مختلف موضوع

نـفسيات ۽ زنـدگي

محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پھريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نہ رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪھڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪھڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت مُنھن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. 

Title Cover of book نـفسيات ۽ زنـدگي

احساس ڪمتري

ننڍپڻ جا تجربا انسان جي سڄي زندگيءَ تي اثرانداز ٿين ٿا. سچ ته اهي ئي تجربا انسان جي صحت، بيماري، سمجهه، بي سمجهي ۽ دماغي خلل جو بنياد آهن. ٻار پنهنجي شروعاتي چند سالن ۾ ئي پنهنجي زندگيءَ جو سانچو تيار ڪري وٺي ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻوٽو شروعات ۾ ئي ٽيڏو ٿي وڃي ۽ ان کي اهڙيءَ حالت ۾ وڌڻ جو موقعو ملي ته نه صرف ان جي وڌڻ ۾ رڪاوٽ پوندي پر جيترو به اهو وڌندو ته تيڏو ئي وڌندو. ٻار جو پڻ اهڙو ئي حال آهي. ابتدائي چند سالن ۾ ٻار جي جذباتي زندگيءَ جو خاڪو مڪمل ٿي وڃي ٿو. انهيءَ عرصي ۾ جيڪڏهن ٻار جا مائٽ سمجهدار آهن ۽ هن جي تربيت خيال سان ڪن ٿا ۽ هن کي صحيح قسم جو پيار ملي ٿو ته هن جي نشوونما صحيح طريقي سان ٿئي ٿي ۽ اڳتي هلي هو سوسائٽيءَ جو هڪ ڪارآمد فرد ثابت ٿئي ٿو، ٻيءَ حالت ۾ هو پنهنجي لاءِ به مصيبت ۽ سماج لاءِ پڻ آزار ٿيو پوي.
شروعات ۾ جيڪڏهن ٻار کي صحيح محبت ملي ٿي ته هو پڻ پنهنجي اندر ۾ ٻين لاءِ محبت جو ٻج پوکي ٿو پر جيڪڏهن هن سان محبت نٿي ڪئي وڃي يا حد کان وڌيڪ محبت ڪئي ٿي وڃي ته هو هميشه اهڙيءَ محبت جي تلاش ۾ رهي ٿو جنهن مان هن کي آسودگي ملي پر هو سچي محبت ڪرڻ ڄاڻي ئي نٿو.
ننڍپڻ جي زماني ۾ ئي ٻار کي اندازو ٿي وڃي ٿو ته دنيا جو ماحول هن لاءِ خوشگوار آهي يا نه. هت سندس دوست آهن يا دشمن. هن کي معلوم ٿئي ٿو ته روئڻ رڙڻ ۽ ضد ڪرڻ سان هو پنهنجون خواهشون مڃائي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪيتريون ئي حقيقتون هن تي ظاهر ٿين ٿيون ۽ هن تي ايترو گهرو اثر ڪن ٿيون جنهن جو تاثير گهڻي وقت تائين هن جو پاسو نٿو ڇڏي. ننڍي هوندي ئي ٻار ۾ خود اعتمادي يا ڪمتريءَ جو احساس گهر ڪري وِهي ٿو.
اچو ڏسون ته اهي ڪهڙيون حالتون آهن جي ٻار ۾ ڪمتريءَ جو احساس پيدا ڪن ٿيون. سڀئي ٻار پنهنجي زندگيءَ جي شروعاتي سالن ۾ بي وس ۽ مجبور ٿين ٿا ۽ کين پنهنجي ضرورتن لاءِ ٻين جو محتاج رهڻو پوي ٿو ۽ ٻيا سندن لاءِ کاڌ خوراڪ مهيا ڪن ٿا، کيس گرمي سرديءَ کان بچائين ٿا ۽ کيس پيار محبت ڏيئي اڪيلائيءَ جو احساس پيدا ٿيڻ نٿا ڏين. اهي حقيقتون اهڙيون آهن جي ٻار کي پنهنجي بيوسي ۽ محتاجيءَ جو احساس ڏيارن ٿيون. هو سوچي ٿو ته هو پنهنجي لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. هن جي هر ضرورت جي پورائي جو دارومدار ته ٻين تي آهي. تنهن کانسواءِ ٻار کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ گهڻو وقت درڪار آهي، تنهن ڪري هن جي ڪمتريءَ ۽ مجبوريءَ جو احساس وڃي ٿو روزبروز وڌندو، تان جو هن جي غور ۽ فڪر جي سڀني قوتن تي مسلط ٿي وڃي ٿو ۽ هن کي پوريءَ طرح وڌڻ ويجهڻ جو موقعو نٿو ملي.
احساس ڪمتريءَ جو سڄو دارومدار صرف ٻار جي ٻالجتيءَ وارين مجبورين تي نه آهي پر ان سان گڏ ٻار جي تربيت ۽ هن جي جسماني بناوت جو پڻ ان ۾ عمل دخل آهي. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته ٽن قسمن جا ٻار اڳتي هلي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. هڪڙا اهي جن ۾ ڪا جسماني ڪمزوري موجود آهن. ٻيا اهي جن کي مائٽن جو حد کان زياده پيار بگاڙي ڇڏي ٿو، ٽيان اهي جن کي ابتدائي زندگيءَ ۾ مائٽن جو پورو پيار نصيب نٿو ٿئي.
سڀ کان پهريائين اهي ٻار جن جي بدني بناوٽ ۾ ڪو نقص آهي سي نهايت ئي آسانيءَ سان احساس ڪمتريءَ ۾ ڦاسي وڃن ٿا. ڊاڪٽر بيران ولف انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان سبب بيان ڪري ٿو:
(1) ٻار جي حد کان وڌيڪ ڳورائي يا حد کان وڌيڪ ڪمزوري (2) ٻار جي جسم تي ۽ خاص طرح چهري تي پيدائشي نشان (3)( ڳاڙها وار (4) منهن تي حد کان وڌيڪ ڳاڙهاڻ يا اڇاڻ (5) جسم تي وارن جي گهڻائي (6) وڏو ۽ بي ڊولو نڪ (7) اکين جي رنگ ۾ فرق (8) ٻاهر نڪتل ڏند (9) ڦڏي کاڏي (10) ڊگهي يا ٿلهي ڳچي (11) جهڪيل ڪلها (12) ڊگهي ڇاتي (13) ٻنهي ڇاتين جي سائيز ۾ فرق (14) ويڪريون يا سوڙهيون سٿرون (15) ڊگهيون يا ڇوٽيون ٽنگون (16) ڦڏيون ٽنگون يا ٽيڏا گوڏا (17) ڊگها يا ننڍا پير (18) گنجو مٿو يا چهرو وارن سان ڀريل (19) چهري تي ننڍيون ننڍيون ڦرڙيون (20) جسم تي هلڪي ڀوري رنگ جا داغ (21) ڇوڪرن جي ڇوڪرين وانگر يا ڇوڪرين جي ڇوڪرن وانگر بناوت.
اهي ۽ ان قسم جا ٻيا جسماني نقص انسان کي ڪمتريءَ جي احساس ۾ مبتلا ڪري وجهن ٿا ۽ هو سنگتين ساٿين کان جدا اڪيلائيءَ جي زندگي اختيار ڪري ٿو. هن کي ننڍپڻ ۾ پنهنجي هڪجيڏن ساٿين جي کل مسخريءَ جو مرڪز ٿيڻو پوي ٿو ۽ کيس يا صبر سان برداشت ڪرڻو ٿو پوي يا ڪاوڙ ۾ ڀرجي جهيڙو فساد ڪري ٿو وِهي. ٻنهي صورتن ۾ هن جي دل تي ڌڪ لڳي ٿو ۽ منجهس بي وسي ۽ لاچاريءَ جو احساس گهر ڪري وڃي ٿو. ٻار کي اهڙي مجبوري ۽ ڪمتريءَ جي احساس کان بچائڻ گهرجي، ورنه اهو احساس لاشعور ۾ پناهه وٺي سندس تباهي ۽ برباديءَ جو سبب بڻجندو. مٽن مائٽن ۽ استادن جو فرض آهي ته اهڙي ٻار کي محبت ۽ پيار سان اهو محسوس ڪرڻ نه ڏين ته سندس ڪا به جسماني ڪمزوري سندس راهه ۾ رڪاوٽ آهي. اهڙي ٻار سان اهڙي نموني سان پيش اچجي جو گهڻي حد تائين هو پنهنجي انهيءَ ڪمزوريءَ کي وساري ڇڏي.
ٻئي نمبر ۾ اهي ٻار احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿين ٿا جن جا مائٽ کين حد کان وڌيڪ پيار ڏئي کين خراب ڪري ڇڏين ٿا. اهڙن ٻارن جون ذاتي صلاحيتون ڪم نه اچڻ سبب تباهه ٿي وڃن ٿيون. موجوده حالتون صرف اهڙن ماڻهن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏين ٿيون جن کي پنهنجي صلاحيتن ۽ طاقتن تي قوي ڀروسو آهي. حد کان وڌيڪ لاڏ پيار جي ڪري ٻار جي خود اعتمادي ختم ٿي وڃي ٿي ڇو ته هن جا مائٽ هن جي هر خواهش پوري ڪن ٿا، جنهن به شيءِ جي تقاضا ڪري ٿو سا سندس مائٽ مهيا ڪري ڏين ٿا جنهن ڪري هن کي ڪنهن به تڪليف سان واسطو نٿو پوي ۽ نه ڪا محنت ئي ڪرڻي ٿي پوي پر جڏهن هو وڏو ٿئي ٿو ۽ تڪليفن ۽ مشڪلاتن سان واسطو پويس ٿو تڏهن هو پاڻ کي بي وس ۽ مجبور محسوس ڪري ٿو.
ساڳي حالت ٻار سان انهيءَ وقت پيش اچي ٿي جڏهن سندس والده هڪ ٻئي ٻار کي جنم ڏئي ٿي. ان بعد پهرئين ٻار لاءِ ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيدا ٿي وڃن ٿيون. جيڪڏهن پهرين ٻار کي ٻئي ٻار جي آمد لاءِ پهريائين تيار نٿو ڪيو وڃي ته ٻئي ٻار جي پيدا ٿيڻ ڪري پهرئين ٻار جي دل ۽ دماغ کي گهڻو صدمو رسي ٿو. پهريائين ته هُو ئي سڀني جي پيار جو اڪيلو حقدار هئو پر هاڻي هي ٻيو ٻار سڀني جي پيار جو مرڪز بڻجي وڃي ٿو جنهن ڪري پهريون ٻار ائين محسوس ڪري ٿو ڄڻ ته هن جو سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو ۽ ٻيو ٻار ان تي قابض ٿي ويو. اهڙي طرح پهرئين ٻار جي حالت ٻئي ٻار جي نسبت ۾ ڪمتر ٿي وڃي ٿي. پهريون ٻار سمجهي نٿو سگهي ته اهڙيءَ حالت ۾ آخر هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي! هو پنهنجي صدمي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اڪثر ٻار اهڙين حالتن ۾ بستري ۾ پيشا ڪرڻ لڳندا آهن. هٻڪي ڳالهائيندا آهن. رات جو ستي ستي ڇرڪ ڀري اٿندا آهن ۽ روئڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، انهيءَ لاءِ ته پنهنجن مائٽن جي توجهه جو مرڪز ٿي سگهن پر وقتي توجهه مان انهن جي تسلي نٿي ٿئي، ان ڪري جوان ٿيڻ بعد به انهن جون پريشانيون قائم رهن ٿيون، ان جي دل ۽ دماغ ۾ ولوڙ جاري رهي ٿي.
اهڙيءَ طرح اهي ٻار جن کي والدين جي پوري محبت نٿي ملي سي پڻ جوان ٿيڻ بعد ناڪام ۽ بيڪار ثابت ٿين ٿا. اهو مائٽن جي غلط روش جو نتيجو آهي. ڪي مائٽ اهڙا آهن جي پنهنجي ناڪاميءَ جي باهه پنهنجي اولاد مان ڪڍن ٿا ۽ کين مارڪٽ ڪندا رهن ٿا. مائٽن جي اهڙي ظالماڻي سلوڪ جي ڪري ٻار کي جسماني تڪليف سان گڏوگڏ ذهني تڪليف پڻ پهچي ٿي، انهن جو روح تڙپندو رهي ٿو. اهڙي ماحول ۾ پليل اولاد ۽ اهڙين حالتن جو بگاڙيل ٻار تنگ نظر ٿئي ٿو. جن ٻارن کي احساس ٿي وڃي ٿو ته انهن جا مائٽ کانئن نفرت ڪن ٿا ته هو وڏي ٿيڻ تي هر شخص کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿا ۽ انتقام وٺڻ خاطر سنگين جرم ڪن ٿا.
ڊاڪٽر ميڪڊو گل جو هن دور جي نفسيات جي ماهرن ۾ هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو، تنهن جو چوڻ آهي ته:
”ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هو پاڻ ڪو ڪم ڪن ته هنن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. ڪيترن ئي ٻارن جون تخليقي قوتون صرف ان ڪري ترقي ڪري نٿيون سگهن جو انهن جي همت افزائي نٿي ڪئي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ جو ۽ همت کي پست ڪرڻ جو هڪ ئي جملو پوري زندگي ٿي ڇانئجي وڃي ٿو. جن ٻارن کي سزائون ڏنيون وڃن ٿيون. سي عمر ڀر الجهن ۾ مبتلا رهن ٿا.“
اهڙيءَ طرح اهي ٻار پڻ احساس ڪمتريءَ ۾ ڦاسي وڃن ٿا جن جو خاندان غريب آهي يا سٺو نه آهي. اهڙن ٻارن جو ننڍپڻ جو زمانو کل خوشيءَ ۾ گذري سگهي ٿو، وڏا ٿي ترقي به ڪري سگهن ٿا. پر جڏهن پنهنجي خانداني حالتن متعلق سوچين ٿا ته احساس ڪمتريءَ ۾ دٻجي وڃن ٿا. ان ڪري هو زياده ماڻهن سان تعلقات پيدا ڪري نٿا سگهن ۽ ڪڏهن ته ڪيتريون حماقتون ڪري ٿا وِهن.
ڪمتريءَ جو احساس ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿو پيدا ٿئي؟ ان جو سڄو دارومدار ان شخص جي لاڙن ۽ رجحان تي آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو دولت جو بکيو آهي ته هو وڌيڪ دولت مند ماڻهوءَ جي موجودگيءَ ۾ ذلت محسوس ڪندو ۽ اهڙي ماڻهوءَ جي موجودگيءَ ۾ برتري محسوس ڪندو جو کانئس گهٽ دولتمند هجي. ساڳي طرح علم جو خواهان ڪنهن وڏي عالم جي موجودگيءَ ۾ ڪمتري محسوس ڪري ٿو. ڪمتريءَ جو جذبو تيستائين مونجهه نٿو پيدا ڪري جيستائين ان کي شدت اختيار ڪرڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي. سمجهه ۽ همدرديءَ سان ان جذبي کي ختم ڪري سگهي ٿو.
اهڙا ماڻهو به ڪمتريءَ جي احساس ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا جن کان ڪو اخلاقي جرم ٿي وڃي ٿو. هو دل ئي دل ۾ پاڻ تي لعنت ملامت ڪندا رهن ٿا. مثال طور جڏهن ڪنهن جي معصوميت مان ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا، ڪنهن ساده دل انسان کي دوکو ڏين ٿا ۽ ڪو ٻيو گناهه ڪن ٿا ته پنهنجي ان گناهه کي ياد ڪري پريشان ٿين ٿا. ساڳيءَ طرح مالي نقصان پڻ دل جي امنگن کي ختم ڪري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي لاءِ تمام گهڻي عزت آهي ۽ ڪنهن ناخوشگوار حادثي جي ڪري هن جي خوديءَ کي ٺوڪر رسي ٿي ته کيس نهايت گهرو دلي صدمو رسي ٿو. هر شخص زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ ترقي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ جڏهن ان کان ڪا ناجائز حرڪت ٿي وڃي ٿي ته هو پنهنجي پاڻ کي ڪڏهن به معاف نٿو ڪري. اهڙيءَ طرح اهي فرد جن جي مذهبي ماحول ۾ پرورش ٿي هوندي آهي، جيڪڏهن انهن کان غلطي ٿي وڃي ٿي ته ان جي ضمير ۾ ڪنڊا چڀندا رهن ٿا ۽ گناهه جو احسا هن کي ڪڏهن به آرام وٺڻ نٿو ڏيئي ۽ اڳتي هلي منجهس هزار قسم جي ڪمين ڪوتاهين جو احساس پيدا ٿي وڃي ٿو. ان ڪري ٻارن کي سيکارڻ گهرجي ته غلطيون سڀني کان ٿين ٿيون. سٺا ٻار اهي آهن جي پنهنجن چڱاين سان پنهنجي غلطين جي تلافي ڪن ٿا ۽ اڳتي اهڙين غلطين کان بچن ٿا.