؛ مان ماڙيون اَڏايان ٿو، هيرا موتي گڏ ڪريان ٿو، سئر لاءِ هوائي جهاز ٺاهيان ٿو؛ پوري عالم تي فتح پايان ٿو.“
    ليڪن لهرون انسان جي اِن وڏائيءَ تي صرف مرڪي ٽهڪ ڏيو ڀڄي ٿيون وڃن. هو سياڻپ ۽ خود ثنائيءَ مان ڪو نه ڄاڻن. مان ڪيترو وقت هنن ڏانهن نهاريندو رهيس. مون سوچڻ ڇڏي ڏنو، صرف محسوس ڪرڻ لڳس. ائين واريءَ تي ويٺي هوا جا جهونڪا کائيندي مان بدن ۾ ڪتڪتائي محسوس ڪرڻ لڳس. سج وچ آڪاس ۾ پهتو هو.سمنڊ جي پاڻيءَ جو رنگ به بدلجڻ لڳو هو. رکي رکي ڪي پکي آيا ٿي ۽ لامارا ڏيئي سمنڊ جي سطح تي پهچي، وري مٿي هليا ٿي ويا. تمام پري اُڀ ۽ ڌرتيءَ جي ميلاپ واري هنڌ تي ڪن ٻيڙن جا سفيد سڙه ڏيکاري ڏيئي رهيا هئا. اُهي ڌيري ڌيري دور وڃي رهيا هئا.
    مان اکيون بند ڪري واريءَ تي ليٽي پيس. اُها منهنجن ڪپڙن سان راند ڪرڻ لڳي. خبر نه آهي ڪيڏي مهل مون کي ننڊ اچي ويئي. مون هڪ سپنو ڏٺو...
    هڪ راه آهي تمام لنبي- دور دور تائين هلندي پيئي وڃي. سندس ٻنهي پاسن کان ساوا ميدان آهن ڪٿي سنگن سان سجايل ٻنيون آهن ته ڪٿي باغ آهن، جن ۾ رنگ برنگي گل هوا ۾ جهولي رهيا آهن. ڪٿي وري ميون جا وڻ آهن، جن ۾ ميوا لٽڪي رهيا آهن.
    مان ان راه تان وڃي رهيو آهيان.
    صبح جو سهاوڻو سمو آهي.
    ٿڌڙي هير گلن ڦلن کي جهولائي پيئي، سندن ڪنن وٽ گيت پيئي ڳائي. اوڀر کان سونهري گول سورج نڪري رهيو آهي.
    راه ويندي هڪ تمام سهڻو باغ آيو. اِن باغ ۾ ڪيترن نمونن جا گل هئا. مان اُتي بيهي گلن ڦلن جو مزو ماڻڻ لڳس. انهن هزارين گلن ۾ هڪڙو گل هو، جو سڀني کان وڌيڪ سهڻو ۽ وڏيرو هو. مان مگن بڻجي اُن ڏانهن نهارڻ لڳس. زندگيءَ ۾ مون اڳي ڪڏهن به اهڙو گل نه ڏٺو هو، نه اُن جو نالو ٻڌو هوم. اوچتو اهو گل چرڻ پرڻ لڳو ۽ سندس نازڪ پنکڙيون کلڻ لڳيون. منهنجي ڏسندي ڏسندي اُن گل مان هڪڙي ننڍڙي بيحد سهڻي ڇوڪري ٽپو ڏيئي ٻاهر آئي.
    ڇوڪريءَ جو منهن به ان گل جيان ٽڙيل هو. چمڪندڙ اکين سان هن سج طرف نهاريو، پوءِ باغ ۾ ٽڙندڙ گلن ڏانهن ۽ هن هڪ مٺو ٽهڪ ڏنو. پوءِ هن جي نظر مون تي پيئي ۽ هوءَ وڌي مون وٽ آئي. منهنجي ڀر ۾ اچي چيائين، ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“
    مون چيو، ”ڏسين ڪا نه ٿين، مان هن رستي تان وڃي رهيو آهيان-تمام پري.“
    ڇوڪري منهنجي جملي تي ڪاوڙي ڪا نه؛ مرڪي چيائين، ”ڏاڍو بهادر ڇوڪرو آهين؛ پر ڪجهه دير هتي ترسندين؟ اچ ٿوري راند ڪريون.“ مون راه ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ اُن سندر ٻالڪ ڏانهن. ان راه کان مون کي هيءَ ٻالڪ وڌيڪ وڻي. مون چيو، ”ڇا سان راند ڪندينءِ؟“
    هوءَ پهڻ ۽ ٺڪريون ميڙي آئي ۽ باغ جي وچ ۾ اسين راند ڪرڻ لڳاسين. اڃا اسان جي راند متي ئي ڪا نه هئي ۽ هار جيت جو فيصلو نه ٿيو هو جو هڪ راڪاس جهڙو ٿلهو مرد هٿ ۾ ٽوڪري کڻي باغ ۾ گل پٽڻ آيو. هوءَ بي پرواهيءَ سان گلن کي پٽي ٽوڪريءَ ۾ وجهڻ لڳو. ٻارڙي جو چهرو مرجهائجي ويو. هن دک ڀريءَ نظر سان اُن راڪاس ڏانهن نهاريو ۽ راند ۾ من لڳائڻ جي اجائي ڪوشش ڪرڻ لڳي. اوچتو اُهو راڪاس ان گل وٽ پهتو، جنهن مان ٻارڙي نڪتي هئي. ٻارڙي ٿر ٿر ڪنبڻ لڳي. هوءَ ڊڪندي اُن ٻوٽي وٽ پهتي ۽ اُن راڪاس کي ليلائي چوڻ لڳي، ”مهرباني ڪري هن گل کي نه پٽ؛ هن گل ۾ منهنجو ساهه آهي.“ ديوَ مڙس ڏند ڪڍي کلندي چيو، ”پڳلي ڇوڪري! تو کي خبر نه آهي ته هي گل راجا جي مالها ۾ پوندا. باغ جو سهڻي ۾ سهڻو گل ان ۾ نه هجي ته مالها ڪيئن سونهندي!“ راڪاس پنهنجي ٿلهي ٻانهن وڌائي ۽ ڪاري هٿ سان گل ڇني ورتائين. مون ڏٺو پل ۾ ئي اها سهڻي ٻالڪا، جا گل مان پيدا ٿي هئي، سان گم ٿي ويئي.
    مان ڪيترو وقت انهن ٺڪرين ۽ پهڻين ڏانهن نهاريندو هيس، جن سان اسان راند ڪئي هئي، پوءِ مون اهي ميڙي پنهنجي جهول ۾ وڌا ۽ راه تان اڳتي هلڻ لڳس.
    ٿورو دور ويس ته مون کي بک لڳي ۽ پيٽ ۾ ڪوئا ڊڪڻ لڳم. جهول ۾ ڪجهه ڪو نه هوم، ان ڪري چؤطرف نهارڻ لڳس. هڪ ٻني ڏٺم، جنهن جي وچ ۾ هڪ ننڍي جهوپڙي هئي. جهوپڙيءَ جي پاسي ۾ هڪ کوه هو، جتان هڪ پير مرد پاڻي ڪڍي ٻنيءَ کي ڏيئي رهيو هو. مان ويجهو پهتس ته پير مرد مون ڏانهن نهاريو. هٿ لوڏي چيائين، ”ڀاءَ، ڏاڍو ٿڪل آهين. اچ، اچي ٿورو آرام ڪر.“
    ٻُڍي جو سڪ ڀريل آواز ٻڌي مون هٿن سان پاڻي پيئڻ لاءِ ٻڪ ٺاهيو، پر پير مرد مرڪي چيو، ”نه،ائين نه؛ پهرين ٿورو پيٽ ڀر. خالي پيٽ تي پاڻي پيئڻ سٺو نه آهي.“ هو مون کي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ وٺي هليو. اُتي هڪ ٻڍي ڍوڍو پچائي رهي هئي. هن ڍوڍو ۽ ساڳ پائي اسان کي ڏنو ۽ پاڻ به کاڌائين. ماني کائي مون پاڻي پيتو ۽ راه پڪڙڻ لاءِ اُٿيس. ٻڍي ۽ ٻڍيءَ آسيس ڪندي چيو: شل پنهنجي منزل تي جلد پهچين. مون ٻڍي ڏانهن نهاريندي چيو: ڇا توهان هت اڪيلا رهندا آهيو؟ ٻڍي ڪنڌ ڌوڻي ”هائو“ ڪئي. مون چؤطرف نهاريو. چڱي وڏي ٻني هئي. اُن سڄيءَ کي ٻڍو پاڻي ڏيئي رهيو هو ۽ ٻج پوکي رهيو هو. مون چيو: توهان کي ته هيتري اناج جي ضرورت ڪا نه آهي ۽ توهان ٻڍا به آهيو. پوءِ هيتري محنت ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟
    ٻڍي مرڪي چيو، ”ابا، هن رستي تان روز پيا واٽهڙو لنگهن، تن کي به ته پيٽ لاءِ ڪجهه کپي، ماني ٽڪر کائي، پاڻي پي هو اڳتي وڌندا آهن.“
    مون هٿ ٻڌي ٻڍيءَ کي پرنام ڪري پير کنيو. هلندي هلندي ڏينهن جا پهر ختم ٿيڻ لڳا. سج به اولهه طرف لهي رهيو هو. مون سوچيو: رات ڪاٽڻ لاءِ ڪٿي جڳهه ملي وڃي ته صبح جو وري پنڌ پئبو. ائين سوچيندي مان ڪجهه اڳتي وڌيس ته سامهون رنگبرنگي وڏيون ڀتيون ڏسڻ ۾ آيون. ويجهو وڃڻ سان معلوم ٿيو ته هڪ سهڻو محل هو. مون در وٽ سنتريءَ کي وڃي چيو ”ڇا، مون کي هڪ رات ڪاٽڻ لاءِ اجهو ملندو؟
    سنتريءَ هڪ نوڙيءَ کي ڇڪيو ۽ اندران هڪ دربان ڊڪندو آيو. ڪنڌ جهڪائي مون کي پنهنجي پٺيان هلڻ لاءِ اشارو ڪيائين.
    محلات ۾ اندر گهڙڻ سان منهنجون اکيون چرخ ٿي ويون. ٻاهر رستي تي اونده هئي، ليڪن اندر هر طرف بتيون ٻري رهيون هيون. باغ ۾ گل ڦل به بتين جيان چمڪي رهياهئا. ندين ۽ آبشارن ۾ پاڻي به هيرن موتين جيان تجلا ڏيئي رهيو هو. دربان مون کي هڪ ڪمري ۾ وٺي هليو جو تمام عاليشان نموني سينگاريل هو. چانديءَ جو پلنگ، عاج جا ڪوچ ۽ ڪرسيون چوطرف وڏيون آرسيون ۽ اطلس جا پڙدا هئا هڪ نوڪرياڻي ريشمي ڪپڙا کڻي آئي ۽ منهنجي سامهون رکي چيائين، ”سنان ڪري هيءُ ڪپڙا پائي راڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. سندس حڪم آهي ته رات جو کانو توهان ساڻس گڏ کائو.“
    سنان جاءِ ۾ هڪ تلاءُ هو جو سڄو گلاب جي خوشبوءَ دار پاڻيءَ سان ڀريل هو. بدن ۾ تازگي آئي ۽ ريشمي ڪپڙا ۽ بخمل جي جتي پائي مان دربان جي پٺيان هليس. راڻي پنهنجي تخت تي براجمان هئي، تمام مغرور ۽ سهڻي. هن مون ڏي چتائي نهاريو ۽ پوءِ پنهنجو هٿ وڌايائين. مون رواج مطابق سندس هٿ کي پنهنجي نرڙ سان لڳايو. هوءَ مون کي کاڌي جي ڪمري ۾ وٺي هلي، چانديءَ ۽ سوني جي باسڻن ۾ قسمين قسمين طعام رکيا هئا. اسين کائڻ ويٺاسين ۽ اٺ ڏهه نوڪرياڻيون اسان جي شيوا ۾ حاضر هيون. قسمين قسمين جا شراب هئا. پنجويهن ٽيهن نمونن جا تازا ميوا هئا. بک ڪري اُهي مون کي وڻڻ لڳا. شڪر گذاريءَ ڀريل نيڻن سان مون راڻيءَ ڏانهن نهاريو. هن ننڍڙو ٽهڪ ڏنو. هن بعد ناچ ٿيندو. تنهنجي رات سٺي گذرندي، راجڪمار!“ راجڪمار جو لفظ ٻڌي مون ڇرڪ ڀريو. پر سوچيم، شايد ائين سڏڻ هتي جو رواج هجي.
    مانيءَ بعد هڪ وڏي هال ۾ مان راڻيءَ جي پاسي ۾ ويٺو هوس. سامهون ڇوڪريون ناچ ڪري رهيون هيون. اڌ رات تائين راڳ ۽ ناچ جي محفل جاري رهي. راڻيءَ مشڪي مون ڏانهن نهاريو ۽ مغروريءَ ۾ سر کي اوچو ڪيائين. مان دربان سان گڏ پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيس. ريشمي ۽ نرم بستري تي مون اُن رات تمام سٺي ننڊ ڪئي.
    صبح جو اُٿي مون پنهنجو غريباڻو ثمر سهيڙيو. پنهنجا پراڻا ڪپڙا کڻي مان ٻاهر نڪرڻ تي هوس جو دربان اچي چيو، ”راڻي صاحبه توهان کي سڏي رهي آهي.“
    راڻي هڪ شاهي پلنگ تي ويٺي هئي. سندس ڳچيءَ ۾ نؤ لکو هار چمڪي رهيو هو. هن عجب ۾ چيو، ”تون وڃين ٿو. هت ته جيڪو ايندو آهي سو هيءَ آرام ڇڏڻ نه چاهيندو آهي.“
    ”مون کي پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻو آهي.“
    ”مون سوچيو هو ته تون ڪجهه ڏينهن رهندين. مان اڃا به تو کي نينڍ ٿي ڏيان ته تون ڪجهه ڏينهن هتي رهه. ڇا تو کي رات وارو ناچ پسند نه آيو؟“
    ”پسند آيو، ليڪن مون کي راه سڏي رهي آهي.“
    مون پنهنجو سامان کنيو ۽ چؤطرف نهاريم. منهنجي نگاه اڱڻ طرف ويئي، جتي رات رنگبرنگي گل ڦل ڏٺا هئم. اُتي هينئر گل هئا ئي ڪو نه ۽ نه نديون ۽ آبشار هئا. مون عجب ۾ راڻيءَ طرف نهاريندي چيو،
    ”رات مون هتي هڪ باغ ڏٺو، نهر ڏٺي....“
    راڻيءَ مشڪي چيو، ”هن بيابان ۾ باغ ۽ نديون ڪٿان آيا. اهو سڀ طلسم هو، بتين جي زور تي رچايل ڪرشمو هو. جي اهو تو کي پسند هجي ته هتي رهي پؤ؛ مان تو کي خوب هيرا جواهر سوکڙين طور ڏينديس.“
    ليڪن مون پنهنجوسامان کنيو ۽ محلات کان ٻاهر نڪري آيس،
    اِتي منهنجو سپنو ٽٽي پيو ۽ ننڊ مان جاڳ ٿي. اکيون کولي مون ڏٺو ته شام ٿي چڪي هئي. آرتوار سبب سمنڊ جي ڪناري تي ڪيترا گهمندڙ اچي گڏيا هئا. ٻارن به خوب گوڙ مچايو هو. مان اُٿي ويٺس. ٿورو دور ڪي برقعي پوش عورتون پنهنجا ڪارا برقعا ڪجهه مٿي ڪري پنهنجا پير پاڻيءَ ۾ پسائي رهيون هيون. سندن پير ۽ ٽنگون تمام اڇيون هيون. هو پاڻ به سهڻيون هونديون، پر هنن پنهنجي سونهن برقعي ۾ لڪائي ڇڏي هئي.
    هڪ ٻار جو ڦوڪڻو اُڏامي اچي منهنجي مٿان پيو. ٻار ڊڪندو مون وٽ آيو. شايد برقعي پوش عورتن جي ئي ڪا ڇوڪري هئي. مون مرڪي ڦوڪڻو ٻار کي واپس ڏنو ۽ دل ۾ چيم، ”هينئر راند ڪري وٺ، وڏي هوندي شايد تو کي به برقعو پائڻو پوي.“
    ڇوڪري مرڪي ويئي هلي. مان پنهنجي سپني تي عجب کائيندو گهر ڏانهن موٽيس.


    10

    اڄ ڏهن ڏينهن بعد ڪوشليا واپس آئي. پاڀي اُتيئي رهي. سندر ڳوٺ مان ئي سنڌ جي گشت تي هليو ويو هو. ڪوشليا منهنجي ڪمري ۾ گهڙندي چيو، ”اڙي تو کي ڇا ٿي ويو آهي، ههڙو لهي ڇو ويو آهين؟“
    مون کلندي چيو، ”ڪجهه نه، ههڙو موٽو ته بيٺو آهيان.“
    ”ڇا تو کي نوڪرن پوري وقت تي ماني ڪا نه ٿي ڏني.“
    ”نه ڪوشي، نوڪرن کي ڏوهه نه ڏي. منهنجو سريرئي اهڙو آهي، ٿورو ويچار ڪرڻ سان ئي جهريو پوي.“
    هن الائي ڇا سمجهيو. هن شايد سوچيو ته سندس ڳوٺ ۾ هيترا ڏينهن لڳائڻ ڪري مان رنو آهيان. سانجهيءَ جو هوءَ بزار مان ڪيترا بنڊل ٻڌائي وٺي آئي. پنهنجي لاءِ ساڙهيون، بلائوز، لپسٽڪ، پائوڊر، ڪانٽا ربينون وغيره- الائي ڇا ڇا وٺي آئي هئي. منهنجي لاءِ به هن ڪجهه آندو- ٻه ريشمي آميريڪن قميصون هيون ۽ ٻه رنگين نيڪ ٽايون. هن کي خبر هئي ته مان نيڪ ٽاءِ ڪو نه پائيندو هوس، پر هن منهنجي ڇاتيءَ تي هڪ نيڪ ٽاءِ رکي چيو، ڏس، ڪهڙي سٺي ٿي لڳيئي!“
    ”ليڪن تو کي ته خبر آهي ڪوشي، ته مان نيڪ ٽاءِ ڪو نه پائيندو آهيان.“
    ”پر سڀاڻي پائڻي پوندءِ. سڀاڻي ڪلب ۾ منهنجي ڊانس آهي. سوين ماڻهو ايندا، تو کي به ٺهي جڙي هلڻو پوندو.“
    مون ضد ڪندي چيو، ”ليڪن مان ڪو گڏو ڪو نه آهيان جو سينگار ڪري هلان، نه ڪوشي، مون کان اهو ڪم نه ٿيندو.“
    ڪوشي ڪجهه دير مون ڏانهن نهاريندي رهي. پوءِ منهنجي ڇاتيءَ تي پنهنجو مٿو رکي چيائين، ”منهنجي لاءِ به نه؟ ڇا منهنجي لاءِ هيءَ ننڍي ڳالهه به مڃي نٿو سگهين؟“
    اِهو الائي نخرو هو يا ساڀيا، پر ڪوشيءَ جو آواز ڳؤرو هو. شايد مان دل جو تمام ڪمزور آهيان. مان سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائي کيس دلداري ڏيڻ لڳس.
    ڇن ڇن...ڇن....ٿپ...ٿپ...ٿپ... منهنجي دل اڄ وري مست بڻجي جهولي رهي آهي. ڪوشي اسٽيج تي نچي رهي آهي. سڄو حال ماڻهن سان سٿيل آهي. ڪوشيءَ جو ههڙو سٺو ناچ مون اڳي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو هو. ماڻهو وچ وچ ۾ تاڙيون وڄائي رهيا هئا. مون کي وچ پروگرام ۾ تاڙيون سدائين خراب لڳنديون آهن. پروگرام اهڙو هجي جو ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ هيءَ دنيا وساري ٻي.... ڪلا جي خمار واري دنيا ۾ پهچي وڃي، پاڻ کي وساري ڇڏي.
    مان سوچڻ لڳو هوس- اگر ڪوشي هيئن سڄي عمر نچندي رهي ته مان کيس ڪيترو نه پيار ڪريان. پر هوءَ ناچ کي صرف وندر ڪري سمجهندي آهي. جڏهن به مان ناچ جي ڳالهه ڪڍندو آهيان ته هوءَ بگڙجي چوندي آهي، ”تون سدائين ناچ کي ياد ٿو ڪرين. ڇا ڪوشليا تو لاءِ زنده نه آهي؟ شيام، مان ڪوشليا آهيان- ڊانس ته سوسائٽيءَ ۾ سُرخرو ٿيڻ جو جتن آهي.“
    ايتري ۾ ناچ پورو ٿيو، سڄو حال تاڙين سان گونجي اُٿيو. ڪوشي مرڪندي هٿ جوڙيندي، وڏين اکين مان شڪر گذاريءَ جو آب اوتيندي اسٽيج تان وڃڻ لڳي. هوءَ تمام سندر، من-موهڪ لڳي رهي هئي.
    مان ڪوشليا کي واڌايون ڏيڻ لاءِ اسٽيج پٺيان ويس پر مون کان اڳ گهڻيئي جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اُتي پهچي چڪا هئا. ڇوڪريون ريشمي ڪپڙن ۾ ويڙهيل ۽ گڏين جيان سينگاريل ڳالهائيندڙ ٻليون پئي لڳيون. ڇوڪرن جي هٿن ۾ سگريٽن جا دٻا هئا، سندن وارن مان سرهاڻ اچي رهي هئي، هو سڀ انگريزيءَ ۾ ڳالهائي ڪوشيءَ کي واڌايون ڏيئي رهيا هئا. پر مون کي پڪ هئي ته هو شيڪسپيئر جي پنجن سٽن کي به سمجهي نه سگهن ها. هو انگريزي اِن ڪري ڪو نه ڳالهائي رهيا هئا ڇاڪاڻ ته هو انگريزيءَ ۾ ماهر هئا، پر ڇاڪاڻ ته اهو اُن وقت جو فئشن هو.
    ڪوشليا خوش ٿي هٿ هٿ ۾ ملائي هنن سان ڳالهائي رهي هئي- هيءُ ڪوشليا جو ٻيو روپ هو. اڃان کيس نرتيه-ناريءَ جو لباس پيل هو، پر هوءَ نرتيه ڪار نه هئي-هوءَ ڪلب جي ميمبر، هڪ رواجي ڇوڪري هئي جا پنهنجي ساراه ٻڌي گد گد ٿي رهي هئي.
    مان ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيئي ڪنڊ ۾ بيٺو هوس. ڪيتري دير بعد هوءَ منهنجي ڀرسان لنگهي ته هن منهنجا ٻئي هٿ پڪڙي چيو،
    ”ڪيئن شيام، تو کي ناچ وڻيو؟“ ڪوشليا بيحد خوش هئي ان رات. مون مرڪي چيو، ”ها ڪوشي، خوب وڻيو.“
    اسين وڏي هال ۾ پهتاسين، جتي پارٽيءَ جو بندوبست ٿيل هو. سڄو هال بتين جي روشنيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو. چوطرف زالن ۽ مردن جا مليل ٽهڪ ۽ سگريٽن جو دونهو پاڻ ۾ دوستي ڳنڍي رهيا هئا. رکي رکي ڇرين ۽ ڪانٽن جو پليٽن سان ٽڪڙجڻ جو آواز ٿي آيو.
    ڪوشي ۽ مان هڪ ميز تي ويٺا هئاسين. اڃا پنج اَٺ منٽ ئي مس گذريا جو ڪي جوان آيا ۽ ڪوشي کي گهيري ويا. آخر ڪوشيءَ کي اُٿي هنن سان گڏ وڃڻو ئي پيو. ڪوشي اُن رات جي هيروئن هئي. هوءَ جتان به لنگهي ٿي اُتي تاڙين جو ڦهڪو ٿي پيو. سڀني ساڻس هٿ ملائڻ ٿي چاهيو. ڇوڪريون ۽ زالون مٿس حسد ڪري رهيون، پر مون کي سڀ نقلي لڳي رهيو هو. جڏهن ڪيتري دير تائين ڪوشي واپس نه آئي ته مان اُٿي کڙو ٿيس ۽ هال مان نڪري ٻاهر بالڪنيءَ ۾ وڃي بيٺس.
    بالڪنيءَ ۾ سانت هئي، صرف رکي رکي ٽهڪن جو آواز اُٿي پهتو ٿي. تارا چمڪي رهيا هئا. سڄو شهر اونده ۾ ويڙهيل هو.
    مان ڀت تي ويهي رهيس. جوان فقيرياڻي ڇاتي کولي منهنجي سامهون آئي ۽ ٻاڏائي چوڻ لڳي. مان بکي آهيان، مان بکي آهيان. سهڻي منهنجي ڀر ۾ ويهي پکين جي راند ڏسي رهي هئي. سندس پهراڻ تي ڪئين چتيون لڳل هيون. هوءَ اونداه ۾ گم ٿي ويئي، زمين ۾ پيهي ويئي. سائين نور الله شيليءَ جو اهو ٽڪر پڙهي رهيو هو:
    ”مان وچن ٿو ڪريان ته مان پنهنجي طاقت آهر سچار، سياڻو ۽ پاڻ وهيڻو ٿيندس. مان وچن ٿو ڪريان ته پنهنجي خاموشيءَ سان به مان ظالمن، خود مطلبين ۽ طاقت وارن جو طرف نه وٺندس. مان وچن ٿو ڪريان ته مان سڄي زندگي سونهن جي شيوا لاءِ ارپي ڇڏيندس.“
    مون اهو ٽڪر ڪئين دفعا پڙهيو هو ۽ دل ۾ دهرايو هو، ليڪن اڄ مان ڪٿي ويٺو هوس؟ ڇا ڪلب ۾ ويٺل زالون ۽ مرد ئي اُهي اِنسان آهن؛ جن جي ڳولا ۾ مان ڳوٺ ڇڏي هتي شهر ۾ آيو هوس. ڇا هي انِسان ئي نئين سنڌ جا اَڏيندڙ ٿيندا؟ هي اِنسان ئي منهنجا ساٿي آهن جن زندگيءَ ۾ ڪپڙي ۽ کاڌي کانسواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه تي سوچيو ئي ڪونهي؟ ڇا مان خود بدلجي ويو آهيان؟ ڇا مان ٻڏي رهيو آهيان؟
    آڪاس مان هڪ تارو ٽٽو ۽ تڪڙو تڪڙو هڪ پاسي ڪرندو ويو. منهنجو من ڪنبي اُٿيو- ڇا مان هڪ ڪريل تارو هوس؟ مون پٽ تان مٽيءَ لپ کڻڻ لاءِ هيٺ نهاريو، ليڪن اُتي مٽي هئي ڪٿي! اُتي ته چلڪندڙ ڌوتل فرش هو. مٽيءَ جي خوشبوءَ ڌرتيءَ جي خوشبوءَ مون کي، سهارو ڏيندي آئي هئي. اُها مون کي تمام پياري هئي، ليڪن اڄ هتي اُها ڪا نه هئي.
    مان ڳولڻ چاهيان ٿو اُنهن اِنسانن کي جي مٽيءَ جا پوڄاري آهن. جيڪي ٻين جون زندگيون ڇني نه ڄاڻن پر پنهنجي زندگيءَ ڏئي ڄاڻن. اُهي اِنسان مونکي ڪٿي ملندا؟ مان هنن جي ڪٿي ڳولا ڪريان؟
    اُن وقت پٺيان هڪ تيز ۽ تلخ آواز آيو، ”شيام!“
    مون پٺيان نهاريو- ڪوشي بيٺي هئي. نرتيه واري پوشاڪ ۾ هوءَ اُن وقت هڪ راڻيءَ مثل لڳي رهي هئي. پر ڇا ائڪٽر کي بادشاه جي پوشاڪ ۾ ڏسي بادشاه سمجهڻ ڀل نه آهي؟
    ”مان تو کي ڳوليندي سڄي ڪلب ڀٽڪي آهيان. ههڙي موقعي تي ههڙو رخ سهائي ٿو تو کي؟“
    مان ڪو جواب نه ڏيئي سگهيس. مان پنهنجن خوابن ۾ هوس. ڪوشيءَ جي منهن تي خوشي هئي، فتحيابيءَ جو غرور هو ۽ آتم- وشواس هو. ”سڀيئي منهنجي ساراه جا گيت ڳائي رهيا آهن ۽ تو کي شايد اهو پسند نه آهي. تون ڀڄي هتي اچي لڪو آهين.“
    مون چيو، ”ڪوشي، اها ڪهڙي فتحيابي آهي؟ هي اِنسان ته هر سندر ڇوڪريءَ جي ساراه جا گيت ڳائيندا آهن. هو ڪلا کي ڇا ڄاڻن. مان ته کين اِنسان مڃڻ کان به عاري آهيان. هو جانور آهن، جن اِنسان جو سانگ پاتو آهي. هو زنده آهن ڇاڪاڻ ته ٻيا اِنسان محنت ڪري سندن زندگيءَ جون سڀ ضرورتون پوريون ڪن ٿا. هڪ ڏينهن جادوءَ سان سندن نوڪر، سندن بورچي ۽ درزي ۽ ٽجوڙين مان نوٽ گم ٿي وڃن ته ڇا هو اِنسان رهندا؟ هو اگهاڙا جانور بڻجي ويندا، جن کي پتو به ڪو نه پوندو ته ڪيڏانهن وڃجي، ڇا ڪجي؟“
    ڪوشيءَ ڪجهه خفي ۾ ڪجهه ڏک مان چيو، ”تون هي سڀ ڇا چئي رهيو آهين؟“
    ”اڄ منهنجي دل روئي رهي آهي، ڪوشي ٻاڏائي رهي آهي. ننڍي هوندي مون قسم کاڌو هو ته مان اُهو ڪي ڪندس جنهن سان اسان جي سنڌ سهڻي ۽ سکي ٿيندي. مان اُنهن اِنسانن جي ڳولها ۾ ڪراچيءَ آيس جن جو اهو ساڳيو مقصد هجي. ليڪن اڄ مان ڪٿي ويٺو آهيان؟ هي سگريٽن جو دونهون ۽ کوکلا ٽهڪ منهنجي من کي منجهائي رهيا آهن. ڪوشي!“
    ڪوشيءَ چيو، ”پر شيام، ڇا اِها تنهنجي خود غرضي نه آهي؟ جيڪا ڳالهه تون پسند ڪرين ٿو سا ٻين کان به ڪرائڻ چاهين ٿو، ۽ جا ڳالهه ٻيا پسند ڪن ٿا اها تون ڪرڻ نه ٿو چاهين. مون پنهنجي ساهيڙين اڳيان تنهنجي ڏاڍي ساراه ڪئي هئي ته تون شاعر آهين، ڪهاڻيون ٻڌائي ڄاڻين. پر جڏهن به هو توسان ڳالهائڻ چاهين ته تون منهن موڙي وڃين. اهو ڪهڙي سڀيه سماج جو وهنوار آهي؟ مان اهو سڀ بيعزتي سهندي رهيس، اِن اُميد ۾ ته هڪ ڏينهن تون هن سڀيه سماج جا نيم سمجهندين.“
    ”مون خوب ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيس. اُبتو هلڻ سان اِنسان ڊڪ پائي نه سگهندو آهي ۽ اڪثر ٺوڪر ئي کائيندو آهي. مان به پنهنجي سڀاءُ جي اُبتڙ هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس.“
    اُن وقت بالڪنيءَ ۾ ٻيا به ڪي آيا. ڪوشليا منهنجي ويجهو اچي چيو، ”هل ته هلون.“
    اڌ رات گذري چڪي هئي، جڏهن اسين اُتان هلياسين. ڪوشليا موٽر هلائي رهي هئي. رستي تي ڪنهن به ڪو نه ڳالهايو، ٻئي پنهنجن خيالن ۾ غرق هئاسين. جڏهن اسين گهر جي ڏاڪڻ چڙهي رهيا هئاسين ته مون چيو، ”ڪوشليا، ٻه منٽ منهنجي ڪمري ۾ ايندينءِ؟“
    ڪوشليا بنا ڪجهه چوڻ جي منهنجي ڪمري ۾ آئي. هوءَ پلنگ تي اچي ويٺي ۽ مان سندس ڀر ۾. ڪيترو وقت سانت هئي. مون ڇا چوڻ چاهيو ٿي اها پروڙ ڪا نه هئم، پر منهنجي دل لفظ ڳولهي رهي هئي. آخر مون چيو، ”ڪوشي!“
    الائي ڇو، منهنجي آواز ۾ ميٺاج تمام گهڻو هو ۽ درد پڻ هو. ڪوشيءَ ٻه اکيون مٿي ڪيون.
    ”مان ائين پيو سمجهان ته مان هڪ قيد ۾ آهيان، مان آزاد ٿيڻ چاهيان ٿو.“
    ”مون سمجهيو.“ ڪوشيءَ اُٿندي چيو، ”تون آزاد آهين.“ هن ڪمري مان ٻاهر ويندي چيو.
    هوءَ وري موٽي آئي ۽ منهنجي ايترو ته نزديڪ اچي بيٺي جو مان سندس حواسن جو آواز ٻڌي رهيو هوس. ”مون کي غلط نه سمجهجانءِ، شيام! پر مان لوڀڻ آهيان. مون جيڪي ننڍيون ننڍيون شيون زندگيءَ ۾ گڏ ڪيون آهن تن کي اُڇلي نه ٿي سگهان.“ هن پنهنجي چوٽيءَ مان ٻه گل لاٿا ۽ منهنجي هٿ تي رکيائين.
    ”اُٿ، مون کي منهنجي ڪمري تائين ڇڏي اچ.“
    ڪوشليا جي ڪمري وٽ پهچي اوچتو مون چيو، ”ترس“ ۽ پنهنجي هٿ وارن گلن مان هڪ گل کڻي ڪوشليا جي چوٽيءَ ۾ اٽڪايم.
    مان پنهنجي ڪمري ۾ پهتس ته گهڙيال ٻن جا ٺڪاءَ هنيا.


    دنيا

    11

    اُن ڏينهن بعد شيام ڊائري ڪا نه لکي. ٻه ڏينهن پوءِ شيام گوبند رام جي آفيس واري ڪمري ۾ ويو. اُن وقت گوبند رام جي سامهون سادن ڪپڙن ۾ هڪ وچولي درجي جي عورت ويٺي هئي. شيام هڪ طرف ويهي ڳالهيون ٻڌڻ لڳو. هيءَ زال گوبند رام جي گاڏي کاتي واريءَ جاءِ جي هڪ فليٽ ۾ مسواڙ تي رهندي هئي. ڪجهه مهينا ٿيا جو سندس مڙس گذاري ويو هو ۽ هوءَ ڪن مهينن جي مسواڙ ڀري نه سگهي هئي. هوءَ گوبند رام کي وينتي ڪرڻ آئي هئي ته کيس ڪجهه مهينن جي وڌيڪ مهلت ڏئي.
    پر گوبند رام نه جو اکر واري ويٺو هو. سچي ڳالهه اها هئي ته ان وقت مسواڙون وڌيل هيون ۽ جيڪڏهن هيءَ زال گهر خالي ڪري ها ته ٻئي مسواڙيءَ وٽان گوبند رام کي ڏهه پندرهن رپيا وڌيڪ مسواڙ ملي ها ۽ ڪهڙي پڪ هئي ته هيءَ زال اڳتي هلي به مسواڙ ڀري سگهندي. زال آخر نراس ٿي اُٿي هلي ويئي.
    زال جي وڃڻ بعد گوبند رام شيام ڏانهن منهن ڪري چيو، ”چئه، شيام!“
    شيام ڪجهه هٽڪندي چيو، ”مون خيال ڪيو آهي ته مان هاسٽل ۾ وڃي رهان.“
    ”ڇو، ڇا جي ڪري؟“
    ”ائين ئي . هتي ايترو پڙهڻ نٿو ٿئي. ۽ هاسٽل ڪاليج جي ويجهو پڻ آهي.“
    گوبند رام شيام کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو دنيا ديده ماڻهو هو ۽ جلد ئي سمجهي ويو ته شيام پڪو ارادو ڪري آيو آهي. سچ ته شيام هاسٽل ۾ بندوبست به ڪري آيو هو. گوبند رام جون به هينئر شيام ۾ اُهي اُميدون ڪو نه رهيون هيون، جيڪي پهرين هن ۾ رکيون. تڏهن به شيام ڪافي پسند هوس. هن لاچار ٿي شيام کي موڪل ڏني، پر تاڪيد ڪيائينس ته جلد جلد منهن ڏيکاريندو ڪج ۽ جڏهن به چاهين تڏهن اچي گهر ۾ رهج.
    هڪ ننڍي ڪمري جي دريءَ وٽ ويٺو شيام اڪثر ڪجهه سوچيندو رهندو هو. دريءَ مان هو ڏسندو هو ته سڀ ڇوڪرا پاڻ ۾ جهنڊ ٺاهي پيا کيلين ۽ محفلون ڪن. پاڻ ئي هو جو اڪيلو هوندو هو. هونءَ به شيام ڪاليج ۾ دوست تمام ٿورا ڪيا هئا. ڪي ته کيس مغرور به سمجهندا هئا.
    شيام جي دل ۾ ڪيترا سوال جاڳيا هئا، جن جا جواب هو پائي نه سگهيو هو. ڪوشليا کي ته هو چئي آيو هو ته پاڻ هيءُ ننڍو جيون سجايو ڪرڻ ٿو چاهي، پر اُهو سجايو ڪيئن ڪري؟ هن زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ اسين هن دنيا ۾ ڇو آيا آهيون؟ هيءَ سڀ ڪنهن جي راند آهي؟ وقت ڇا آهي؟ اسين ٻڍا ٿي مري ڇو ٿا وڃون؟ مرڻ بعد ڪيڏانهن ٿا وڃون؟
    هر سوال جي جواب پٺيان ٻيو سوال ڳنڍيل هوندو هو ۽ ائين سوالن جوابن جي ڪا پڇاڙي ڪا نه هئي. شيام ڪڪ ٿي اکيون بند ڪري آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پوندو هو يا ڪاليج جا ڪتاب هڪ طرف ڦٽا ڪري اڪيلو پنڌ نڪري پوندو هو- ڪڏهن ڪلفٽن ڏانهن، ڪڏهن لورس برج لتاڙي سمنڊ ڪناري هليو ويندو هو. ڪڏهن وري ائين ئي گهٽيون ڪڇيندو رهندو هو. ڪڏهن اڌ رات جو اُٿي انگريزي شعرن جو ڪو ڪتاب ڪڍي پڙهندو هو ۽ پڙهندي پڙهندي ننڊ اچي ويندي هئيس. پر جڏهن به پنهنجو شعر لکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ٻن ٽن سٽن کان وڌيڪ لکي نه سگهندو هو. سندس خيال ۽ جذبا ڇڻيل پنن وانگر هيڏانهن هوڏانهن اُڏامي ويندا هئا.
    ڳوٺ مان ڪڏهن ڪڏهن خط ايندا هئس. سائين نُور الله اسڪول جي نوڪري ڇڏي ڏني هئي ۽ هاڻي ڀر واري ڳوٺ ۾ بالغ هارين کي وڻ هيٺان پاڙهيندو هو. سندس مالي حالت خراب هئي، ان ڪري شيام پنهنجي هٿ خرچيءَ مان هر مهيني ويهه روپيه کيس موڪليندو هو.
    سندس پيءُ جو دنڌو ڪافي وڌيو هو. سڄي تر ۾ هاڻي هن جهڙي آسامي ڪا نه هئي. هن ٻيو باغ به ورتو هو ۽ زميندار کان قرض عيوض ڪي ٻنيون به مليون هئس.
    هڪ ڏينهن شيام جيئن ڪاليج کان موٽيو، تيئن پٽ تي هڪ لفافو پيل ڏٺائين گهران هميشه پوسٽ ڪارڊ ايندا هئا، سو لفافو کڻندي ئي الائي ڇو هٿ ڏڪڻ لڳس. خط پڙهندي ئي هن جي منهن تي هيڊ هارجي ويئي- ساوتريءَ جو گهوٽ گذاري ويو هو.
    اُن رات شيام پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو: ”منهنجي ڀيڻ، تو کي زندگيءَ مان ڇا مليو؟ ڪجهه به نه. تون راند ڪرڻ جيڏي ٿينءَ مس جو سماج تو کي گهر جي چؤديواريءَ اندر بند ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ڏينهن تو کان پڇڻ بنا تو کي ڳوڻ ۾ بند ڪري اُن گهر ۾ موڪلي ڇڏيو، جتي ڪير به تنهنجو ڄاتل سڃاتل ڪو نه هو ۽ نه ڪنهن تو کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. تون ڄڻ ڪا گانءِ هئينءَ جنهن مان کير ڏهڻو هو ۽ کيس کاڌو کارائڻو هو.“
    ”پر ان لاءِ ذميوار ڪير آهي؟ سماج، ۽ تنهنجو ماءُ پيءُ پڻ. هنن ڪڏهن به گنڀيرتا سان اهو ڪو نه سوچيو ته تون به هڪ انسان آهين ۽ تو کي پنهنجو رايو رکڻ جو حق آهي. صدين کان عورت کي هڪ خريد و فروخت جي شيءِ سمجهيو پئي ويو آهي. شايد هڪ ٻي ضروري چيز، جنهن جو ڪو ملهه ڪونهي.
    ۽ ساوتريءَ جو آئيندو؟ هن جو ڪو به آئيندو ڪونهي. هوءَ جيئري ئي مري ويئي. کيس زنده رهڻ جو حق آهي، پر زندگي ماڻڻ جو نه. هوءَ ڪنهن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ويهي پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن ڳڻيندي رهندي هوءَ وري شادي ڪري نٿي سگهي،....ان لاءِ جيڪي سماجڪ ٻنڌڻ آهن. تن کي ساوتريءَ جهڙي عورت ٽوڙي نٿي سگهي. هوءَ ڪمائي پنهنجي پيرن تي به بيهي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ جو هوءِ پڙهيل نه آهي.“
    شيام ڊائري بند ڪئي ۽ اُڀو ساه کڻي ليٽي پيو.
    هڪ ڏينهن عورت جي سماجڪ حالت تي ڪوشليا سان سندس بحث ٿيو هو. شيام چيو هو، ”عورت جيستائين پنهنجي پيرن تي نه بيٺي آهي. تيستائين هوءَ سماج ۾ عزت حاصل ڪري نٿي سگهي. مرد سدائين کيس پنهنجي تابع رکڻ جي ڪوشش ڪندو.“
    ڪوشليا مرڪي ڏنو. ”مان اِن راءِ جي نه آهيان.هر انسان هن دنيا ۾ ڪو ڪم ڪري ٿو، جنهن جي بدلي ۾ کيس جيئڻ جو حق ملي ٿو. غريب گهر جي عورت گهر جو پورهيو ڪري ٿي، جنهن جي بدلي کيس جيئڻ جا حق ملن ٿا. شاهوڪار گهر جي عورت مرد جي من کي موهي هن کي زندگي بخشي ٿي.... ڇا اهو پورهيو گهٽ آهي؟“
    ”تون جيڪر ڇا پسند ڪرين، ڪوشليا؟“
    ڪوشليا کلي چيو هو، ”مونکي عورت جو موهڻو روپ ئي پسند آهي ۽ منهنجي خيال ۾ اهو ئي عورت جو سچو روپ آهي.“
    ”تون پاڻ کي دوکو ڏيئي رهي آهين، ڪوشي. اهو ڀرم مرد ئي عورت ۾ وڌو آهي. تون اهي ڳالهيون ڪري رهي آهين، جي ڪنهن بادشاه جي حرم خاني جي ناچڻي ڪندي آهي. مان سمجهان ٿو ته ڪنهن به معزز عورت کي اهو درجو قبول ڪرڻ نه کپي.“
    ڪوشليا ڪاوڙجي ٻئي ڪمري ۾ هلي ويئي هئي.
    شيام ڀيڻ کي هڪ ننڍو خط لکيو ۽ سڄي رات جاڳي هڪ شعر رچيائين. شعر لکي پورو ڪيائين ته ڏٺائين ته سندس اکين ۾ لڙڪ مڙي آيا هئا.


    12

    ”اوه، توهان ڪيئن هتي پهچي ويا؟ ”شيام در کوليندي عجب ۽ خوشيءَ ۾ چيو.
    ”داديءَ جي گهر ويو هوس. اُتي ڳالهه ڪيائون ته تون هتي هاسٽل ۾ آهين، اچ يوسف!“
    سندر پٺيان هڪ ٻيو ڇوڪرو بيٺو هو. اٽڪل شيام جي عمر جو ئي، يا کانئس ٿورو وڏو هو. هوُ به اندر گهڙي آيو سندر واقفيت ڪرائيندي چيو، ”شيام شاعر...يوسف چترڪار.“
    ٻنهي جون اکيون مليون. سندر کلي ڏنو. چيائين، ”ٻئي ساڳيءَ مٽيءَ جا ٺهيل آهيو.“
    سندر شيام جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”ڇو، شاعر ڪجهه موڳو ۽ غمگين پيو نظر اچي؟“
    شيام هلڪو مشڪيو. هن ڏٺو ته يوسف ڏانهنس چتائي نهاري رهيو آهي.
    ”ڪلاڪار جي زندگي ڏاڍي ڏکي آهي. “ سندر آرام ڪرسيءَ تي ويهندي چيو. ”عام ماڻهن جيان هوُ هڪ دنيا ۾ ڪو نه ٿو رهي، پر ٻن دنيائن ۾- هڪ حقيقي دنيا، ٻي سپنن جي دنيا، هوُ گهڙيال جي لڏڪڻي جيان هنن ٻنهي دنيائن جي وچ ۾ لڏندو رهي ٿو، ان ڪري مڪمل طرح ڪنهن به هڪ دنيا جو نه آهي. هوُ ٻنهي کي پيار ڪري ٿو، ان ڪري ٻئي دنيائون کيس لڀائي سڪائينديون رهن ٿيون.“
    يوسف مرڪي شيام جو هٿ پڪڙي چيو، ”مون تنهنجو ڪتاب پڙهيو آهي. مان ڄاڻان ٿو تنهنجي دل ۾ ڇا آهي. اچ ته اسين ٻئي دوست ٿيون.“
    سندر چيو، ”سنڌ ۾ زمين گهڻيئي آهي، ٻج پوکيندا هلو، پاڻي ڏيندا رهو.“ پوءِ مرڪي چيائين، ”جڏهن ٻوٽا ۽ وڻ وڏا ٿيندا ته چؤطرف ڇانوَ ٿيندي، تيستائين بيوس جي مکڙيءَ جي بيتابي آهي.“
    يوسف ۽ شيام هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. سندر ڳنڀير ٿي چيو، ”چڱو، مان هلان ٿو. ڪياماڙيءَ تي مزدورن جي ميٽنگ آهي، مون کي اُتي پهچڻو آهي.“
    سندر اُٿي کڙو ٿيو ۽ ٻنهي جي گڏيل هٿن کي پنهنجن ٻنهي هٿن سان دٻائي هليو ويو.
    در بند ٿيڻ بعد يوسف چيو، ”سندر انسان آهي. انسان جنهن کي سچي معنيٰ ۾ انسان چئجي.“
    ”تون کيس گهڻي وقت کان سڃاڻين؟“
    ”گهڻي وقت کان، هوُ روشن منار آهي، جو لهرن ۾ لڏندڙ ٻيڙين کي سڏيندو ٿو رهي.“
    اوچتو يوسف شيام جي هٿ دٻائي چيو، ”شيام، تون دکي آهين!“
    ”ها.“
    ”ڇو؟“
    شيام مرڪي ڏنو. هن جي چپن جي ٻنهي پاسي دک ڀري ريکا هئي.
    ”مون سمجهي ورتو. هر ڪلاڪار زندگيءَ ۾ هڪ دفعو باه مان لنگهي ٿو. پر شيام، اُن باه ۾ گهڻو وقت رهڻ نه کپي، نه ته اها انسان کي ۽ سندس ڪلا کي ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي. مان به شايد هن باه ۾ ڀسم ٿي وڃان هان جيڪڏهن سندر مون کي راه نه ڏيکاري ها!“
    ”ڪهڙي راه؟“
    ”پورهيو، محنت، محنت سان ئي انسان پاڻ سڌاري ٿو، پاڻ کي بهتر بڻائي ٿو. اسان جي واقفيت تمام ٿوري آهي، شيام، پر مان تو کي دوست سمجهڻ لڳو آهيان. مان جڏهن ڪراچيءَ آيو هوس ته ماءُ پيءُ سان وڙهي آيو هوس. منهنجو پيءُ وڏو زميندار آهي، پر تمام پراڻن خيالن جو آهي. جڏهن مون هن کي ٻڌايو ته مان چترڪاري سکڻ چاهيان ٿو ته هوُ بگڙجي ويو. ان بعد گهر ۾ جيڪو جهڳڙو ٿيو، اُن مون کي ڏاڍو دُکي ڪيو. مان پنهنجي ڀيڻ کي وٺي ڪراچيءَ هليو آيس. مان هتي آيس ته، پر گهران جيڪي خط ايندا هئا، سي مون کي ڏاڍو دُکي ڪندا هئا. مان عجيب ڪشمڪش ۾ هوس. ڪم ڪرڻ بدارن سڄو وقت سوچيندو رهندو هوس، پوءِ سندر گڏيم. هن جي چوڻ تي مان خيالات کي ڇڏي چترن چٽڻ ۾ جنبي ويس ۽ هاڻي ڏس مان سکي آهيان.“ هوُ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو ۽ هڪ سنڌي ڪافي ڳائڻ لڳو ٻه ٽي سٽون ڳائي، هن شيام ڏي نهاري چيو، ”گل بابت سوچڻ مان گل پئدا نه ٿيندو آهي، گل کي پوکڻو پوندو آهي.“ ٿورو ترسي چيائين، ”سندر کي ئي ڏس. سندس سڀاءُ ڪلاڪار جو آهي، پر ڪم ڪهڙو ٿو ڪري؟ سڄو ڏينهن مزدورن سان ڳالهيون ڪرڻ، فائيل رکڻ، سندن رپورٽون لکڻ. ڇا هيءُ ڪم سندر جي شان وٽان آهي؟ بلڪل نه. پر هن ڄاتو آهي ته سهڻو گل پيدا ڪرڻ لاءِ ڇيڻي ۾ هٿ وجهڻا ئي پوندا آهن.“
    شيام ۽ يوسف ڪيترو وقت سانت ۾ ويٺا هئا. پوءِ يوسف واچ ڏسي چيو، ”منهنجي ڪلاس جو وقت ٿي ويو آهي. مون کي شرڻاگتي وڃڻو آهي. مان اتيئي پينٽنگ سکندو آهيان. تون هلندين؟ هل، گهمي اچ.“ ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي ٻاهر نڪتا.
    اُن هڪڙي ڏينهن ۾ ئي شيام ۽ يوسف جي دوستي پڪي ٿي ويئي. يوسف به شيام واري ڪاليج ۾ ئي پڙهندو هو، شيام کان ٻه سال مٿي. پر ڪاليج جي ڪتابن کان وڌيڪ کيس رنگن جو شوق هو. هو چوندو هو ته رنگن ۾ جادو آهي، رنگن جي به هڪ ٻولي ٿيندي آهي. ڪڏهن ٻئي ڄڻا ڪاليج جي ڪمپائونڊ ۾ بيٺا هوندا هئا ته اوچتو وڏي واڪي چوندو هو، ”اڙي هوءَ ڇوڪري ڏس، بلائوز ۽ ساڙهيءَ جا رنگ ڪهڙو نه مئچ ڪندڙ اٿس! پر هيءُ سندس ربينن جا رنگ ته ڏس.... خانو خراب! ماڻهن کي آرٽسٽڪ دل ئي ڪانهي.“ يوسف ڪنهن جي پرواه ڪو نه ڪندو هو، ڇوڪري ٻڌي ته ڀلي ٻڌي..... ۽ ٻڌي ته پاڻ سٺو.
    شيام کلي چوندو هو، ”پر تون پنهنجن ڪپڙن جي ته ذري به پرواه ڪو نه ڪندو آهين؟“
    ”اسين ته ٿياسين فقير ماڻهوُ- فقيرن کي ته چتيون لڳل ڪپڙا ئي سونهندا آهن.“
    يوسف جو پيءُ وڏو زميندار ۽ ڪٽر مسلم ليگي هو، پر يوسف اُن جي بلڪل اُبتڙ هو. هوُ چترن ۾ هندو ديوتائن جون مورتون ڪڍندو هو ۽ ڳائڻ وقت شاه سان گڏ ميران ۽ ڪبير به ڳائيندو هو. ڪڏهن ڪاليج ۾ پريڊ شروع ٿيڻ کان ٻه ٽي منٽ اڳ شيام کي چوندو هو، ”هل ته گهمي اچون... هن قيد ۾ رکيو ڇا هي؟“
    باغ ۾ گهمندي هوُ ڏک ڀرئي آواز ۾ چوندو هو، ”دل ته ٿئيم ٿي ته اڄ ئي ڪاليج ڇڏي هماليه ڏانهن ڀڄي وڃان.“
    ”هماليه وڃي ڇا ڪندين؟“
    ”الائي ڇو، هماليه سدائين مونکي ڇڪيندو ٿو رهي ۽ نيپال ۽ ٿٻيٽ وڃڻ تي به منهنجي ڏاڍي دل آهي. اُتي وڃي مان پينٽنگ سکڻ ٿو چاهيان.“
    ”پر تو هڪ مسلمان جي؛ ٿٻيٽ نواسي آجيان ڪندا؟“
    يوسف ڪاوڙجي چوندو هو، ”شيام، ڇا تنهنجي نرڙ تي لکيل آهي ته تون هندو آهين. ڏيکار، ڏيکار، ڪٿي لکيل آهي؟ مان مسلمان ٿي به تو هڪ هندوءَ کي پيار ڪريان ٿو ته ڇا هوُ مون کي گلي لائي نٿا سگهن؟
    ڪڏهن وري شيام پنهنجا گيت پڙهندو هو ۽ يوسف سانت ۾ اهي ٻڌندو رهندو هو، ائين ڄڻ هو پوڄا ڪري رهيو هجي.
    هڪ ڏينهن شيام يوسف کان پڇيو، ”تنهنجو پيءُ هئڙو تنگ ۽ ڪٽر خيالن جو آهي، پوءِ تو هيءُ وشالتا جو سبق ڪٿان پرايو؟“
    يوسف ڪجهه وقت سوچ ۾ پئجي ويو. پوءِ ڳنڀير ٿي چيائين، ”سچ ٻڌايانءِ، پنهنجي ننڍي ڀيڻ وٽان.“
    ”ها. “ يوسف تمام ڳنڀير هو. ”هوءَ ننڍي هوندي کان بيمار آهي، ان ڪري ڊاڪٽرن کيس گهڻي ڪم ڪرڻ کان روڪيو آهي. ماستر کيس گهر ۾ پاڙهڻ ايندا هئا ۽ هوءَ شام جو ڳوٺ جي ٻارن کي پاڙهيندي هئي. اُنهن ۾ ٻئي هندو مسلمان ٻار هوندا هئا. ٻار ڪڏهن گسائيندا هئا ته هوءَ انهن جي گهرن ۾ ويندي هئي، ۽ وڃي گهر جي زالن سان ڳالهيون ڪندي هئي. هوءَ ڏاڍي همٿ واري آهي، شيام، ابي کان اسين سڀ ڊڄندا هئاسين، خود منهنجو وڏو ڀاءُ به ڇرڪندو هو، پر هوءَ ڪا نه ڊڄي. جڏهن مان ڪراچي اچي رهيس ته هن به ضد ٻڌو ته مان به هلنديس. هن جي ارادي سامهون ڪير به بيهي نه سگهيو. هونءَ به بابا ۽ اما نُوريءَ جي سڀ مرضي رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جو هوءَ بيمار رهندي آهي ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سندس دل ڏکوئڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.“
    ”توهان هتي رهندا ڪٿي آهيو؟“
    ”ايڪسٽينشن تي هڪ بنگلي ۾ ٽي چار ڪمرا آهن. منهنجو وڏو ڀاءُ هتي وڪيل آهي، پر سندر سان گڏ پارٽيءَ ۾ ڪم ڪندو آهي. سندر به اڄڪلهه اسان وٽ ئي رهندو آهي. ڪڏهن تون اُتي اچين ڇو نه ٿو؟“
    يوسف ۽ سندر جي سنگ ۾ شيام هر آرتوار تي ليکڪن جي ميٽنگ ۾ وڃڻ شروع ڪيو. ميٽنگ ۾ ڏهه پندرهن نوجوان گڏ ٿيندا هئا. ڪو پنهنجو شعر پڙهندو هو، ڪو ڪهاڻي، اُن بعد اُنهن تي بحث ٿيندا هئا. شيام پهرئين ڏينهن ئي محسوس ڪيو ته هو انهن جي سنگ ۾ ويٺو هو، جيڪي ليکڪن جي حيثيت ۾ شايد گهڻو مشهور نه هجن پر هو ايماندار ۽ محنتي آهن. کين پنهنجي سنڌ لاءِ حب آهي ۽ اُنهن مان ڪن ۾ لياقت به آهي ۽ هو آئينده هلي نالو ڪڍندا.
    هنن ميڙن جو روح سندر ئي هو، شيام کي سندر جي گهرائيءَ جي اُتي ئي خبر پيئي، هو سچي معنيٰ ۾ ليکڪ ڪو نه هو. ڇاڪاڻ ته هو ورلي لکندو هو ۽ صرف شروع ۾ ڪي ڪهاڻيون لکيون هئائين. پر اوڀر ۽ اولهه جي ساهتيه ۽ اُنهن جي ويچار ڌارائن جو هن جو ڪافي گهرو اڀياس ڪيو هو. هن نه صرف انهن جو اڀياس ڪيو هو، پر هڪ سٺي ڪارڪن ۽ ڪم ڪندڙ جي حيثيت ۾ انهن مان ڪجهه پرائڻ جي به ڪوشش ڪئي هئائين. هو زبان جو به فصيح هوندو هو. جوش ۾ نه، پر ڳنڀير ۽ وشواس سان صاف آواز ۾ هو هر ڪنهن نقطي کي تمام چٽي نموني ۾ سلجهائيندو هو. هو هڪ نديءَ جيان هو.
    پهرين ميٽنگ بعد شيام ۽ هو اڪيلي رستي تان پئي موٽيا. شيام چيو، ”ڇا توهان کي يقين آهي ته هن قسم جا ميڙ ليکڪ پيدا ڪندا يا ليکڪن کي اُسرڻ ۾ مددڪندا؟”
    سندر چيو، ”اڄ ميٽنگ ۾ پنڌرهن سورهن ڄڻا ڏٺا. انهن مان سڀ ليکڪ ٿيڻ وارا نه آهن، پر هنن مان ٻه يا ٽي شايد ليکڪ ٿين يا شايد هڪڙو ئي مانجهي مڙس نڪري ۽ رڻ جيتي. پر لشڪر ۾ صرف مهندار ڪم نه ايندا آهن. هر هڪ ملڪ جي ماحول مطابق چوٽيءَ جي ليکڪن سان گڏ هڪ ٻيو به قافلو نڪرندو آهي. اُهي صرف ڪجهه وقت تائين، ڪجهه پنڌ تائين ساٿ ڏيندا آهن، پر ساهت جي ترقيءَ ۾ اُنهن جو به وڏو هٿ هوندو آهي.
    ” ۽ ٻي ڳالهه ته خود ليکڪ ههڙن ميڙن دوران پنهنجن بند محلن مان نڪري وچ بزار ۾ اچن ٿا. هُو پنهنجي تنگ مسئلن کان نڪري سماج جي وڏن مسئلن تي سوچين ٿا... اهو خود اڳتي قدم آهي.
    ”ڪنهن زماني ۾ ليکڪ صرف جذبات ذريعي پنهنجي قلم کي زنده رکي سگهندو هو، ڇاڪاڻ ته اُن وقت انسان ذات جا مسئلا سولا هئا ۽ انسانن جي زندگي سادي سُودي هئي، پر اڄ اسين هڪ پيچيدي سماج ۾ ر هون ٿا، جنهن جا انيڪ مسئلا آهن. اُنهن کي سمجهڻ سؤلو ڪم نه آهي. اُن لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي، ڪتاب پڙهڻا پون ٿا، بحث ڪرڻا پون ٿا ۽ حالتن جو اڀياس ڪرڻو پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جو هر وڏو ليکڪ هڪ اوچي درجي جو عالم پڻ آهي.“
    ”پر سندر، ليکڪ لاءِ صرف ٻاهرين دنيا ئي ته سڀ ڪجهه نه آهي. هن لاءِ هڪ اندرين دنيا پڻ آهي، جا هندن جي مندر جيان پوتر آهي، جنهن ۾ هُو سڀني انسانن کي اندر اچڻ نٿو ڏئي. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهرين دنيا اُن اندرين دنيا تي اُلر ڪري ايندي آهي ۽ کيس ڊاهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. پر ليکڪ پنهنجي ان دنيا جي پوري طاقت سان بچاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مون کي ائين لڳو ته ههڙن ميڙن ۾ اسين اُن دنيا کي پوري اهميت نٿا ڏيون.“
    سندر ڪجهه سوچ ۾ هو. ”پر هيءَ اندرين دنيا به ته ٻاهرين دنيا جو عڪس آهي، پاڇو آهي. انسان جن پيڙائن مان لنگهي ٿو، اُهي ئي ته هن دنيا کي بنائين ٿيون. ليڪن مون کي ٻڌي خوشي ٿي ته تون اندرين دنيا بابت سوچين ٿو. هر انسان جيڪو سنسار بابت گهرائيءَ سان سوچي ٿو، اهو پنهنجي هڪ دنيا اَڏي ٿو ۽ ڪلا دوران اُها دنيا سماج جي سامهون آڻي ٿو. اهي دنيائون آئينده جي دنيا ٺاهڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿيون.“
    هڪ ڏينهن شيام يوسف جي ڏنل پتي تي سندس گهر وڃي پهتو، در يوسف جي ڀاڄائيءَ کوليو. چيائين، ”يوسف گهر ۾ ڪونهي، پر ڏهن پنڌرهن منٽن ۾ اچي ويندو.“ شيام کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري هوءَ اندر هلي ويئي. اهو روم تمام سادو پر سهڻي نموني سجايل هو. هر شيءِ کي ڪلا جا هٿ لڳل هئا. ڀتين تي هٿ جا پينٽ ٿيل چتر چيني نموني ۾ ٽنگيل هئا. وچ ۾ هٿ جي ٺهيل غاليچي تي لڪڙيءَ جو سادو صوفا سيٽ پيل هو، جنهن تي رکيل وهاڻن تي سهڻو ڀرت ڀريل هو. ڀت سان لڳل ڪتابن جو هڪ شيلف رکيل هو، جنهن جي مٿان ناريل جي کوپي مان ٺهيل هڪ گلدستو رکيو هو. ان مان هڪڙو گلابي گل ۽ سائو پن اُڀري بيٺا هئا. ٻيو سڄو ڪمرو خالي هو.
    پاسي واري ڪمري مان ڪجهه آواز اچي رهيا هئا. ڄڻ اَٺ ڏهه ننڍڙا ٻار ويٺا هئا ۽ ڪا عورت مٺي آواز ۾ کين ڪهاڻي ٻڌائي رهي هئي. اٽڪل ڏهن منٽن بعد يوسف اچي ويو. هو شيام کي ڀاڪر پائي ائين چنبڙيو ڄڻ سالن جو سڪايل گڏيو هو.
    شيام عجب ۾ پئجي ويو، ”ڇا توهان جي گهر ۾ اسڪول به هلندو آهي؟“
    يوسف کلي چيو، ”ائين پڇ ته ڇا نه ٿيندو آهي. مون تو کي ٻڌايو هو ته ابي سان اسان جو جهڳڙو آهي، سو پيٽ پالڻ لاءِ اسان کي پاڻ محنت ڪرڻي پوندي آهي. اسان مان ڪير به ايترو نه ڪمائيندو آهي جو سڄي گهر جو بوجو سهاري سگهي، ان ڪري سڀ محنت ڪندا آهن. هيءَ مانٽيسوري ڪلاس منهنجي ڀيڻ نوري هلائيندي آهي. پاڙي جا اَٺ ڏهه ٻار ايندا آهن. منهنجو وڏو ڀاءُ وڪالت ڪندو آهي، پر سندس اَڌ ڪيس بنا اُجوري هوندا آهن. منهنجي ڀاڄائي پرائمري اسڪول ۾ ماستري ڪندي آهي، مان رات جو ٻه ٽيوشن ڏيندو آهيان. سندر جي ته تو کي خبر آهي، هو ٽريڊ يونين آفيس ۾ پگهار دار آهي. ائين هن گهر جو چرخو هلندو آهي.“
    اوچتو هو چپ ٿي ويو. نوري ٻارن کي لولي گائي ٻڌائي رهي هئي. تمام چٽا لفظ مٺي سر تي ترندا پئي آيا. شيام به هلڪو ڇرڪ ڀريو. سڄو وايو منڊل ئي بدلجي ويو. ٻئي سانت رهيا. جڏهن لولي ختم ٿي ته يوسف چيو، ”منهنجي ڀيڻ ٻارن جي جهڙي سنڀال لهندي آهي، اهڙي سنڀال مائرون پنهنجن ٻارن جي نه لهنديون هونديون.“
    شيام اکيون مٿي کڻي يوسف ڏانهن نهاريو. پوءِ سندس نگاهون دروازي طرف وريون. دروازي تي هڪ ڇوڪري بيٺي هئي- سنهڙي ڪڻڪ رنگي. هوءَ شايد اندر اچي رهي هئي جو هڪ اوپري شخص کي ڏسي هٽڪي بيهي رهي هئي. سندس مک گنڀير، اچل ۽ سانت هو. شيام جون اکيون اُتي اٽڪي بيهي رهيون. هوءَ ڌيري بنان آواز جي اندر آئي ۽ هٿ ۾ جهليل ڪتاب اچي شيلف تي رکيائين. پوءِ شيام سامهون اچي هٿ جوڙي چيائين، ”نمستي.“
    يوسف پنهنجن خيالن ۾ ويٺو هو. اوچتو آواز ٻڌي چيائين، ”اڙي، اچي ويئينءَ نوري؟“
    پر شيام اڳيئي اُٿي بيٺو هو ۽ ٻه هٿ گڏي نمستي ڪيائين.
    يوسف چيو، ”نوري، هي اٿيئي شيام. شيام هيءَ نوري منهنجي ننڍي ڀيڻ.“
    نوري ڀاءُ جي ڀر ۾ صوفا تي ويٺي. سندس منهن تي هڪ اَڻلکي مرڪ ظاهر ٿي ۽ اکيون کن پل لاءِ چنچل بڻجي وري سانت ٿي ويون. يوسف چيو، ”شيام، منهنجي توسان واقفيت ٿي تنهن کان اڳ ئي نوري تو کي سڃاڻندي هئي.“
    شيام ڪجهه به نه سمجهي نوريءَ طرف نهاريو. نوريءَ مرڪي چيو، ”مون توهان جو ڪتاب پڙهيو هو. ڪي شعر مون کي تمام سٺا لڳا هئا.“
    يوسف وچ ۾ چيو، ”۽ ڪي شعر سٺا نه لڳا.... جملو پورو ڇو نه ٿي ڪرين.“ پوءِ شيام ڏي مڙي چيائين، ”تو ٻين جون تنقيدون به پڙهيون هونديون، پر جي نوريءَ جي پنهنجي ڪتاب بابت تنقيد ٻڌين ته بلڪل نئين لڳندءِ ۽ مان سچ ٿو چوان ته تنهنجي ڪتاب جون خوبيون ۽ خاميون نروار ٿي بيهنديون.“
    شيام چيو، ”ڪهڙيون ڪويتائون توکي سٺيون لڳيون ۽ ڪهڙيون خراب؟“
    نوري ڪجهه دير سانت ۾ شيام ڏانهن نهاريندي رهي. پوءِ چيائين، ”اڄ نه، ٻئي ڪنهن ڏينهن ٻڌائينديسانءِ“ پوءِ ڀاءُ طرف مڙي چيائين،
    ”چانهه کڻي اچان؟“
    ”ها، ۽ پنهنجي فيورٽ Favourite مٺائي به کڻي اچجانءِ؟“
    نوري وري به آهستي ۽ سانت ۾ ڪمري مان نڪري ويئي. يوسف چيو، ”ههڙي ڀيڻ ڪنهن ورلي کي نصيب ٿيندي. پر ڀاڳ نه ڀلايس.“
    شيام عجب مان پڇيو، ”ڇا ٿيو؟“
    ”هن کي ننڍي هوندي کان ڦڦڙن جي اهڙي بيماري آهي، جنهن جو علاج ئي ڪونهي. ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب نه هن کي گهڻو پورهيو ڪرڻ گهرجي، نه ٿڌي هوا ۾ ٻاهر گهمڻ ڦرڻ گهرجي.“
    نوري جڏهن چانهه جي ٽري کڻي ڪمري ۾ واپس آئي ته يوسف ڪمري ۾ ڪو نه هو. هو اندر پنهنجا چتر کڻڻ ويو هو. نوريءَ شيام جي ڀر واري ڪوچ تي ويهي چيو، ”يوسف تنهنجون ڪيتريون ڳالهيون ڪندو آهي. مون کي پڪ هئي ته هڪ ڏينهن تون هتي ايندين؟“
    شيام چيو، ” ۽ يوسف به تنهنجي ڏاڍي ساراه ڪندو آهي؟
    ”اِهو ته ڀاءُ جو ڀيڻ لاءِ قرب آهي.“
    ”تون شايد ڪتابن پڙهڻ جي شؤقين آهين؟“
    ”جڏهن من اُداس ٿيندو آهي ته شعرن جا ڪتاب پڙهندي آهيان.
    جڏهن دنيا جي ماڻهن سان ناتا جوڙڻ تي دل ٿيندي اٿم ته ناول پڙهندي آهيان. هڪ قيديءَ لاءِ اهو ئي رستو آهي دنيا کي ڄاڻڻ جو.“
    ”قيدي ڇو؟“
    ”بيماريءَ ڪري ٻاهر گهڻو نڪري ڪو نه سگهان. گهڻو تڻو باغ ۾ ويهي گلن ۽ پوپٽن سان رانديون ڪندي آهيان. ننڍي هوندي کان نوان نوان شهر ۽ ڳوٺ ڏسڻ جي من ۾ تمنا هئي پر شايد قدرت کي اهو منظور نه هو.“
    ”پر هتي شهر ۾ ته نڪري سگهين ٿي...“
    ”نڪرڻ ۾ مزو ڪهڙو، جڏهن بند گاڏيءِ يا موٽر ۾ نڪرڻو پوي. مون لاءِ نه گهڻي ٿڌ سٺي آهي نه گهڻو ٿڪ. مان قدرت جي ماٽيلي ڌيءَ آهيان. سندس گود ۾ ويهڻ لاءِ سڪندي آهيان.“ اوچتو نورُيءَ کلي چيو، ”تون اڪيلائيءَ ۾ ڪهڙا ويچار ڪندو آهين؟“
    شيام نُوريءَ ڏانهن نهاريندو ئي رهيو. هن جهڙي مرڪ هن ڪٿي ڪا نه ڏٺي هئي. نُوريءَ جي چهري جي معصوميت بلڪل ٻارن جهڙي هئي. سندس انگ انگ مان سٻاجهائي، پوترتا ۽ سادگي ظاهر ٿي رهيون هيون. شيام سندس هٿن ڏي نهاريو. جي به ننڍڙا ۽ گول هئا. هڪ وڏي چوٽي هن جي پٺيءَ تي لٽڪي رهي هئي ۽ سندس نرم وار ٻارن جيان مٿي تي سنوان سڌا ليٽيا پيا هئا.
    شيام نوريءَ جي اکين ڏي نهاريو ۽ هن محسوس ڪيو ته هن ڇوڪريءَ جي آتما ۾ اهڙي ڪا مڌرتا ۽ سادگي آهي جو ڪير به هن ڏانهن ڇڪجڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو. سوين ڇوڪرين ۾ به هوءَ بلڪل الڳ ٿي بيهندي. جنهن سان ڳالهائيندي تنهن کي ٻن منٽن ۾ پنهنجو ڪري ڇڏيندي.
    نوريءَ مٺي آواز ۾ چيو، ”تو منهنجي سوال جو جواب ڪو نه ڏنو؟“
    شيام نوريءَ جي مشڪندڙ منهن ڏي نهاري، مرڪي چيو، ”مان تو بابت سوچي رهيو هوس.“
    ”ڇا؟“
    ”تون بلڪل عجيب ڇوڪري آهين.... ڄڻ مان تو کي سالن کان سڃاڻان؛ جيتوڻيڪ تو جهڙيءَ ڇوڪريءَ کي مان پهريون دفعو گڏيو آهيان.“
    ”عجب آهي. مون تنهنجي ڪتاب پڙهندي جهڙو تو کي سمجهيو هو، تون اهڙو ئي آهين.“
    ”تو مون کي ڇا سمجهيو هو؟“
    ”هڪ انسان، جنهن جي دل ۾ تڙپ هجي، جو ڪنهن جي ڳولا ۾ ڀٽڪي رهيو هجي، جو سدا تڪميل جي پٺيان ڊوڙندو رهي.“
    ”ڇا تون سمجهين ٿي ته مان اهڙو انسان آهيان؟“
    ”بيشڪ، جڏهن تون راهه تي پنڌ ڪندي ٿڪجي پوندين، تڏهن ئي پنهنجي اندر جهاتي پائڻ جو موقعو ملندءِ. انسان ڪلا ۽ ساهتيه ۾ ئي پنهنجو روپ ظاهر ڪري ٿو. روز مره جي دُنيوي ڪمن ڪارين ۾ هُو خود به پنهنجي روپ کي نٿو سڃاڻي.“
    شيام نوريءَ ڏانهن نهاريندو ئي رهيو. هن محسوس ڪيو ته نوريءَ جي آتما چقمق جيان سندس روح کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي آهي. سندس دل چيو، ’دنيا ۾ ڪي اهڙا انسان به آهن، جي شاعرن جي شاهڪارن جيان مڌر ۽ ڳنڀير آهن. هو چتر آهن انهن جذبن ۽ آدرشن جا، جن کي سڀيتا هزارين سالن ۾ پالي پوشي وڏي ڪيو آهي.‘
    شيام، تون ڇا پيو سوچين؟“
    شيام ڇرڪ ڀريو، پر سندس دل پنهنجي وهڪري ۾ وهندي رهي، سندس دل چيو، ”شل تون سدا پوتر ۽ پاڪ رهين.... شل سدا گلاب جي گل جيان ٻهڪندي رهين!“
    اُن وقت يوسف اندر گهڙندي چيو، ”ڏس، مان پنهنجن چترن سان گڏ نوريءَ جا چتر به کڻي آيو آهيان. تون ئي ڀيٽ ڪري ڏس ته ڪنهن ۾ اندروني سوجهه وڌيڪ آهي.“
    نوري صرف مرڪي رهي هئي.
    يوسف جا ڏهه ٻارهن چتر هئا ۽ نوريءَ جا صرف ٻه ٽي. پريان ڏسڻ سان ئي فرق ظاهر ٿي پئي پيو. يوسف جي چترن ۾ فن زياده هو، ليڪُن جي پختائي ۽ انساني بدن جون ماپون ۽ بيهڪ اصليت تي ٻڌل هيون، پر رنگن جو ميلاپ نوريءَ جي چترن ۾ وڌيڪ ڪشش ڪندڙ هو. نوريءَ جي هڪ چتر ۾ ٽڙيل گلاب مٿان پوپٽ رانديون ڪري رهيا هئا. ٻئي هڪ چتر ۾ هڪ نوجوان عورت دريءَ وٽ بيٺي ٻاهر نهاري رهي هئي. دريءَ مان هڪ سهڻو نظارو ڏسڻ ۾ پئي آيو. عورت جو منهن ٻاهر ڏانهن هو، صرف سندس پٺيون پاسو نظر اچي رهيو هو.
    ڪمري ۾ اندر اونده هئي ۽ ٻاهر سج جي لهڻ واري لالائي.
    يوسف چيو، ” جيڪڏهن نوري پينٽنگ سکي ته تمام سٺي ڪلاڪار بڻجي سگهي ٿي.“
    نوريءَ مرڪي چيو، ”گرو هميشه چيلي کي ساراهيندو آهي.“
    نوريءَ ٻنهي کي چانهه ٺاهي ڏني. شيام سوال ڀريل نگاهن سان نوريءَ ڏي نهاريندي چيو، ”۽ تون.“
    ”مان چانهه ڪا نه پيئندي آهيان.“
    يوسف کلي چيو، ”اَڙي هيءَ ته اڃا ٻار آهي... کير پي ڪجهه وڏي ته ٿئي.“
    شيام ڪوپ مان اکيون ڪڍي چوريءَ نوريءَ ڏانهن نهاريو.
    هن جي دل ٿي ته هوءَ هميشه ائين سندس سامهون ويٺي هجي- هڪ سنگمرمر جي بوتي جيان. جو هن هڪ ميوزم ۾ ڏٺو هو. يوناني آرٽ جي ان شاهڪار کي هُو جڏهن به ڏسندو هو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُن اڳيان سانت ۾ بيٺو هوندو هو. هو سوچيندو هو ته انسان برهما کان به گوءِ کڻي ويو. هڏ ماس جي انساني چهري تي هڪ ئي وقت اهي ريکائون. اظهار ۽ رونق ڪٿي ملندا جي سنگتراش هن بت ۾ آندا آهن. درد ڀري مشڪ، غرور ۾ مسرور اکيون، اوچي ڳاٽ سماج کي للڪاريندڙ اها عورت دنيا جي انت تائين انسان جي مهانتا جي آرسي بڻي رهندي ۽ انسان کي ياد ڏياريندي رهندي ته انسان تون گهڻو اوچو ۽ اونهو آهين، اُن کان جيترو تون پاڻ کي سمجهين ٿو.


    13

    منجهند جي مانيءَ وقت يوسف جو وڏو ڀاءُ محمود ۽ سندس زال به هن سان گڏ ويٺا. اُنَ ڏينهن سندر غير حاضر هو. منجهند جو هُو اڪثر غير حاضر رهندو هو. محمود جو سڀاءُ يوسف ۽ نوريءَ کان گهڻو مختلف هو. هو ٺوس حقيقت پرست هو. شاعراڻيون ۽ فيلسوفيءَ جون ڳالهيون سندس دماغ ۾ ڪو نه ويهنديون هيون. هن لاءِ ارٿ شاستر ۽ قانوني ڪتاب ئي گيتا ۽ قرآن هئا. هو دنيا کي قاعدن ۽ انگن جي عينڪ سان ڏسندو هو. وٽس غريبن ۽ شاهوڪارن جي تفاوت جو اهو مطلب ڪو نه هو ته غريب دکي آهي ۽ شاهوڪار سکي آهي. هن جو حساب صاف هوندو هو- ملڪ ۾ هيتري اُپت آهي، اُن جو هيترو حصو شاهوڪار کڻي ويا ۽ باقي بچيل ٿورو حصو عام جنتا کي پلئه پيو، جن جو تعداد هيترو آهي. اُن بعد سوال جو جواب ٻار به ڏيئي سگهيو ٿي ته شاهوڪار کان هيترو ڌن ڦري غريبن کي ڏيڻ کپي ۽ جنهن نتيجي تي محمود پنهنجي حساب رستي پهچندو هو اُن تي بيهي رهندو هو. سندر ۽ محمود ساڳئي اسڪول۾ پڙهيا هئا ۽ ٻنهي گڏجي مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. ڪلاس ۾ پهريون يا ٻيو نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ منجهن چٽا ڀيٽي هلندي هئي پر ڪلاس کان ٻاهر هو تمام گهرا دوست هوندا هئا. اِنٽر تائين ٻئي گڏ پڙهيا. اُن بعد سندر وڌيڪ پڙهڻ لاءِ شانتينڪيتن ويو ۽ محمود وڪالت پڙهڻ لڳو. جڏهن سندر شانتينڪيتن مان ڊگري وٺي واپس وريو ته 1942ع وارو واقعو شروع ٿيو. هو ان ۾ ٽپي پيو ۽ ٽي سال سنڌ جي جدا جدا جيلن جون هوائون کاڌائين.
    نيٺ جڏهن هو آزاد ٿيو ته محمود جي وڪالت چڱي هلندڙ هئي. سندر ڀيڻ وٽ رهڻ پسند نه ڪندي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي لاءِ ڪو اجهو ڳولهي رهيو هو. هڪ ڏينهن اتفاق سان پراڻو دوست گڏجي ويس ۽ يڪدم محمود سندر کي پاڻ وٽ اچي رهڻ جي آڇ ڪئي. دوستي کين زنجيرن ۾ ٻڌڻ لڳي ۽ سندر جي سنگ ۾ غريبن جا ڪيس مفت ۾ کڻندي محمود جي وڪالت پٺتي پوڻ لڳي.
    کاڌي بعد محمود ۽ سندس زال آرام لاءِ پنهنجي ڪمري ۾ آيا. يوسف شيام ڏي نهاريندي چيو، ”تون ڪجهه دير ليٽي آرام ڪندين؟“
    شيام اکيون مٿي کڻي نوريءَ طرف نهاريو. نوريءَ اهو ڏسي مرڪي ڏنو. ”اڄ منهنجي دل شاه پڙهڻ تي ٿي آهي، توهان مان ڪير ٻڌندو؟“
    يوسف چيو، ”شيام ته شاه جو شيدائي آهي. مان وڃي ٿو پنهنجي چتر کي پورو ڪريان.“
    شيام ۽ نوري ڪجهه وقت بنگلي جي ننڍي باغيچي ۾ ٽهلندا رهيا. باغ ۾ هڪ طرف ننڍو تلاءُ هو جنهن ۾ ڪنول جا اڌ ٽڙيل گل بيٺا هئا. تلاءُ جي ڀر ۾ وڻ جي ٿڌي ڇانو ۾ ڪجهه پٿر ڪرسين جيان رکيا هئا. ٻئي اُنهن تي ويهي رهيا.
    نوريءَ رسالو هٿن ۾ لوڏيندي چيو، ”ٻڌاءِ تو کي ڪهڙو سر وڌيڪ وڻندو آهي؟“
    شيام نوريءَ کان ڪتاب وٺي ٻنهي هٿن جي تري وچ ۾ جهليو ۽ پوءِ اُن کي کوليائين. جيئن ڪتاب کليو تيئن نوريءَ کي ڏيندي چيائين،
    ”هتان پڙه.“
    نوري کلڻ لڳي. ”ڏاڍو سٺو. اعليٰ شاعر جي اها ئي نشاني آهي. هر سٽ ۾ دل لاءِ کاڌو موجود هوندو آهي.“
    نوريءَ جا لفظ هوا ۾ ڦهلجڻ لڳا. ڄڻ هڪ ننڍي نهر ڪل ڪل ڪندي پهاڙن تان لهي رهي هئي ۽ سڄي جهنگل ۾ ان جو مڌر سر ڦهلجي رهيو هو. يا ڄڻ صبح جو ٿڌي هير ٿپڪيون هڻي رهي هئي. شيام رکي رکي ائين پئي محسوس ڪيو ته آڪاس مان هلڪي بوند پيئي وسي.
    اوچتو نوريءَ ڪتاب بند ڪيو، اُٿي اچي شيام جي ڀر ۾ هيٺ زمين تي ويٺي. هوءَ ڪيتري دير اُن گل ڏانهن نهاريندي رهي، جنهن مٿان ڀونئر ڀون ڀون ڪري چڪر ڪاٽي رهيو هو. ڀونئري جي ڀون ڀون کانسواءِ اُتي بلڪل سانت هئي. جڏهن ڀونئر ڦيرا پائي پائي ٿڪجي اُتان هليو ويو ته نوريءَ اُڀو ساهه ڀريو.
    اوچتو شيام ڇرڪ ڀري چيو، ”نوري، تنهنجي اکين ۾ آنسو؟“
    نوريءَ پوتيءَ سان پنهنجا آنسو اُگهي ورتا. ”شيام، مون کي مان پئي ياد اچي. مون پهرين پهرين شاه اَمان کان ئي ٻڌو. هوءَ ڏاڍي مٺي سر ۾ اهي بيت ڳائيندي هئي. منهنجي ناني کي فقيرن جو سنگ ڏاڍو وڻندو هو. هو هر سال ڀٽ شاه جي زيارت تي ويندو هو. اَمان اهو ورثو پيڪن مان کڻي آئي هئي. ننڍي هوندي ئي سسئي ۽ مارئي، ليلا ۽ ڪؤنرو منهنجون ساهيڙيون بڻجي پيون. چوندا آهن ته ماءُ پٽن کي گهڻو ڀائيندي آهي، ليڪن الائي ڇو گهر ۾ اَمان مون کي ئي سڀني کان گهڻو گهرندي هئي. جڏهن به اَبو سرڪاري ڪم سان گشت تي ويندو هو ته اَمان مون کي پنهنجي گوڏي تي سمهاري رات جو دير تائين شاه پڙهندي رهندي هئي.“
    نوريءَ جي اکين جا آنسو سڪي ويا هئا ۽ هوءَ کلڻ لڳي هئي. هن گاه جي سلي کي وات سان چڪ پائيندي چيو، ”اڄ اَمان هن دنيا ۾ هجي ها ته....“ اوچتو نوري لفظ کائي ويئي. چيائين، ”شيام، ڇا اهو سچ آهي ته جنهن کي گهڻو پيار ڪبو آهي، اُهي هميشه وڇڙي ويندو آهي.“
    شيام ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. هو نوريءَ جي اکين ۾ نهاري رهيو هو، جنهن ۾ ڪجهه وقت اڳ لڙڪ هئا، پوءِ مرڪ آئي ۽ هينئر وري لڙڪ ترڻ لڳا هئا. شيام جڏهن اِنهن ڌوتل اکين ۾ هڪ هيري جيان جرڪندڙ دل کي ڏٺو ته هو سرءُ جي پن جيان ڏڪي ويو. اِهي اکيون تمام گهريون هيون ۽ انهن ۾ ڪئين سمنڊ اُٿلي پٿلي رهيا هئا. اکيون ئي دل جو آئينو آهن، شايد اها ڳالهه سچي هئي. اِن ڏٻري پتلي سرير منجهه ڇا ايڏي وڏي دل لڪل هئي، جنهن ۾ مها ساگر سمائجي وڃن. اِنهن اکين مان اِنسان جو اُڀ جيان اَپار ۽ بي انت هردو لياڪا پائي رهيو هو. نوري هڪ گل جيان معصوم ۽ سرهاڻ سان ڀريل هئي، يا ماڪ جو هڪ ڦڙو هئي- شفاف ۽ اوجل. سرشٽيءَ جي مهراڻ ۾ جيڪي سوين هزارين بوندون لڙهنديون وڃن ٿيون، اُنهن جي ڪهڙي هستي آهي. پر هڪ بوند جا پره جي گل مٿان مستيءَ ۾ ٽلي ٿي تنهن کي جدا هستي آهي. هوءَ پاڻ خوشيءَ سان سج کي اَرپي ٿي ۽ گم ٿي وڃي ٿي. پر دل ٻاڏائي چوي ٿي، ”هوءَ آهي... هوءَ آهي....هوءَ هئي.“
    ۽ هي نوريءَ جو روئڻ؟ ڪڏهن ڪڏهن شايد سڀ اِنسان ائين روئندا آهن. هو پنهنجي اُپائڻهار کي ياد ڪري روئندا آهن، جي وسري ويندا آهن سي وري ياد پوندا آهن ۽ ٻه گونگا ڳوڙها ڳاڙبا آهن. هيءَ زندگي لڪ ڇپ راند آهي. شيءِ هٿن ۾ اچي به وري پاڻيءَ جيان ترڪي ويندي آهي، پر وري اسان جا هٿ ڪجهه جهٽڻ لاءِ، پائڻ لاءِ اُتاولا بڻجندا آهن. اسين پائيندا آهيون، پر وري وڃائيندا به آهيون. اِنسان تون کڙ کٻيتي جيان آهين، جو ٻري ۽ وسي پيو. تون تارو نه آهين، چنڊ آهين! تون مٽي نه آهين، مٽيءَ کان ڄاول هڪ گل آهين!
    شيام به لهي هيٺ زمين تي ٿي ويٺو. هن مٽيءَ جي هڪ لپ هٿ ۾ کنئي ۽ ڪيتري دير اُن ڏانهن نهاريندو رهيو. هن اُن مٽيءَ کي سنگهيو. اڃا مينهن ڪو نه آيا هئا ۽ مٽيءَ ۾ سرهاڻ ڪا نه هئي. شيام ڳؤري آواز ۾، جنهن تي کيس پڻ عجب لڳو- هڪ ڪهاڻي شروع ڪئي.، ”هڪڙي ڇوڪري هئي بلڪل تو جهڙي-مٽيءَ جي پيدائش، گل جيان ڪومل! سندس نالو هو سهڻي...“
    شيام سهڻيءَ جي آکاڻي ٻڌائي رهيو هو. نوري مٽيءَ ۾ ليٽي اها ٻڌي رهي هئي، سندس اکيون آڪاس ڏي هيون جتي هلڪا ننڍڙا بادل بيٺا هئا. شيام جون اکيون ڌرتيءَ ڏانهن هيون جنهن مان ڪٿي ڪٿي سلا اُڀري رهيا هئا.
    شيام جڏهن ڪهاڻي پوري ڪئي، تڏهن سندس آواز گهگهو هو. نوريءَ ڪهاڻيءَ وچ ۾ لفظ به ڪو نه ٻوليو هو. ڪهاڻي پوري ٿيڻ بعد به هو سانت ۾ ويٺا رهيا. شايد ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو ائين سانت ۾ ويٺا هجن ها، پر نوريءَ جي ڀاڄائيءَ دري کولي کين سڏ ڪندي چيو،
    ”نوري، چانهه تيار آهي. اندر اچو، سندر به آيو آهي.“
    شيام اُٿڻ کان اڳ وري نوريءَ جي اکين ڏي نهاريو پر اهي اڌوريون بند هيون- ڄڻ نوريءَ جو اڌ اُن سنسار ۾ هو جتي سهڻي هئي، ۽ هن جو صرف اڌ ئي شيام جي سامهون هو.
    اڌ رات جو شيام جي اک کلي. هو هميشه پنهنجي کٽ دريءَ ڀرسان سيڙهي سمهندو هو. ٻاهر هلڪي بوند پئجي رهي هئي. دريءَ مٿان لڳل ڇپر تي هلڪي ٺڪ ٺڪ ٿي رهي هئي. اونده ۾ شيام چوطرف نهاريو.
    نوريءَ چيو هو، ”تون ڪيترن ڏينهن بعد آيو آهين!“
    شيام چيو هو، ”مان تو کي ڪيترن ڏينهن کان سڃاڻان. تنهنجي چهري جا ڀاو، تنهنجي مرڪ، تنهنجي اکين جي گهرائي سڀ مون کي پنهنجا پيا لڳن، ڪٿي به مون کي اُنهن ۾ ڌاريائي يا دوُري ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي.“
    نوري مرڪندي گم ٿي ويئي.
    شيام ٻئي طرف نهاريو. نوري در وٽ بيٺي هئي، در جو هڪڙو طاق کوليو. سندس کليل وار ڇاتيءَ تان لهندا چيلهه تائين پئي پيا. هن جي ڳچيءَ هيٺان ڇاتي ڪجهه وڌيڪ گوري پئي لڳي. چپن تي درد ڀري مرڪ هيس. خاموش اکيون شيام ڏانهن نهاري رهيون هيون.
    ”مان وڃان ٿي دور پهاڙن تي، بادلن جي وچ ۾ تون هلندين، شيام؟“
    نوري ويئي هلي. شيام پاسو ورائي سمهي پيو. ٿوري دير بعد جاڳيو ته سندر جو بلند آواز ٻڌائين. ”اسان جو ڪم ڪرڻ جو نمونو ئي غلط آهي. مون کي هاڻوڪي سنڌ جي گشت ٻڌايو ته اسين عوام کان تمام دور آهيون. اسين تانگهي ۾ ٿاڦوڙا پيا هڻون، اونهي ۾ وڃڻ کان ڇرڪون پيا.
    ”اسان جو نظريو خاص وچولي درجي جي خوش خلق نوجوانن جو آهي. اسين ٿورو ئي ڪم ڪندي سمجهو پيا ته اسان گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. مون کي ڊپ پيو لڳي ته اسان جي ڪم کي پاڙون آهن ئي ڪو نه. عوام ۾ اگر هڪ ئي مذهبي جذبي جي لهر اُٿي. جنهن جو ڊپ هميشه آهي- ته اسان جو سڄو ڪم لڙهي ويندو. اسين ڪوڙڪي ۾ ڦاسجي وينداسين.“
    شيام سوچڻ لڳو: ڪهڙو نه نيارو آهي اُهو گهر جتي نوري، سندر ۽ يوسف جهڙا اِنسان رهن ٿا! جتي سڀ ڪو محنت ڪري ٿو، هر وقت بحث ٿيندا رهن ٿا ته دنيا کي بهتر ڪيئن بڻائجي. جتي اِنسان جي محنت سان پيدا ڪيل هر شيءِ هر ڪلا جو قدرآهي.
    سانجهيءَ جو چانهه تي يوسف جي گهر بحث شروع ٿيو ۽ منهن اونداهيءَ وقت ختم ٿيو. اُن بعد نوري شيام کي باغ جي ٻاهرئين ڦاٽڪ تائين ڇڏڻ آئي هئي. نوريءَ پڇيو هو، ”وري ڪڏهن ايندين؟“
    شيام جي دل چيو، ”سڀاڻي.“ پر هن جي زبان ڪجهه ڪو نه چيو.
    نوريءَ کلي چيو، ”اڃا پنهنجي ڪتاب بابت تبصرو به ٻڌڻو اٿيئي، ياد اٿيئي نه؟“
    شيام چيو، ”نوري، مان جلد ايندس.“
    نوريءَ جون اکيون چمڪيون ۽ هوءَ اندر هلي ويئي شيام پاڻ کي چنڊ جيان محسوس ڪري رهيو هو جنهن کي پنهنجي هستي نه آهي. جو سورج جي روشنيءَ تي تڳي ٿو. هو پاڻ ڳري ويو هو برف جيان چوطرف پاڻي ئي پاڻي هو.
    شيام اکيون ٻوٽي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس ننڊ نه آئي. هن بتي ڪا نه ٻاري. وهاڻي جي پاسي کان رکيل ڪاپي ۽ پين کڻي؛ هو اونده ۾ لکڻ لڳو. سڄي رات هو لکندو رهيو، وڏن وڏن ڏنگن ڦڏن اکرن ۾ هو جيڪي لکي رهيو هو سو پڙهي ڪو نه ٿي سگهيو، پر کيس ائين لڳي رهيو هو ته نوري سندس پٺيان بيٺي اهي بيت پڙهي رهي آهي.
    شيام جو سڄو بدن ٻري رهيو هو. آخر نوري ڪاپيءَ ۾ اچي هڪ شعر بڻجي پيئي. شيام به ڪاپيءَ ۾ اچي شعر بڻجي پيو ۽ ٻئي گم ٿي ويا.
    شيام کي ويٺي ويٺي ننڊ اچي وئي.
    شيام ڳوٺ ۾ ڀيڻ کي لکيو هو، ”ڀيڻ، تون ساهرو گهر ڇڏي پيڪي آئي آهين. تو زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه وڃايو آهي ۽ گهڻو ڪجهه سٺو آهي. منهنجي تو کي صلاح آهي ته پنهنجو وقت پڙهڻ ۾ صرف ڪندي ڪر، گهٽ ۾ گهٽ مئٽرڪ ته ضرور پاس ڪر. گهرج مهل پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندينءَ ۽ تنهنجو من به ريڌو رهندو.“
    ان جو جواب ڏنو شيام جي پيءُ....”هي تون ڀيڻ کي ڪهڙيون صلاحون پيو ڏين! ڇا مان مري ويو آهيان جو تنهنجي ڀيڻ پنهنجي پيرن تي بيهندي؟ تو کي ائين لکندي شرم نه آيو؟ بيٺل گهرن جون ڇوڪريون ويهي سکڻي ڊگريءَ لاءِ نور نچوئين! ڇي....ڇي....“
    گوبند رام شيام کي لکيو، ”گهڻا ڏينهن ٿيا آهن تون گهر ڪو نه آيو آهين. ڪوشليا-ماءُ به پيڪن مان ٿي موٽي آهي. هوءَ تو کي ڏاڍو ياد پيئي ڪري. هن آرتوار تي روٽي اسان وٽ اچي کائج.“
    شيام جواب ڏنو، ”دادا، توهان جي نينڍ لاءِ مهرباني. ڀاڀيءَ جي مون کي پڻ سڪ آهي، پر ڪاليج جو تمام گهڻو ڪم پيو آهي، سو هن آرتوار لاءِ معاف ڪندا. ٻئي ڪنهن ڏينهن اچي حاضر ٿيندس.“
    يوسف شيام ڏي ڪنهن دوست هٿ چٺي موڪلي، ”مان ٻه ٽي ڏينهن ڪاليج اچي نه سگهيو آهيان. هڪ چتر ۾ دل ڦاٿل اٿم، مَنُ ڪڍڻ ڏکيو آهي. سڄو ڏينهن پيو رنگ ٺاهيان.
    ”هي ڇنڇر موڪل جو ڏينهن آهي ۽ آرتوار ته خدائي موڪل آهي. اسان منگهي پير وڃڻ جو خيال ڪيو آهي. تون هلندين؟ هيءَ نينڍ مان سڄي گهر جي پاران ڏيئي رهيو آهيان. مان سمجهان ٿو، نه قبولڻ جي تو کي همٿ ڪا نه ٿيندي.“
    شيام اُن دوست هٿ ئي جواب موڪليو، ”تو سچ چيو، نه قبولڻ جي مون ۾ همٿ ڪانهي.“
    هو منگهي پير پهتا ته ڏينهن جو پهريون پهر گذري چڪو هو. يوسف جو سڄو ڪٽنب هو. شيام به اُن انوکي ڪٽنب جو هڪ ڀاتي بڻجي ويو هو. چشمن ۾ سنان ڪري کجور جون ڏانڊيون هٿن ۾ کڻي هو گهمندا رهيا. نوريءَ اُن ڏينهن ڪڙتو سلوار پاتي هئي. ڪاري ڪپڙي تي ڳاڙهي ڌاڳي سان آرسيون ڀريل هيون. سندس سنهي بدن تي ڪڙتو ڦهڪي بيٺو هو ۽ سندس پوتيءَ سان ڍڪيل ننڍڙي ڇاتي به اُڀري بيٺي هئي.
    هوءَ اُن ڏينهن هڪ رواجي عورت جيان هتان هتان جون ڳالهيون ڪري رهي هئي. شيام کي پهرين ملاقات واري نوريءَ وچ ۾ وڏو فرق نظر آيو. يا شايد نوريءَ جو پاڻ تي پورو ضابطو هو ۽ هوءَ پاڻ کي سڀ ڪنهن نموني هلائي ٿي سگهي. يوسف اُن ڏينهن پنهنجن خيالن ۾ مگن هو. هو الائي ڇا سوچي رهيو هو. محمود ۽ سندس زال هميشه وانگر بزرگن جيان بردبار هئا. باقي سندر ته اڄ صفا ٻار بڻجي پيو هو. سڄي پارٽيءَ جي جان هوُ ئي هو. ٽوٽڪا ٻڌائي سڀني کي کلائي رهيو هو. ڪڏهن نوريءَ سان چرچو ٿي ڪيائين ته ڪڏهن محمود جي زال سان ته ڪڏهن وري پاڻ ئي ٻارن جيان کلڻ ٿي لڳو.
    روٽي کائي سڀ هڪ وڻ هيٺان اچي ويٺا هئا. شيام ڏٺو ته نوري وڻ کي ٽيڪ ڏيئي ڪيڏانهن دور نهاري رهي آهي. هن جون اکيون اڌ بند اڌ کليل هيون ۽ هوءَ ڪنهن دور دنيا جو جيو پئي لڳي....هن دنيا کان غافل ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾ هلي ويئي هئي. شيام اُتي وڃي سندس پاسي ۾ بيٺو پر هوءَ يڪ ٽڪ ڪيڏانهن نهاري رهي هئي. شيام سندس پاسي ۾ ويهي رهيو.
    نوريءَ هلڪو ڇرڪ ڀريو. مڌ ڀريل نظرن سان شيام ڏانهن نهاري اَڻلکو مرڪيائين.
    شيام ڏٺو ته هوءَ هن دنيا ۾ موٽي رهي هئي.....ڌيري ڌيري جيئن پکي پر سيٽي آڪاس مان هيٺ لهندو آهي. هن کي ڏسي شيام ائين محسوس ڪرڻ لڳو ته هيءَ پرٿوي اڄ ئي پيدا ٿي آهي ۽ هو ئي پهريان ٻه اِنسان آهن جي هن دنيا جي سندر پهاڙي چوٽيءَ تي پهتا آهن، نوريءَ شيام جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيو، ”هو ڏس.“ هڪ وڻ مان کجور جون لڙون هيٺ لڙڪي رهيون هيون. شايد دنيا جي پهرين عورت دنيا جي پهرئين مرد کي به اهي ساڳيا لفظ چيا هئا ۽ هنن اُهي مٺا ميوا ڇني کاڌا هئا ۽ دنيا اَمر ٿي ويئي هئي.
    اوچتو شيام ڏٺو ته نوري ڳنڀير بڻجي ويئي. چيائين، ”تون ڇا سوچي رهي هئينءَ، نوري؟“
    ” ڪجهه به نه.“ نوريءَ چيو، ”مان محسوس ڪري رهي هئس....
    ”هو ڏس.“ نوريءَ سامهون بيٺل ٽن چئن اَڌ اُگهاڙن ٻارن ڏانهن اشارو ڪيو. جن جو يوسف خاڪو ڪڍي رهيو هو. هو ڪجهه دور هئا-رولاڪ گدلا ٻار، جن جي پاسي ۾ بيهڻ سان به شايد بانس اچي.
    اوچتو نوريءَ چيو، ”تو ٽئگور جا ٻارن تي لکيل گيت پڙهيا آهن؟ انگريزي شاعر بليڪ جا شعر پڙهيا اٿيئي؟“ نوري ڪجهه ويل ترسي وري چيو، ”مان ٻارن کي ڏاڍو پيار ڪندي آهيان. هو منهنجي ڀر ۾ ايندا آهن ته مان پاڻ وساري ويهندي آهيان. پر اسان جي سماج ۾ ٻارن جو قدر ڪونهي.“ نوريءَ پنهنجو مٿو وڻ جي ٿڙ تي ليٽايو ۽ آڪاس ڏانهن نهارڻ لڳي. ”ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندي آهيان ته اگر مائرون ٻارن کي پوري سکيا ڏين ته دنيا مان جيڪر گهڻيون خرابيون دور ٿي وڃن. جڏهن به مان ڪنهن ڌاڙيل يا غنڊي جو احوال اخبار ۾ پڙهندي آهيان ته مون کي سندس ماءُ ياد ايندي آهي. اُها ڪهڙي بدبخت ماءُ آهي جا هڪ ٻج کي سنڀال سان پوکڻ بدران پٿرن جي ڍير تي کڻي ڦٽو ٿي ڪري. ٻج سڪي ٺوٺ ٿيو وڃي، يا اُن مان جهنگلي وڻ پئدا ٿئي.“
    نوري سانت ٿي ويئي. شيام به خاموش، دور ٽڪرين ڏانهن نهاريندو رهيو.
    سندر اوچتو موج ۾ اچي هڪ بنگالي راڳ ڳائڻ لڳو. سندر جو آواز مٺو ڪو نه هو، پر پدما نديءَ جي مانجهين جو گيت سندس ٿلهي آواز ۾ به چڱو لڳي رهيو هو. محمود ۽ سندس زال کلڻ لڳا. نوري مرڪڻ لڳي. شيام به کلڻ لڳو. يوسف پنهنجي چتر ٺاهڻ ۾ مشغول هو.
    سانهيءَ جو سڀ ڊاڪ بنگلي تي آيا. رات هنن کي اُتي ئي گذارڻي هئي. پڌر ۾ سڀني گڏ ويهي ماني کاڌي. تيستائين رات به اچي ٿي. چوطرف ٽڪرين جي وچ ۾ سانت جو راڄ قائم ٿي ويو. سڀ ڪو رات گذارڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. محمود جي زال هنڌ وڇائي آئي. يوسف ميز تي بتي ٻاري رنگ ٺاهڻ لڳو. سندر پنهنجي ڪڙتي جون ٻانهون مٿي ڪيون، ڄڻ اُن سانت فضا ۾ ڪڙتو هوا جي ڇهاءَ کي روڪي ويٺو هو.
    اوڀر کان چنڊ ڪني ڪڍي ۽ سڄو آسمان روشنيءَ سان ڀرجي ويو.
    سندر اُٿندي چيو، ”اسان جي موڪلاڻي آهي.“
    نوريءَ عجب ۾ چيو، ”سندر دا، ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
    نوري ڪڏهن سندر کي صرف سندر چوندي هئي ڪڏهن وري بينگالي نمونو اَپنائي سندر دا چوندي هيس.
    ”رلڻ پنڻ.“ سندر کلي چيو، ”ههڙيون راتيون روز ڪو نه ملنديون!“
    ”پر هن سڃي ملڪ ۾؟ اڪيلو....!“
    ”ائين ريل ڇيل گهمڻ ئي ته مون کي زندگيءَ جي هن منزل تي پهچايو آهي. شانتينڪيتن ۾ مان رات جو ائين هليو ويندو هوس- اڪيلو، بنهه اڪيلو. ڪجهه ميل پري هڪڙو اَڏو هو؛ جتي انقلابي اڪثر آرام وٺڻ لاءِ يا لڪڻ لاءِ ايندا هئا. مان هنن کان ئي منتر سکيس هن نظام کي ڦيرائڻ جو – دنيا کي بهتر بڻائڻ جو!“
    نوري اُٿي اچي سندر جي ڀر ۾ بيٺي. ”تون ڪيڏانهن ويندين؟“
    سندر سامهون پهاڙن ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”انهن پهاڙن ڏي، دور انهن پهاڙن پٺيان. چانڊوڪيءَ جا پهاڙ ڏينهن جا پهاڙ نه آهن، اُهي نرالا پهاڙ آهن. هن دنيا ۾ سڀني کي ٻه روپ آهن. چانڊوڪيءَ جا پهاڙ وڻندڙ آهن، لڀائيندڙ آهن، مرڪندا آهن.“ سندر کلڻ لڳو. پوءِ سندر شيام ڏانهن مڙي چيو، ”نوري پَري اٿيئي. هن کي اِنسان نه سمجهجانءِ؛ راجڪمارن جي ديس جي هڪ پري اٿيئي.“
    نوريءَ شيام ڏانهن هٿ وڌائي چيو، ”شيام، اچ ته سندر کي اُپرائي اچون.“
    شيام نوريءَ جو هٿ ورتو ۽ هر ٽيئي ڄڻا هلندا ڦاٽڪ پار ڪري ٻاهر رستي تي پهتا. نوريءَ چيو، ”سندر، تون شادي ڇو نه ٿو ڪرين؟ ڪا وني اچي تنهنجي سنڀال ڪري، نه ته تون ڪنهن جي به ٻڌجڻ جو نه آهين.“
    سندر پيار مان نوريءَ جي مٿي تي هٿ رکي، کلي چيو، تو جهڙي سٻاجهي وني ملي ته اڄ ئي ڪريان.“
    ”ڇو نه ملندي. دنيا ۾ هيتريون ڇوڪريون آهن!“
    ”ڇوڪريون ته ڍير آهن پر تو جهڙيون ڪٿي! جي اهڙيون گڏجنديون به آهن ته رات جي چانڊوڪيءَ ۾، ڏينهن جي روشنيءَ ۾ گم ٿي وينديون آهن، شيام، تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
    شيام مرڪي سندر ڏانهن نهاريو، ” برابر وڄ کن پل لاءِ ئي چمڪندي آهي ليڪن بجلين جي چمڪي بعد جيڪو پاڻي ڌرتيءَ تي ڪرندو آهي سو ڌرتيءَ جا ماڻهو چارئي مندون پيئندا رهندا آهن.“
    سندر کلي ڏنو. ”نوري ياد رکجانءِ، شيام عورت جي ڀيٽ پاڻيءَ سان ڪئي آهي، پاڻي ئي زندگيءَ جو جياپو آهي.“
    اوچتو نوريءَ رستي تي روڪجي چيو، ”سندر دا، اڄ تو کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائڻي ئي پوندي. راز کولڻو ئي پوندو. تون هر دفعي ڳالهه ڦيري ويندو آهين!“
    سندر کلي چيو، ”ڇا جو راز؟“
    ” جو تون هميشه لڪائيندو ٿو وتين. سچ ٻڌاءِ، هن چانڊوڪيءَ ۾ تون ڪنهن کي ياد نه ٿو ڪرين؟ ٻڌاءِ سندر دا.“
    سندر ڳنڀير بڻجي ويو. هن چنڊ ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ دور پهاڙين ڏانهن. اول نوريءَ ڏي ۽ پوءِ شيام ڏانهن نهاريائين ۽ پوءِ وڌي پاسي ۾ ڊٺل ڀت جي ٺلهن مان هڪ تي ويهي رهيو. سندس پٺيان شيام ۽ نوري به آيا ۽ ٻين ٺلهن تي ويهي ويا..
    سندر چيو، ”نوري، تو کي خبر نه آهي ته مان تو کي ڪيترو ڀانيان ٿو. مون کي سڳي ڀِيڻ به آهي ، پر هن کي به مان ايترو ڪو نه ڀائيندو آهيان جيترو تو کي. اُن جو ڪارڻ آهي- هوءَ اِنسان آهي، تون فرشتو آهين. تو جهڙا اِنسان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن گڏجندا آهن.
    ”پر اهڙو هڪڙو ٻيو به فرشتو مون کي زندگيءَ جي راه ۾ گڏيو هو. سچ پڇين ته اڄ مان اُن کي ئي ياد ڪري رهيو هوس.“
    سندر ڪجهه دير چپ ٿي ويو. ٻئي ڪنهن به ڪو نه ڳالهايو. پوءِ سندر شيام ڏانهن منهن ڪري چيو، ”شيام، مون شانتينڪيتن ۾ چار سال تعليم پاتي. مان جڏهن ٽئين سال ۾ هوس ته چتر ڪلا ڪلاس ۾ هڪ وديشي ڇوڪري داخل ٿي. هوءَ سنهڙي هئي نوريءَ وانگر، ۽ بندري هئي جيئن اڪثر ايشيائي ڇوڪريون ٿينديون آهن. چتر ڪلا ۽ ناٽڪيه اداڪاريءَ ۾ تمام گهڻو چاهه هوس. هڪ دفعي سنيت سين جي ورسي ملهائڻ لاءِ هڪ جلسو ٿيو هو. مون کي به اُتي ڳالهائڻو هو. ڪجهه صلاح وٺڻ لاءِ مان اُن ڇوڪريءَ وٽ ويس. هن کي منهنجو تيار ڪيل ليڪچر ڏاڍو وڻيو ۽ ان بعد اسان جي دوستي ٻجهي ويئي.
    ”اُن ڇوڪريءَ جو نالو هو ٽنگ لن، اُن بعد جڏهن به هڪ ٻئي جي سامهون ايندا هئاسين ته مرڪندا هئاسين. هن جي مرڪ تمام مٺي هوندي هئي. ياد نه اٿم ته اسين ڪيئن هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا وياسين. پر ان بعد اسين اڪثر هڪ ٻئي کي گڏجندا هئاسين ۽ لنبيون ڳالهيون ڪندا هئاسين. هوءَ مون کي پنهنجي ديس جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. مان کيس هندوستان جون. ٻئي ملڪ غريب آهن، ٻنهي ديسن جا رهواسي غريب آهن. ٻنهي ملڪن ۾ سود خورن ۽ شاهوڪارن جي ڦرلٽ آهي. هوءَ پنهنجي ڳوٺ جون ڳالهيون ٻڌائيندي ڪڏهن ڪڏهن روئي ڏيندي هئي.
    ”هوءَ پاڻ غريب گهر جي هئي، پر پينٽنگ ۾ ٻه ٽي انعام کٽيا هئائين، جنهن ڪري اسڪالرشپ ملي هئس.“
    ”هن کي پنهنجي ديش لاءِ جيترو پيار هو، اوترو مون تمام ٿورين ڇوڪرين ۾ ڏٺو آهي. ايترو پيار هڪ ڪڙمي ڪٽنب جي ڇوڪري- جنهن تعليم پاتي هجي. اُها ئي ڪري سگهي ٿي. هوءَ زمين جي سڳنڌ کان واقف هئي، هوءَ انهن انسانن جي زندگيءَ کان واقف هئي. جي ديس کي آسودو رکڻ لاءِ محنت ڪن ٿا.“
    ”هوءَ هندوستان بابت ايترا ته سوال پڇندي هئي جو مان به منجهي پوندو هوس ۽ عجب کائيندو هوس ته اسان کي پنهنجي ديس جي ڪيتري نه ٿوري خبر آهي!
    ”اُن سال وئڪيشن ۾ اسان ڪاليج جي ڪن شاگردن ڪن شهرن گهمڻ جو پروگرام رٿيو. ٽنگ لن به اسان سان شامل ٿي.“
    ”اسان جي ٽوليءَ ۾ هوءَ ئي هڪڙي ڪلاڪار هئي. سندس هٿ ۾ سدائين اسڪيچ بوڪ هوندو هو. جو سندس لاءِ ڪئميرا جو ڪم ڏيندو هو. هوءَ بينگالي چڱيءَ طرح سکي ويئي هئي، پر هندي ڪا نه ايندي هئس، ان ڪري هڪ ڄڻي جو سندس ڀرسان هئڻ ضروري هوندو هو. اهو هڪ ڄڻو اڪثر مان ئي هوندو هوس.
    ”اسين گڏجي بنارس جي سوڙهين گهٽين ۾ گهمياسين. مندرن جي ٻاهران، رستن جي چؤواٽن تي، گهاٽن تي جڏهن ٻيا ساٿي اڳيان نڪري ويندا هئا ته اسين پٺيان رهجي ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ منهنجي هٿ کي پڪڙي ڪجهه ڏيکاريندي چوندي هئي: هوُ ڏس! هوءَ اهي منظر ڏسي خوش به ٿيندي هئي ته دکي پڻ. هوءَ چوندي هئي: غريبي ۽ جهالت اسان جي ايشيا ۾ چؤطرف ڀري پيئي آهي.“
    سندر گلو صاف ڪندي چيو، ”مون کي ياد ٿي اچي سارناٿ جي اها شام-سج جا سونهري ڪرڻا ڌرتيءَ کي ڇهي رهيا هئا ۽ ڌرتي حياءَ وچان لال ٿي رهي هئي. اسين ٻڌ-مندر ۾ بيٺا هئاسين. ٽنگ لن ڪيتري دير ٻڌ جي مورتيءَ ڏانهن نهاريندي رهي، نهاريندي رهي. پوءِ هن نمي اڌ سمهي پنهنجي رواج موجب پرنام ڪيو. هوءَ ٻاهر نڪتي ته سندس منهن تي مون هڪ لالائي ڏٺي ۽ عجيب شانتي-ٿي سگهي ٿو اها لهندڙ سج جي لالاڻ هجي. هن منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ ڀڻ ڀڻ ۾ چيائين: هل هلون. اسين رڪشا ۾ چڙهي واپس شهر ۾ آياسين. رستي تي يا اُن بعد رات تائين هن وري لفظ به ڪو نه ٻوليو. شانت ئي شانت ويٺي رهي.
    ”الله باد ۾ اسين ترويڻيءَ تي ٻيڙيءَ ۾ گڏ گهمياسين. اتي گهاٽ تي هڪ دفعو اسان اڪيلو ويٺي سڄي رات گذاري. مهيني بعد شانتينڪيتن موٽياسين.“
    ”تن ڏينهن ٽنگ لن جي ديس ۾ تمام زبردست گهرو لڙائي هلي رهي هئي. روز اخبارن ۾ ڀيانڪ خبرون اينديون هيون. ڪڏهن بمبازي جون، ڪڏهن ٻوڏن جون. ڪڏهن ڏڪار جون ته ڪڏهن وچندڙ بيمارين جون. اِهي خبرون ٽنگ لن کي تمام دکي ڪنديون هيون. هن واپس وطن ورڻ ٿي چاهيو، پر مون کيس گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن جو ڪورس پورو ڪرڻ لاءِ روڪيو.
    ”مون بي-اي جو امتحان ڏنو ۽ به ٻن سالن جو ڪورس پورو ڪيو. هڪ ڏينهن هوءَ مون وٽ آئي. چيائين: مان وڃان ٿي، سندر. منهنجو فرض مون کي سڏي رهيو آهي. پر مان وري موٽي ايندس. جڏهن حالتون بهتر ٿينديون تون سڏ ڪندين. ڇا تون سڏ ڪندين؟“
    مون سندس هٿ پڪڙي چيو هو: مان تو لاءِ ترسندس لينا، مان تو لاءِ ترسندس ۽ تو کي سڏ ڪندس، پنهنجي پوري آواز سان.
    ”ٽنگ لن کي پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ مان لينا ڪري سڏيندو هوس. سندس هٿ تمام ننڍا ۽ نرم هئا. انهن هٿن جو ڇهاءُ مان اڄ به محسوس ڪندو آهيان.
    ”مان اسٽيشن تائين لينا کي ڇڏڻ ويس. اُن ڏينهن لينا کي بخار هو. هن منهنجي هٿ کي پڪڙي منهنجون آڱريون پنهنجي نرڙ تي رکي چيو: ڏس، بخار گهڻو اٿم ڇا؟“
    ”مون لينا جي وارن کي سنواريندي چيو هو: رستي تي پنهنجو خيال رکج.“
    لينا ويئي هلي.“
    سندر سانت ويٺو هو. چنڊ چڱو ئي چڙهي آيو هو. وڻن جا پاڇا گهاٽا ٿيا هئا. رستي جي ڀر ۾ ويٺل ٽنهي انسانن جا چهرا ڪنهن تجلي ڪنان ٻهڪي رهيا هيا.
    سندر چيو، ”اُن بعد لينا جا خط ايندا هئا. هوءَ جنگ جي ميدان تي ويئي هئي هڪ ڊراماٽڪ ڪلب جي ميمبر بڻجي. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن جنگ جو احوال ڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن چٺيءَ ۾ صرف ٻه ٽي سٽون لکندي هئي. هڪ دفعي لينا بدران سندس ڀيڻ جو خط آيو. هن لکيو هو ته ٽنگ لن هڪ ڳوٺ ۾ کليل اسٽيج تي ڊراما ۾ پارٽ ڪري رهي هئي، جو اسٽيج تي هڪ بم گولو اچي ڪريو. ٻين ٽن ساٿين سان لينا به هميشه لاءِ هلي ويئي.“
    سندر چپ ٿي ويو. نوريءَ منهن مٿي ڪيو، شايد ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ، پر چيائين ڪجهه ڪو نه. سندر اُٿي کڙو ٿيو. چيائين، ”مان وڃان ٿو!“ ۽ ڪنهن ڏانهن به نهارڻ بنا هوُ هليو ويو. ڪجهه دير لاءِ نوري ۽ شيام هنجي پٺيان نهاريندا رهيا. سندر آهستي آهستي پاڇي جيان جهڪي روشنيءَ ۾ گم ٿي ويو. هوُ ننڍو پيچرو وٺي پهاڙن طرف هليو ويو.
    ڪجهه دير ٻئي سانت ۾ ويٺا هئا. پوءِ نوري چيو. ”هلون؟“
    شيام پنهنجو هٿ ڊگهيريو، جو نوريءَ پڪڙيو ۽ هوُ ٻئي رستو وٺي گهر ڏانهن هليا. ڊاڪ بنگلي جي ٻاهرين ڏاڪڻ وٽ پهچي شيام پڇيو، ”تون سمهندينءَ نوري؟“
    نوري چيو ڪجهه ڪو نه صرف ڪنڌ ڌوڻي نهڪر ڪيائين. شيام اندر ويو ۽ شال کڻي آيو. نوري ڏاڪڻ تي ويٺي هئي. شيام شال هن جي ڪلهي تي وجهي سندس ڀر ۾ ويهي رهيو. کن ساعت بعد هن پڇيو،
    ”نوري، تون ڇا سوچي رهي آهين؟“
    ”لينا بابت. هوءَ مون کي گڏجي ته مان ڀاڪر پايانس ۽ نرڙ تي به مٺيون ڏيانس.“
    شيام نوري جو هٿ دٻائي چيو، ”نوري.....“ ۽ پوءِ ڪجهه دير ترسي چيائين، ”نوري، تون ئي ته لينا آهين.“
    نوريءَ شيام جي ٻنهي هٿن ۾ پنهنجو منهن لڪائي ڇڏيو. شيام جا هٿ لڙڪن سان آلا ٿيڻ لڳا.
    شيام سوچيو، مان ڪهڙو نه ڳهيلو آهيان. نوري لينا جي ڪهاڻي ٻڌڻ سان روئندي رهي ۽ مون کي صرف هاڻي پروڙ پيئي آهي. هن ڀاري آواز ۾ چيو، ”زندگي روئڻ لاءِ نه آهي، پڳلي!“
    نوريءَ منهن مٿي ڪيو. هن جا لڙڪ بند ٿيا هئا. هوءَ شيام طرف نهارڻ لڳي. شيام کي چنڊ جي روشنيءَ ۾ هن جو لڙڪن ڌوتل منهن ڏاڍو سهڻو لڳو، ڄڻ هڪ گلن جو جهڳٽو هو. نوريءَ پڇيو،
    ”تڏهن ڇا لاءِ آهي؟“
    ”مرڪڻ لاءِ.“
    نوريءَ مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مرڪڻ لڳي. شيام هٿ وڌائي هن جا لڙڪ اُگهيا. نوريءَ چپ اڌ کوليندي چيو، ”راڳ ٻڌندين؟“
    شيام ڪنڌ سان ’هائو‘ ڪئي.
    نوري جهڪي آواز ۾ راڳ ڳائڻ لڳي، ڄڻ صرف شيام لاءِ ڳائي رهي هئي . هن هڪ راڳ بعد ٻيو راڳ ڳايو پوءِ ٽيون. جڏهن هن چوٿون راڳ ڳائي پورو ڪيو ته شيام چيو، ”نوري! هوُ چنڊ ڏس ۽ هيءُ چانڊوڪي چؤطرف سندرتا اوتي پيئي آهي. هيءُ زمين ڪهڙي نه سهڻي آهي. هيءُ ٻوٽا زمين تي ائين ويٺا آهن ڄڻ گهونگهٽ ڍڪيل ڪنواريون آهن. اگر سڄي زندگي هيئن چانڊوڪي هجي، سڄي زندگي اسين هيئن هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ويٺا هجون!“
    نوريءَ چيو، ”گهڻا خواب ڏسڻ سٺا نه آهن، شيام! خواب آخر خواب ئي آهن.“
    ”تڏهن حقيقت ڇا آهي؟“
    نوري منجهي پيئي. ” مون کي خبر نه آهي. شايد خواب ۽ حقيقتون گڏيا مسيا پيا آهن. آڪاس خواب آهي، ڌرتي حقيقت آهي. آڪاس مان بارش پوي ٿي، ڌرتي سائي ٿئي ٿي.“
    شيام چيو، ”ننڍي هوندي برساتن بعد مون مٽي هٿ ۾ کڻي اُن کي سنگهيو هو. ان مان هڪ سرهاڻ آئي هئي. اڄ تنهنجي بدن مان به اهڙي سرهاڻ اچي رهي آهي.“
    ”مان به ته مٽي آهيان شيام.“
    ”نه نوري! تون مٽي نه، تون مٽيءَ جي سڳنڌ آهين.“
    نوريءَ هڪ سڏڪو ڀري چيو، ”شيام! تون مون کي وساري سگهندين؟“
    ”ڪڏهن به نه... مون کي ائين لڳي رهيو آهي ته مون جنهن کي ننڍ پڻ کان خوابن ۾ ڏٺو هو، اُها حقيقت تون آهين.“
    نوريءَ ننڍڙو ٽهڪ ڏنو.
    ”پر هڪ ڏينهن مان به نه رهنديس، تون به نه رهندين. تڏهن ڪير رهندو؟“
    ”اسان جي ياد.“
    ”پر اسان جي ياد به هڪ ڏينهن مٽيءَ ۾ ملي ويندي.“
    ”پر مٽي ته رهندي، نوري. ان مٽيءَ جي سڳنڌ هوندي. ٻيا انسان پير ڏيئي اسان جي مٿان هلندا. ماڪ جا ڦڙا ڪرندا. مٽيءَ ۾ خوشبوءَ ايندي. ٻوٽو اُڀرندو، گل هوا ۾ لڏندو. اهو گل تنهنجو ٻيو روپ هوندو، نيرو.“
    نوري کلڻ لڳي. ”۽ تون ڪٿي هوندين؟“
    ”مان نه هوندس ته ڇا ٿيو. تون ته هوندينءَ نه.“
    نوري ڳنڀير ٿي شيام جي هٿن کي ڇڪيو ۽ انهن کي پنهنجي گود ۾ رکي ڇڏيائين.
    ڪيتري دير ٻئي خاموش رهيا. نيٺ نوريءَ چيو، ”مان جڏهن مري ويندس، تڏهن تون مون کي ياد ڪجانءِ، ۽ گيتن ۾ اُن ياد کي امر ڪجانءِ. دنيا ۾ انسان کي ڪا هستي ڪا نه آهي. انسان ذات ئي امر آهي. مون کي جٿيڪاراءِ جو اهو ڀڄن ڏاڍو وڻندو آهي: پل پل جلتا هئه شمشان!“
    ٿوري دير ترسي نوريءَ وري چيو، ” مان شايد جلدي مران، شيام! مان بيمار آهيان نه. تنهنجي سهڻي ته سگهاري ۽ تندرست هئي!“
    شيام جو سڄو بدن ڏڪي ويو. موت سڀني جو مقصد آهي، اها هر هڪ کي خبر آهي. ليڪن موت جو خيال به انسان کي ڪنبائي ڇڏيندو آهي.
    شيام نوريءَ جي گود مان هٿ ڇڪڻ چاهيو. پر هوءَ اُنهن هٿن کي مضبوط جهلي ويٺي. نوريءَ شيام جي هٿن جي ڪنبڻ کي ڄاتو؛ پوءِ چيائين، ”مان سوچيان پيئي مرڻ ڇو ڏکيو آهي. اگر مان اڄ رات ئي مري وڃان ته! هن چاندني رات ۾ مرڻ ۾ شايد بيحد مزو هوندو. تون ڇا ٿو سمجهين، شيام؟“
    شيام چيو، ”منهنجي دل روئڻ چاهي ٿي. هيءَ سندر رات اِنهن ڳالهين لاءِ نه آهي.“
    نوريءَ ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. هوءَ شيام جي هٿن کي پڪڙي ويٺي رهي.
    رات شايد اَڌ کان مٿي گذري چڪي هئي. پرڀات جي ٿڌڪار ڦهلجڻ لڳي هئي. نوريءَ شيام جا هٿ ڇڏيا ۽ پنهنجي شال لاهي اڌ شيام جي ڪلهي تي وڌائين. چاندني جهڪي ٿيڻ لڳي هئي. چنڊ اولهه طرف وڃي چڪو هو، وڻن جا پاڇا ڊگها ٿيڻ لڳا هئا. هوا ۾ وڻ سوُن سوُن ڪري رهيا هئا. کجيءَ جي وڻن جا پن ٽڪري ڪڏهن ڪڏهن ٺاٺا آواز جا ڪري رهيا هئا. دور پهاڙن تي هوا گيت ڳائي رهي هئي. ڌرتي سهاڳ رات گذاري ننڊ مان جاڳي رهي هئي.
    هو ٻئي خاموش ويٺا هئا. ٻنهي جا هٿ گڏيل هئا.
    اوچتو سامهون پهاڙ تي هڪ ڪارو ٽٻڪو نظر آيو جو ويجهو ايندو ويو ۽ ڪجهه وڏو ٿيڻ لڳو. ويجهو اچڻ تي هنن سڃاتو ته سندر واپس اچي رهيو آهي. هو ڌيري ڌيري اورتي ايندو رهيو ۽ جيئن صبح بنان آواز ايندو آهي تيئن هو به آيو. هي ٻئي خاموش ويٺا هن ڏانهن نهاريندا رهيا. جڏهن هو تمام ويجهو آيو ته ٻئي اُٿي بيٺا، ليڪن هڪ ٻئي جو هٿ ڪو نه ڇڏيائون.سندر ٻانهون وڌائي ٻنهي جي ڪلهن تي رکيون ۽ ٻنهي کي ڇڪي ڇاتيءَ لاتو. پوءِ هو ٻنهي کي اندر وٺي ويو.
    اُن وقت پکي آکيرا ڇڏي ٻاهر نڪري گيت ڳائڻ لڳا هئا. اوڀر ۾ ڪجهه لالائي نظر اچڻ لڳي هئي. هير ۾ تازگي آئي هئي. نئون صبح آيو هو.


    14

    زندگي بنان آواز، بنان گوڙ بکيڙي اڳتي وڌندي رهندي آهي. ڏينهن جي اچڻ ۽ وڃڻ وقت گهنڊ ڪو نه وڄندا آهن. ٻار ڄمندو آهي ته آڪاس ۾ ٻيو چندرما ڪو نه اُڀرندو آهي ۽ نه ئي اِنسان مرندو آهي ته سج روشني ڏيڻ بند ڪندو آهي. سڀ سانت ۾ پيو هلي. تارا، گره، چنڊ، سج، ڌرتي سڀ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. هن اکنڊ برهمانڊ ۾ اِنسان ڪيترو نه ننڍڙو آهي.
    اِنسانن جو اهو اڻ کٽ قافلو هلندو رهي ٿو. ڪٿان شروع ٿيو، ڪٿي ختم ٿيندو، ڪنهن کي خبر نه آهي. سڀ رستي ۾ ڄاوا آهن. رستي تي مري ويندا. هيءُ شاهي قافلو جو وڏن ميدانن تان هلندو پيو وڃي اُن ۾ ڪيئن اِنسان چلائين ٿا، روئن ٿا، کلن ٿا، ڪوڪون ڪن ٿا، پاڻ ۾ وڙهن ٿا ۽ پيار ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن مهاڀاري لڙايون لڳن ٿيون ۽ سڄا ميدان رت ۽ لاشن سان ڀرجي وڃن ٿا. ليڪن دور برهمانڊ جي چوٽيءَ تي وڃي ڏسجي ته شايد هي قافلو ڪِوِلين جي قافلي کان وڏو ڏسڻ ۾ نه ايندو- شايد اُن کان به ننڍو. ليڪن ڇا هن وسعت کي اِنسان سمجهي سگهي ٿو؟ نه، هو صرف محسوس ڪري سگهي ٿو.
    نوري هئي جا اِن اَپار جي ڇهاو کي محسوس ڪندي هئي. هوءَ هڪ ننڍڙي نهر هئي جا پهاڙن ۽ ميدانن تان ڪل ڪل ڪندي ٿي وهي. هن منجهه خود غرضي ڪو نه هئي، هن ۾ صرف اڳتي وڌڻ جي تمنا هئي. سندس زندگي وهندڙ پاڻيءَ جيان شفاف هئي. هُن هن دنيا کان ڪجهه کسي پاڻ وٽ سانڍڻ، لڪائڻ نٿي چاهيو. پر هن دنيا ۾ چوطرف جيڪو هڪ هڳاءُ ڦهليل آهي، اُهو ئي نوريءَ جو کاڄ هو.
    شيام ڏٺو هو ته هوءَ ڏاڍي سڪ سان ٻارن کي پاڙهيندي هئي. هوءَ کين پيار ڪندي هئي، گود ۾ ويهاريندي هئي، کين ڪهاڻيون ۽ گيت ٻڌائيندي هئي ۽ ٻار سندس ڀرسان اچي سان کلڻ لڳندا هئا. هو پنهنجي من جا در دريون کولي ڇڏيندا هئا.
    شيام هڪ ڏينهن هن کي چيو هو، ”تون هيتري محنت ڪرين ٿي ليڪن تو کي اُجورو ڪيترو ٿو ملي...ايترو به نه جو هڪ اِنسان پيٽ پالي سگهي.“ نوريءَ چپن تي آڱر رکي چيو هو، ”هش! اهڙيون ڳالهيون نه ڪر. پئسن سان زندگي جي ڪاريه جي ماپ صرف اُهي اِنسان ڪندا آهن جن زندگيءَ جي گهرائي کي نه سڃاتو آهي. ٻڌاءِ، ماءُ جا ٻار لاءِ راتيون ننڊ ڦٽائيندي آهي، اُن کي ڪهڙو اُجورو ملندو آهي؟“
    ”ليڪن نفسيات جا ڄاڻُو چون ٿا ته ان ۾ به خود غرضي سمايل آهي. ماءُ آئينده جي اميد ۾....“
    نوريءَ جملو ڪاٽي پوري اعتقاد سان چيو هو، ” بلڪل غلط ٿي سگهي ٿو اسان جو خود غرضيءَ وارو وايوُمنڊل ڪنهن حد تائين هن ڪمري ۾ به پهچي ويو هجي پر بيمار ٻار جنهن جي مرڻ جي پڪ آهي، ڇا تنهن جي ماءُ سندس شيوا نه ڪندي؟ جيڪڏهن دنيا ۾ ڪا اهڙي عورت آهي ته مان هن کي ماءُ نه چونديس، عورت به نه چونديس.“
    ائين نوريءَ ۽ شيام جا انيڪ بحث ٿيندا هئا. هوءَ ڪؤشليا جيان بحثن کي ڌڪاريندي هئي ۽ نه ئي تنگ خيالن کان ڇرڪندي هئي. هوءَ به سهڻيءَ جيان سٻاجهي ۽ سادي هئي. ۽ اها سادگي ۽ سچائي سندس هر ڪاريه، هر خيال ۾ سمايل هئي، پر سهڻي هڪ جهنگلي گل هئي ۽ نوري باغ ۾ محنت سان پوکيل هڪ گل. سهڻيءَ جذبات سان ئي سچ کي سڃاتو هو. نوريءَ جي جيون-ٻيڙي به انهيءَ جذبات جي سڙه سان ئي هلندي هئي، پر مهاڻو نوريءَ جي دماغ جي ضابطي هيٺ هو؛ اُهو هوءَ ڪنهن به حالت ۾ ڪا نه ڇڏيندي هئي.
    سندر دنيا کي بدلائڻ ٿي چاهيو. هُو به من سڀاءَ ڪري هڪ ڪلاڪار هو، پر سندس ڪاريه جو کيتر الڳ هو. ڪلاڪار پوري چانڊوڪي کي پنهنجي کيتر بڻائيندو آهي. جڏهن هو چنڊ بابت ڳائيندو آهي ته ائين ڪو نه سوچيندو آهي ته چنڊ سندس هٿ ايندو يا نه. ليڪن سندر هڪ زمين ٽڪر کي وٺي اُتي جهنگل ڪٽي اناج پوکڻ ٿي چاهيو. برپٽ ۾ باغ پوکڻ ٿي چاهيا. نور الله ۽ سندر ۾ به شيام کي اُهو ئي فرق نظرو آيو، جو سهڻيءَ ۽ نوريءَ وچ ۾ نظر آيو هوس. نور الله محسوس ڪيو ٿي، ليڪن سمجهڻ لاءِ کيس وايوُ منڊل ڪو نه مليو هو. سندر محسوس ڪيو ، ليڪن هن وقت هوُ جذباتي ڪو نه هو خيالات جي دنيا ۾ رهندو هو. پاڻ بابت بلڪل گهٽ ڳالهائيندو هو. هميشه سوچيندو رهندو هو، پر بنجهه جذبات کان عاري به ڪو نه هو. ڪڏهن ڪڏهن جذبات هن جي دماغ مٿان سوڀ پائيندي هئي ۽ هو ٻارن جيان مستيءَ ۾ اچي ويندو هو.
    نوري هڪ ڏينهن شيام کي سندر جي ڪمري ۾ وٺي ويئي هئي. ڪمرو ڏسي شيام عجب ۾ پئجي ويو- ڪمري ۾ چئن ئي طرف ڪتاب ئي ڪتاب پيا هئا، هزارن جي تعداد ۾، ڪاٺ جي گهوڙن تي هڪ ميز رکي هئي، جا به سڄي ڪتابن سان ڀري پئي هئي. ان ميز اڳيان هڪ اسٽول رکيو هو. ڪمري ۾ ٻيو ڪو به فرنيچر ڪو نه هو. صاف پٽ تي هڪ تؤنري پيئي هئي. جنهن جي هڪ طرف کان وهاڻو پيو هو ۽ ان تؤنريءَ جي پاسي ۾ ئي ٽيبل لئمپ رکي هئي. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪجهه ڪثرت ڪرڻ جو سامان پڻ پيو هو. ۽ اُن جي پاسي ۾ هڪ ننڍڙو بسترو رکيو هو.
    ”سندر هن تؤنريءَ تي ئي سمهندو آهي ۽ هي سندس ڪتاب ڏسين ٿو نه، اهي سندر جو کاڌو آهن. کيس پؤڻا ٻه سؤ پگهار ملندو آهي، جنهن مان گهٽ ۾ گهٽ منو سؤ رپيا هوُ ڪتابن ۽ اخبارن تي خرچ ڪندو هوندو.“
    نوري شيام کي ڪتاب ڏيکارڻ لڳي. سائنس ۽ فيلسفي تي ڪئين ڪتاب رکيا هئا. سياست ۽ راڄنيتي جي ڪتابن سان ته سڄو شيلف ڀريو پيو هو. ڌرم کي به ڪو نه ڇڏيو ويو هو. گيتا ۽ بائيبل هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ويٺا هئا ته قرآن وري ڪنڊ ۾ پيو هو. نفسيات جي پستڪن سان به سڄو ڪٻٽ ڀريو پيو هو. آخري ۾ نوري هڪ ڪٻٽ وٽ پهتي. چيائين، ” ۽ هيءُ منهنجي دل وٽان ڪتاب آهن، جي مان هر هر پڙهندي آهيان.“ نوري هڪ هڪ ڪتاب ڪڍي ميز تي رکڻ لڳي. شيام ڏٺو ته شيڪسپيئر جو پورو سيٽ هو. ورڊس ورٿ هو. گيٽي هو، ٽالسٽاءِ جو جنگ ۽ صلح (War Peace) هو، رومين رولنڊ جو Jean Cristophee جين ڪرسٽوفي، شيلي ۽ ڪيٽس، ٽئگور جا ڪجهه ڪتاب، خليل جبران جو Prophet هو.
    شيام مرڪي چيو، ”هيءُ سڀ ڪتاب تو پڙهيا آهن؟“
    ”هڪ دفعو نه، پر ڪيئن دفعا.“
    ”سنڌي ڪتاب ڪو نه پڙهندي آهين؟“
    ”پڙهندي آهيان، پر گهڻو ڪري شعر شاه، سچل، سامي، بيدل. سنڌي نظم گهڻو ڪري ترجمو ئي آهي، پر تمام خراب ترجمو. ٽئگور جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ پڙهي مان عجب کائيندي آهيان ته جيڪڏهن ٽئگور ههڙا ڪتاب لکيا آهن ته هو مهاڪوي ڪيئن ٿيو. هر هڪ وڏي ليکڪ جي سٽ سٽ هڪ هڪ لفظ ۾ جادو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سندر ٽئگور بينگاليءَ ۾ پڙهي ٻڌائيندو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ اُنهن جي ترجمي کي پڙهي مان سوچيندي آهيان ته جن ليکڪن هي ترجما ڪيا آهن، تن ساهت جو مطلب ئي ڪو نه سمجهيو آهي. منهنجو اشارو نثر جي ترجمن ڏانهن آهي.“
    شيام چيو، ”هنن مان گهڻا ڪتاب مون پڙهيا آهن مان به گهڻو ڪري شعر پڙهندو آهيان. سنڌي شعر لاءِ مون کي پڻ شڪايت آهي- ان ۾ نواڻ نه آهي. ليکڪ جي پنهنجي دلي جذبات جو سچو ترجمو نه آهي. پر اسين وڌي رهيا آهيون، تڪڙي وک کڻي رهيا آهيون. ڪجهه وقت بعد شايد اسان جي سنڌ به هندستان جي ٻين پرڳڻن سان ڪلهو ملائي سگهي.“
    نوريءَ چيو هو، ”منهنجو ڪمرو ڏسندين؟“
    شيام کلي ڏنو. سندس دل ٿي ته نوريءَ کي چوٽي کان ڇڪي پنهنجي ڀر ۾ ڪري بيهاري. نوريءَ جو ڪمرو بلڪل سادو هو. هڪ پلنگ هو، هڪ ميز ۽ ٻه ڪرسيون. ميز تي ٺڪر جي پينٽ ٿيل ٿانوَ ۾ موتئي جا گل پيا هئا. ڀت تي صرف هڪ فوٽو ٽنگيل هو نوريءَ جي ماءُ جو، جنهن تي تازن گلن جو هار چڙهيل هو. شيام دريءَ کان ٻاهر باغ ڏي نهاري رهيو هو، جو نوريءَ اچي سندر جي کيسي ۾ ڪجهه وڌو. شيام کيسي ۾ هٿ وجهڻ تي هو ته نوريءَ کلندي چيس، ”قسم اٿيئي جي هينئر هٿ وڌو اٿيئي. گهر وڃي ڪڍجاءِ.“
    شيام موٽي رهيو هو پر وري دروازي تان موٽي آيو. ميز ۾ رکيل ٿانؤ مان ٻه گل کڻي هن نوريءَ جي ٻنهي چوٽين ۾ هنيا. ائين ڪندي هن جي نظر نوريءَ جي پلنگ تي پيئي. صاف اوجل چادر تي وهاڻي ڀرسان هڪ ڪتاب رکيو هو. جنهن جو جلد تمام سهڻو هو. شيام ڪتاب کڻي ڏٺو ته شاه جو رسالو هو، جنهن جو جلد نوريءَ پاڻ پينٽ (Paint) ڪيو هو. شيام ڪتاب جا پنا اُٿلائيندي ڏٺو ته اندر به ڪيترن هنڌ پاسن کان قسمين قسمين تصويرون نڪتل هيون. اهي خاڪا تمام سهڻا هئا ۽ اُهي شعرن جي مطلب سان مليا ٿي.
    شيام نوريءَ ڏانهن نهاريو. هوءَ ٻه وڏيون اکيون کولي يڪ ٽڪ ڏانهس ئي نهاري رهي هئي. اُن ڏينهن نوري اکين ۾ سرمو شايد وڌيڪ پائي ويٺي هئي ۽ شيام کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن مٿس جادو پڙهيو. نوريءَ چيو، ”هيءُ ساڳيو ڪتاب آهي جو منهنجي امڙ پڙهندي هئي ۽ مون سان گڏ ٻالپڻ کان وٺي رهيو آهي. منهنجي زندگيءَ جي ڪيترن ڏينهن جون قبرون هنن پنن منجهه آهن.“
    اوچتو هوءَ اڳيان وڌي آئي ۽ شيام جي لڳو لڳ اچي بيٺي. شيام هڪ عجيب هڳاءُ محسوس ڪيو. شيام ڪتاب ڇاتيءَ سان لائي بيٺو هو. نوريءَ شيام جي هٿ مٿان پنهنجو هٿ رکيو. ”جيڪڏهن مان تو کي هيءُ ڪتاب سوکڙي ڪري ڏيان ته...“ هوءَ کن پل هٽڪي، ”پر هڪ شرط تي. يوسف چوندو آهي. تو کي هندي سٺي ايندي آهي. تون هن جو هنديءَ ۾ ترجمو ڪندين؟ اسان جي شاه کي هندستان جا ٻيا ماڻهو نٿا سڃاڻن، اها ڪيتري نه شرم جي ڳالهه آهي!“ اوچتو هن کلي چيو، ”شيام، مان تو کي پنهنجي پياري ۾ پياري چيز ڏيئي رهي آهيان.“
    شيام نوريءَ جي مٿي تي هٿ رکي کيس ٿورو اوڏو ڪيو ۽ پوءِ نوريءَ جي منهن کي پنهنجي ويجهو آندائين. شيام کي ائين لڳو ته پاڻ سج هو ۽ نوري ڌرتي. ٻئي هڪ ٻئي جي ڪشش ۾ سرگردان هئا، ليڪن هڪ ٻئي کان دور. نوري شيام جي ڀر ۾ بيٺي هئي پر پوءِ به ايترو دور هئي جو پاڻ هن تائين پهچي ڪو نه ٿي سگهيو.
    بس ۾ گهر موٽندي شيام کيسي ۾ هٿ وڌو. موتئي جااڇا گل پيا هئا... شيام هر هر گلن ڏانهن نهارڻ لڳو. آخر کيس ڊپ ٿيو ته پاسي ۾ ويٺل ائين نه سمجهڻ لڳن ته هو ڪو پاڳل آهي، هن گل کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. اڄ شيام جي دل ڳائي رهي هئي.


    15

    سندر چيو، ”سڀ ختم ٿي رهيو آهي. سڄو پورهيو پاڻيءَ ۾ وهي ويندو.“
    محمود چيس، ”جيڪي ٿيڻو هوندو سو ٿيندو، سندر! تون ڇو ٿو ايتري چنتا ڪرين. ڇا تنهنجي چنتا يا جاکوڙ ڪرڻ سان جيڪي ٿيڻو آهي سو نه ٿيندو؟“
    سندر چيو، ”محمود، تون نٿو سمجهين. هي جيڪو سيلاب آيو آهي، سو اسان سڀني کي ٻوڙي ڇڏيندو.“
    يوسف اُٿي پنهنجي ڪمري هليو ويو. هنن چئن پنجن مهينن ۾ يوسف ڏاڍو بدلجي ويو هو. هو ڪاليج مان به گسائڻ لڳو هو. سڄو ڏينهن پينٽنگ ڪندو رهندو هو. هو چوندو هو. مان ڪاليج پڙهي ڇا ڪندس، رنگ مون کي سڏ ڪندا ٿا رهن. پر الائي ڇو، ڏينهن رات رنگن سان مٿو ٽڪرائڻ سان به رنگن جي سچي ٻولي سمجهي نٿو سگهان.“
    محمود جي زال چيو، ”ڇا اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ ڇا هڪ ديش جا ٻه ديش ٿي سگهن ٿا؟ ڇا ڀاءُ، ڀاءُ جو گلو ڪاٽي سگهي ٿو؟ مون کي ته وشواس ئي نه ٿو اچي.“
    ”راڄنيتيءَ جي راند ۾ سڀ ممڪن آهي ۽ مذهب اُهو نشو آهي جو اسان جا مذهبي ليڊر عام ماڻهو کي اهو نشو پياري کانئن حيوانن وارا ڪم ڪرائي سگهن ٿا. سڀ ممڪن آهي. اِنسان جي تاريخ ڇا آهي؟ اِنساني رت سان ئي لکيل هڪ ڪهاڻي.“
    نوري وات ڦاڙي اهو سڀ ٻڌندي رهندي هئي. صرف سندس اکيون ڳالهائينديون هيون، هن جو ٻيو سڄو بدن سانت هوندو هو.
    ڳوٺ مان نور الله لکيو هو: ”وايو منڊل ۾ هڪ زهر ڦهلجي رهيو آهي. تنهن ڏينهن وڏيري سڏائي چيو هو: ماستر صاحب، هيئن ڪم نه هلندو. هاڻي توهان کي صوفيپڻي ۽ هندو مسلم اتحاد جو پرچار ڪرڻ نه کپي. وقت آيو آهي جو اسين هندن کان پنهنجو بدلو وٺون. مسلم ليگ ٻاهران پنجاب مان والنٽيئر گهرايا آهن جي تعصب جي باه ڀڙڪائي رهيا آهن..... مان ته ڪڏهن ڪڏهن شاه کي ياد ڪري روئي پوندو آهيان.
    ”مان ڳوٺ ۾ هارين لاءِ اسڪول هلائيندو هوس. اُن مان مون کي صرف ايترو ملندو هو جو اسان ٻن ڄڻن جو پيٽ به مشڪل سان ڀرجندو هو. پر هاڻي اهو اسڪول به بند ٿي ويو. جنهن جاءِ ۾ اهو اسڪول هلندو هو اُها زميندار جي جاءِ هئي. زميندار کي ڪنهن راڄنيتي ليڊر اشارو ڏنو آهي ۽ هاڻي مون کي اسڪول هلائڻ لاءِ اُها جاءِ نه ٿي ڏني وڃي.
    ”تنهن ڏينهن به ٽي هاري اناج جون ڳوڻيون کڻي آيا. اهو ڏسي منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. مون کين ڀاڪر پائي چيو: توهين هي ڇو کڻي آيا آهيو؟ مون توهان جي ڪهڙي شيوا ڪئي آهي؟ نه نه، مان هن جي لائق نه آهيان. پر هو ضد ٻڌي بيٺا. مون چيو مان: توهان ته هي ڏيئي ٿا وڃو ليڪن فوجدار ۽ زميندار کي خبر پوندي ته هو توهان کي سولو معاف نه ڪندا. هارين هڪ آواز چيو: ميان اسين ڊڄون ڪو نه ٿا. تون اِنسان آهين- اسين اِنسان کي سڃاڻون ٿا.
    ”ليڪن شيام. هيءُ به گهڻو نه ملندو. هي هاري سچار، پر سادا سودا آهن. هو اَڻ پڙهيل آهن ۽ راڄنتي ليڊرن جي چالبازين کي سمجهڻ هنن لاءِ ڏکيو آهي. هو به مذهب جي سڏ تي ڀنڀلجي ويندا. مون کي ائين لڳي رهيو آهي ته هي چڻنگون آهن جي شايد ڀنڀٽ بڻجي پون ۽ اها باه اسان جي سڄي ديس کي وڪوڙي سڀ ڪجهه خاڪ ڪري ڇڏيندي.“
    ڪجهه ڏينهن بعد اخبارن ۾ فسادن جا احوال آيا ۽ پوءِ روز اخبارن ۾ اهڙا احوال اچڻ لڳا. ڪڏهن باه ڪٿي لڳندي هئي ڪڏهن ڪٿي، پر سنڌ کان اڃا دور هئي.
    شيام ڪڏهن ڪڏهن يوسف جي گهر ويندو هو. سندر هاڻي رات جو به پارٽي آفيس ۾ ڪم ڪندو هو. هو جڏهن به گڏبو هو ته منجهيل نظر ايندو هو. سندس چمڪندڙ اکين ۾ دک ڀريل نظر ايندو هو. هاڻي اڳلي کي دلداري ڏيڻ لاءِ سندس منهن تي مرڪ ڪا نه ايندي هئي، صرف اُن جي هلڪي ريکا نظر ايندي هئي.
    نوري چلائي چوندي هئي، ”ڇا اسان جو سڄو ورثو، ڇا اسان جي شاعرن ۽ مهاتمائن جو سڄو پورهيو اجايو ويندو؟ شاه، سامي، سچل، ڪبير، ميران- ڇا سڀني پنهنجي زندگي اجائي وڃائي؟ ڇا اسان جي ماڻهن ۾ ڪا سمجهه ڪا نه رهي آهي؟“
    سندر دک ڀرئي آواز ۾ چوندو هو، ”اجايو ڪيئن ويندو، نوري؟
    تاريخ هڪ ننڍڙي نديءَ جيان ته آهي...هيءَ اُها مهاندي آهي جا ٻوڏون به آڻيندي آهي ۽ اُن بعد ڏڪار پڻ. اوائل ۾ اِنسان قدرت جي شڪتين جو غلام هو. اُن بعد ڪن ظالم بادشاهن هن کي غلام بڻايو. عام اِنسان اُن اثر کان اڃا صفا ڇٽا نه آهن. هنن کي برغلائڻ تمام سولو آهي.“
    نوري ڪڏهن ڪڏهن شيام جو هٿ پڪڙي ويهندي هئي، ”ڪهڙو نه ڀيانڪ آهي اِنسان جو هيءُ روپ! سڀ ڪجهه ٻرندو سڙندو ٿو وڃي-پيارڌڪار ۾، سندرتا ڪُروپتا ۾.“
    شيام سدائين منجهيل نظر ايندو هو. هو ڪيترو به سوچڻ سان سمجهي نه سگهندو هو ته ڪهڙو ڪم ڪرڻ سان ديس جو ذرو به دک گهٽائي ٿي سگهيو. کيس چوڌاري باه ٻرندي نظر ٿي آئي. جنهن ۾ سماج جو سڀ سٺو ۽ سندر جلي رهيو هو. جڏهن کان هو ٻالپڻ لنگهي جوانيءَ ۾ آيو هو. تڏهن کان اهڙن ماڻهن جي سنگت ۾ رهيو هو. جن سڀني جو مقصد هو- نئين سنڌ اَڏڻ. انگريزن هندستان ۾ سنڌ آخر ۾ ئي فتح ڪئي هئي، اِن ڪري ۽ ٻين ڪيترن سببن ڪري سنڌ هندستان جي ٻين ڀاڱن کان ڪيترين ڳالهين ۾ پٺتي پيل هئي. پر ويجهڙائيءَ ۾ هڪ نئين ٽهي جاڳي هئي جن سنڌ جي اڳين خود غرض اڳواڻن خلاف بغاوت ڪري نئين جوش سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. شيام ڏسندو هو ته خود ساهتيه ۾ به نيون ڌارائون جاڳيون هيون ۽ اُهو ڏينهن دور ڪو نه هو جڏهن سنڌي ساهتيه به هندستان جي ٻين ساهتين سان برميچي سگهندو.
    ليڪن هيءُ باه؟ هيءَ باه ته اُنهن نوجوانن جون تمنائون، سپنا، اُميدون- سڀ جلائي خاڪ ڪري رهي هئي.
    ائين ڇو ٿيو؟
    شيام ڪاليج جا ڪلاس گسائي پنهنجي ڪمري ۾ دريءَ وٽ ويٺو سوچيندو رهندو هو. هن جو سڄو ماضي سندس اکين اڳيان پيو ڦرندو هو. ڪڏهن هو نوريءَ ۽ يوسف بابت سوچيندو هو، ڪڏهن سندر ۽ نور الله بابت، ڪڏهن ڪراچيءَ جي بنگلن ۾ رهندڙن بابت ته ڪڏهن ڳوٺاڻن هارين نارين بابت. زندگيءَ جي برتن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ٽنگ ضرور هو. جنهن مان جيون دان ڏيندڙ امرت وهي ٿي ويو.
    شيام کي پنهنجي زندگيءَ بابت سوچيندي لڳو ته هو ٻن قسمن جي زندگي گذاري چڪو هو. هڪڙي زندگي ڄڻ دٻي ۾ وڄندڙ پٿرن جي آواز جيان هئي ۽ ٻي زندگي هئي، جنهن ۾ لڇندڙ سرود درديلا آواز ڪڍندو هو. پهرين زندگي اُها هئي جا هن ڳوٺ ۾ مٽن مائٽن جي وچ ۾ ڪوشيءَ جي سنگ ۾ گهاري هئي. ان زندگيءَ جو مقصد هو چڱو کائڻ، چڱو پهرڻ، پنهنجي ساراه جا گيت ڳائڻ ۽ ٻه چار ٻار ڄڻي مري وڃڻ. ٻيءَ زندگيءَ جو اَنڀوَ هن ماستر نور الله، نوري ۽ سندر جي سنگ ۾ پاتو هو. ان زندگيءَ جو روپ هن چنڊ جي چانڊوڪي ۽ سمنڊ جي گجندڙ لهرن جي اَڇي گجيءَ ۾ ڏٺو هو.ان زندگيءَ جو سريلو گيت هن اڪيلائي ۾ پنهنجي دل جي ڌڙڪن مان ٻڌو هو. اِن زندگيءَ جي ساز جو مقصد هو عالمي سنگيت جي سرن سان ملي سٺا سر پئدا ڪرڻ. هر زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن وقت هڪ لڙائي لڳي ٿي.- راوڻ ۽ رام جي وچ ۾، سٺي ۽ خراب وچ ۾. جنگ ۾ سٺو مٿي آهي، خراب هيٺ. هيٺ ڪرڻ سولو آهي ۽ مٿي چڙهڻ لاءِ زندگيءَ جي پوري طاقت خرچ ڪرڻي پوي ٿي. پر هڪ دفعو مٿي آسمان ۾ پهچڻ بعد بدن بلڪل هلڪو ٿي پوي ٿو. سرشٽيءَ جي مڌرتا بدن جي هر انگ ۾ ڀرجيو وڃي.
    ليڪن اِنسان جي هيءَ جدوجهد ڪيستائين هلندي؟ ڪڏهن دنيا ۾ انصاف جو راڄ ايندو؟
    شيام اهڙا ئي خيال ڪري رهيو هو جو اوچتو سندر سندس ڪمري ۾ لنگهي آيو. رات جا ڏهه وڄي چڪا هئا. هاسٽل جا اڌ ڇوڪرا ته سمهي پيا هئا ۽ اڌ سمهڻ جي تيارين ۾ هئا.
    شيام سندر جو چهرو ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. سندس ماٺيڻي منهن تي فڪر جي ريکا ظاهر هئي. هن جا اَڻڀا وار ٽڙيل پکڙيل هئا. هن جون اکيون ڳاڙهيون هيون. هو اينديئي آرام ڪرسيءَ تي اچي ڪريو. ”شيام، مون ٻه ٽي راتيون ننڊ ڪا نه ڪئي آهي. سور کان مٿو ڦاٽي رهيو اٿم.“
    شيام سندر جي نرڙ تي هٿ رکي ڏٺو- ڏاڍو تيز بخار هوس پاسي واري ڪنهن ڪمري مان بام ۽ ڪجهه گوريون وٺي آيو. گوريون سندر کي ڏيئي مٿي تي بام هڻڻ لڳس. پوءِ هن کير جو هڪ گلاس گهرايو جو سندر هڪ ئي ڳيت سان پي پلنگ تي ليٽي پيو.
    شيام چيو، ”سندر، تو کي ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ گهرجي، تون ڏاڍو ٿڪل آهين.“
    سندر شيام ڏانهن نهاريو. سندس اکين ۾ ايتري ته نماڻائي ۽ سٻاجهائي هئي جو شيام کي نوري ياد آئي. شيام سندر جو هيءُ روپ اڳي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو هو. هو هڪ ٻار جيان هو، جنهن کي ڏسي دل ٿئي ٿي ته هن جي ڀر ۾ ويهي سندس پرگهور لهجي.
    سندر چيو، ”شيام، هڪ وڏو منصوبو سٽجي رهيو آهي. وڏا سرمائيدار ملڪ ۾ آزاديءَ لاءِ وڌندڙ هلچل کان ڊڄي ويا آهن. هوُ طاقت پنهنجي هٿن ۾ قائم رکڻ لاءِ ڌاريءَ سرڪار سان خطرناڪ منصوبو سٽي رهيا آهن.“
    ”ڇا جو منصوبو؟“
    ”تون روز اخبار ته پڙهندو آهين نه؟“
    ”ها پڙهندو آهيان ۽ جيڪي پڙهند و آهيان سڄو ڏينهن اُن تي سوچيندو رهندو آهيان، پر سوچيندي به سمجهي نه سگهيو آهيان ته هيءُ ڇا ٿي رهيو آهي.“
    ”چند ماڻهو پنهنجي شخصي فائدي لاءِ سڄي ديس کي برباد ڪري رهيا آهن. هوُ عوام کي رت جي درياه ۾ اُڇلي پنهنجي لاءِ عيشن جو رستو خالي ڪرڻ ٿا چاهين.“
    ”مون نه سمجهيو، سندر.“
    ”ديس کي ڌرمي خيال کان ٻن حصن ۾ ورهائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، پر ڌرم ته ڪن ڌرمين جي هٿ ۾ ماڻهن کي ڀنڀلائڻ لاءِ وسيلو آهي. ڌاري سرڪار ۽ هتي جا سرمائيدار ملي هڪ ٿي ويا آهن. انگريز ڏسن ٿا ته ملڪ کي وڌيڪ وقت غلام رکڻ سندن طاقت کان ٻاهر آهي؛ پونجي پتي ڏسن ٿا ته هيءَ هلچل عوام کي جاڳائي رهي آهي ۽ کانئن اڳواڻپڻو کسڻ ٿي چاهي. ديس جي عوام جي ڀيٽ ۾ پونجي پتي ڌارين سرمائيدارن سان ساٿ ڏيڻ بهتر ٿا سمجهن. هوُ ڌاري سرڪار سان ملي عوام ۾ ڌرم جي نالي ۾ ڏڦيڙ وجهي عوام جو ايڪو ٽوڙڻ چاهين ٿا. عام هندو، عام مسلمانن سان وڙهڻ لڳندا ۽ هندو سرمائيدار ۽ مسلمان سرمائيدار هڪ ٻئي ۾ لُٽِ ورهائي کڻندا. عوام کي آزاديءَ جو ڪو لاڀ ڪو نه ملندو.“
    شيام ڏٺو، سندر جو سڄو بدن سور ۾ لڇي رهيو آهي. هن سندس وات تي هٿ رکيو ۽ مٿان ڪپڙو ٺاهي وڌائينس. سندر چوندو هيو، ”پر ڏوه اسان جو به آهي. اسان حالتن کي وگيانڪ طريقي باريڪيءَ سان تپاسڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي. اسين آهيون وچولي درجي جا عيش پرست نوجوان اسين خوابن ۾ وڌيڪ رهندا آهيون، به نسبت حقيقت جي شيام، تاريخ ۾ جڏهن اسان جا پويان اسان بابت پڙهندا ته سندن دل ۾ اسان لاءِ عزت نه، پر حقارت جاڳندي.“
    شيام سندر جي مٿي کي زور ڏيئي رهيو هو ۽ آهستي آهستي سندر جو ٿڪل بدن پنهنجي جاڳرتي کوهڻ لڳو. پر شيام جي ننڊ ڦٽي پيئي. سندس دماغ ۾ ڄڻ باه ٻري رهي هئي. هو ڪيترو وقت دريءَ وٽ بيٺو ٻاهر نهاريندو رهيو. آخر جڏهن ٽاور ٻن جا ٺڪاوَ هنيا ته هو ٿڪل بدن کڻي وڃي آرام ڪرسيءَ تي ليٽيو. صبح جو جڏهن هو جاڳيو تڏهن ڏٺائين ته چوطرف سج جي روشني پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ويٺي آهي. اکيون کولڻ سان سندس پهريون خيال سندر ڏانهن ويو ۽ هن نگاهون پلنگ ڏانهن ڦيريون، ليڪن پلنگ خالي پيو هو. سندر رات جي بخار جو خيال نه ڪري صبح جو سويل ئي ڪم تي هليو ويو هو.


    16

    آخر ديس جا ٻه حصا ٿي ئي رهيا ۽ ڪراچيءَ جي عمارتن تي سائو جهنڊو لهرائڻ لڳو.
    فسادن وڌيڪ ڀڙڪو کاڌو ۽ اُهي سنڌ تائين به آيا.شيام کي هڪ ڏينهن خط آيو: ”هڪدم ڳوٺ هليو اچ.“ پر وري ٻئي ڏينهن خط آيس: ”نه، هيڏانهن نه اچ. اسين پاڻ هتان نڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.“
    پنجاب مان هندن جي لڏپلاڻ اڳيئي ٿي رهي هئي ۽ هاڻي سنڌ مان به ٿيڻ لڳي.
    هڪ ڏينهن گوبند رام شيام کي پاڻ وٽ سڏائي سندس پيءُ وٽان آيل هڪ خط ڏيکاري چيو، ”هيءُ تنهنجي پيءُ جو خط آيل آهي. ڏاڍو منجهيل آهي. لکيو اٿس ته ٻنيون جي ڪجهه وقت اڳ نيڪال ڪيون هئم اُنهن جا پئسا مليل آهن. پر ٻيون هاڻي ڪير اڌ قيمت تي به وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. هيءُ پنجويهن هزارن جو ڊرافٽ تنهنجي نالي موڪليو اٿس. ٻيا پئسا به جيئن ڪڍي سگهندو تيئن ڪڍندو ايندو. هو چاهي ٿو ته تون ڀيڻ ۽ ماءُ کي وٺي هندستان وڃ. جڏهن تنهنجو پيءُ ڪجهه وڌيڪ روڪڙ ڪڍي سگهندو، تڏهن هو به ايندو منهنجو پڻ اهو ئي رايو آهي. مان جيڪر چاهيان ته تون ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ ڪوشليا ۽ سندس ماءُ کي به ساڻ وٺي وڃ. اسين پوءِ پهچي وينداسين.“
    شيام ڪجهه عجب ۾ چيو، ”ليڪن مهاتما گانڌيءَ ته اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان مان ڪنهن به هندوءَ کي نڪرڻ نه کپي. جيڪڏهن توهان به پنهنجو ڪٽنب موڪليندا ته ٻين عام هندن تي ڪهڙو اثر پوندو؟“
    گوبند رام چيو، ”آدرش هڪ ڳالهه آهي، حقيقت کي منهن ڏيڻ ٻي. حالتون اهڙيون آهن، جو اسان کي هتان ڪوُچ ڪرڻو ئي پوندو.“
    شيام جو سڄو بدن ڏڪي اُٿيو. سندس دماغ چڪر کائڻ لڳو.
    گوبند رام چيو، ”بردبار ٿيءُ. ڪنهن به ڏينهن تنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ مامهن سان هتي اچي پهچن. هتي تياري ڪرڻ ۾ هفتو به نه لڳندو.“
    ڪوشليا بابت پڇا ڪرڻ تي ماڻس شيام کي ٻڌايو ته هوءَ پڪچر ڏسڻ ويئي هئي.
    ٿورن ڏينهن بعد شيام کي ڳوٺ مان ٻيو به هڪ خط مليو. اهو خط فاطما لکيو هو- ”تنهنجي سائينءَ کي پوليس گرفتار ڪري ويئي. هو ڪن ڏينهن کان بيمار هو، تڏهن به گهر گهر ويندو هو ۽ هندن کي منٿون ڪندو هو ته ملڪ ڇڏي نه وڃو؛ توهان جو پنهنجو ئي گهر آهي- پنهنجي ديس جي پڻي به پياري. مسلمانن جي گهر وڃي، کين خدا جو قسم وجهي چوندو هو- الله ائين نه ٿو چاهي. الله جي نظرن ۾ ته سڀ ڀائر آهن. اڄ توهين انڌا ٿي پنهنجن ڀائرن کي لوڌي ڪڍي رهيا آهيو،سڀاڻي پڇتائيندا. پوءِ ڌاريا اچي اِنهن جا گهر ڀريندا. پنهنجا پنهنجا آهن، ڌاريا ڌاريا.
    ”هت پنجاب جو هڪ وڏو ليڊر آيو هو. چونٿا هن سنڌ جي هڪ وزير کي تنهنجي ماستر جي خلاف خط لکيو. ٻه ٽي ڏينهن اڳ پوليس کيس گرفتار ڪري ويئي ۽ ماڻهن کي فسادن لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ کيس سکر جيل ۾ رکيو ويو آهي.
    ”ڀاءُ هت ڳوٺ جو وايو منڊل نه سهڻ جهڙو ٿي پيو آهي. جيئن کير ۾ کنڊ بدران لوڻ وجهجي ۽ کير ڦٽي پوي، اسان جي ڳوٺ جو به اهڙو ئي حال آهي.“
    نور الله جي گرفتاريءَ جو پڙهي شيام کي يڪدم سندر جو خيال آيو. ڇا سندر کي به پوليس گرفتار ڪري ويئي هوندي؟ شيام خط کڻي يوسف جي گهر پهتو. هو گهر ۾ ڪو نه هو. نوريءَ فاطما جو خط پڙهي شيام کي واپس ڏنو. چيائين، ”شيام، تو وٽ ڪجهه پئسا هوندا؟“
    شيام عجب ۾ چيو، ”گهڻا کپني؟“
    ”جيترا به-ٻه ٽي سؤ.“
    ”تو کي کپن، نوري؟“
    نوري ڪجهه دير سانت رهي چيو، ”کپن ته مون کي ئي تو اڄ سندر جي ڳالهه ڪئي. مان به سڄو ڏينهن هن بابت ئي سوچي رهي هئس. خبر نه آهي ويچارو ڪٿي ڪٿي ڀٽڪندو هوندو. نور الله کي پوليس پڪڙي ويئي. سندر جي پٺيان به پوليس آهي ۽ هو روپوش ٿي ويو آهي.“ اوچتو نوريءَ جو آواز گهگهو ٿي ويو، ڄڻ هوءَ لڙڪن کي زوري روڪي ويٺي هئي. ”سندر، ڪهڙي به سخت حياتيءَ جو هيراڪ آهي، تڏهن به پئسي بنا هن سماج ۾ هڪ پل به گهارڻ ڏکيو آهي، خاص ڪري جڏهن هر وقت ظاهر ٿيڻ جو ڊپ آهي. پر هو الائي ٻه ويلا کائيندو به هوندو يا نه، ۽ رات جو سمهندو به الائي ڪٿي هوندو. سمهڻ کان اڳ ڪلاڪ ٻه هو هميشه ڪتاب پڙهندو هو، اُن بنا کيس ننڊ ڪا نه ايندي آهي. پاڻ تمام ٿڪل هوندو هو ته مون کي سڏ ڪندو هو ۽ مان پڙهندي رهندي هئس جيستائين هو ننڊاکڙو ٿيندو هو.“
    نوريءَ جي دل ڀرجي آئي. ”شيام، مون کي خبر آهي ته سندر جو کيسو خالي هوندو. هو ڪڏهن به پئسا ميڙڻ ڪو نه سکيو هو ۽ نه ئي ڪنهن کان گهري سگهندو.“
    شيام ياد ڪري ڏٺو ته وٽس پئسا ته گهڻا ڪو نه هئا پر هڪ هيري جي منڊي، جا کيس جڻيا پائڻ وقت پيءُ ٺهرائي ڏني هئي، اُها سندس پيتيءَ ۾ پيئي هئي. شيام ڪڏهن به اُها منڊي ڪا نه پاتي هئي، پر جڏهن ڪراچيءَ ٿي آيو ته ماڻس اها منڊي پيتيءَ ۾ ڪري وڌي هئي.
    ٻئي ڏينهن شيام اُها منڊي وڪڻي ٻه سؤ رپيه نوريءَ جي گهر کڻي ويو.
    جڏهن شيام نوٽ نوريءَ جي هٿ ۾ ڏنا ته اوچتو هن ڏٺو ته نوريءَ جي اکين ۾ ٻه آنسوُ چمڪيا.
    شيام نوريءَ جي هٿ کي پڪڙي چيو، ”نوري.....!“
    نوريءَ چيو، ”سنڌ مان ڪيترا هندو لڏي وڃي رهيا آهن. هيءُ سڀ ڇو ٿي رهيو آهي؟ ڇا سچ پچ هندو ۽ مسلمان ٻه جدا قومون آهن؟ ڇا ٻه انسان ڌرم جدا هئڻ ڪري گڏ رهي نٿا سگهن؟“
    ”اسان جي عوام جي صدين لاڪر جهالت، ڌاريءَ سرڪار جو ڄاڻي واڻي ڌرمي جذبن کي ڀڙڪائڻ، ۽ اسان جي تاريخ، سڀ اسان جي خلاف آهن. جنهن ديس ۾ نوي سيڪڙو ماڻهو لکي پڙهي نه ڄاڻن، جو صدين کان غلاميءَ جي چنبي ۾ آهي، اُتي سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو.“
    ”ليڪن انسان ته تاريخ کي ڦيرڻ لاءِ ئي ڄائو آهي.“
    ”ها، پر تاريخ جو گاڏو تمام ڀاري آهي، نوري. هيءُ ڪن ٿورن انسانن جي زور سان ڪو نه ٿو چري سگهي.“
    نوري کير جو گلاس کڻي آئي.
    ”اڄ چانهه بدران کير ڇو، نوري؟“
    ”امان چوندي هئي، مزمان جو آدر سدا کير جي پيالي سان ئي ٿيڻ کپي، ۽ مان به ته صرف کير ئي پيئندي آهيان.“
    اُن وقت نوري ۽ شيام هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ سان ڪنبي ويا. شيام پيءُ جي خطن ۾ گوبند رام سان هليل ڳالهين جو ذڪر ڪيو. نوري سانت ۾ ٻڌندي رهي. جڏهن شيام ڳالهه ختم ڪئي ته نوري اُٿي هلي ويئي. ڪجهه دير بعد جڏهن هوءَ واپس آئي ته سندس وار آلا هئا، سندس ڳل ۽ نڪ ڪجهه ڳاڙها هئا. هن شايد رنو هو ۽ پوءِ سنان ڪري آئي هئي. هن اچڻ سان ڀرت هٿ ۾ کنيو ۽ پلنگ جي ڪنڊ تي ويهي رهي. پوءِ اکيون مٿي کڻڻ بنا چيائين. ”شيام. تو کي اڄ ڪم ته ڪونهي؟ سڄو ڏينهن هتي ترسي سگهندين؟“
    شيام گلدستي مان هڪ گل کنيو ۽ نوريءَ جي آلن وارن ۾ اٽڪايائين.
    نوريءَ چيو، ”تو ڪڏهن منهنجي هٿن جو رڌل کاڌو ڪو نه کاڌو- اڄ مان روٽي تيار ڪنديس.“ پوءِ هن اچتو ڪنڌ مٿي کڻي چيو، ”تو او- هينريءَ جي ’سوکڙي‘ ”Gift of Magi“ ڪهاڻي پڙهي آهي؟ شيام، ڇا دنيا ۾ سچ پچ اهڙا اتفاق ٿيندا آهن؟“
    ”دنيا ۾ ڇا ممڪن نه آهي نوري؟ هڪ ڏينهن تي تو ئي ته چيو هو ته اسين پاڻيءَ جي جهاز ۾ مسافريءَ تي هلنداسين- تمام دور، بنان منزل سوچڻ جي.“
    نوريءَ ڪنڌ مٿي کڻڻ بنان چيو، ”شيام، ماضيءَ ۽ مستقبل ۾ تمام گهڻو ويڇو آهي. کين ڳنڍيندڙ آهي حال. جڏهن حال ئي پنهنجو نه رهيو ته انهن ٻنهي کي ڪير ڳنڍيندو؟“
    شيام نوريءَ کان ڏر (اهو ڪپڙو جنهن تي ڀريو وڃي.) وٺي پاسيرو ڪري رکيو. سندس کاڏي مٿي ڪري پنهنجون اکيون هن جي اکين ۾ کپائي چيائين، ”ڇا ايتري ۾ تون هار قبول ڪري ويٺينءَ، نوري؟“
    نوريءَ جي اکين مان آنسن جي برسات وهي نڪتي، پر وري هوءَ مرڪڻ لڳي. مرڪ ۾ آنسن جو سيلاب ائين هو جيئن انڊلٺ نڪرڻ وقت سورج جي روشني ۽ بادل. پوءِ اوچتو نوريءَ ٽهڪ ڏيئي کلي ڏنو.
    هوءَ شاه جو بيت ڳائڻ لڳي:
    اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برجن سين،
    ساز سارنگيون سرندا، وڄائي برچنگ،
    صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڌام تي.
    مند ٿي منڊل منڊيا؛ تاڙي ڪي تنوار،
    هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار،
    اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
    ”نوري، ڳائڻ بند ڇو ڪيئه؟ ڳائيندي وڃ، جيئن ساوڻيءَ جي برسات وسندي آهي.“
    ”نه، هينئر نه. هينئر مان وڃي ٿي روٽي ڪريان. اگر تون رات هت رهئين ته سڄي رات منهنجا گيت ٻڌندين. تنهنجي ڪن گيتن کي به مون سر ڏنو آهي.“
    شيام احسان مند اکيون مٿي کنيون. نوريءَ مرڪي اکيون ڇنڀيون ۽ ويئي هلي.


    17

    ٻن ٽن ڏينهن بعد ئي ڄاڃيمل زال ۽ ڌيءُ سوُڌو ڪراچيءَ پهچي ويو. هوُ سڀ گوبندرام جي گهر اچي لٿا. اها سڄي رات ڳالهيون ٿينديون رهيون. هڪ طرف گوبند رام ۽ ڄاڃيمل هئا ۽ ٻئي طرف اڪيلو شيام. هوُ عمر ۾ وڏا ۽ وڌيڪ آزمودگار هئا ۽ شيام مٿان حڪم هلائڻ جو حق به وٽن موجود هو. شيام اڃا ٻار هو- جنهن دنيا کي ڏٺو هو شاعراڻي نظر سان ۽ انسانن جي دلين کي ڇهيو هو جذبات جي سپرش سان. هن دنيا ۾ ڪيترو گند، خود غرضي ۽ جهالت آهي، اُن جي هوُ ماپ ڪري نه سگهيو. آخر گوبند رام ۽ ڄاڃيمل شيام کي اهو انجام ڏيئي سرچايو ته هوُ هند ۾ ڪجهه مهينا رهي ۽ جيئن ئي حالتون بهتر ٿيون، تيئن هوُ ڀل موٽي اچي. هنن دل ۾ سوچيو ته ٻن ٽن مهينن بعد ڇا ٿيندو اها ته خبر نه آهي، ليڪن شيام جو بمبئي پهچي اُتان موٽڻ ڪيترو مشڪل آهي اهو هو پاڻيهي سمجهي ويندو.
    ٻيا ٻه ٽي ڏينهن شيام سڄو ڏينهن پيءُ ۽ گوبند رام سان رلندو رهيو. ڊرافٽ وٺڻا هئا، ٽڪيٽون وٺڻيون هيون، سامان ٻڌائڻو هو، ٻيا به ننڍا وڏا سوين ڪم هئا. وچ وچ ۾ شيام کي نوري ياد ايندي هئي ۽ سوچيندو هو ته اڄ سانجهيءَ جو هن وٽ ضرور ويندس، پر وري ڪو نه ڪو ڪم نڪري پوندو هو.
    سڄي وايوُ منڊل ۾ ڄڻ انڌڪار ڇانئجي ويو هو. ڄڻ سج کي چوٽيءَ تي هوندي ڪنهن ڪاري ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيو هو ۽ چ‍ؤطرف اونده ۾ هاهاڪار مچي ويو هو. گهر گهر ۾ روئڻ جو آواز ٻڌبو هو. گهٽيءَ گهٽيءَ جي موڙ وٽ جتي به ماڻهن جو سامان گهر مان نڪرندو هو، ماڻهن جا ميڙاڪا مڙندا هئا ۽ انسان انسان سان کلي ملي روئي موڪلائيندا هئا. شيام کي ائين لڳي رهيو هو ته ڌيري ڌيري ڌرتيءَ ۾ خال ٿي رهيو آهي، جو وڃي ٿو وڏو ٿيندو ۽ سڀ انسان اُن ۾ غرق ٿيندا ٿا وڃن.
    شيام جي ماءُ ۽ ڀيڻ سڄو ڏينهن سانت هونديون هيون. گوبند رام جي زال هر هر ڪمري ۾ وڃي روئي دل جو بار هلڪو ڪري، منهن ڌوئي وري اچي سامان ٻڌڻ کي لڳندي هئي.
    ڪوشليا، جنهن جو سڄو ڏينهن ڪلبن ۽ ساهيڙين سان ڪٽبو هو، اُها به ڪجهه غمگين ۽ موڳي پيئي لڳندي هئي. هوءَ سوچيندي هئي: هيءُ ٿئي ڇا پيو، ڪهڙو راڪاس آيو جو جادوءَ جي لڪڙيءَ سان سندس سکه ڀري زندگيءَ کي هڪ کن ۾ ناس ڪري ويو. هوءَ جيڪا پاڻ کي دنيا جي جهيڙن جهٽن جي وير جي لهرن چڙهڻ کان مٿي سمجهندي هئي؛ اُهو سندس خيال ميسارجي ويو. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جي هڪ ئي لهر سندس سڀ ڪجهه ميڙي سمنڊ ڏانهن کڻي وئي. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ پلنگ تي ويٺي يڪ ٽڪ اُن گڏيءَ ڏانهن نهاري رهي هئي جا سندس پيءَ کيس جنم ڏينهن تي وٺي ڏني هئي- هڪ خوبصورت ٻه فوٽ اوچي گڏي، ريشمي زريءَ واري ساڙهي پيل. اُن گڏيءَ جي منهن تي هميشه هڪ عجيب مرڪ هوندي هئي ۽ جيئن ئي هيءُ بنگلو ٺهيو هو، تيئن ڪوشليا جي ڪمري ۾ شو ڪيس جي مٿان رکي هوندي هئي. هيءُ اها گڏي ڄڻ سندس ڏينهن رات گڏ رهندڙ ساهيڙي بڻجي پيئي هئي- پر سڀاڻي کان هوءَ ساڻس گڏ نه هوندي.
    ڪوشليا ڪٻٽ مان پنهنجا گنگهروُ ڪڍيا ۽ پٽ تي ڦٽا ڪري ڇڏيائين. سندس ماءُ اهي کڻي پيتيءَ ۾ رکڻ لڳي، جو ڪوشليا اُهي ڦري کڻي پري ڪنڊ ۾ زور سان اُڇلايا ۽ هڪ مٺو، پر دل چيريندڙ آواز ڪمري ۾ ڀرجي ويو.
    گوبندرام ٻئي ڏينهن جون جهاز جون ٽڪيٽون وٺي سڄي ڪئبن رزرو ڪرائي آيو. جڏهن اهي ٽڪيٽون شيام جي هٿ ۾ ڏنائين. تڏهن شيام جو سڄو بدن ڪنبي اُٿيو. هيلتائين تيار ڪندي به سندس من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها اُميد لڪل هئي ته شايد پڇاڙيءَ جي وقت سڀ ڪجهه پلٽجي ويندو. ليڪن سفر جي وقت اچي مٿان پيو ۽ هو پنهنجي ڪنهن به جگري دوست سان گڏجي نه سگهيو هو. هنن سان موڪلائڻ بنا هو ڪيئن وڃي سگهندو؟ هن ڪوشليا وٽ وڃي چيو، ”ڪوشي، هڪ ڪم ڪندينءَ؟“
    ڪوشليا عجب ۾ پيئي. ههڙي نيزاري شيام جي سڀاءُ جي بلڪل اُبتڙ هئي. ڪيترا مهينا گهر جو هڪ ڀاتي ٿي رهڻ وقت به شيام ڪوشليا جو ڪو ٿورو کڻڻ نه چاهيندو هو.
    شيام سندس ڀر ۾ ويهي چيو، ”ٿوري وقت لاءِ ڪار کپي.“
    ڪوشليا پنهنجون وڏيون اکيون سندس منهن ۾ کپائي چيو، ”تون ڪار هلائڻ ڪڏهن سکئين؟“
    ”سکيو ڪو نه آهيان. هڪ ضروري ڪم اٿم- تو کي به گڏ هلڻو پوندو.“
    ڪوشليا ٽپ ڏيئي اُٿي.
    ڪار هوا کي چيريندي تيز رفتار سان هلڻ لڳي. ڪوشليا جا وار اُڏامي شيام جي ويجهو آيا. شيام کي اڳيون يادگيريون آيون. هن پڇيو، ”ڪوشي، تون اڃا ڊانس سکڻ ويندين آهين.؟“
    ڪوشليا چيو، ” تو کي منهنجي ڊانس وڻندي هئي نه؟“
    ”ها، ڊانس ڪرڻ وقت تون ٻي ڪوشليا هوندي آهين.“
    ”اهو ڪيئن؟ ڪوشليا ته هڪ آهي. ٻي ڪوشليا ڪٿان آئي؟“
    ڪوشليا آرسيءَ ۾ شيام ڏانهن نهاريو. سندس چپن تي وڻندڙ مرڪ هئي.
    شيام دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو. ”الائي، پر شايد هر انسان کي ٻه روپ ٿين ٿا.“
    ڪار اچي يوسف جي گهر وٽ بيٺي. در يوسف جي ڀاڄائيءَ کوليو ۽ هوءَ کين اندر وٺي ويئي. ”يوسف ۽ نوري ڪٿي آهن، ڀاڀي؟“ يوسف جي ڀاڄائي ڪجهه دير ٽڪٽڪي لڳائي شيام ڏانهن نهاريندي رهي. پوءِ چيائين، ”هو ڪالهه نوابشاهه ويا. سندن وڏو ڀاءُ به ويو آهي. نوريءَ جي والد جون ٻه تارون آيون هيون، هو سخت بيمار آهي هو وڃڻا ٽيون ڏينهن هئا، پر هڪ ڏينهن وڌيڪ ترسيا ته متان تون اچين. يوسف تو کي هاسٽل ۾ به ڳولهي آيو پر تنهنجو ڪٿي پتو ڪو نه پيو.“
    شيام جي هٿن مان ڄڻ ڪجهه ڪري پيو. هو ڪجهه دير سانت ۾ ويٺو دريءَ تي رکيل ڪونڊيءَ ڏي نهاريندو رهيو. ٺڪر جي اُن ڪونڊيءَ تي جڏهن نوري چٽسالي ڪري رهي هئي، تڏهن شيام به سندس ڀر ۾ بيٺو هو.
    شيام اُن وقت چيو هو، ”نوري هيءَ ڪونڊي ته ٿوري ٺوڪر لڳڻ سان ئي ڀڄي پوندي، تون هيتري محنت ڇو ٿي ڪرين؟“
    نوريءَ مرڪي وراڻيو هو، ”اِنساني بدن به ته ٽاڪئون آهي- اڄ آهي سڀاڻي نه آهي. تڏهن به زندگيءَ کي سندر بنائڻ لاءِ اِنسان ڏينهن رات ڪيئن نه پگهر وهائين ٿا.“
    شيام واپس حقيقت ۾ اچي چيو، ”۽ سندر؟“
    ”سندر جو پتو ڪونهي. ٻه چار ڏينهن اڳ پوليس سندس ڪمري جي تلاشي وٺڻ آئي هئي.“ هن مرڪي چيو، ”پر هو جوان مڙس آهي، پوليس جي هٿ اهڙو سولو نه ايندو.“
    ڪوشليا چيو، ”هلون؟“
    شيام چيو، ”ڀاڀي، اسين بمبئي وڃي رهيا آهيون. نوريءَ جي ڀاڀيءَ چيو، ”ترسو....“ هوءَ وڃي چانهه جي ٽري کڻي آئي. ”شيام. نوري تنهنجي لاءِ پنهنجي ڪمري ۾ ڪجهه رکي ويئي آهي، هل ته کڻي اچون.“
    شيام نوريءَ جي ڪمري م گهڙيو ته اهڙو ڳنڀير ٿي ويو جيئن شرڌالو مندر ۾ گهڙڻ سان ٿيندو آهي. صاف وڏي ڪمري ۾ نوري بيٺي هئي. سندس سوکيم سرير هر هر ٽپو ڏيئي اچي ٿي شيام جي سامهون بيٺو. جارن تي موتئي جون ڪونڊيون رکيون هيون، جن ۾ ڪجهه گل بيٺا هئا ۽ اُنهن جي سرهاڻ ڪمري ۾ ڦهليل هئي.
    ڀاڀيءَ ڪٻٽ کوليو. هٿ سان ڀريل هڪ رومال ۾ هڪ ڪتاب پيو هو. رومال تي تمام سهڻو ڀرت ٿيل هو. شيام جيئن رومال جا تهه کوليا تيئن اندر هڪ ڪاپي ڏسڻ ۾ آيس ۽ هڪ چٺي اچي پٽ تي پيئي.
    شيام نيئڙي پنو هٿ ۾ کنيو. سندس هٿ ڏڪي رهيو هو.
    نوريءَ جي هيءُ ڏانهنس پهرين چٺي هئي.
    ”شيام،
    الائي ڇو منهنجي دل چئي رهي آهي ته تون وڃي رهيو آهين. مان ڪيترو دل کي سمجهايان پيئي، پر دل مڃيئي نٿي.
    هن سان گڏ منهنجي ڊائري اٿيئي. گهڻن سالن کان مون هيءُ ڪاپي پاڻ سان گڏ رکي آهي. جڏهن به دل ۾ جذبات جي وير چڙهندي آهي ته هن ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکي ڇڏيندي آهيان. تنهنجو ڪتاب پڙهڻ وقت به من ۾ جيڪي خيال جاڳيا هئا اُهي هن ڊائريءَ ۾ درج ڪيا اٿم. ان ڪري هيءُ ڊائري منهنجي دل جي آرسي اٿيئي، اُن کي سنڀالي رکج.
    هڪ ٻي ڳالهه. مون تو کي پنهنجي شاه جو رسالو ڏنو هو. اڪيلائيءَ ۾ منهنجو اهو ئي ساٿي هو. اڪيلائيءَ ۾ مان هن ساٿيءَ جي ضرورت هاڻي به محسوس ڪندي آهيان. مان بازار مان ههڙو ساٿي ڳنهڻ نٿي چاهيان. تون هڪ ڪاپي وٺي اُن تي پنهنجو دستخط ڪري منهنجي لاءِ ڇڏي وڃج ۽ منهنجو ڏنل رسالو سدا پنهنجي ڀر ۾ رکج ۽ انجام ياد رکج ته تو کي شاه جي سڳنڌ دور تائين ڦهلائڻي آهي.
    شل سائين تنهنجو ڀلو ڪندو
    نوري.“
    شيام خط مان اکيون ڪڍيون-ڀاڀي ڪمري ۾ ڪا نه هئي.
    شيام ڪٻٽ کي ٽيڪ ڏيو ڪيتري دير بيٺو هو. هيءُ ڪنهن جو ڪمرو هو؟ هوءَ ڪير هئي؟ هن ڪمري جو هر چيز ۾ هوءَ سمايل هئي، پر هوءَ هتي ڪا نه هئي. هوءَ هتي ڪا نه هوندي تڏهن به موتئي جا گل اُڀرندا. مان هن ڪمري ۾ ڪو نه ايندس تڏهن به هي گل روز اُڀرندا ۽ سرهاڻ ڦهلائيندا. تڏهن هوءَ اڪيلي ڇا ڪندي؟ ڇا هوءَ دريءَ وٽ بيهي دور نهاريندي رهندي؟
    شيام ڪمري کان ٻاهر آيو ته سامهون ڀاڀي گڏيس. هن جي هٿ ۾ شربت جو گلاس هو. ڀاڀيءَ چيو، ”تون چانهه نه پيءُ،شيام. نوريءَ هيءُ شربت گهر ۾ ٺاهيو هو. سندس خيال هو ته هيءُ شيشو تو کي هاسٽل ۾ کڻي وڃڻ لاءِ ڏيندي، گرمي آهي نه.“
    شيام ۽ ڪوشليا ٻاهر نڪتا. شيام چيو، ”ڪوشي، گاڏي کاتي هل، مون کي هڪ ڪتاب وٺڻو آهي.“
    ”ضروري کپيئي؟ ڪافي دير ٿي چڪي آهي ۽ اڃا سامان ٻڌڻو آهي.“
    ”ضروري کپي، ڪوشي.“
    ڪار ۾ ڪيترو وقت بلڪل سانت رهي.
    ڪوشيءَ پڇيو. ”هيءَ نوري ڪير آهي؟“
    شيام آرسيءَ ۾ ڪوشليا جي منهن ڏانهن نهاريو. ”هوءَ الائي ڪير آهي، ڪوشي. پر مان ائين پيو سمجهان ته هوءَ منهنجي چؤطرف ڦهليل هوا ۾ حاضر آهي ۽ سدائين حاضر رهندي. هوءَ سدائين مون سان رهندي. مان جيڪو به ساهه کڻندس، هوءَ اُن ساه سان اندر ايندي..“
    جهاز پاڻيءَ ۾ ٿپڪيون هڻي ڌيري ڌيري هلي رهيو هو. جيئن ٻار پاڻيءَ جي گينڊيءَ ۾ ٿپڪيون هڻي آواز ڪندو آهي، تيئن جهاز به راند ڪري رهيو هو. جهاز سانت هو، پر جهاز ۾ چڙهيل انسانن جون دليون دانهون ڪري رهيون هيون.سڀ اُداس هئا، سڀني جا منهن لٿل هئا. قدرت جي وشال گود ۾ به اهي انسان اُن ماءُ لاءِ تڙڦي رهياهئا، جا کانئن وڇڙي چڪي هئي.
    شيام-ماءُ کي اُلٽيون ٿي پيون هيون ۽ ڪوشليا جي ماءُ سندس ڀر ۾ ويهي کيس آٿت ڏيئي رهي هئي. سرلا پنهنجي بيمار ٻار جي پر گهور لهڻ ۾ پوري هئي. ڪوشليا ٻه ٽي انگريزي ناول ساڻ آندا هئا. جي سندس وهاڻي جي ڀر ۾ رکيل هئا. شيام اڪثر ڊيڪ تي ويٺو لهرن ڏي نهاريندو رهندو هو. سندس وار اڀوڳا هئا، منهن مرجهايل، ۽ هن جا چپ ڄڻ ڪنهن سبي ڇڏيا هئا. نوريءَ چيو هو، ”شيام، هڪ ڏينهن اسين پاڻيءَ جي جهاز ۾ دور دور هلنداسين، سمنڊ جي ڇولين تي ناچ ڪندا. سمنڊ تي صبح جو سج اُڀرڻ ۾ شام جو سج لهڻ ڪيترو نه سندر هوندو!“ ۽ شيام اڄ اڪيلو وڃي رهيو هو. سانجهيءَ جو هو دور اولهه ڏانهن نهاريندو هو، ليڪن سندس دل جي مکڙي ڪڏهن ٽڙي نه سگهي.
    ڪنهن وقت ڪوشليا به شيام جي پاسي ۾ ڊيڪ تي اچي بيهندي هئي ۽ ٻئي سانت ۾ دور اُفق ڏانهن نهاريندا هئا. سمنڊ ۽ آڪاس هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي هڪ ٿي ويندا هئا ۽ کاري پاڻيءَ جون ٿڌيون ڦينگون اُڏامي اچي سندن مٿان پونديون هيون. ڪڏهن هوُ ڊيڪ ڏي نهاريندا هئا، جتي سامان ۽ مسافر ڳاهٽ ٿيا پيا هئا. گهٽ روشنيءَ ۾ اها پروڙ ڪا نه پوندي هئي ته ڪهڙا ماڻهو آهن ۽ ڪهڙو سامان آهي. ڪڏهن ڪڏهن اتان روئڻ جو آواز ايندو هو– ٻارن جو روئڻ نه، بالغن جو روئڻ. ۽ بالغن جو روئڻ سڄي وايو منڊل کي روئاري ڇڏيندو آهي. هيٺ به هڪ کي ٻڌي ڏهه ڄڻا روئي ويهندا هئا ۽ باقي بچيل به سڏڪا ڀرڻ لڳندا هئا. چؤ طرف روڄ هوا ۾ چيڪليون پائيندو هو.
    گهري اونداهي رات هئي. شيام ڊيڪ تي ڪرسيءَ تي ويٺو تارن ڏانهن نهاريندي ڪجهه سوچي رهيو هو. گذري ويل ڏينهن جون يادگيريون تازيون ٿي سندس اَندرين اَک اڳيان سنيما وانگر لنگهي رهيون هيون. شيام ڏٺو: هڪ سندر وادي آهي، جنهن جي ٻن طرفن کان پهاڙ آهن ۽ وچ ۾ نهر جي ڀر ۾ سايون ٻنيون آهن. چؤطرف روشني ڦهليل آهي، ڇاڪاڻ ته مٿي سج چمڪي رهيو آهي. شيام ڏٺو ته اهو سورج سندر جو روپ آهي. هن جي اندر واري چيو، ”سندر، تنهنجي قرباني، تنهنجي دماغي ۽ آتمڪ جرئت، تنهنجي محنت ۽ تنهنجا آدرش صرف تنهنجا نه آهن. اُهي چؤطرف ڦهلجندا ۽ منهنجا به آدرش ٿي رهندا. تو پنهنجي زندگي ارپي آهي ٻين لاءِ. تون سج آهين جو سڀني کي روشني ڏين ٿو. گرمي ڏين ٿو جيئن سڀ گرم رهن، پر پاڻ جلندو رهين ٿو.“
    ڏينهن ويو، رات آئي، واديءَ مٿان اولهه ۾ شام جو تارو چمڪڻ لڳو. تاري منجهان نوري ليئا پائڻ لڳي. شيام جي دل چيو، ”نوري، تون ڪيتري دور آهين، پر تڏهن به هميشه منهنجي ڀر ۾ رهندينءِ. تنهنجي ياد سدا مون کي ڏکن ۽ ڪشالن ويل سر اوچو جهلڻ لاءِ آماده ڪندي رهندي. جڏهن به مان رستو ڀلجندس ته تون تاري جيان مون کي صحيح رستو ٻڌائيندينءَ. جڏهن مان نا اُميدي جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ لڳندس، تڏهن تنهنجي مرڪ مون کي ياد ڏياريندي ته انسان ۽ انسان جو پورهيو ناس نٿو ٿئي. انسان سدا زنده آهي، هو انسانيت جي روپ ۾ امر رهندو. تنهنجون پوتر نگاهون ۽ ٻالو ڀولو چهرو سدا منهنجي دل جي گل کي پاڻي ڏيندا رهندا ۽ مون کي اتساه ڏياريندا ته مان به هن دنيا ۾ پوتر رهان. گند جي تلاءَ ۾ رهندي به ڪنول جيان مٿي هجان.“
    اوچتو هڪ وڏي لهر آئي. کاري پاڻيءَ جون بوندون شيام جي منهن ۽ ڪپڙن تي اچي پيون. شيام اکيون کوليون ته ڏٺائين ته سندس ڪرسيءَ پٺيان ڪير شال اوڍي کڙو آهي. شيام نگاهون مٿي ڪيون-ڪوشليا بيٺي هئي.
    ڪوشيءَ چيو، ”شيام. رات ڪهڙي نه ڀيانڪ آهي!“ هوءَ ڦري اچي سندس ڀر ۾ ويٺي. ”ڇا، اسين وري موٽي سنڌ نه هلنداسين؟“
    شيام چيو، ”منهنجي دل کي نااميدي آنڌيءَ جيان گهيري رهي آهي.“
    ڪوشليا شيام جي گوڏن تي ڪنڌ رکي آڪاس طرف نهارڻ لڳي. شيام ڏٺو، هوءَ تمام اُداس آهي ۽ سندس سرير ڪنبي رهيو آهي. شيام سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳو ۽ ڪوشيءَ کي اُتيئي ننڊ اچي ويئي.
    سمنڊ گجي رهيو هو. آڪاس ڪاري چادر اوڍي هئي. شيام جي قميص ڪيترن هنڌان سمنڊ جي پاڻيءَ آلي ڪري ڇڏي هئي.شيام محسوس ڪيو ته ٻين ماڻهن جيان هوُ به ڪي ملڪيتون سنڌ ۾ ڇڏي آيو هو، پر اهي ملڪيتون ڌن نه هو، زمين ۽ جايون هيون. سهڻي، نور الله، سندر، يوسف ۽ نوري هيءُ سڀ ڪير هئا؟ هوُ سڀ سندس زندگيءَ ۾ ڪيئن آيا ۽ ڪيڏانهن ويا؟ ڇا هوُ اُنهن کي ڪڏهن وساري سگهندو؟ هو ڄڻ پنهنجي دل جا ٽڪرا ڪپي هنن کي ڏيئي آيو هو ۽ اُن جي بدلي هنن جي دلين جا ڪپيل ٽڪرا کڻي هن پنهنجي دل سان ڳنڍيا هئا. هوُ اُهو ساڳيو شيام نه هو، جو سندس ماءُ-پيءُ ڄڻيو هو. ۽ اڄ هوُ ماءُ کي ڇڏي دور وڃي رهيو هو.
    شيام ڄڻ خواب ۾ ڳالهائيندي چيو، ”مان توهان وٽ موٽي ايندس، موٽي ايندس، موٽي ايندس.“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 947
    ڪتابن جو مشاهدو: 3035428
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 791155
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ