13
نيٺ جڏهن هو آزاد ٿيو ته محمود جي وڪالت چڱي هلندڙ هئي. سندر ڀيڻ وٽ رهڻ پسند نه ڪندي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي لاءِ ڪو اجهو ڳولهي رهيو هو. هڪ ڏينهن اتفاق سان پراڻو دوست گڏجي ويس ۽ يڪدم محمود سندر کي پاڻ وٽ اچي رهڻ جي آڇ ڪئي. دوستي کين زنجيرن ۾ ٻڌڻ لڳي ۽ سندر جي سنگ ۾ غريبن جا ڪيس مفت ۾ کڻندي محمود جي وڪالت پٺتي پوڻ لڳي.
کاڌي بعد محمود ۽ سندس زال آرام لاءِ پنهنجي ڪمري ۾ آيا. يوسف شيام ڏي نهاريندي چيو، ”تون ڪجهه دير ليٽي آرام ڪندين؟“
شيام اکيون مٿي کڻي نوريءَ طرف نهاريو. نوريءَ اهو ڏسي مرڪي ڏنو. ”اڄ منهنجي دل شاه پڙهڻ تي ٿي آهي، توهان مان ڪير ٻڌندو؟“
يوسف چيو، ”شيام ته شاه جو شيدائي آهي. مان وڃي ٿو پنهنجي چتر کي پورو ڪريان.“
شيام ۽ نوري ڪجهه وقت بنگلي جي ننڍي باغيچي ۾ ٽهلندا رهيا. باغ ۾ هڪ طرف ننڍو تلاءُ هو جنهن ۾ ڪنول جا اڌ ٽڙيل گل بيٺا هئا. تلاءُ جي ڀر ۾ وڻ جي ٿڌي ڇانو ۾ ڪجهه پٿر ڪرسين جيان رکيا هئا. ٻئي اُنهن تي ويهي رهيا.
نوريءَ رسالو هٿن ۾ لوڏيندي چيو، ”ٻڌاءِ تو کي ڪهڙو سر وڌيڪ وڻندو آهي؟“
شيام نوريءَ کان ڪتاب وٺي ٻنهي هٿن جي تري وچ ۾ جهليو ۽ پوءِ اُن کي کوليائين. جيئن ڪتاب کليو تيئن نوريءَ کي ڏيندي چيائين،
”هتان پڙه.“
نوري کلڻ لڳي. ”ڏاڍو سٺو. اعليٰ شاعر جي اها ئي نشاني آهي. هر سٽ ۾ دل لاءِ کاڌو موجود هوندو آهي.“
نوريءَ جا لفظ هوا ۾ ڦهلجڻ لڳا. ڄڻ هڪ ننڍي نهر ڪل ڪل ڪندي پهاڙن تان لهي رهي هئي ۽ سڄي جهنگل ۾ ان جو مڌر سر ڦهلجي رهيو هو. يا ڄڻ صبح جو ٿڌي هير ٿپڪيون هڻي رهي هئي. شيام رکي رکي ائين پئي محسوس ڪيو ته آڪاس مان هلڪي بوند پيئي وسي.
اوچتو نوريءَ ڪتاب بند ڪيو، اُٿي اچي شيام جي ڀر ۾ هيٺ زمين تي ويٺي. هوءَ ڪيتري دير اُن گل ڏانهن نهاريندي رهي، جنهن مٿان ڀونئر ڀون ڀون ڪري چڪر ڪاٽي رهيو هو. ڀونئري جي ڀون ڀون کانسواءِ اُتي بلڪل سانت هئي. جڏهن ڀونئر ڦيرا پائي پائي ٿڪجي اُتان هليو ويو ته نوريءَ اُڀو ساهه ڀريو.
اوچتو شيام ڇرڪ ڀري چيو، ”نوري، تنهنجي اکين ۾ آنسو؟“
نوريءَ پوتيءَ سان پنهنجا آنسو اُگهي ورتا. ”شيام، مون کي مان پئي ياد اچي. مون پهرين پهرين شاه اَمان کان ئي ٻڌو. هوءَ ڏاڍي مٺي سر ۾ اهي بيت ڳائيندي هئي. منهنجي ناني کي فقيرن جو سنگ ڏاڍو وڻندو هو. هو هر سال ڀٽ شاه جي زيارت تي ويندو هو. اَمان اهو ورثو پيڪن مان کڻي آئي هئي. ننڍي هوندي ئي سسئي ۽ مارئي، ليلا ۽ ڪؤنرو منهنجون ساهيڙيون بڻجي پيون. چوندا آهن ته ماءُ پٽن کي گهڻو ڀائيندي آهي، ليڪن الائي ڇو گهر ۾ اَمان مون کي ئي سڀني کان گهڻو گهرندي هئي. جڏهن به اَبو سرڪاري ڪم سان گشت تي ويندو هو ته اَمان مون کي پنهنجي گوڏي تي سمهاري رات جو دير تائين شاه پڙهندي رهندي هئي.“
نوريءَ جي اکين جا آنسو سڪي ويا هئا ۽ هوءَ کلڻ لڳي هئي. هن گاه جي سلي کي وات سان چڪ پائيندي چيو، ”اڄ اَمان هن دنيا ۾ هجي ها ته....“ اوچتو نوري لفظ کائي ويئي. چيائين، ”شيام، ڇا اهو سچ آهي ته جنهن کي گهڻو پيار ڪبو آهي، اُهي هميشه وڇڙي ويندو آهي.“
شيام ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. هو نوريءَ جي اکين ۾ نهاري رهيو هو، جنهن ۾ ڪجهه وقت اڳ لڙڪ هئا، پوءِ مرڪ آئي ۽ هينئر وري لڙڪ ترڻ لڳا هئا. شيام جڏهن اِنهن ڌوتل اکين ۾ هڪ هيري جيان جرڪندڙ دل کي ڏٺو ته هو سرءُ جي پن جيان ڏڪي ويو. اِهي اکيون تمام گهريون هيون ۽ انهن ۾ ڪئين سمنڊ اُٿلي پٿلي رهيا هئا. اکيون ئي دل جو آئينو آهن، شايد اها ڳالهه سچي هئي. اِن ڏٻري پتلي سرير منجهه ڇا ايڏي وڏي دل لڪل هئي، جنهن ۾ مها ساگر سمائجي وڃن. اِنهن اکين مان اِنسان جو اُڀ جيان اَپار ۽ بي انت هردو لياڪا پائي رهيو هو. نوري هڪ گل جيان معصوم ۽ سرهاڻ سان ڀريل هئي، يا ماڪ جو هڪ ڦڙو هئي- شفاف ۽ اوجل. سرشٽيءَ جي مهراڻ ۾ جيڪي سوين هزارين بوندون لڙهنديون وڃن ٿيون، اُنهن جي ڪهڙي هستي آهي. پر هڪ بوند جا پره جي گل مٿان مستيءَ ۾ ٽلي ٿي تنهن کي جدا هستي آهي. هوءَ پاڻ خوشيءَ سان سج کي اَرپي ٿي ۽ گم ٿي وڃي ٿي. پر دل ٻاڏائي چوي ٿي، ”هوءَ آهي... هوءَ آهي....هوءَ هئي.“
۽ هي نوريءَ جو روئڻ؟ ڪڏهن ڪڏهن شايد سڀ اِنسان ائين روئندا آهن. هو پنهنجي اُپائڻهار کي ياد ڪري روئندا آهن، جي وسري ويندا آهن سي وري ياد پوندا آهن ۽ ٻه گونگا ڳوڙها ڳاڙبا آهن. هيءَ زندگي لڪ ڇپ راند آهي. شيءِ هٿن ۾ اچي به وري پاڻيءَ جيان ترڪي ويندي آهي، پر وري اسان جا هٿ ڪجهه جهٽڻ لاءِ، پائڻ لاءِ اُتاولا بڻجندا آهن. اسين پائيندا آهيون، پر وري وڃائيندا به آهيون. اِنسان تون کڙ کٻيتي جيان آهين، جو ٻري ۽ وسي پيو. تون تارو نه آهين، چنڊ آهين! تون مٽي نه آهين، مٽيءَ کان ڄاول هڪ گل آهين!
شيام به لهي هيٺ زمين تي ٿي ويٺو. هن مٽيءَ جي هڪ لپ هٿ ۾ کنئي ۽ ڪيتري دير اُن ڏانهن نهاريندو رهيو. هن اُن مٽيءَ کي سنگهيو. اڃا مينهن ڪو نه آيا هئا ۽ مٽيءَ ۾ سرهاڻ ڪا نه هئي. شيام ڳؤري آواز ۾، جنهن تي کيس پڻ عجب لڳو- هڪ ڪهاڻي شروع ڪئي.، ”هڪڙي ڇوڪري هئي بلڪل تو جهڙي-مٽيءَ جي پيدائش، گل جيان ڪومل! سندس نالو هو سهڻي...“
شيام سهڻيءَ جي آکاڻي ٻڌائي رهيو هو. نوري مٽيءَ ۾ ليٽي اها ٻڌي رهي هئي، سندس اکيون آڪاس ڏي هيون جتي هلڪا ننڍڙا بادل بيٺا هئا. شيام جون اکيون ڌرتيءَ ڏانهن هيون جنهن مان ڪٿي ڪٿي سلا اُڀري رهيا هئا.
شيام جڏهن ڪهاڻي پوري ڪئي، تڏهن سندس آواز گهگهو هو. نوريءَ ڪهاڻيءَ وچ ۾ لفظ به ڪو نه ٻوليو هو. ڪهاڻي پوري ٿيڻ بعد به هو سانت ۾ ويٺا رهيا. شايد ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو ائين سانت ۾ ويٺا هجن ها، پر نوريءَ جي ڀاڄائيءَ دري کولي کين سڏ ڪندي چيو،
”نوري، چانهه تيار آهي. اندر اچو، سندر به آيو آهي.“
شيام اُٿڻ کان اڳ وري نوريءَ جي اکين ڏي نهاريو پر اهي اڌوريون بند هيون- ڄڻ نوريءَ جو اڌ اُن سنسار ۾ هو جتي سهڻي هئي، ۽ هن جو صرف اڌ ئي شيام جي سامهون هو.
اڌ رات جو شيام جي اک کلي. هو هميشه پنهنجي کٽ دريءَ ڀرسان سيڙهي سمهندو هو. ٻاهر هلڪي بوند پئجي رهي هئي. دريءَ مٿان لڳل ڇپر تي هلڪي ٺڪ ٺڪ ٿي رهي هئي. اونده ۾ شيام چوطرف نهاريو.
نوريءَ چيو هو، ”تون ڪيترن ڏينهن بعد آيو آهين!“
شيام چيو هو، ”مان تو کي ڪيترن ڏينهن کان سڃاڻان. تنهنجي چهري جا ڀاو، تنهنجي مرڪ، تنهنجي اکين جي گهرائي سڀ مون کي پنهنجا پيا لڳن، ڪٿي به مون کي اُنهن ۾ ڌاريائي يا دوُري ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي.“
نوري مرڪندي گم ٿي ويئي.
شيام ٻئي طرف نهاريو. نوري در وٽ بيٺي هئي، در جو هڪڙو طاق کوليو. سندس کليل وار ڇاتيءَ تان لهندا چيلهه تائين پئي پيا. هن جي ڳچيءَ هيٺان ڇاتي ڪجهه وڌيڪ گوري پئي لڳي. چپن تي درد ڀري مرڪ هيس. خاموش اکيون شيام ڏانهن نهاري رهيون هيون.
”مان وڃان ٿي دور پهاڙن تي، بادلن جي وچ ۾ تون هلندين، شيام؟“
نوري ويئي هلي. شيام پاسو ورائي سمهي پيو. ٿوري دير بعد جاڳيو ته سندر جو بلند آواز ٻڌائين. ”اسان جو ڪم ڪرڻ جو نمونو ئي غلط آهي. مون کي هاڻوڪي سنڌ جي گشت ٻڌايو ته اسين عوام کان تمام دور آهيون. اسين تانگهي ۾ ٿاڦوڙا پيا هڻون، اونهي ۾ وڃڻ کان ڇرڪون پيا.
”اسان جو نظريو خاص وچولي درجي جي خوش خلق نوجوانن جو آهي. اسين ٿورو ئي ڪم ڪندي سمجهو پيا ته اسان گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. مون کي ڊپ پيو لڳي ته اسان جي ڪم کي پاڙون آهن ئي ڪو نه. عوام ۾ اگر هڪ ئي مذهبي جذبي جي لهر اُٿي. جنهن جو ڊپ هميشه آهي- ته اسان جو سڄو ڪم لڙهي ويندو. اسين ڪوڙڪي ۾ ڦاسجي وينداسين.“
شيام سوچڻ لڳو: ڪهڙو نه نيارو آهي اُهو گهر جتي نوري، سندر ۽ يوسف جهڙا اِنسان رهن ٿا! جتي سڀ ڪو محنت ڪري ٿو، هر وقت بحث ٿيندا رهن ٿا ته دنيا کي بهتر ڪيئن بڻائجي. جتي اِنسان جي محنت سان پيدا ڪيل هر شيءِ هر ڪلا جو قدرآهي.
سانجهيءَ جو چانهه تي يوسف جي گهر بحث شروع ٿيو ۽ منهن اونداهيءَ وقت ختم ٿيو. اُن بعد نوري شيام کي باغ جي ٻاهرئين ڦاٽڪ تائين ڇڏڻ آئي هئي. نوريءَ پڇيو هو، ”وري ڪڏهن ايندين؟“
شيام جي دل چيو، ”سڀاڻي.“ پر هن جي زبان ڪجهه ڪو نه چيو.
نوريءَ کلي چيو، ”اڃا پنهنجي ڪتاب بابت تبصرو به ٻڌڻو اٿيئي، ياد اٿيئي نه؟“
شيام چيو، ”نوري، مان جلد ايندس.“
نوريءَ جون اکيون چمڪيون ۽ هوءَ اندر هلي ويئي شيام پاڻ کي چنڊ جيان محسوس ڪري رهيو هو جنهن کي پنهنجي هستي نه آهي. جو سورج جي روشنيءَ تي تڳي ٿو. هو پاڻ ڳري ويو هو برف جيان چوطرف پاڻي ئي پاڻي هو.
شيام اکيون ٻوٽي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس ننڊ نه آئي. هن بتي ڪا نه ٻاري. وهاڻي جي پاسي کان رکيل ڪاپي ۽ پين کڻي؛ هو اونده ۾ لکڻ لڳو. سڄي رات هو لکندو رهيو، وڏن وڏن ڏنگن ڦڏن اکرن ۾ هو جيڪي لکي رهيو هو سو پڙهي ڪو نه ٿي سگهيو، پر کيس ائين لڳي رهيو هو ته نوري سندس پٺيان بيٺي اهي بيت پڙهي رهي آهي.
شيام جو سڄو بدن ٻري رهيو هو. آخر نوري ڪاپيءَ ۾ اچي هڪ شعر بڻجي پيئي. شيام به ڪاپيءَ ۾ اچي شعر بڻجي پيو ۽ ٻئي گم ٿي ويا.
شيام کي ويٺي ويٺي ننڊ اچي وئي.
شيام ڳوٺ ۾ ڀيڻ کي لکيو هو، ”ڀيڻ، تون ساهرو گهر ڇڏي پيڪي آئي آهين. تو زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه وڃايو آهي ۽ گهڻو ڪجهه سٺو آهي. منهنجي تو کي صلاح آهي ته پنهنجو وقت پڙهڻ ۾ صرف ڪندي ڪر، گهٽ ۾ گهٽ مئٽرڪ ته ضرور پاس ڪر. گهرج مهل پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندينءَ ۽ تنهنجو من به ريڌو رهندو.“
ان جو جواب ڏنو شيام جي پيءُ....”هي تون ڀيڻ کي ڪهڙيون صلاحون پيو ڏين! ڇا مان مري ويو آهيان جو تنهنجي ڀيڻ پنهنجي پيرن تي بيهندي؟ تو کي ائين لکندي شرم نه آيو؟ بيٺل گهرن جون ڇوڪريون ويهي سکڻي ڊگريءَ لاءِ نور نچوئين! ڇي....ڇي....“
گوبند رام شيام کي لکيو، ”گهڻا ڏينهن ٿيا آهن تون گهر ڪو نه آيو آهين. ڪوشليا-ماءُ به پيڪن مان ٿي موٽي آهي. هوءَ تو کي ڏاڍو ياد پيئي ڪري. هن آرتوار تي روٽي اسان وٽ اچي کائج.“
شيام جواب ڏنو، ”دادا، توهان جي نينڍ لاءِ مهرباني. ڀاڀيءَ جي مون کي پڻ سڪ آهي، پر ڪاليج جو تمام گهڻو ڪم پيو آهي، سو هن آرتوار لاءِ معاف ڪندا. ٻئي ڪنهن ڏينهن اچي حاضر ٿيندس.“
يوسف شيام ڏي ڪنهن دوست هٿ چٺي موڪلي، ”مان ٻه ٽي ڏينهن ڪاليج اچي نه سگهيو آهيان. هڪ چتر ۾ دل ڦاٿل اٿم، مَنُ ڪڍڻ ڏکيو آهي. سڄو ڏينهن پيو رنگ ٺاهيان.
”هي ڇنڇر موڪل جو ڏينهن آهي ۽ آرتوار ته خدائي موڪل آهي. اسان منگهي پير وڃڻ جو خيال ڪيو آهي. تون هلندين؟ هيءَ نينڍ مان سڄي گهر جي پاران ڏيئي رهيو آهيان. مان سمجهان ٿو، نه قبولڻ جي تو کي همٿ ڪا نه ٿيندي.“
شيام اُن دوست هٿ ئي جواب موڪليو، ”تو سچ چيو، نه قبولڻ جي مون ۾ همٿ ڪانهي.“
هو منگهي پير پهتا ته ڏينهن جو پهريون پهر گذري چڪو هو. يوسف جو سڄو ڪٽنب هو. شيام به اُن انوکي ڪٽنب جو هڪ ڀاتي بڻجي ويو هو. چشمن ۾ سنان ڪري کجور جون ڏانڊيون هٿن ۾ کڻي هو گهمندا رهيا. نوريءَ اُن ڏينهن ڪڙتو سلوار پاتي هئي. ڪاري ڪپڙي تي ڳاڙهي ڌاڳي سان آرسيون ڀريل هيون. سندس سنهي بدن تي ڪڙتو ڦهڪي بيٺو هو ۽ سندس پوتيءَ سان ڍڪيل ننڍڙي ڇاتي به اُڀري بيٺي هئي.
هوءَ اُن ڏينهن هڪ رواجي عورت جيان هتان هتان جون ڳالهيون ڪري رهي هئي. شيام کي پهرين ملاقات واري نوريءَ وچ ۾ وڏو فرق نظر آيو. يا شايد نوريءَ جو پاڻ تي پورو ضابطو هو ۽ هوءَ پاڻ کي سڀ ڪنهن نموني هلائي ٿي سگهي. يوسف اُن ڏينهن پنهنجن خيالن ۾ مگن هو. هو الائي ڇا سوچي رهيو هو. محمود ۽ سندس زال هميشه وانگر بزرگن جيان بردبار هئا. باقي سندر ته اڄ صفا ٻار بڻجي پيو هو. سڄي پارٽيءَ جي جان هوُ ئي هو. ٽوٽڪا ٻڌائي سڀني کي کلائي رهيو هو. ڪڏهن نوريءَ سان چرچو ٿي ڪيائين ته ڪڏهن محمود جي زال سان ته ڪڏهن وري پاڻ ئي ٻارن جيان کلڻ ٿي لڳو.
روٽي کائي سڀ هڪ وڻ هيٺان اچي ويٺا هئا. شيام ڏٺو ته نوري وڻ کي ٽيڪ ڏيئي ڪيڏانهن دور نهاري رهي آهي. هن جون اکيون اڌ بند اڌ کليل هيون ۽ هوءَ ڪنهن دور دنيا جو جيو پئي لڳي....هن دنيا کان غافل ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾ هلي ويئي هئي. شيام اُتي وڃي سندس پاسي ۾ بيٺو پر هوءَ يڪ ٽڪ ڪيڏانهن نهاري رهي هئي. شيام سندس پاسي ۾ ويهي رهيو.
نوريءَ هلڪو ڇرڪ ڀريو. مڌ ڀريل نظرن سان شيام ڏانهن نهاري اَڻلکو مرڪيائين.
شيام ڏٺو ته هوءَ هن دنيا ۾ موٽي رهي هئي.....ڌيري ڌيري جيئن پکي پر سيٽي آڪاس مان هيٺ لهندو آهي. هن کي ڏسي شيام ائين محسوس ڪرڻ لڳو ته هيءَ پرٿوي اڄ ئي پيدا ٿي آهي ۽ هو ئي پهريان ٻه اِنسان آهن جي هن دنيا جي سندر پهاڙي چوٽيءَ تي پهتا آهن، نوريءَ شيام جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيو، ”هو ڏس.“ هڪ وڻ مان کجور جون لڙون هيٺ لڙڪي رهيون هيون. شايد دنيا جي پهرين عورت دنيا جي پهرئين مرد کي به اهي ساڳيا لفظ چيا هئا ۽ هنن اُهي مٺا ميوا ڇني کاڌا هئا ۽ دنيا اَمر ٿي ويئي هئي.
اوچتو شيام ڏٺو ته نوري ڳنڀير بڻجي ويئي. چيائين، ”تون ڇا سوچي رهي هئينءَ، نوري؟“
” ڪجهه به نه.“ نوريءَ چيو، ”مان محسوس ڪري رهي هئس....
”هو ڏس.“ نوريءَ سامهون بيٺل ٽن چئن اَڌ اُگهاڙن ٻارن ڏانهن اشارو ڪيو. جن جو يوسف خاڪو ڪڍي رهيو هو. هو ڪجهه دور هئا-رولاڪ گدلا ٻار، جن جي پاسي ۾ بيهڻ سان به شايد بانس اچي.
اوچتو نوريءَ چيو، ”تو ٽئگور جا ٻارن تي لکيل گيت پڙهيا آهن؟ انگريزي شاعر بليڪ جا شعر پڙهيا اٿيئي؟“ نوري ڪجهه ويل ترسي وري چيو، ”مان ٻارن کي ڏاڍو پيار ڪندي آهيان. هو منهنجي ڀر ۾ ايندا آهن ته مان پاڻ وساري ويهندي آهيان. پر اسان جي سماج ۾ ٻارن جو قدر ڪونهي.“ نوريءَ پنهنجو مٿو وڻ جي ٿڙ تي ليٽايو ۽ آڪاس ڏانهن نهارڻ لڳي. ”ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندي آهيان ته اگر مائرون ٻارن کي پوري سکيا ڏين ته دنيا مان جيڪر گهڻيون خرابيون دور ٿي وڃن. جڏهن به مان ڪنهن ڌاڙيل يا غنڊي جو احوال اخبار ۾ پڙهندي آهيان ته مون کي سندس ماءُ ياد ايندي آهي. اُها ڪهڙي بدبخت ماءُ آهي جا هڪ ٻج کي سنڀال سان پوکڻ بدران پٿرن جي ڍير تي کڻي ڦٽو ٿي ڪري. ٻج سڪي ٺوٺ ٿيو وڃي، يا اُن مان جهنگلي وڻ پئدا ٿئي.“
نوري سانت ٿي ويئي. شيام به خاموش، دور ٽڪرين ڏانهن نهاريندو رهيو.
سندر اوچتو موج ۾ اچي هڪ بنگالي راڳ ڳائڻ لڳو. سندر جو آواز مٺو ڪو نه هو، پر پدما نديءَ جي مانجهين جو گيت سندس ٿلهي آواز ۾ به چڱو لڳي رهيو هو. محمود ۽ سندس زال کلڻ لڳا. نوري مرڪڻ لڳي. شيام به کلڻ لڳو. يوسف پنهنجي چتر ٺاهڻ ۾ مشغول هو.
سانهيءَ جو سڀ ڊاڪ بنگلي تي آيا. رات هنن کي اُتي ئي گذارڻي هئي. پڌر ۾ سڀني گڏ ويهي ماني کاڌي. تيستائين رات به اچي ٿي. چوطرف ٽڪرين جي وچ ۾ سانت جو راڄ قائم ٿي ويو. سڀ ڪو رات گذارڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. محمود جي زال هنڌ وڇائي آئي. يوسف ميز تي بتي ٻاري رنگ ٺاهڻ لڳو. سندر پنهنجي ڪڙتي جون ٻانهون مٿي ڪيون، ڄڻ اُن سانت فضا ۾ ڪڙتو هوا جي ڇهاءَ کي روڪي ويٺو هو.
اوڀر کان چنڊ ڪني ڪڍي ۽ سڄو آسمان روشنيءَ سان ڀرجي ويو.
سندر اُٿندي چيو، ”اسان جي موڪلاڻي آهي.“
نوريءَ عجب ۾ چيو، ”سندر دا، ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
نوري ڪڏهن سندر کي صرف سندر چوندي هئي ڪڏهن وري بينگالي نمونو اَپنائي سندر دا چوندي هيس.
”رلڻ پنڻ.“ سندر کلي چيو، ”ههڙيون راتيون روز ڪو نه ملنديون!“
”پر هن سڃي ملڪ ۾؟ اڪيلو....!“
”ائين ريل ڇيل گهمڻ ئي ته مون کي زندگيءَ جي هن منزل تي پهچايو آهي. شانتينڪيتن ۾ مان رات جو ائين هليو ويندو هوس- اڪيلو، بنهه اڪيلو. ڪجهه ميل پري هڪڙو اَڏو هو؛ جتي انقلابي اڪثر آرام وٺڻ لاءِ يا لڪڻ لاءِ ايندا هئا. مان هنن کان ئي منتر سکيس هن نظام کي ڦيرائڻ جو – دنيا کي بهتر بڻائڻ جو!“
نوري اُٿي اچي سندر جي ڀر ۾ بيٺي. ”تون ڪيڏانهن ويندين؟“
سندر سامهون پهاڙن ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”انهن پهاڙن ڏي، دور انهن پهاڙن پٺيان. چانڊوڪيءَ جا پهاڙ ڏينهن جا پهاڙ نه آهن، اُهي نرالا پهاڙ آهن. هن دنيا ۾ سڀني کي ٻه روپ آهن. چانڊوڪيءَ جا پهاڙ وڻندڙ آهن، لڀائيندڙ آهن، مرڪندا آهن.“ سندر کلڻ لڳو. پوءِ سندر شيام ڏانهن مڙي چيو، ”نوري پَري اٿيئي. هن کي اِنسان نه سمجهجانءِ؛ راجڪمارن جي ديس جي هڪ پري اٿيئي.“
نوريءَ شيام ڏانهن هٿ وڌائي چيو، ”شيام، اچ ته سندر کي اُپرائي اچون.“
شيام نوريءَ جو هٿ ورتو ۽ هر ٽيئي ڄڻا هلندا ڦاٽڪ پار ڪري ٻاهر رستي تي پهتا. نوريءَ چيو، ”سندر، تون شادي ڇو نه ٿو ڪرين؟ ڪا وني اچي تنهنجي سنڀال ڪري، نه ته تون ڪنهن جي به ٻڌجڻ جو نه آهين.“
سندر پيار مان نوريءَ جي مٿي تي هٿ رکي، کلي چيو، تو جهڙي سٻاجهي وني ملي ته اڄ ئي ڪريان.“
”ڇو نه ملندي. دنيا ۾ هيتريون ڇوڪريون آهن!“
”ڇوڪريون ته ڍير آهن پر تو جهڙيون ڪٿي! جي اهڙيون گڏجنديون به آهن ته رات جي چانڊوڪيءَ ۾، ڏينهن جي روشنيءَ ۾ گم ٿي وينديون آهن، شيام، تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
شيام مرڪي سندر ڏانهن نهاريو، ” برابر وڄ کن پل لاءِ ئي چمڪندي آهي ليڪن بجلين جي چمڪي بعد جيڪو پاڻي ڌرتيءَ تي ڪرندو آهي سو ڌرتيءَ جا ماڻهو چارئي مندون پيئندا رهندا آهن.“
سندر کلي ڏنو. ”نوري ياد رکجانءِ، شيام عورت جي ڀيٽ پاڻيءَ سان ڪئي آهي، پاڻي ئي زندگيءَ جو جياپو آهي.“
اوچتو نوريءَ رستي تي روڪجي چيو، ”سندر دا، اڄ تو کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائڻي ئي پوندي. راز کولڻو ئي پوندو. تون هر دفعي ڳالهه ڦيري ويندو آهين!“
سندر کلي چيو، ”ڇا جو راز؟“
” جو تون هميشه لڪائيندو ٿو وتين. سچ ٻڌاءِ، هن چانڊوڪيءَ ۾ تون ڪنهن کي ياد نه ٿو ڪرين؟ ٻڌاءِ سندر دا.“
سندر ڳنڀير بڻجي ويو. هن چنڊ ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ دور پهاڙين ڏانهن. اول نوريءَ ڏي ۽ پوءِ شيام ڏانهن نهاريائين ۽ پوءِ وڌي پاسي ۾ ڊٺل ڀت جي ٺلهن مان هڪ تي ويهي رهيو. سندس پٺيان شيام ۽ نوري به آيا ۽ ٻين ٺلهن تي ويهي ويا..
سندر چيو، ”نوري، تو کي خبر نه آهي ته مان تو کي ڪيترو ڀانيان ٿو. مون کي سڳي ڀِيڻ به آهي ، پر هن کي به مان ايترو ڪو نه ڀائيندو آهيان جيترو تو کي. اُن جو ڪارڻ آهي- هوءَ اِنسان آهي، تون فرشتو آهين. تو جهڙا اِنسان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن گڏجندا آهن.
”پر اهڙو هڪڙو ٻيو به فرشتو مون کي زندگيءَ جي راه ۾ گڏيو هو. سچ پڇين ته اڄ مان اُن کي ئي ياد ڪري رهيو هوس.“
سندر ڪجهه دير چپ ٿي ويو. ٻئي ڪنهن به ڪو نه ڳالهايو. پوءِ سندر شيام ڏانهن منهن ڪري چيو، ”شيام، مون شانتينڪيتن ۾ چار سال تعليم پاتي. مان جڏهن ٽئين سال ۾ هوس ته چتر ڪلا ڪلاس ۾ هڪ وديشي ڇوڪري داخل ٿي. هوءَ سنهڙي هئي نوريءَ وانگر، ۽ بندري هئي جيئن اڪثر ايشيائي ڇوڪريون ٿينديون آهن. چتر ڪلا ۽ ناٽڪيه اداڪاريءَ ۾ تمام گهڻو چاهه هوس. هڪ دفعي سنيت سين جي ورسي ملهائڻ لاءِ هڪ جلسو ٿيو هو. مون کي به اُتي ڳالهائڻو هو. ڪجهه صلاح وٺڻ لاءِ مان اُن ڇوڪريءَ وٽ ويس. هن کي منهنجو تيار ڪيل ليڪچر ڏاڍو وڻيو ۽ ان بعد اسان جي دوستي ٻجهي ويئي.
”اُن ڇوڪريءَ جو نالو هو ٽنگ لن، اُن بعد جڏهن به هڪ ٻئي جي سامهون ايندا هئاسين ته مرڪندا هئاسين. هن جي مرڪ تمام مٺي هوندي هئي. ياد نه اٿم ته اسين ڪيئن هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا وياسين. پر ان بعد اسين اڪثر هڪ ٻئي کي گڏجندا هئاسين ۽ لنبيون ڳالهيون ڪندا هئاسين. هوءَ مون کي پنهنجي ديس جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. مان کيس هندوستان جون. ٻئي ملڪ غريب آهن، ٻنهي ديسن جا رهواسي غريب آهن. ٻنهي ملڪن ۾ سود خورن ۽ شاهوڪارن جي ڦرلٽ آهي. هوءَ پنهنجي ڳوٺ جون ڳالهيون ٻڌائيندي ڪڏهن ڪڏهن روئي ڏيندي هئي.
”هوءَ پاڻ غريب گهر جي هئي، پر پينٽنگ ۾ ٻه ٽي انعام کٽيا هئائين، جنهن ڪري اسڪالرشپ ملي هئس.“
”هن کي پنهنجي ديش لاءِ جيترو پيار هو، اوترو مون تمام ٿورين ڇوڪرين ۾ ڏٺو آهي. ايترو پيار هڪ ڪڙمي ڪٽنب جي ڇوڪري- جنهن تعليم پاتي هجي. اُها ئي ڪري سگهي ٿي. هوءَ زمين جي سڳنڌ کان واقف هئي، هوءَ انهن انسانن جي زندگيءَ کان واقف هئي. جي ديس کي آسودو رکڻ لاءِ محنت ڪن ٿا.“
”هوءَ هندوستان بابت ايترا ته سوال پڇندي هئي جو مان به منجهي پوندو هوس ۽ عجب کائيندو هوس ته اسان کي پنهنجي ديس جي ڪيتري نه ٿوري خبر آهي!
”اُن سال وئڪيشن ۾ اسان ڪاليج جي ڪن شاگردن ڪن شهرن گهمڻ جو پروگرام رٿيو. ٽنگ لن به اسان سان شامل ٿي.“
”اسان جي ٽوليءَ ۾ هوءَ ئي هڪڙي ڪلاڪار هئي. سندس هٿ ۾ سدائين اسڪيچ بوڪ هوندو هو. جو سندس لاءِ ڪئميرا جو ڪم ڏيندو هو. هوءَ بينگالي چڱيءَ طرح سکي ويئي هئي، پر هندي ڪا نه ايندي هئس، ان ڪري هڪ ڄڻي جو سندس ڀرسان هئڻ ضروري هوندو هو. اهو هڪ ڄڻو اڪثر مان ئي هوندو هوس.
”اسين گڏجي بنارس جي سوڙهين گهٽين ۾ گهمياسين. مندرن جي ٻاهران، رستن جي چؤواٽن تي، گهاٽن تي جڏهن ٻيا ساٿي اڳيان نڪري ويندا هئا ته اسين پٺيان رهجي ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ منهنجي هٿ کي پڪڙي ڪجهه ڏيکاريندي چوندي هئي: هوُ ڏس! هوءَ اهي منظر ڏسي خوش به ٿيندي هئي ته دکي پڻ. هوءَ چوندي هئي: غريبي ۽ جهالت اسان جي ايشيا ۾ چؤطرف ڀري پيئي آهي.“
سندر گلو صاف ڪندي چيو، ”مون کي ياد ٿي اچي سارناٿ جي اها شام-سج جا سونهري ڪرڻا ڌرتيءَ کي ڇهي رهيا هئا ۽ ڌرتي حياءَ وچان لال ٿي رهي هئي. اسين ٻڌ-مندر ۾ بيٺا هئاسين. ٽنگ لن ڪيتري دير ٻڌ جي مورتيءَ ڏانهن نهاريندي رهي، نهاريندي رهي. پوءِ هن نمي اڌ سمهي پنهنجي رواج موجب پرنام ڪيو. هوءَ ٻاهر نڪتي ته سندس منهن تي مون هڪ لالائي ڏٺي ۽ عجيب شانتي-ٿي سگهي ٿو اها لهندڙ سج جي لالاڻ هجي. هن منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ ڀڻ ڀڻ ۾ چيائين: هل هلون. اسين رڪشا ۾ چڙهي واپس شهر ۾ آياسين. رستي تي يا اُن بعد رات تائين هن وري لفظ به ڪو نه ٻوليو. شانت ئي شانت ويٺي رهي.
”الله باد ۾ اسين ترويڻيءَ تي ٻيڙيءَ ۾ گڏ گهمياسين. اتي گهاٽ تي هڪ دفعو اسان اڪيلو ويٺي سڄي رات گذاري. مهيني بعد شانتينڪيتن موٽياسين.“
”تن ڏينهن ٽنگ لن جي ديس ۾ تمام زبردست گهرو لڙائي هلي رهي هئي. روز اخبارن ۾ ڀيانڪ خبرون اينديون هيون. ڪڏهن بمبازي جون، ڪڏهن ٻوڏن جون. ڪڏهن ڏڪار جون ته ڪڏهن وچندڙ بيمارين جون. اِهي خبرون ٽنگ لن کي تمام دکي ڪنديون هيون. هن واپس وطن ورڻ ٿي چاهيو، پر مون کيس گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن جو ڪورس پورو ڪرڻ لاءِ روڪيو.
”مون بي-اي جو امتحان ڏنو ۽ به ٻن سالن جو ڪورس پورو ڪيو. هڪ ڏينهن هوءَ مون وٽ آئي. چيائين: مان وڃان ٿي، سندر. منهنجو فرض مون کي سڏي رهيو آهي. پر مان وري موٽي ايندس. جڏهن حالتون بهتر ٿينديون تون سڏ ڪندين. ڇا تون سڏ ڪندين؟“
مون سندس هٿ پڪڙي چيو هو: مان تو لاءِ ترسندس لينا، مان تو لاءِ ترسندس ۽ تو کي سڏ ڪندس، پنهنجي پوري آواز سان.
”ٽنگ لن کي پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ مان لينا ڪري سڏيندو هوس. سندس هٿ تمام ننڍا ۽ نرم هئا. انهن هٿن جو ڇهاءُ مان اڄ به محسوس ڪندو آهيان.
”مان اسٽيشن تائين لينا کي ڇڏڻ ويس. اُن ڏينهن لينا کي بخار هو. هن منهنجي هٿ کي پڪڙي منهنجون آڱريون پنهنجي نرڙ تي رکي چيو: ڏس، بخار گهڻو اٿم ڇا؟“
”مون لينا جي وارن کي سنواريندي چيو هو: رستي تي پنهنجو خيال رکج.“
لينا ويئي هلي.“
سندر سانت ويٺو هو. چنڊ چڱو ئي چڙهي آيو هو. وڻن جا پاڇا گهاٽا ٿيا هئا. رستي جي ڀر ۾ ويٺل ٽنهي انسانن جا چهرا ڪنهن تجلي ڪنان ٻهڪي رهيا هيا.
سندر چيو، ”اُن بعد لينا جا خط ايندا هئا. هوءَ جنگ جي ميدان تي ويئي هئي هڪ ڊراماٽڪ ڪلب جي ميمبر بڻجي. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن جنگ جو احوال ڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن چٺيءَ ۾ صرف ٻه ٽي سٽون لکندي هئي. هڪ دفعي لينا بدران سندس ڀيڻ جو خط آيو. هن لکيو هو ته ٽنگ لن هڪ ڳوٺ ۾ کليل اسٽيج تي ڊراما ۾ پارٽ ڪري رهي هئي، جو اسٽيج تي هڪ بم گولو اچي ڪريو. ٻين ٽن ساٿين سان لينا به هميشه لاءِ هلي ويئي.“
سندر چپ ٿي ويو. نوريءَ منهن مٿي ڪيو، شايد ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ، پر چيائين ڪجهه ڪو نه. سندر اُٿي کڙو ٿيو. چيائين، ”مان وڃان ٿو!“ ۽ ڪنهن ڏانهن به نهارڻ بنا هوُ هليو ويو. ڪجهه دير لاءِ نوري ۽ شيام هنجي پٺيان نهاريندا رهيا. سندر آهستي آهستي پاڇي جيان جهڪي روشنيءَ ۾ گم ٿي ويو. هوُ ننڍو پيچرو وٺي پهاڙن طرف هليو ويو.
ڪجهه دير ٻئي سانت ۾ ويٺا هئا. پوءِ نوري چيو. ”هلون؟“
شيام پنهنجو هٿ ڊگهيريو، جو نوريءَ پڪڙيو ۽ هوُ ٻئي رستو وٺي گهر ڏانهن هليا. ڊاڪ بنگلي جي ٻاهرين ڏاڪڻ وٽ پهچي شيام پڇيو، ”تون سمهندينءَ نوري؟“
نوري چيو ڪجهه ڪو نه صرف ڪنڌ ڌوڻي نهڪر ڪيائين. شيام اندر ويو ۽ شال کڻي آيو. نوري ڏاڪڻ تي ويٺي هئي. شيام شال هن جي ڪلهي تي وجهي سندس ڀر ۾ ويهي رهيو. کن ساعت بعد هن پڇيو،
”نوري، تون ڇا سوچي رهي آهين؟“
”لينا بابت. هوءَ مون کي گڏجي ته مان ڀاڪر پايانس ۽ نرڙ تي به مٺيون ڏيانس.“
شيام نوري جو هٿ دٻائي چيو، ”نوري.....“ ۽ پوءِ ڪجهه دير ترسي چيائين، ”نوري، تون ئي ته لينا آهين.“
نوريءَ شيام جي ٻنهي هٿن ۾ پنهنجو منهن لڪائي ڇڏيو. شيام جا هٿ لڙڪن سان آلا ٿيڻ لڳا.
شيام سوچيو، مان ڪهڙو نه ڳهيلو آهيان. نوري لينا جي ڪهاڻي ٻڌڻ سان روئندي رهي ۽ مون کي صرف هاڻي پروڙ پيئي آهي. هن ڀاري آواز ۾ چيو، ”زندگي روئڻ لاءِ نه آهي، پڳلي!“
نوريءَ منهن مٿي ڪيو. هن جا لڙڪ بند ٿيا هئا. هوءَ شيام طرف نهارڻ لڳي. شيام کي چنڊ جي روشنيءَ ۾ هن جو لڙڪن ڌوتل منهن ڏاڍو سهڻو لڳو، ڄڻ هڪ گلن جو جهڳٽو هو. نوريءَ پڇيو،
”تڏهن ڇا لاءِ آهي؟“
”مرڪڻ لاءِ.“
نوريءَ مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مرڪڻ لڳي. شيام هٿ وڌائي هن جا لڙڪ اُگهيا. نوريءَ چپ اڌ کوليندي چيو، ”راڳ ٻڌندين؟“
شيام ڪنڌ سان ’هائو‘ ڪئي.
نوري جهڪي آواز ۾ راڳ ڳائڻ لڳي، ڄڻ صرف شيام لاءِ ڳائي رهي هئي . هن هڪ راڳ بعد ٻيو راڳ ڳايو پوءِ ٽيون. جڏهن هن چوٿون راڳ ڳائي پورو ڪيو ته شيام چيو، ”نوري! هوُ چنڊ ڏس ۽ هيءُ چانڊوڪي چؤطرف سندرتا اوتي پيئي آهي. هيءُ زمين ڪهڙي نه سهڻي آهي. هيءُ ٻوٽا زمين تي ائين ويٺا آهن ڄڻ گهونگهٽ ڍڪيل ڪنواريون آهن. اگر سڄي زندگي هيئن چانڊوڪي هجي، سڄي زندگي اسين هيئن هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ويٺا هجون!“
نوريءَ چيو، ”گهڻا خواب ڏسڻ سٺا نه آهن، شيام! خواب آخر خواب ئي آهن.“
”تڏهن حقيقت ڇا آهي؟“
نوري منجهي پيئي. ” مون کي خبر نه آهي. شايد خواب ۽ حقيقتون گڏيا مسيا پيا آهن. آڪاس خواب آهي، ڌرتي حقيقت آهي. آڪاس مان بارش پوي ٿي، ڌرتي سائي ٿئي ٿي.“
شيام چيو، ”ننڍي هوندي برساتن بعد مون مٽي هٿ ۾ کڻي اُن کي سنگهيو هو. ان مان هڪ سرهاڻ آئي هئي. اڄ تنهنجي بدن مان به اهڙي سرهاڻ اچي رهي آهي.“
”مان به ته مٽي آهيان شيام.“
”نه نوري! تون مٽي نه، تون مٽيءَ جي سڳنڌ آهين.“
نوريءَ هڪ سڏڪو ڀري چيو، ”شيام! تون مون کي وساري سگهندين؟“
”ڪڏهن به نه... مون کي ائين لڳي رهيو آهي ته مون جنهن کي ننڍ پڻ کان خوابن ۾ ڏٺو هو، اُها حقيقت تون آهين.“
نوريءَ ننڍڙو ٽهڪ ڏنو.
”پر هڪ ڏينهن مان به نه رهنديس، تون به نه رهندين. تڏهن ڪير رهندو؟“
”اسان جي ياد.“
”پر اسان جي ياد به هڪ ڏينهن مٽيءَ ۾ ملي ويندي.“
”پر مٽي ته رهندي، نوري. ان مٽيءَ جي سڳنڌ هوندي. ٻيا انسان پير ڏيئي اسان جي مٿان هلندا. ماڪ جا ڦڙا ڪرندا. مٽيءَ ۾ خوشبوءَ ايندي. ٻوٽو اُڀرندو، گل هوا ۾ لڏندو. اهو گل تنهنجو ٻيو روپ هوندو، نيرو.“
نوري کلڻ لڳي. ”۽ تون ڪٿي هوندين؟“
”مان نه هوندس ته ڇا ٿيو. تون ته هوندينءَ نه.“
نوري ڳنڀير ٿي شيام جي هٿن کي ڇڪيو ۽ انهن کي پنهنجي گود ۾ رکي ڇڏيائين.
ڪيتري دير ٻئي خاموش رهيا. نيٺ نوريءَ چيو، ”مان جڏهن مري ويندس، تڏهن تون مون کي ياد ڪجانءِ، ۽ گيتن ۾ اُن ياد کي امر ڪجانءِ. دنيا ۾ انسان کي ڪا هستي ڪا نه آهي. انسان ذات ئي امر آهي. مون کي جٿيڪاراءِ جو اهو ڀڄن ڏاڍو وڻندو آهي: پل پل جلتا هئه شمشان!“
ٿوري دير ترسي نوريءَ وري چيو، ” مان شايد جلدي مران، شيام! مان بيمار آهيان نه. تنهنجي سهڻي ته سگهاري ۽ تندرست هئي!“
شيام جو سڄو بدن ڏڪي ويو. موت سڀني جو مقصد آهي، اها هر هڪ کي خبر آهي. ليڪن موت جو خيال به انسان کي ڪنبائي ڇڏيندو آهي.
شيام نوريءَ جي گود مان هٿ ڇڪڻ چاهيو. پر هوءَ اُنهن هٿن کي مضبوط جهلي ويٺي. نوريءَ شيام جي هٿن جي ڪنبڻ کي ڄاتو؛ پوءِ چيائين، ”مان سوچيان پيئي مرڻ ڇو ڏکيو آهي. اگر مان اڄ رات ئي مري وڃان ته! هن چاندني رات ۾ مرڻ ۾ شايد بيحد مزو هوندو. تون ڇا ٿو سمجهين، شيام؟“
شيام چيو، ”منهنجي دل روئڻ چاهي ٿي. هيءَ سندر رات اِنهن ڳالهين لاءِ نه آهي.“
نوريءَ ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. هوءَ شيام جي هٿن کي پڪڙي ويٺي رهي.
رات شايد اَڌ کان مٿي گذري چڪي هئي. پرڀات جي ٿڌڪار ڦهلجڻ لڳي هئي. نوريءَ شيام جا هٿ ڇڏيا ۽ پنهنجي شال لاهي اڌ شيام جي ڪلهي تي وڌائين. چاندني جهڪي ٿيڻ لڳي هئي. چنڊ اولهه طرف وڃي چڪو هو، وڻن جا پاڇا ڊگها ٿيڻ لڳا هئا. هوا ۾ وڻ سوُن سوُن ڪري رهيا هئا. کجيءَ جي وڻن جا پن ٽڪري ڪڏهن ڪڏهن ٺاٺا آواز جا ڪري رهيا هئا. دور پهاڙن تي هوا گيت ڳائي رهي هئي. ڌرتي سهاڳ رات گذاري ننڊ مان جاڳي رهي هئي.
هو ٻئي خاموش ويٺا هئا. ٻنهي جا هٿ گڏيل هئا.
اوچتو سامهون پهاڙ تي هڪ ڪارو ٽٻڪو نظر آيو جو ويجهو ايندو ويو ۽ ڪجهه وڏو ٿيڻ لڳو. ويجهو اچڻ تي هنن سڃاتو ته سندر واپس اچي رهيو آهي. هو ڌيري ڌيري اورتي ايندو رهيو ۽ جيئن صبح بنان آواز ايندو آهي تيئن هو به آيو. هي ٻئي خاموش ويٺا هن ڏانهن نهاريندا رهيا. جڏهن هو تمام ويجهو آيو ته ٻئي اُٿي بيٺا، ليڪن هڪ ٻئي جو هٿ ڪو نه ڇڏيائون.سندر ٻانهون وڌائي ٻنهي جي ڪلهن تي رکيون ۽ ٻنهي کي ڇڪي ڇاتيءَ لاتو. پوءِ هو ٻنهي کي اندر وٺي ويو.
اُن وقت پکي آکيرا ڇڏي ٻاهر نڪري گيت ڳائڻ لڳا هئا. اوڀر ۾ ڪجهه لالائي نظر اچڻ لڳي هئي. هير ۾ تازگي آئي هئي. نئون صبح آيو هو.