يقين محڪم، ڪاميابي لازم
اچو ته هميشه خوش ڪندڙ ۽ اميد افزا خيالن کي ذهن ۾ جڳهه ڏيون ۽ سڀني پريشان ڪندڙ ۽ نااميدي پيدا ڪندڙ خيالن کي گهڙيءَ کن لاءِ به پاڻ تي قادر ٿيڻ نه ڏيون. پنهنجين صلاحيتن کي معلوم ڪريون، پنهنجي ماحول کي سڃاڻون، پنهنجي خواهشن ۽ انهن جي پوري ٿيڻ جي امڪان جو اندازو لڳايون. انهن ماڻهن سان ملندا رهون جي اسان کي منزل مقصود تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن.
زندگيءَ ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه نه آهي جا اسان جي پهچ کان ٻاهر هجي ۽ پوري ٿي نه سگهي پر ان لاءِ شرط هي آهي ته اسان ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ صحيح رستو اختيار ڪريون ۽ پاڻ کي ڪامل يقين ڏياريندا رهون ته اسان ضرور ڪامياب ٿينداسون.
ناڪامين کان ٿڪجي دل لاهي رستي ۾ ئي ويهي رهڻ نه گهرجي. اسان جو هر قدم هميشه اڳتي وڌندڙ هجي. جيڪڏهن اسان جي خواهش ۾ خلوص ۽ دلي چاهه آهي ته اهو خلوص ۽ دلي چاهه ئي انهيءَ خواهش جي پوري ٿيڻ جو ڪلي ثبوت آهي پر جيڪڏهن اسان ئي چونداسون ته اسان ڪامياب ٿي نه سگهنداسون يا ”اسان ۾ ايتري طاقت ڪا نه آهي“ ته يقيناً اسان جي ڪاميابيءَ جي راهه ۾ اسان جي بزدلي ئي رڪاوٽ آهي. جڏهن چونداسون ته ”اسان ڪامياب ٿي سگهون ٿا. اسان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي پوري پوري طاقت موجود آهي ۽ اسان ضرور ڪامياب ٿينداسون.“ تڏهن ڄڻ ته اسان پنهنجي رستي جون اڌ تڪليفون ۽ مشڪلاتون طئي ڪري چڪاسون. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي صلاحيتن ۾ يقين آهي ۽ پاڻ تي ڀروسو آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اسان ضرور ڪامياب ٿينداسون.
هميشه پنهنجي ذهن کي خوش ڪندڙ ۽ اميد ڏياريندڙ خيالن جو مرڪز بڻائي رکڻ گهرجي. بزدل ۽ خود غرض ماڻهن ۽ گندي ماحول کان پرتي رهڻ گهرجي. بزدل انسان هميشه پنهنجي شڪست جا داستان ٻڌائي پنهنجا روئڻا روئي اوهان جي همٿ پست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. خراب ماحول اوهان جي ذهن کي منتشر ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو.
پنهنجي ماضيءَ جي ناڪامين ۽ غلطين تي افسوس سان ترين مهٽڻ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. پاڻ ائين ڪرڻ اوهان جي حال ۽ مستقبل جي خوشين ۽ ڪاميابين ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيندو. پنهنجي دلين مان هر قسم جي خوف کي ڪڍي ڇڏيو. پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ۽ ڪاميابيءَ تي يقين رکو ۽ اڳتي قدم وڌائيندا هلو.
پنهنجي منزل مقصود جو هڪ ذهني خاڪو بنايو. اهو ذهني خاڪو چقمق وانگر توهان کي انهن تجربن سان روشناس ڪرائيندو جي اوهان جي دلي مراد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا ۽ اهڙيون ذهني ڪيفيتون ۽ حالتون خودبخود دور ٿي وينديون جيڪي اوهان جي ڪاميابيءَ ۾ رڪاوٽ آهن. ان ڪري پنهنجي منزل مقصود جو ذهني خاڪو بڻائڻ نهايت ضروري آهي ان بعد پنهنجي سڀني صلاحيتن کي انهيءَ منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪريو.
اڄ جي زندگي اوهان جي ڪلهه واري زندگيءَ جي تجربن سان ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح اڄ جا تجربا سڀاڻي ايندڙ زندگيءَ جي راهن کي زياده روشن ڪري سگهندا. جنهن سچائيءَ جي توهان کي تلاش آهي ۽ جيڪي حالتون توهان جون مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون سي اوهان جي اميد، مڪمل يقين، ڪوشش ۽ جدوجهد سان ئي اوهان کي ميسر ٿي سگهنديون.
ٿي سگهي ٿو ته اوهان ماضي ۽ حال جي فرضن ۽ تڪليفن جا ٿڪايل هجو ۽ اوهان کي مستقبل روشن نظر نه ايندو هجي. اهڙيءَ حالت ۾ خوش ڪندڙ ۽ اميد افزا خيال ۽ پنهنجي پاڻ تي ڀروسو ۽ اعتماد ئي اوهان جا مددگار ثابت ٿي سگهندا.
ان ڪري پنهنجي دل ۾ يقين جي شمع روشن رکو ۽ هر شيءِ کي غور سان جاچڻ ۽ سمجهڻ جا عادي ٿيو. اڄ هزارين انسان اهڙا موجود آهن جي صرف انهيءَ خيال جي ڪري ته هنن ۾ ڪا به صلاحيت موجود نه آهي، ڪاهليءَ ۽ بيڪاريءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. اهي پنهنجي زندگيءَ کي بيڪار سمجهن ٿا، حالانڪه هنن جو پيدا ٿيڻ ئي ڪنهن نه ڪنهن مقصد جي طرف اشارو ڪري رهيو آهي. اهڙن انسانن کي گهرجي ته پنهنجي ڪمزوريءَ جي پٺيان لڪل طاقت جي تلاش ڪن، پنهنجي نااهليءَ جي خيال کي دفع ڪري پنهنجي صلاحيتن کي ڳولي هٿ ڪن ۽ انهيءَ مقصد کي پورو ڪن جنهن لاءِ کين پيدا ڪيو ويو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته اسان مان هر هڪ شخص ۾ طاقت ۽ خوشين جو ذخيرو موجود آهي پر انهيءَ تائين صرف اهي انسان پهچي سگهن ٿا جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ جيڪي پنهنجي زندگيءَ کي بي مقصد نٿا سمجهن.
جيڪڏهن اسان جي خواهش ۽ جدوجهد سان حالتون سازگار نٿيون ٿين ۽ خوشين جي تلاش ۾ اسان کي ڳوڙهن جي ڳهڻ ۾ ڦاسڻو پوي ٿو، تڏهن به دل هاري ويهڻ ۽ روئڻ ڌوئڻ جي ضرورت نه آهي. ڇا اهو خيال ئي خوش ڪندڙ ۽ اميد افزا نه آهي ته اسان ڪامياب ٿيڻ ۽ حالتن کي سازگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. يقين رکو ته اهو خيال ئي اسان جي سڀاڻي جي ڪاميابيءَ جو ضامن آهن.
جيڪڏهن اڄ انسان لاءِ ناڪامي، غربت ۽ لڙڪ آهن ته سڀاڻي ته هن لاءِ خوشين، آسودگي ۽ ڪاميابيءَ جا ٽهڪڙا هوندا. پوءِ اڄ جي لڙڪن جي ڪري سڀاڻي جي خوشين ۽ ٽهڪڙن کي ڇو قربان ڪريون؟