مختلف موضوع

نـفسيات ۽ زنـدگي

محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پھريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نہ رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪھڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪھڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت مُنھن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. 

Title Cover of book نـفسيات ۽ زنـدگي

پنهنجو پاڻ سڃاڻ

زندگي چئن طريقن سان گذاري سگهجي ٿي. توهان کي چاهي احساس هجي يا نه هجي پر توهان انهن چئن طريقن مان ڪنهن هڪ کي منتخب ڪري چڪا آهيو. اهي چار طريقا هيٺيان آهن:
1. نارمل يعني عام رواجي
2. نيوراٽڪ يعني اهو جيڪو پنهنجي اندر سان وڙهندو رهي
3. سرڪش يعني اهو جيڪو ٻين سان وڙهندو رهي
4. مجنون يعني اهو جيڪو حقيقي دنيا جي بلڪل ابتڙ هجي.
اهي ئي چار سانچا آهن جن ۾ هر فرد جي زندگي سموئجي روان دوان رهي ٿي ليڪن انهن کي بلڪل عليحده عليحده ڪري نٿو سگهجي. ڪن به ٻن انسانن تي هڪ ئي محرڪ جو ساڳيو اثر يا ردعمل نٿو ٿئي. نفسياتي انتشار ۾ مبتلا انسان پڻ ڪڏهن ڪڏهن صحيح الدماغي جو ثبوت ڏين ٿا پر خاص حالتن ۾ هر فرد پنهنجي مخصوص طرز زندگيءَ جو اظهار ڪري ٿو. هيٺ هڪ چارٽ پيش ڪجي ٿو جنهن مان پنهنجي زندگيءَ جي نوعيت معلوم ڪري سگهجي ٿي پر ائين ڪرڻ کان اڳ ۾ چند حقيقتن کي ذهن نشين ڪرڻ ضروري آهي.
ڪو به شخص سؤ سيڪڙو نارمل نٿو ٿئي. جيڪڏهن توهان پنهنجي پاڻ کي گهڻو تڻو نارمل سمجهو ٿا ته قوي امڪان آهي ته اوهان پنهنجي زندگيءَ کان مطمئن رهندؤ. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته ڪي ڪم نيوراتي يعني نيوراٽڪ حالت ۾ وڌيڪ چڱيءَ طرح پورا ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ ڪري اسان سڀني ۾ نيوراتي ڪيفيات موجود آهن. جيڪڏهن توهان ۾ نيوراتي ڪيفيت حاوي آهي ته توهان کي نفسي تجزئي يا ڪنهن نفسيات جي ماهر ڊاڪٽر جي ضرورت آهي. ممڪن آهي ته توهان غير متوازن ۽ سرڪش شخصيت جون ڳالهيون معلوم ڪري ان وانگر عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏيو پر توهان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. اهڙي شخص جي دل ۾ ڪنهن به انسان جي محبت نٿي ٿئي. اهڙو شخص ڪڏهن به همه گيريت حاصل ڪري نه سگهندو. اهڙو شخص خطرناڪ کان خطرناڪ ڪم بغير ڪنهن خطري جي سرانجام ڏيئي سگهندو ڇو ته هو ڪنهن جي به پرواهه نٿو ڪري. پنهنجي هر خواهش کي هر قيمت تي پورو ڪرڻ چاهي ٿو. انهيءَ ڪري هو زندگيءَ جي قدم قدم تي گناهه ۽ ڏوهه ڪري ٿو. مجنون شخص هميشه خوابن جي دنيا ۾ رهي ٿو. حقيقتن جي موجودگيءَ جي احساس کان بي خبر، و ائين ئي زندگي گذاريندو رهي ٿو. هو ڇا ٿو ڪري ۽ ڇو ٿو ڪري؟ ان جو ڪو به منطقي سبب ٻڌائي نٿو سگهجي.
زندگيءَ ۾ قدم قدم تي مختلف حالتون ۽ واقعا رونما ٿيندا رهن ٿا. هاڻي ڏسو ته هڪ ئي موقعي تي هي الڳ الڳ چئن شخصيتن جا مالڪ ڇا ٿا ڪن.
پهرين صورتحال: پنهنجي دوست جي گهر پهچڻ تي غيرمتوقع طور ڪيترائي ڌاريا ماڻهو موجود آهن.
نارمل: انهن ڌارين ماڻهن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي ٿو ۽ انهن سان خوب ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو.
نيوراتي: ڊڄي ٿو ته هو سٺو اثر پيدا ڪري نه سگهندو، اهي ماڻهو هن کي پسند نه ڪندا، توڙي جو اڳيون تجربو هن کي ٻڌائي ٿو ته ڌارين ماڻهن هميشه يا گهڻو ڪري هن کي خوشيءَ سان قبول پئي ڪيو آهي.
سرڪش: خبردار ٿي وڃي ٿو ۽ انهن ڌارين ماڻهن کي متاثر ڪرڻ خاطر عجيب و غريب ڳالهيون ڪرڻ لڳي ٿو ۽ خود ئي پنهنجي ڳالهين کان غيرمطمئن رهي ٿو.
مجنون: ظاهر ۾ انهن ڌارين سان ملي جلي ٿو. ڳالهيون ڪري ٿو. پر هن لاءِ اهو سڀ ڪجهه خواب جي حالت ۾ ٿيندو رهي ٿو. جڏهن به هن جي دل چاهيندي بنا ڪنهن عذر ڏيڻ جي ڪمرو ڇڏي هليو ويندو.
ٻين صورتحال: ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي گهر ۾ يا ڪنهن هوٽل ۾ ڪو نئون کاڌو کائڻ لاءِ پيش ڪيو وڃي ٿو.
نارمل: پهريائين ته ڪجهه حجاب محسوس ڪندو پر پوءِ انهيءَ کاڌي ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ڏيندو.
نيوراتي: يا ته کائڻ کان انڪار ڪندو يا کائيندو ته ڊڄندو رهندو ته بيمار نه ٿي پوي.
سرڪش: بي حجاب ٿي کائيندو.
مجنون: هن کي يقين ٿي ويندو ته کيس زهر ڏنو ٿو وڃي. ڪو نه ڪو ضرور هن جي جان جو دشمن آهي.
ٽين صورتحال: ڪوئي واقفڪار رستي هلندي منهن ڦيري هليو ٿو وڃي.
نارمل: خيال نه ڪندو، موقعي ملڻ تي انهي تغافل جو سبب پڇي سگهي ٿو.
نيوراتي: انهيءَ ۾ پنهنجي ذلت محسوس ڪندو اندر ئي اندر پڄرندو رهندو. سمجهندو ته ضرور سندس ئي ڪجهه قصور آهي، ان ڪري پنهنجي پاڻ کي مجرم سمجهندو.
سرڪش: اهڙيءَ طرح منهن ڦيري هليو ويندڙ ماڻهوءَ سان وڙهي پوندو يا هن تي جک کائيندو رهندو.
مجنون: يا ته پرواهه ئي نه ڪندو يا انهيءَ بي پرواهيءَ جا پنهنجي منهن ڪي غير حقيقي سبب ڳوليندو.
چوٿين صورتحال: رستي ۾ ماڻهن جو هجوم آهي. ڪو شخص پٺيان ڌڪو ڏيئي اڳتي وڌي وڃي ٿو.
نارمل: ڪاوڙجي پوندو يا ته خود به ڌڪو ڏيئي اڳتي وڌي ويندو يا چوندو ته ٺهيو، في الحال ڇڏي ڏيوس.
نيوراتي: انهيءَ حرڪت کي برو ته سمجهندو پر ان جو اظهار نه ڪري سگهندو. جذبات جي شدت کان هن جي دل ڌڙڪندي رهندي.
سرڪش: ڌڪي ڏيندڙ ماڻهوءَ سان وڙهي پوندو ۽ قصو شايد مارڪُٽ تائين پهچي وڃي.
مجنون: هو پنهنجي ئي دنيا ۾ محو هوندو. هن کي انهيءَ غير مهذب حرڪت جو احسا ئي نه ٿيندو پر جيڪڏهن احساس ٿيندس ته به پنهنجي منهن بڪ بڪ ڪندو رهندو.
پنجين صورتحال: پنهنجي متعلق ذلت آميز راءِ زني پڙهي ٿو.
نارمل: يا ته نظر انداز ڪري ڇڏيندو يا اخبار جي ايڊيٽر کان حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ خط لکندو.
نيوراتي: اخبار تي بي عزتيءَ لاءِ مقدمو داخل ڪندو يا انهيءَ راءِ زنيءَ جي خلاف پنهنجي بچاءَ ۾ ماڻهن کي عجيب و غريب دليل ڏيندو رهندو.
سرڪش: فخر محسوس ڪندو ته هو اهڙي اهم حيثيت جو مالڪ آهي جو هن جي متعلق اخبارن ۾ راءِ زني ڪئي وڃي ٿي.
مجنون: انهيءَ راءِ زنيءَ کي اهڙي طرح پڙهندو ڄڻ ته اها سندس متعلق نه پر ڪهن ٻئي ماڻهوءَ جي متعلق آهي.
ڇهين صورتحال: ڪنهن سان لڙائي جهڳڙي جي نوبت آهي جنهن ۾ زندگيءَ کي خطرو آهي.
نارمل: ڊڄندو پر لڙائي قائم رکندو.
نيوراتي: هٿيار ڇڏي ڀڄي ويندو. خوف ۾ هن جا حواس خطا ٿي ويندا يا حماقت آميز لڙائي جاري رکندو.
سرڪش: ٻيءَ ڌر کي ماري وجهندو پر ڪجهه به محسوس نه ڪندو.
مجنون: بي هوش ٿي ويندو.
ستين صورتحال: ڪنهن کي رستي تي قتل ٿيندو ڏسجي ٿو.
نارمل: صدمو پهچيس ٿو پر ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. مدد ڪري ٿو يا پوليس کي اطلاع ڏئي ٿو.
نيوراتي: هن جي دل نهايت پريشان ٿئي ٿي. ڪڏهن ته الٽي اچي ويندس يا ته وري عمر ڀر پنهنجي پاڻ کي مجرم سمجهندو رهندو.
سرڪش: ماڻهن جو هجوم ڏسي انهن جا کيسا ڪٽڻ شروع ڪري ڏيندو. ٿي سگهي ٿو ته خود مقتول جي کيسن جي تلاشي وٺي.
مجنون: قتل ٿيندو ڏسندو رهندو ڄڻ ته ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي.
اٺين صورتحال: ڪو ماڻهو پستول ڏيکاري ڦرلُٽ ڪري ٿو:
نارمل: خوف زده ٿي وڃي ٿو پر جلد ئي پوليس ۾ رپورٽ داخل ڪري ٿو.
نيوراتي: خوفزده ٿي وڃي ٿو ۽ ڪجهه به نٿو ڪري، ڊڄندو رهي ٿو ته اهڙو واقعو وري نه ٿي پوي.
سرڪش: ڊاڪو کي چڪمو ڏيئي ڀڄي وڃي ٿو.
مجنون: ڊڄي سڀ ڪجهه لٽائي وِهي ٿو يا حماقت آميز مداخلت ڪري ٿو.
نائين صورتحال: واپار ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويهي ٿو.
نارمل: افسوس ڪري ٿو ۽ جلد ئي ماڻهن کان قرض وغيره وٺي ڌنڌو شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
نيوراتي: ڪنهن ٻئي شخص کان پنهنجين مشڪلاتن جو حل چاهي ٿو.
سرڪش: چوريءَ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو.
مجنون: صبر ڪري ويهي ٿو رهي. ڪا به جدوجهد نٿو ڪري.
ڏهين صورتحال: سڄي ڏينهن جي مصروفيت کان پوءِ بستري ڀيڙو ٿئي ٿو.
نارمل: پڙهندو رهي ٿو. گهرواريءَ سان ڳالهيون ڪري ٿو. گذريل ڏينهن جي مسئلن تي ڪجهه دير سوچي ٿو ۽ سمهي ٿو رهي.
نيوراتي: ڪلاڪن جا ڪلاڪ پسار ڪندو رهي ٿو، پنهنجي پاڻ تي لعنتون وجهي ٿو ۽ سڄي ڏينهن جي غلطين تي پڇتائيندو رهي ٿو.
سرڪش: آرام سان سمهي پوي ٿو. ڄڻ ته ڏينهن جو ڪا به خاص ڳالهه ڪا نه ٿي.
مجنون: ننڊ ڏياريندڙ گوريون کائي سمهي پوي ٿو يا هن کي ڏينهن جي مسئلن جو خيال ئي نٿو اچي.
يارهين صورتحال: جنسي تسڪين جو موقعو ملي ٿو.
نارمل: پنهنجي گهرواريءَ جي جسماني ۽ ذهني تسڪين جو خيال رکي ٿو.
نيوراتي: ڪڏهن گرمجوشي ۽ ڪڏهن سرد مهريءَ جو مظاهرو ڪري ٿو.
سرڪش: ڪٿان به تسڪين حاصل نٿو ڪري.
مجنون: جذبات جي وهڪري ۾ وهندو رهي ٿو.
ٻارهين صورتحال: موت جو خيال اچي ٿو.
نارمل: موت جي خيال کان زندگيءَ مان لطف حاصل ڪرڻ نٿو وساري.
نيوراتي: هر وقت ڊڄندو رهي ٿو ته ڪو هاڃيڪار مرض هن جي موت جو ڪارڻ ٿيندو. يا ڪو نه ڪو اهڙو واقعو رونما ٿيندو جو هن جي موت جو سبب بڻبو يا ڪو ماڻهو هن کي زهر ڏيئي ماريندو.
سرڪش: هو سمجهي ٿو ته ڪير به هن کي ماري نه سگهندو.
مجنون: پنهنجي پاڻ کي غيرفاني سمجهي ٿو. هو مردن سان ڳالهيون ڪندو رهي ٿو يا خود ڪشي ڪري ٿو.