قوتِ ارادِي
حقيقت ۾ ذهن جو هيءُ عمل بلڪل فطري آهي ۽ ذهن لاءِ اها بلڪل رواجي ڳالهه آهي، تڏهن به اڪثر ماڻهو ان ڳالهه کي نٿا مڃن ۽ پنهنجي قوت ارادي تي ڀروسو نٿا رکن ۽ انهيءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ايئن سمجهن ٿا ته قوت ارادي ڪا غير معمولي طاقت آهي جا ڪن خاص ماڻهن جي ئي حصي ۾ اچي ٿي. در حقيقت اسان زندگيءَ جي هر لمحي ۾ پنهنجي ارادي جي قوت کان ڪم وٺون ٿا: ڪنهن شيءِ کي قبول ڪريون ٿا ۽ ڪنهن کي ٺڪرائي ڇڏيون ٿا ۽ اهو اهڙي ته غير محسوس نموني سان ٿيندو رهي ٿو جو اسان کي خيال ئي نٿو رهي ته اسان ڪو پنهنجي قوت اراديءَ کان ڪم وٺي رهيا آهيون.
جهڙي طرح ڀٽڪندڙ ذهن کي هڪ خيال، هڪ ڳالهه تي بيهارڻ جا ڪيترائي فطري طريقا آهن. اهڙي طرح قوت اراديءَ لاءِ پڻ روزمره جي زندگيءَ ۾ هزارين موقعا ميسر ٿين ٿا بشرطيڪه اسان انهن مان فائدي وٺڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار هجون.
قوت ارادي صرف انسان لاءِ مخصوص آهي. حيوان سوچين به ٿا محسوس به ڪن ٿا پر انهن ۾ ارادي جي قوت بلڪل نه آهي يا جيڪڏهن آهي ته ايتري گهٽ آهي جو ان کي سولائيءَ سان نظر انداز ڪري سگهجي ٿو. ٻارن ۾ پڻ ارادي جي قوت گهٽ ٿئي ٿي پر جيئن اهي وڏا ٿيندا وڃن ٿا ۽ مرد ۽ عورت بنبا ٿا وڃن ته انهن ۾ ارادي ڪرڻ ۽ ان تي مضبوط بيهڻ جي صلاحيت ايندي ٿي وڃي.
قوت اراديءَ کي مضبوط بڻائڻ جو طريقو اهو آهي ته ان تي عمل ڪيو وڃي. جيئن جيئن ان کان وڌيڪ ڪم ورتو ويندو تيئن ارادي جي قوت ويندي وڌندي. ليڪن ان جو اهو مطلب نه آهي ته هر ڪنهن معموليءَ کان معمولي ڪم ۾ به اسان وتون قوت اراديءَ کي آزمائيندا. هر ڪنهن ڪم ڪرڻ جو موقعو ۽ مهل ڏسبي آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هوٽل ۾ ويهي پنجن منٽن تائين سوچيندو رهي ته هن کي ڇا پيئڻ گهرجي، چاءِ يا لسي ته چئبو ته هو پنهنجي فيصلي جي قوت يا قوت اراديءَ کي اجايو ضايع ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجو وقت برباد ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن توهان زندگيءَ کي صحيح معنيٰ ۾ گذارڻ ۽ پنهنجن سڀني حواسن مان پورو پورو ڪم وٺڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهيو ۽ توهان اهو پڻ سمجهي ڇڏيو آهي ته اوهان کي ڪهڙين چيزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ توهان تعميري جذبات پيدا ڪري چڪا آهيو ته توهان کي پنهنجي ارادي جي قوت متعلق ڪڏهن به شڪايت نه رهندي. ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن اوهان بااخلاق انسان آهيو ته توهان جي ارادي جي قوت گهڻي بلند رهندي. هڪڙو ايماندار ماڻهو ڪنهن شيءِ کي چورائڻ جو تصور ئي نه ڪري سگهندو ۽ هڪ پاڪدامن عورت کان ڪا به اخلاق کان ڪريل حرڪت سرزد نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته کين خراب ۽ چڱيءَ شيءِ جي وچ ۾ تميز ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه ايندي اهڙي انسان جي شخصيت ايتري ته بلند آهي جو چڱي ۽ سٺي جو فرق تمام سولائيءَ سان اک ڇنب ۾ ڪري سگهي ٿو. اسان جي قوت ارادي ان وقت ۽ سالم ۽ صالح آهي جڏهن هن کي صحيح چيزن جي انتخاب ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف محسوس نٿي ٿئي.
قوت اراديءَ جي تقويت لاءِ ڪنهن مقصد ۽ اصولن جو هئڻ ضروري آهي. ان ڪري جڏهن اسان کي ڪن به ٻن چيزن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي آهي ته اسان جي قوت ارادي انهيءَ چيز جي حق ۾ فيصلو ڪري ٿي جا اسان جي اصولن جي مطابق آهي. اسان جا اصول جيترا واضح هوندا ۽ جيتري مضبوطيءَ ۽ باقائدگي سان اسان انهن تي عمل ڪندا رهنداسون اوترو ئي اسان جي ارادي جي قوت ترقي ڪندي. ان ڪري پنهنجي زندگيءَ جو ڪو مقصد بنايو، زندگي کي گذارڻ جا ڪي اصول ٺاهيو ۽ تصور ئي ۾ ائين سمجهو ته اوهان اها زندگي گذاري رهيا آهيو جا توهان چاهيو ٿا ۽ ڪوشش ڪري پاڻ ۾ اهي وصفون پيدا ڪريو جيڪي توهان پنهنجي پاڻ ۾ پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا. جڏهن به توهان کي اهڙين ڳالهين سان واسطو پوي جن مان ڪنهن هڪڙيءَ جي توهان کي چونڊ ڪرڻي آهي ته پوءِ اوهان انهيءَ چيز جي چونڊ ڪريو جيڪا اوهان جي بنايل اصول پٽاندڙ هجي.
جيڪڏهن توهان کي پنهنجي قوت اراديءَ کي آزمائڻو آهي ته ڪڏهن پنهنجن عادتن مان ڪنهن به هڪ کي ريٽڻ جي ڪوشش ڪريو، مثال طور توهان کي سگريٽن پيئڻ جي عادت آهي ته فيصلو ڪريو ته هڪ يا ٻه ڏينهن توهان سگريٽ نه ڇڪيندا ۽ ان تي عمل ڪريو ته اهڙي طرح توهان پنهنجي ارادي جي طاقت کي مضبوط ڪري سگهندا.
ٻيو هي ته ڪنهن به چيز متعلق فيصلي ڪرڻ کان پوءِ وقت ضايع نه ڪريو، پنهنجي فيصلي تي ان وقت ئي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏيو. جڏهن فيصلي ۽ عمل جي وچ ۾ ڪافي وقت پئجي وڃي ٿو تڏهن فيصلي ۾ اها چستي ۽ جوش قائم نٿو رهي. طبيعت تي هڪ قسم جي سستي سوار ٿي وڃي ٿي ۽ دل بيزار ٿي پوي ٿي ۽ عمل ڪرڻ جي طاقت ڪمزور ٿي وڃي ٿي.