مختلف موضوع

نـفسيات ۽ زنـدگي

محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پھريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نہ رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪھڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪھڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت مُنھن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. 

Title Cover of book نـفسيات ۽ زنـدگي

پيغام

مون کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي آهي ته نوابشاهه جي شهر مان ”علم نفسيات“ تي هڪ سنڌي رسالو نڪري رهيو آهي. اڄ ڪلهه جي ترقي يافته زماني ۾ ”علم نفسيات“ کي سائنس جي هڪ اهم شاخ ليکيو وڃي ٿو ڇو ته اها اسان جي روزمره جي زندگيءَ سان گهرو تعلق رکي ٿي. علم نفسيات انسان کي شروع کان وٺي ڪردار بلند ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ انهيءَ ڪري اهو لازمي آهي ته ان ۾ ڪيل کوجنائن کان سوسائٽيءَ جي سڀني ميمبرن کي آگاهه ڪيو وڃي.
اها پڻ تسلي ڏيندڙ ڳالهه آهي ته هي رسالو سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿي رهيو آهي. اهڙي نموني سان هيءُ رسالو نه رڳو سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ڏيندو پر اهو دنيا جي هن طبقي جي ماڻهن لاءِ ٻاهرين ملڪن جي وڏن وڏن ”علم نفسيات جي ماهرن جي تجربي مان فائدو وٺڻ آسان ڪري ڇڏيندو.“
منهنجي اها دلي خواهش اهي ته هن رسالي کي اڳتي هلي ڪاميابي حاصل ٿئي.

ذوالفقار علي ڀٽو
تيل، بجلي ۽ قدرتي وسيلن وارو وزير