مختلف موضوع

نـفسيات ۽ زنـدگي

محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پھريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نہ رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪھڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪھڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت مُنھن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. 

Title Cover of book نـفسيات ۽ زنـدگي

لاشعور

انسان جي ذهني زندگي صرف شعوري عملن تي ختم نٿي ٿئي، اسان کي شعور سان گڏ هڪ لاشعور پڻ آهي جو اسان جي ذهني زندگيءَ کي وڌيڪ رنگين بڻائيندو رهيو آهي. لاشعور جو سڀ کان پهريائين سگمنڊ فرائڊ ذڪر ڪيو ۽ ان جي معلوم ٿيڻ کان پوءِ نفسيات گذريل عرصي دوران ۾ مختلف پهلو پئي بدلايا آهن.
ڪي ماڻهو لاشعور کي ٻئي دماغ جي نالي سان ياد ڪن ٿا پر اهو درست نه آهي. شعور ۽ لاشعور هڪڙي ئي دماغ جا ٻه حصا آهن. لاشعور ۾ گذريل واقعا ۽ يادون محفوظ رهن ٿيون. اهڙي طرح اهڙا سڀ خيال ۽ نقش جيڪي شعور ۾ موجود نه آهن سي وڃي ٿا لاشعور ۾ گهر ڪري ويهن.
ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن جي اسان ٿورڙي ئي ڪوشش سان ياد ڪري سگهون ٿا. مثال طور اسان هي ٻڌائي سگهون ٿا ته اسان رات جي مانيءَ ۾ ڪهڙا طعام کاڌا هئا پر ڪيتريون ئي ياديون لاشعور جي اهڙين گهراين ۾ هليون وڃن ٿيون جيڪي آسانيءَ سان شعوري سطح تي نٿيون اچي سگهن. جيئن ته اسان اها ڳالهه نه ٻڌائي سگهنداسون ته ٻن ورهين جي عمر ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا هئاسون ۽ ڪهڙيون رانديون کيڏندا هئاسون. انهن سڀني جون ياديون ته لاشعور ۾ محفوط آهن. جيڪي تجربا اسان ڪندا رهون ٿا تن جا نقش موجود رهن ٿا. اسين انهن جا اثر قبول ڪندا رهون ٿا پر اهي پاڻ لاشعور جي اهڙن گوشن ۾ لڪل رهن ٿا جو اسان پنهنجي مرضيءَ مطابق انهن کي ياد ڪري نٿا سگهون.
ننڍپڻ ۾ اسان سڀني کي خوشيءَ جي ۽ صرف خوشيءَ جي تلاش رهي ٿي. اسين سڀ آرام، بي فڪري ۽ غير ذميداريءَ جي زندگي گذارڻ چاهيون ٿا. ٻار ته صرف ائين چاهي ٿو ته هن سان اهي ڳالهيون ڪيون وڃن جن مان هن کي خوشي ٿئي، هو دنيا جي هر چيز کي پنهنجي خواهشن جو رنگ ڏيندو رهي ٿو ڇو ته هو حقيقت کان بي خبر ۽ نا آشنا آهي. پر جيئن جيئن انسان وڏو ٿيندو وڃي ٿو تيئن تيئن حقيقتن کان واقف ٿيندو ٿو وڃي. هاڻي هن جون خواهشون صرف تن آسانيءَ ۽ مسرت تائين محدود نه ٿيون رهن پر هو تڪليف برداشت ڪرڻ ۽ قربانين ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندو ٿو وڃي. پنهنجي اصولن خاطر هو مصيبتون برداشت ڪري ٿو ۽ ٻين جي خاطر پنهنجين خواهشن ۽ آرزوئن جو خون ڪندو رهي ٿو. هاڻي هو دنيا کي پنهنجي خواهشن جي رنگين پردن پٺيان لڪي نٿو ڏسي پر دنيا کي ان جي حقيقي رنگ ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح حقيقت کي ڪوڙ تي فتح حاصل ٿئي ٿي.
ليڪن بقول فرائڊ مسرت ۽ خوشيءَ جي خواهش ڪا انسان مان بلڪل ختم ٿي نٿي وڃي پر اها لاشعور ۾ زندهه رهي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سرڪشي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي، ان ڪري اسان جوان ٿيڻ بعد پڻ تن آساني ۽ آرام جي خواهش برقرار رکون ٿا.
ڪمزور شخصيتون انهيءَ مسرت جي جذبي کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون پر جي ماڻهو صحيح معنيٰ ۾ بالغ ٿي وڃن ٿا سي حقيقت کي فراموش نٿا ڪن. ڪڏهن ڪڏهن اهي پڻ آرام ۽ فرحت جي خواهش ڪن ٿا پر سندن انهي خواهش ۾ ايتري شدت نٿي رهي.
هاڻي اسان سولائيءَ سان سمجهي سگهون ٿا ته صحيح چيز جي تمنا ڪرڻ ڇو مشڪل آهي. اسين صحيح چيز کان واقفيت رکندي به غلط چيز جو انتخاب ڇو ٿا ڪريون. پنهنجي اصولن کي سامهون رکندي به آسائش ۽ آرام جون راهون ڇو اختيار ڪريون ٿا ۽ ڏوهه ڏيون ٿا پنهنجي ارادي جي قوت کي.
ان جو سبب صرف اهو آهي ته ٻالڪپو اسان کان جدا ٿي نه سگهيو آهي. اسان جي تربيت صحيح نموني ۾ نه ٿي آهي جنهن ڪري اسان پوري طرح ذهني نقطئه نگاهه کان بالغ نه ٿيا آهيون، ان ڪري ننڍپڻ جي بي پرواهي، تن آساني ۽ لذت ڏيندڙ ڳالهين جي خواهش ڪندا رهون ٿا. ان ڪري اسان کي صحيح طرح بالغ ٿيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪشمڪش ۾ خودشناسي وڏي مدد ڏئي ٿي. اهڙا انسان جيڪي پنهنجي خراب عادتن جي ڪري پريشان آهن ۽ جيڪي پنهنجي ڪردار جي ڪمزوريءَ جي ذميداري پنهنجي ڪمزور قوت اراديءَ تي رکن ٿا اگر اهي خود شناسيءَ کان ڪم وٺن ته جيڪر پنهنجي ڪمزوريءَ جي بنيادي سبب کي ڳولي لهن. انهن کي جنهن حقيقت کان واقف ٿيڻ جي ضرورت آهي سا هيءَ آهي ته اهي اڃا تائين ٻالڪپڻي جي دور ۾ ڦاٿا پيا آهن، هنن جي ذهني ترقي نه ٿي سگهي آهي ۽ ٻالجتيءَ وانگر مسرت جي خواهش هنن جي مٿان حڪومت ڪندي رهي ٿي.
ڪي انسان ته انهيءَ حد تائين ذهني ترقيءَ کان محروم رهن ٿا جو هنن ۾ قسمين قسمين جسماني ۽ اعصابي مرض پيدا ٿي وڃن ٿا ۽ ان جو علاج تحليل نفسيءَ سان ئي ٿي سگهي ٿو. اهڙي علاج جي طريقي ۾ هڪ نفسيات جو ماهر مريض سان همدرديءَ جون ڳالهيون ڪري ننڍپڻ جي انهن يادن کي تازو ڪري ٿو جيڪي ان مريض جي صحت ۽ خوشيءَ کي برباد ڪنديون رهن ٿيون. ۽ جيڪي هن جي ذهني ترقيءَ ۾ اٽڪاءُ آهن، جي هن کي ذهني طرح بالغ ٿيڻ نه ٿيون ڏين. اهڙيءَ طرح مريض پنهنجي ٻالجتيءَ کي وري زندهه ڪري ٿو ۽ انهن واقعن کي ياد ڪري ٿو جي هن جي بيماريءَ جي جڙ آهن. انهيءَ ڄاڻ کان پوءِ آسانيءَ سان انهن ڪمزورين کي دور ڪري سگهجي ٿو.
عام طرح سڀني ماڻهن کي تحليل نفسيءَ جي علاج جي پيچيده طريقي جي ضرورت نٿي پوي. اڪثر ماڻهن لاءِ ايترو ڪافي آهي ته جيڪي عادتون هنن جي ذهني سڪون کي ختم ڪنديون رهن ٿيون. ڪردار جا اهي پهلو جيڪي کين پنهنجي اصولن کان هٽائيندا رهن ٿا سي نتيجو آهن ٻالجتيءَ جي انهن مسرت ۽ آرام جي خواهشن جو جيڪي حقيقت کان بي خبر رهي اهو ڪي ڪرڻ چاهين ٿيون جيڪي دل ۾ اچي. ان ڪري خاموشي سان ويهي سنجيدگيءَ سان سوچڻ تي صحيح مرض سڃاڻي سگهجي ٿو.
ڪيترن ماڻهن ۾ ننڍپڻ جون عادتون تمام ظاهر هونديون آهن مثال طور ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙجي وڃڻ، رسڻ، ڳوڙها ڳاڙڻ، زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ، ٻين کي مجبور ڪرڻ ته هنن جي خواهش تي هلن. ٻين سان حسد ڪرڻ، خود غرضي ۽ فرض ناشناسي، مشڪلات آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏڻ. اهي سڀئي ننڍپڻ جون ڳالهيون ته آهن. جيڪڏهن جوان ۽ بالغ ٿيڻ کان پوءِ به ڪنهن ماڻهوءَ ۾ انهن ڳالهين جي ڪثرت هجي ته چئبو ته هن اڃا پوري ذهني ترقي نه ڪئي آهي. باقي انهن ڳالهين جو ٿورو انداز ته هر ڪنهن ماڻهو ۾ رهي ٿو. دنيا ۾ اهڙن وڏن ٻارن جي گهٽتائي ڪانه آهي جيڪي پنهنجي زندگي به خراب ڪن ٿا ۽ ٻين کي پڻ تنگ ڪن ٿا.
ياد رکڻ گهرجي ته جيستائين اسان زندگيءَ جي ٻالجتيءَ واري دور کي خيرباد نه چونداسون ۽ حقيقتن کي نظر انداز ڪري خواهشن جي رنگينين جا خواب ڏسندا رهنداسون، تيستائين اسان زندگيءَ کي صحيح معنيٰ ۾ زندگي نه بنائي سگهنداسون. جوانن ۽ پوڙهن کي ننڍپڻ ته نه سونهائي.
اهڙن جوان ٻارن کي ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته هنن جي زندگي صرف هڪڙي محور تي گهمندي رهي ٿي ۽ اُهو اِهو آهي ته هو پنهنجي لاءِ ڇا ڇا حاصل ڪري سگهن ٿا. خود غرضي انهن جي روح روان آهي.
اهڙا ماڻهو دوستيءَ کي دشمنيءَ ۾ ڦيرائي وجهن ٿا. جيڏانهن به وڃن ٿا مصيبت پاڻ سان گڏ وٺيو وڃن ٿا. جنهن محفل ۾ وڃن ٿا، انهن جي خوشي برباد ڪري ڇڏين ٿا. پنهنجي لاءِ به عذاب ته ٻين لاءِ پڻ عذاب.
شخصيت جي تعمير جو پهريون شرط هيءُ آهي ته اسان ذهني ترقيءَ ڪرڻ لاءِ تيار هجون. هيءَ دنيا اهڙن ٻارن لاءِ نه آهي جي صرف مسرت ۽ آرام جي خواهش ڪندا رهن ٿا. زندگي خود انسان کان ڪيترين ڳالهين جي گهر ڪري ٿي جن کي ٺڪرائي نٿو سگهجي. دنيا ۾ صرف اهي انسان خوش رهي سگهن ٿا جي انهن گهُرن کي صحيح معنيٰ ۾ پورو ڪن ٿا، جيڪي پنهنجين خوشين سان گڏوگڏ ٻين جي خوش رهڻ جي حق کي پڻ تسليم ڪن ٿا. جن کي دنيا مان صرف وٺڻ جي خواهش نه آهي پر اُهي ڪجهه ڏيڻ لاءِ پڻ تيار رهن ٿا. اهڙا ئي انسان صحيح معنيٰ ۾ انسان آهن باقي ٻين جي زندگي آهي جنجال.