مختلف موضوع

نـفسيات ۽ زنـدگي

محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پھريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نہ رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪھڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪھڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت مُنھن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. 

Title Cover of book نـفسيات ۽ زنـدگي

مهاڳ: هُو جِي جَرِڪِيا جَرَ تي

الله تعاليٰﷻ، ڌرتيءَ جي هن ننڍڙي گولي تي ٻين اڪيچار انمول وٿن، وکرن، شين ۽ نظارن سان گڏ پنهنجي عظيم تخليق انسان کي بي پناهه ذهني ۽ جسماني صلاحيتن سان نوازي موڪليو آهي جيڪو وري مهيّا ۽ موجود ماحول مان پِرائي، ان کي بهتر بنائڻ، سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. انسان هميشه حق ۽ سچ جو ساکي ۽ ساٿي رهيو آهي ۽ ٻين لاءِ سُکَ، سَرهائي ۽ سُرهاڻ جا گس تلاش ڪندو رهيو آهي توڻي جو ان جدوجهد، جاکوڙ وَلوڙ ۽ وَڙَول ۾، هو پنهنجي جان ۽ وجود کي مڪمل طور ڳاري ٿو ڇڏي، پر کيس ان جو اونو ۽ اُلڪو ناهي. هو ان کي پنهنجي ڪاميابي سمجهي ٿو ڇاڪاڻ ته هُن جيڪو حاصل ڪيو اُهو ٻين جي ڀلائي ۽ بهتري جي ڪَمِ آيو. ان ذريعي هزارين لکين انسانن جي زندگي ۾ سک، سهوليت، سولائي، سيبتائي ۽ سُچيتائي آئي. مَها پُرش جيڪو پهريون ڪارنامو سرانجام ڏين ٿا، اُهو آهي پنهنجي پاڻ کي جيتڻ،
”خود-ضابطگي“ ڪو سولو ڪم ناهي خاص طور سان تڏهين، جڏهن آسپاس ۽ ارد گرد جو ماحول نا موافق هجي پر لانگ فيلو چواڻي ”عظيم انسانن، جيڪي ڪاميابيون ماڻيون، اُهي هڪ ٻرانگهه کڻڻ سان حاصل ڪين ٿيون پر جڏهن سارو جڳ مٺي ننڊ ۾ ستل هوندو آهي، تڏهين، هو رات جي اڪيلائيءَ ۾ قدم بقدم اڳتي وڌندا رهندا آهن.“ سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”رت جو وٽو ڏيڻ کانپوءِ ئي ڀَتَ جو وٽو ملي ٿو.“ سوڀون سِر گهُرنِ.
انساني علم ۽ ڄاڻ جو به هڪ وسيع ۽ ڪشادو، اڻ-ڪٿيل، اڻ-ميل ماپيل محل آهل آهي جنهن ۾ داخل ٿيڻ جا ڪيئي در دريون آهن.
ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون.
جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.

پرک، تجسس ۽ کوجنا جا متوالا ئي ”صاحب“ جو مشاهدو ماڻيندا. ساهڙ تن کي ملندو جيڪي ”گهوريس“ چئي گهڙندا.
محترم انور احمد قاضي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ”علم نفسيات“ تي لکيل هي ننڍڙو پر نهايت ڪارائتو ڪتاب، اڄ کان ساٺيڪو ورهيه اڳ ان وقت تحرير ڪيو ويو هو، جڏهن سواءِ ڪن ٿورڙن باشعور تعليم يافته ماڻهن جي، اڪثر عوام کي نه رڳو هن علم جي بنيادي اصولن بابت ڄاڻ ڪين هئي، پر گهڻا تڻا ته هن علم جي نالي کان به اڻ واقف هئا. انهن ڏينهن ۾ هونءَ به سنڌين ۾ جديد تعليم گهٽ هئي ۽ وري ”علم نفسيات“ به پنهنجو ڌار مقام تازو ئي جوڙيو هو، نه ته ان کي فلاسافيءَ جي هڪ باب طور ڄاتو سڃاتو ويندو هو. تنهن ڪري لازمي ٿي پيو ته سائيڪولاجي يا نفسيات جهڙي اهم ۽ مفيد موضوع بابت ضروري معلومات ۽ ان جي بنيادي اصطلاحن ۽ اصولن جي عام فهم سمجهاڻي سنڌين تائين پهچائي وڃي ته جيئن اُهي ڀرپور لاڀ پرائي سگهن.
فاضل مصنف، سنڌي ماڻهن لاءِ هن علم جي اهميت، افاديت ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي، ان کي متعارف ڪرائڻ ۽ ان جي اڀياس مان فائدو حآصل ڪرڻ جي غرض سان، هڪ باقاعده جامع رٿا جوڙي ۽ ان ڏس ۾ پهرين قدم طور، هيءُ ڪتاب، موني بازار نوابشاهه جي لڪياري پرنٽنگ پريس مان 1960ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن پريس جو مالڪ، مرحوم سيد غلام قادر شاهه، نوابشاهه جي سچل ڪاليج جي پروفيسر ۽ معروف سماجي ڪارڪن سيد غلام سرور شاهه جو والد هو، جيڪو هفتيوار ”مظلوم“ اخبار پنهنجي پريس مان شايع ڪندو هو. شاهه صاحب اصل نوشهري فيروز ضلعي جي تعلقي ڪنڊياري سان تعلق رکندو هو. پاڻ هن اخبار جو ايڊيٽر، پرنٽر ۽ پبلشر هو. ان دؤر ۾ ٽائيپ پريس هوندي هئي. هڪ هڪ حرف کي چونڊي چونڊي فريم ۾ ڦاسائي لفظن ۽ جملن جي سٽاءَ ۾ آڻبو هو. اڪثر ڪمپازيٽر گهٽ پڙهيل هوندا هئا تنهن ڪري پروف جون اڪيچار چُڪون رهجي وينديون هيون جن جي باعث ڪيترن دلچسپ، مزيدار ۽ نهايت بدمزگي وارن واقعن جنم ورتو. ڇپائيءَ جي سونهن ۽ صفائي طرف پڻ جوڳو ڌيان نه ڏنو ويندو هو. پاڪستان کي ٺهئي اڃا تيرنهن سال مس ٿيا هئا. هن ڪتاب جو لائق مصنف محترم انور احمد قاضي تنهن وقت حيدرآباد ڇڏي، وڪالت جي غرض سان نوابشاهه آيو ۽ اتان جي مشهور وڪيل ديوان منگهارام جي ليگل فرم سان وابسته ٿي ويو. پاڻ حيدرآباد لا ڪاليج مان 1958 ۾ ايل ايل بي فرسٽ ڪلاس ۾ (ٻيون نمبر) ٻين پوزيشن ماڻيائون ۽ اتي ئي محترم محمد احمد ميمڻ ڏيپلائي جا جونير ٿيا.
محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پهريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نه رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فهم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪهڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪهڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انهن کي ڪهڙيءَ ريت مُنهن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. هونءَ به لک شاباسون ۽ جس اُهي لهن، جن محدود ذريعن ۽ وسيلن باوجود، ابتدائي ”کيڙ سهيڙ“ جي ڪم ۾ هٿ وڌو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ راهه هموار ڪري ويا.

منهنجي زخمي هٿن جو تون اُلڪو نه ڪر،
راهه تنهنجيءَ جا ڪنڊا، هٽائي ڇڏيم.
(نذير قاضي)

ڪتاب جي ابتدا ۾ فاضل مصنف، نفسيات جي علم جو مختصر ۽ مؤثر تعارف ڪرائڻ کانپوءِ، ان جي ٻارنهن اهم بنيادي موضوعن جهڙوڪ ”ادراڪ، جذبات، قوتِ ارادِي، لاشعور، لاشعور ۽ شخصيت جي تعمير، مذهب ۽ نفسيات، ذهني بلوغت، فڪرمند نه ٿيو، احساس ڪمتري، متضاد جذبا، پنهنجو پاڻ سڃاڻ ۽ يقين محڪم، ڪاميابي لازم“ تي بحث ڪري ٿو جن ۾ اڄ جي پڙهندڙ لاءِ ڪارائتي ڄاڻ موجود آهي، مصنف، مختلف نفسياتي حالتن ۽ ڪيفيتن مان عافيت سان نڪري وڃڻ جا گُرَ ۽ طور طريقا پڻ ٻڌائي ٿو جن تي عمل ڪرڻ سان ڪيترن نفسياتي مونجهارن مان جند آجي ڪرائي سگهي ٿي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته جنهن زماني ۾ هيءُ ڪتاب تحرير ڪيو ويو هو. ان وقت عام سنڌي ماڻهن ۾ نفسياتي مامرن ۽ مسئلن کي ان علم جي تعلق ۽ حوالي سان پُرِ جَهڻَ ۽ پَرُوڙِڻَ جي صلاحيت اڃان پيدا نه ٿي هئي شايد ڪي ڳاڻ ڳڻيا پڙهيل سنڌي هجن، جيڪي ماڻهن جي معمول کان علحده، هلت چلت، سوچ سمجهه ۽ عمل کي نفسيات جي روشنيءَ ۾ ڏِسندا پَسندا ۽ سمجهندا، سمجهائيندا هجن. وقت گذرڻ سان اڄ معاملو اتي اچي پهتو آهي جو ٻئين درجي جو شاگرد به امتحانن جي ڏينهنِ ۾ ائين چوندي پيو ٻڌجي: ”مون کي ته امتحان جو ڏاڍو ٽينشن ٿي پيو آهي!!“ ماڻهن جو ”موڊ“ به پل ۾ تولو، پل ۾ ماسو ۽ ”بور ٿيڻ“ ۽ بوريت ته هر ڪنهن کي ورائي وئي آهي!! اڄوڪي دؤر ۾ ”ٽينشن“ جو وائرس عام آهي. ڇا عورد ڇا مرد؟، ڇا ٻار ٻڍو ڇا جوان؟ ڇا چِچُ غريب، ڇا گبر شاهوڪار؟ هر ڪو ٽينشن ۾!! ڪنهن کي بک جو ٽينشن ته ڪنهن کي بک نه لڳڻ جو ٽينشن! هڪ دوست ٻئي کان پڇيو: ”يار! جوانيءَ ۾ ئي وار اڇا ٿي ويا اٿئي! ان جو ڪهڙو ڪارڻ؟“ وراڻيائين: ”ٽينشن!!!“ پڇيائين: ”ڇا جو ٽينشن؟“ چيائين: ”وارن اڇن ٿيڻ جو ٽينشن!!“
هاڻي اچون ته ڏسون ته فاضل مصنف، ڪهڙي نه دلچسپ، دلپذير ۽ آسان انداز ۾ نفسيات جي باغ جو اسان کي سهڻو سير ڪرائي ٿو:
”خوشيءَ جي تلاش ، اسان مان هر ڪنهن کي آهي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا حيلا ۽ بهانا ڪيون ٿا. عارضي خوشي ڏيندڙ عمل، دائمي ۽ سچي خوشيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي ٿو.
انسان جي فطرت عجيب ۽ پيچيده آهي. ان کي سمجِهي، ان مطابق نه هلبو تيسين سچي خوشي جو حاصل ٿيڻ ناممڪن آهي.
خوشگوار زندگي گذارڻ خود هڪ فن آهي ۽ اسان مان هر ڪنهن لاءِ هن فن کي سکڻ ڏاڍو ضروري آهي. هن فن جو ماهر صرف اهوئي انسان ٿي سگهي ٿو جو پنهنجي پاڻ کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ۽ پنهنجي ڪردار (Behaviour) کي پنهنجي فطرت جي مطابقت ۾ آڻي ٿو. پاڻ کي سمجهڻ کانپوءِ ئي انسان پنهنجي خالق کي سمجهي سگهندو ڇو ته هر ڪا صنعت (ٺهيل شيءِ) پنهنجي صانع (ٺاهيندڙ) جو کليل ثبوت آهي.
”پنهنجو پاڻ سڃاڻ“ جنهن پنهنجي پاڻ کي سڃاتو تنهن ربّ کي پاتو. اهڙو علم جنهن مان اسان کي، پنهنجي پاڻ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي، تنهن کي ”نفسيات“ يا ”علم النفس“ چئجي ٿو. نفسيات هڪ اهڙو علم آهي، جيڪو اسان کي انساني ذهن ۽ جسم جي افعال، عمل ۽ چرپر جي صحيح ڄاڻ مهيّا ڪري ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح انساني فڪر ۽ عمل سان ذهن توڻي جسم ۾ پيدا ٿيندر حقيقتن جي اصلي آگاهي حاصل ٿئي ٿي.
انساني ذهن ۽ جسم هڪٻئي تي تمام گهڻو اثر انداز ٿين ٿا ايتريقدر جو ذهني خرابين جي ڪري ڪيتريون جسماني بيماريون پيدا ٿين ٿيون.
يورپ ۽ آمريڪا ۾ جسماني بيمارين جي علاج ڪرڻ وقت اهو ڏٺو ويندو آهي ته مريض جي ذهني حالت ڪهڙي آهي. ڪيترين حالتن ۾، ذهن جو ”نفسياتي علاج“ ڪرڻ سان ڪيترين جسماني بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ويو آهي.
افسوس ته اسان مان ڪيترا هئڙي ڪارائتي علم جي نالي کان به واقف نه آهن. اڄ اسان کي جيتري هن علم جي ضرورت آهي اوتري ٻئي ڪنهن به علم جي ضرورت نه آهي.
هن ڪتابي سلسلي جو مقصد آهي ته عوام کي پنهنجي مشڪلاتن کي پاڻ حل ڪرڻ جي قابل بنايو وڃي.
غلطي ۽ ڪوتاهي جي احساس بعد سڌارو اچڻ ممڪن آهي. هن ڪتابي سلسلي ۾ نفسياتي حقيقتن کي اهڙي طرح پيش ڪيو ويندو جو پڙهندڙن کي انهن جي روشني ۾ پنهنجي غلطين يا ڪوتاهين جي معلومات حاصل ٿئي ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي طريقن کان پڻ واقفيت ملي.
اصلاح جو طريقو اهو آهي ته پهريان غلطيءَ جو احساس ڏيارجي ۽ پوءِ حقيقت جي ڄاڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي طريقي کان واقف ڪجي ان بعد کيس اهڙو موقعو ڏجي جو ڪنهن به قسم جي شرمساري وغيره محسوس ڪرڻ کانسواءِ هو پنهنجو اصلاح ڪري وٺي. ذهني زندگي جا ٽي اهم پهلو آهن: ادراڪ، احساس ۽ ارادو.
ادراڪ ڄاڻ يا واقفيت کي چون اسان جي ادراڪ جي بلندي ۽ پُستيءَ جو دارو مدار اسان جي سجاڳيءَ تي آهي. پنهنجي ادراڪ جي قوت کي فطرتي طريقن سان وڌائي سگهجي ٿو. جسم جا اهي عضوا جن کي استعمال ۾ نٿو آڻجي، سي مفلوج ۽ بي جان ٿي وڃن ٿا. نفسيات مان فائدو وٺو. فطرت طرفان عطا ٿيل سڀني عضون کان ڪم وٺي پنهنجي زندگي کي سنواريو.
هر ڳالهه ۾ انتهاپسنديءَ کان ڀڄڻ گهرجي. وچٿرائي بهتر آهي. دل ۾ محبت کي جاءِ ڏيڻ سان، نفرت اتان ترت موڪلائي وڃي ٿي.
ارادي جي مضبوطي اها آهي ته ڪنهن به چيز متعلق فيصلي ڪرڻ کانپوءِ وقت ضايع نه ڪريو ۽ پنهنجي فيصلي تي ان وقت ئي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏيو.
انسان جي ذهني زندگي صرف شعوري عملن تي ختم نه ٿي ٿئي اسان کي شعور سان گڏ لا شعور پڻ آهي. لاشعور جي بي پناهه قوتن کي تعميري راهن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ان جي مدد سان زندگيءَ جي بلندين تي پهچي سگهجي ٿو.
ذهني ترقي لاءِ حقيقت کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ نهايت ضروري آهي. نفسيات اسان کي سيکاري ٿي ته اسان کي زندگي جي صحيح فلسفي تي عمل ڪرڻ گهرجي. توهان جي شخصيت جي تعمير ان فلسفي جي ٻڌايل اصولن پٽاندر ٿيندي ته اها توهان جي وجود جو اٽٽ انگ بنجي ويندي.“
هن ڪتاب جو ڳوڙهو مطالعو، اوهان کي اهڙا قيمتي انمول موتي ۽ هيرا جواهر، هٿيڪا ڪري ڏيندو جو اوهان ذهني طور پرسڪون ۽ قلبي طور قرار ۽ راحت وار زندگي گذاري سگهو ٿا.
ان کان اڳ جو اوهان هن ڪتاب جي ورق گرداني جي گرداب ۾ گم ٿي وڃو، علم نفسيات جي باري ۾ ٻه چؤنڪ ڳالهين جا مان به اوهان سان ڪرڻ چاهيان ٿو:
انگريزي ٻوليءَ جو لفظ Psychology (سائيڪولاجي) يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن Psyche (سائيڪي) ۽ Logia (لوگيا) کي ملائي، جوڙيو ۽ ٺاهيو ويو آهي.
سائيڪي جي معنيٰ آهي نفس، روح، ساهه، منُ، چِتُ وغيره ۽ لوگيا جي معنيٰ آهي ”جو اڀياس“ اهڙيءَ ريت سائيڪولاجي جي معنيٰ ٿيندي ”نفس جو اڀياس“ يا ”مَنُ جو مطالعو.“
سنڌيءَ ۾ اسان عام طور سان سائيڪولاجي جو ترجمو ”نفسيات“ ڪندا آهيون. لفظ نفسيات، عربي لفظ ”نفس“ مان ٺهيو آهي جنهن جون انيڪ معنائون آهن جهڙوڪ ساهه، تنفس، دَمُ، گهڙي پل ساعت لمحو لحظو، جان، روح، ذات، وجود، هستي، حقيقت، اصليت ۽ نفساني خواهش وغيره. تصوف ۾ نفس تي قبضو ۽ ضابطو رکڻ کان علاوه ان کي ماري مُڃَ ڪرڻ جو درس به ملي ٿو. هتي اسان کي انساني زندگي سان لاڳاپيل نفس جي حوالي سان ڪجهه پڙهڻو ۽ سمجهڻو آهي. منهنجي خيال ۾، هن علم جي نسبت سان ”من“ جو لفظ ”نفس“ کان وڌيڪ جامع، جاندار ۽ سگهارو لڳي ٿو. ”ڪڏهين مَنُ ماڪوڙي، ڪڏهين ڪيهر شينهن“ جي سٽ، مَنَ جي اصلي صحيح صورت ۽ حالت کي نروار ڪري ٿي. ان معاملي کي اتي ئي ڇڏجي ٿو ۽ ”نفس“ واري نفسيات جي ڳالهه کي اڳتي وڌائجي ٿو. انسان لاءِ نفسيات جي علم جي ڄاڻ ان لاءِ به ضروري آهي ته جيئن اسان کي خبر پوي ته ذهن جو سارو سرشتو ڪيئن ٿو هلي؟ ذهن جي صلاحيت مان پورو فائدو ڪيئن ٿو حاصل ڪري سگهجي؟ انسان روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪي عمل ڪري ٿو ۽ روش اختيار ڪري ٿو، ان پويان ڪهڙا محرڪات آهن؟ آخر هُو ڇو ٿو ڪري، ڇو ٿو سوچي؟ اهڙيءَ ريت مَنَ جي سڀني ڪيفيتن جي ڪارڻن کي ڳولهڻ جو موقعو ملي ٿو. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”پاٽ ۾ اُهو پوندو جيڪو ڪُني ۾ هوندو!“ اسان جي ظاهري هلت چلت، اٿڻ ويهڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ وغيره دراصل اسان جي اندر جو اولڙو آهي. اسان ۾ ڪي وڌيڪ چالاڪ انسان اندر جي آنڌ مانڌ ۽ اُڌمن کي لڪائي مصنوعي ماسڪ (ٻوٿاڙو) چاڙهي، سڪون ۽ سرهائيءَ جو ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ليڪن اهڙي اداڪاري گهڻو وقت هلي نٿي سگهي. اندر جا جذبا ڏاڍا سگهارا ٿين ٿا. جلد يا به دير هو وائکا ٿين ٿا ۽ کين شرمساريءَ جو مُنهن ڏسڻو پوي ٿو.
نفسيات جا ماهر، اسان ۽ اسان جي ڪٽنب جي صحت جي باري ۾ نفسياتي رخن سان جائزو وٺن ٿا. ٻارڙن کي محفوظ ڪيئن رکجي؟
ڪم ڪرڻ وارن هنڌن تي نفسياتي دٻاءَ کي ڪيئن گهٽائجي؟
ماڻهن سان نابرابريءَ واري ورتاءَ کي ڪيئن ختم ڪجي؟
ڏوهاري ذهنيت پروان چڙهڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ ان تي ڪهڙيءَ ريت ضابطو رکي ٿو سگهجي؟
جسماني توڻي ذهني صحت کي برقرار ڪيئن رکجي؟
هر طرح ماڻهن جي ذهني ۽ نفسياتي اوڻاين، ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جي سهائتا ڪجي.
اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن انسان جي ذهني ۽ نفسياتي سرشتي جي ڄاڻ هوندي ته اُهو ڪيئن هلي رهيو آهي. ڪهڙيون ڳالهيون ان تي اثر انداز ٿين ٿيون. واقعا ته روز ٿين پيا اُهي گهڻي ڀاڱي ماڻهن جي پنهنجي عملن، سوچن، رَوَشُن جو نتيجو آهن. ناڪاري ذهن مان ”ناڪاريت“ ۽ هاڪاري ذهن مان ”هاڪاريت“ نڪري ٿي. سماج ۾ موجود حالتن مان ”ناڪاريت“ ۽ ”هاڪاريت“ جي ڀلي ڀَتِ پروڙ پئجي سگهي ٿي ته اسان جو معاشرو ڪهڙي پيچري ۽ پنڌ تي هلي رهيو آهي. سڄاڻ ماڻهو هر دؤر ۾ وڏي واڪي، عوام الناس کي خبردار ڪندا هن ٿا. انهن جي آواز کي ڪير ٻڌي ٿو، ڪير لنوائي ٿو ۽ ڪير يڪسر نظر انداز ڪري ٿو. اهو سوال اسان مان هر ڪو پاڻ کان پڇي پَڪَ ڪري سگهي ٿو. باقي ”انڌي گهوڙي، ڪَلِ ۾“ وانگيان، زمانو نه بيٺو آهي ۽ نه بيهندو.
اسان جڏهين ”علم نفسيات“ جي گَهَر ۾ پير پائيندسين ته اسان کي خبرپوندي ته هتي ته ماڻهن جي عملن، روين، هلت چلت، طور طريقن بابت ڪيئي ڪٿائون وارداتون ۽ ڳالهيون پيون ڳائجن. وري سماجي سائنس جي لوڪ پريه علمن جهڙوڪ ادب، شاعري، تاريخ ۽ فلسفي جو اڀياس ڪنداسين ته اهيئي انيڪ، انوکن ۽ عجيب انسانن جون وارتائون ۽ خيال پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. جيڪي به علم انسان جي باري ۾ سڌيءَ يا اڻ سڌي طرح ڄاڻ ڏين ٿا، اُهي علم نفسيات جو ”خام مواد“ فراهم ڪن ٿا پر به، ايڏي ڪٺن جاکوڙ ڇو ڪجي؟ رڳو آسپاس جي ماحول جو ”اندرَ واري اکِ“، احساس ۽ سوچ سان مطالعو ۽ معائنو ڪريون ته ڪيترائي ”نفسياتي مضمون“ پڙهڻ لاءِ ملي پوندا. شرط صرف هڪڙو آهي ته ڪنهن به عمل، قول ٻول ۽ قدم کي سرسري، اڇا تري ۽ سطحي انداز سان نه پرکيون. آڳاتن درسي ڪتابن ۾ ”اکيون ڪم آڻيو“ ڀاڱو پهريون ۽ ڀاڱو ٻيو، جن به پڙهيو هوندو تن کي خبر هوندي ته سبق لکندڙ، ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو. جتان به گذرو اکيون، دل ۽ دماغ کولي هلو، هر ڳالهه کي چڱيءَ ريت پروڙيو ۽ پرکيو. توهان ماڻهن منجهه رهو ٿا، اوهان جي زندگي، گهر، گهٽي، بازار، آفيس، ٻني يا دڪان تي ماڻهن سان لهه وچڙ ۽ ڏيڻ وٺڻ ۾ گذري ٿي. تنهن ڪري انهن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، قرب پيار، ڪاوڙ غصي، لالچ لوڀ، ٺڳي، ايمانداري، سچ ڪوڙ، ٻاجهه ظلم، واجبي، غير واجبي، مناسب، نامناسب، دلچسپي بيزاري وغيره جي مڙني رنگن، روپن ۽ روين کي چڱيءَ طرح ڄاڻي سڃاڻي وڃو ٿا. اهڙيءَ ريت اوهان ”نفسيات“ جي ابتدائي اصولن بابت معلومات ۽ ان کي پرکڻ جي ڪسوٽيءَ کي قابو ڪري ورتو آهي. عام ماڻهو سماجي لاڳاپن ۽ رشتن کي پنهنجي محدود ذاتي يا گروهي مفادن جي نظر سان ڏسي ٿو. هو پنهنجي دائري کي وسيع نه ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي ۽ فائدو سمجهي ٿو نتيجي طور هو نفسياتي محدود پڻي جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
نفسيات جو ماهر، انسان جي سڀني سرگرمين، عملن ۽ سوچ ڌارائن سان واڳيل رهي ٿو. هو ڪنهن هڪ، ننڍي کان ننڍي حرڪت ۽ عمل کي نظر انداز ڪرڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي ۽ چڱي خاصي تحقيق ۽ مٿا ڪٽ کانپوءِ اسان آڏو اهڙيون حقيقتون پيش ڪري ٿو جن تي اسان حيران، پريشان ۽ ششدر ٿي وڃون ٿا. واقعي به علم نفسيات جو مطالعو بيحد دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي. ”ائين آهي ڪِينَ، جيئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو!!“ حقيقت ته ظاهر ٻين اکين کان لڪل آهي.
مونکي پنهنجي ننڍپڻ جو هڪ نهايت معمولي واقعو ياد اچي ٿو. امڙ انبن وٺڻ لاءِ مون کي بازار موڪليو. مان ايترو پتڪڙو جو پيسن جي ڳڻپ جي به پوري خبر ڪانه هيم. مان چاچي فيضل حب جي انبن واريءَ پڙيءَ تي پهتس يڪدم انب توري ڏنائين ۽ پيسا وٺي پٿاريل ڳوڻ جي پَهَڳَ هيٺان رکي ڇڏيائين. مان اڃا ٻه قدم به اڳتي وڌيو ڪين هوندس جو ڪن تي پڙلاءُ پيو: ”ابا! نينگر هيڏانهن ته اچجانءِ.“ مان جيئن ئي وٽس پهتس ته مون کان انبن واري ٽوڪري وٺي رکيائين ۽ پاڻ لڳو ساهميءَ کي ٺاهڻ. کيس شڪ پيو هو ته ساهميءَ ۾ ڪاڻِ آهي. پنجن اٺن منٽن جي مٿا ڪُٽ کانپوءِ انب ٿيلهيءَ مان ڪڍي توريائين. واقعي به تور ڪَسِي هئي. ٻه ٽي انب وڌيڪ وجهي، تور پڪي ڪري، اطمينان سان چيائين ”ابا! هاڻي کڻي وڃ!“ مان هڪ ٽڪ چاچي فيضل جي منهن کي تڪڻ لڳس. مون محسوس ڪيو ته سندس هيانوَ تان ڪو وڏو تور لهي پيو ۽ هو پرسڪون محسوس ڪرڻ لڳو. توڻي جو گهٽ تور لاءِ، هن کي نه ڪنهن چيو نه شڪايت ڪئي پر کيس اندر مان آواز آيو ته ”تور صحيح ناهي. ساهميءَ کي درست ڪر!“ چاچو فيضل گهٽ پڙهيل سنڌي ڳوٺاڻو هو. هن نه ته ”ڏوهاري ذهنيت ۽ شعور“ بابت پڙهيو هو ۽ نه نفسيات جي ابتدائي اصولن کان واقف هو. پر، کيس اهو پڪو پختو يقين هو ته ڏوهه ۽ جرم جي پڪڙ ۽ پيڙا کان بچڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته ترت ازالو ڪري جان ڇڏائجي ٻيءَ حالت ۾ اهو من جو روڳ بنجي پيو تنگ ڪندو.
سوچڻ لاءِ هن ڳالهه ۾ وڏو نڪتو سمايل آهي. اسان، اعليٰ تعليم يافته هجڻ باوجود، ڪيترا ننڍا وڏا ڏوهه، ڏاڍايون ۽ ناانصافيون ڪيون ٿا. ڇا اسان کي پنهنجي انهن ڪڌن ڪمن ۽ ڪوتاهين جو خود بخود احساس ٿئي ٿو؟ پنهنجي مُنهن، پنهنجي پاڻ کان پڇو ته سهي ته اندر مان ڪا صدا، ڪو آواز، ڪا پڪار اچي به ٿي يا نه؟ جي نه ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته اوهان پنهنجي من، اندر کي نستو ۽ ساڻو بنائي ڇڏيو آهي. کيس پاڻيءَ ڍُڪ پياريو، تازو توانو ڪريو ته جيئن هن ۾ ڳالهائڻ جي سَگههَ پيدا ٿئي ڇاڪاڻ ته اوهان جي حقيقي، لازوال طاقت جو راز ان جي سگهاري هجڻ ۾ آهي.
ڏوهه جو احساس اڻ لَکائيندڙ انداز ۾، مختلف صورتون وٺي، ماسڪ پائي، ٻهرو پئي جو ويس اوڍي اچي ٿو ۽ اوهان کي احساس ئي نٿو ٿئي ته اڳ ڪيل ڏوهه ائين لاشعور ۾ رهي، اوهان لاءِ فڪرمنديءَ جو باعث بنجندا. انهيءَ حد تائين جو اوهانجو جيئڻ جنجال ٿي ويندو ۽ اوهان نفسياتي مريض بنجي ويندا.


نذير قاضي
”القاسم“. A-2491
ٻيو فيز، گلشنِ حديد بن قاسم ڪراچي