متضاد جذبا
ٿورن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته جيئن مان پنهنجي اسپتال ۾ پهتس ته ميز تي هڪ شاديءَ جو دعوت نامو پيل ڏٺم. ان سان گڏ هڪ خط پڻ هو جنهن ۾ لکيل هو ته:
”توهان جيڪڏهن منهنجي مدد نه ڪيو ها ته شايد شاديءَ جي دعوت نامن تقسيم ڪرڻ جي نوبت ئي نه اچي ها.“
خط پڙهندئي مون کي اهو ڏينهن ياد اچي ويو جڏهن هوءَ نهايت پريشان حالت ۾ مون وٽ آئي هئي. رسمي گفتگوءَ بعد چوڻ لڳي ته مان پنهنجي ماءُ کان تنگ ٿي چڪي آهيان، هوءَ منهنجيءَ هر ڪنهن ڳالهه ۾ دخل اندازي ڪري ٿي ۽ ڳالهه ڳالهه تي مون کي ٽوڪي ٿي ۽ هر وقت نصيحت ڪندي رهي ٿي. مان هن جي نصيحتن کان بيزار آهيان... مون کي هن جي نصيحتن جي ڪا به ضرورت ڪا نه آهي... ڪئين دفعا دل ۾ آيو اٿم ته جڏهن هوءَ نصيحت ڪري ته مان زارو زار رئان... ايترو رئان جو منهنجي آهه ۽ زاري هن جي نصيحتن جو خاتمو ڪري ڇڏي.... تڏهن الائي ڇو مون کي خيال ٿئي ٿو ته هوءَ جو ڪجهه چاهي ٿي منهنجي ڀلائيءَ جي خاطر چاهي ٿي، هوءَ جو ڪجهه منهنجي لاءِ بهتر سمجهي ٿي انهيءَ تي ئي زور ڏئي ٿي. پر مان هن جي ڳالهين تي عمل ڪري نٿي سگهان، منهنجي برداشت جواب ڏئي چڪي آهي... هاڻي ته مون ۾ هن جي ڳالهين ٻڌڻ جي طاقت ئي نه رهي آهي.
هوءَ چوندي رهي ۽ پنهنجي دل جو غبار ڪڍندي رهي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي ماءُ جي رويي کي پڻ صحيح ثابت ڪندي رهي. هڪ ڪلاڪ جي لڳاتار گفتگوءَ بعد هن جملي تي خاموش ٿي ته جيڪڏهن مان پاڻ پنهنجي ماءُ جي جڳهه تي هجان ها ته اهو ئي ڪجهه ڪريان ها جيڪو هوءَ منهنجي خاطر ڪري رهي آهي.. تڏهن به مون کي هن جي ڳالهين، هن جي نصيحت ۽ هن جي روڪ ٽوڪ کان نفرت آهي.
مان سمورو وقت خاموش رهيس. هو هلي ويئي ۽ وري ڪيترائي دفعا آئي. هڪڙي دفعي چوڻ لڳي ته ”مان هر وقت پنهنجي ماءُ جي متعلق سوچيندي رهان ٿي، منهنجي خيال ۾ انهيءَ سموري جهڳڙي جو بنياد خود منهنجي ذات آهي. پنهنجيءَ ماءُ کي ڏسڻ سان مون ۾ ٻه جذبا پيدا ٿين ٿا. هڪڙي ڪري مان پنهنجي ماءُ کي پسند ڪريان ٿي ۽ ٻئي جي ڪري منهنجيءَ دل ۾ هن لاءِ نفرت پيدا ٿئي ٿي. انهي ڀيري گفتگوءَ دوران هن کي خودبخود سمجهه ۾ اچي ويو ته پنهنجي ماءُ جي ڪن ڳالهين کان هوءَ بيزار هئي ۽ انهيءَ جي ڪري ئي هن کي پنهنجي ماءُ جي وجود کان نفرت هئي، انهيءَ ڳالهه جو احساس ئي هن جي مشڪلات جو حل هو. هوءَ جلد ئي پنهنجي هر وقت جي پريشانيءَ کان نجات حاصل ڪري ويئي.
انهيءَ ڇوڪريءَ وانگر ڪيترائي مريض هيءُ ٻڌي حيران ٿي وڃن ٿا ته هڪ ئي انسان هڪ ئي واقعي ۽ هڪ ئي ڳالهه کي ٻن نقطه نگاهن سان ڏسي سگهي ٿو ۽ اهي ئي ٻه رخا جذبا هنن جي سموري ڪشمڪش دوران پس منظر ۾ موجود رهن ٿا. اهڙن جذبن مان هڪ ئي وقت محبت ۽ نفرت، ڪشش ۽ بيزاري پيدا ٿئي ٿي ۽ انسان انهن ٻنهي متضاد جذبن جي وچ ۾ ششدر رهجي وڃي ٿو.
محبت ۽ ڪشش قربت چاهي ٿي پر نفرت ۽ بيزاري انهيءَ قربت جي مخالفت ڪري ٿي. انسان انهيءَ مخصوص فرد يا چيز کان فرار به حاصل نٿو ڪري سگهي. انهن ٻنهي متضاد جذبن مان جڏهن هڪڙو ٻئي کان زور وٺي وڃي ٿو، تڏهن ئي انسان جي ذهن ۾ پيدا ٿيل ڪشمڪش جو خاتمو ٿئي ٿو. تڏهن ئي انسان انهيءَ مخصوص فرد يا شيءِ جي بلڪل نزديڪ اچي ان جي قربت حاصل ڪري ٿو يا وري هميشه هميشه لاءِ هن کان منهن موڙي ڇڏي ٿو.
انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ هيٺين مثال تي غور فرمايو: منهنجي هڪ دوست جو ڇوڪرو جڏهن مئٽرڪ ۾ پڙهندو هو تڏهن پاڙي ۾ رهندڙ هڪ ساڳي عمر واري ڇوڪريءَ سان گڏ گهمڻ ڦرڻ ويندو هو. ڇوڪري جي پيءُ کي موٽر هئي پر نينگر کي انهيءَ موٽر استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هئي پر ڇوڪريءَ کي پنهنجي مائٽن جي طرفان موٽر استعمال ڪرڻ جي اجازت هئي، ان ڪري هو ڇوڪريءَ جي مائٽن جي موٽر ۾ سير ڪرڻ ويندا هئا جا ڳالهه نينگر کي ڏکي لڳندي هئي پر جيئن ته ڇوڪري نهايت حسين هئي، انهيءَ ڪري ان ناگواريءَ جي باوجود به ڇوڪرو ان سان ملڻ ترڪ ڪري نه سگهيو. ڇوڪرو جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو ته ڇوڪريءَ سان گڏ ٻاهر گهمڻ لاءِ وڃڻ کان نٽائڻ لڳو. ليڪن هن کي انهي نٽائڻ جو سبب سمجهه ۾ نه ٿي آيو. هڪڙي طرف هوءَ حسين ڇوڪري هئي جا هن کي پسند هئي ۽ ٻئي طرف هي سمجهه ۾ نه ايندڙ حجاب.... آخرڪار هن انهيءَ ڇوڪريءَ سان ملڻ ترڪ ڪري ڇڏيو. اڄ هن جي ٻيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ٿي چڪي آهي پر اڃا به هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته هن ڪهڙي سبب ڪري انهيءَ ڇوڪريءَ کان نٽايو ٿي.
مٿئين مثال ۾ توهان ٻه متضاد رويا محسوس ڪري سگهندا. شروعات ۾ ڇوڪريءَ جي حسن ۽ ڪشش کان مجبور ٿي نينگر ان سان گڏ سير ڪندو رهيو. ڪشش هن جي گهٻراهٽ کي زياده اڀرڻ نه ڏنو. ان بعد هڪ اهڙو وقت آيو جڏهن ڪشش ۽ بيزاري هم طاقت ٿي ويون. آخرڪار هن انهيءَ ڪشمڪش کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ڇڏي ڏنو. هن مثال مان اهو پڻ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته متضاد جذبن جو ذهني زندگيءَ تي ڪهڙو اثر ٿئي ٿو. اُهو ڇوڪرو هڪ مضبوط شخصيت جو مالڪ هو ان ڪري هو جلد ئي ان ڪشمڪش تي قادر پئجي ويو، جيڪڏهن هن جي جاءِ تي هڪ ڪمزور شخصيت جو فرد هجي ها ته زندگيءَ ڀر انهيءَ ڪشمڪش کان نجات حاصل نه ڪري سگهي ها.
هڪ ٻيو مثال پيش ڪجي ٿو. هڪ 23 سالن جي ڇوڪريءَ هن طرح ٻڌايو ته ”ڪاش! مان معاملات کي اهڙيءَ طرح جاري رکي سگهان ها.... مون کي معلوم هو ته مان سماج سان بغاوت نه ڪندس ۽ انهيءَ جي قانون ۽ رسم رواج جي پابندي ڪندس.... مگر اهو منهنجي لاءِ ممڪن نه هو.
مان چاهيان ٿي ته ماڻهن سان ملان جلان، انهن ۾ هر دل عزيز ٿيان پر جيئن ئي مان ڪنهن به محفل ۾ پهچان ٿي ته مون کي نه معلوم ڇا ٿي وڃي ٿو. صرف اهو ئي نه پر جڏهن روزانو ڪاليج وڃان ٿي ته پنهنجي پاڻ کي بار بار سمجهايان ٿي ته اڄوڪو ڏينهن چڱيءَ طرح گذاربو ۽ مان سمورو وقت ڪلاس ۾ رهنديس مگر جيئن ئي ڪاليج ۾ داخل ٿيان ٿي ته دل چاهي ٿي ته ڪاليج مان ڀڄي نڪرجي. مون کي اهو پڻ احساس آهي ته مون کي تعليم مڪمل ڪرڻي آهي... مگر مون کي ڪاليج کان ۽ تعليم کان نفرت آهي....
هڪ ڇوڪرو آهي جو مون کي تمام گهڻو چاهي ٿو، هو مون سان گڏ گهمڻ ڦرڻ چاهي ٿو ۽ مان پڻ هن کي پسند ڪريان ٿي، مگر هو مون کان هڪ سال ننڍو آهي. سوچيان ٿي ته ماڻهو ڇا چوندا. ان سان گڏوگڏ اهو پڻ احساس اٿم ته ماڻهن کي جو وڻي سو سوچين، اسان کي ڇا آهي؟
مان ته هن سان گڏ اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ پسند ڪريان ٿي... مان هن سان شادي ڪرڻ پسند ڪريان ٿي پر وري خيال ٿي ڪريان ته شاديءَ متعلق سوچڻ جو مون کي ڪهڙو حق آهي... مان هن سان تعلقات به قائم ڪري نٿي سگهان ۽ نه وري هن کي ڇڏي سگهان ٿي. قدم کڻڻ کان اڳ ۾ ئي منهنجي لاءِ رستا بند ٿي وڃن ٿا، پرواز کان اڳ ۾ ئي مان محسوس ٿي ڪريان ته منهنجا پر ڪٽيل آهن... ڪاش! مان ڪوئي فيصلو ڪري سگهان. مان جڏهن به ڪنهن فيصلي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي عين انهيءَ وقت مون کي اهو خيال اچي ٿو ته ڇا منهنجي لاءِ اهو رستو مناسب ٿيندو؟
اهو چوندي چوندي هوءَ پنهنجي جذبات کان ايترو ته مغلوب ٿي چڪي هئي جو آواز هن جو ساٿ ڏيئي نه سگهيو. هوءَ ڏهه منٽ کن خاموش ويٺي رهي ۽ پوءِ هلي ويئي. هوءَ ان بعد پڻ ايندي رهي ۽ ڪيترن ئي مهينن بعد هن ۾ نئين عزم ۽ نئين ارادي سان نئين قدم کڻڻ جي طاقت پيدا ٿي سگهي. گهڻو توجهه هن جي بنيادي سبب يعني متضاد جذبن کي معلوم ڪرڻ ۾ صرف ڪيو ويو. هن جي بيان مان چڱيءَ طرح معلوم ٿي سگهي ٿو ته هوءَ ڇوڪري محبت ۽ نفرت جي ٻه واٽي تي بيٺل هئي.
اهڙن متضاد جذبن جي شروعات ڪهڙيءَ طرح ٿئي ٿي؟ انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ اسان کي ٻن ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو. پهرين هي ته هر انسان جي فطري خواهش آهي ته هر ڪهن فرد، واقعي يا چيز تي سٺي يا خراب هئڻ جو ليبل لڳائي. ڪجهه ڳالهيون سٺيون آهن ته ڪجهه خراب. ان کان علاوه هيءَ پڻ حقيقت آهي ته سٺي ۽ خراب ۾ تميز ڪرڻ آسان ڳالهه نه آهي. هر چيز يا هر انسان نه سڄو سٺو ۽ نه سڄو خراب ٿي سگهي ٿو، بلڪه ٻنهي جي ميلاپ سان ان جو وجود قائم آهي. انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ لاءِ هيٺين مثال تي غور ڪريو:
منهنجو هڪ دوست آهي جو نهايت رحمدل انسان، سٺو دوست، بهترين مڙس ۽ اولاد تي ڄڻ ته مفتون آهي پر ان سان گڏوگڏ هو ايماندار نه آهي. هاڻي ٻڌايو ته توهان هن کي ڇا چوندا؟ چڱو يا برو؟ مان هن جي رحمدليءَ ۽ انسانيت جي طرف ڪشش محسوس ڪريان ٿو مگر هن جي بي ايمانيءَ جي ڪري نفرت ڪريان ٿو.
يا منهنجي هڪ ٻئي دوست جو مثال وٺو: هو هڪ ننڍي ڪارخاني جو مالڪ آهي. مزدورن کي ماريندو آهي، هنن کي گاريون ڏيندوآهي ۽ ساڻن برو سلوڪ ڪندو آهي مگر هو مزدورن کي سڀني کان گهڻي مزدوري ڏيندو آهي. جيڪڏهن ڪو مزدور بيمار ٿي پوندو آهي ته هن کي علاج لاءِ پئسا ڏيندو آهي. مزدورن جي ٻارن کي تعليم ڏياريندو آهي ۽ انهن جو خرچ پاڻ ڀريندو آهي. هاڻي توهان منهنجي انهيءَ دوست کي ڇا ڪوٺيندا؟ برو يا چڱو؟
ڄاڻايل مثالن مان توهان اندازو لڳائي ورتو هوندو ته اسان هر ڪنهن شيءِ کي هميشه لاءِ سٺي يا هميشه لاءِ خراب جي عنوانن هيٺ ورهائي نٿا سگهون. روزمره جي زندگيءَ ۾ جن به شين، ڳالهين يا واقعن سان واسطو پوي ٿو، انهن جي سبب معلوم ٿيڻ شرط ئي انهن جو خاطر خواهه علاج ٿي وڃي ٿو.
هاڻي سوال هيءُ آهي ته توهان کي ڪيئن خبر پوي ته اوهان متضاد جذبن جي جڪڙن ۾ ڦاٿل آهيو. اهو معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻ کان هيءَ سوال پڇو ته ڇا مان هن فرد يا هن معاملي جي سلسلي ۾ متضاد جذبن ۾ ته ڦاٿل نه آهيان؟يعني ته انهيءَ فرد يا معاملي متعلق منهنجي ذهن ۾ گڏوگڏ ٻه جذبا هڪ طرف محبت ۽ ڪشش ۽ ٻئي طرف نفرت ۽ بيزاريءَ جا پيدا ٿي رهيا آهن ڇا؟ مثال طور منهنجي ڪاليج ۾ هڪ ڇوڪرو هو جو هڪ ڇوڪريءَ تي ديوانو هو پر جڏهن به هو ان جي قريب آيو ته هن کي بيزاري ۽ هڪ قسم جي نفرت محسوس ٿي. مون هن کي صلاح ڏني ته پنهنجي پاڻ کان اهو سوال پڇي. ائين ڪرڻ سان هن کي معلوم ٿيو ته انهي ڇوڪريءَ ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون هيون جن کي هن جو شعور ته نظرانداز ڪري سگهيو ٿي پر لاشعور برداشت ڪري نٿي سگهيو. ان ڪري ڪشمڪش شروع ٿي ويئي ۽ ۽ اها ان وقت ختم ٿي جڏهن انهيءَ نوجوان انهيءَ ڇوڪريءَ سان ملڻ جلڻ ڇڏي ڏنو.
هاڻي توهان ڏٺو ته ڪشمڪش جي ابتدا لاشعور کان ٿئي ٿي. ان ڪري جيڪڏهن پوري حالت جي هر گوشي جو جائزو ورتو وڃي ته اها ڪشمڪش خودبخود ختم ٿي ويندي. اوهان کي معلوم ڪرڻ گهرجي ته اها ڪهڙي چيز آهي جا انهن متضاد جذبن جي بنياد جو ڪم ڏيئي رهي آهي. ان بعد پنهنجي پاڻ کان هي سوال پڇو ته ڪهڙي رستي اختيار ڪرڻ سان انهيءَ ڪشمڪش کان نجات حاصل ڪري سگهبي؟