مختلف موضوع

نـفسيات ۽ زنـدگي

محترم انور احمد قاضيءَ جو نفسيات جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هي پھريون مختصر مگر جامع طبعزاد ڪتاب آهي. جنهن ۾ نہ رڳو ”علم نفسيات“ جي خاص اصطلاحن ۽ اصولن کي سولي ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي پر زير بحث موضوعن جو عملي زندگي تي ڪھڙو (سٺو يا خراب) اثر پوي ٿو ڪھڙا مسئلا، مونجهارا ۽ مريض پيدا ٿين ٿا ۽ انھن کي ڪھڙيءَ ريت مُنھن ڏجي، ان بابت پڻ گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. ان لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ عملي يا اطلاقي (Applied) نفسيات بابت هيءَ ابتدائي تصنيف ۽ تحرير آهي جيڪا پڪِ ئي پڪ اهلِ علم وٽ اهم ۽ مانائتي جاءِ ماڻيندي. 

Title Cover of book نـفسيات ۽ زنـدگي

نفسيات

نفسيات انسان جي ذهن جي مطالعي کي چيو وڃي ٿو، انسان صرف گوشت پوست جو ٺهيل خاڪي پتلو نه آهي پر ان سان گڏ هو هڪ اهڙي شيءِ جو مالڪ آهي جنهن کي ڪا به ظاهري صورت شڪل ڏئي نٿي سگهجي ۽ اهو آهي سندس ذهن جنهنجي ڪري هو سوچي سگهي ٿو. اسان جي اندر ۾ طرحين طرحين جذبا پڻ پيدا ٿين ٿا. اسان کي خواهشون به آهن. اسان کي ماضيءَ جي ياد پڻ ستائي ٿي. اسان ڪنهن سان محبت پڻ ڪري سگهون ٿا. اسان کي ڪنهن سان نفرت پڻ ٿي سگهي ٿي. اسان تصور ئي تصور ۾ پنهنجي لاءِ هڪ نئين دنيا جي تعمير پڻ ڪري سگهون ٿا.
نفسيات جو عهد قديم سان ناتو جوڙيو وڃي ٿو. جڏهن انسان هن زمين تي قدم رکيو هوندو تڏهن ئي بغير ڄاڻ جي هن نفسيات جي ڄاڻوءَ جو پارٽ ادا ڪيو هوندو. شروعات ۾ ئي هو گم سم ته نه رهيو هوندو، شايد هن جي زندگيءَ جي ڪا به گهڙي اهڙي نه گذري هوندي جڏهن هن پنهنجي پاڻ کي يا ٻين کي ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي هجي. هن ڏٺو هوندو ته هن وانگر ٻيا ماڻهو به آهن ۽ انهن ماڻهن جي هڪ مخصوص زندگي آهي. جدا جدا انداز آهي ۽ مختلف طور طريقا آهن. هن ضرور هن پهلوءَ تي غور ڪيو هوندو ته فلاڻي ماڻهوءَ جي طبيعت فلاڻي شخص کان ڇو نرالي آهي. خود پنهنجي متعلق پڻ طرح طرح جا سوال هن جي ذهن ۾ پيدا ٿيا هوندا. مثال جي طور تي ”مان چاهيان ڇا ٿو ؟“ ”مان ڪريان ڇا ٿو؟“ ”هيئن ڇو آهي؟“ ”هونئن ڇو آهي؟“ اهڙي قسم جا هزارين سوال هن جي ذهن ۾ پيدا ٿيا هوندا ۽ هو انهن تي غور ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو هوندو. اهڙن سوالن جو پيدا ٿيڻ ۽ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ ئي ثابت ڪري ٿو ته اوائلي انسان نفسيات کان ڪنهن نه ڪنهن طرح ضرور واقف هوندو، پوءِ کڻي ان کي نفسيات جي نالي سان نه سڃاڻندو هجي. اهڙيءَ طرح هي علم وڌندو ويجهندو اڄ پنهنجي نئين شڪل ۾ اسان جي سامهون اچي پيش ٿيو ۽ اسان هن کي هڪ نئين علم جي حيثيت سان سڃاڻون ٿا.
سچ ته ارسطوءَ جي زماني يعني 384 کان 322 قبل مسيح ۾ ئي نفسيات تي باقاعده تحقيق شروع ٿي چڪي هئي ۽ ان کان پوءِ هر داناءَ ۽ سياڻي انسان ذهن ۽ ان جي رسائيءَ متعلق ڪجهه نه ڪجهه ضرور پئي چيو آهي پر جديد نفسيات جي عمر زياده ۾ زياده سؤ سال کن آهي ڇو ته انهيءَ جو بنياد 1860 ڌاري گيسٽيو فيچنر نالي هڪ جرمن سائنسدان ۽ فلاسافر وڌو. هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته ذهن جو سائنس جي نقطئه نگاهه کان مطالعو ڪري سگهجي ٿو.
قديم نفسيات ۽ جديد نفسيات ۾ فرق فقط هي آهي ته اڳي نفسيات کي فلسفي جي هڪ شاخ سمجهيو ويندو هو. هن جي الڳ ڪائي حيثيت نه هئي. صرف حڪيم ۽ فيلسوف ويٺي ويٺي پيا سوچيندا هئا ته انساني ذهن ڇا آهي ۽ ڪيئن ٿو ڪم ڪري. اهي ماڻهو پنهنجي ذهن جي جاچ پڙتال ڪري ڪي اصول ٺاهيندا هئا. اهڙي فڪر جي طريقي کي نفس جو مشاهدو يا باطن جو مطالعو چيو وڃي ٿو. ليڪن موجوده نفسيات انهيءَ قسم جي سوچ کان ڪجهه پاسي ٿي سوچڻ جو نئون طريقو ڪڍيو آهي.
هنن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انساني ذهن ۽ ان جي ڪم ڪرڻ جي طريقي تي سوچڻو آهي ته اڪيلائيءَ ۾ ويهي سوچڻ سان ڪو به خاطر خواهه نتيجو نڪري نه سگهندو. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهن جي اٿڻ ويهڻ، هلڻ چلڻ، عادتن وغيره ۽ سوچڻ جي طريقي کي نهايت غور سان جاچيو وڃي. اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن ماڻهن جي چڱي تعداد سان لهه وچڙ ۾ اچجي. اهڙو خيال ايندي ئي انهيءَ تي عمل شروع ٿي ويو. وليم ميڪس ونڊ جرمنيءَ ۾ اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ هڪ نفسياتي عمل گاهه (Psychological Laboratory) جو بنياد وڌو ۽ ان کان هڪ سال پوءِ وليم جيمس آمريڪا ۾ نفسياتي عمل گاهه جو بنياد وڌو.
انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻئي محقق جو نالو وٺڻ پڻ ضروري آهي. اهو هو سگمنڊ فرائڊ جيڪو وائنا جو رهندڙ هو ۽ ڊاڪٽريءَ جو ڌنڌو ڪندو هو. 1890ع ۾ فرائڊ اعصابي مرضن جي ماهر هئڻ جي حيثيت سان اعصاب يا نسن جي نظام جي تحقيق ۾ مشغول هئو. هن اها ڳالهه محسوس ڪري ورتي ته انساني ذهن جو سندس اعصاب يعني نس تي گهرو ۽ گهاٽو اثر آهي. آهستي اهستي هو پنهنجي معلومات جي اشاعت ڪندو ويو. هن جو خاص موضوع هو لاشعور ۽ تحليل نفسي.
موجوده صديءَ• جي ابتدائي پنجاهه سالن ۾ علم نفسيات خوب ترقي ڪئي آهي. يورپ ۽ آمريڪا جي سڀني يونيورسٽين ۾ نفسياتي لئبارٽريز قائم ٿي ويون آهن. ايشيا جي ملڪن مان چين ۽ جپان ۾ پڻ اهڙيون عمل گاهون موجود آهن. نفسيات باقاعده هڪ علم جي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ ان جو اثر زندگيءَ جي هر شعبي مان ظاهر ٿي رهيو آهي.
نفسيات انسان جي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏني اهي ۽ ان جو علاج پڻ ميسر ڪري ڏنو آهي. ان ڪري ضروري آهي ته هن علم جو سهارو وٺي انسان پنهنجي پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ۽ زندگيءَ کي روشن بڻائي.