مختلف موضوع

نـفسيات ۽ زنـدگي

محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پھريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نہ رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪھڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪھڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت مُنھن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. 

Title Cover of book نـفسيات ۽ زنـدگي

لاشعور ۽ شخصيت جي تعمير

ائين هرگز نه آهي ته ڪو لاشعور صرف اسان جي خرابين جي جڙ آهي ۽ اهو ئي اسان کي براين طرف مائل ڪري ٿو ۽ نيڪين کان دور ڪري ٿو ۽ اسان جي شخصيت جي تعمير ۾ اٽڪاءُ آهي. لاشعور جي بي پناهه قوتن کي تعميري راهن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ان جي مدد سان زندگيءَ جي بلندين تي پهچي سگهجي ٿو.
نفسياتي تجربن مان خبر پوي ٿي ته اسان سڀني کي ڪيتريون ئي صلاحيتون پوشيده آهن جن جي اسان کي معلومات نه آهي. اسان مان ڪو به اهڙو ڪو نه آهي جو پنهنجي سڀني صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ۽ انهن مان فائدو وٺي. اسان جون ڪاميابيون برابر قابل داد آهن پر اڃا به ڪي بلنديون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. جيڪڏهن پنهنجي لڪل خداداد صلاحيتن کان ڪم وٺجي ته اها ڳالهه هاڻي لڪل ڪا نه آهي ته جنهن شخص کي پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو آهي ۽ انهيءَ اعتماد سان هو مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٿو ته هن جي جسماني قوت پڻ تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي. جڏهن اسان کي پنهنجي قوت تي يقين ٿو ٿئي ته اسان زياده وزني بار کڻي سگهون ٿا. وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور دشمن کي گرفت ۾ آڻي سگهون ٿا. روزمره جي زندگيءَ ۾ اهڙا موقعا گهٽ ملن ٿا جن مان اسان کي پنهنجي لڪل قوتن جو اندازو ٿئي. بهرحال ڪيتري ئي اسان جي طاقت لڪل رهي ٿي جنهن کي اسان استعمال نٿا ڪريون، ڇو ته اسان کي ان جي ڄاڻ ئي نٿي رهي.
جسماني طاقت وانگر اسان جي اکين ۾ ڏسڻ جي طاقت، ڪنن ۾ ٻڌڻ جي طاقت ۽ چمڙي ۾ ڇهڻ جي طاقت به عام طرح ڪم ايندڙ قوت کان گهڻو وڌيڪ آهي پر اسان کي ان جو اندازو ئي نٿو رهي. هڪ نابينا ماڻهوءَ جو مثال وٺو: هن جي ڇهڻ جي طاقت ڪيتري نه حيرت انگيز آهي. حقيقت ۾ اسان سڀني ۾ پڻ ايتري ئي ڇهڻ جي طاقت آهي پر اسان اُن کي ايتري ترقي نٿا ڏيون. ذهني صلاحيتن جي پڻ اهڙي حالت آهي پر افسوس جو اسان جي هستيءَ جو هڪ وڏو حصو ستل ئي رهجي وڃي ٿو، ان کي بيدار ٿيڻ جو موقعو ئي نٿو ملي. خيال ڪريو ته جيڪڏهن اسان پنهنجين سڀني صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيون ته اسان ڇا نه ٿي پئون؟
هي ڪي اجايون ڳالهيون يا ٺلهيون دعوائون نه آهن پر سراسر حقيقت آهي. ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ڪو انسان پنهنجي تعريف ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏي. جنهن شخص کي پنهنجي قوتن تي ڀروسو هوندو اهي سو وڏي واڪ سان دعوائون نه ڪندو آهي پر عمل ڪري ڏيکاريندو آهي. وڏيون وڏيون ڊاڙون ۽ اجايون ڳالهيون ته اهو ماڻهو ڪندو آهي جنهن کي لاشعوري طرح پنهنجو پاڻ تي اعتماد نه هوندو آهي ۽ صرف پاڻ کي وڏو ثابت ڪرڻ لاءِ وڏيون ڳالهيون ڪندو آهي.
شايد انهن ماڻهن جو تعداد گهڻو آهي جيڪي پنهنجو پاڻ تي ڀروسو نٿا رکن. جن کي پنهنجين صلاحيتن کي آزمائڻ جي همٿ نه آهي، اهي بلندين جي تصور ڪرڻ ۾ هٻڪائين ٿا، ڇو ته هنن تي ناڪاميءَ جو خوف غالب رهي ٿو. اهڙن ئي ماڻهن لاءِ نفسيات خود اعتماديءَ جو پيغام کڻي آئي آهي ۽ کين ٻڌائي ٿي ته منجهن ڪيتريون ئي اهڙيون لڪل طاقتون آهن جن کان هو بي خبر آهن ۽ انهن مان فائدي وٺڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا. هو سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا. صرف همت جي ضرورت آهي.
هاڻي سوال اهو آهي ته ڪهڙي طرح پنهنجي بي پناهه قوتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ انهن مان فائدو وٺي سگهجي ٿو. ان لاءِ صرف ٽن ڳالهين جي ضرورت آهي: سرگرمي، اعتماد ۽ بصيرت.
سرگرميءَ مان مراد آهي اهو جوش، ولولو ۽ دلچسپي جنهن جي ڪري اسان جي قوتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملي ٿو. هي اها طاقت آهي جا اسان کي تيستائين آرام سان ويهڻ نٿي ڏئي جيستائين اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نٿا ٿيون. سرگرمي ڪنهن خاص چيز کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي دل ۾ ان لاءِ محبت جو جذبو پيدا ڪري ٿي. محبت جي جذبي ۾ جيڪا طاقت آهي تنهن کان ڪير واقف نه آهي. هڪڙي ماءُ پنهنجي ٻار جي محبت ۾ ڪيتري همت، صبر ۽ تحمل جو جو مظاهرو ڪري ٿي. هڪ مجاهد پنهنجي وطن ۽ مذهب جي محبت ۾ پنهنجي جان جي بازي لڳائي ڇڏي ٿو. اسان سڀ محبت جي خاطر اهو ڪجهه ڪري سگهون ٿا جنهن جو هونءَ تصور به نٿو ڪري سگهجي. اعتماد اهو ڀروسو آهي جيڪو اسان کي پنهنجي حقيقي قوتن تي هوندو آهي ۽ اسان ان جي مدد سان پنهنجا فرض ادا ڪريون ٿا. اهڙو يقين محڪم جو هر قسم جون رڪاوٽون ختم ڪري سگهي ٿو، اسان ۾ بهادري ۽ بلند اخلاقي پيدا ڪري ٿو ۽ شخصيت جي بنائڻ ۾ اسان جي مدد ڪري ٿو. ان جي ئي مدد سان اسان فيصلو ڪريون ٿا ته زندگيءَ کي بامقصد بنائينداسون، خود به زندهه رهنداسون ۽ ٻين کي پڻ زندهه رهڻ جو موقعو ڏينداسون، ڇو ته زندگي صرف ساهه جي اچڻ ۽ وڃڻ جو نالو نه آهي، زندگي ان کان گهڻي بلند آهي.
بصيرت مان مراد آهي اهو مثالي زندگيءَ جو خاڪو جو اسان پنهنجي سامهون رکون ٿا ۽ جو اسان پاڻ ۾ پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا. در حقيقت اسان جي منزل هميشه اسان جي سامهون هئڻ گهرجي. جو ڪجهه اسان حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪي وصفون اسان پنهنجي پاڻ ۾ پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، تن کي هڪ گهڙي به وسارڻ نه گهرجي. سرگرمي، اعتماد ۽ بصيرت ٽيئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم جي حيثيت رکن ٿا.
هاڻي ڏسڻو آهي ته اسان پنهنجي لاشعور جي بي پناهه قوتن کي ڪهڙي نموني سان بلند ۽ اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا. اهڙي طريقي کي جنهن سان اهو مطلب حاصل ٿي سگهي تنهن کي خود تاثري (Auto suggestion) چئجي ٿو.
نفسياتي تجربن ثابت ڪيو آهي ته جيڪي خيالات لاشعور ۾ وڃي گهر ڪري ويهن ٿا سي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور پاڻ کي ظاهر ڪن ٿا. جهڙي طرح ننڍپڻ جا تجربا ڪڏهن نه ڪڏهن اسان تي پنهنجو اثر وجهن ٿا، تهڙيءَ طرح نوان خيالات پڻ اثر انداز ٿي سگهن ٿا شرط اهو آهي ته اهي خيال صحيح طرح لاشعور ۾ جاءِ وٺن.
مثال طور هڪ ڇوڪري آهي جا ڏندن سان پنهنجا ننهن ڪٽيندي رهي ٿي. ان کان اها عادت ڪيئن ڇڏائي سگهجي ٿي. پهريائين ته هن کي شعوري قدم کڻن گهرجن. هن کي پنهنجي پاڻ کي چوڻ گهرجي ته اها ڪيتري نه خراب عادت آهي جنهن کي هرڪو ماڻهو خراب سمجهي ٿو، ان ڪري هن کي اها عادت ڇڏي ڏيڻ گهرجي هن کي پنهنجي آڱرين ۽ ننهن ڏي ڏسڻ گهرجي ۽ سوچڻ گهرجي ته ننهن ۾ ڪيتري نه مٽي ڀريل هوندي آهي. جڏهن هوءَ ننهن چٻاڙيندي هوندي ته اها مٽي سندس وات ۾ هلي ويندي هوندي ان ڪري هن کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هوءَ اها عادت ڇڏي ڏيندي. ان بعد هن کي سوچڻ گهرجي ته هوءَ اها عادت ڇڏي چڪي آهي، ان ڪري هوءَ ڪيترو نه پاڪ صاف رهڻ لڳي آهي. ان ڪري سڀيئي ماڻهو هن کي پسند ڪن ٿا ۽ هوءَ خود پاڻ کي پسند ڪرڻ لڳي آهي. ان بعد هن کي يقين ڪرڻ گهرجي ته هوءَ انهي عادت کي ڇڏي سگهندي ۽ ڇڏي چڪي آهي.
جيڪڏهن ان هوندي به هوءَ انهيءَ خراب عادت کان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهي ته سمجهڻ گهرجي ته لاشعوري طرح هوءَ انهيءَ عادت مان لذت حاصل ڪري ٿي، ان ڪري کيس انهيءَ عادت کي ڇڏڻ لاءِ خود تاثريءَ کان مدد وٺڻ گهرجي خود تاثريءَ جو مطلب آهي پنهنجي پاڻ کي صلاح ڏيڻ سان پنهنجي پاڻ تي اثر انداز ٿيڻ. انهيءَ ڇوڪريءَ کي گهرجي ته رات جو سمهڻ وقت جڏهن هن جي اکين ۾ ننڊ ڀرجي اچي تڏهن دل ۾ هيٺيان جملا پندرهن ويهه ڀيرا دهرائي ته ”هاڻي مان ننهن کي ڏندن سان ڪان ڪاٽيندي آهيان، منهنجي اها عادت هاڻي ختم ٿيندي ٿي وڃي، ان ڪري منهنجا ننهن وڃن ٿا خوبصورت ٿيندا.“ اهڙا جملا ننڊ جي غنودگيءَ ۾ ادا ڪجن جيئن انهن جي ادا ڪندي ڪندي ماڻهوءَ کي ننڊ اچي وڃي ته پاڻ وڌيڪ بهتر، ڇو نه اهڙي وقت لاشعور اثر وٺڻ لاءِ وڌيڪ تيار رهي ٿو.
هيءُ آهي خودتاثريءَ جو ذريعو جنهن جي مدد سان اهڙن قسمن جي هزار عادتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڪيترن ئي انسانن اهڙي طرح منفي عادتن کي ڇڏي پنهنجي زندگيءَ ۾ نوان رنگ ڀرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جڏهن شعور ۽ لاشعور جون طاقتون جمع ٿي ڪنهن به مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪن ٿيون ته يقين رکو ته دنيا جي ڪا به قوت انهن جي ڪاميابي روڪي نٿي سگهي.