مختلف موضوع

نـفسيات ۽ زنـدگي

محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پھريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نہ رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪھڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪھڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت مُنھن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. 

Title Cover of book نـفسيات ۽ زنـدگي

مذهب ۽ نفسيات

گذريل صفحن ۾ ڪيترائي دفعا زندگيءَ جي اعليٰ ۽ بلند مقصدن، نظرين ۽ اصولن جو ذڪر ٿي چڪو آهي. انهيءَ حقيقت تي پڻ روشني وڌي ويئي آهي ته نفسيات ڪهڙي طرح انهن کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي پر اهڙن اصولن جو ذڪر نه ٿيو آهي جن تي عمل ڪرڻ سان زندگيءَ جي تقاضائن کي پورو ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪهڙا نظريا بحيثيت انسان جي اسان جي شايان شان آهن. جڏهن اسان اهڙين ڳالهين تي بحث ڪريون ٿا تڏهن نفسيات جي حدن مان نڪري وڃي ٿا مذهب ۽ فلسفي جي حدن ۾ پئون پر جيئن ته انساني زندگيءَ لاءِ اهي وڏي اهميت رکن ٿا تنهن ڪري انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
نفسيات جي تجربن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪي جذبا، ڪي خواهشون ۽ ڪي نظريا فائدي وارا آهن ته ڪي نه آهن. ان ڪري ڪجهه نظرئا ٻين تي فوقيت رکن ٿا، مثال طور نفرت جي ڪڏهن به ساراهه ڪري نٿي سگهجي پر محبت جي جذبي کي جيتري حد تائين وڌائجي اوترو وڌيڪ بهتر. نفرت جي ڪري اسان جي شخصيت محدود ٿي وڃي ٿي. محبت شخصيت ۾ بلندي ۽ وسعت پيدا ڪري ٿي. ساڳيءَ طرح اعتماد ۽ يقين محڪم خوف ۽ هٻڪ کان وڌيڪ فائدي وارو آهي. خوف جي ڪري اسان جون قوتون ختم ٿي وڃن ٿيون پر اعتماد جي ڪري پاڻ وڌيڪ طاقت وٺن ٿيون. خود غرض انسان گهڻي عرصي تائين خوش نه رهي سگهندو. زندگيءَ ۾ قربانيءَ کي پڻ ڪا حيثيت آهي. سچي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون. چيو وڃي ٿو ته ذهني ترقيءَ لاءِ حقيقت شناسي ضروري شرط آهي. صحيح طور تي بالغ صرف اهڙي انسان کي چئي سگهجي ٿو جيڪو حقيقتن جي سامهون اچڻ تي نه ڪيٻائي. پاڻ انهن کي سمجهي ۽ ان مطابق زندگي گذاري پر خود حقيقت ڇا آهي؟ ان متعلق نفسيات فلسفي ۽ مذهب طرف اشارو ڪري ٿي. حقيقت کي سمجهڻ لاءِ ڏسڻو آهي ته توهان ڪهڙي قسم جي فلسفه حيات يا مذهب ۾ اعتماد رکو ٿا. سوئٽزر لينڊ جو هڪ مشهور تحليل نفسيءَ جو ماهر ڊاڪٽر ڪارل ينگ چوي ٿو ته منهنجا تجربا انهيءَ حقيقت جي شاهدي ڏين ٿا ته اڄ تائين ڪو مريض تيستائين نفسياتي بيمارين مان تندرست نٿو ٿئي جيستائين هن جي مذهبي جذبي کي بيدار نٿو ڪيو وڃي.
مذهب جي سلسلي ۾ اسان کي ڪافي سوچ ويچار کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڪيترا ماڻهو مذهب کي زندگي ۽ ان جي حقيقتن کان دور ٿي وڃڻ جو ذريعو بڻائين ٿا. هو سمجهن ٿا ته دنيا کان پرتي ڀڄڻ جو نالو ئي مذهب آهي. دنيا جو ڪو به سچو مذهب فرار يا زندگيءَ کان پاسو ڪرڻ جي تعليم نٿو ڏئي. ڇا اسان جي آقا رسول اڪرم ﷺ جن پنهنجي سموري زندگي عملي طرح نه گذاري. اسان سندن پوئلڳ تڏهن ٿي سگهون ٿا جڏهن پنهنجي سموري زندگي سندس نقش قدم تي گذاريون.
دنيا جا سڀئي مذهب هيٺين چند ڳالهين تي متفق آهن ته:
1. خدا هن ڪائنات جو خالق آهي، هر ڪنهن چيز جي شروعات وٽانئس ٿئي ٿي ۽ هر ڪا چيز ڏانهس ئي موٽ کائي ٿي.
2. دنيا ۾ جيڪي شيون آهن تن جو ڪو مقصد آهي.
3. اسان کي صرف زنده رهڻ لاءِ نه پيدا ڪيو ويو آهي پر ٻين جي خدمت ڪرڻ پڻ اسان جو فرض آهي. ٻين جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ پڻ ضروري آهي. اسين سڄي ڪائنات سان محبت ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهيون.
4. هيءَ زندگي ڪا راند يا مسخري نه آهي. زندگيءَ جي جدوجهد حقيقي جدوجهد آهي.
5. هن دنيا ۾ اسان پنهنجي روح جي تڪميل ڪرڻ لاءِ آيا آهيون. اسان کي زندگيءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻي آهي. اسان کي جيڪي ڪجهه تجربا حاصل ٿين ٿا سي اسان جي ذهني ۽ روحاني ترقيءَ ۾ مددگار ٿين ٿا.
6. سچائي، نيڪي ۽ محبت نه صرف هن دنيا لاءِ ڪارائتا گُڻ آهن پر ڪائنات جي سڄي نظام ۾ انهن جو اهم حصو آهي. هڪ نه هڪ ڏينهن سچائي، نيڪي ۽ محبت جو ڦل ضرور ملي ٿو.
جيڪڏهن اسان انهن ڳالهين کي حقيقت سمجهون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جي سامهون حقيقت جي وضاحت ته ٿي وئي. هاڻي اسان پنهنجي زندگيءَ جو بنياد فريب تي ته نه رکنداسون. فريب نهايت رنگين آهي، اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿو. ان مان وقتي خوشي پڻ حاصل ٿئي ٿي پر آخر سواءِ تباهي ۽ برباديءَ جي ٻيو ڪجهه نٿو ملي.
نفسيات اسان کي سيکاري ٿي ته اسان کي زندگيءَ جي صحيح فلسفي تي عمل ڪرڻ گهرجي. ان جي مدد سان اسان روز بروز بلنديءَ طرف وڌندا وينداسون. انهيءَ معاملي ۾ مذهب پڻ اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهي ٿو. مذهب جي ئي مدد سان اسان غيرفاني حقيقتن کان واقفيت حاصل ڪري سگهنداسون. سچائي، حسن، اخلاق، محبت ۽ نيڪي اهڙيون وصفون آهن جي اسان سان گڏ مري نٿيون وڃن پر اسان جي موت کان پوءِ به قائم رهن ٿيون.
هيءَ دنيا صرف گلن جو بستر نه آهي جنهن تي اسان آرام ڪندا رهون. هن دنيا ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪجهه به نه آهي جي حرص ۽ طمع جي زندگي گذارڻ چاهين ٿا هيءَ دنيا ته اها جڳهه آهي جتي اسان کي پنهنجي جسماني وجود کان هٽي روحاني مهارت حاصل ڪرڻي آهي. انهيءَ منزل تي پهچڻ لاءِ سچائي، وفا شعاري، محبت، خدمت، همدردي خلوص ۽ همت جي ضرورت آهي. انهن اصولن تي عقيدي رکڻ سان توهان کي زندگيءَ جو راز سربستو معلوم ٿي ويندو. اوهان جي قبضي ۾ هڪ اهڙي قوت اچي ويندي جا بي بها آهي. دولت، طاقت ۽ عزت اهي سڀ ملي به ان جي قيمت ادا ڪري نه سگهندا. انهن اصولن تي عمل ڪرڻ سان توهان پنهنجي شخصيت جي تعمير ڪري سگهندا. اهڙي شخصيت جا ڪڏهن به اوهان کان جدا ٿي نه سگهندي.